سڪون ڪٿي آ !!
ديول جو وڏو پوپ، مسلسل مريم جي بت آڏو جهڪيل هيو، ظاهر ظهور ته هو عبادت ۾ مشغول ٿي نظر آيو، پر هن جا خيالات پوڙهي فقير جي رڙين ڪري مريم جي مجسمي جي اڳيان ٻرندڙ اگر بتين جي دونهي جيان منتشر هئا، ٿوري دير کانپوءِ جڏهن گوڙ جو آواز پري ٿيندو، ٿيندو ٿڪجي پيو ته هن اکيون ٻوٽي هٿ سان سيني تي صليب جو نشان ٺاهيو ۽ هڪ دفعو وري مجسمي اڳيان هٿ ٻڌي، سر جهڪائي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو.
ديول جو وڄندڙ گهنڊ خاموشي ۾ نئين سوچن جي واس جيان سڄي ماحول تي قابض هو، “ٽنگ ٽنگ ٽنگ ٽنگ” گهنڊ جو آواز، جيئن دنيا جي ڊوڙندڙ ڍڳي جي ڳچي ۾ زنجيرن سان پاتل. وقت جي گهنڊ جا رانڀاٽ. هر طرف کان فنا ۽ ڪفن جا تهه ، انهن ۾ روح ڦوڪيندڙ گهنڊ جنهن جي واڍ ۾ ديول جو خدمتگار پنهنجي ٻانهن کي بلند ڪري وقت سان گڏ جهولي هيٺ مٿي ٿي رهيو هو.
پوپ پنهنجوڪنڌ مٿي ڪيو ۽ اکيون کولي مريم جي مجسمي کي نهاريو، پر وقار، لهندڙ سج جي ڪرڻن ۾ نظر ايندڙ کنڊرن جيان هن جو بلند پهاڙن جهڙو چهرو، جنهن تي سنجيدگي طاري هئي، جيئن دنيا جاغم سميٽجي هن جي صورت ۾ سمائجي ويا هجن ۽ هن جي ٻانهن ۾ ستل معصوم ابهم عيسيٰ جنهن جي چهري جي مرڪ ويڙهيل چادر ۾ هوا تي جهومندڙ ناريل جي آلن ڦرهن جهڙي هئي، جنهن تي مينهن وسڻ کانپوءِ سج جا ڪرڻا پوندا آهن ته اهو آسمان مان ستارا پٽي هيٺ اڇليندڙ فرشتن جهڙو معلوم ٿيندو آهي.
فادر مقدس مريم جي قد آور ۽ ويڙهيل چادر ۾ عيسيٰ جي مجسمي کي ڏسندو رهيو، وڄندڙ گهنڊ ۾ اگر بتين جي وجد ۾آڻيندڙ واس ۾ هن جي من چاهيو ته جيڪر هو پگهرجي موسيقي جي لهرن جو روپ ڌاري آڪاس ۾ گم ٿي وڃي ۽ هن پنهنجي ڪرنگهي ۾ اٿندڙ عجيب قسم جون مسحور ڪندڙ لهرون محسوس ڪيون، جن کان هن جو بدن لرزجي ويو، هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ هو گهنڊ جي آواز ۾ کوئجي ويو، ٽنگ....... ٽنگ....... ٽنگ
هر طرف کان ڦهليل ڌنڌ، جنهن ۾ سج جي مرڻ سان ئي ٿڌ اچي ڌاڙو هنيو هو. هر طرف کان ويران رستو ۽ ٿڌي هوا تي اڏامندر پراڻين اخبارن جا ٽڪرا. پري پري تمام پري قبرستان ۾ ڪنهن وليءَ جي مزار تي ٻرندڙ ڏيئي جهڙي ڪنهن بلب مان نڪرندڙ روشني. رکي رکي ڪنهن جي کنگهڻ جو آواز، جيئن خاموشي پنهنجي لاش جي ڪفن مان منهن ڪڍي ٽهڪ ڏيندي هجي ۽ ان رات هو ديول ۾ مناجات پڙهڻ لاءِ پنهنجي آبنوسي لٺ جي سهاري چونڪ تان ٺڪ ٺڪ ڪندو لنگهي رهيو هو. هن کي ديول کان هڪ فرلانگ پري به وڄندڙ گهنڊ جو مدهم آواز ٻڌجي رهيو هو ۽ هو پنهنجي اکين اڳيان مريم ۽ عيسيٰ جي تصور کي رکندو پنهنجي ڌن ۾ وڃي رهيو هو، چونڪ کان ڪجهه فاصلو پري هن کي هڪ عورت نظر آئي، جيڪا اتي ٽهلي رهي هئي ۽ ان جي جسم تي مٿي کان وٺي پيرن تائين ڪارو جبو اوڍيل هو، جنهن ۾ هن جو زرد ۽ لٿل چهرو چنڊ گرهڻ جهڙو ٿي محسوس ٿيو. جڏهن هو ان عورت جي ويجهو پهتو ته ان هڪ مخصوص انداز ۾ هن کي اشارو ڏنو ۽ مڙي اڳتي وڌي ويئي.
ڪجهه منٽن کان پوءِ هو عورت سان گڏ هڪڙي تنگ ۽ پراڻي ڪچيءَ جاءِ ۾ هو، جنهن ۾ ٽيبل تي هڪ ميڻ بتي ٻري رهي هئي، جنهن جو شعلو به ماحول ۾ برف جيان هڪ هنڌ ڄميل هو، ڇو جو ان جاءِ مان هوا جي گذرڻ جي ٿوري وٿي به نه هئي.
“تو ڇا پئي چاهيو؟” هن عورت کان پڇيو.
“بس ٻن ويلن جي ماني”
“پر اهو ته ڪو طريقو ناهي ؟”
“اونهن ،” عورت پنهنجي ٻنهي چپن کي ملائي مرڪندي جهونگاريو
“هي طريقو آ ”، ۽ هن ڪنڌ وٽان جبي جون ڪنهيون کوليندي چيو.
“پوپ جي من چاهيو ته هو وڏي لانگ وجهي هڪدم ديول ۾ گهڙي وڃي، پر هن عورت جي منهن تان اکيون هٽائي انهن کي ڇنڀيو ۽ ٿوري وقفي کان پوءِ ڳالهائيندي چيو، “مان تنهنجو مقصد سمجهي ويو، آهيان تون ”.
ان کان اڳ جو هو وڌيڪ ڳالهائي، عورت هن جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
“ها سچ.......... پر منهنجا ٿڻ هڪ ڏينهن کان سڪايل آهن ”.
پوپ خاموش رهيو، هن صرف عورت جي منهن ۾ نهاري هڪ دفعو وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آبنوسي لٺ کي مهٽڻ لڳو، هن کي عورت تي ڏاڍي خار ٿي آئي.
“مون کي صرف ٻن ويلن جي ماني گهرجي، تون هڪ رات لاءِ منهنجي جسم جو مالڪ آهين، ”
“دوزخڻ ڪنهن جاءِ جي...... ذليل.” پوپ جون واڇون هيٺ لهي ويون ۽ ميڻ بتي جي روشني ۾ نڪ ۽ نرڙ ۾ پوندڙ هن جا گهنج سمنڊ ۾ لهندڙ سج جي اڳيان پيلن لهرن جهڙا ٿي ويا.
