ٻاراڻو ادب

لاکو ڦلاڻي

لاکو ڦلاڻي سنڌ جو جوڌو جوان ۽ سورھيہ سردار ٿي گذريو آھي. ڪيئي ورھيہ اڳ، ھو سنڌ ۾، ڪڇ جي سرحد لڳ، ڪاڇي جي علائقي ۾ رھندو ھو. ھو ڏاٺ مڙسن، شاھوڪارن ۽ مالدارن تي ڌااڙا ھڻي غريبن جي مدد ڪندو ھو. ٻارن کي ھن ناول ۾ بھادري، حب الوطني، غريبن سان ھمدردي ۽ انسانيت جو درس ڏنو ويو آھي. 

Title Cover of book لاکو ڦلاڻي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ھڪ تاريخي ڪردار لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار تي ٻارن لاءِ لکيل ناول ”لاکو ڦلاڻي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو ليکڪ  ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي آھي.
لاکو ڦلاڻي سنڌ جو جوڌو جوان ۽ سورھيہ سردار ٿي گذريو آھي. ڪيئي ورھيہ اڳ، ھو سنڌ ۾، ڪڇ جي سرحد لڳ، ڪاڇي جي علائقي ۾ رھندو ھو. ھو ڏاٺ مڙسن، شاھوڪارن ۽ مالدارن تي ڌااڙا ھڻي غريبن جي مدد ڪندو ھو. ٻارن کي ھن ناول ۾ بھادري، حب الوطني، غريبن سان ھمدردي ۽ انسانيت جو درس ڏنو ويو آھي. 
ھي ڪتاب 1982ع ۾ ڪتابي دنيا، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي