رَت جي ريٽي رُت ۾
ٿو سج سنجھا جو ايئن لڳي،
ڏينهن ڏسي ڏاڍ سان،
جيئن رات جو حبشي ڪنڌ ڪپي.
آ لانگ ورائي سانت سوار،
۽ هيٺان اُڀ جو سينو آ،
آ ڪيڏي مونجھ انڌيرن ۾،
هر تارو جيئن پسينو آ.
چنڊ کي هر هر ڏنگ هڻي،
ٿي رات جي نانگڻ زهر ڀري،
۽ زهر جهڙي چانڊوڪيءَ ۾،
اڀ مان ٿو چنڊ ڏاڪ ڪري.
آ جيئن وسيهر ڇپ هئين،
ايئن ڪاري رات جو سايو آ،
هر چنڊ ۾ آ هيڊاڻ عيان،
هر سورج پاڻ ڏنگايو آ.
هن بيٺل رات جي پاڻيءَ تي،
آ سانت جو سينور ڪيڏو ڪنو،
ڪنهن وقت کي آهي واڍ وڌي،
۽ گھڙيءَ گھڙيءَ کي گھُٽو ڏنو.
هر سورج هتڙي سنجھا جو،
ٿو اڀ ۾ پنهنجو رت رلائي،
۽ پنهنجي بچيل پيلاڻ کڻي،
ٿو انڌيارن ۾ چنڊ سڏائي.
هر ٿڪل ٽُٽل پيلو چنڊ،
هت رُوپ لُٽائي ويندو آ،
پر ڍرڪي ڍرڪي مقتل ڏي،
ڪا باک ڦُٽائي ويندو آ.