هيءَ سين نه ڏيندي چين
واقعي ئي اها تصوير انسان جي ذهن ۾ ٺهيل خوبصورت کان خوبصورت آئيڊل (Ideal) جو اصلاح هئي، جيڪڏهن خدا ڏسي ها ته ضرور ريس ڪري ها ۽ سوچي ها ته اهڙي خوبصورت آئيڊل وارو انسان جيڪر مان اڳ ۾ ئي خلقي ڇڏيان ها.
شام ٿي ته هن بي چيني محسوس ڪئي، مسلسل پيڙا کان پوءِ وري ڪجهه دل ڏڪائيندڙ گهڙيون، جن جو هن کي اوسئيڙو هيو، هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن ڪينواس تي ٺهيل مورتيءَ جي رنگن ۾ جذب ٿيل هنجو روح هن ۾ آهستي آهستي موٽي دل ڏاريندڙ پيڙا ۾ اضافو ڪندو هجي، هن کي خوف محسوس ٿيڻ لڳو ۽ هو مورتيءَ جي رنگ رنگ مان چوسجي الڳ ٿي ويو، پر پوءِ به هن جو برش لاشعوري طور مورتيءَ جي ڳاڙهي ڳٽي تي رڳڙيو رهيو.
ٿوري دير کانپوءِ ڪڙي کڙڪڻ جو آواز ٿيو ۽ هو هلڪا هلڪا قدم کڻندو اوڏانهن وڌي ويو، هميشه جيان اڄ به اتي ڪوئي نه هو، هر طرف کان صرف ٿڌ ۽ سردي جي جسم جهڙي خاموشي. دونهون ئي دونهون ۽ هو ان رمتوءَ جي ڳولا ۾ شهر کان ٿيندو، ڏور قبرستان ڏانهن نڪري ويو، نظرون کڻي نائينءَ جي چنڊ کي نهاريو، اڌ گول جهڙو چنڊ هن کي ائين محسوس ٿيو جئين هارياڻيءَ جي ٻانهن جو ڀڳل چوڙو، هن ڪنڌ ورائي هيٺ هيڊي چانڊوڪيءَ ۾ ڦهليل قبرستان کي ڏٺو، انيڪ قبرون، ڌرتيءَ جي سيني جا اڀريل ناسور، جيئن ڌرتيءَ کي هر مرندڙ ٻچڙو هڪ نئون زخم لڳائي ۽ هنجي ڇاتي درد کان سجي پوي،هو اڳتي وڌيو ۽ بک کان سڪل سڙيل انسانن جي هڏن جهڙي ور وڪڙ کائيندڙ کٻڙ جي هڪ ٽاريءَ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو، هن جي سامهون وري هارياڻيءَ جي ڀڳل چوڙي جهڙو چنڊ مرڪي رهيو هو ۽ هو ان جي مرڪ ۾ کوئجي،قبرستان ۾هلندڙ ٿڌين هوائن ۾ تحليل ٿي، انجي گهو گهٽن سان گڏو ڏور هليو ويو. دروازي کڙڪڻ جو آواز ٿيو ۽ هن جو برش ڪينواس تي هلندي هلندي ٻڍڙي جي دل وانگر اوچتو بيهي رهيو، تصوير جو هيڊو رنگ ڄڻ هنجي منهن ۾ ڀرجي ويو، ان ڏينهن به سانجهيءَ کانپوءِ هنجي من ۾ ڪيڏي نه آنڌ مانڌ هئي، ڪيڏي نه آزاريندڙ پيڙا ڪنڌ کڻي بيهي رهي هئي، شروع شروع ۾ جڏهن هن عام فن کان اڳتي سوچڻ شروع ڪيو هيو ته هن جي من ۾ بيزاري ۽ خوف اچي واسو ڪيو هيو ۽ اڄ به هو انهن شين کي من ۾ سانڍي وڄندڙ ڪڙي جي آواز کي خاموشيءَ سان ٻڌي رهيو هيو، ڪينواس تي ٺهيل تصوير ان وقت پنهنجي شروعاتي مرحلن ۾ هئي ۽ هو بت بڻيو ان کي ڏسي رهيو هيو، لڳاتار وڄندڙ ڪڙي جي آواز نيٺ هن کي ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ رمتوءَ کي ڳوليندو ڳوليندو وچ بازار ۾ نڪري ويو.
هر روز جيان هن ڏي هزارين خالي ڪشڪول بلند ٿيا، پر هو انهن کي ڪلهن سان ڌڪاريندو اڳتي وڌندو ويو، هن کي محسوس ٿيو هزارين ڪڙا هڪ مهل کڙڪندا هجن، هن ڏي بلند ٿيل هر ڪشڪول ۾ آهون ڀريل هجن، اهي پيٽ جهڙا هجن، هو ته هڪ رمتوءَ جي ڳولا ۾ نڪتو هيو، پر هزارين رمتو هن کي پاڻ ڏانهن پڪارڻ لڳا، هو انهن مان ان نامعلوم شڪل کي ڪيئن سڃاڻي جيڪا سانجهيءَ اچڻ کانپوءِ وحشت جو عالم پيدا ڪري، هن کي رنگن کان ڌار ٿي ڪري ڇڏي، هڪ چوسول تي هن کي هڪ عورت نظر آئي جيڪا هڪ لاش تي پنهنجا وار کولي دانهي رهي هئي، ان جا مٽيءَ هاڻا چيڙهيل وار، لاش مٿان ائين ٿي محسوس ٿيا، جيئن بک ۽ مفلسيءَ جا بادل سک ۽ امن جي لاش تي دل کولي جهومندا هجن. هو اڳتي وڌي ان عورت جي مٿان آيو، هن ڏي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، هر ڪو هڪ شور مچائيندو، خشڪ چپن تي زبان ڦيري هڙٻاٽيون نڪتل منهن جي بي نور اکين جا ڳوڙها اگهندو هنجي اڳيان ٿي لنگهيو، هن عورت کان پڇيو ” جڏهن ته هر ڪو ناخوش روحن جي اثر هيٺ مفاد پرستيءَ جي وهڪري ۾ وهي پنهنجي منهن روئي رهيو آهي، ته توکي ڪهڙي پئي آهي جو تون پنهنجي درد ۾ ٻئي جو درد سمائي روئي رهي آهين.”
عورت ان سوال کي لنوائڻ چاهيو، پر تڏهن به هن ڳوڙهن جي آلاڻ ۾ چنبڙيل وارن وارو منهن کڻي هن کي نهاريو ۽ نڙيءَ تي زور ڏئي زوريءَ آواز کي سيني مان ڪڍندي چيو، ” محبت ۽ عقيدت جي گرمي، من کي حساس ۽ نرم ڪري ٿي، حساس من بي خود ۽ بزرگن جي مزارن تي ٽنگيل گهنڊن جهڙا آهن. ڪو به درد مند اچي، هٿ ڊگهيڙي انهن گهنڊن کي زور سان لوڏي ۽ وڄائي سگهي ٿو”.
هو عورت جي جواب کان متاثر ٿيو ۽ هن سمجهيو پيار ئي هڪ اهڙو ذريعو آهي جو عام جي دردن تي سوچڻ ۽ چمڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.
“ هي تنهنجو ڇا ٿئي؟” هن لاش ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.
هي منهنجو مڙس آهي، جيڪو ڪپڙي جي مل ۾ مزدوري ڪندي زخمي ٿي پوڻ ڪري مري ويو“.
هن کي عورت تي ڏاڍي ڪهل آئي ۽ هن پنهنجي پنبڻين تائين ڀرجي آيل ڳوڙهن کي واپس چوسائڻ لاءِ پري ڪنڌ ڪري ڊگهو ساهه کنيو.
” پر هاڻي روئڻ مان ڇا فائدو؟“
عورت جون ڦهليل اکيون لاش ۾ کپي ويون،
” هنجي محنت ۽ منهنجي محبت ڪيڏي نه مجبور آهي، جو اها هن کي ٻه وال ڪفن به ڏئي نه سگهي!“
۽ هوءَ ڍاڍيون ڪري روئي پئي.
فنڪار جي ڄنگهن ۽ سيني مان هزارين ڪوليون تيزيءَ سان مٿي چڙهي هنجي منهن ۾ دماغ ۾ گم ٿي ويون، هنجي پنبڻن ۾ اٽڪيل ڳوڙها ڳلن تائين وهي آيا، هن اکيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو، هن کي ڳوڙهن پٺيان چنڊ جون عرش کان وٺي ڌرتيءَ تائين ڪيتريون شعائون سسنديون ۽ وڌنديون محسوس ٿيون، هو ٿڌي هوا ۾ تحليل ٿي، انجي گوگهٽن سان گڏ پنهنجي وجود ۾ موٽي آيو، هنجي اڳيان ساڳيو قبرستان هيو ۽ هارياڻيءَ جي ڀڳل چوري جهڙو چنڊ جيڪو هاڻي پستين جو سفر طئي ڪري بلندين ڏانهن وڌي چڪو هيو.
اوچتو هن کي قبرستان جي خاموشيءَ مان مِڻ مِڻ جا آواز آيا، ائين جيئن ڪنهن قبر جي پاتال ۾ فرشتن جي پڇڻ تي ڪو روح هڪ ئي سر ۾ لڳاتار تيزي ۽ دهشت مان ڳالهائيندي، انهن جي سامهون پنهنجي روح جي پاڪيزگي بيان ڪندو هجي، هن ڪجهه گهڙيون ان آواز کي ڪنايو ۽ پوءِ هڪ دفعو وري قبرن کي لتاڙيندو، ڪلراٺي زمين تي ايامن کان اڃايل انسانن جي ٿڌي پاڻي پيئڻ ڪري پيدا ٿيندر سپ سپ جهڙا آواز پيدا ڪندو اوڏانهن وڌيو. هن کي ڳچ پنڌ تي هڪ انسان نظر آيو، جيڪو هڪ پٿر جي وڏي دڪي تي جهول ۾ ڪو ڪتاب جهلي بغير ساهي جي مڻ مڻ ڪندڙ آوازن ۾ پڙهي رهيو هيو، هن جي اڇي ڏاڙهي جهول ۾ جهليل ڪتاب مٿان هوا ۾ ڦڙڪي رهي هئي، هو جڏهن اتي پهتو ته هن ڏٺو، ان ڪتاب ۾ عجيب و غريب لڪيرون، پاتل هيون، جيڪي هن کي سمجهه ۾ نه آيون، ٻڍڙي هن جي قدمن جي آواز تي ڪنڌ کڻي هن کي مخاطب ڪيو.
“ڪنهن کي ڳوليندي ڳوليندي شايد پاڻ وڃائي ويٺو آهين ؟. آءُ توکي سڌو رستو ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان،”
ٻڍڙي جو آواز پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ڪرندڙ پٿر ڪري پيدا ٿيندڙلهرن جيان چوڌاري پکڙجي ويو،
“ڪوئي مون کي روز پڪاري ٿو ۽ آءُ جڏهن ان کي ڳوليان ٿو ته مون کي ان جهڙا هزارين ٿا نظر اچن، آءُ سمجهي نه ٿوسگهان مون کي پڪارڻ وارو ڪير آهي ؟ ”
“اها سڀ نراسائي آهي، سماج جون پستيون ۽ گناهه انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا، ۽ انسان جڏهن ڄاڻي واڻي هر سوچ کي لنوائي پنهنجي ذات تائين محدود رهي ٿو ته اهي سوچون آخرڪار انسان جي لاشعور مان ڦاٽ کائي هڪ اهڙي پيڙا کي جنم ڏين ٿيون، جيڪا نراسائيءَ جو رخ اختيار ڪري ٿي، اها پيڙا ئي هڪ پڪار آهي جيڪا هر هر انسان کي ڀٽڪائي ٿي، انسان هميشه پاڻ تائين سوچيندو آيو آهي، هن مفاد پرستيءَ جي ان پٽيءَ کي شايد ڪڏهن به محسوس نه ڪيو آهي، جيڪا هن جي اکين تي سدائين ٻڌل رهي آهي، هو ائين ئي اڻ مٽجهندڙ راهن تي هلي انڌيرن کي ئي زندگي ڪوٺيندو آيو آهي ” ٻڍڙي جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا ۽ هن وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ کي ڳيت ڏئي هيٺ لاتو، جنهن کان هن جي نڙ گهٽ جو هڏو پراڻين ۽ رجعت پسند سوچن جي خنجر جيان مٿي بلند ٿي جديد ضرورتن جي سيني ۾ لهي ويو.