عورت هن جي گارين کي نظر انداز ڪندي، جبي لاهڻ کانپوءِ سيني وٽان پنهنجا بٽڻ کولي ڇڏيا، هن جا ننگا ارهه پوپ جي سامهون هئا، هو ڏڪي ويو ۽ هن جي من ۾ جوش جي جاءِ، خوف ۽ بيزاري اچي والاري، هن پنهنجي ڳچي ۾ پاتل، قميص پويان لڪيل صليب جي نشان کي ڪڍي پنهنجي اڳيان ڏيئي ڇڏيو. عورت ڪجهه ککي وکي ٿي ويئي ۽ پشيمانيءَ مجبوري کان هوءَ روئڻ جهڙي ٿي ويئي، هن پنهنجي ڀرجي آيل ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
“ دوزخڻ، توکي ابن مريم ڪڏهن به معاف نه ڪندو، بدچال، ماڻهن کي ٺڳيندڙ جاهل ڪميڻي،” پادري ڏڪي ڏڪي اتان پنهنجا قدم پوئتي سوريندو ويو، عورت هاڻي سمجهي ويئي ته هو شهر جي ڪنهن گرجا جو پادري آهي ۽ هن نااميد ٿي قميص جا بٽڻ بند ڪري مٿان ڪارو جبو پائي ڇڏيو. پادري اڃان به وڦلي رهيو هو ۽ هن کان ڪجهه قدم پٺتي هٽي ويو، هن جي اکين ۾ نفرت، جوش ۾ بيوسي ظاهر هئي.
“پر فادر مان مجبور آهيان.” عورت نماڻائي سان چيو، “ٻن ڏينهن کان بکايل هئڻ ڪري منهنجا ٿڻ سڪي ويا آهن، ڏسو نه ٿا ته کير نه پيئڻ ڪري منهنجي ٻار جو چهرو ئي هيڊو ٿي ويو آهي.” هن ڊڪي وڃي چادر ۾ ويڙهيل ننڍڙي معصوم ٻار کي پنهنجي جهولي ۾ کنيو ۽ پادري اڳيان اچي بيهي رهي. پوپ پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري هن کي ڏٺو، پر وقار لهندڙ سج جي ڪرڻن ۾ نظر ايندڙ کنڊرن جيان هن جو بلند پهاڙن جهڙو چهرو جنهن تي هڪ سنجيدگي طاري هئي، جيئن دنيا جا غم سميٽجي هن جي صورت ۾ سمائجي ويا هجن ۽ هن جي ڪڇ ۾ معصوم ابهم ٻار جنهن جي چهري جي مرڪ ويڙهيل چادر ۾ ، هوا ۾ جهومندڙ ناريل جي آلن ڦرهن جهڙي هئي، جنهن تي مينهن وسڻ کانپوءِ سج جا ڪرڻا پوندا آهن ته اهو آسمان مان ستارا پٽي اڇليندڙ فرشتن جهڙومعلوم ٿيندو آهي.
ڏور هزارين ميل ڏور ڌنڌ مان اٿندڙ گهنڊ جا آواز هن جي ڪنن ۾ تيز ٿيندا ويا. ٽنگ ٽنگ ٽنگ ٽنگ ۽ هن اکيون کولي مريم جي مجسمي کي نهاريو جنهن جي جهولي ۾ مٺڙي مرڪ وارو عيسيٰ ستل هو، ڪيڏي نه مشابهت هئي، هن سوچيو ڇا يهودين ان زماني ۾ سچ ڳالهايو هيو، هن جون سوچون پري پري تائين ڦهلجي ويون، مريم هئي، پڪ هن ٻن ڏينهن کان وٺي ڪجهه به نه کاڌو هوندو، ڀلا هن کي عيسيٰ ڪيئن ڄائو، ها ها کير پيارڻ پر اوچتو هن جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي، جيئن ڪا ڏائڻ هن جي شهه رڳ ۾ ڏند کپائي سڄو رت چوسي ويئي هجي. هن جون ڦاٽل اکيون مريم جي مجسمي ۾ کپي ويون، هو وائڙن ۽ چرين جيان پنهنجي ذهنيت تي ڪاوڙ کائڻ لڳو، جيئن هن عبادتن ۽ نيڪين جي ڍير ۾ پنهنجي هٿن سان تيلي ٻاري ڌماڪو ڪيو هجي. ۽ هو رڙ ڪري مجسمي اڳيان ڏنل ڪاٺ جي ڪٽهڙي ۾ چنبڙي ڍاڍيون ڪرڻ لڳو، سڏڪن کان هن جي پٺي کي جهٽڪا اچڻ لڳا، ديول ۾ بيٺل ٻين پادرين ڇرڪ ڀري هن کي ڏٺو ۽ پنهنجي ڌڙڪندڙ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ چپن ۾ مڻ مڻ ڪري مناجات پڙهڻ لڳا.
“اوهه معاف ڪر ابن مريم.” پوپ جو آواز گهنڊ جي آواز کان ڳرو ٿي ويو، “مون کي معاف ڪر، هي مان ڇا سوچي ويٺس، تون پاڪ آهين، هر نفس ۽ هر گندگي کان بلند آهين، مون کي خبر نه آهي ڇو سوچيو، اي يسوع مون کي دوزخ کان پناهه ڏي اي مريم منهنجو ڍڪ ڍڪ.” هن روئي سيني تي هٿ سان صليب جو نشان ٺاهيو ۽ اکيون بند ڪري هٿ ٻڌي هن کي ٻاڏائيندو رهيو.” يسوع معاف ڪر، دوزخ کان پناهه ڏي دوزخ کان پناهه ڏي، دوزخ کان پناهه ڏي،“ ٽنگ ٽنگ ٽنگ ٽنگ هن جا آواز گهنڊ جي لئه ۾ سمائجي وڄڻ لڳا ۽ ٿوري دير کانپوءِ هن کي ديول جي ديوارن مان پنهنجي آوازن جا پڙڏا ايندا محسوس ٿيا،” اي يسوع دوزخ ڏي، دوزخ ڏي، دوزخ ڏي، اي خدا مان هن دنيا مان بيزار آهيان پر اي ابن مريم تون ڪيڏو نه عظيم آهين، تون انسان جي گناهن کي پروڙي دوزخ ۾ ڪيڏيون نه رمزون رکيون آهن، توکي گناهن ۽ بک جي لاڳاپي جي خبر آهي جنهن جي ڪري تون سردي کان سڙيل لاشن جي لاءِ باهه، پيٽ بکين فقيرن ۽ گناهگار وئشيائن جي لاءِ ٿوهر جو مٺو ميوو ٿو ڏئين، آخرڪار هڪ انسان کي ان کانسواءِ ڇا گهرجي؟ اي ابن مريم مون کي دوزخ ڏي، مان جيئڻ چاهيان ٿو، بکايل آهيان دوزخ ڏي.”
ٻڍڙي فقير جي صدا جنهن تي پادرين هن کي ديول مان تڙي ڪڍيو هو ۽ ان جا جملا پوپ جي ڪنن ۾ وڄڻ لڳا، فقير جيڪو ڪجهه دير اڳ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل زنجيرن واري ڪشڪول کي بلند ڪري ابن مريم کان دوزخ پيو گهري. پوپ پنهنجي چپن ۾ وڌيڪ ورجائڻ ڇڏي ڏنو هن کي دوزخ کان نفرت نه هئي، هو مجسمي جي اڳيان اٿيو، “ نڪر دوزخي ڪنهن جاءِ جا، هن کي آواز آيا، هو منهن ورائي مريم جي مجسمي ڏسڻ کان سواءِ هيٺ ڪنڌ ڪري ديول جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويو.
وڄندڙ گهنڊ جو آواز هن کي ايذائڻ لڳو، هن جي جسم ۾ گهڙي روح ۾ سيون ٽنبڻ لڳو، هو نراس ٿي چڪو هيو هن جي ورانگ سان گڏ قدم به تيز ٿي ويا، هو گهنڊ جي آوازن کان ڀڄندي سمنڊ طرف نڪري ويو، جتي ڌرتي کٽي رهي هئي ۽ گهنڊ جو مدهم آواز اڃا به اچي رهيو هو، هن بيزار ٿي پنهنجا ٻئي هٿ ڪنن کي ڏيئي ڇڏيا ۽ گوڏن ڀر هيٺ ويهي رهيو،
“او بک تون ڪڏهن به نه ختم ٿيندر گهنڊ آهين، جيڪو دنيا جي ديول تي هميشه لڏندو رهندو”، هن چيو ۽ پوءِ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو، هن کان ڪجهه فاصلو پري سمنڊ جي لهرن جو شور جيئن ڪنهن انسان جي پيٽ ۾ بک کان پوندڙ ٽچڪا.