باب پنجون
نماشام جو ڳوٺ ڏي هڪ به گاڏي نه ويندي هئي. سکر کان شڪارپور ويندڙ روڊ پندرهن فٽ ويڪرو مس هوندو هيو. اهو ڪٿي ڪچو ته ڪٿي پڪو هوندو هيو. جڏهن هڪ گاڏي لنگهندي ۽ سامهون ٻي گاڏي ايندي هئي ته هڪ گاڏيءَ کي روڊ جي پاسي کان بيهاري ٻي گاڏيءَ کي رستو ڏنو ويندو هيو. ڳوٺ مان لڏڻ کانپوءِ به ان سان رشتو ختم نه ٿيو هيو. مهيني ٻئي ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هيو. سکر ۾ شڪارپور بس اسٽينڊ تي لوهه جي چادرن وارو انتظار گاهه هوندو هيو، جنهن ۾ بسن جون ڀڳل سيٽون رکيل هونديون هيون. اتي ڊگهي منهن واريون ٽرڪ جهڙيون بسون هونديون هيون جيڪي چاٻيءَ سان اسٽارٽ ٿينديون هيون. جيڪڏهن چاٻيءَ سان اسٽارٽ نه ٿينديون هيون ته انهن کي ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪيو ويندو هيو. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ امڙ جو ڪو ويجهو عزيز فوت ٿي ويو. ان ڏينهن مينهن وسي رهيو هيو. ڳوٺ وڃڻ به ضروري هيو. مينهن جهڪو ٿيو ته اسان سڀ ٻار امڙ ۽ بابي سميت اچي بس اسٽاپ تي پهتاسين. قسمت سان ان ڏينهن بس به ملي وئي جنهن لکيءَ واري اسٽاپ تي ڇڏيو. اسان جو ڳوٺ اتان هڪ ميل پري اوڀر طرف هيو. مون کي ياد آهي اسان ٻارن مان ڪنهن کي پيٽي ساڻ هئي، ڪنهن کي مٿي تي هڙ رکيل هئي. مينهن ڪري ايڏي گپ هئي جو پير زمين تي نه پئي ٽڪيا. اهو هڪ ميل ڪچو رستو اسان ڏاڍو ڏکيو پار ڪيو. ڪو ٻار هڙ سوڌو هيٺ پيو آهي ته ڪو پيٽيءَ سوڌو. ٿيڙ کائيندا ڳوٺ پهتاسين. مرحوم جي ڪفن دفن کانپوءِ جڏهن سکر وڃڻ لاءِ واپس اسٽاپ تي پهتاسين ته اها ٽپهري هئي. پري پري تائين ڪنهن بس جو ناءُ نشان نه هو. اسان گهڻي دير اسٽاپ تي ويٺل هياسين. اتي هڪ گاڏي وارو هيو جنهن کان هر هر پيڙا وٺي پئي کاڌاسين. پيڙا اهڙا ته ذائقيدار هيا جو دل هر هر وٺي کائڻ پئي چاهيو. اهو پيڙن وارو هڪ مهاجر هيو جيڪو گهڻو عرصو ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هيو. اها ڳالهه مون کي گهڻو وقت پوءِ ڳوٺ جي هڪ شخص ٻڌائي هئي. اهو مهاجر ڪٽنب هجرت کان پوءِ لکيءَ ۾ رهيو هيو ۽ سنڌين سان گڏ سنڌي ٿي ويو هيو. بس جي انتظار ۾ وقت ئي نه پئي گذريو. پترن مان ٺهيل انتظار گاهه ٻاهران بڙ جو وڻ هيو. اسان سڀ ٻار هر هر ان جون لڙڪندڙ پاڙون پٽي رهيا هياسين. امڙ دانهن پئي ڪئي “اها بڙ جي ڏاڙهي آهي نه پٽيو.” امڙ جي ان ڳالهه جو اسان تي ابتو اثر ٿيو. ڪاوڙ مان اسان اهي پاڙون اڃان به تيزيءَ سان پٽڻ لڳاسون. سج صفا لهي ويو، بس نه آئي. اسان سڀني کي واپس ڳوٺ موٽڻو پيو. ڳوٺ ۾ رهڻ سان ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. ڳوٺ ۾ اسان شهري ڇوڪرا ڄاڻي واڻي سٺا ڪپڙا پائي گهمندا هياسين، جنهن ڪري سڀ ٻار حسرت ۽ نماڻائيءَ مان ڏسندا هيا. انهن جا منهن ميرا ۽ وارن کي ڦڻي ڏنل نه هوندي هئي. پراڻي قميص ۽ لنڊي ڳوڏ ٻڌل هوندي هئي. انهن جا پير اگهاڙا ۽ ڌوڙ سان ڀريل هوندا هيا. پر ڪجهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ اسان به انهن جهڙا ٿي ويندا هياسين. مٽيءَ ۾ وڙهي جڙي صفا ڀڀوت بڻجي ويندا هياسين. هڪ دفعي منهنجا ٻه ڀائر ڳوٺ جي ڇوڪرن سان ڪنهن ڍنڍ تي وڃي ننڍين مڇين جون جهوليون ڀري آيا. اهي کلندا پئي آيا ته امڙ ڏسي خوش ٿيندي. انهن جي جهولين مان چيڪڙ هيٺ پئي وهي. شايد انهن ڪنهن سڪل ڍنڍ جي ڪناري گپ مان اهي مڇيون ميڙيون هيون. امڙ جي نظر انهن تي پئي ته ڪاوڙ ۾ ڀرجي وئي، انهن کي ٿڦون وهائي ڪڍيائين ۽ مڇيون ٻاهر اڇلائي، برمي هيٺان ويهاري سندن لڱ صاف ڪيائين. اتي اسان قبرستان ۾ وڃي کٻڙن جي ڏارن ۾ سوراخن اندر هٿ وجهي طوطن جا آنا ٻاهر ڪڍي ڏسندا هياسين. جيئن طوطا خوبصورت پکي آهن ائين انهن جا آنا به خوبصورت آهن. سائي رنگ جا آنا دل کي وڻندا هيا. اسان جي اهڙي حرڪت تي ڳوٺاڻن سمجهايو ته “ائين نه ڪيو. ڪڏهن کٻڙن جي سوراخن ۾ نانگ به لڪيل هوندا آهن، جيڪي هٿ وجهڻ سان ڏنگي سگهن ٿا.”
اهو قبرستان ايڏو ته پراسرار لڳندو هيو جو مان ان کي وساري نه ٿو سگهان. اهو منهنجيءَ ڌڙ ڪندڙ دل تي نقش آهي. جڏهن به ڪا اهڙي ڪهاڻي لکندو آهيان جنهن ۾ قبرستان جو ذڪر هوندو آهي ته اهو ساڳيو قبرستان منهنجين نظرن اڳيان اچي ويندو آهي. اتي اسان جي وڏڙن جون قبرون آهن، جن تي ڪو به ڪتبو لڳل نه آهي، ڳوٺ ۾ گهڻو ڪري قبرن تي نالو نه لکيو ويندو آهي، اهي بي نانءُ قبرون هڪ جهڙيون ڏسبيون آهن. ڪن خاص نشانين سان قبرون سڃاتيون وينديون آهن. اسان جي پڙڏاڏي جي قبر قبرستان جي ٻين قبرن کان ڊگهي هئي. چون ٿا ان جو قد ستن فٽن جي لڳ ڀڳ هيو. وڏو سيلاني شخص هيو، سندس ڀيڏيون سجيل هونديون هيون جنهن ڪري اهو پيرن کان مٿي پٽيون ويڙهيندو هيو. ڪمائيندو ڪجهه نه هيو. ڏاڏي سانجهيءَ جو چلهه تي سکڻي ڪني چاڙهيندي هئي جيئن ماڻهو ائين نه سمجهن ته کين کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي پر ڏاڏيءَ کي اباڻا ڏيندا هيا، جيڪو کائي پيٽ گذر ڪندي هئي. ڏاڏو ڪم ڪرڻ جهڙو ٿيو ته ان مزدوري ڪئي، جڏهن محنت ڪري سکر ۾ ريشم جو ڪارخانو هنيائين ته هو پڳ لاهي اسان کي پنهنجو مٿو ڏيکاريندو هيو، جنهن تي تارونءَ وٽ زخمن جا نشان هوندا هيا. هو چوندو هيو “مون جوانيءَ ۾ مٿي تي تگاريون ڍوئيون. هي غربت جا ڇٽي ويل نشان آهن.”
پوءِ هو اسان کي پيار ڪري، سيني سان لائي چوندو هيو “توهان منهنجي سڀ کان وڏي ملڪيت آهيو.”
ڏاڏو اسٽيل جي گلاسن ۾ پاڻي پيئندي فخر محسوس ڪندو هيو. هو پاڻي پيئندي گلاس منهن اڳيان آڻي ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسي مرڪندو هيو ۽ ڏاڙهي ۾ آڱريون ڦيري وار سڌا ڪندو هيو. ان جي ڇڏيل حسابن ڪتابن وارين ڳاڙهين بندين کي کولي جڏهن هاڻي ڏسندو آهيان ته منهنجا اکر صفا ڏاڏي جهڙا آهن. مان به اکرن کي ائين ونگوڙا ڏئي لکندو آهيان جيئن ڏاڏو لکندو هيو.
اهو عيد جو ڏينهن ئي ته هيو جو عيد نماز پڙهي اسان دعا گهرڻ ڏاڏي جي قبر تي ويا هياسين. واپسيءَ ۾ موٽياسين ته ڏاڍا اداس ۽ مايوس هياسين. اداسي ۽ مايوسيءَ جو سبب قبرستان ۾ ڏاڏي جي قبر جو نه ملڻ هيو. اها قبرن وچ ۾ ڪٿي وڃائجي چڪي هئي. ان تي ڪو به ڪتبو نه هيو. اهو ئي سبب هيو جو واپسي ۾ گهر پهچي بابا بي حال ٿي کٽ تي ڪري پيو. امڙ کيس شيشي جي گلاس ۾ پاڻي ڏنو. هن پاڻي پي گلاس ٽيبل تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڇڏائجي هيٺ ڪري پيو. امڙ چيو ته “عيد جي ڏينهن شيشي جو گلاس ڀڄڻ سٺو سنوڻ نه آهي.” پر بابي جي دل پهريون ئي ڏري پئي هئي. ڏاڏي جي قبر جو وڃائڻ ائين هيو جيئن ميلي ۾ ڪو ٻار وڇڙجي ويو هجي. عيد ڏينهن قبرستان ۾ قبرن جو ميلو ئي ته متل هوندو آهي. انهن وچ ۾ هڪ قبر کي ڳولهڻ ڪنهن کي ميلي ۾ ڳولڻ برابر ئي ته هيو. ڏاڏي جي قبر تي سال ۾ هڪ دفعو وڃڻ ٿيندو هيو. اها قبر چن جي پهاڙ کان چاليهن قدمن جي فاصلي تي هوندي هئي. چن جو پهاڙ ۽ فاصلو اهي نشانيون هونديون هيون جن تحت اسين ڏاڏي جي قبر کي ڳولهي لهندا هياسين. ٿيو ائين جو پهاڙ ڀرسان چن جو بٺو هيو. مزدور پهاڙ ۾ سوراخ ڪري انهن ۾ بارود وجهي ڌماڪي سان اڏائيندا هيا. پوءِ پٿرن جون ڇپون بٺي ۾ وجهي چن ٺاهيندا هيا. اهو پهاڙ ڏينهون ڏينهن ننڍو پئي ٿيندو ويو. آخر اهڙو ڏينهن به آيو جو اهو پهاڙ صفا مٽجي ختم ٿي ويو. ان عيد تي جڏهن اسان ڏاڏي جي قبر تي وياسين ۽ مٽيل پهاڙ جي نشان واري اندازي تي قبر مٿان بيهي دعا گهري رهيا هياسين ته ڪي ٻيا شخص اچي اتي پهتا. انهن چيو “ادا توهان ڀليا آهيو، هيءَ اسان جي پيءُ جي قبر آهي.”
اهڙي ڳالهه ٻڌي اسان منجهي پياسين ۽ پوءِ جڏهن غور ڪيوسين ته واقعي ئي اها ڏاڏي جي قبر نه هئي. قبرستان ۾ اندازي سان هيڏانهن هوڏانهن ڏاڏي جي قبر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، پر اسان جا سڀ اندازا شڪ ۾ بدلجي ويا ۽ ائين ان سال اسان مايوس ٿي گهر موٽياسين.
انسان جڏهن مايوس هوندو آهي ته ڪونه ڪو نقصان ضرور ڪندو آهي، ان ڏينهن اهو بدنصيب شيشي جو گلاس هيو جيڪو بابي جي مايوسيءَ جو شڪار ٿيو.