فنڪار پنهنجي روح کي ٽچڪندو محسوس ڪيو، “آخرڪار چين ۽ سڪون ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو، نراسائيءَ جو ڪهڙو علاج آهي ؟ ”
“جيڪڏهن واقعي ئي تون چين ۽ سڪون چاهين ٿو ته توکي ٻين جي چين ۽ سڪون لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، جيڪا اڻ سڌي طرح تنهنجي پنهنجي چين ۽ سڪون لاءِ هوندي، ٻين کي جيئارڻ پاڻ کي امر ڪرڻ آهي، نراسائي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن سڀني وٽ چين هوندو. ”
فنڪار ٻڍي جي ڪنهن به ڳالهه مان مطمعن نه ٿيو ۽ پڇيو،
“خوشيون تڏهن حاصل ٿينديون جڏهن ٻئي کي خوشيون ڏبيون، بي چيني تڏهن ختم ٿيندي جڏهن سڀني وٽ چين هوندو، پر مان فنڪار آهيان، ڇا مان هزارين روپين جي عيوض پنهنجي ٺاهيل تخليق وڪڻي خوشيون حاصل ڪري نه ٿو سگهان ؟”
“توکي مان پهريون ئي ٻڌائي آيو آهيان ته پنهنجي ذات تائين محدود سوچ سماج ۾ نراسائي کي جنم ڏئي ٿي” ٻڍڙي پنهنجي ڪفن جهڙي اڇي ڏاڙهي تي هٿ گهمائيندي ڳالهه جاري رکي. حقيقي فن جي قيمت ناڻو نه صرف سماج جي رد بدل هوندي آهي جيڪو فنڪار فن کي عوامي روپ کان موڙي ذهني عياشي جو رخ ڏئي ٿو اهو ان چري وانگر آهي جيڪو پنهنجين خوشين جي لاش مٿان روئڻ بدران بي سرا ٽهڪ ڏئي پاڻ کي مطمعن ڪري ٿو ته خوشيون جيئريون آهن ۽ آءُ جيئان ٿو، نالو چاهيندڙ ان رڙيون ڪندڙ فقير جيان آهي جيڪو وچ بازار ۾ پاڻ کي زوري انڌو سڏي ماڻهن کي متوجه ڪري ٿو. اهو وٺي سگهي ٿو پر ان وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. حقيقي فنڪار عوامي آهي جيڪو عوام جي ڏکن کي تخليقي رنگ ڏئي ٿو ۽ عملي روپ ۾ سڀني کان اڳرو آهي، حقيقي خوشيون ماحول جي اهڙي رد بدل ۾ آهن جيڪي عوام جي سڪون ۽ زندگي جي محسوس سان منور هجن، اهو ئي آهي بيزاري، پيڙا ۽ نراسائي جي ختم ڪرڻ جو طريقو ۽ وڄندڙ ڪڙن جو آواز.”
فنڪار ٻڍڙي جون ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي ويو، هن کي گرمي محسوس ٿي ۽ من ڪچو پڪو ٿيڻ لڳو، هن آسمان ۾ نظر ڦيري، چنڊ کان ڏور ڇڊا ستارا هر طرف ڦهليل هيا، چنڊ جا پيرا ڪافي اڳتي وڌي چڪا هيا. هو اڳتي وڌيو ۽ هن ڏوراهين ۾ گهوريندڙ ۽ سڪتي جي عالم ۾ ويٺل ٻڍڙي جي هٿن کي هٿن ۾ وٺي چمي ڏني، هن پنهنجا چپ برسات ۾ ڪريل ڪيلي جي آيلن ڦرهن تي محسوس ڪيا، ٿڌا خوشي کان جان ۾ اٿندڙ ڌرڙين جهڙا. هو موڪلائي اڳتي وڌيو ۽ ٻڍڙو هڪ دفعو وري ان عجيب و غريب ڪتاب ۾ کوئجي ويو.
هن اک پٽي ته شام ٿي چڪي هئي، سڄي رات جاڳڻ کانپوءِ هن سڄو ڏينهن آرام ۾ گذاريو هيو. هو اٿيو ۽ هن جي نظر پنهنجي تخليق تي پئي، هن کي پنهنجي حسين تخليق ڏسڻ کان پوءِ محسوس ٿيو. تياڳ ڪجي، خوش ٿي روئجي. رات قبرستان کان موٽندي هن باقي رات جاڳي ان کي مڪمل ڪيو هيو ۽ اها هاڻي ڀرپور رنگن سان هن آڏو هئي، سج جي ڳاڙهن ڪنولن مٿان پوندڙ شعاعن جهڙو منهن، ٻرندڙ جبل جي مٿان کان هيٺ لهندڙ لاوي جهڙا وار. سمنڊ ۾ لهندڙ سج جهڙيون اکيون ۽ شفق جهڙا چپ. هڪ خوبصورت ۽ لافاني تصوير، هو ان تخليق کي ڏسي ئي رهيو هيو ته روز جيان ڪڙي کڙڪڻ جو آواز ٿيو ۽ هن جي اڳيان راتوڪا منظر ڦري ويا، اڇي ڏاڙهي وارو ٻڍڙو ۽ قبرستان جي هيڊي چانڊوڪي. ڪجهه دير کان پوءِ هن پاڻ کي پر درد دانهن جي هڪدم خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ماحول جهڙين اداس ۽ ويران اونداهين گهٽين ۾ پاتو ۽ هن جون اکيون ڪنهن کي ڳولي رهيون هيون. هو بدمست ايندڙ ۽ ويندڙ جي منهن ۾ جاچيندو اڳتي وڌندو ويو هر طرف کان دونهون ۽ سردي جيئن آهون ۽ درد بخارن جو روپ اختيار ڪري شهر جي مٿان ڌنڌ ٺاهي بيهي رهيا هجن، هلندي هلندي هن کي هڪ ويران گهٽي مان ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هن پٺتي مڙي ڏٺو نقاب ۾ ڍڪيل هڪ عورت وات سان سڏڻ کانپوءِ هن کي اکين جا اشارا ڪري رهي هئي. اها عورت ڪيڏي نه پر ورقار هئي، ڪاري برقعي ۾ ڍڪيل ڪنهن جي انتظار ۾ ڪٽيل راتين جهڙو ڊگهو بدن. هو پوري طرح ان عورت ڏانهن متوجه ٿي ويو ۽ عورت هن کي پاڻ ڏانهن اشارو ڏنو.
هو ان عورت پٺيان هلندو هلندو هڪ ويران جاءِ ۾ اچي پهتو عورت هن کي هڪ پراڻي طرز جي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيو، پر هو خاموش بيٺو رهيو، هن کي عورت جي ادا ايتري ته وڻي وئي هئي جو هو باقي هر شيءَ کان غافل هيو، هو عورت کي ڏسندو رهيو، عورت شڪي ٿيندي پنهنجي نظرن کي هيٺ جهڪائي ڇڏيو،
“توهان کي جيڪڏهن منهنجي ضرورت هجي ته آءُ حاضر آهيان”
عورت جو آواز پراڻي ڪوٺي ۾ گونجيو.
فنڪار هن جو مطلب سمجهي ويو ۽ سوچيو وئشيا به عظيم آهي، جديد نظريو آهي. هوءَ پنهنجي پيٽ جا ڏک سور گهٽائڻ لاءِ پنهنجي وجود کي وساري پاڻ کي ٻئي جي حوالي ٿي ڪري. ان کي تسڪين پهچائي پنهنجا مسئلا حل ٿي ڪري.
پر تڏهن به فنڪار نه سمجهڻ واري انداز ۾ عورت کي چيو “ تنهنجو مطلب ڇا آهي ” ؟
عورت هيڏي هوڏي نهاري پنهنجي آڱرين کي مهٽيو. “پيٽ ڀريل زندگي” هن چيو ۽ پنهنجي منهن تان نقاب هٽائي ڇڏيو، فنڪار بلڪل حيران ٿي ويو هن جي اڳيان ڪينواس تي ٺهيل لکن روپين جي تصوير جي جيئري جاڳندي مورت هئي، سج جي ڳاڙهن ڪنولن مٿان پوندڙ شعاعن جهڙو منهن ٻرندڙ جبل جي مٿان کان هيٺ ڪرندڙ لاوي جهڙا وار، سمنڊ ۾ لهندڙ سج جهڙيون اکيون ۽ شفق جهڙا چپ. هن وچڙيل لفظن ۾ عورت کان لاشعور طور پڇيو، “هڪ رات جي عيوض گهڻا پئسا ؟ ”
عورت جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي
“صرف ڏهه روپيا ” هن چيو.
فنڪار جي اکين اڳيان هزارين ڪارا ترورا اچي ويا، هو اکين تي ٻانهن ڏئي روئي پيو. هن کي پنهنجي شڪست جو اعتراف ٿي ويو، هن جي دماغ ۾ بزرگ جا لفظ پڙاڏا بڻجي جاڳي پيا، حقيقي فنڪار عوامي آهي جيڪو ڏکن کي تخليقي رنگ ڏئي ٿو ۽ عملي روپ ۾ سڀني کان اڳرو آهي، حقيقي خوشيون ماحول جي اهڙي ردبدل ۾ آهن جيڪي عوام جي سڪون ۾ زندگي جي محسوس سان منور هجن، اهو ئي آهي، بيزاري پيڙا ۽ نراسائي جي ختم ڪرڻ جو طريقو ۽ وڄندڙ ڪڙن جو آواز.