باب اٺون
روهڙيءَ جون گهٽيون اهڙيون ته سوڙهيون آهن جو شل نه ڪو ميلو لڳي يا محرم جو ماتم ٿئي. ماڻهو ائين ڦاسندا آهن جيئن غريب جي گهر ۾ ٻار.
بابي سان جڏهن به وار مبارڪ تي ويس ته چيڀاٽجندي بچيس. خاص ڪري گنبذ جي سوڙهي دروازي مان لنگهڻ وقت، جنهن جي چائنٺ تي گول چانديءَ جا روپيا لڳل هوندا هيا. اندر وڃبو هيو ته گنبذ نسبتن ويڪرو هوندو هيو جنهن جي وچ تي هڪ ڏوليءَ نما ڪاٺ جو ڪٽهڙو هوندو هيو جنهن ۾ خليفو ڪارا ڪپڙا پائي ويٺل هوندو هيو. جڏهن ماڻهو ڪٽهڙي چوڌاري گڏ ٿيندا هيا ته اهو هڪ چمڪندڙ پيٽي کولي ان مان سوني ڏيٽي ڪڍندو هيو ۽ پوءِ نڪ تي سائو رومال ڏئي وڏي احتياط سان مٿي کڻندو هيو ته متان ساهه کڻڻ ڪري ڏيٽيءَ ۾ پيل وار اڏامي نه وڃي. چوڌاري بيٺل ماڻهو “سبحان الله” چوندا هيا ۽ هٿ کڻي دعا گهرندا هيا. سڪن اڇلائڻ جو ٽڙڪو پئجي ويندو هيو ۽ خليفي جي ڏوليءَ چوڌاري سڪا ۽ نوٽ ائين پيل هوندا هيا جيئن صدين کان ڪنهن کنيائي نه هجن.
اسان هر سال وار مبارڪ جي زيارت تي ويندا هياسين ۽ جڏهن به لانچ ساڌ ٻيلي وٽان لنگهيندي هئي ته ڄڻ ان جي رفتار آهستي ٿي ويندي هئي. ساڌ ٻيلي جي ٻاهرين ڀت نظرن اڳيان گول ڦرندي هئي ۽ ان جا مور، وڻ، ٽڻ، عمارتون ۽ مندر هلندڙ لانچ مان ڪنڌ ورائيءَ ڏسبو هيو ته تجسس مان ڄڻ اسان ڏي نهاريندا هيا.
ستين ڪلاس ۾ موهن لال منهنجو دوست هيو جيڪو موچي بازار ۾ رهندو هيو. هيٺان فونن جي رڪارڊن جو دوڪان هيو ۽ مٿان گهر هيو. ڪڏهن موچي بازار مان لنگهڻ ٿيندو هيو ته موهن سان ضرور ملندو هيس. هيٺ دوڪان ۾ موهن جو پيءُ ويٺل هوندو هيو، جنهن جي فلاسافرن جهڙي پر فڪر ۽ اداس منهن جون ڏاڙهي مڇون ائين ڪوڙيل هونديون هيون جيئن تازو شيوو ڪري آيو آهي. اڳيان ٺوڙهه ۽ پاسن کان وڏا وار هوندا هيا جيڪي ذري گهٽ سندس ڪلهن تائين لڙڪندا هيا. ان کي پاجامو ۽ اڇو ڪڙتو پاتل هوندو هيو. مان دوڪان تي چڙهي ان سان هٿ ملائيندو هيس ۽ موهن سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪندو هيس. اهو دوڪان ۾ هڪ ڊگهي ڪائونٽر اڳيان مون کي اسٽول تي ويهڻ لاءِ چوندو هيو ۽ ان جو نوڪر مٿي ڏاڪڻ تي چڙهي وڃي موهن کي اطلاع ڏيندو هيو. مان ڏسندو هيس. رڪارڊن جو اهو دوڪان اجڙيل ۽ زبون حال هوندو هيو. هر طرف مٽي هوندي هئي ۽ ڪوئا گهمندا هيا. بي ترتيب رڪارڊ جيڪي اسڪولن ۾ استعمال ٿيندڙ سليٽن جهڙا هوندا هيا، هر طرف ڦهليل هوندا هيا. مون ڪڏهن ان دوڪان تي ڪنهن گراهڪ کي چڙهندي نه ڏٺو. اهو اداس پوڙهو ڪائونٽر پويان ڊگهي ڪرسيءَ تي ويهي دوڪان ٻاهران انهن سوچياڻين کي ويٺو ڏسندو هيو جيڪي جوتن ٺاهڻ ۾ مصروف هونديون هيون. رنگين ڪپڙا پاتل اهي سوچياڻيون بازار ۾ دوڪانن ٻاهران ٿلهن تي ويهي چمڙو سبنديون هيون ۽ انهن جي ڀرسان ڏاڍيون خوبصورت جتيون رکيل هونديون هيون. پوڙهو انهن ڏانهن حسرت مان ڏسي ڄڻ پنهنجا اهي ڏينهن ياد ڪندو هيو جڏهن گرامو فونن جو عروج هيو ۽ سندس رڪارڊ ٿوڪ جي حساب سان وڪرو ٿيندا هيا. ان جي آمدنيءَ جو ذريعو ختم ٿي چڪو هيو، بلڪل ان چراغ جي تيل جيان جيڪو ڪائونٽر تي ان سامهون رکيل هوندو هيو. اهو پتل جو الهدين جي جادوئي چراغ جهڙو ڏيئو مون کي ان پوڙهي جي ڪائونٽر کانسواءِ ڪٿي به نظر نه آيو. ريڪارڊن ۽ فونن جو دور ختم ٿي چڪو هيو نه ته مون کي ياد آهي جڏهن چئن سالن جو هيس ته اهو فوني جو عروج هيو.
بئراج روڊ تي محمدو ۽ مکڻي جا مشهور هوٽل هوندا هيا. صبح جي پهر انهن هوٽلن کي ٻهاري ڏني ويندي هئي ته سوين سئيون ميڙي هوٽل کان ٻاهر اڇلايون وينديون هيون. انهن هوٽلن ۾ فوني تي گانا وڄندا هيا ۽ سليٽ جهڙي هر رڪارڊ هلائڻ لاءِ فوني جي آرم ۾ نئين سئي وڌي ويندي هئي، ڇو جو هر رڪارڊ کانپوءِ ان جي چهنب گسي ويندي هئي ۽ ٻئي رڪارڊ تي استعمال ڪرڻ جي قابل نه هوندي هئي.
اهي گرينائيٽ جا رڪارڊ شيشي جي گلاسن کان گهٽ ڪونه هوندا هيا. ڪرندا هيا ته ڀڄندي دير نه ڪندا هيا ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو انهن رڪارڊن ۾ گهاري پئجي وڃي ته سئي ان ۾ اٽڪي پوندي هئي ۽ رڪارڊ وڄندي گاني ۾ هر هر ساڳيو لفظ پيو ورجهائبو هيو. هڪ دفعو ائين ئي ٿيو. اسان صبح جي وقت محمدوءَ جي هوٽل ڀرسان بند پيل پان جي پڙيءَ جي دڪي تي ويهي گانا ٻڌي رهيا هياسين. رڪارڊ ۾ گهاري هجڻ ڪري گانو هڪ هنڌ اٽڪي پيو ۽ هر هر اهو لفظ ورجهائڻ لڳو. ان گاني جو مصرعو هن ريت هيو ته “آئي ملن کي رات پيا، ڌڙڪ رها هي موراجيا” جڏهن گاني ۾ ملن لفظ آيو ته ميم ڪٽجي ويو ۽ جيڪو لفظ ورجهائجي رهيو هيو. ان تي هوٽل ۾ ويٺل سڀني ماڻهن وٺي ٽهڪ ڏنا. محمدوءَ فوني جي آرم کي رڪارڊ تان هٽايو ۽ رڪارڊ کي هوٽل جي در کان ٻاهر ڦٽو ڪيو. در ٻاهران بيٺل ڪتا ان کي نوسڻ لڳا.
محمدو متارو مڙس هيو جيڪو سرائيڪي ڳالهائيندو هيو. ان کي وڏي گوڏ ٻڌل هوندي هئي ۽ گريبان جا بٽڻ کليل هوندا هيا. ڪنهن سان وڙهندو هيو ته هوٽل ۾ پيل سوڍا واٽر جي ڪريٽن مان بوتلون ڪڍي ان کي اڇلائي هڻندو هيو. پاڻ سٺو ماڻهو نه هيو پر ان جي اولاد نيڪ ۽ پرهيزگار ثابت ٿي جيڪا هن کي هڪ لوٽي وڄائيندڙ ميراثڻ مان ڄائي، سکر جي بئريج روڊ تي لوٽي وڄائيندڙ ميراثڻين جا ميڙ هوندا هيا. اهي ٽولي جي صورت ۾ هر دوڪان ۽ هوٽل تي وڃي جست جو لوٽو وڄائي ڳائينديون هيون. ماڻهن انهن کي خيرات ڏيندا هيا ۽ موج مستيون ڪندا هيا. محمدوءَ جو هڪ اهڙي لوٽي واريءَ سان عشق ٿي ويو ۽ اها عورت شاديءَ کان پوءِ مرڻ تائين شرافت سان ان جي گهر ۾ رهي.
چاچي وٽ به هڪ گرامو فون هيو جيڪو هڪ ڪاري آبنوسي ٽيبل تي رکيل هوندو هيو، جڏهن گرامو فون جي آرم ۾ سئي وجهي گول ڦرندڙ رڪارڊ تي رکندو هيو ته ڀونپوءَ جي ٿلهي نڙيءَ مان سنهو آواز اڀرندو هيو. اهو چاٻيءَ تي هلندو هيو. هڪ ڏينهن چاٻي ڏيندي ان جو اسپرنگ ڀڄي پيو ۽ چاچي کي اهو گرامو فون ڪنهن ڪٻاڙيءَ کي سستي اگهه تي وڪڻڻو پيو. باقي ان جو ڀونپو هڪ ويران ڪوٺيءَ ۾ پيل هوندو هيو جنهن کي اسان ٻار رمضان جي مهيني ۾ روزي رکڻ کانپوءِ بک محسوس ٿيڻ ڪري ٽپهريءَ جو منهن تي رکي گهگهو وڄڻ جهڙو آواز ڪڍي روزي کلڻ جو اعلان ڪندا هياسين. آبنوسي ٽيبل حوريءَ ۾ پيل هوندي هئي، جنهن جي هڪ ڄنگهه تي ماکيءَ پنهنجو ديرو ڄمايو. اتي هڪ وڏو ماکيءَ جو مانارو هوندو هيو. هڪ دفعي مان لڪي ماکيءَ جي ماناري کي پٿر هڻي رهيو هوس. ماکيءَ جي مکين مون تي حملو ڪيو ۽ منهن سڄي ويو. مون کي ماکيءَ جي مکين کان ايڏو خوف محسوس ٿيو جو جڏهن اهي آبنوسي ٽيبل تان اٿي هليون ويون ته مان ٽيبل کي ڏسي ڊڪ ڀريندو هيس جيئن مکيون ڪڍپيون هجن.
ساڌ ٻيلي جو اهو ميلو مون کي ياد آهي جڏهن اسان جي گهر ۾ شيشي جو گلاس ڀڳو. ان شيشي جي گلاس جي ڀڄڻ پويان منهنجو هٿ گهٽ ميلي جو وڌيڪ هيو. بابي ان رات افسوس ڪندي چيو، “ڇورا اهو ميلو لڳوئي ان ڪري جيئن اسان جي گهر ۾ شيشي جو گلاس ڀڄي.”
هڪ دفعي موهن لال صلاح ڪئي ته “مون سان گڏ ميلي ۾ هلو.” اسان جنهن ۾ مون کانسواءِ سوٽ ۽ عبدالقادر شامل هياسين. موهن لال جي صلاح تي غور ڪيوسين ته منجهي پياسين. “يار اسان مسلمان ميلي ۾ ڪيئن هلنداسين، ڪنهن پڪڙيو ته تون ڇڏائيندين؟”
موهن اعتماد سان چيو “پرواهه نه ڪيو، مان هوندس نه.”
