شاعري

جدائي جي جزيري تي

شھمير سومرو سنڌ جو اهو سھڻو ۽ سيبتو ڪوتاڪار آهي، جنھن پنھنجي منفرد لب و لھجي ۽ انوکي اسلوب سان سنڌ جي ادبي آکيري ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. نئين ٽھيءَ ۾ غزل جھڙي حسناڪين سان ڀرپور صنف کي پنھنجي محبوبا بڻائيندڙ هن قلمڪار پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو آهي. پنھنجي غزلن ۾ منفرد رديفن جي چونڊ ۽ انھن سان بھترين نڀاءُ هن شاعر کي همعصرن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. شھمير جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ جي سونھن جا عڪس بہ آهن، عاشق جي دل جا رقص بہ آهن، مٽيءَ جي مهڪ بہ آهي تہ ڌرتيءَ جا ڏک بہ آهن. هن ڪويءَ وٽ خيالن جي کاڻ ۽ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 32
  • 21
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جدائي جي جزيري تي

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: جدائي جي جزيري تي
موضوع: شاعري
ليکڪ: شهمير سومرو
ڇاپو پهريون: 2020ع
ٽائيٽل: مهراڻ سهتو
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
دوابا پوليس لائين سامهون عبرت پريس گاڏي کاتو حيدرآباد
03003513966
مُلهه: 250/=

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

اسٽاڪسٽ:
* سمبارا ڪنول بڪ هائوس حيدرآباد، * ڪنگ پن بڪ ڪلب حيدرآباد، * ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد *مهراڻ ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو * رابيل ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو * انٽيل ڪـميونيڪيشنز، حيدرآباد * سنڌ بڪ ڪلب، نواب شاهه * پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد/لاڙڪاڻو * ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو.

ON THE ISLAND OF SEPARATION
Book Name: On the island of separation (Poetry)
Written by: Shahmir Soomro
1st Edition: 2020
Published by: Sambara Publication Hyderabad
Email: sambara.publication@gmail.com

ارپنا

ارپيم هنن پيارن کي
جن لاءِ جيترا به ڪتاب لکان گهٽ لڳندا
منهنجي مٺڙي امڙ ممتاز گل
بابا سائين علي گل سومرو
ڏک سک جي ساٿياڻي رخسانا شهمير
ٻچڙي لکمير حسين کي ۽ هر ان من کي
جنهن ۾ سچ ۽ پيار جو گل ٽڙيل هجي.

ــــ شهمير سومرو

سنڌسلامت پاران :

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر شھمير سومري جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”جدائيءَ جي جزيري تي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن ۾ غزل، نظم ۽ وايون شامل آھن. جواد جعفري لکي ٿو:
”شھمير سومرو سنڌ جو اهو سھڻو ۽ سيبتو ڪوتاڪار آهي، جنھن پنھنجي منفرد لب و لھجي ۽ انوکي اسلوب سان سنڌ جي ادبي آکيري ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. نئين ٽھيءَ ۾ غزل جھڙي حسناڪين سان ڀرپور صنف کي پنھنجي محبوبا بڻائيندڙ هن قلمڪار پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو آهي. پنھنجي غزلن ۾ منفرد رديفن جي چونڊ ۽ انھن سان بھترين نڀاءُ هن شاعر کي همعصرن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. شھمير جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ جي سونھن جا عڪس بہ آهن، عاشق جي دل جا رقص بہ آهن، مٽيءَ جي مهڪ بہ آهي تہ ڌرتيءَ جا ڏک بہ آهن. هن ڪويءَ وٽ خيالن جي کاڻ ۽ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آهي.“
ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون شھمير سومري ۽ سمبارا پبليڪيشن جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ: خيالن جون جهوپڙيون

شاعري جي دنيا جو خاص محور ڏک آهي ۽ جڏهن ڏک شاعر جي اندر جي ڪائنات کي ڏانءُ ڏيندا آهن ته هن جي خيالن جا جهانَ ڏونگرن ۾ ڀڀڙ ٿي ڀڙڪندا آهن. جنهن کان پوءِ لفظ پڪن گهڙن جيان راس ٿي پنن تي ٻيڙين جو روپ وٺي سانوڻ جي سنڌوءَ ۾ جهومندا ۽ ترندا پنهنجي منزلن جو پنڌ ڪندا آهن. ان لاءِ نه ڪنهن سونهين جي ضرورت هوندي آهي، نه ناکئي جي، سڀ ڪجهه پاڻ مرادو ٿي وڃي دنگ تي رسندو آهي. شاعري پنهنجي ڪاڪ محل کي شاعر جي ڳچيءَ ۾ راڻي جي ڪاميابيءَ جي مالها پهرائي گد گد ٿيندي آهي.
شاعر شهمير سومري جي شاعريءَ جو منظر نامو به هوبهو ائين ئي آهي. هن جا لفظ خيالن جون جهوپڙيون ٺاهي پاڻ ئي انهن جا ڏيئا بڻجي پون ٿا. جنهن جي سوجهري ۾ پڙهندڙ جو مَنُ مست ٿي رقص ڪرڻ لڳي ٿو ۽ آس پاس جي دنيا کي تَرڪ ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هو جڏهن چوي ٿو ته؛
گهاوَ منهنجا گلابن جيان ٿا ٽڙن،
سور رابيل ٿيندو وڃي ٿو پرين.
ته سچ پچ پڙهندڙ تي اهي غير معمولي صورت ۾ اثر انداز ٿين ٿا. هو شهمير کي قافين رديفن جون لسٽون اڳيان رکي شاعري ڪندڙ شاعرن کان بلڪل ڌار ڪري، من ئي من ۾ داد ڏيڻ جي اهڙي تعظيم وارو دڳ ٿو وٺي، جنهن جي حد نگاهه تائين مصنوعيت ۽ جُڙتو “واهه واهه” جو تِرَ جيترو به عمل دخل ڪو نه ٿو لڳي.
تلخ ماضيءَ جي تصوير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
ياد جي هن وڏي وير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
مون کي توسان ملڻ ڪو نه ڏيندي مٺي،
مون کي پنهنجي ئي تقدير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
مان محبت جون ڳالهيون ڪندو ٿو وتان،
هو چوي ٿي ته شهمير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

صدمن ۽ لڙڪن کي دل ۾ ۽ پاڻ وٽ عيد ڪرائڻ وارو هي شاعر يگانگيءَ جي عالم ۾ جنهن وقت محبوب کي ڏوراپي جي نموني ۾ خوشيءَ کي ڀاڪر پائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ۽ دردن کي پاڻ وٽ عيد ڪرائڻ جو انوکو فڪر پيش ڪري ٿو، ته مينهوڳيءَ ۾ مور جا ٽهوڪا اڳيان ٿا اچن. ۽ جڏهن اڃا به اڳتي وڌي چوي ٿو ته؛
ڦٽ سمورا روئي پيا هن،
زخمن مون وٽ عيد ڪئي آ.
ته نه رڳو هن جي شاعريءَ تي رشڪ اچي ٿو، پر ٽپو ڏئي ازخود هن کي پنهنجي ڳچيءَ جو سونو هار بڻائڻ تي به دل اڇلون ٿي ڏئي. ڇو ته هو، هي پير مَنَ کي جهير ڏئي پوءِ ٿو کڻي ۽ بي ترتيب لفظن کي سمنڊ جي ڇولين جهڙي ڀاڪر ۾ ڀري پوءِ ئي اهڙي رواني ٿو ڏئي، جنهن سان نه صرف منظر خوبصورت ٿو ٿئي، پر ان جو پس منظر اڃان به گهڻو خوبصورت ٿي اڳيان ٿو اچي.
ڏينهن آتو مليو رات آتي ملي.
منهنجي جوڀن کي ڪنهن جي نه ڇاتي ملي.
¬¬
زندگي آنءُ جنهن سان گذارڻ گهريم،
سا جڏهن ڀي ملي حادثاتي ملي.
تلخ لهجو اندر کي ڪپيندو ويو،
ڄڀ هن کي نه ڄڻ تيز ڪاتي ملي.

ٽڪ جي رلهيءَ وارن رنگن سان سجايل هن جي شاعريءَ جي هنن سِٽن تان جڏهن ديد جي سفر جو گذر ٿئي ٿو ته؛
محبوب سان پيار جي مون حد ڪري ڇڏي.
آزار سان قرار جي مون حد ڪري ڇڏي.
آيون ضرور وقت جي ڏندن ۾ آڱريون،
اهڙي ته انتظار جي مون حد ڪري ڇڏي.

۽ ان ئي غزل جو هي بند ته؛
حاوي نه ٿي وڃي صفا هي درد مون مٿان،
مرڪي تڏهن بهار جي مون حد ڪري ڇڏي.
پڙهي، ٻه منٽ سندس سموري بياض کي پري رکي، انهن جي گهرائي ۾ وڃجي ٿو ته، ان راءِ کي منڊيءَ تي ٽِڪَ ڪري ٿو وٺجي، ته هي غزل نئين سنڌي غزل جي تاريخ جو بنا ڪنهن وڌاءَ جي سر موڙ غزل ٿو محسوس ٿئي. جنهن جي سونهن جون تجليون وقت جون اکيون کيريون ڪري ٿيون ڇڏين.
توتي جيئن ئي مرڻ لڳو آهيان.
سچ پڇين مان جيئڻ لڳو آهيان.
حال مون کان پڇڻ تون آئين آن،
آنءُ ڏس خوش ٿيڻ لڳو آهيان.

شاعري زندگيءَ جي محبوباڻين ادائن، ناز نخرن، نفيس رسامن پرچائن ۽ مينديءَ رتل ٻن هٿن جي تاڙيءَ جي نرالن آوازن ۾ساهُه کڻندي آهي ۽ مستيون ۽ موجون ان جي لازواليءَ کي يقيني بڻائينديون آهن. شهمير سومري جون ڪيتريون ئي سٽون ان ڪسوٽيءَ تي لهندي پڙهندڙن جي اڃارن ذهنن کي آب حيات جا چشما فراهم ڪن ٿيون.

زندگيءَ کي وقت ڇاڻيءَ ۾ ڇڏي.
وڃ نه مٺڙي اڌ ڪهاڻيءَ ۾ ڇڏي.
تون ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مرڪي پئي،
پر وڃي ٿي باهه پاڻيءَ ۾ ڇڏي.
تنهنجي پيرن جي مٺي مان خاڪ کي،
خوش ٿيان ٿو، سرمي داڻيءَ ۾ ڇڏي.

ڦوهه جوانيءَ کان ٿورو اڳتي وڌندڙ شهمير سومري جي شاعريءَ سان عشق جو ڪو نئون پيچ ناهي پاتو، پر هن ان جي نينهن جي ابتدا ننڍپڻ جي سانڀر پرائڻ سان ئي ٿي هئي ۽ تڏهن کان ئي هن تي اکرن جا گل ٽڙائڻ ۽ لفظن جا پوپٽ اڏائڻ جو جنون طاري ٿيو هو. جيڪو جوانيءَ جي پهرين ڏاڪن سان سنڌي ادبي سنگت، ڏوڪريءَ جي ادبي ڪلاسن ۾ نشانبر ٿيو هو ۽ اتان اتساههُ وٺي پاڻ تي تمام گهڻي ذمينداريءَ جو بارُ کڻي اڳتي وڌيو هو ۽ تڏهن ئي هن ههڙي سوچ وارو انوکو غزل لکيو هو ته؛

سانوري آرس ڀڄي مرڪي پئي.
شاعري آرس ڀڄي مرڪي پئي.
دل جي صحرا تي وٺو اڄ پيار آ،
زندگي آرس ڀڄي مرڪي پئي.

رچنا جي پنهنجي ۽ بنهين مختلف رڻ ۾ ٽاڪ منجهند به هو پنهنجي ٿو تخليق ڪري، ته ڇانوَ وارا وڻ به پنهنجي ئي اکرن مان ٿو پيدا ڪري. ڪنهن به ٻئي شاعر جي پيرن تي پير ڌري، ان جو پيچرو وٺي شاعري ڪرڻ هن جي خمير ۾ شامل ناهي. تڏهن ئي هن جي سوچ جو ڪڪر، پنهنجي ڌار سڃاڻپ سان هن جي من جي مسافر سان همسفر ٿي هليو آهي ۽ هلندو ٿو رهي.

مٺو محبوب آيو آ دعائون موج ۾ آهن.
پرين درشن ڪرايو آ نگاهون موج ۾ آهن.
خبر ئي ڪو نه پئي موسم بدلجي وئي پرين پهتو،
وڻن گهنگهرو ٻڌا آهن هوائون موج ۾ آهن.
سڪا وڻ ٿي پيا ساوا ٿڙن ۾ ساهه پئجي ويو،
ڪڪر برسي پيا آهن ۽ راهون موج ۾ آهن.
ٽڪو جهالا ڪجل سرخي منڊيون چوڙيون ٿيون ڳالهائن،
سچي هي دل ٺري پئي آ ادائون موج ۾ آهن.
يا،
دل چوي ٿي اڏي زندگي گهورجي.
سونهن تان اڄ ڪڏي زندگي گهورجي.
پيار سان جي نهاري پياري پرين،
تن اکين ۾ ٻڏي زندگي گهورجي.

شام جو جهولندي گنگنايئي جتي،
پينگهه ان تان لڏي زندگي گهورجي.

هيئن، هن انداز سان احساسن جا اڻڳڻيا موکين وارا مَٽَ متارن کي پيار جي نين نين نزاڪتن سان پيئاري، ماري ماري اهڙو نئون جياپو ارپين ٿا، جيڪو پٿر کي غير روايتي نموني تراشي ڪنهن سنگتراش جي نالي کي تا ابد زندهه ڪري ڇڏيندو آهي.
مان ورهايان پيار ٿو جڳ ۾ مگر،
هنيانوَ تي جڳ مڱ ڏرڻ لئه منتظر.
مهرباني ڪر ۽ ڇٽ ناراضگيون،
ڦٽ سوين آهن ڪرڻ لئه منتظر.
ائين وڏيرو ڳوٺ جي امداد لئه،
ڳوهه وانگي سڀ ڳهڻ لئه منتظر.

نئين سوچ جي سوين گلن جي هٻڪار سان تشبيهن کي سينگاري نوان نوان گلدستا ٺاهيندڙ شهمير سومرو پنهنجي حياتيءَ جي شاعراڻي سفر ۾ جيڪڏهن ائين ئي ۽ اهڙا ئي جذبا کڻي اڳتي وڌندو رهيو ته پنهنجي نالي کي دوام بخشڻ ۾ ته ضرور ڪامياب ويندو پر شاعريءَ کي به نيون ڪائناتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪيئي سڦلتائون ماڻيندو.


محمد علي پٺاڻ
لاڙڪاڻو
2020ع

شهمير هڪ صوفي منش شاعر

شاعري شعور جي زبان هجي ٿي، جنهن سان شاعر زندگيءَ ۾ درپيش ايندڙ ظاهري توڙي باطني، داخلي يا خارجي مامرن کي لفظن جي سٽ سان اڻي ٿو. شاعري انهن سڀني درپيش ايندڙ منفي روين جو اهڃاڻ هجي ٿي، جيڪي ماڻهن جي نفيس احساسن سان ٽڪرائجي، ماڻهونءَ کي ڀڃي ڀوري ڇڏين ٿا ۽ اهڙي طرح هڪ شاعر نه صرف دک، درد، يا غم ۽ خوشيءَ جي لمحن جو ترجماني هجي ٿو، پر انهن سمورن واقع ٿيندڙ ڳالهين کي اجري پوشاڪ پارائي عام آڏو پيش ڪري ٿو. شاعر پنهنجي سوچ سان سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي سپون تلاش ڪري موتين جي مالها ٺاهي ٿو ۽ ڪائنات جي فطري سونهن کي غزلن، واين ۽ گيتن ۾ نيروليءَ وانگي رنڱي ٿو، ڪڏهن بکي پيٽ جي اندر جي پيڙا جي ڳالهه ٿو ڪري ته ڪڏهن چڪور بڻجي چنڊ سان ٿو ڳالهيون ڪري، هڪ سٺو شاعر بي پهچ ۽ لاچار ماڻهن جي ۽ قومن جو آواز هجي ٿو. اهڙو ئي سنڌ جو هڪ مسڪرائيندڙ، صوفي منش ۽ اتساهه ڏيندڙ شاعر شهمير سومرو جنهن جي شاعري علم عروض جي ضابطن ۽ قاعدن جي ٻنڌڻ سان ٻڌل، گٽار جي تارن تي رقص ڪندڙ سرن جهڙي محسوس ٿئي ٿي. شهمير جو تعلق هڪ اهڙي پرڳڻي جي مٽيءَ سان سلهاڙيل آهي، جتان جي تهذيبي تاريخ اٽل 5000 هزار سال پراڻي آهي ۽ اتي جي علائقي جا ماڻهون اڄ به تهذيب ڀريا، باشعور سياسي توڙي سماجي طور ۽ سجاڳ آهن. جن ۾ ڪيترائي وڏا نالا اچي وڃن ٿا، جي لکبا ته وڏي لسٽ ٺهي ويندي، جن مان شاعري جي موضوع جي حوالي سان موجوده دور ۾ سندس نالو سر فهرت آهي.
شهمير جي شاعريءَ ۾ ديس واسين جو درد، پيڙائون ۽ محبوب جو ذڪر شامل آهي ۽ سندس جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل بهترين قافيه، ڊگها رديف، شاعرن جي صف ۾ منفرد ڪري ٿا بيهارين. شهمير جو پهريون ڪتاب “اکڙين جي ڀاڪر ۾” ڪجهه عرصو اڳ آيل آهي ۽ هي سندس ٻيو ڪتاب “جدائي جي جزيري تي” جنهن ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آهن. جن مان چند شعر هيٺ ڏجن ٿا.
پيو آ خيال ۾ گهاڻو،
۽ جذبو دار تي پيو آ.
۽ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته،
زندگي گهارڻ گهري سي صوفين جي شهر ۾.
عمر گذري ڏک اهو آ ڪوفين جي شهر ۾.
يا،
ڦاٽل لٽا، جُتڙي ڇنل، اکڙيون ڀنل،
ان ٻار کي، ٻي ٻار کان ترجيح ڏي.

شهمير جي شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ کان علاوه استعمال ٿيل ٻوليءَ جي نفاست ۽ فڪر پڻ نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو استعمال ڪيل ٻولي بلڪل سادي، سلوڻي ۽ موضوع مطابق رچيل آهي. هونئن به شاعريءَ ۾ ٻولي جان هجي ٿي، ڇو جو شاعريءَ ۾ خيال جي وسعت ۽ فڪري اڏام سان گڏوگڏ ٻوليءَ جو مناسب هجڻ به ضروري آهي. بهرحال اميد آهي ته شهمير جو هي پورهيو جدائي جي جزيري تي جڙيل پيار جي منزل تي ضرور رسائيندو.

منتظر سومرو
لاڙڪاڻو

اندر جو آواز

سنڌي شاعري جي افق تي هميشهه ستارن جي جهرمٽ رهي ٿو، تن مان ڪجهه وڌيڪ چمڪن ٿا ۽ ڪجهه ڌنڌلا رهن ٿا، انهن روشن ستارن مان نوجوان شاعر شهمير سومرو پنهنجي روشن خيالي ۽ منفرد شاعري جي ڪري پنهنجي آب تاب سان شاعري جي روشني پکيڙيندو رهي ٿو، سندس فن ۽ فڪري سوچ هر پڙهندڙ جي دل ۾ پنهنجا اڻ مٽ نقوش ڇڏي ٿي سندس هر شعر ۾ نواڻ دل جي تارن کي ڇهندي محسوس ٿيندي آهي.
شهمير ڌرتيءَ تي فطرت جي حسين رنگن سان پيار ڪرڻ وارو شخص آهي، هن جي شاعري ۾ قوم ۽ انسانيت سان پيار جو درس ڏنل آهي، شهمير عروضي علم جي ڄاڻ رکندڙ فني ۽ فڪري لحاظ کان هڪ مضبوط شاعر آهي.
شهمير جي شاعري جي مطالعي کان پوءِ هر هڪ جي اها راءِ ضرور آهي ته سندس شاعري ۾ انساني جذبن جي ترجماني ڀريل ملندي، شاعري خيالي ۽ تصوراتي شين جي بجاءِ حقيقت ۾ پنهنجي شعرن ۾ سمائي ڇڏيو آهي، شهمير شاعري ۾ هميشه وطن جي مٽي ۽ محبت کي موضوع بڻايو آهي سندس شاعري سونهن سچ ۽ پيار جو اولڙو آهي، طبيعتن ماٺيڻو، محبت ڀريو لهجو سندس رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، سندس هر شعر ۾ وفا، محبت، پيار ۽ خوشبوءَ موضوع رهيو آهي، هن زندگي جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا پنهنجي شاعري ۾ نهايت سادگيءَ سان بيان ڪيا آهن.
شهمير يار جو يار ۽ محبتي ماڻهو آهي جيڪو نه صرف ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر ان جو عملي ثبوت به آهي ڏکي ويل دوستن سان گڏ هوندو آهي. سندس شاعري ۾ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جو درد ۽ پيار جو جذبو خوب جهلڪي پيو جيڪو ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته هن وٽ کوکلا نعرا ناهن سندس شعرن کي اڪثر قومي جلسن ۽ تقريرن ۾ حوالا طور به پڙهيو وڃي ٿو.
اهو ان جو ثبوت آهي ته هي وطن سان حب رکندڙ سڄاڻ شاعر آهي. سندس شاعري سادگيءَ سان پرُ، برجستگي، غفائيت، بي باڪي، مٽيءَ جي هڳاءُ ۽ فڪر سان لاڳاپا رکندڙ آهي. سندس ٻولي ٺيٺ سنڌي ٻولي آهي شهمير جي شاعري ۾ مڻ محبتون، چين جو چاهتون، اندر جون الفتون، روح جون رغبتون، تانگهه واريون تهمتون، سڪ واريون ساعتون، هجر جون حقيقتون، هڙئي حسرتون، جذبن جو شدتون ۽ درد جون لذتون سمايل آهن.
شهمير محض فرضي ناهي لکيو هن جو هر لفظ هر شعر هڪ انسان جي اندر جو آواز آهي، ٻيائي، دوکي دولاب، بغض، ڪينو ۽ حسد ته سکيو ئي نه آهي، اهو ئي سبب آهي جيڪو ساڻس هڪ دفعو ملي ٿو ته سندس گهڻو ويجهو ٿيو وڃي، سچ ته شهمير حسن پرست، فطرت، سونهن، سچ ۽ ڌرتيءَ جو سفير آهي. شهمير نئين ٽهي جو سهڻو شاعر جنهن پنهنجي محنت ۽ مشقت سان پنهنجي هم عصر شاعرن ۾ چڱي خاصي مقبوليت ماڻي ورتي آهي شهمير جي شاعري فني ۽ فڪري اعتبار کان نهايت پختي ۽ پڪي آهي منهنجي اها دعا آهي ته شل سندس ڏات کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ سندس ڏات ڪڏهن به مات نه کائي سدائين فڪر ۽ فهم شاعري جي آسمان تي روشن آفتاب وانگي چمڪندو رهي.

زيب ڪنگو
ڪراچي

پنهنجي پاران: محبت جو ثمر

الائي وقت ڪيئن گذريو،
خبر ئي ڪا نه پئي خود کي،
لکيم احساس ڪاغذ تي ته ٿيندي شاعري ويئي.
سڀن سڄڻن ٿي ساراهيو.
محبت جو ثمر آهي.
گهڻا ئي عيب آهن پر لڪن ٿا پيار پاڇي ۾،
جڏهن ٿو آنءُ سوچيان هي،
ڀلا مون وٽ ٻيو ڇاهي،؟
سوا هڪ يار پنهنجي جي،
دنيا دولت اهائي آ،
گهڻو ئي آنءُ خوش آهيان،
تڏهن ڀي مان سبان ويٺو،
ٿيو جو پاند پرزا آ،
نئون مون وٽ ڀلا ڇاهي!
اهي ئي لفظ تشبيهون ۽ ترڪيبون،
کڻي ترتيب سان رکيم،
اوهان جو پيار پارس آ،
سڃڻ سان سون ٿيندو هان.
اچن ٿا لفظ لارون ٿي وڃي ٿو ڏانءُ پوئيندو،
سٽن جي تند ۾ موتي سموئي سڀ وجهان ٿو مان،
ڳچيءَ ۾ هار ٺاهي هڪ،
اهو سينگار منهنجو آ.
عشق جو سمنڊ گهرو آ،
جدائي جي جزيري تي بڻايل شعر هي منهنجا،
بتيلا ڪاغذي آهن،
مٿان طوفان اچڻو آ،
لڳي ٿو موسمن پنهنجو وري آ منهن ڇڏيو ڦيري،
گهڻائي داخلي ۽ خارجي احساس اڻيا هن،
لڏن لهرن جي وچ ۾ ٿا،
اگر ان مان ڪٿي ڪو خيال يا ڪو شعر موهي ٿو،
ته منهنجي ڪاميابي آ،
سفر سارو سڦل آهي.
سدائين آنءُ رهندو هان،
اڃا سڪ جي پناهن ۾،
حياتي مختصر آهي پرين جي ساڻ هوندو آ.
ائين لڳندو الئه ڇو آ، جدا جي يار هوندو آ،
وڙهي ٿو وقت هر پل پوءِ،
ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي منهنجي،
جڏهن تنها هجان ٿو مان،
رهان ٿو خوفزده ڇو،
ڪڏهن ميلي ۾ تنهائي ڪڏهن تنهائي ۾ ميلو،
حقيقت ۾ ڏسان ٿو شاعري ڀي آرسي آهي،
ڏسي سگهجي ٿو اندر کي،
اندر جي ساري منظر کي،
ڪڏهن گهرکي، ڪڏهن تر کي،
ڪڏهن ٿر کي، سفر جي ساري منظر کي،
امبرکي ۽ ستارن کي،
پيارن جي سهارن کي،
سڄو اجرو پيو آهي،
وري ڀي آنءُ ٿورائتو،
ٻئي جوڙي هي هٿڙا ٿو،
مڃان مان شڪريو سڀ جو،
خصوصن ساڻ سڄڻن جو،
ڇپائي لاءِ اتساهيو،
تڏهن منهنجو،
پڳو آ پيار جو پورهيو اوهان جي ريشمي هٿ ۾،
ڪجو احوال کان واقف،
سدا اوسيئڙو رهندو.

اوهان جو پنهنجو.
شهمير سومرو
مراد واهڻ محلو لاڙڪاڻو
03003428619
Shahmeeralisoomro111@gmail.com

حمد ۽ نعت

---

حمد شريف

ٻاجهه وارا ٻاجهه ڪر تون مصطفى جي واسطي.
در گذر ڪر سڀ خطائون مجتبى جي واسطي.

عيب مون ۾ اڻ ڳڻيا هن سڀ ڍڪيندين يا خدا،
بس شفيع المذنبين نورالهدى جي واسطي.

مان نه ماريو نفس کي آ نفس ماريو آ مون کي،
نفس کي ماريان ڪا سگهه ڏي ڪبريا جي واسطي.

منهنجي روزيءَ منجهه اماڻج برڪتون ئي برڪتون،
هٿ کڻي توکان گهران ٿو مان دعا جي واسطي.

زندگيءَ جا چار ڏينهنڙا خير سان گذري وڃن،
ذڪر تنهنجو ڪافي آ دارون دوا جي واسطي.

بخش سڀ شهمير جا تون زندگيءَ وارا گناهه،
سڀ نبين جي سهڻي آقا پيشوا جي واسطي.

نعت شريف

مرسل مٺو جو آيو، ڪڪرن خوشي ملهائي.
ڌرتيءَ جي دل ٺري پئي، عرشن خوشي ملهائي.

سردار جيئن جو ڄائو، خوش ٿي پيا پيغمبر،
ڳوٺن ۾ رنگ لڳي ويا شهرن خوشي ملهائي.

رحمت سندا ڪنارا ٻڏندن کي ها ملي ويا،
لهرن جشن ملهايو بحرن خوشي ملهائي.

موسم بهار آيو آقا جي آجيان لئه،
وڻ ٽڻ پيا ها جهومي پٿرن خوشي ملهائي.

ڪوڙا ها کوهه جيڪي سارا مٺا ويا ٿي،
ماڻهن خوشي ملهائي ملڪن خوشي ملهائي.

مرسل جا ڏند مبارڪ موتين جا سڀ ها داڻا،
اجراڻ کي پسي ڪل هيرن خوشي ملهائي.

حجري ۾ ويهي روضي اطهر جو ڪريان درشن،
ورهن جي سڪ لاهي نظرن خوشي ملهائي.

خوشبوء اچي رهي آ شهمير خوبصورت،
مون نعت جيئن لکي آ اکرن خوشي ملهائي.

نعت شريف

محمد مصطفى آيو هوا سرهاڻ ڦهلائي.
مٺي محبوب جي هر هنڌ خدا واکاڻ ڦهلائي.

خدا جي لاڏلي پنهنجا رکيا جو پير ڌرتيءَ تي،
مٽيءَ ۾ ساهه پئجي ويو ڪڪر آلاڻ ڦهلائي.

خوشيءَ جي لهر جهومي پئي سڄو ماحول مهڪي پيو،
سڪا وڻ ٿي پيا ساوا، سرنهن پيلاڻ ڦهلائي.

ستارا رات ڦهلايا، مٿي شمس الضحى جي لئه،
افق ڳاڙهاڻ ڦهلائي شفق لالاڻ ڦهلائي.

جهالت جي انڌيري کي اچي مرسل ڏني تيلي،
اڃا ٿي روشني پهچي اها چانڊاڻ ڦهلائي.

نماشا وقت مرڪڻ سان، وڃايل سئي لڀي ٿي پئي،
وڏي مصباح موهيندڙ هئي اجراڻ ڦهلائي.

شفيع المذنبين، رب پاڪ جو پيغام پهچائي،
ڪليم الله، نبي ناشر، جزا جي ڄاڻ ڦهلائي.

دنيا ۽ آخرت جي لئه ڀري ڇڏ ڀاڳ سان هادي،
اچي شهمير دامن آ، دعا جي ڪاڻ ڦهلائي.

غزل

---

اکيون مليون اکين سان اکين جا ٿڪ لهي پيا

اکيون مليون اکين سان اکين جا ٿڪ لهي پيا.
محبوب جي ٻکن ۾ صدين جا ٿڪ لهي پيا.

هن جي چپن تي منهنجي خواهش سمهي پئي آ،
مرڪي جو هن ڏٺو آ دلين جا ٿڪ لهي پيا.

منهنجي شهر جا وڻ سڀ جهمريون هڻي رهيا ها،
ڪلهه شام هوءَ آئي ڳلين جا ٿڪ لهي پيا.

ڀر واري ڳوٺ مان هو پاڻي ڀري جو موٽيون،
سکين کي ٿي پيو ٿڪ، دکين جا ٿڪ لهي پيا.

اڄ چين آهه مليو زلفن جي ڇانوري ۾،
سڀ سور فوت ٿي ويا خوشين جا ٿڪ لهي پيا.

پن ڇڻ جي موسمن ۾ ٽارين تي جهوميا ٿي،
ٻچڙا ڏسي اڏامڪ پکين جا ٿڪ لهي پيا.

ڪنڌين سان حال سارو لهرون ڪري رهيون هن،
منزل رسيا مسافر ٻيڙين جا ٿڪ لهي پيا.

جيئن ٻار کيڏي سارا پنهنجن گهرن ڏي موٽيا،
کلندي ڏسي ٻچن کي امڙين جا ٿڪ لهي پيا.


Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

Eyes gazedintoeyes; the exhaustion of eyesgot over.
In beloved’s hug, the exhaustion of centuries got over.

On her lips, my wish is asleep!
He looked at me smilingly, the exhaustion of hearts got over.

All the trees in my city were dancing rhythmically,
Yesterday evening, she arrived, the exhaustion of streets got over.

After collecting water from neighboring village, they returned,
The companions became tired, the exhaustion of clay water potsgot over.

Today I had a rest under the shadow of hair,
All griefs died, the exhaustion of happiness got over.

In the season of autumn on the branches of tree, they were dancing
Seeing chicks flying, the exhaustion of birds got over.

The waves were having detailed talks with shores,
Travelers reached the destiny, the exhaustion of boats got over.

As children returned to their homes after playing,
Seeing kids joyous, the exhaustion of mothers got over.

اڄ اکين کي خوبصورت شام جو تحفو مليو.

اڄ اکين کي خوبصورت شام جو تحفو مليو.
هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ محبوب جو بوسو مليو.

مسڪرائيندڙ اکين مان پيار پئي پاتا ليئا،
چپَ گلابن جون پتيون سرهاڻ جو لهجو مليو.
¬¬¬
زندگيءَ آڪاس تي اڄ پيار جو معراج هو،
حسن کي هرگام تي نئون عشق جو سجدو مليو.

اڄ ڪتابن مان اچانڪ يار جو هڪ خط مليو،
ڄڻ ته ٻڏندڙ کي درياءَ ۾ ڪاٺ جو تختو مليو.

يار مون وٽ واعدي جي وقت کان اڳ جو پڳو،
انتظاريءَ کي اچانڪ موت جو جهٽڪو مليو.

صورتن سهڻين سدائين سور سڀ سهڻا ڏنا،
جيءَ کي تن کان الئه ڇو قرب ئي ڪوجهو مليو.

هي عجب آ موسمون گوڏا ڀڃي ويهي رهيون،
گل ٽڙڻ جي مند کي ڀي ڪو نه ٻيو رستو مليو.

ڪلهه خبر پئي ڪيتري آ اهميت تقدير جي،
عمر جنهن کي سمجهيوسي سو نه هڪ لمحو مليو.

Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

Today eyes have got a beautiful gift of an evening,
After a long time, I got a kiss from my beloved.

Love was peeping through smiling eyes,
Lips like rose petals, embraced the fragrant tone.

Lifeon the sky, it was the climax of love today,
Beauty at every place got a newprostration of love.

Today, suddenly I found my beloved’s letter from books,
As if drowning person grasped a floating straw.

Friend reached me before the promised day,
Waiting had sudden shock of death.

Gorgeous faces have always caused pretty sorrows,
Why heart received such flawed love from them?

It’s surprising that seasons sat down on the knees!
The spring season could n’t have another route

Yesterday, I understood the significance of the fate,
What we assumed a lifedid n’t turn outas a moment even.

رات آيو خيال گيڙو ويس ۾.

رات آيو خيال گيڙو ويس ۾.
پيار جو هو ڀال گيڙو ويس ۾.

سچ افق ارپيو، محبت جو اصول،
سج جو هو زوال گيڙو ويس ۾.

ڇو نه ٿي جنوب ٿي حاوي ڀلا ؟
آ سڄو شمال گيڙو ويس ۾.

مان جڳن کان سنڌ جو صوفي مٺا،
اڄ به منهنجو حال گيڙو ويس ۾.

هڪ طرف رقصم مي رقصم ئي هئو،
ٻي طرف هو لعل گيڙو ويس ۾.

ڪاپڙين جا خيال کاهوڙي هئا،
هو غضب هر ڇال گيڙو ويس ۾.

هو سچل، تبريز، باهو، موج ۾،
شاهه ۽ جلال گيڙو ويس ۾.

جسم پهريو پر عجب انداز ۾،
روح جو رومال گيڙو ويس ۾.

Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

Last night a thought appeared in ochregarb,
It was blessings of love in ochre garb.

Sky-dedicated truth became the principle of love,
The downfall of the sun was in ochre garb.

Why not South dominate?
The entire North is in ochre garb.

O honey! I’m Soofi of Sindh since time immemorial,
Even today my condition is in ochre garb.

On one hand,there was only dance and dance!
On the other hand, the Lal was in ochre garb.

Itinerant’s thoughts were vibrant,
Every jump was wonderful inochre garb.

Sachal, Tabreez, Baho were in a reverie!
Shah and contemplation were in ochre garb.

Body was strangely covered!
The handkerchief of soul was in ochre garb.

پوتين ۾ جا پهري معنى پئي آهي.

پوتين ۾ جا پهري معنى پئي آهي.
تنهن ۾ ڪيڏي گهري معنى پئي آهي.

ڳالهين مان ٿي روحاني تسڪين ملي،
لهجي ۾ ڄڻ مصري معنى پئي آهي.

تنهنجي مرڪڻ سان ئي منهنجي مطلب جي،
چانڊوڪي جيان نکري معنى پئي آهي.

بادل پئجي ويندا آهن تعجب ۾،
اکڙين ۾ جا بحري معنى پئي آهي.

تنهنجي خاموشيءَ مان مون کي ڄاڻ ملي،
خاموشيءَ ۾ فڪري معنى پئي آهي.

چند مون جيڪي لکيا آهن شعر ڦڪا،
تن ۾ ڪيڏي چهري معنى پئي آهي.

غور ڪري ڏسجانءِ وڃي گهر آئينو،
ڇا ته لساڻ ۾ کهري معنى پئي آهي.

پيار بنا شهمير جي جهوليءَ ۾ ڇاهي،
پياري بلڪل پڌري معنى پئي آهي.


Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

The shawls appareled bear a meaning,
That holds deep meaning.

The conversations provide spiritual comfort,
The tone sweet like a candy - misri bears a meaning.

Your smiling entwined with my intention,
Bright moonlight has become the meaning.

The clouds get perplexed,
The eyes behold ocean like meaning.

The information I obtained from your silence,
Silence carrying thoughts bear a meaning.

Some tasteless verses I wrote,
They retain such a savory taste of the meaning.

Look at mirror at home carefully,
What a smoothness reflects roughness of the meaning.

Without love, what else is in Shahmir’s lap!
Lays lovely and very apparent meaning.

احساس جي اکين مان سپنا ٽمي رهيا هن.

احساس جي اکين مان سپنا ٽمي رهيا هن.
جيون جي هاڻ ڇن مان صدما ٽمي رهيا هن.

گهمندي رهي حسينا دل جي زمين تي ٿي،
منهنجي اندر ۾ رم جهم جلوا ٽمي رهيا هن.

وچ واٽ تي مسافر ٿڪجي سڀئي سمهي پيا،
منزل جي پر اکين مان رستا ٽمي رهيا هن.

برسات ۾ اچانڪ محبوب ڌار ٿي ويو،
لفظن جي ٿي شهادت نختا ٽمي رهيا هن.

چهرو حياءَ ۾ هن جو ڳاڙهو ويو آ بڻجي،
سهڻي جي اڄ ڳٽن مان بوسا ٽمي رهيا هن.

سڀ ساز چپ آهن ماڻهو وڄي رهيا هن،
فنڪار تنهنجي فن مان نغما ٽمي رهيا هن.


Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

From the eyes of feeling, the dreams are trickling.
From the hut of life, sorrows are trickling.

The stunning lady is walking around my heart’s land,
Inside me drizzling feelings are trickling.

In the mid of the journey, the exhausted travelersfell asleep,
From the eyes of destiny, the ways are trickling.

During raining the beloved parted ways suddenly!
The wordswere martyred, the dots are trickling.

Her face has become red in modesty,
From the cheeks of the beloved today, the kisses are trickling.

All the instruments are silent, the people are shouting!
From the art of an artiste, the songs are trickling.

جواب سڀ وسي ويا سوال ٿو ٻري اڃا.

جواب سڀ وسي ويا سوال ٿو ٻري اڃا.
اسان جي پيار جو پرين مثال ٿو ٻري اڃا.

آ تخت تي به وقت ساڻ سونهن جهيڻي ٿي وئي،
۽ جهوپڙيءَ ۾ عشق جو مشعال ٿو ٻري اڃا.

الائي ڇا ڏسڻ وئي چڙهي هو شام ڇت مٿان،
اسان جي عيد ٿي وئي هلال ٿو ٻري اڃا.

اڃا شراب آ پيو، اڃا ته رات آ پئي،
پياڪ سڀ سمهي پيا، ڪلال ٿو ٻري اڃا.

مگن ها رات خواب سڀ قلندري ڌمال ۾،
الست عشق ۾ اسان جو لعل ٿو ٻري اڃا.

حيات اڌ صديءَ جي لڳ گذر ڪري ڇڏي مگر،
آ جنهن ۾ توسان ٿيو ملڻ سو سال ٿو ٻري اڃا.

ڪو سازشن جو سمنڊ سنڌ ڏي پير پايون ٿو اچي،
ڪمال آ الله جو جلال ٿو ٻري اڃا.

سڙي ٿو ويل خوف جو شهر جي چونڪ چونڪ تي،
۽ ڳوٺ ڏي قبائلي پلال ٿو ٻري اڃا.


Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

All answers extinguished, the question lighting yet
O, beloved! our instance of love, burning yet.

Don’t know! what she wanted to watch on the roof
For us, it is celebration, the moon is illuminating yet.

Still wine is there, still night is there!
Drunkards fell asleep, bartender is awake yet.

My night dreams were busy in Qalandari Dhamal -ritual!
In the love of Allah, our Lal is burning yet.

Life spent near half of the century, but!
The year I met you that is burning yet.

The beauty on the throne diminished with the time,
And the torch of love in the hut is lighting yet.

An ocean of conspiracies advancing towards Sindh,
It is marvel of Allah, the fury is burning yet.

Tyres of fear burn at each chowk of the city,
And in the village, the tribal halm is burning yet.

عاجزي منهنجي پرين جي بي رخي ڇانگي پئي.

عاجزي منهنجي پرين جي بي رخي ڇانگي پئي.
بي رخي محبوب جي پر دل لڳي ڇانگي پئي.

شهر ۾ هڪ چونڪ تي اڄ کوڙ ماڻهن جي اڳيان،
حسن جي عاشق جا عضوا عاشقي ڇانگي پئي.

روشني سان ڀي تعلق هو دنيا داري هئي،
ڪالهه کان پر چنڊ جي ناراضگي ڇانگي پئي.

زندگيءَ ۾ دوستيءَ جون چار ٽاريون ڇا ڦٽيون،
ڏس ته غربت جي ڪهاڙي دوستي ڇانگي پئي.

زندگيءَ ۾ پيار ڀي آ ڌار ٿي مون کان ويو،
ڏوهه ڪهڙا هاڻ منهنجا بندگي ڇانگي پئي پئي.

ڪو نه تون شهمير ٿي سگهندين سنگت ۾ سرخرو،
توکي طبيعت جي سدائين سادگي ڇانگي پئي.

Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

My humbleness is trimming the rudeness of my beloved!
Inattentiveness of my belovedistrimming my affection.

Today in front of a crowd at the chowk of the city,
The bodyparts of lover are being chopped by the affection!

Had a relationship with enlightenment and worldliness,
But angriness of the moon is trimming me since yesterday.

That the four branches of friendship grew in life,
Look! the axe of poverty is trimming friendship.

In life, the love has been lent out by me!
Unknown sins of mine are now being trimmed by the prayer.

Shahmir! you could not be glorified in the friendship,
You’re being trimmed by the simplicity of the temperament.

زندگي گهارڻ گهري سي صوفين جي شهر ۾.

زندگي گهارڻ گهري سي صوفين جي شهر ۾.
عمر گذري ڏک اهو آ ڪوفين جي شهر ۾.

پيار جي پرچار ڪونهي نانگ ٿا پالن رڳو،
ساهه مٺ ۾ پيو گذاريان جوڳين جي شهر ۾.

هر طرح جا خطرا آهن خيال رکڻو ٿو پوي،
پيار پنهنجو ڄڻ رهي ٿو فوجين جي شهر ۾.

هر قدم تي ظلم ٿيو آ عشق مون کي آ ڇڳو،
پيار کي مون پئي ڳنڍيو آ ڪورين جي شهر ۾.

هو ڇني ٿو مان ڳنڍيان ٿو روز روحاني ڳنڍيون،
ڄڻ ته رهندو آنءُ آهيان ڪورين جي شهر ۾.

قرب جي لالچ ۾ اڙجي آنءُ لٽجي هان ويو،
مان تباهي جي علامت ٺوڳين جي شهر ۾.

ڇو جدائي جي جزيري تي رهن ٿيون محبتون،
مان ملڻ چاهيان ٿو جن سان روشنين جي شهر ۾.

Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

Wished to pass life in the city of Soofis – mystical people
Spent life grieving in the city of traitors.

Love is not preached, snakes are nurtured,
Spending life of intimidation in the city of snake charmers.

Present are dangers of all kinds, one has to be cautious,
Our love is endangered as if it dwells in the city of troops.

Have been oppressed at every step, love tore me apart,
Love was knitting me in the city of knitters.

He breaks up, I knit knots of soul daily,
As if I reside in the city of knitters.

In the greed of love, I have been plundered.
I’m the symbol of devastation in the city of hoodwinkers.

Why does love dwell on the island of separation?
I want to meet them in the city of lights.

تنهنجي زلفن کي ڇهڻ پڻ آڱرين جو خواب هو.

تنهنجي زلفن کي ڇهڻ پڻ آڱرين جو خواب هو.
تنهنجي چهري کي پسان پيو اکڙين جو خواب هو.

منهنجي جيون جي خوشيءَ جي زندگي اوندهه هئي،
چنڊ چپڙن کي چمڻ بس حسرتن جو خواب هو.

مون ڏٺيون پئي ٽارين تي، ڦٿڪندڙ بي چين سڀ،
تنهنجي پوتيءَ ۾ پوڻ، سڀ سڱرين جو خواب هو.

جوهرين جي هٿ پڳا پر پوءِ ڀي پڇتاءُ ٿن،
تنهنجي چولي ساڻ چنبڙڻ موتين جو خواب هو.

ڦوهه جوڀن ۾ سدائين ڇوڪرن جي ننڊ ڦٽل،
ڄامشوري جي هوا ۾ ڇوڪرين جو خواب هو.

زندگي جي اوڏڪي ڀت کي لڳي ويو سيڪ آ،
من مندر ۾ خوبصورت مورتين جو خواب هو.

ڪو نه ٿي آهي مناسب جاءِ اڄ تائين نصيب،
موت جي منهن ۾ سدائين جوڳين جو خواب هو.


Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

Touching your hair was the dream of my fingers,
Staring your face was the dream of my eyes.

The life of happiness of my life was the dimness,
Kissing of moon light lips was the dream of my desires.

I was watching them writhing on branches,
To be fallen into your shawl was the dream of Sangria.

Reachedin the hands of jewelers even then feltregret,
Sticking with your shirt was the dream of the pearls.

Youths in their youthfulnessare always sleep-deprived,
In the winds of Jamshoro, it was the dream of girls.

Life’s mud wall got heated,
In my heart’s temple, it was the dream of beautiful idols.

Could not find a suitable place yet,
Before death,it was always the dream of snake charmers.

Note:سڱري Sangri plural Sangria – its biological name is Prosopis cineria found mainly in Thar Desert of Pakistan and Rajasthan India.

ٻڌ ڪن کولي اوءِ! خساري ۾ آهيان.

ٻڌ ڪن کولي اوءِ! خساري ۾ آهيان.
تنهنجي وئي کان پوءِ خساري ۾ آهيان.

تو ته کٽيو آ، تون ڀل پاءِ, ٽهڪن گل،
مون هارائي گوءِ خساري ۾ آهيان.

جيون ڇڄ ۾ ڇاهي، تنهنجي ياد سوا،
پاڻ اچي تون سوءِ خساري ۾ آهيان.

تنهنجي ڪم پيو ايندس، آخر تائين مان،
مونکي ميڙي ڍوءِ خساري ۾ آهيان.

سرمد! تو کي ساري, روئي چوندي آ,
اڄ ڀي پريالوءِ خساري ۾ آهيان.

جيسيتائين سج اڀري، ٿئي آزادي،
ووڙيان ويٺو ووءِ خساري ۾ آهيان.

هيڏي ساري جڳ ۾ پيار پيو طلبيان،
ڪو ته ڳنڍيندڙ هوءِ خساري ۾ آهيان.


Poetry of Shahmir Soomro
Translated by Nawab Ali Rahoo

O! listen to me carefully, I’m in loss.
After your departure, I’m in loss.

You’ve won! you may have jubilation!
I have lost the race, I’m in loss.

Without your memory, what is there in winnowing fan of my life!
You may yourself come to sift me, I’m in loss.

I would be of service to you till the end,
Sweep and assemble me, I’m in loss.

Weepingly remembering you Sarmad!
Piryaloi (land of beloved) even today! I’m in loss.

Until sun rises, liberty prevails,
Endeavoring for it! I’m in loss.

In this huge world, desiring forlove!
Must there be anybody to make bond with, I’m in loss.

منهنجي اک جو بادل سان آ شجرو ملندو.

منهنجي اک جو بادل سان آ شجرو ملندو.
تنهنجو اک جو ڪاجل سان آ شجرو ملندو.

تنهنجي زلفن سان خوشبوءِ جو لاڳاپو آ،
تنهنجو تڏهن هرگل سان آ شجرو ملندو.

غور ڪري ڏس پاڻ ٻنهي جو تعلق ائين آ،
ٻيڙيءَ جو جئين ساحل سان آ شجرو ملندو.

مان ته گلاب کي ڏسندو آهيان لڳندو ائين آ،
ڄڻ ته گلاب جو ڪو ڳل سان آ شجرو ملندو.

حسن بڻايو اهڙو مونکي ديوانو آ،
منهنجو ڄڻ ڪنهن پاڳل سان آ شجرو ملندو.

چيلھ تي هٿ ڏئي بيهي سوچن ڏوھ ثواب،
پيرن جو ڀي پايل سان آ شجرو ملندو.

ڌرتيءَ سان ڀي اهڙو رشتو جڙيل آهي،
جهڙو منهنجو آيل سان آ شجرو ملندو.

ٿو ته بڻايو شعرن ۾ مٺڙي ممتاز،
بيحد سهڻي هڪ گل سان آ شجرو ملندو.

چنڊ جمني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

چنڊ جمني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.
رات سپني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

رات اڌ رات اکين منجھ وڌي مون به کڻي،
ننڊ رخني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

هوءَ چالاڪ هئي مونکي پئي پوءِ خبر،
پيار فتني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

منهنجي پيرن کي هٿن کي به هئي ميندي لڳل،
کير بدني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

منهنجي اوندهه کي ڏيڻ باهه هلي آئي هئي،
تيل چمني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

هن ڏنو هڪ ئي ڀري خوب هٿن ساڻ گلاس،
ڪجهه ته پني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

لوڪ ڀل ڇا به چوي دل ته ڏيڻ آئي هئي،
معنا يعني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

هانءَ ۾ اڄ به چڀي ٿو هي سچي ڳالهه اٿوَ،
تير طعني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

باھ پاڻيءَ ۾ لڳائڻ ڪو سکي، هن کان سکي،
قرب ڪيني ۾ وجهي هوءَ کڻي آئي هئي.

دل جي ديوارن تي نالو تنهنجو آ.

دل جي ديوارن تي نالو تنهنجو آ.
دروازو بند آهي تالو تنهنجو آ.

ٿورو پاڻ سنڀالي منهنجي ڀر مان اٿ،
ڪالر ڀرسان ڦاٿل والو تنهنجو آ.

ڀليل ماڻهو چانڊوڪي ٿا سمجهن سڀ،
مان ٿو ڄاڻان هيءُ اجالو تنهنجو آ.

منهنجي عاشق طور سڃاڻپ ٿي وئي آ،
هاڻ حسينن منجهه حوالو تنهنجو آ.

تازو پيارَ پيالو پيتو آهي پاڻ،
چپ جي پاڻيءَ سان ڳل آلو تنهنجو آ.

پنهنجي چاهت جي گڏجاڻي ٿي آهي،
منهنجو هڪڙو شعر مقالو تنهنجو آ.

منهنجو جيون اس هو، سهڻي سچ آهي،
تو هن ڇوڙيا وار جهڙالو تنهنجو آ.

زندگيءَ کي وقت ڇاڻيءَ ۾ ڇڏي.

زندگيءَ کي وقت ڇاڻيءَ ۾ ڇڏي.
وڃ نه مٺڙي اڌ ڪهاڻيءَ ۾ ڇڏي.

تون ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مرڪي پئي،
پر وڃي ٿي باهه پاڻيءَ ۾ ڇڏي.

تنهنجي پيرن جي مٺي مان خاڪ کي،
خوش ٿيان ٿو، سرمي داڻيءَ ۾ ڇڏي.

رک توقع تون ملڻ جي هر دفعي،
وڃ نه تون صدمو وراڻيءَ ۾ ڇڏي.

سج لهي ٿو مان وڃان ٿو ڳوٺ ڏي،
پنهنجا پيرا باقراڻيءَ ۾ ڇڏي.

لڙڪ ويندا خود وٺي هن ڄام کي،
مرڪ آيو آ مهاڻيءَ ۾ ڇڏي.

سور ئي ويندو قبر تائين وٺي،
خواب جيڪو ويو مياڻيءَ ۾ ڇڏي.

دل! سونهن کي سينگار کان ترجيح ڏي.

دل! سونهن کي سينگار کان ترجيح ڏي.
۽ پيار کي تڪرار کان ترجيح ڏي.

هي ڳالهه آ ڳوري مگر چوڻي پئي،
سهڻيءَ کي ميهار کان ترجيح ڏي.

ٿڌڙي هوا ڪڻ ڪڻ پوي ٿي شام جو،
اڄ يار کي سنسار کان ترجيح ڏي.

سامهون هجي محبوب ڀي مئه ڀي هجي،
اظهار کي ماٺار کان ترجيح ڏي.

ڦاٽل لٽا، جُتڙي ڇنل، اکڙيون ڀنل،
ان ٻار کي ٻي ٻار کان ترجيح ڏي.

ڪلهه رات ڀي دردن ڏئي ڌمڪيون چيو،
اقرار کي انڪار کان ترجيح ڏي.

ڏکڙا ڏسي روئي ڏنئي، مرڪي به ڏس،
آسان کي دشوار کان ترجيح ڏي.

هٿن جي ٻڪن ۾ گلابن جا گل ها.

هٿن جي ٻڪن ۾ گلابن جا گل ها.
اکين جي ٻڪن منجهه خوابن جا گل ها.

اهو مون کان منظر نه ٿو مور وسري،
گلابي هٿن ۾ ڪتابن جا گل ها.

رقيبن سوالن جا ڪنڊا چڀايا،
ته مرڪن سان مون وٽ جوابن جا گل ها.

پرين تنهنجي خاطر زمانو آ شاهد،
چپن جي ٻڪن ۾ دعائن جا گل ها.

سدائين سلامي آ خوشبوء ڀريندي،
پرين وٽ ڪي اهڙا ثوابن جا گل ها.

هميشه دلين ۾ اسان پيار پوکيو،
ته چڀندڙ مليا سڀ خطابن جا گل ها.

جتي ڀي ملياسين، ته شهمير تازا،
ڪي لهجي ۾ ٽڙندڙ حجابن جا گل ها.

پيار جي ڪيميا نه ماري سي.

پيار جي ڪيميا نه ماري سي.
زندگي عشق منجهه ڳاري سي.

سونهن کي سيءُ ٿي لڳو جنهن دم،
دل هي سگري ڪري به ٻاري سي.

يار محفل ۾ تو نه ويهاريو،
مئڪدي ۾ حيات گهاري سي.

تو پيارڻ کان ٺڦ جواب ڏنو،
بيخودي تنهنجي دڳ تي ساري سي.

زندگي سان يڪو هئو جهيڙو،
موت کان اڳ ڀرو ٿي هاري سي.

يار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

يار جو ڪير ترجمو نه ڪري.
پيار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

هو کٽي آ ويو مان خوش آهيان،
هار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

عشق منصور آ ڪيو مون کي،
دار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

اک ڪٺو آ، شهيد ڪوٺيو پر،
وار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

سمنڊ مان چنڊ درد جو اڀريو،
سار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

ڌيءُ جا وار ٿي ويا چاندي،
بار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

ماءُ هوڪا ڏئي پئي وڪڻي،
ٻار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

رات ڪاري ڪچو گهڙو درياهه،
تار جو ڪير ترجمو نه ڪري.

سپنن کي اڄ دل ۾ ڏاڍو سور پيو آ

سپنن کي اڄ دل ۾ ڏاڍو سور پيو آ.
مرڪن کي اڄ دل ۾ ڏاڍو سور پيو آ.

کول نقاب ته جهٽ کن مان ديدار ڪيان،
نيڻن کي اڄ دل ۾ ڏاڍو سور پيو آ.

تنهنجي ڳوٺ ڏي ڪو نه اچڻ ٿي سگهيو آ،
پيرن کي اڄ دل ۾ ڏاڍو سور پيو آ.

مون ڏي مٺڙا پاڻ هلي تون آيو آن،
صدمن کي اڄ دل ۾ ڏاڍو سور پيو آ.

ڌارين مون کي دل کولي جو قرب ڏنو،
پنهنجن کي اڄ دل ۾ ڏاڍو سور پيو آ.

گلابن جون پتيون ڄڻ خواب آهن ننڊ هاري ٿي.

گلابن جون پتيون ڄڻ خواب آهن ننڊ هاري ٿي.
اسان ٿا ننڊ ۾ جيئون اسان کي جاڳ ماري ٿي.

حقيقت ۾ غنيمت آ اوهان جي ويجهڙو آهيون،
اوهان جي سونهن مرڪي عشق جون سرڪيون پياري ٿي.

اسان منزل ڇڏي پٺ تي اسان جو پنڌ اڳتي آ،
سفر ۾ سوچ آ پنهنجي نه پل ڪاٿي ويهاري ٿي.

الئه ڇو ساهه ۾ ماپي نه ٿو اڄ ساهه سوچيان ٿو،
اوهان جي سار جي نه ته هر وڏي مشڪل کي ٽاري ٿي.

افق آيو کڻي آهي شفق جا ڇانورا ليڪن،
ستارا ٿا چون هرهر اوهان کي باک ساري ٿي.

فقط دل ۾ محبت جو کڻي احساس نڪتاسي،
وسامي وقت ٿئي ها پر، اسان کي سوچ ٻاري ٿي.

ديد هڪڙي لال جوڙي ۾ ٻُڏي.

ديد هڪڙي لال جوڙي ۾ ٻُڏي.
دل اسان جي اڄ منوڙي ۾ ٻُڏي.

مسڪرائي هو ڪناري تي ملي،
ننڊ منهنجي وئي وڇوڙي ۾ ٻُڏي.

روڊ تي مزدور بک ويٺو ڪُٽي،
سوچ هن جي وئي هٿوڙي ۾ ٻُڏي.

هي ظلم ڀي هڪڙي هاري سان ٿيو،
کنوڻ کلندي ان جي کوڙي ۾ ٻُڏي.

هڪ ڪڪر ڀٽڪي هوا جي چرچ تي،
باهه اڇلي جيڪا هوڙي ۾ ٻُڏي.

ڀوڳنائن ۾ لڙهي ويو خاندان،
زندگي بندوق گهوڙي ۾ ٻُڏي.

هڪ جڏي حسرت اٿي اڌ رات جو،
پاڻ پاڻي گونگي ٻوڙي ۾ ٻُڏي.

هن ڇڏايو هٿ ته مان سن ٿي ويس،
دل پوءِ منهنجي ڄڻ هٿوڙي ۾ ٻُڏي.

اڇو مٿو ڪري هو انتظار ۾ مئو.

اڇو مٿو ڪري هو انتظار ۾ مئو.
عجيب شخص نيٺ اعتبار ۾ مئو.

هو نفرتن جي درميان کلي کلي رهيو،
وڏي ۾ هي وڏو آ سچ ته پيار ۾ مئو.

غريب وٽ نه ڪجهه هئو سواءِ ياد جي،
اهو به سج لهڻ جي وقت سار ۾ مئو.

هئس ته ڪجهه به ڪو نه پر الائي ڇا مليس،
سدائين بي قرار پر قرار ۾ مئو.

چون پيا هي عشق جي انوکي راند آ،
ويو کٽي اهو ئي جيڪو هار ۾ مئو.

خزان ۾ خوش رهڻ جو ڀؤنر کي هنر هئو،
الائي ڪيئن اهو وڃي بهار ۾ مئو.

گلابي رنگ جا بدن تي کوڙ ڌڪ هئس،
چون ٿا رات جيڪو شخص پيار ۾ مئو.

چڱي طرح ته جي رهيو هئو شهمير پر،
اهو به نيٺ اڄ اکين جي وار ۾ مئو.

وشواس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.

وشواس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.
احساس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.

هر سمنڊ پنهنجي معنى کاري ڪري وڃائي،
هن پياس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.

دل وٽ لڳائي ديرو، اکڙين جي ساهميءَ ۾،
آڪاس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.

اخبار جي خبر تي ڳوڙها ڳڙي ڪري پيا،
هن قياس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.

حسرت جي ديد سان ڪجهه دنيا کي تورجي ٿو،
افلاس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.

مقدس جڳهه تي قبضو هن شور ڇو ڪيو آ،
بڪواس جي وزن کي توريو، سگهو جي توري.

هئس پهاڙ مگر اڄ لڏي ويو آهيان.

هئس پهاڙ مگر اڄ لڏي ويو آهيان.
سڏيو آ حسن اڏي تي ڪڏي ويو آهيان.

چيائين ڪجهه به نه ٿيندو، اکين ۾ آءُ هلي،
۽ سچ اهو آ، وڃي مان ٻڏي ويو آهيان.

ملڻ جي وقت وڇوڙو رڳو چيو هن آ،
نهن کان چوٽ تائين مان ڌڏي ويو آهيان.

پيو هان سونهن جي پويان سندس ڪا ٻاجهه پوي،
الائي ڪهڙي طرف مان اڏي ويو آهيان.

مڪان لامڪان ۾ نه ٿو رهان هاڻي،
لڳي ٿو عشق جي پاسي اڏي ويو آهيان.

پيار سان جنهن اکيون خود اڙايون هيون.

پيار سان جنهن اکيون خود اڙايون هيون.
اڄ انهي جون رڳو بس لڙايون هيون.

منهنجو ميسيج کولي پڙهي ئي نه ٿي،
جنهن جي خاطر متاثر پڙهايون هيون.

هاڻ هٿ جي مٿان هٿ نه ٿي ڏئي رکڻ،
جنهن جي ٻانهن لئه چوڙيون گهڙايون هيون.

اڄ اسان کان پري آ گهڻو ئي پري،
جنهن جون سڀ کان گهڻيون ويجهڙايون هيون.

مون کي ڌاڳو ڏيڻ ڀي ڏکيو ٿو لڳيس،
جنهن لئه هيرن جون منڊيون جڙايون هيون.

جاڳ تي، ننڊ تي، خواب تي، خيال تي،
روز يادن جون مون وٽ چڙهايون هيون.

ڪجهه رنگ ۾ فرق آ، ڪجهه ذات ۾ فرق آ.

ڪجهه رنگ ۾ فرق آ، ڪجهه ذات ۾ فرق آ.
پنهنجو ملڻ ڏکيو آ، اوقات ۾ فرق آ.

تون شهر ۾ پڙهي آن، مان ڳوٺ ۾ پڙهيو هان،
تون مختلف تڏهن آن، شروعات ۾ فرق آ.

نس نس ۾ پيار سانڍيم، ڪاوڙ ڪٺي ڪئي تو،
تنهنجو مزاج ٻيو آ، جذبات ۾ فرق آ.

جاني جدا نه ٿي بس، جي ٿي ته موت ماري،
نه ته زندگي ۽ ڪهڙو سڪرات ۾ فرق آ.

تنهنجي ته ڇت پڪي آ، جهڙ ڦر نه آ مسئلو،
منهنجو ته گهر ڪچو آ، برسات ۾ فرق آ.

نروار ٿي پيو آ شهمير سڀ چون ٿا،
تنهنجي ڪري پياري، پيو ڏات ۾ فرق آ.

راهه اوکي آ، تون سڻائي ڪر.

راهه اوکي آ، تون سڻائي ڪر.
منهنجي محبوب رهنمائي ڪر.

دل کي دورا پون ٿا درشن جا،
آءُ ديدار جي پڙهائي ڪر.

هي زمانو ڏکيا ٿو ڏنگ هڻي،
ڳل چمڻ ڏي اها چڱائي ڪر.

هاڻ سيني سان لاءِ تون مون کي،
منهنجي خوشين جي رونمائي ڪر.

عشق تو سان صفا انڌو آهي،
سونهن مون ڏانهن روشنائي ڪر.

خوف ٿي ٿو، پري نه ٿي مون کان،
مون سان هر وقت ويجهڙائي ڪر.

منهنجي دل جو علاج ڪر سهڻي.

منهنجي دل جو علاج ڪر سهڻي.
دل تي هٿ سان مساج ڪر سهڻي.

تنهنجي سامهون اچان ته گهٽ ۾ گهٽ،
مرڪ پنهنجي خراج ڪر سهڻي.

تون ملڻ لاءِ مالڪن اڳيان،
ٿورڙو احتجاج ڪر سهڻي.

هاڻ نفرت کي چاڙهه سوليءَ تي،
پيار وارو مزاج ڪر سهڻي.

عشق جي آءُ عرش معلى تي،
محبتن جو معراج ڪر سهڻي.

روح جي تون ئي صرف آن راڻي،
مون کي تون پنهنجو تاج ڪر سهڻي.

منهنجي ٽهڪن سان تون نڪاح ڪري،
منهنجي خوشين کي ڏاج ڪر سهڻي.

چنڊ، خوشبوء هوا ۾ رات سڄي،
مون سان ڪو امتزاج ڪر سهڻي.

دل جي آڳر تي ٽهڪن رقص ڪيو.

دل جي آڳر تي ٽهڪن رقص ڪيو.
تنهنجي پهچڻ سان ڌڙڪن رقص ڪيو.

آزاديءَ سان مون اڄ جو ڪاڳر تي،
تنهنجو نانءُ لکيو اکرن رقص ڪيو.

ڇير ٻڌي آهي شيما ڪرماڻي،
موسم مهڪي پئي پن پن رقص ڪيو.

هٿڙن جي تاڙين هال ۾ جهونگاريو،
ڇا ته سهائي جي گهنگهرن رقص ڪيو.

آئي جيئن هواءِ ڪٿڪ لوڏ ڪري،
سهڻي چهري تي، زلفن رقص ڪيو.

هوءَ حقيقت ۾ پيار پئي پوکي،
رات به نيڻن ۾ سپنن رقص ڪيو.

اجري پاڻيءَ ۾ ڪنهن جو خواب هئو،
جنهن جي وهنجڻ سان لهرن رقص ڪيو.

ٻار پئي ٻهڪيا، پيريءَ پيار ڪيو،
سهڻو جيون ۾ جوڀن رقص ڪيو.

جسم ۾ روح ۾ گڏيان توکي.

جسم ۾ روح ۾ گڏيان توکي.
دل نه ٿي چئي ته مان ڇڏيان توکي.

مان پرين پيار جو بڻيل آهيان،
پاڻ ڊاهي به مان اڏيان توکي.

ان مان چاهت جو هڻ تون اندازو،
آنءُ ننڊ ۾ به ٿو سڏيان توکي.

خيال منهنجا طواف تنهنجي ۾،
آنءُ بوسا ڪيئن نه ڏيان توکي.

تون رڳو پيار ڏي حياتيءَ ۾،
مان سڄي ڪائنات ڏيان توکي.

مون سان ڳنڀير معاملو آهي.

مون سان ڳنڀير معاملو آهي.
تو رکيو ڇو مفاصلو آهي.

زندگي ڪو نه ٿي ٺهي مون سان،
اڄ انهي ساڻ فيصلو آهي.

هڪ وڏيري جي ٺيڪ آ هن کي،
منهنجو مالڪ ئي ڀرجهلو آهي.

درد بي واجبي ڪئي مون سان،
مون ۾ طاقت آ حوصلو آهي.

ڪيترا ڏک ۽ سک مليا آهن،
تن جو ڪرڻو تقابلو آهي.

روز مارڻ اچي پيو مونکي،
موت سان اڄ مقابلو آهي.

مان ته شهمير حق تي وڙهندس،
سڀ چون ٿا صبر ڀلو آهي.

مان مٽيءَ جو نصيب پٿر جو.

مان مٽيءَ جو نصيب پٿر جو.
خوب آهي فريب پٿر جو.

جسم کي گهٽ سزا ڪٿي آهي،
روح جي لئه صليب پٿر جو.

ناز هن جا نفيس هن ڏاڍا،
آهه سهڻو عجيب پٿر جو.

مون ٻڌو هو حساس طبيعت آ،
پر لڳي ٿو اديب پٿر جو.

هر ڪو شيشي جو گهر پيو ٺاهي،
دور آهي عجيب پٿر جو.

ويلي ويلي خدا صبر سان ڇو؟
نان کائي غريب پٿر جو.

سڀ چون ٿا اڃا عيان ٿيندو،
فلسفو عنقريب پٿر جو.

باغين جي شام کي هو رات جو صدمو مليو.

باغين جي شام کي هو رات جو صدمو مليو.
دل جي دروازي تي زخمي اڌ مئل اڌمو مليو.

حالتن کي لڙڪ لاڙي ڇو هوائن هٿ ٻڌا،
وقت خود حيران آهي وقت کي جهٽڪو مليو.

دل عقيدي جي تصور ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون،
صوفين جي سوچ کي هو نور جو جلوو مليو.

ڇو ڪنن ۾ پيا ٻرن ٿا دشمنن جا ٽهڪڙا،
دوستيءَ جي راهه تي هر بار نئون سڏڪو مليو.

خوبصورت، مائرن جون حسرتون پوريون ويون،
روشنين جي شهر کي اونداهه جو ڪتبو مليو.

هر دفعي جيان پير ميرن ۽ وڏيرن ڀڀ ڀريو،
ديس واسين کي ڪٿي سڻڀو ڀلا لقمو مليو.

ڪالهه مارن، قيمتي جن کي ڏنو هو ووٽ اڄ،
موٽ ۾ تن کان انهن کي آهي هڪ جمنو مليو.

اڄ صبح جو مون ڏٺو مئخاني ويجهو هو رقيب،
حادثو ئي حادثو پر سوچ ۾ هان ڇو مليو.

واقعا اهڙا ٿين ٿا شاعري سرجي نه ٿي.

واقعا اهڙا ٿين ٿا شاعري سرجي نه ٿي.
لفظ ئي ڦٽجو وڃن ٿا شاعري سرجي نه ٿي.

خوبصورت خيال جو جهٽ هنيانءُ ڦاٽي ٿو پوي،
نيڻ ٻئي ٽم ٽم ٽمن ٿا شاعري سرجي نه ٿي.

روز ڪنهن معصوم سان جنسي ٿئي ڏاڍائي ٿي،
لڱ سڀئي ٿڙڪي پون ٿا شاعري سرجي نه ٿي.

آهه عزت جي مٿان اڄ بيعزتيءَ جو هٿ اڀو،
ٿانوَ هٿڙن مان ڪرن ٿا شاعري سرجي نه ٿي.

ماءُ پنهنجي جوان پٽ مان خوفزدهه ٿي رهي،
ڀيڻ کي ڀائر تڪن ٿا شاعري سرجي نه ٿي.

پٽ عياشي ۾ گذاري پيءُ پيو بيمار آ،
روڊ تي ٻچڙا پنن ٿا شاعري سرجي نه ٿي.

پوڙهو ماڻهو ڪجهندي ڪجهندي آخر نيٺ اٿيو.

پوڙهو ماڻهو ڪجهندي ڪجهندي آخر نيٺ اٿيو.
ڌرتيءَ خاطر ٺلهه کي پائي ڀاڪر نيٺ اٿيو.

ڀرسان بيٺل جوان کان هڪدم ڇرڪ ويو نڪري،
ڇنڊڪو ڏئي هو جوش مان ويڙهي چادر نيٺ اٿيو.

ديس ورهائڻ وارا دلا ٿورو پنهنجو سوچ،
پوڙهو تو ڏي کڻندي پنهنجو پادر نيٺ اٿيو.

تنهنجا هوش هوا ۾ کائي ڦاهو انت ڪندا،
ڏونگر بڻجي تنهنجي آڏو ڪونڌر نيٺ اٿيو.

بند ڪر پنهنجو وات گهڻي آ تنهنجي بڪ ٻڌي،
سوچي سوچي الر ڪري اڄ شاعر نيٺ اٿيو.

هن کي به تاج آهي هن کي به تاج آهي.

هن کي به تاج آهي هن کي به تاج آهي.
ناني ويڙهو سڌو سنئون اڄ ڪلهه رواج آهي.

معصوم نينگريءَ جو ٻوريءَ مان لاش مليو،
وهشيءَ جو کاڄ بڻيو، اجرو اناج آهي.

هڪ ٻار ريگيوليٽر وٽ وهنجندي ٻڏي ويو،
اوندهه جو ڪُنُ ڳهي ويو اڄ ڀي سراج آهي.

هڪ ماءُ ٻارڙن جي بيهوش دڳ تي پئي آ،
معذور صحت کاتو بيوس علاج آهي.

ڪيڏي جهري پئي آ هتڙي حياءَ جي ڪوٺي،
ڪاٿي اکيون رکان مان ننگو سماج آهي.

تخيل تار تي پيو آ.

تخيل تار تي پيو آ.
غزل تلوار تي پيو آ.

پيو آ خيال گهاڻي ۾،
۽ جذبو دار تي پيو آ.

ويو آ خون ڪارو ٿي،
ڇنڊو سردار تي پيو آ.

متان تشبيهه مارايو،
جرم ڀوتار تي پيو آ.

الائي ڇو حويليءَ جي،
رئو ديوار تي پيو آ.

سڄي گهر جو وڏو ٿي ويو،
وزن ڪل ٻار تي پيو آ.

زندگيءَ جي اکين ۾ ڪجل پيار جو.

زندگيءَ جي اکين ۾ ڪجل پيار جو.
شال هر دم رهي رنگ لڳل پيار جو.

نفرتن جي صفا پاڙ پٽجي وڃي،
تيار ٿي جيڪڏهن هڪ نسل پيار جو.

ان سبب آنءُ تو وٽ اگهامان پرين،
منهنجي کاتي ۾ آهي عمل پيار جو.

تنهنجي ڀرسان پڄي مان ته سوچيان پيو،
مسڪرائي وڌئي ٻک اول پيار جو.

خيال سان مل وڇوڙو ڪندو ڀيل آ،
ڇو جو پنهنجو پڪل آ فصل پيار جو.

سرهاڻ ٿي ٻڌائي گلدان آهي تازو.

سرهاڻ ٿي ٻڌائي گلدان آهي تازو.
محبوب جي اچڻ جو امڪان آهي تازو.

بادل پڄي ويا هن رم جهم ڪرڻ ڏسان ٿو،
ڌرتي ويو ٻهاري طوفان آهي تازو.

چهرو ڏسي پرين جو اڄ ڏينهن پڙهيو ڪلمو،
زلفن تي رات آندو ايمان آهي تازو.

عاشق اکيون جهڪائن جلوو ڏسي نه سگهندا،
هي حسن ڪريو جاري فرمان آهي تازو.

دل جا مريض ماڻهو ڪجهه دير دل سنڀالن،
آ نئون شڪاري پهتو هر ڪان آهي تازو.

مون ڏي حياتي منهنجي مرڪي ڏسي رهي آ،
رب پاڪ جو اهو ڀي احسان آهي تازو.

آهيان غلط يا ناهيان الله کي خبر آ،
مان سونهن کي ٿو پوڄيان اعلان آهي تازو.

ڪو محبت کان منهن جي موڙيندو.

ڪو محبت کان منهن جي موڙيندو.
رب ڪندو زندگيءَ ۾ لوڙيندو.

پيار ۾ ايترو مزو آهي،
اڄ به مان هٿ وتان ٿو جوڙيندو.

ڪو ته دل تي اچي ڪندو قبضو،
ڪو ته ان تي به علم کوڙيندو.

هو جو دولت پيو رڳو ميڙي،
ڄڻ ته ڪنڊا وتي ٿو ميڙيندو.

سونهن پنهنجي وکير او سهڻي،
عشق منهنجو ته توکي ٻوڙيندو.

ان کي دنيا زليل خوار ڪري،
دل اگر ڪير ڪنهن جي ٽوڙيندو.

ڪيترا ڏينهن چپ رهي شهمير،
چپ جو روزو به نيٺ ڇوڙيندو.

سٺن تي خرابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

سٺن تي خرابن ڇڏيو قرض چاڙهي.
چپن تي نقابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

اوجاڳي جو ننڊ ساڻ ناتو ڇا جڙيو،
اکين تي به خوابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

وياجي جفائن ۾ جيون اڙيل آ،
اڃا ڀي عذابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

الئه ڇو انهن کي پڙهي ڪو نه سگهيس،
ڪٻٽ جي ڪتابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

تقاضا اها آ توهان پاڻ لاهيو،
توهان تي حجابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

سوالن ۾ سالن کان الجهيل هئس مان،
گهڙيءَ ۾ جوابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

مسلسل گناهن جي گهيري ۾ آهيان،
سدائين ثوابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

محبت جي خاطر بنا مند ٽڙي پيا،
خزان تي گلابن ڇڏيو قرض چاڙهي.

ڪجهه به ٿي يار جي حق ۾ آهيان.

ڪجهه به ٿي يار جي حق ۾ آهيان.
ڇو جو مان پيار جي حق ۾ آهيان.

چار چپ، چپ به هجن ڇو آخر،
آنءُ اظهار جي حق ۾ آهيان.

عشق اڻڀو به سٺو لڳندو آ،
سونهن سينگار جي حق ۾ آهيان.

تون محبت کان وتين ٿي لڪندي،
مان ته نروار جي حق ۾ آهيان.

سونهن کي تون نه لڪائي رکجان،
مان ته ديدار جي حق ۾ آهيان.

رات لهرن کي چيو ٿي سهڻيءَ،
مان ته ميهار جي حق ۾ آهيان.

ڀونءِ جو ساهه سڪي ويندو آ،
مان سنڌو تار جي حق ۾ آهيان.

بي غرض پيار پيو ڦهلائي،
ان ڪلاڪار جي حق ۾ آهيان.

خوبصورت ترين هو آهي.

خوبصورت ترين هو آهي.
بي تحاشا حسين هو آهي.

ذهن تسليم ٿو ڪري ان کي،
مان اياڻو ذهين هو آهي.

مان ٿو لفظن جي ڪريان اوساري،
شاعري جي زمين هو آهي.

آنءُ ادنى غلام هان هن جو،
سونهن شعبي جي ڊين هو آهي.

ڪو به دل ۾ نه پير پائيندو،
ڇو ته دل ۾ مڪين هو آهي.

آنءُ برسات جو اڇو پاڻي،
انڊلٺ جان رنگين هو آهي.

چنڊ اڀريو ته پوءِ پڪ ايندي،
واعدن جي امين هو آهي.

هن کي ڏسندي ئي دل چيو شهمير،
آفرين آفرين هو آهي.

جهنگ جي تصوير جهڙي زندگي.

جهنگ جي تصوير جهڙي زندگي.
زهر جي تاثير جهڙي زندگي.

تو بنا جيئڻ لڳي مظلوم جي،
ڳل مٿان ڄڻ نير جهڙي زندگي.

هر حياتي فلسفي جو موت آ،
موت آ تفسير جهڙي زندگي.

عشق کي الفي ۽ غربت ٿي نصيب،
سونهن جي جاگير جهڙي زندگي.

هيءُ جيون هڪ حقيقي خواب آ،
لک ڀلي تعبير جهڙي زندگي.

رات ڪاري سانت ۾ گم ٿي وئي،
چونڪ تي تقرير جهڙي زندگي.

تو مٺي مرڪي ڏني اهڙي مٺي،
ٿي آ ماکيءَ کير جهڙي زندگي.

ڏينهن آتو مليو رات آتي ملي.

ڏينهن آتو مليو رات آتي ملي.
منهنجي جوڀن کي ڪنهن جي نه ڇاتي ملي.

زندگي آنءُ جنهن سان گذارڻ گهريم،
سا جڏهن ڀي ملي حادثاتي ملي.

تلخ لهجو اندر کي ڪپيندو ويو،
ڄڀ هن کي نه ڄڻ تيز ڪاتي ملي.

موت ان ڏي سدائين تڪيندو رهيو،
جنهن کي پنهنجي حصي جي حياتي ملي.

ڏوهه دشمن تي ڪهڙو ڏجي ڏک ٿيو،
يار جي ڪڇ مان پڻ رواتي ملي.

سپنن جو اڄ خون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

سپنن جو اڄ خون ڪري ويو هڪ ماڻهو.
خوشيون سڀ مدفون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

ساري دنيا مون تي کلندي رهندي آ،
روئڻ جو به جنون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

نار وهن ٿا پگهر ويٺو سوچيان ٿو،
سيارو مون لئه جون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

ڪهڙو ڏوهه ڪيو مون آخر ڇو برباد،
منهنجو خاڪ سڪون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

معشوقن جا خادم عاشق سڀ آهن،
لاڳو هي قانون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

تعلق ٽوڙڻ بعد به ڏيندو سور رهيو،
هر ڀيري ممنون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

عشق جي بيماريءَ جو عاشق لاءِ علاج،
محبت ئي معجون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

شعرن منجهه ڀريندو سڏڪا هان شهمير،
سورن جو مضمون ڪري ويو هڪ ماڻهو.

مٺو محبوب آيو آ دعائون موج ۾ آهن.

مٺو محبوب آيو آ دعائون موج ۾ آهن.
پرين درشن ڪرايو آ نگاهون موج ۾ آهن.

خبر ئي ڪو نه پئي موسم بدلجي وئي پرين پهتو،
وڻن گهنگهرو ٻڌا آهن هوائون موج ۾ آهن.

وڏي عرصي کان پو سهڻي الائي ڪيئن اچانڪ ئي،
سڏي سيني لڳايو آ هي ٻانهون موج ۾ آهن.

سڪا وڻ ٿي پيا ساوا ٿڙن ۾ ساهه پئجي ويو،
ڪڪر برسي پيا آهن ۽ راهون موج ۾ آهن.

ٽڪو جهالا ڪجل سرخي منڊيون چوڙيون ٿيون ڳالهائن،
سچي هي دل ٺري پئي آ ادائون موج ۾ آهن.

آنءُ ناشاد ٿي ويو آهيان.

آنءُ ناشاد ٿي ويو آهيان.
پوءِ ڀي شاد ٿي ويو آهيان.

درد آباد ٿي ويو آهي،
مان ته برباد ٿي ويو آهيان.

پاڻ کي ياد پاڻُ ڀي ناهي،
يار کي ياد ٿي ويو آهيان.

سور هن جا سهي سهي آخر،
هاڻ فولاد ٿي ويو آهيان.

ڪا ضرورت ئي ڪو نه آ تنهن کي،
جنهن ڏي امداد ٿي ويو آهيان.

پيار مون کي ڇڏيو ورهائي آ،
ڄڻ ته جائيداد ٿي ويو آهيان.

وقت ئي فيصلو ڪري هاڻي،
آنءُ فرياد ٿي ويو آهيان.

يار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا

يار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا.
پيار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا.

رات ڀي ساهه پئي ڪڍي منهنجو،
سار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا.

هڪ طرف آئٽي پئي ديوار،
بار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا.

پيءُ سان ڪالهه ساهيئي سينو،
ٻار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا.

بي وجهه ڪو نه هو جهڪيو آهي،
ٽار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا.

ڪجهه نه ٿو ڏي وري پيو خالي!
نار جا ڪنهن ته ڪن ڀريا هوندا.

ڄڻ ته مالڪ کي ياد ئي ناهيون.

ڄڻ ته مالڪ کي ياد ئي ناهيون.
هاڻ هن کان به وسري ويا آهيون.

آ ٽنگي پئي قميص سوال جيان،
ٿڪُ انهي جو به ڪنهن کي سمجهايون.

يا خدا تون کڻي ٻڌاءِ ڀلا،
مفلسي ڪيتري اڃا پايون؟

هو نه آيو الائي ڇو مون ڏي،
يادگيريون سندس جون سڀ آيون.

روز ٿو موت ڀي اچي مارڻ،
روز ٿا موت کي ڀي موٽايون.

خيال هن جي انگ تي بيهي رهيو.

خيال هن جي انگ تي بيهي رهيو.
ساهه منهنجو ڌنگ تي بيهي رهيو.

ڇا به ٿي پر، هي پرين حاصل ڪبو،
ضد هڪڙي ٽنگ تي بيهي رهيو.

ٿي زماني جي خفن کان بي خبر،
هڪ مصور رنگ تي بيهي رهيو.

عشق مون کي خوب خاموشي ڏني،
چاهه تنهنجو چنگ تي بيهي رهيو.

سوچ ۾ پئجي ويو ڪڙمي ڏٺم،
صبح هڪڙي سنگ تي بيهي رهيو.

هن صدا ڏئي هن سخي کان ڇا گهريو؟
ڇو سخي اڄ منگ تي بيهي رهيو.

درد قابو تو ائين مرڪي ڪيو،
مال ڄڻ ڪو ونگ تي بيهي رهيو.

مون ڏٺو شهمير ساڀيا کي ڇڏي،
خواب جي آ جهنگ تي بيهي رهيو.

سار جا پير اگهاڙا آهن.

سار جا پير اگهاڙا آهن.
پيار جا پير اگهاڙا آهن.

ڪا خبر ناهه ته ڇو پنبڻين جي،
ڌار جا پير اگهاڙا آهن.

منهنجي قسمت هي ڏيوس ڀل پائي،
يار جا پير اگهاڙا آهن.

جيت جا پير مٽي تي ناهن،
هار جا پير اگهاڙا آهن.

ماءُ جو هنيانءُ سڙي ٿو هاڻي،
ٻار جا پير اگهاڙا آهن.

دل چوي ٿي اڏي زندگي گهورجي.

دل چوي ٿي اڏي زندگي گهورجي.
سونهن تان اڄ ڪڏي زندگي گهورجي.

پيار سان جي نهاري پياري پرين،
تن اکين ۾ ٻڏي زندگي گهورجي.

هن جي رنجش جي محشر مچڻ کان اول،
هن جي آڏو ڌڏي زندگي گهورجي.

شام جو جهولندي گنگنايئي جتي،
پينگهه ان تان لڏي زندگي گهورجي.

هو ڪهي هو ٺري، مان ڪسان مان ٺران،
هئي جو ڪاتي مڏي، زندگي گهورجي.

تون جو تبديل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

تون جو تبديل ٿيندو وڃي ٿو پرين.
درد قنديل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

گهاوَ منهنجا گلابن جيان ٿا ٽڙن،
سور رابيل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

تو چيو سونهن تي لک سدائين غزل،
حڪم تعميل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

وار کولي نه گهم سمنڊ تي شام جو،
شام سان ويل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

نيڻ نيڻن ۾ ۽ خواب کوليءَ ۾ بند،
ديد ۾ جيل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

منهنجو هر لڙڪ دامن ۾ مجرم جيان،
اڄ به تحويل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

مختصر زندگي ۽ وڇوڙو ڊگهو،
ساهه تڪميل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

منهنجي جيون ۾، شعرن ۾ سچ ٿو چوان،
درد تحليل ٿيندو وڃي ٿو پرين.

توکي دوکا ڦري ويا آهن.

توکي دوکا ڦري ويا آهن.
مون کي صدما وري ويا آهن.

ٻک ڪڍن ئي نه ٿا سنڀارن مان،
خيال ڪيڏا کري ويا آهن.

ننڊ بيمار ٿي پئي آهي،
خواب سارا مري ويا آهن.

عشق منهنجو دکي متو آهي،
ٺپ تنهنجا ٺري ويا آهن.

درد چوري پيو حياتيءَ کي،
سک ته سارا ٻري ويا آهن.

اڄ به لهجو ڏسي تتو تنهنجو،
لفظ منهنجا ڳري ويا آهن.

ڪجهه جهڙالن جي زندگي آهي.

ڪجهه جهڙالن جي زندگي آهي.
ڪجهه اجالن جي زندگي آهي.

تون سڀاڻي مئل جواب ڏيجان،
اڄ سوالن جي زندگي آهي.

موت جي منهن وڃي پيا آهن،
هي جيالن جي زندگي آهي.

ڇو ڏسان خواب خشڪ ساليءَ جا،
نيڻ آلن جي زندگي آهي.

ڪجهه ڏهاڙن جي واقفيت تنهنجي،
منهنجي سالن جي زندگي آهي.

سونهن تنهنجي سدا رهي قائم،
تنهنجي والن جي زندگي آهي.

موت جهڙو، زندگيءَ ۾ ڳجهه هئو.

موت جهڙو، زندگيءَ ۾ ڳجهه هئو.
رات جهڙو، روشنيءَ ۾ ڳجهه هئو.

ڇا وٺي اٿيا نه سڌ ڪائي پئي،
عابدن جي بندگيءَ ۾ ڳجهه هئو.

ڪا خبر ناهي ته ڇا ڳولهن پيا،
ڄڻ ته منهنجي شاعريءَ ۾ ڳجهه هئو.

جرڪندڙ تارا ۽ روشن چنڊ مليو،
دشمنن جي دوستيءَ ۾ ڳجهه هئو.

هو بناوٽ جي دنيا ۾ بتُ هئو،
خوب هن جي سادگيءَ ۾ ڳجهه هئو.

اوهان جو پيار موکي آ متارا نيڻ هن منهنجا.

اوهان جو پيار موکي آ متارا نيڻ هن منهنجا.
پيارا اڄ ته اوتي ڏي اڃارا نيڻ هن منهنجا.

نماڻو عرض آ پنهنجو ڏسين جي پيار سان ڏسجان،
مٺي چاهت چڪي ڏيجان ڪسارا نيڻ هن منهنجا.

اسان مرڻا اڃا ناهيون زهر ڀل تون پياري ڏس،
اوهان کي ڀي جلا ڏيندا جيارا نيڻ هن منهنجا.

ڏکيو هو پنڌ واريءَ جو هئا هڪ هاڙهه جا ڏينهنڙا،
گهڻيري ڇانوَ ڏي سهڻي ٿڪارا نيڻ هن منهنجا.

ڊگهيون راتيون وڇوڙي جون مسلسل جاڳ ماريو آ،
وڏي آرام جا طالب، ڏکارا نيڻ هن منهنجا.

سکن جو سج تون آهين حياتي رات ڪاري آ،
سموري روشني تون آن، انڌارا نيڻ هن منهنجا.

سڪندر سونهن جو تون آن ته مون کي عشق ارپي آ،
اچي لڙڪن جي دولت ڏس هي دارا نيڻ هن منهنجا.

فقط هڪڙي وصيعت ٿي اچي آخر ۾ هٿ رکجان،
اوهان جو خواب سانڍيائون پيارا نيڻ هن منهنجا.

تون ڇا ڄاڻين يار غريبيءَ جي معنى.

تون ڇا ڄاڻين يار غريبيءَ جي معنى.
تنهنجي لئه بيڪار غريبيءَ جي معنى.

هاءِ اسان جا حاڪم جيڪر ڄاڻن ها،
ڪيڏي آ لاچار غريبيءَ جي معنى.

جيجل ڪجهه ٻڌائي سگهندي پڇ ان کان،
پيٽ بکايل ٻار غريبيءَ جي معنى.

هن پوڙهي جو حال ٻڌائيندا آهن،
عيد تي اڻڀا وار غريبيءَ جي معنى.

گهرائي سان سوچ ته ڄاڻين گهرائي،
ڪربل جا ڪردار غريبيءَ جي معنى.

کنوڻيون، ڪڙڪا، جهرندڙ جهوپو جيون جو،
لڙڪن جو وسڪار غريبيءَ جي معنى.

اڪثر ڌرتي روئي مون کي چوندي آ،
جوڌن جا سر ڌار غريبيءَ جي معنى.

اندازو ٿي ويندو توکي ڀي شهمير،
پاڻ ڪڍي ڏس پار غريبيءَ جي معنى.

کوڙ مکڙيون ٽڙيون موج ۾ گل متا.

کوڙ مکڙيون ٽڙيون موج ۾ گل متا.
مرڪ تنهنجي ڏسي خيال مينديءَ رتا.

ذهن جي ڳوٺ ۾ سونهن گهيرو ڪيو،
عشق جي شهر ۾ پير منهنجا کتا.

تون ملين ٿي مٺي سڀ ٺري ٿا وڃن،
سور سڀ بي رحم پور سڀئي تتا.

نيڻ بي چين ۽ خواب تڙپن پيا،
تنهنجي هڪڙي جهلڪ لاءِ آسائتا.

سونهن تنهنجي ڏسي مون جي جوڙيا هئا،
شعر سڀئي بڻيا منهنجا ڪارائتا.

پيار جي آڙ ۾ وقت وٺندو ويو،
زندگي ٿي ڀري موت آڏو ڀتا.

اڄ خوشين جي دنيا جو شهنشاهه مان،
درد جي ديس مان آنءُ هان لاپتا.

ڀل لڳئي مچ چئي رهيو آهي.

ڀل لڳئي مچ چئي رهيو آهي.
آئينو سچ چئي رهيو آهي.

چنڊ توڙي جو ڪجهه چوي به نه ٿو،
پوءِ به ڄڻ ڳچ چئي رهيو آهي.

هجر دڙڪا ڏئي ٿو سمجهائي،
عشق کان بچ چئي رهيو آهي.

وقت مون سان پيو ٿو ڳالهائي،
رنگ ۾ رچ چئي رهيو آهي.

اڄ به تنهنجا ڪَنا ڪچا آهن،
ڪجهه اڃا پچ چئي رهيو آهي.

جڳ انا جي پهاڙ تي بيهي،
خيال سان نچ چئي رهيو آهي.

ظلم تاريخ سان ٿيو آهي،
اڄ به چچ چئي رهيو آهي.

صبح ڇو روز بڻجي ايلازي،
شام جو اچ چئي رهيو آهي.

تنهنجي ساهه کي ٿوري ڪا ڇڪ ٿي ته ڀلو.

تنهنجي ساهه کي ٿوري ڪا ڇڪ ٿي ته ڀلو.
توکي ڀي شل منهنجي ڪجهه سڪ ٿي ته ڀلو.

توسان گڏجي گهارڻ لئه جيئن سوچيان ٿو،
ساڳي تنهنجي سوچ اگر هڪ ٿي ته ڀلو.

منهنجي موت تي تنهنجو پهچڻ لازم آ،
سوڳ جي موسم هوندي رونق ٿي ته ڀلو.

مان ته مران ٿو تنهنجي محبت ماڻڻ لاءِ،
تنهنجو ڀي آ پيار اها پڪ ٿي ته ڀلو.

سوچي سمجهي پيار ڪبو ئي ڪونهي ڪو،
محبت جو اظهار اچانڪ ٿي ته ڀلو.

آنءُ دعا جا هٿ کڻان آمين تون چئه،
موت وڇوڙي جو ڪو ڀيانڪ ٿي ته ڀلو.

محبوب سان پيار جي مون حد ڪري ڇڏي.

محبوب سان پيار جي مون حد ڪري ڇڏي.
آزار سان قرار جي مون حد ڪري ڇڏي.

هوڏانهن هيءَ ڄاڻ ٿي هوءَ ڪو نه ٿي اچي،
هيڏانهن دڳ نهار جي مون حد ڪري ڇڏي.

آيون ضرور وقت جي ڏندن ۾ آڱريون،
اهڙي ته انتظار جي مون حد ڪري ڇڏي.

چئبو ته ڪو نه پر ڀلي عدت ئي چئه کڻي،
اڄ نيٺ ائين يار جي مون حد ڪري ڇڏي.

جنهن جي خبر هئي وفا هر گز نه هوءَ ڪندي،
ان تي ئي اعتبار جي مون حد ڪري ڇڏي.

حاوي نه ٿي وڃي صفا هي درد مون مٿان،
مرڪي تڏهن بهار جي مون حد ڪري ڇڏي.

ابتو الائي ڪيئن هي چرخو ڦري ويو،
هن خود چيو ديوار جي مون حد ڪري ڇڏي.

هي موت مون مٿان اچي پهتو ئي اوچتو،
تنها سڄي ڄمار جي مون حد ڪري ڇڏي.

زندگيءَ جو سفر اهو ئي ٿي.

زندگيءَ جو سفر اهو ئي ٿي.
مختصر قبر، گهر اهو ئي ٿي.

ساهه جي تار ڪا ڊگهي ڪانهي،
ڪجهه نه ڪجهه ڪر پهر اهو ئي ٿي.

جو ويو آ ٻڏي ويو آهي،
غور سان ڏس تون جر اهو ئي ٿي.

ٿورڙا گل، بٺيءَ تي خاموشي،
سڀ نظم ۽ نثر، اهو ئي ٿي.

مختصر يا طويل سمجهين تون،
مشڪلاتن جو ٿر اهو ئي ٿي.

دل لڳي گل ڪڍي رهي آهي.

دل لڳي گل ڪڍي رهي آهي.
زندگي گل ڪڍي رهي آهي.

هوءَ مون سان ڪري پئي نخرا،
عاشقي گل ڪڍي رهي آهي.

مونکي خوشبوءِ داد بخشي ٿي،
شاعري گل ڪڍي رهي آهي.

رات جي جسم تي اسر ويلي،
روشني گل ڪڍي رهي آهي.

تنهنجي ويجهڙائي ٿي رهي آهي،
بندگي گل ڪڍي رهي آهي.

هاڻ نظرون ڪنڊن جيان ٿيون چڀن،
دوستي گل ڪڍي رهي آهي.

تنهنجو لهجو تکو ٻڌائي ٿو،
بي رخي گل ڪڍي رهي آهي.

درد پاڙون پڪيون ڪيون مون ۾،
ڪٿ خوشي گل ڪڍي رهي آهي.

سهڻي جي شهر کي مان بس سنڌ ئي ٿو سمجهان.

سهڻي جي شهر کي مان بس سنڌ ئي ٿو سمجهان.
رب پاڪ جي امبر کي مان سنڌ ئي ٿو سمجهان.

هڪ شخص مون سان اڪثر کٽ پٽ پيو ڪري ٿو،
ان لاءِ هاڻ گهر کي مان سنڌ ئي ٿو سمجهان.

مون کي سماج ڇا لئه ويرين جيان ڏسي ٿو،
جي پيار جي نظر کي مان سنڌ ئي ٿو سمجهان.

اونداهه جي ڳلن تان ڳوڙها اگهي سدائين،
هر رات جي سحر کي مان سنڌ ئي ٿو سمجهان.

منهنجي اڱڻ تي خوشبوءِ جهمريون هڻي رهي آ،
محبوب جي نظر کي مان سنڌ ئي ٿو سمجهان.

پرين جو ديس هو منهنجي بدن ۾ ساهه نه هو.

پرين جو ديس هو منهنجي بدن ۾ ساهه نه هو.
خدا گواهه ته ڪوئي به خير خواهه نه هو.

نماڻي آس کڻي مون ڪرڻ گهريو درشن،
مگر حالات جو مون سان ذرو به ٺاهه نه هو.

سڪون روح کي ناهي نه ننڊ اکين کي،
ائين ته حال ڪڏهن عشق اڳ تباهه نه هو.

سموري ميڙ ۽ چونڊي پيار هو منهنجو،
۽ هن جو پيار منهنجي سان ذرو به چاهه نه هو.

مرڻ جو ڪو نه هو الڪو سچي ٻڌايان ٿو،
خيال يار جو ٿئي پيو، سندس گناهه نه هو.

الائي ڇو هي زمانو نه سمجهه ۾ آيو،
عجيب دور هئو، سمنڊ هو، ڪو واهه نه هو.

پڇو پيا ته هئو ڇا؟ پرين پرين ٿو ڪرين،
سڄو جهان هو منهنجو فقط الله نه هو.

مرڻ کان پوءِ به پنهنجا عزيز پورن ٿا،
اهو ئي ڏک هو سڀن جو ته ڪو نباهه نه هو.

غزل جو ڪنڌ مٿي آهي.

غزل جو ڪنڌ مٿي آهي.
ڪنول جو ڪنڌ مٿي آهي.

مون توکي دل ۾ ويهاريو،
ته دل جو ڪنڌ مٿي آهي.

پئي آخر ۾ سڌ سڀ کي،
اول جو ڪنڌ مٿي آهي.

ڪنڊن ۾ قرب ڪونهي ڪو،
۽ گل جو ڪنڌ مٿي آهي.

مليو محبوب آ مس مس،
مهل جو ڪنڌ مٿي آهي.

محبت لاءِ جڙيو آ،
محل جو ڪنڌ مٿي آهي.

اوهان جون خماريل ڏٺيون هن اکيون.

اوهان جون خماريل ڏٺيون هن اکيون.
نظر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

ذهن مان اٿي سوچ ٿورو هلي،
اندر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

خدارا ڪو زلفن کي قابو ڪيو،
سحر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

ڪري ياد سهڻيءَ کي درياهه جي،
لهر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

خدا مينهن وسائي غضب آ، کنوڻ،
قهر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

ڪي مرڪن ٿا چهرا، جي ڪڪري اچي،
ڪا، ٿر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

پني تي سفر پين پئي ٿي ڪري،
۽ گهر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

سڄي رات اوندهه ڪري موج ٿي،
اسر ٿيڙ کائي ڪري ٿي پوي.

جيئن ئي تنهنجي دوستي بيهي رهي.

جيئن ئي تنهنجي دوستي بيهي رهي.
تيئن ئي منهنجي زندگي بيهي رهي.

عشق کي هر حال ۾ راضي رکيو،
حسن جي ناراضگي بيهي رهي.

مون سفر اوندهه ۾ پڻ جاري رکيو،
ڀت ڇو بڻجي روشني بيهي رهي.

هر قدم تي ڏوهه مون سان گڏ رهيا،
کوڙ ڀيرا بندگي بيهي رهي.

وار کوليا تو ته اوندهه ٿي وئي،
صبح جو ئي روشني بيهي رهي.

دوستن جا بي سبب حملا ڏسي،
دشمنن جي دشمني بيهي رهي.

هڪ هرڻ بر ۾ چرڻ لئه منتظر.

هڪ هرڻ بر ۾ چرڻ لئه منتظر.
هر شڪاري پر هرڻ لئه منتظر.

مان ورهايان پيار ٿو جڳ ۾ مگر،
هنيانءَ تي جڳ مڱ ڏرڻ لئه منتظر.

دل کسڻ لئه تنهنجو مرڪڻ ائين ڄڻ،
واٽ تي ڦورو، ڦرڻ لئه منتظر.

چپ تنهنجا سوچ ۾ هوندا ضرور،
چپ منهنجا ڪجهه گهرڻ لئه منتظر.

تون ملين منهنجي بدن جي عيد ٿي،
نه ته هئس مفلس مرڻ لئه منتظر.

مهرباني ڪر ۽ ڇٽ ناراضگيون،
ڦٽ سوين آهن ڪرڻ لئه منتظر.

مان مران ٿو تو تي، مرندس ڪو نه مان،
ان ڪري آهيان مرڻ لئه منتظر.

ائين وڏيرو ڳوٺ جي امداد لئه،
ڳوهه ڄڻ ڪا سڀ ڳهڻ لئه منتظر.

اوهان کي روز ڪهڻ جي جهڙپ ملي آهي.

اوهان کي روز ڪهڻ جي جهڙپ ملي آهي.
اسان کي روز ڪسڻ جي تڙپ ملي آهي.

ستم هزار ڪيو ٿا ته ڀي ڪڇون ئي نه ٿا،
وڏي ڪا سور سهڻ جي سهپ ملي آهي.

اڃا پيار ڪرڻ لاءِ رب خرارَ کپن،
حياتي پيار ڪرڻ لاءِ لپ ملي آهي.

مخالفن جي مغز ۾ ٺهڻ جا جذبا ها،
هئا قريب جي تن کان ئي گپ ملي آهي.

پرين کلي تون مليو آن، سچي ٻڌايان ٿو.
الائي ڪنهن جي سڙي دل ٿي، ڌپ ملي آهي.

نظر ته چنڊ به آيو نه ڏينهن جو ليڪن،
ٿيو جو عشق، ستارن_ڳڻپ ملي آهي.

الائي ڪيئن محبت سندو مليو موتي،
سمونڊ سونهن وٽان عشق سپ ملي آهي.

خدا گواهه آ شهمير اڄ مان خوش آهيان،
خوشي ڳلي سان ڪري مس ڪو هپ ملي آهي.

مون اکين تي رکي چمي مٽي.

مون اکين تي رکي چمي مٽي.
مون ڏانهن محبوب موڪلي مٽي.

منهنجي ميراث سڀ مٽي آهي،
مون کي ورثي ۾ جو ملي مٽي.

بعد عرصي ڳلي ملي خوش ٿي،
رات برسات سان کلي مٽي.

پنهنجي پوشاڪ هو ڪري ويٺا،
ڪيئي اولياءَ ۽ ولي مٽي.

تو به لهجو ڇڏيو مٽائي آ،
آ هوا سان تڏهن گهلي مٽي.

مان مٽيءَ سان ملي رهيو آهيان،
منهنجي مٿڙان وجهو ڀلي مٽي.

آدمي آهي اسان جي پيار ۾.

آدمي آهي اسان جي پيار ۾.
لازمي آهي اسان جي پيار ۾.

اک ٽمي آهي اسان جي پيار ۾.
ڪا ڪمي آهي اسان جي پيار ۾.

عشق جي بعيت مهل شامل ٿيل،
هڪ چمي آهي اسان جي پيار ۾.

نينهن ناهي راند ليڪن پوءِ ڀي،
ڪا رمي آهي اسان جي پيار ۾.

اڄ به حيرت ٿي ٿئي جو هر خوشي،
شبنمي آهي اسان جي پيار ۾.

ڄاڻ ناهي ڇا سبب آ شام اڄ،
ماتمي آهي اسان جي پيار ۾.

هر قدم پيارا سنڀالي کڻ سماج،
آرمي آهي اسان جي پيار ۾.

او پرين پڪ ڄاڻ تون پاڪيزگي،
عالمي آهي اسان جي پيار ۾.

جو به آهي ثمر انهن جو آ.

جو به آهي ثمر انهن جو آ.
ڇا به آهي مگر انهن جو آ.

پيار ئي پيار مون ڏنو ليڪن،
پيار مليو نه پر انهن جو آ.

تو به زلفن کي ڪو نه سلجهايو،
پنهنجي قسمت ۾ ور انهن جو آ.

هر دفعي ڏک ڇٽيا دنيا وارن،
هنيانءَ تي اڄ به هر انهن جو آ.

مئڪدن کي مبارڪون لک لک،
مسجدن ۾ ذڪر انهن جو آ.

مان مزي ۾ مري رهيو آهيان،
درد، فرحت، شڪر انهن جو آ.

سونهن وارن تي رب ڪري رحمت،
مون کي هر پل فڪر انهن جو آ.

هڪ ئي درُ پنجتن جو وٺ شهمير،
دين دنيا ۾ در انهن جو آ.

پرين تون ساڻ هوندو آن وڇوڙو ڦوڳ لڳندو آ.

پرين تون ساڻ هوندو آن وڇوڙو ڦوڳ لڳندو آ.
حقيقت ۾ حياتي کي سنجيده ڀوڳ لڳندو آ.

پکين وانگي اچن اڏري ڏهاڙي رات جو سپنا،
صبح جو لڙڪ اکين جا سندن کي چوڳ لڳندو آ.

نماڻو چاهه منهنجو عشق جو مسڪين هاري آ،
رويو سونهن جو مون کي وڏيرو ٺوڳ لڳندو آ.

ڏسان ٿو جسم کي ڀي نئون الستي رنگ رنڱيل آ،
مڃان ٿو روح کي ڀي صوفين جو جوڳ لڳندو آ.

هوا هر وقت شاهد آ خزان ۾ خوش گذاريو آ،
گلن جي مند ماري ٿي، سندس اٺوڳ لڳندو آ.

غريبي ۽ اميري ۾ فلڪ جيڏو فرق آهي،
هي جيون طوق بڻجي تلخ ڄڻ ڪو روڳ لڳندو آ.

دنيا کي دنگ سمجهوسي، دنيا داري نه سمجهي سي،
اسان جو خيال هر انسان کي ڄڻ اوڳ لڳندو آ.

پشم لهجو ڪري مٺڙا پڪارين نانءُ ٿو شهمير،
الائي ڪيترن ماڻهن جي منهن تي سوڳ لڳندو آ.

صبح جو ئي ڪنڌيءَ تي اڄ مهاڻي درد ڳوهي ٿي

صبح جو ئي ڪنڌيءَ تي اڄ مهاڻي درد ڳوهي ٿي.
کڻي ڄاريون ڪي خوابن جون سياڻي درد ڳوهي ٿي.

گهري ٿي دل دعا هردم نه ڪنهن کي ورُ ملي پوڙهو،
سموري عمر ويٺي نه ته نياڻي درد ڳوهي ٿي.

اچي ٿو ياد ننڍپڻ ۾ انگل روئي مڃائڻ پر،
جواني ۾ ڪٿي مرڪيو پڄاڻي درد ڳوهي ٿي.

سڄي دنيا حقيقت ۾، حياتي کيل آ هڪڙو،
پچن ڪردار ٿا ڪيئي ڪهاڻي درد ڳوهي ٿي.

اڃا هي سور تازو آ اڃا ڪتبا نوان آهن،
اڃا تائين لڳي ٿو پر مياڻي درد ڳوهي ٿي.

ذهن ۾ هر گهڙي منهنجي دکن ٿا ياد جا ٽانڊا،
نه ڏاهي ٿي اڃا ڀي دل اياڻي درد ڳوهي ٿي.

ڏهاڙي رات جو ڦٿڪي لکي آ شاعري شهمير،
اسان جي گيت وائي جي وراڻي درد ڳوهي ٿي.

هن ڳوٺ جي هڪ ناري، دل منجهه لهي وئي آ.

هن ڳوٺ جي هڪ ناري، دل منجهه لهي وئي آ.
احساس جي تارن کي نظرن سان ڇهي وئي آ.

هن ڪجهه به چيو ناهي سمجهي ته ويو آهيان،
جا ڳالهه حياء کائي ڳيتن ۾ ڳهي وئي آ.

هڪ راز ٻڌايان ٿو هٿڙو به ملايو هو،
ڪجهه زور ڏئي وئي آ ڪجهه زور سهي وئي آ.

ڪلهه شام جو ڪڻ ڪڻ ۾ ڀرپور ڪچهري ٿي،
قدرت به اسان وارو پاسو هي وهي وئي آ.

اڌ رات وري مون سان خوابن ۾ ملڻ آئي،
قسمت تي فخر آهي ڪجهه دير رهي وئي آ.

دنيا ۾ رهي ڀي مان دنيا ۾ رهيو ناهيان،
مئلن ۾ نه جيئرن ۾ اهڙو ته ڪهي وئي آ.

مهراڻ جي سيني تي لهرن ۾ لڏيو آهيان
ميهار هئس، سهڻي پاڻيءَ ۾ وهي وئي آ.

خوشين جو ميڙ آ مون وٽ، تماشو درد جو ڏسجو.

خوشين جو ميڙ آ مون وٽ، تماشو درد جو ڏسجو.
تماشي ۾ مري ويندو، پو لاشو درد جو ڏسجو.

ملڻ محبوب آيو عيد تي آ پاڻ اڄ مون سان،
پٽيندا سور اڄ سڀئي جنازو درد جو ڏسجو.

ٻڌو هوندوَ، اکين سان ڪونه پر ڪڏهن ڏٺو هوندوَ،
مڪمل شاعري منهنجي تي پاڇو درد جو ڏسجو.

حياتي ۾ خدا ڇاهي لکيو هي پوءِ پڙهندا سي،
لحاظا غور سان پهريان هي حاشو درد جو ڏسجو.

حقيقت ۾ اگر ڏسجي دنيا هي راند آ بلڪل،
اکيون کليل يڪي تائين ۽ باشو درد جو ڏسجو.

وڇوڙو ڀي وڏيرو آ نه ڏيندو خوش رهڻ شهمير،
سکن جي ڍنڍ تي قبضو به خاشو درد جو ڏسجو.

محبت مينهن وانگر آ، پسائي ڀي ۽ ٻوڙي ڀي.

محبت مينهن وانگر آ، پسائي ڀي ۽ ٻوڙي ڀي.
تڏهن ڀي هر ڪو خوش آ، ننڊ ڦٽائي ڀي ۽ لوڙي ڀي.

اندر صحرا جيان آهي اڃو منهنجو حقيقت ۾،
خدايا شل هوا ڪائي اچي ڪڪري نپوڙي ڀي.

مان پورو وس هلائيندس، وڃڻ روئي به روڪيندس،
وجهي ڳارو، رکي سر پيرڙن تي هٿ هي جوڙي ڀي.

الئه ڇو هجر ويٺو ٿو نماڻي هنيانءَ ۾ هرهر،
ڪلا ڪي درد جا زوريءَ کوڙي ڀي اکوڙي ڀي.

جدائي جي جزيري تي پيو ٿو درد سان جاليان،
پيئي ٿو خون منهنجو هو، هڏن تان ماس روڙي ڀي.

وري گڏجي گذارڻ جي مٺا ڪر مهرباني ڪا،
ظلم جي انتها ڪئي آ، پرين تنهنجي وڇوڙي ڀي!

بيمار گل ڏسان ٿو خوشبوء مري رهي آ.

بيمار گل ڏسان ٿو خوشبوء مري رهي آ.
ڇو موت تنهنجي ٿر تي ڪاوڙ وري رهي آ.

ڇا کير ڏي ٻچي کي هڏڙن جي مٺ ڀري آ.
تڙپڻ جي سگهه به ناهي ممتا ٺري رهي آ.

اڄ بي وسيءَ کي اوڍي پنهنجي ننگي بدن تي،
هڪ مرڪ سرد آهون ڪيڏيون ڀري رهي آ.

افسوس ٿي رهيو آ، ڦولار مند ۾ سهڪي،
ڪمزور ول ڀٽن تي پل پل ڳري رهي آ.

ڌرتي اڃاري ڳڙندڙ ڳوڙها ڳيهي چوي ٿي،
منهنجي اندر ۾ هڪڙي آوي ٻري رهي آ.

باطني سوچ ۾ ظاهري سوچ ۾.

باطني سوچ ۾ ظاهري سوچ ۾.
پنڊ پهڻ ٿيو وڃان سانوري سوچ ۾.

مان جيئان ٿو مگر مون کي ماري ڇڏيئي،
اوچتو اوچتو سانوري سوچ ۾.

مون اکين سان وتي تنهنجي ڳل تان چمي،
نرڙ تنهنجي جي ڇو آ جهري سوچ ۾.

ننڊ ويندي مري خواب ٿيندا قتل،
جي وڇوڙي وڌي ڪا ڇري سوچ ۾.

نفرتن کي مان ٽانڊا ڏئي هن ڇڏيا،
پيار مرڪي ڏني خاطري سوچ ۾.

سونهن تنهنجي جڏهن ڀي ڏسان ٿو پرين،
مون کان بڻجي وڃي شاعري سوچ ۾.

تون ته ڪڪري قرب جي ڪرين ئي نه ٿي،
آس تڙپي پئي هر ٿري سوچ ۾.

شام اکين جي ڪنڌين تي موسمون گجنديون رهيون.

شام اکين جي ڪنڌين تي موسمون گجنديون رهيون.
بي رخين جي بارشن ۾ محبتون ڀڄنديون رهيون.

هڪ ئي حسرت ڳل چمڻ جي سا به پوري ڪو نه ٿي،
زندگيءَ جي سر زمين تي خواهشون ڦٽنديون رهيون.

ساهه لهرن جيءُ منهنجو هر گهڙيءَ ٿي ٻوڙيو،
سڀ اميدون خالي ٻيڙيون بي وزن ترنديون رهيون.

تون پڳو آن، اڄ اميدن جو اندر پيو آ ٺري،
روح جي رمزن کي ڇيڙي راڳڻيون ٻُرنديون رهيون.

زندگيءَ جي هر قدم تي منهنجي بربادي ڏسي،
چوڙيون تنهنجي هٿن جون گيت ڳائينديون رهيون.

تنهنجي زلفن کي ڇهڻ سان آڱرين جو ٿڪ لٿو،
رات ساري ڊائري تي شاعري لکنديون رهيون.

نرتڪيءَ کي ناچ تي جيئن ناز هوندو آ ائين،
سادگيءَ تي تنهنجون چالاڪيون پرين کلنديون رهيون.

بي قدر ماڻهو سموري سگهه وڃائيندا رهيا،
سڀ سرون موهن دڙي جون درد ۾ جهرنديون رهيون.

پرين درشن ڪرائي وڃ اکين ۾ ساهه ڪونهي ڪو.

پرين درشن ڪرائي وڃ اکين ۾ ساهه ڪونهي ڪو.
نرم هٿڙا چمائي وڃ چپن ۾ ساهه ڪونهي ڪو.

مليس تو سان حقيقت ۾ ته مون کي عشق ڌوتو آ،
وڇوڙي پر نپوڙيو آ بدن ۾ ساهه ڪونهي ڪو.

خدا شاهد نه ٿو سوچيان دنيا جون يار مان ڳالهيون،
رڳو سوچون پرين تنهنجون ذهن ۾ ساهه ڪونهي ڪو.

مليو ناهين تون عرصي کان اچي وهمن وڪوڙيو آ،
لڳي ٿو موت ٿي ويندو جو من ۾ ساهه ڪونهي ڪو.

گهري ٿي دل محبت جون ڪيان ڳالهيون فقط شهمير،
نمبر تنهنجو ملايان پر هٿن ۾ ساهه ڪونهي ڪو.

او پرين! ايتري نه ڪر دوري.

او پرين! ايتري نه ڪر دوري.
زندگي مختصر صفا ٿوري.

ڏينهن سارو گذاريم روئي،
رات هڪ خواب مليو مزدوري.

مان فقط پيار ٿو گهران توکان،
چاڙهه احساس کي نه تون سوري.

مون ڪتابن ۾ ڪجهه لکي ليڪن،
ڳالهه منهنجي ٻڌي نه ڪنهن پوري.

دربدر خواب ٿي ويا آهن،
ڪير سمجهي اکين جي مجبوري.

عشق جي ايتري آ بدنامي،
حسن جي جيتري آ مشهوري.

روز اجرو صبح ٿئي پنهنجو،
ڳل چمڻ جي ملي جي منظوري.

آءُ گڏجي دعا گهرون مٺڙي،
شل وڇوڙي کي ڪا لڳي جهوري.

گهڻو ئي وقت وڃايو سڪون ڳوليندي.

گهڻو ئي وقت وڃايو سڪون ڳوليندي.
ڪٿي سڪون نه آيو سڪون ڳوليندي.

ٿيا سي رڻ جا مسافر شهر جو شور ڇڏي،
اجايو پاڻ رلايو سڪون ڳوليندي.

ويا سي پار ڏٺو سي اتان جي ماڻهن کي،
اڃا هتان کان سوايو سڪون ڳوليندي.

نه ڪنهن جا خواب ڏٺا سي سفر جي چنتا ۾،
آرام پنهنجو ڦٽايو سڪون ڳوليندي.

حياتي گذري وئي ۽ گناهه ٿيندا ويا،
ثواب هڪ نه ڪمايو سڪون ڳوليندي.

ڦلڙيون ڦلڙيون ورد سدائين اجرڪ جهڙي سوچ.

ڦلڙيون ڦلڙيون ورد سدائين اجرڪ جهڙي سوچ.
پيري چهرو زرد سدائين اجرڪ جهڙي سوچ.

تنهنجي آهي سوچ ته توکي پوءِ ڪندو تباهه،
مونکي ڏي ٿو درد سدائين اجرڪ جهڙي سوچ.

هانءُ وڇائي ويٺو آهي، ايندي ويندي لاءِ،
رلهيءَ جهڙو فرد سدائين اجرڪ جهڙي سوچ.

دنگ ۽ ننگ تي سر گهورڻ لئه آتو هردم آهه،
سنڌ جو سورهه مرد سدائين اجرڪ جهڙي سوچ.

محنت، محبت چاهي، ناهي موسم جو محتاج،
گرم هجي يا سرد سدائين اجرڪ جهڙي سوچ.

درسنيءَ ڀي نه سڃاتو مون کي.

درسنيءَ ڀي نه سڃاتو مون کي.
عشق درياهه جو پاتو مون کي.

تون نه آهين ته لڳي ٿو گهر جو،
اوپرو يار احاطو مون کي.

يار جو نانءُ خدا مان لکندس،
ڏي گهڙيءَ لاءِ جي کاتو مون کي.

ڇو ڀلا چپ ئي ٺري ويا تنهنجا،
هڪڙي فنڪار جي ڳاتو مون کي.

منهنجا احساس وڻن ٿا توکي،
پيار هي رنگ آ لاتو مون کي.

پيار جي لاءِ مران ٿو پيارا،
تو اڃا پوءِ به نه ڄاتو مون کي.

نانءُ تاريخ ۾ لکيو ويندو،
گهاڻي پيڙهيو آ لاڳيتو مون کي.

حسن چرچو ڪري ويو آهي.

حسن چرچو ڪري ويو آهي.
عشق رونشو ڪري ويو آهي.

معتبر درد ٿي ويو آهي،
دل تي قبضو ڪري ويو آهي.

مان محبت کنيون هئس بيٺو،
پيار پردو ڪري ويو آهي.

موت کي حال تي رحم آيو،
ائين صدمو ڪري ويو آهي.

مون تي تارا کلي رهيا آهن،
اونداهو شو ڪري ويو آهي.

مون تي ماڻهن کي ٿئي ٿو تعجب،
زندهه لاشو ڪري ويو آهي.

تلخ ماضيءَ جي تصوير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

تلخ ماضيءَ جي تصوير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
ياد جي هن وڏي وير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

مون کي توسان ملڻ ڪو نه ڏيندي مٺي،
مون کي پنهنجي ئي تقدير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

عشق جي جنگ ۾ پيار غازي بڻيو،
سازشن واري شمشير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

مون کي شربت ۾ يارن پياريو زهر،
ان ڪري اڄ مٺي کير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

ڪارا بادل ۽ گجگوڙ اڀ تي ڏسي،
اڄ ته گهر جي به ڇهتير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

جيئن غصي ۾ اچي نانگ کائي ٻچا،
اڄ مريدن کي ائين پير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

تون نه آهين پرين هنيانءُ ساڙي پئي،
هاڻ گهلندڙ ٿڌي هير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
¬¬¬¬¬
مان محبت جون ڳالهيون ڪندو ٿو وتان،
هو چوي ٿي ته شهمير مان ڀؤ ٿو ٿئي.

تو جو وڇڙي الڳ ورتيون راهون.

تو جو وڇڙي الڳ ورتيون راهون.
يار برباد ٿي ويس آئون.

تو خوشيءَ سان وڃي ڪئي شادي،
درد سان مون به هن لڌيون لائون.

تيز اس کان گرم لڳن پاڇا،
عمر ساري مليون نه ڪٿ ڇائون.

هاءِ قسمت جي بدنصيبي آ،
پيار منهنجي کي ڪو نه سمجهائون.

اڄ به احساس ڦٽجي پيا آهن،
چوٽ تي چوٽ ٿا نئي کائون.

موت ويجهو وڃي پڳو آهيان،
مون کان طبيعت به ڪو نه پڇيائون.

رُس نه مون کان خيال ۾ هاڻي،
ميڙ توکي ڏيان ٿو ڪوتائون.

منهنجي به حياتي هي اڌ رات جيان آهي.

منهنجي به حياتي هي اڌ رات جيان آهي.
ڪو شور ئي ڪونهي ڪو سڀ سانت جيان آهي.

هڪ ڏينهن پيو مينهن هو هڪ رات رهي پئي هئي،
بس رات اها ئي بابرڪات جيان آهي.

مان اڄ به طبيعت ۾ ڳوٺاڻو اياڻو هان،
هر سوچ پرينءَ جي پر سقراط جيان آهي.

هن مون کان پڇيو تنهنجو ڪيئن وقت پيو گذري،
مون کيس چيو ظالم سڪرات جيان آهي.

هڪ ظلم جيان هن جو مون ساڻ رويو آ،
هت حال سڄي سنڌ جي حالات جيان آهي.

هر روز پئي لوڙهي هر ياد پرين تنهنجي،
طوفان مٽيءَ جو ۽ برسات جيان آهي.

آنءُ اڪيلو سمنڊ ڪناري لشڪر يادن جو.

آنءُ اڪيلو سمنڊ ڪناري لشڪر يادن جو.
هرهر ٻوڙي ماري تاري لشڪر يادن جو.

وسري ويندس هڪ پل ۾ سڀ تاريخي ڪاهون،
ڪير ڏسي جي سنجها ڌاري لشڪر يادن جو.

چنڊ ستارن جي ڇت هيٺيان پوهه سياري ۾،
آليءَ ڪاٺيءَ وانگي ٻاري لشڪر يادن جو.

تنهنجو ناهي ساٿ تڏهن ٿو صدما ساڻ ڪري،
آنجهي مانجهي پيو للڪاري لشڪر يادن جو.

صبح سويري هوءَ اٿاري چانهه ته ڏي ٿي پر،
هن کان پهريان هاڻ اٿاري لشڪر يادن جو.

جيون جي هر موڙ تي ڪيڏو بيوس هان شهمير،
ڊوڙائي ڊوڙائي ماري لشڪر يادن جو.

ڳوٺ جي گهر کي کپايو آهي.

ڳوٺ جي گهر کي کپايو آهي.
ڄڻ ته امبر کي کپايو آهي.

منُ ٻاٻيهو اڃو ئي مرندو،
ڇو ته ساگر کي کپايو آهي.

يادگيرين جو متل آ پٽڪو،
مون سمندر کي کپايو آهي.

بند نيڻن جا ڀڄي پيا آهن،
ديد جي جر کي کپايو آهي.

زهر اوتن ٿا پيا پاڻيءَ ۾،
ڪنهن ته منڇر کي کپايو آهي.

ڏوهه ڪنهن جو آ زمانا ڏس تون،
ماءُ ڇوڪر کي کپايو آهي.

مور ڪيئي ٿا مرم منجهه مرن،
ڪنهن مٺي ٿر کي کپايو آهي.

آنءُ خالي هان رهيو ڪجهه ڪونهي
پنهنجي اندر کي کپايو آهي.

حقيقت ۾، پراون کان گهڻو پنهنجن ڏکايو آ.

حقيقت ۾، پراون کان گهڻو پنهنجن ڏکايو آ.
اسان جن کي سڄڻ سمجهو انهن سڄڻن ڏکايو آ.

وسايا ڪو نه تو ڪنهن دم پيارا پيار جا بادل،
اڃايل دل جي ڌرتيءَ کي تڏهن ڪڪرن ڏکايو آ.

بهارن ۾ هئي هي دل دنيا جون پر خزان رسمون،
اجاڙي دل جي دنيا کي ويون رسمن ڏکايو آ.

حياتي چار ڏينهن آهي ٻه گذريا هن ٻه گذرن ٿا،
گذاريم جي سوا تنهنجي انهن پهرن ڏکايو آ.

سوايا سور ڏئي وئي آ اکين کي ساڀيا سهڻا،
وري ساڀيا کان نيڻن کي گهڻو سپنن ڏکايو آ.

هنيا پئي لوڪ ڳالهين جا پٿر پر اف نه ڪئي ڪنهن سان،
فقط تنهنجي ڪري شهمير کي سڀنن ڏکايو آ.

مون چيو خواهشون شهيد نه ڪر.

مون چيو خواهشون شهيد نه ڪر.
تو چيو مون ۾ ڪا اميد نه ڪر.

مون چيو پيار ڏي فقط مون کي،
تو چيو تنگ بس مزيد نه ڪر.

مون چيو هڪ خوشي ملي تنهنجي،
تو چيو درد سڀ خريد نه ڪر.

مون چيو دم بدم ڏسان توکي،
تو چيو مون طرف ته ديد نه ڪر.

مون چيو سونهن ٿو خدا سمجهان،
تو چيو بس اها توحيد نه ڪر.

صدمن مون وٽ عيد ڪئي آ.

صدمن مون وٽ عيد ڪئي آ.
لڙڪن مون وٽ عيد ڪئي آ.

تو ته خوشيءَ کي ڀاڪر پاتو،
دردن مون وٽ عيد ڪئي آ.

سنگت ۾ تو ٽهڪ ورهايا،
سڏڪن مون وٽ عيد ڪئي آ.

هيءَ حقيقت جاڳ مڃي ٿي،
سپنن مون وٽ عيد ڪئي آ.

ڦٽ سمورا روئي پيا هن،
زخمن مون وٽ عيد ڪئي آ.

فطري ۾ ديدار ڏئين هان،
روزن مون وٽ عيد ڪئي آ.

مرڪي مٺيون خرچي ڏين هان،
اڌمن مون وٽ عيد ڪئي آ.

دلبر جي دغائن تي توجهه سبيل آهي.

دلبر جي دغائن تي توجهه سبيل آهي.
۽ منهنجي وفائن تي توجهه سبيل آهي.

مون نينهن نپايو آ ٻيو ڏوهه ناهي منهنجو،
ته به هن جي سزائن تي توجهه سبيل آهي.

منهنجو به حقيقت ۾ ڪم عشق تي ٿيل آ،
سهڻي جي ادائن تي توجهه سبيل آهي.

مان پيار اڃا هن سان چپ چاپ ۾ ڪيان ٿو،
فلحال رٿائن تي توجهه سبيل آهي.

منهنجي ته اندر هن جي چاهت ٻري رهي آ،
ان لاءِ هوائن تي توجهه سبيل آهي.

هر وقت آهه ڪوشش حاصل ته نيٺ ٿيندو،
اڄ ڪلهه ته دعائن تي توجهه سبيل آهي.

مون چيو ڇو نه پنهنجا ستارا مليا!.

مون چيو ڇو نه پنهنجا ستارا مليا!.
تو چيو ڪٿ به سج ساڻ تارا مليا؟.

مون چيو اُس ۾ پڻ پئي ٿي ڦڙڦڙ ڪڏهن!،
تو چيو جونِ سان ڪٿ به پارا مليا؟.

تلخ ڏاڍو رهيو زندگيءَ جو سفر،
توکي منزل ملي مونکي چارا مليا.

مون کي دردن جي سيلاب لوڙهي ڇڏيو،
تنهنجي ٻيڙي کي جٿ ڪٿ ڪنارا مليا.

توکي رشتا مليا توکي تحفا مليا،
مون کي پنهنجا به ٿي سڀ اڌارا مليا.

توکي ٽهڪن جا وک وک سهارا مليا،
منهنجي لڙڪن کي کليل نيسارا مليا.

تنهنجو مون ساڻ پيار ٿئي، ائين ٿئي.

تنهنجو مون ساڻ پيار ٿئي، ائين ٿئي.
ٺوٺ درياهه تار ٿئي، ائين ٿئي.

جيئن مون کي آ ائين تو کي ڀي،
عشق سر تي سوار ٿئي، ائين ٿئي.

ساهه تو ڏانهن ٽنگيو پيو آهي،
توکي ڀي انتظار ٿئي، ائين ٿئي.

تنهنجو نالو صفا اڪيلو آ،
منهنجو ان سان شمار ٿئي، ائين ٿئي.

تون اچانڪ اچين ۽ ترسي پئين،
معجزو اهڙو يار ٿئي، ائين ٿئي.

اک ملائي ڏسين جي جهٽ هڪڙي،
اڻ پيتو خمار ٿئي، ائين ٿئي.

ساٿ تنهنجو رهي سلامت جي،
ٻيڙو منهنجو به پار ٿئي، ائين ٿئي.

تنهنجي مرڪڻ تان آنءُ سرُ گهوريان،
هانءَ تان هلڪو بار ٿئي، ائين ٿئي.

هر خوشي جو هر غميءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.

هر خوشي جو هر غميءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.
سچ اهو آ زندگيءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.

شهر جا رهندڙ ڏسان ٿو ريس مان مون کي تڪن ٿا،
منهنجي اهڙي سادگيءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.

روز ڇيڙيان تنهنجون ڳالهيون چنڊ سان ٿئي ٿي ڪچهري،
منهنجي هن آوارگيءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.

خوبصورت گل ڦٽن ٿا ساڻ آهين ان ڪري بس،
دوستن جو دشمنيءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.

منهنجون غلطيون معاف ڪن ٿا جام ماڻهو پيار ڪن ٿا،
منهنجي هن ديوانگيءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.

مانُ ٿئي ٿو محفلن ۾ مان مڃان ٿو سچ اهو آ،
جو به آهي شاعريءَ تي هرمچو تنهنجي ڪري آ.

محبوب کان سواءِ ڪٿ هي دل نه ٿي لڳي.

محبوب کان سواءِ ڪٿ هي دل نه ٿي لڳي.
ڪوشش گھڻي ڪيم پر بلڪل نه ٿي لڳي.

جنهن ڏينهن کان ملي اک ان ڏينهن کان وٺي،
آرام آ ڦٽل اک هڪ پل نه ٿي لڳي.

دردن طويل ڪئي آ مون سان مسافري،
رستي ۾ ڪا خوشين جي منزل نه ٿي لڳي.

آسان زندگي آ جي ساڻ آ پرين،
مشڪل وڏي وڏي ڀي مشڪل نه ٿي لڳي.

هر روز ماري ماڻهو پوءِ ڀي پرين صفا،
معصوم مرڪ تنهنجي قاتل نه ٿي لڳي.

منهنجون خوشيون هميشه ڪاري لباس ۾،
مرڪي خوشي ڪا مون کي ڇو ڳل نه ٿي لڳي.

شهمير جي اڌوري تصوير تو بنا،
سهڻي فريم ۾ ڀي مڪمل نه ٿي لڳي.

پيار ڳيچيءَ وڌم مڙهي هاڻي.

پيار ڳيچيءَ وڌم مڙهي هاڻي.
درد دل کي پيو گهڙي هاڻي.

تون اجايو ٿو لڙڪ هارين پيو،
ڪير ڳوڙها نه ٿو پڙهي هاڻي.

گرميون تيز ٿي ويون آهن،
ڪو به ڇت تي نه ٿو چڙهي هاڻي.

عشق رڻ جو سفر چيو ڏاهن،
پيار جون جنهن ڪيون هيون ڳالهيون،

پيار جون جنهن ڪيون هيون ڳالهيون،
هاءِ! سوئي پيو وڙهي هاڻي.

دوست هر ڪو سٺي نوڪريءَ ۾ لڳو.

دوست هر ڪو سٺي نوڪريءَ ۾ لڳو.
روح منهنجو چريو ڇوڪريءَ ۾ لڳو.

مان انهي ڏينهن کان پوءِ مئل هان سچي،
سنهڙو پٿر جڏهن ڪوهه مريءَ ۾ لڳو.

مون کي تاريخ سهڻي پڪاري پئي،
ذهن هڪدم وڃي ڏوڪريءَ ۾ لڳو.

ڇوڪري وائڙي ٿي وئي اوچتو،
در جو چوڪاٺ جيئن ٽوڪريءَ ۾ لڳو.

مان ته گهر پنهنجي موٽيو اچان پيو سڌو،
حادثو هڪ وڏو آمريءَ ۾ لڳو.

هن کان وڇڙي مري جي ويس ائين مان،
جيءُ ٿورو ٿڪو شاعريءَ ۾ لڳو.

تو بي وفا کان ننڍڙو هي ڪم نه ٿي سگهيو.

تو بي وفا کان ننڍڙو هي ڪم نه ٿي سگهيو.
ڪوڙو به واعدو هڪ، ڪنهن دم نه ٿي سگهيو.

هو ڏس وڃي ملي ٿو ڌرتيءَ کي آسمان،
افسوس يار پنهنجو سنگم نه ٿي سگهيو.

هر مرض جو علاج ڪري وقت ٿو مگر،
منهنجي ڦٽن لئه وقت به مرهم نه ٿي سگهيو.

بگڙيو ئي ڪجهه عجيب طرح سان هيو نصيب،
مرڪڻ جي باوجود به گهٽ غم نه ٿي سگهيو.

ٻارهو ئي زندگيءَ تي حاوي رهي خزان،
هڪڙو به پل خوشيءَ جو ڇو ضم نه ٿي سگهيو.

تنهنجي الڳ رهڻ جي، ٿي تڙپ کي سڪون،
توڙي زهر به موت جو، پيتم نه ٿي سگهيو.

نظم

---

“نظم” دردن جا سڏڪا

ڪي گهاون جا ڳوڙها ڪي زخمن جا سڏڪا،
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

نه خوشبوء پکيڙي نه گل ٿي ٽڙياسي،
نه ٽاريءَ ٽلياسي نه تون مان ملياسي،
اسان ڪهڙي موسم ۾ اجڙي وياسي،
ڪي گلڙن جا سڏڪا ڪي گلشن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

نه شبنم جي قطرن ڪئي گل تي ورکا،
ڪڏهن دل جي ڌرتيءَ تي بادل نه برسيا،
نه خوشيون، نه مرڪون، نه چرچا، نه کجڪا،
اسان وٽ ٿا سڏڪن ڪي سڏڪن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

نه دل ڪنهن جي آتي نه ڪنهن لاتو ڇاتي،
نه در کان بيهي ڪنهن ڪڏهن پاتي جھاتي،
دونهون ٿي اڏامي وئي هي حياتي،
نه سڄڻن جا سڏڪا نه دشمن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

اوهان سان ملڻ لاءِ ڪاٿي ڇڏن ٿا،
ڪي ڪنڊا رکن ٿا ڪي ڪاوا رکن ٿا،
مٽيءَ ۾ اندر ئي دفن ٿي وڃن ٿا،
ڪي پيرن جا سڏڪا ڪي رستن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

نه نيڻن جون مرڪون نه نيڻن جي چاهت،
نه نيڻن کي ننڊ آ نه نيڻن کي راحت،
جيئڻ جي ٻڌايان مان ڪهڙي وضاحت،
ڪي نيڻن جا سڏڪا ڪي سپنن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

الئه ڇو ابي ۽ امان ڪو نه سوچيو،
زهر ٿي حياتي ادا ڪو نه سوچيو،
لکئي ڪو نه سوچيو خدا ڪو نه سوچيو،
ڪتابن جا سڏڪا ۽ ورقن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

نه مرڪن جي ميندي نه لائون خوشين سان،
وڏي عمر جو ورُ وڏين ئي مڇن سان،
ٿو گهوري بدن کي هو وحشي اکين سان،
سڄي رات سڏڪن ٿا جذبن جا سڏڪا،
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

اچانڪ محبت تي رهزن ٿو ڪڙڪي،
پرهه جو مٽيءَ تي هو ڦٿڪي، هو ڦٿڪي،
ڪري منهن کي ڳاڙهو ڪهاڙي ٿي مرڪي،
نه ڌارين جا سڏڪا نه پنهنجن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

الائي ته ڇا ڇا سوالي بڻيل هن،
ڪي جيون جا پاڇا سوالي بڻيل هن،
ڪي جيون جا لاشا سوالي بڻيل هن،
هي رسمن جي رونق يا رسمن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.

***

نظم“ آزادي”

هوا ڄاڻ آئي، هوا پاڻ هوندي.
وفا جي چمن ۾ اوهان ڪاڻ هوندي.
خزائن برابر مڃي آڻ هوندي،
هو آزاد آهي، هو سچ ساڻ هوندي.

گلابن جي زلفن ۾ سرهاڻ هوندي،
ذري جي نه ذهنن تي ڪاراڻ هوندي،
نه ڪنهن جي اکين ۾ ڪا آلاڻ هوندي،
نه تهمت جي پوتيءَ تي ميراڻ هوندي،
نه ڌرتي ۽ اڀ تي ڪا ڇڪتاڻ هوندي،
نه مقتل جي رستن تي ڳاڙهاڻ هوندي.،
هوا ڄاڻ آئي، هوا پاڻ هوندي...

اميدن جي هٿ ۾ هي ڳاڙهو جهنڊو آ،
اهو ڪانئرن جي اکين ۾ ڪنڊو آ،
حقيقت جي هٿ ۾ ڪهاڙي ڏنڊو آ،
غلامي جو سپنو انڌو ۽ منڊو آ،
ڪو ڪارنهن جي منهن تي هي اجرو ڇنڊو آ،
وڏي پيار هوندي چون ٿا ننڍو آ،
مگر نينهن جي دل نئي کاڻ هوندي،
هوا ڄاڻ آئي، هوا پاڻ هوندي...

اڃا موج مستيءَ ۾ آئي ڪٿي آ،
اڃا واڳ تو ڏي ورائي ڪٿي آ،
هي ڌرتي اسان جي پرائي ڪٿي آ،
اڻانگي چڻنگ مون دکائي ڪٿي آ،
اڃا ننڊ تنهنجي ڦٽائي ڪٿي آ،
ڀٽائي جي وائي مون ڳائي ڪٿي آ،
جي ڳاتم ته هر جاءِ واکاڻ هوندي.
هوا ڄاڻ آئي، هوا پاڻ هوندي...