قبرن جي ميلي ۾ اسان ڏاڏي کي وڃائي ويٺاسين. اڄ به جڏهن ڏاڏي کي ياد ڪيان ٿو ته اکين ۾ پاڻي ۽ چپن تي مرڪ اچي وڃي ٿي. ان جڏهن ريشم جو ڪارخانو هنيو، اهي اسان جي ڪٽنب جا سٺا ڏينهن هيا. اسان پنجن ڄڻن جو جڏهن طهر ڪرايو ويو ته پلاءَ جون سترهن ديڳون چاڙهيون ويون هيون. اڌ گهٽيءَ جي ڊيگهه تائين سرن جا چلها ٺاهي هيٺان باهيون ٻاريون ويون هيون. پنجن ئي ڀائرن کي ڳاڙهيون گوڏيون ٻڌي عمر جي حساب سان قطار ۾ بيهاري طهر ڪيا ويا هيا. ٽئين نمبر تي بيٺل ڀاءُ سڀني جو وهندڙ رت ڏسي وٺي ڀڳو، هڪ مائيٽ ان کي وڃي جهليو. جيئن گهلڻ لڳس ته ان کي ويڻيءَ ۾ ايڏو ته زور سان چڪ پاتائين جو سندس ويڻيءَ تي نشان ٺهي ويو. جڏهن ڀاءُ سمجهه سان ٿيو ته اهو مائٽ کيس ويڻي ڏيکاري چوندو هيو “هيءُ ڏس جڏهن تنهنجي کل ڪٽجي رهي هئي ته تون منهنجيءَ کل ۾ چڪ پاتو هيو.”
کل تي ياد آيو، پاڙي ۾ جڏهن به طهر ٿيندو هيو. بابي سان دعوت ۾ ويندو هيس ته پلاءُ صفا نه وڻندو هيو. محسوس ٿيندو هيو پلاءَ ۾ گوشت سان گڏ کل به پيل آهي.
ڏاڏي جي ريشم جو ڪارخانو تباهه ٿيو ته کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. ڪارخاني ۾ کڏيون ائين خاموش هونديون هيون جيئن وقت انهن جي زبان ڪٽي ڇڏي هجي. هر طرف ڌوڙ ۽ ڄارا هوندا هيا. مان ٽپو ڏئي پيٽ جي زور سان مٿي چڙهي ڪنهن کڏيءَ جي ڦٽي تي ويهندو هيس ته ڦٽي تي چڙهيل دز منهنجن ڪپڙن سان صاف ٿي ويندي هئي. مان کڏيءَ جي هٿئي کي پڪڙي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. خالي کڏيءَ ۾ نار بي مقصد هيڏانهن هوڏانهن پئي ٿيندي هئي. ڏاڏي جي ريشم جي ڪارخاني جي تباهيءَ ۾ هن جي هڪ دوست جو هٿ هيو. جنهن کي هن راز جي ڳالهه ٻڌائي هئي ته “ريشم جي ڪپڙي جي بازار ۾ ايڏي ته هلت آهي جو کيس ريشم جا پُڙا بليڪ تي وٺڻا پون ٿا.”
انهن ڏينهن سڀ کان سٺو ريشم جاپان کان ايندو هيو. ريشم محدود هجڻ ڪري هر ڪارخاني کي مخصوص ڪوٽا هوندي هئي. اهو ڪوٽا کان وڌيڪ ريشم رکي نه سگهندو هيو. ڏاڏي ڪجهه ريشم بليڪ تي وٺي گودام ۾ رکيو هيو. هن جي دوست کان ڏاڏي جي ترقي ڏٺي نه وئي. ان پوليس کي اطلاع ڏنو. ڇاپو لڳو، پوليس ڏاڏي کي پڪڙي سمورو ريشم کڻائي وئي. ڏاڏي جا سڀ پئسا مقدمي تي خرچ ٿي ويا. اڳتي هلي کڏين کي وڪيو ويو، ڪجهه پئسا قرض وٺي ڏاڏي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دوڪان کوليو. هن اهو دوڪان حاجي خليل نالي هڪ مهاجر کان ڪرايي تي ورتو، جيڪو تازو هندوستان مان آيو هيو ۽ ان کي ڪليم ۾ شاهي بازار جا ٽي دوڪان مليا هيا. هڪ دوڪان پاڻ هلائيندو هيو ۽ ٻه دوڪان ڪرايي تي ڏنا هيائين.
ڏاڏو ڪڏهن مون کي دوڪان تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هيو. هو کاري بسڪٽ سان تيز مٺي چانهه پيئاريندو هيو. دوڪان تي وٺي وڃڻ جو سبب اهو هوندو هيو ته ڏاڏي جي نظر ڪمزور هئي. اڪثر صبح جو سڃ ۾ ڪوئٽا جا ڪجهه پٺاڻ بازار ۾ ايندا هيا. هڪڙو دڪاندار سان ڳالهائيندو هيو ته ٻيا ور ۾ ڪپڙو لڪائيندا هيا. جڏهن اهڙا ڪي به پٺاڻ دوڪان تي چڙهندا هيا ته ڏاڏو مون کي چوندو هيو “هوشيار... پٽ نظر ڪجانءِ.”
ڏاڏو ڪپڙو ڏيکاريندو هيو ۽ مان پٺاڻن جي هر حرڪت تي نظر رکندو هيس. جنهن ڏينهن ڏاڏي جي وڪري گهڻي ٿيندي هئي ته شام جو واپسيءَ ۾ هو پپيتا، ڪيلا ۽ چيڪو وٺندو هيو. گهر ايندو هيو ۽ ڏاڏيءَ کي ٻڌائيندو هيو “مولوءَ جي ماءُ، اڄ هزار روپين جو وڪرو ٿيو آهي.”
هو اوطاق ۾ حقو پيئندو هيو. سوٽو هڻي ڪنڌ مٿي ڪري دونهون هوا ۾ ڇڏيندو هيو ۽ ٻارن کي سڏ ڪري خرچي ڏيندو هيو. ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو ته وڪرو صفا نه ٿيندو هيو. هو مايوس موٽندو هيو. هن جي چيلهه جيڪا پوڙهائپ ڪري هيٺ جهڪيل هوندي هئي اها وڌيڪ جهڪي ويندي هئي. هو ان ڏينهن بازار مان پاروٿا بادرنگ وٺندو هيو جيڪي کائيندا هياسين ته انهن مان پڪا ٻج نڪرندا هيا. حقو ڇڪيندو هيو ته ان مان گڙ گڙ جا آواز ائين نڪرندا هيا جيئن بکايل جي پيٽ مان نڪرندا هجن. هو گهٽ ڳالهائيندو هيو ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڏاڏيءَ سان وڙهندو هيو. بازار ۾ جيئند نالي هڪ شخص جو دوڪان هيو جيڪو ان جي ملڪيت هيو. جيئند ڏسڻ ۾ صفا هيڊي رنگ جو ننڍي قد وارو شخص هيو. هن اهو دوڪان ورهاڱي کان ٿورو اڳ هڪ هندوءَ کان سستو خريد ڪري پنهنجي نالي ڪرايو هيو. جيئند جو دوڪان ڏاڏي جي دوڪان کان ٿورو پري هيو. ان مٿان جاءِ ٺهيل هوندي هئي جيڪا ويران هئي. ڪڏهن پيشاب لڳندو هيو ته ڏاڏو جيئند جي جاءِ ۾ موڪليندو هيو جتي ٽپڻ تي “پُئي” ٺهيل هوندي هئي. پُئيءَ ۾ ته بوءِ نه هوندي هئي پر جڏهن ٽپڻ جي ونگوڙي واري ڏاڪڻ لهي هيٺ اچبو هيو ته ڏاڪڻ هيٺان “حُوريءَ” ۾ ٺهيل رنڌڻي اندر اڃان به ان دال جي بوءِ ايندي هئي جيڪا ورهاڱي کان اڳ اتي چاڙهي وئي هئي. ان ڪچيءَ جاءِ جو ڪوٺو صفا ڌوڙ لڳو پيو هوندو هيو. ان جي ويرانيءَ ۾ خاموشي هر هنڌ اداس ويٺل هوندي هئي. پوري بازار مهاجرن سان ڀريل هوندي هئي، هر ڪو اردو ڳالهائيندو هيو. ڏاڏي کي اردو ڳالهائڻ نه ايندي هئي. هو اردو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. هڪ دفعي حاجي خليل جا ٻار مٿان لهي دوڪان اڳيان گوڙ ڪري رهيا هيا. ڏاڏي کي ڳالهه نه وڻي. انهن کي اردوءَ ۾ چيائين “چلو اوپر ڏاڪڻ پي” مون کي اردو ٿوري گهڻي ڳالهائڻ ته ايندي هئي پر پڙهڻ ۾ منجهندو هيس. دوڪان جا بل جيڪي اردوءَ ۾ ڇپيل هوندا هيا. انهن کي ڏسي ڏاڏي کان پڇندو هيس.
“ڏاڏا هي بل جي آخر ۾ ڻوڻل ڇو لکيل آهي؟”
ڏاڏي کي اها خبر هئي. ان کلي وراڻيو “پٽ اهو ڻوڻل نه ٽوٽل آهي. جڏهن جوڙ ڪندا آهيون ته آخر ۾ اتي لکندا آهيون.”