سنڌ شناسي

سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا

ايم ايڇ پنھور صاحب سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا جي عنوان سان، سنڌ آرڪائيوز جي دعوت تي ھڪ ليڪچر ڏنو ھو. ھي ليڪچر قومي عجائب گهر ڪراچيءَ ۾ 9 ڊسمبر 1979ع تي منعقد ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ سنڌ آرڪائيوز پاران 1980ع ۾ ڪتابچي جي صورت ۾ ڇپيو ويو.ڪتاب ۾ مکيہ حاشيا ۽ نقشا پڻ شامل ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري تاريخدان ۽ زرعي ماھر ايم ايڇ پنھور جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا“ اوھان اڳيان پيش آھي جنھن جو سنڌيڪار غلام محمد لاکو آھي ۽ ترتيب عمر سومري ڏني آھي. 
ايم ايڇ پنھور صاحب سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا جي عنوان سان، سنڌ آرڪائيوز جي دعوت تي ھڪ ليڪچر ڏنو ھو. ھي ليڪچر قومي عجائب گهر ڪراچيءَ ۾ 9 ڊسمبر 1979ع تي منعقد ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ سنڌ آرڪائيوز پاران 1980ع ۾ ڪتابچي جي صورت ۾ ڇپيو ويو.ڪتاب ۾ مکيہ حاشيا ۽ نقشا پڻ شامل ڪيا ويا آھن. 
ھي ڪتاب 2016ع ۾ عمر سومرو اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي. ٿورائتا آھيون عمر سومرو صاحب جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي