شاعري

خيال

موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلھڙيجي سان تعلق رکندڙ زيد پيرزادو پيشي جي لحاظ کان هڪ مائڪروبايولاجسٽ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آھي. زيد پيرزادي کي سندس والد انور پيرزادي ۽ ڀائرن امر پيرزادي ۽ زرار پيرزادي جيان شاعريءَ ۽ ادب جو رنگ چڙهيل آهي. سندس هن ڪتاب ۾ خيال، موضوع ۽ انھن سان نڀاءُ نرالو آهي.  هن باريڪ بينيءَ سان هر خيال کي لفظن جو ويس پارايو آهي. هن ڪتاب جو هر نظم Quote ڪرڻ جھڙو آهي. هر ”اظھار ۽ خيال“ سوچ ۽ لوچ پيدا ڪندڙ آهي. سندس نظمن ۾ روشن خيالي، ترقي پسندي، محبت، ڌرتيءَ سان عشق ۽ انسانيت سان پيار هر هنڌ نمايان آهي.

Title Cover of book خيال

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر ۽ نثر نگار زيد پيرزادي جي نثري نظمن جو پھريون مجموعو ”خيال“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلھڙيجي سان تعلق رکندڙ زيد پيرزادو پيشي جي لحاظ کان هڪ مائڪروبايولاجسٽ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آھي. زيد پيرزادي کي سندس والد انور پيرزادي ۽ ڀائرن امر پيرزادي ۽ زرار پيرزادي جيان شاعريءَ ۽ ادب جو رنگ چڙهيل آهي. سندس هن ڪتاب ۾ خيال، موضوع ۽ انھن سان نڀاءُ نرالو آهي.  هن باريڪ بينيءَ سان هر خيال کي لفظن جو ويس پارايو آهي. هن ڪتاب جو هر نظم Quote ڪرڻ جھڙو آهي. هر ”اظھار ۽ خيال“ سوچ ۽ لوچ پيدا ڪندڙ آهي. سندس نظمن ۾ روشن خيالي، ترقي پسندي، محبت، ڌرتيءَ سان عشق ۽ انسانيت سان پيار هر هنڌ نمايان آهي.
ھي ڪتاب 2019ع ۾انور پيرزادو اڪيڊمي پاران پيڪاڪ پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون زيد پيرزادي جا جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي