امن جي نالي, ليکڪ : رسول ميمڻ

امن جي نالي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : امن جي نالي
ليکڪ : رسول ميمڻ
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : پارس اشاعت گهر، ڀٽا روڊ سکر
شايع ٿيڻ جو سال : 1977
شامل ڪيو ويو : 2018-05-30
ڏِٺو ويو : 1940 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 841 ڀيرا
ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. رشيد ڀٽي لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسودا ۽ انسان دشمن قدر، هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن جنگ جو جاني دشمن آهي، هن جو من امن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو، هو انسان جي عظمت جو دائي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري، هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي، هو چئي ٿو پيٽ وڏي شي آهي بک ئي اهو چشمو آهي، جنهن مان انساني براين ۽ بدين جون سڀ نهرون ۽ واهيون وهي هلن ٿيون. بک ئي سڀني گناهن کي جنم ڏيندڙ ديوي آهي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