ناول

جنگ ۽ امن

ھن ناول ۾ نئپولين جي روس تي چڙھائيءَ واري لڙائيءَ جي تاريخي پسمنظر تي روس جي ٽن امير ڪٽنبن جي زندگيءَ کي وٺي، روسين جو اُن جنگ طرف رد عمل نھايت ئي حقيقي ۽ ڪماليت جي انداز سان ڏيکاريو ويو آھي. جنگ جا دل ڏھڪائيندڙ نظارا ھجن يا صلح جا دلفريب منظر، ھڪ جيتري خوبيءَ سان بيان ڪيا ويا آھن. سئو سال گذرڻ باوجود بہ ھن ناول کي سڀني ٻولين جي ساھت ۾ اھم درجو مليل آھي. ھي ناول آھي تہ ھڪ ھزار صفحن تي پر ان جا ڪيترائي ننڍا ٿيل ڇاپا پڻ آيل آھن جن مان ھي ترجمو پڻ ڪيل آھي. 

Title Cover of book جنگ ۽ امن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جڳ مشھور روسي اديب ليئو ٽالسٽاءِ جي مشھور ناول War & Peace  جو سنڌي ترجمو ”جنگ ۽ امن“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار بھاري لال آھي.
ھن ناول ۾ نئپولين جي روس تي چڙھائيءَ واري لڙائيءَ جي تاريخي پسمنظر تي روس جي ٽن امير ڪٽنبن جي زندگيءَ کي وٺي، روسين جو اُن جنگ طرف رد عمل نھايت ئي حقيقي ۽ ڪماليت جي انداز سان ڏيکاريو ويو آھي. جنگ جا دل ڏھڪائيندڙ نظارا ھجن يا صلح جا دلفريب منظر، ھڪ جيتري خوبيءَ سان بيان ڪيا ويا آھن. سئو سال گذرڻ باوجود بہ ھن ناول کي سڀني ٻولين جي ساھت ۾ اھم درجو مليل آھي. ھي ناول آھي تہ ھڪ ھزار صفحن تي پر ان جا ڪيترائي ننڍا ٿيل ڇاپا پڻ آيل آھن جن مان ھي ترجمو پڻ ڪيل آھي. 
ھي ڪتاب 1985ع ۾ رابيل پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي