امن جي نالي
”انهن نئين حملي جي تياري ڇا وري شروع ڪري ڏني هئي.“ فوجيءَ چيو ۽ هن جون سوچون ڌماڪن ڏانهن کڄي ويون، جيڪي آهستي آهستي ڪيمپ ڏانهن وڌي رهيا هيا.
”مونکي ان حملي جي تياريءَ جي خبر منجهند ئي وئي هئي“. ڊاڪٽر چيو ” جڏهن مان محاذ تي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوس“.
”اڄ پندرهون ڏينهن آ.... اڃا تائين ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو....“ فوجيءَ جذباتي ٿيندي پنهنجا هٿ مهٽيندي چيو ، ” ڪڏهن اسان جون فوجون اڳتي آهن ته ڪڏهن هنن جون. ٻڌو آ اسان وٽ به نون حملن جون تياريون شروع ٿي ويون آهن.؟“
”ها....“ ڊاڪٽر چيو ” اهو ته لازمي آ.“
هو ٻئي خاموش ٿي ويا ڌماڪن جو آواز هنن ڏانهن وڌندي وڌندي شايد هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيو، فوجيءَ جي بدن جو سڄو سيءَ جوش جي گرميءَ سان غائب ٿي ويو ۽ هن جي جسم ۾قوت ڀرجي آئي ڊاڪٽر اڃان به پرسڪون هيو.
”توکي خبر آ، جنگيون ڇو لڳنديون آهن؟“ ڊاڪٽر پڇيو،
”بس مون کي ته اها ئي خبر آ، وطن جو بچاءُ ڪندي ڪڏهن جان به ڏيڻي پوندي آ“.
” ها واقعي ئي تو صحيح آن “ ڊاڪٽر چيو ” انسان جوهر رد عمل هنجي موت خلاف جدوجهد آ.“
فوجيءَ ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيو.
ڊاڪٽر جڏهن به هن سان ڪي منجهيل جملا ڳالهائيندو هيو ته هن وٽ بيزاريءَ جي احساس کي دٻائي، ڪنڌ لوڏڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو هيو، هن کي ڊاڪٽر جي واتان ئي خبر پئي هئي ته هن جو وڏو مطالعو آهي، جنگ کان اڳ هن جو وڏو مشغلو ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ هوندو هيو، ڊاڪٽر جڏهن به پنهنجي باڪس هٿ ۾ ڪري محاذ کان موٽيندو هيو ته پهريون هن جي ڪيمپ جو رخ ڪندو هيو، ۽ جڏهن به هنجي پسند جي گفتگو نڪرندي هئي ته هو ڄڻ پلٽجي پوندو هيو، دل کولي ڳالهائيندو هيو.
”تون ڏس نه ....“ ڊاڪٽر هميشه وانگر جذباتي ٿيندي گفتگو کي وڌايو، ”دشمن جي ملڪ تي حملي سان نه رڳو ٻين جي وجود کي خطرو محسوس ٿيو، پر تنهنجي کي به ٿيو ۽ ان جي رد عمل ۾ تون پنهنجي وجود جي حفاظت ڪرڻ لاءِ محاذ تي هليو آئين.“ پوءِ هن پنهنجي ليکي ڀڻڪو کائي بدليل لهجي ۾ چيو ، ” اها ٻي ڳالهه آهي ته انسان ڪڏهن موت جو مقابلو به موت سان ڪندو آهي“.
”هون ..... هون....“ فوجيءَ چيو، پر هن جو ڌيان محاذ مان ايندڙ ڌڪامن جي آوازن ۾ کتل هيو، شايد مخالفن جو حملو پوري طاقت سان روڪيو ويو هيو، فوجيءَ جي جسم ۾ هاڻي ساڳيو جوش نه رهيو، هڪ دفعو وري رات سان گڏ وڌندڙ ٿڌ هن جي ورديءَ مان گهڙي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ڪرڻ لڳي ۽ هو ان کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڊاڪٽر ڳالهائيندي ڳالهائيندي محسوس ڪيو ته فوجي سرديءَ کان ٿورو ڌڪي رهيو آهي.
”توکي سردي محسوس ٿي ٿئي، لازمي تون جسم کي گرم رکڻ جي ڪوشش ڪندين، ته اهڙيءَ طرح منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انسان جو هر رد عمل هنجي موت خلاف جدوجهد آهي، انسان هن دنيا ۾ صرف موت سان مقابلو ڪرڻ آيو آهي ۽ هر انسان آخر موت کان شڪست کاڌي آهي، يقين ڪر پيارا جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ تون زندگيءَ تي سوچين ته پيءُ ٿيڻ جي تمنا تنهنجي سيني ۾ ڇڙهيون هڻي هڻي مري وڃي، هر ماءُ ٻار کي ڄڻي ماري ڇڏي، آخر ڪار ڇو نه.. حياتي پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ۽ آخر موت هٿان شڪست، موت کانپوءِ آهي ئي ڇا؟ جو انجي سهاري زندگي گذاري ڇڏجي...“ ڊاڪٽر پنهنجي ليکي وڦلندو ويو ۽ فوجيءَ جون اکيون هن ڏانهن هجڻ جي باوجود به ذهن محاذ ڏانهن مائل هيو، جتان ڌماڪن جا آواز هاڻي ابترا چٽا نه ٻڌجي رهيا هيا، فوجيءَ پنهنجي جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪئي ۽ هو بلڪل ڏڪڻ لڳو.
”آس پاس جي اثر ۽ احساس جي ڪري جسم جو رد عمل زندگيءَ کي برقرار رکڻ جو قدرتي ذريعو آهي.“ ڊاڪٽر ڳالهائيندو ويو، ” تنهنجو ڏڪڻ توکي ٻڌائي رهيو آهي ته، سردي آهي مونکي گرم رک، ساڳي ئي وقت توکي جو ڪجهه محسوس ٿئي ٿو اهو احساس چاهي ڪيترو به عذاب ڏيندڙ ڇو نه هجي، تنهنجي حق ۾ آهي، سواءِ انهن احساسن جي جن کي انسان زوريءَ ذهن ۾ سمائي ٿو،جيڪي فطر تي نه پر هٿ ٺوڪيا آهن، پنهنجو پاڻ پيدا ٿيندڙ نه، زوريءَ پيدا ڪيل آهن جيئن برتريءَ جو احساس. بدامنيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب به اهو ئي آهي ته انسان پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ سمجهي، امن قائم ٿيندو، جڏهن ذهني ارتقا عروج تي پهچندي ۽ انساني وحشي پڻونفسياتي طرح ختم ٿي ويندي“.
ڌماڪن جا آواز ڪيمپ کان ڪافي ڏور ٿي چڪا هيا، سيءَ کان فوجيءَ جي چيلهه ٻاهر نڪري آئي ۽ هن جا ڪلها مٿي ٿي ويا، هن کي هاڻي ڊاڪٽر جي گفتگوءَ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، ڪلاڪ کان مٿي ٽائيم گذري چڪو هيو ۽ اڃان ڊاڪٽر ساڳي جوش سان ڳالهائي رهيو هو.
”توکي ٻڌائي چڪو آهيان ته انسان جو هر رد عمل هن جي موت خلاف جدوجهد آهي ۽ انسان مان اڃان وحشي پڻو ختم ڪو نه ٿيو آهي ته موجوده حالتن ۾ امن قائم رکڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته اهڙيون مخصوص حالتون پيدا ڪيون وڃن، جيئن انسان موت خلاف جدوجهد ڪندي امن کي اپنائي ويهي، جيئن مذهب جي ڪوڙ، انساني نفسيات ۽ وحشيپڻي کي سمجهيو ۽ انسان کي خوش فهميون ۽ دڙڪا ڏئي هڪ مخصوص واٽ تي هلائيندو آيو، ته امن کي اهڙين حالتن جو رخ ڏنو وڃي جيئن اهي حالتون انساني زندگي جي جدوجهد جو حصو بنجي پون“
”مثلا ڪهڙيون حالتون؟“ فوجيءَ ڪَرَ ڀڃي اوٻاسي ڏيندي چيو.
ڊاڪٽر منجهي پيو.
ان کان اڳ جو ڊاڪٽر جواب ڏئي، ٻاهر ڪنهن گاڏيءَ جو آواز ٿيو ۽ هنن جو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو، هڪ فوجي ڪيمپ جو پردو مٿي ڪري اندر داخل ٿيو ۽ هن ڊاڪٽر کي سلام ڪيو.
”ڇا زخمي جنگي قيدين جي ڪيمپ ۾ ٽن ڄڻن جيتري جاءِ هوندي ؟“ هن چيو ۽ ڊاڪٽر پنهنجي سوچن کي گڏ ڪري ٿوري دير کانپوءِ وراڻيو، ” منهنجي خيال ۾ اتي ٻن قيدين جيتري جاءِ مس آهي...“ ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو ۽ وري هن گفتگوءَ کي پاڻ ئي کنيو.
”توهان هيئن ڪيو ٻه زخمي ڪيمپ ۾ رکو ۽ هڪڙي کي هتي ئي ليٽائي ڇڏيو...“ ۽ پوءِ هن وري سامهون ويٺل فوجيءَ کي مخاطب ٿي چيو ” منهنجي خيال ۾ توکي ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو“ .
فوجيءَ زوريءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
”نه .... نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي... بيشڪ بيشڪ“ گاڏيءَ ۾ آيل فوجي هڪ زخمي جنگي قيديءَ کي اسٽريچر تي سمهاري ڪيمپ ۾ رکي هليا ويا، ويٺل فوجيءَ ڪاوڙ مان منهن ۾ گهنج وجهي ان دشمن فوج جي زخميءَ کي نهاريو، جيڪو هيٺ گلم تي بيهوش پيو هيو، جنهن جو سٿر کان هيٺ سڄو سوٽ رت ۾ آلو هيو، ان کي شايد ڄنگهه ۾ گولي لڳي هئي، فوجيءَ کي ڊاڪٽر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن جي دل چاهيو ته هو ڊاڪٽر کي ڌڪا ڏي ڪيمپ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي، پر هو سور پي ويو ۽ وڌندڙ ٿڌ ۾ ڏڪڻ لڳو.
زخمي جنگي قيدين جي ڪيمپ به هن جي ڪيمپ کان ٿورو پري ڊاڪٽر جي ڪيمپ جي بلڪل ڀڪ ۾ هئي، هي پهريون ئي واقعو ٿيو هيو جو زخمين جي ڪيمپ ڀرجي وڃڻ ڪري هڪڙي زخميءَ کي هن جي ڪيمپ ۾ رکيو ويو هيو، انهن زخمين کي چوويهن ڪلاڪن ۾ هڪ دفعو گڏ ڪري صبح سان شهر جي اسپتال ڏانهن اماڻيو ويندو هيو، ان عرصي ۾ ڪيمپ زخمين سان ڀرجي ويندي هئي ۽ ڪيترا فوجي وقت کان پهريون ئي ٿڌ ۾ ٺري مري ويندا هئا.
”هن کي ته بخار آهي...“ ڊاڪٽر بيهوش قيديءَ جي زخمي بدن کي ڇهندي چيو، ”ڏاڍو سخت بخار“. ان کانپوءِ هن باڪس کولي قيديءَ جي زخم تي مرهم هڻي پٺي وڙهيندي اڌ ۾ ڇڏيل تقرير کي وري شروع ڪيو” ته ها... مان توکي امن جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هوس“.
”ڇا جو امن ؟... بند ڪر بڪواس “. فوجيءَ پڄري پڄري نيٺ ڦاٽ کاڌو، ”پندرهن ڏينهن کان مٿو ئي کائي ويو آهين..... توکي خبر آهي مون انهن ڏينهن هڪ رات به ننڊ نه ڪئي آهي، مان ڪاٿي به دشمن کي ڏسندم ته ان جي سيني ۾ پنهنجي بندوق جي جيستائين سنگين نه هڻندم، مون کي چين نه ايندو، بس منهنجي لاءِ اهو ئي امن آهي“.
ڊاڪٽر بلڪل خاموش ٿي ويو، هن جي منهن ۾ رت ڀرجي آيو ۽ گهنجن هن جي منهن کي بڇڙو ڪري ڇڏيو، هو فوجيءَ ڏي ڏسڻ کانسواءِ پٽي ڪندو رهيو. فوجي ڪجهه دير خاموشيءَ سان هلڪا هلڪا ساهه کڻي سهڪندو رهيو، سرديءَ سان گڏ جوش به هنجي ڏڪڻيءَ ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو، هن ڪاوڙ ۾ زور سان ڳالهائيندي هڪ دفعو وري ڊاڪٽر کي ڇڻڀيو ”مان ٿو چوانءِ نه ڪر انجي پٽي.... نڪري وڃ منهنجي ڪيمپ مان.“
ڊاڪٽر قيديءَ جي پٽي مڪمل ڪري چڪو هيو فوجيءَ کي ڏسڻ کان سواءِ ئي باڪس بند ڪري ڪيمپ مان ٻاهر هليو ويو.
مخالف فوجن هڪ دفعو وري حملو ڪري ڏنو هيو، ڌماڪن جا آواز ڪيمپ کان ڪجهه فاصلو پري ٻڌجي رهيا هيا، فوجي ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ بلڪل اڪيلو ويٺو هيو، جيئن جئين ڌماڪن جا آواز هنجي ڪيمپ جي ويجهو ايندا ويا، هنجي ڏڪڻي گهٽجي وئي، هو نفرت سان بيهوش قيديءَ جي زرد منهن ۾ ڏسندو رهيو، هن جي من ۾ جوش ڀرجي آيو، هن چاهيو ته هو پنهنجي بندوق جي سنگين ان جي پيٽ ۾ گهپي ڇڏي، وقت گذرندو ويو، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ فوجيءَ ائين محسوس ڪيو جيئن جنگ هنجي ڪيمپ جي بلڪل ٻاهران هلندي هجي، ڌماڪن جي آوازن کان هن جا ڪن ڦاٽجڻ لڳا، هو بلڪل هوشيار ٿي ويو، هن پنهنجي جان ۾ فوت محسوس ڪئي، سيءَ کان هيٺ جهڪيل جسم سڌو ٿي ويو ۽ هو بندوق کڻي ڪيمپ کان ٻاهر نڪري آيو، هڪ ميل پري هر طرف ڌماڪن سان گولا ۽ باهه جا الا بلند ٿي رهيا هيا، هن ڪيمپ کان ٻاهر مورچي ۾ پوزيشن سنڀالي، هاڻي جنگ هن کان اڌ ميل پري هئي، ٽينڪن جا گولا محاذ کان بلند ٿي هن جي آس پاس ڪري رهيا هيا، فوجيءَ پنهن نرڙ تي سنها سنها قطرا محسوس ڪيا، هن جا هٿ بندوق ۾ سڪ هيا، فوجون جڏهن هن کان ٻن فرلانگن جي فاصلي تي پهتيون ته هن کان پگهر وهي نڪتو ۽ هو فائرنگ لاءِ بلڪل تيار ٿي ويو.
اوچتو زبردست ڌماڪن جا آواز ٿيا، ڄڻ هڪ وڏي جنگ ڇڙي پئي هجي، هر طرف باهه ئي باهه ڦهلجي وئي، هو مورچي ۾ اندر ٿي ويو ۽ جڏهن هن مورچي کان ٻاهر نهاريو ته دشمن جي فوجن پوئتي هٽڻ شروع ڪري ڏنو هيو، انهن تي زبردست حملو ڪيو ويو هيو، فوجي ساڳي پوزيشن ۾ هيو، ٿوري دير کان پوءِ جنگ آهستي آهستي هن جي ڪيمپ کان پري هٽندي وئي، هڪ دفعو وري ٿڌ هن تي باهه جيان حملو ڪيو، جيئن هو لوهي ٽينڪ ۾ويٺل هجي ۽ ان کي چوڌاري ڪنهن باهه ڏني هجي، هن جو پگهر هڪڙي گهڙيءَ ۾ سڪي ويو، هن جو جوش بلڪل ٿڌو ٿي ويو ۽ آهستي آهستي هن ائين محسوس ڪيو جيئن هو برف جي قبر ۾ دفن ٿيندو وڃي، هو بي انتها ڏڪڻ لڳو هن کي پاڻ تي خار۽ تعجب آيو، هو تڪڙو تڪڙو ڪيمپ ۾ موٽي آيو ۽ چرين وانگر هيٺ قلابازيون کائڻ لڳو، هن ٻانهن کي سيني سان ٻڌي زور ڏنو، هن جا ڪلها مٿي ٿي ويا، ڪُٻ ٻاهر نڪري آئي هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري سرديءَ کان جان ڪيئن ڇڏائي، هن بي هوش قيديءَ ڏانهن نهاريو ۽ خبر نه هن ڇا سوچي هن جي جسم کي هٿن ۾ وٺي جهنجهوڙڻ شروع ڪري ڏنو، هن کي قيديءَ جي بي هوشيءَ تي ڄڻ ڪاوڙ آئي، هن هيٺ پيل بندوق جي سنگين ڏانهن نهاريو، ڪجهه سوچي ڪيمپ کان ٻاهر آيو ۽ هن ڊاڪٽر جي ڪيمپ جو رخ ڪيو، ڪيمپ ۾ اندر مڪمل اوندهه هئي هن پردي وٽ بيهي ڪناڻڻ شروع ڪيو اندران ڊاڪٽر جي گهونگرن جو آواز اچي رهيو هيو، هو موٽي ڪيمپ جي دروازي تي آيو ۽ نظر ڦيري چئني پاسن ڏانهن نهاريو، اتي ڪوئي به ڪو نه هيو، باهه جا الا ڪافي اڳتي وڌي چڪا هيا، هو اطمينان سان ڪيمپ ۾ گهڙي آهستي آهستي زخمي جي مٿان آيو ۽ هن ان جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي زور ڏنو، اهي حد کان وڌيڪ گرم هيا ۽ ان کان پوءِ هن قيدي کي پنهنجي ٻانهن ۾ سمائي ڇاتي سان لائي ڇڏيو، پندرهن راتين کان اوجاڳو ڪندڙ فوجيءَ کي اهڙي ته ننڊ اچي وئي جو هو هلندڙ جنگ کان به بي پرواهه ٿي ويو.