اسان موهن جي ڳالهين ۾ اچي ميلي واري ڏينهن وڃي راڄ گهاٽ پهتاسين ته رش لڳي پئي هئي، موهن کي ڳولهيوسين. موهن ڪٿي مليو ئي ڪونه. گهڻي دير پتڻ تي ويهي ان جو انتظار ڪندا رهياسين ته متان هيڏانهن هوڏانهن ظاهر ٿي پر اهو نظر نه آيو. نيٺ اسان ٽنهي فيصلو ڪيو ته جڏهن گهر کان سنڀري نڪتا آهيون ته موٽڻ ڪهڙو؟ ٽنهي ڪنڊ ۾ وڃي صلاح ڪئي ته ميلي گهمڻ لاءِ واڻيو ٿيڻو پوندو، ان ڪري نالا مٽاياسين ته جيڪڏهن ڪو پڇي ته ان کي واڻڪا نالا ٻڌائي جان ڇڏائينداسين. مون پنهنجو نالو ڀڳت رام رکيو، سوٽ مهيش لال ۽ عبدالقادر کي چيو ته “تون لعل ڪمار آهين.”
اسان ٽهي سنڀري اچي پتڻ تي بيٺاسين. سڀ هندو ٽولا ٽولا ٿي پتڻ تان “جهولي لال” جا نعرا هڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي رهيا هيا. پتڻ تي هڪ ديوان ڪرسي وجهي ويٺو هيو، جيڪو ٻيڙيءَ ڏانهن ويندڙ ماڻهن جي چڪاس ڪري رهيو هيو. مان ۽ سئوٽ ته رش ۾ جهولي لال جا نعرا هڻندا ان ديوان کان اک بچائي وڃي ٻيڙيءَ ۾ ويٺاسين. پويان عبدالقادر ڊڄندو اچي رهيو هيو. ڪرسيءَ تي ويٺل ديوان کي شڪ پيو. هن عبدالقادر کي سڏ ڪيو.
“اڙي ڇورا هيڏي اچ.”
عبدالقادر گهٻرائجي ويو ۽ هوريان هوريان ان وٽ ويو.
ديوان پڇيس، “نالو ڇا ٿي؟”
ٺهه پهه جواب ڏنائين “لعل ڪمار”
ديوان وري پڇيس “پيءُ جو نالو ڇا ٿي؟”
عبدالقادر منجهي پيو ۽ تڪڙ ۾ چيائين “عبدالغفور”
ديوان کليو ۽ چيائينس “وڃ وڃي ٻيڙيءَ ۾ ويهه. هن دفعي ڇڏيان ٿو ٻئي دفعي اهڙي حرڪت نه ڪجانءِ.”
اندر وياسين ته موهن لال کي ڳولهي لڌوسين. جيڪو هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو هيو ۽ گهڻي ڀنگ پيئڻ ڪري اسان کي وساري ويٺو هيو. اوچتو ٽنهي کي سامهون ڏسي ڇرڪ نڪري ويس. اٿيو ۽ هٿ ملائي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. مان خاموش طبيعت واري موهن کي اڳ ايڏا ٽهڪ ڏيندي ڪڏهن نه ڏٺو هيو. مون ساڌ ٻيلو پهريون دفعو ان ميلي ۾ ڏٺو. وار مبارڪ تي روهڙيءَ ويندي لانچ مان ڏسڻ وقت جيڪا ان جي پراسراريت هئي اها اندر وڃي ڏسڻ سان ڪافور ٿي وئي. اندر ڪو به انتظام نه هيو. هر هنڌ ماڻهن جو گند پيل هيو. ويهڻ جي جاءِ نه هئي. اسان کي موهن لال ڪنول جي پن ۾ چانور وٺي کائڻ لاءِ ڏنا. جيڪي بي ذائقي ۽ اڻ وڻندڙ هيا. چانور عبدالقار جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا. جنهن پاڻي پيئاريندڙ شخص کي زور سان سڏ ڪيو. “او ادا پاڻي ته پيئار.” موهن لال هن کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي جهليو ۽ آهستي چيو “پاڻي نه جل چئه. نه ته ماڻهو سمجهندا تون مسلمان آهين.” عبدالقادر محتاط ٿي ويو ۽ پاڻي پي چانور پاسي کان ڦٽي ڪيائين. ساڌ ٻيلي اندر ڪو به بت سلامت نه هيو. هر ڪنهن جا عضوا ڀڳل هيا. جن جي سادي پلاسٽر سان مرمت ڪئي وئي هئي جنهن ڪري انهن جي بي ڍولائيءَ ۾ اضافو ٿي ويو هيو.
مون کي ساڌ ٻيلو تڏهن وڻيو هيو جڏهن گهڻي وقت کانپوءِ اسان سکر جا اديب پرمٽ وٺي گهمڻ وياسين. ان وقت ٻيلي جي سانت مون کي متاثر ڪيو هيو. اتي هڪ ٻائو ڪتي سان رهندو هيو جيڪو اڪيلائپ کان ايڏو ته بيزار هيو جو جڏهن اسان اتي پهتاسين ته وچ ۾ ويهي ٻائو ڳالهائي رهيو هيو ۽ اسان چپ هياسين. ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن گهڻي وقت کانپوءِ ٻائي کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي. جڏهن ٻيلي ۾ گهميا هياسين ته هڪ لائبريري نظر آئي هئي، جنهن کي تالو لڳل هيو ۽ ڪٽ لڳڻ ڪري تالو ايڏو ته مضبوط ٿي چڪو هيو جو اسان اديبن وس ڪيا ته ان کي ٽوڙي اندر داخل ٿيون پر هر ڪوشش ناڪام ٿي وئي. هڪ اديب همت ڪري وڏي سر کڻي تالي کي ان سان ڀڃڻ جا جتن ڪيا پر تالي کي ڪٽ جڪڙي ڇڏيو هيو. ناڪاميءَ کي سامهون ڏسي ڪنهن اديب جي روشندان تي نظر پئي ته اتي ڪجهه ڪتاب رکيل هيا. هڪ ٻئي کي ڪلهن تي چاڙهي هڪ اديب کي روشندان تائين پهچايائون. ان جي ٻانهن اندر وئي، هڪ ٿلهو ڪتاب ان جي هٿ ۾ اچي ويو جنهن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيو. اسان ڏٺوسين اهو ديونا گري زبان ۾ هيو. اسان مان ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيو. گهڻي وقت کانپوءِ جڏهن هڪ اهڙي عالم سان ملاقات ٿي جيڪو ديونا گري پڙهڻ ڄاڻندو هيو ته ان کي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ گهرائي اهو ڪتاب ترجمو ڪري ٻڌائڻ لاءِ ڏنوسين. ان گڏجاڻيءَ ۾ اهو ڪتاب پڙهي ٻڌايو. ان جو ترجمو اهڙو هيو جيئن “بابا اخباري” جي تقرير جيڪا ٻڌندڙ کي صفا سمجهه ۾ نه ايندي هئي. اهو “بابا اخباري” جيڪو مهاجر هيو ۽ عمر اٽڪل سٺ سالن کان مٿي هيس. ان کي ويڙهيل اخبار سدائين هٿ ۾ هوندي هئي. جڏهن به اسڪول کان موٽندا هياسين ته اهو گهنٽا گهر تي حسيني بڪ اسٽال جي ڀرسان فٽ پاٿ تي اردوءَ ۾ تقرير ڪندو هيو. هندستاني ليڊرن کان ان حد تائين متاثر هيو جو سندس دماغ جي ڪل ٿڙي وئي هئي. اهو هٿ ۾ جهليل ويڙهيل اخبار هوا ۾ لهرائي اهڙي تقرير ڪندو هيو جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ نه ايندو هيو. ان چوڌاري ماڻهو گڏ ٿيندا هيا ۽ ٿوري دير ٻڌي هليا ويندا هيا ۽ وري ٻيا گڏ ٿيندا هيا. “بابا اخباري” جون ڳالهيون ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيون. مون کي ان وقت حيرت لڳي. جڏهن هڪ ڏينهن پوليس “بابا اخباري” کي گرفتار ڪري وٺي پئي وئي. اهو ٽانگي جي پوئين سيٽ تي ويٺل هيو، کيس هٿ ڪڙيون لڳل هيون ۽ ٻنهي پاسن کان پوليس وارا ويٺل هيا.
اهو ساڌ ٻيلي جي لائبريريءَ مان چورايل ڪتاب پوءِ ڏونگر نالي هڪ اديب کي ادبي سنگت جي گڏ ٿيل چندي مان ڪرايو ڏئي ميونسپل وارن کان پرمٽ ڪٽرائي ڏنو ويو ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ساڌ ٻيلي جي لائبريريءَ ۾ واپس ڦٽي ڪري اچي. اهو ڏونگر نالي اديب جنهن “ڏاڪڻ” نالي ڪهاڻي لکي هئي ۽ دوستن کي پراڻي پيٽي کولي ان مان رنگ مليل پاڻيءَ واري اڌ ڀريل بوتل ڪڍي ڏيکاري چوندو هيو ته “رات پيتو اٿم ٿورو بچي پيو آهي.”
ان اديب ڪرايي جا پئسا کيسي ۾ وڌا ۽ پوءِ خبر پئي ته هن اهو ڪتاب راڄ گهاٽ وٽ سنڌوءَ ۾ اڇلايو هيو. اهو اديب ڪڏهن نه سڌريو. ان هڪ سال ۾ ٽي سو پنجهٺ نالا بدلايا ۽ سندس آخري نالو ڏونگر هيو. هفتي جا ست ڏينهن روز ان جي منهن جو رنگ بدليل هوندو هيو. سومر تي ڪارو، اڱاري تي ڳاڙهو، اربع تي نارنگي، خميس تي هيڊو، جمعي تي سائو، ڇنڇر تي ناسي ۽ آچر واري ڏينهن جڏهن سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ ايندو هيو ته منهن اڇو هوندو هيو. ان اديب پوءِ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون ۽ هڪ مزار تي ويهي تعويذ لکندو هيو. هن جي تعويذن ۾ منهنجين ڪهاڻين جا جملا لکيل هوندا هيا، ڇو جو مان جڏهن به سنگت ۾ ڪهاڻي پڙهندو هيس ته هو تنقيد ڪندي پين کيسي مان ڪڍي ڪهاڻيءَ جي جملن هيٺان لڪيرون پائي چوندو هيو، “اهي غير ملڪي اديبن جا چورايل آهن.”
سو اهو شيشي جي گلاس ڀڄڻ جو قصو ائين آهي ته جڏهن مان موهن لال کان موڪلائي دير سان گهر موٽيس ته بابو سمهيل هيو. اڄ لڳي هئي. رنڌڻي ۾ وڃي گلاس کڻي پاڻي پي جيئن رکڻ وقت گهڻو احتياط ڪيم ته کڙڪو نه ٿي. گلاس هٿ مان ترڪي هيٺ ڪري پيو ۽ ڀڄي پيو، بابي اندران رڙ ڪئي “ڪنهن ڀڳو؟”
پوءِ اٿي ڏٺو. مان چپ ڪري بيٺل هيس.
“جيڪڏهن اسٽيل جي گلاسن هوندي اسان شيشي جا گلاس استعمال ڪنداسين پوءِ ائين ته ٿيندو.” هن چيو.
مان منهن خراب ڪري ڪمري ۾ ويس ته هو پويان آيو.
“ڪاڏي ويو هئين؟” هن پڇيو.
“ميلي ۾”
پوءِ هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ واپس ويندي چيو “پٽ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه، اهو ميلو لڳو ئي ان لاءِ هيو ته شيشي جو گلاس ڀڄي.”