تصوف

ڪلام خوش خير محمد ھيسباڻي

ھن ڪتاب ۾ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جا سنڌي بي ۽ ڪافيون، سرائيڪي بيت ۽ ڪافيون ۽ ھندي ڪلام شامل آھي.  ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو: ”خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ هڪ نئين اصلوب توڙي نئين تاثر جو اظھار ڪيو آهي. خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪافين ۾ هر موضوع تي رومانيت جو وڻندڙ رنگ چڙهيل ملندو. خير محمد جي هر ڪافي مجاز جي رنگ ۾ رڱيل آهي. هن وٽ سونھن جو بيان سراپا تائين وڃيو پھچي. هن کي صوفياڻي فلسفي ۽ همہ اوست جي ڳوڙهن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت بہ پرينءَ جا پار نظر ٿا اچن. اُتر توڙي لاڙ ۾ اُن اصلوب جي انتھا هن ئي شاعر وٽ نظر اچي ٿي.“ 

Title Cover of book ڪلام خوش خير محمد ھيسباڻي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران صوفي شاعر خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جو مجموعو ”ڪلام خوش خير محمد ھيسباڻي“  اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڊاڪٽر تنوير عباسي آھي.
ھن ڪتاب ۾ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جا سنڌي بي ۽ ڪافيون، سرائيڪي بيت ۽ ڪافيون ۽ ھندي ڪلام شامل آھي.  ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو: ”خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ هڪ نئين اصلوب توڙي نئين تاثر جو اظھار ڪيو آهي. خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪافين ۾ هر موضوع تي رومانيت جو وڻندڙ رنگ چڙهيل ملندو. خير محمد جي هر ڪافي مجاز جي رنگ ۾ رڱيل آهي. هن وٽ سونھن جو بيان سراپا تائين وڃيو پھچي. هن کي صوفياڻي فلسفي ۽ همہ اوست جي ڳوڙهن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت بہ پرينءَ جا پار نظر ٿا اچن. اُتر توڙي لاڙ ۾ اُن اصلوب جي انتھا هن ئي شاعر وٽ نظر اچي ٿي.“ 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1982ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2008ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ  پاران ڇپايو ويو. جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي