فصل 1: بکر لوهڙي ۽ آسپاس وارو ملڪ
بود ”نامي“ صاحب ملڪ سخن ۽ اڪبر بادشاهه جي تاريخ هن جملي سان ٿي نڪري فوت اڪبر شه مير معصوم شاهه جي پٽ جو نالو مير بزرگ هو. انهيءَ جو اولاد گھڻو ٿيو ۽ اڃا آهي، جو بکر ۽ سکر ۾ رهندر اچي. سندس ملڪي ڪم سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندا، هتي ڏوپئي نٿا سگھجن.
2_ اڳي سنڌ ۾ اُچ ۽ ملتان به شامل هوندا هئا. اُچ ۾ سيد جلال بخاري يعني مخدوم جھانيان جي اولاد ۽ مريدن مان به گھڻا بزرگ عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا، انهن مان هڪڙو شيخ محمد علي بن عبدالواسع هو، جو هڪڙو وڏو صوفي بزرگ هو ۽ چڱو شاعر هوندو هو. بخاري سادات جو سارو شجرو شعر ۾ آندو اٿس.
ملتان ۾ وري ساڳيءَ طرح شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ اتي جي شيخ الاسلام ۽ اولياء جي اولاد ۽ مريدن مان به گھڻا مشهور عالم فاضل ٿي گذريا. انهن مان مشهور هيءُ آهن: شيخ فخرالدين عراقي ۽ امير حسيني جنهن ڪتاب ڪنزالرموز، ۽ ”زادالمسافرين“ ۽ ”نزهـﺔ الارواح“ تصنيف ڪيا.
فضلي به مشهور عالم ۽ شاعر هو. ناصرالدين قباچه سنڌ جي حاڪم جي صحبت۾ رهندو هو. گھڻو شعر چيو اٿس، جنهن ۾ سندس تخلص ”فضل“ آهي. سعيد قريشي به اتي جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. شاهزادي مراد بخش بن عالمگير جو ملازم هوندو هو.
3_ بکر جي مشهور ماڻهن مان مير جان شاهه رضوي به هو، جو مير حيدر شاهه جي اولاد مان هو ۽ شاهه عنايت الله صوفيءَ جو مريد هو ۽ خليفو به هو ۽ روهڙيءَ ۾ رهندو هو. اڃا تائين سندس گادي هلي اچي. شعر تمام چڱو چوندو هو. خلاصو ديوان اٿس. سندس تخلص ”مير“ آهي.
4_ الور جي مشهور عالمن مان قاضي اسماعيل هو، جو محمد شيباني بن عثمان ثقفي جي اولاد مان هو. جنهن کي محمد بن قاسم سنڌ وٺڻ بعد اتي جو قاضي ۽ خطيب ڪري رکيو هو. انهيءَ جي اولاد مان هڪڙو ٻيو به قاضي اسماعيل هو، جو عالم ۽ فاضل هو ۽ سنڌ جي فتح جو احوال عربيءَ ۾ لکيو هئائين. سنه 600 هه ۾ علي بن حامد ڪوفي، جو اُچ ۾ رهندو هو، تنهن انهي قاضيءَ کان اهو احوال وٺي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تان ”چچ نامي“ جو ڪتاب ٺهيو.