لطيفيات

سنڌ جا سونھان شاھ – سچل

حميد سنڌيءَ پنھنجي ھن ڪتاب ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۽ سُرن تي تحقيقي مقالا ۽ تاثرات گهڻي چاھت ۽ محنت سان لکيا آھن. ڪتاب ۾ شاھ لطيف جي سُر سامونڊي، سارنگ، بلاول، ڪاموڏ، گهاتو، ڪاپائتي، بروو سنڌي، کاھوڙي، ڪارايل، مارئي ۽ ليلا چنيسر جو فڪري اڀياس پيش ڪيو آھي. ڪتاب ۾ سچ سرمست جي شاعريءَ ۽ فڪر بابت 8 مقالا شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 75
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جا سونھان شاھ – سچل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب حميد سنڌيءَ جو شاھ عبداللطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ جي فڪري اڀياس تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ جا سونھان شاھ – سچل“ اوھان اڳيان پيش آھي.
حميد سنڌيءَ پنھنجي ھن ڪتاب ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۽ سُرن تي تحقيقي مقالا ۽ تاثرات گهڻي چاھت ۽ محنت سان لکيا آھن. ڪتاب ۾ شاھ لطيف جي سُر سامونڊي، سارنگ، بلاول، ڪاموڏ، گهاتو، ڪاپائتي، بروو سنڌي، کاھوڙي، ڪارايل، مارئي ۽ ليلا چنيسر جو فڪري اڀياس پيش ڪيو آھي. ڪتاب ۾ سچ سرمست جي شاعريءَ ۽ فڪر بابت 8 مقالا شامل آھن.
ھي ڪتاب ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي