بستيون ۽ پستيون
هن جو پٽ هميشه ماٺ ۾ هن کي ڏسندو رهندو هيو ۽ نڪ ۾ آڱر ڦيرائي ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيندو هيو. ان کانپوءِ هو سڄي شهر ۾ پنندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو جوئا ۾ پيسا هارائي پيءُ وٽ ايندو ته پڻس ڳاڙهيون اکيون ڪري هن کان پڇندو هيو “ اڙي گهڻا پسئا پني آئين ڪتي جا پٽ؟”
هو چپ هوندو هيو ۽ نڪ ۾ آڱر ڦيرائي ان کي ڏسندو رهندو هيو.
“چپ ڇو آهين ڙي ڪنڃر؟”
ساڳي نڪ ۾ آڱر.
“ها ته سمجهي ويس”، پوءِ هو اٿندو هيو هن کي وارن کان وٺي بولاٽيون کارائي پٽ تي اڇليندو هيو، جنهن کان هن جون اکيون ويڪريون ٿي وينديون هيون پر هو رنو ڪڏهن به نه، هو صرف پيءُ جي اکين ۾ ڏسندو ئي رهندو هيو پڻس ماري ماري هن جي چمڙي اڊيڙي وجهندو هيو ۽ آخر پاڻ ئي مجبور ٿي چوندو هيو، “جيڪڏهن اڳتي پئسا نه آندئي ته ماري وجهندو مان ڪتيءَ جا پٽ.”
هو نڪ ۾ آڱر وجهي پيءُ کي ويندو ڏسندو هيو ۽ پوءِ ماڻس هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي روئندي هئي، ڍاڍيون ڪري هن کي سيني سان لائي چمندي هئي، جڏهن هو وري پيءُ کي تمام گهڻا پئسا آڻي ڏيندو هيو ته پڻس هن کي خوشي مان چيلهه واري مڪ وهائي ڪڍندو هيو، “شاباس ڪتي جا پٽ،” هڪ ٽهڪ ڏيندو هيو ۽ ڪنهن فلمي گاني جي ڌن چپن ۾ جهونگاريندو نشي ۾ لڙکڙائيندو پڪي سڙڪ ڏانهن هليو ويندو هيو.
اها هئي انهن جي زندگي جي هڪجهڙائي جنهن کي مسلسل اپنائي اپنائي هو ان جا هيراڪ ٿي ويا هيا، نسل در نسل گندگين ۽ ظلمن ۾ پرورش پائيندي اهي شيون انهن جي زندگي جو حصو بڻجي ويون هيون انهن کي اها ئي خبر هئي ته جيئڻ اهو ئي آهي جيئن اسان جئون ٿا ۽ سک هيا جن تي هنن سوچيو به ڪو نه هيو.
رات مٿان اچي چڪي هئي، سردي ڄڻ دنيا کي گهڻو ڏئي گوڙ گهمسان کي دٻائي ڇڏيو، راهو جي ماءُ جون رڙيون پهريون کان وڌيڪ چٽيون ٿي ويون، خاندو پنهنجي خيمي ۾ پهچي چڪو هيو، هن ڏيئي جي وٽ کي روشن ڪري مٿي سوريو، گودڙين ۽ ڪستي کي لاهي مٿي پنڃر ۾ ٽنگي ڇڏيو، باقي پراڻو ڪوٽ هن کي اڃان به پاتل هيو جيڪو هن کي گوڏن تائين لڙڪي رهيو هيو. هن هٿ هڻي ڏاڙهي کي ڇنڊيو ۽ هيٺ وڇايل بستري تي لت ڏيئي ويهي رهيو. هن کي آس پاس هڪ عجيب بدبو محسوس ٿي. زندگي ڀر بدبو ۾ رهندي رهندي هن جي ذهن مان بدبو جو اثر ختم ٿي چڪو هيو، پر اڄ هن کي تمام تيز بدبوءِ محسوس ٿي رهي هئي. هو جهوپڙي کان ٻاهر آيو ۽ هن ڪني پاڻي جي ڌٻڻ جي آس پاس نظر ڦيرائي ڏٺو ڪجهه فاصلو پري سرمئي روشني ۾ هن کي ڪا مئل شي نظر آئي، هن نڪ کي هٿ ڏئي ويجهو وڃي ڏٺو، اهو ڪتي جو لاش هيو جنهن جي ڦاٽل پيٽ ۾ هزارين جيت چري پري رهيا هيا، هن جي ڄنگهن جو ماس پٽيل هيو، جيڪو شايد ڳجهون ۽ ڪانو کائي ويا هيا. هن ان کي اتان هٽائڻ به پسند نه ڪيو ۽ واپس اچي جهوپڙي ۾ ليٽي پيو هن کي ڪتي جي بدبو کان الٽي اچڻ لڳي ۽ هو بدبوءِ کان جاڳندو رهيو. رات گهري ٿي ته مڇرن به اچي بستي تي ڀرپور حملو ڪيو، هن کي ڀرسان واري جهوپڙي مان ٻار جي روئڻ جو آواز آيو ۽ ان کان پوءِ هاجران جو جيڪا ٻار کي پرچائي رهي هئي، ٻار رڙيون ڪري روئي هيو هيو ۽ ٿورڙي دير کانپوءِ هاجران جي مڙس اڪوءَ ڳالهايو، جيڪو شايد زال کي گاريون ڏئي رهيو هيو، هاجران به هن سان بڪ بڪ ڪئي ۽ ٻئي زور سان ڳالهائيندا رهيا، خانووءَ بستري تي ڪر ورائي منهن ٻئي پاسي ڏانهن ڪري ڇڏيو، هو رکي رکي هٿ کي ڪن جي آس پاس هڻي رهيو هيو مڇر ڀون ڀون ڪندا هن جي سوڙ ۾ گهڙي آيا ۽ هن لت هڻي سوڙ کي پري ڪري ڇڏيو، ڪتي جي بدبو کان هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو ۽ هن الٽي ڪري ڏني هن جو روح خراب ٿي ويو ۽ هو بسترو کڻي جهوپڙي کان ٻاهر آيو هن سوچيو من هوا جي ڪري بدبوءِ گهٽجي وڃي پر هوا جي جهوٽن سان هن کي بدبوءِ جو احساس وڌيڪ ٿيڻ لڳو هن کي اوڪارا اچڻ لڳا، هن سوڙ کي منهن مٿان وجهي ڇڏيو، ٿوري دير کانپوءِ هن سوڙ کي پاسي ڪري ڏاڙهي کي کنهيو، راهوءَ جي ماءُ جي روئڻ جو آواز اڃان به اچي رهيو هيو. هن کي ان جي روئڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هن جي دل ۾ ان لاءِ موجود سڀ همدرديون ختم ٿي ويون، هن چپن ئي چپن ۾ هن کي گار ڏني. سٽ ڏيئي بستري تان اٿي جهوپڙي ۾ هليو ويو. هن گودڙي مان ڀريل سگريٽ ڪڍيو جيڪو هن صبح لاءِ بچائي رکيو هيو. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ هو شهر ۾ اڏي تان چرس پي پوءِ موٽندو هيو ۽ صبح جي لاءِ اڳواٽ ئي ورتيون ايندو هيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته صبح جو چرس پيئڻ سان سڄي ڏينهن جي بک مري ويندي آهي، هن ٻاهر اچي سگريٽ کي چپن تائين آڻي دکايو ۽ هلڪا هلڪا ڪش هڻي مزي سان پيئڻ لڳو، هن دل ئي دل ۾ شهر وارن کي گار ڏني حرام زادن کي شرم ئي نه ٿو اچي، پوري شهر جي گندگي جا ڄڻ اسين رکوالا آهيون، ڪتي جا ڦر پنهنجي پيءُ کي به هتي ٿا اڇلي وڃن.
هن کي جيئن نشا چڙهندا ويا بدبو جو احساس گهٽبو ويو. اڪوءَ ۽ هاجران خاموش ٿي ويا هيا پر انهن جي ٻارجي روئڻ جي آواز ۾ ٻين ٻارن جي روئڻ جا آواز به شامل ٿي ويا هيا، راهوءَ جي ماءُ جو روئڻ ۽ سڀ گوڙ گهمسان ملي ڪري هاڻي هن کي ڪو نه ستائي رهيا هيا. هن بدن ۽ دماغ کي ڍلو محسوس ڪيو ۽ بستري تي پاڻ کي ڇڏي ڏنو مڇر هن جي ڪنن ڀرسان ڀون ڀون ڪندا رهيا پر هن هٿ هڻي انهن کي هڪليو به نه.
بدبو ۽ گوڙ گهمسان هوندي به هو ننڊ جي وادين ۾ کوئجي ويو ۽ ان رات هن خواب ۾ ڏٺو راهوءَ جي ماءُ روئندي روئندي مري ويئي آهي هن جي پيٽ ۾ جيت پئجي ويا آهن ڄنگهن جو ماس ڳجهون ۽ ڪان کائي ويا آهن، بدبو کان هن جو مٿو ڦاٽي رهيو آهي، رکي رکي اوڪارا اچي رهيا آهن هو ۽ بستي وارا لاش کي ٽنگا ٽولي ڪري شهر ۾ وڏين وڏين عمارتن جي وچ ۾ ٺهيل هڪڙي صاف سٿري چوسول تي اڇلي آيا آهن، هو ڏاڍا خوش آهن، بي انتها خوش.