”وڇوڙي کي تيلي“

مٺي تون ملين ٿي ته موجون ڏسان ٿو.
رسين ٿي ته دردن جون فوجون ڏسان ٿو.

سوا تو گھڙي ڀي گذارڻ ڳري آ،
حياتي هي منهنجي پئي ڄڻ جھري آ،
سڄي رات يادن جي برسات پئي آ،
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.

لڳي سار تنهنجي ٿڌي هير وانگي،
۽ تنهنجو تصوّر مٺي کير وانگي،
جڏهن شام جو سج لهڻ جي ڪري ٿو،
تڏهن ساهه منهنجو ٿڌا ساهه ڀري ٿو،
صبر ڪر ستايم گھڻو پنهنجي دل کي،
مگر دل نه سمجهيو، هي دل بي چئي آ.
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.

ها ننڍپڻ ۾ تو مون ڪئي راند آهي،
لڪين تون مان ڳوليان اڃا ياد آهي،
گلابن جي ڀرسان چيم توکي روڪي،
تو پوپٽ کي پڪڙيو مون پڪڙيو هو توکي،
مسلسل ستائڻ پرين ٺيڪ ناهي،
مون توسان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آ.
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.

اڃا در ۾ ڦاٿل اڃي ديد آهي،
اسان جي سوا تو نه ڪا عيد آهي،
نه مرڪن سان محفل رچائي سگھان ٿو،
نه لڙڪن سان بلڪل اچائي سگهان ٿو،
مٿان چنڊ مان روشني جا ڇڻي ٿي،
ٽڪي جي سا مون کي نه بلڪل وڻي ٿي،
حياتي مان رونق ڇڏائي وئي آ.
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.
هلي آ وڇوڙي کي تيلي ڏئي آ.

“اسان توکي سڃاتو سي”

اسان توکي سڃاتو سي اسان توکي سڃاتو سي.
گلن جي شهر ۾ رهندي ڪنڊن جو قرب ڄاتو سي.

سٺي سرهاڻ ڦهلائي، نئي ڇڪتاڻ ڦهلائي،
چٽي چانڊاڻ ڦهلائي، اوهان جي ڪاڻ ڦهلائي.
نه ڪي ڪاراڻ ڦهلائي، ڀليل کي دڳ ته لاتو سي.
اسان توکي سڃاتو سي اسان توکي سڃاتو سي.

گلابي گيت ڳائي ڪا، بڻايو راهه نئين ٻي ڪا،
نه پاڻي تي ڪڍو ليڪا، نه آڻيو سوچ ميري ڪا،
ڪئي غلطي وڏي جيڪا، برهه ۾ پير پاتو سي.
اسان توکي سڃاتو سي اسان توکي سڃاتو سي.

ڀلي اڄ حسن مارائي، نه وچ ۾ ڪير ڳالهائي،
اسان الفي ڇڏي پائي، اوهان کي خوف ٿو کائي،
مٽي ماٿي ڇڏي لائي، روحاني راڳ ڳاتو سي.
اسان توکي سڃاتو سي اسان توکي سڃاتو سي.

ستارا رات جا ٽانڊا، اچن ٿا وات ۾ آنڊا،
بدن کي باهه گهيري وئي، ڀري پيا روح جا ڀانڊا،
اسان جي پوءِ به هٿڙن ۾ اڀا ها عشق جا جهنڊا،
اسان مرڻا ڪڏهن ناهيون مٽيءَ جو کير ڌاتو سي،

“حياتي سڪل وڻ”

اکين مان وئي ننڊ سڀ خواب ڇاڻي.
حياتي سڪل وڻ مان ڀانيان ٿو هاڻي.

نه ٽهڪن جا ٽڙيا ٻه ٽي گونج جاني،
نه مرڪن جي موسم ڪئي مهرباني،
رڳو منهنجي لڙڪن ۾ آئي رواني،
سدائين وڇوڙن ڏٺو مون کي تاڻي.
اکين مان وئي ننڊ سڀ خواب ڇاڻي.

اوهان جا ستائن پيا ڦٽ مون کي،
مٿان چنڊ بيهي وجهي وٽ مون کي،
لڳي ڄڻ ته امبر ڇڳل کٽ مون کي،
اچي ياد تنهنجي ستارن کي واڻي.
اکين مان وئي ننڊ سڀ خواب ڇاڻي.

پرين تو جڏهن کان ڇنا قرب ناتا،
ڏکن پوءِ کوليا پراڻا ڪي کاتا،
سدا نيڻ منهنجا رهيا تو لئه آتا،
اڏيو گهر اچي ڪو وري لاڙڪاڻي.
اکين مان وئي ننڊ سڀ خواب ڇاڻي.

“ڪڏهن ياد ايندئي”

ڪڏهن ياد ايندئي، ڪڏهن ياد ايندئي،
سي ننڍپڻ جون يادون، جتي يار مان تون،

جي ملندا هئا سون، ته ويهندا هئا سون،
ڪو گهمندا هئا سون، ۽ چوندا هئا سون،
تون منهنجو پرين آ، تون منهنجو پرين آ.
ڪڏهن ياد ايندئي،...........

ڪڏهن ياد ايندئي، ڪڏهن ياد ايندئي،
اها لڪ لڪوٽي، هئي هڪڙي ڪوٺي،
۽ ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾، مان توکي لڪائي،
وري آنءُ موٽي، پو توکي ئي ڳوليان،
ڪڏهن ياد ايندئي، ...........

ڪڏهن ياد ايندئي ڪڏهن ياد ايندئي.
ڏئي هٿ هٿن ۾، اڇا ڪپڙا پائي،
ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ ورائي،
علم جي بهاني عشق کي پرائي،
(ڏسون هڪ ٻئي کي) دنيا کي ڀلائي،
ڪڏهن ياد ايندئي............

ڪڏهن ياد ايندئي ڪڏهن ياد ايندئي،؟
جڏهن مان نه هوندس تڏهن ياد ايندئي.!
ڪڏهن ياد ايندئي.؟ ڪڏهن ياد ايندئي.؟؟؟

وائي

---

منهنجي جيون کي

منهنجي جيون کي،
درد چٻاڙي ٿو.

مينهن پيو تصوير تي،
مصور جي فن کي،
درد چٻاڙي ٿو.

ڳائي ٿو فنڪار پر،
اڄ هن جي ڌن کي،
درد چٻاڙي ٿو.

پيٽ ڀريان ٿو شڪر سان،
صبر جي ان کي،
درد چٻاڙي ٿو.

روئي رت اٻوجهه ٿو،
سياڻي جي من کي،
درد چٻاڙي ٿو.

ڏک ۾ اکين سان ،

ڏک ۾ اکين سان ،
لڙڪن ساٿ ڇڏي ڏنو.

غربت پهتي جهول ۾،
ان کان پوءِ مون سان،
رشتن ساٿ ڇڏي ڏنو.

درد مليو هر گام تي،
منزل کان پهريان،
پيرن ساٿ ڇڏي ڏنو.

صدمو رسيو يار جو،
سج لهڻ ڌاران،
مرڪن ساٿ ڇڏي ڏنو.

هاءِ وڇوڙي ۾ لڪل،
موت هئو جانان،
جيون ساٿ ڇڏي ڏنو.

مون وٽ ڇا ويٺي،

مون وٽ ڇا ويٺي،
آئي هوڏانهن بس،
۽ پو هوءَ هلي وئي.

ڳوڙهن جي آڻي،
ڳلڙن تي سرڪس،
۽ پو هوءَ هلي وئي.

درد سڀئي مون لاءِ،
بيهاري چؤڪس،
۽ پو هوءَ هلي وئي.

لهجي منجهه ڏسي،
وڇوڙي جو گس،
۽ پو هوءَ هلي وئي.

ائين نه ٿيندو آ،
جيئن ڦٽائي چس،
۽ پو هوءَ هلي وئي.

وقت وڏو آڙاهه، ساڙي ٿو هر ساهه،

وقت وڏو آڙاهه، ساڙي ٿو هر ساهه،
پيارا جلدي موٽي آءُ.

سهڻا واعدا ياد ڪر، روئي ٿو ويساهه،
پيارا جلدي موٽي آءُ.

راهه تڪي نيڻن جو، اٿلي پيو درياهه،
پيارا جلدي موٽي آءُ.

جيون جي ٻيڙي جو، تون ئي هڪ ملاح،
پيارا جلدي موٽي آءُ.

سڏڪي ساڻو هانءُ ٿو، مرڪن سان ٿي ٺاهه،
پيارا جلدي موٽي آءُ.

منهنجي هيڻي حال کان، ڪير ڪرئي آگاهه،
پيارا جلدي موٽي آءُ.

وکريل آهه حيات، دردن ڪئي ڀڃ ڊاهه،
پيارا جلدي موٽِي آءُ.

تنهنجي لئه شهمير، آتو منهنجو چاهه،
پيارا جلدي موٽي آءُ.

منهنجو هر سپنو، آهي اياڻو،

منهنجو هر سپنو، آهي اياڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

چانڊوڪيءَ جي ڳوٺ ۾، هيسيل ٽاڊاڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

شهرتن جي شهر ۾، سادو ڳوٺاڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

جوڀن رتِ جو چين، آهي اڏاڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

اڃيو درد کڻي، ساقي پراڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

ٻيڙيءَ ۾ سيڱاريون، ميڙي مهاڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

مڇيءَ جهول ڀري، بکيو ڳوٺاڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

سڀ بلاول گھوٽي، هاڻي هي گھاڻو،
الائي ڪنهن کي ڳولي ٿو.

موٽي آ، تنهائي،

موٽي آ، تنهائي،
پوڙهي ٿي وئي آ.

ننڍڙي هئي ته ڇڏي وئين،
ساڳي يار جدائي،
پوڙهي ٿي وئي آ.

جوڀن رتِ ۾ جا،
ڳالهين باهه لڳائي،
پوڙهي ٿي وئي آ.

مون کي ڳاري پئي ڳري،
ڳڻتي پاڻ اهائي،
پوڙهي ٿي وئي آ.

آزادي آ جيل ۾،
نعرن ڪو نه ڇڏائي،
پوڙهي ٿي وئي آ.

مٺڙي نيڻن جي،

مٺڙي نيڻن جي،
ننڊ ڀڄي پئي آ.

پايل پاتئي رات جو،
ستل رستن جي،
ننڊ ڀڄي پئي آ.

مرڪي ميڇ ڏنئي،
جهونن جذبن جي،
ننڊ ڀڄي پئي آ.

آويلو برسات ۾،
اوکن اڌمن جي،
ننڊ ڀڄي پئي آ.

مرڪون آهن وائڙيون،
اهڙي سڏڪن جي،
ننڊ ڀڄي پئي آ.

ڪونهي سوچيو مون،

ڪونهي سوچيو مون،
ماڻهو ڇا چوندا.

ايڏو پيار نه ڪر مٺا،
چوندي آهين تون،
ماڻهو ڇا چوندا.

هئين نه ٿئي ، هئين ٿئي،
ان تي ڇو سوچون،
ماڻهو ڇا چوندا.

رهنداسين گڏ ڪيئن پوءِ،
هي جي سوچيو سون،
ماڻهو ڇا چوندا.

ڇا لئه پاڻ وڙهون ڀلا،
ڏينهن مڙوئي ڏون،
ماڻهو ڇا چوندا.

ننڍڙين ڳالهين تي اگر،
ٿينداسون سامهون،
ماڻهو ڇا چوندا.

ساڻن پيرن کي،

ساڻن پيرن کي،
لهرن زور ڏنا،
سمنڊ ڪناري شام جو.

پاڻيءَ جا هٿ پير ۾،
ڪير ڪريس منع،
سمنڊ ڪناري شام جو.

منزل مون کي ٿي سڏي،
ڪڙيون ڇو نه ڇنا،
سمنڊ ڪناري شام جو.

درد وجهي ٿو سير ۾،
ڦاڙي روز پنا،
سمنڊ ڪناري شام جو.

اڀ کي ڌرتيءَ ڪيترا،
ڏوراپا به ڏنا،
سمنڊ ڪناري شام جو.

هو ته کلن ٿا پاڻ ۾،
منهنجا نيڻ ڀنا،
سمنڊ ڪناري شام جو.

شاهي گھر ڄائي،

شاهي گھر ڄائي،
پياري پياري ڇوڪري.

ماءُ ئي اوندهه ۾ وڃي،
گند تي اڇلائي،
پياري پياري ڇوڪري.

الزامن جي گھر هئي،
سورن سامائي،
پياري پياري ڇوڪري.

پوڙهي کان پيسا وٺي،
لوڀيءَ پرڻائي،
پياري پياري ڇوڪري.

دنيا ۾ شهمير،
دردن لئه آئي،
پياري پياري ڇوڪري.

هوندي آهي من ۾،

هوندي آهي من ۾،
تنهنجي ياد جهڙالي وانگي

هر پل ساجن ائين لڳي،
نٽهڻ جيون ۾،
تنهنجي ياد جهڙالي وانگي.

بڻجي مون لئه ڇانورو،
آئي جوڀن ۾،
تنهنجي ياد جهڙالي وانگي.

سوچيان اوتيان ڪيئن اڃا،
سهڻن لفظن ۾،
تنهنجي ياد جهڙالي وانگي.

راحت ڏيندي آ مون کي،
جون جي جهولن ۾،
تنهنجي ياد جهڙالي وانگي.

ڀانيان ٿو شهمير مان،
ڏکين لمحن ۾،
تنهنجي ياد جهڙالي وانگي.

ورندو اهڙو واءُ،

ورندو اهڙو واءُ،
ويندا درد ڇڻي،
جيون جي وڻ مان وري.

اڀ جيڏي دلجاءِ ڪر،
سرتي سلڇڻي،
جيون جي وڻ مان وري.

اوکي موسم ٿورڙي،
ڏيندو ڦل ڌڻي،
جيون جي وڻ مان وري.

وقت وڍي ٿو ڏينهنڙا،
ڪيڏا ڪرٽ کڻي،
جيون جي وڻ مان وري.

جيون جي رڻ ۾،

جيون جي رڻ ۾،
تنهنجن زلفن جي،
ڇانوَ ٿي گهرجي پرين.

لڙڪ سڪن ئي ڪو نه ٿا،
تڏهن ٽهڪن جي،
ڇانوَ ٿي گهرجي پرين.

سپنن کي گهاٽي گهڻي،
هردم اکين جي،
ڇانوَ ٿي گهرجي پرين.

هر صديءَ ۾ پيار کي،
پوتر جذبن جي،
ڇانوَ ٿي گهرجي پرين.

سهڻي شاعر کي اڃا،
سهڻن لفظن جي،
ڇانوَ ٿي گهرجي پرين.

جوڙي جوڙي لاءِ،

جوڙي جوڙي لاءِ،
ظالم وڇوڙو،
صدما سبندو ٿو رهي.

ڪنهن جي ٻڌي ڪو نه ٿو،
وقت به ڄڻ ٻوڙو،
صدما سبندو ٿو رهي.

پورهيت جي هٿ منجهه،
ڳورو هٿوڙو،
صدما سبندو ٿو رهي.

تلخي ڦاڙي پيار جي،
لهجو ڀي ڪوڙو،
صدما سبندو ٿو رهي.

محبت جي معراج جو،
رستو آ ڏوڙو،
صدما سبندو ٿو رهي.

خيال به منهنجي لاءِ ڪجهه،
سوچي هان ٿوڙو،
صدما سبندو ٿو رهي.

تنهنجو ئي هڪڙو،

تنهنجو ئي هڪڙو،
اک جي ڪمري ۾،
خواب رهي پيو آ.

ڳاڙهو جر ڪري،
اک جي هجري ۾،
آب رهي پيو آ.

ڳل سڙي ٿو اڄ،
ڳوڙهي اجري ۾،
تاب رهي پيو آ.

ڪڙمي سوچي ٿو،
فصل خطري ۾،
لاب رهي پيو آ.

فليپ ۽ بئڪ ٽائيٽل

---

فليپ پهريون

توڙي جو شهمير سومرو هڪ جاءِ تي بيٺل موجوده ڌپيل سماج تي غزل ۾ ڪڏهن ڪڏهن چٿر به ڪري ٿو، بهرحال شهمير هر حوالي سان پيار پرچارڪ، سونهن پرست شاعر ئي آهي. اسان جي ٽهي جو هي لاڏلو شاعر، آنءُ تسلسل سان مسلسل پڙهندو اچان پيو، هن کي دل اندر دٻيل درد کي لفظن ۾ تشريح ڪرڻ جو ڏانءُ به خوب اچي ٿو ته هوا جي هٿيليءَ تي رقص ڪندڙ رنگن جي رمجهم کي غزل جي سوڙهي دامن تي پٿارڻ جو هنر به بهتر نموني سان ڄاڻي ٿو، هُو اڻ ڏٺل خواب به ڪنوارين اکين مان چورائي وٺي ٿو.
شهمير اسان جي دور جو آواز آهي ۽ ڪنهن به دور جي آواز کي نظر انداز ڪرڻ ڪنهن به صورت ڪهڙي به طرح آسان نه آهي.

ساحر راهو

فليپ ٻيو

چون ٿا شاعري احساسن جي ترجمان آهي. شاعري هڪ اهڙي ڪلا آهي، جيڪا اندر جي اڌمن کي لفظن جو روپ ڏي ٿي، شاعري سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ وارو فن آهي. شاعري هڪ اهڙي ڏات آهي جيڪا هڪ طويل ناول کي هڪ ننڍڙي سٽ ۾ سمائي سگهي ٿي.
سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ڪيترا ئي ڪوي پنهنجي حصي جا شعري گل پوکي رهيا آهن جن جي خوشبوءَ ادبي ماحول کي مهڪائي رهي آهي.
شهمير سومرو سنڌ جو اهو سهڻو ۽ سيبتو ڪوتاڪار آهي، جنهن پنهنجي منفرد لب و لهجي ۽ انوکي اسلوب سان سنڌ جي ادبي آکيري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. نئين ٽهيءَ ۾ غزل جهڙي حسناڪين سان ڀرپور صنف کي پنهنجي محبوبا بڻائيندڙ هن قلمڪار پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي. پنهنجي غزلن ۾ منفرد رديفن جي چونڊ ۽ انهن سان بهترين نڀاءُ هن شاعر کي همعصرن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي.
شهمير جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ جي سونهن جا عڪس به آهن، عاشق جي دل جا رقص به آهن، مٽيءَ جي مهڪ به آهي ته ڌرتيءَ جا ڏک به آهن. هن ڪويءَ وٽ خيالن جي کاڻ ۽ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آهي.
مونکي يقين آهي ته جي شهمير جو جوش ۽ جذبو ايئن ئي جوان رهيو ته هو هڪ ڏينهن سنڌ جي سر موڙ شاعرن جي صف ۾ ضرور جاءِ ولاريندو.

جواد جعفري

بئڪ ٽائيٽل

شهمير سومرو جيئن پنهنجي طبيعت ۾ خوش مزاج آهي ائين سندس شاعريءَ ۾ نفاست به موجود آهي. هو نوجوان شاعرن مان اڀري آيل خوبصورت شاعر آهي، جنهن تي ڏات جي ديوي سدائين مهربان رهي آهي. هي 1990 واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ داخل ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پنهنجي ٽهيءَ جي نمايان شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن جي شاعريءَ جو لهجو بنهه نرالو ۽ پنهنجو آهي. شهمير ڊگهي رديف وارا منفرد غزل لکڻ جو هنر رکي ٿو ۽ شعر سان خوب نڀاءُ ڪري ٿو.
شهمير سومري جي شاعريءَ ۾ خيال جي پختگيءَ سان گڏ موسيقيت به شامل آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن جي شاعري کي ڪيترن ئي فنڪارن سهڻا سر آلاپيا آهن. هي سندس شاعري جو ٻيو ڪتاب آهي، هن کان اڳ هن جي شاعريءَ جي مجموعي “اکڙين جي ڀاڪر ۾” کي ادبي حلقن ۾ خوب مڃتا پڻ ملي آهي. هو گذريل ٽن ڏهاڪن کان مسلسل لکي رهيو آهي، هو سوين حسين غزلن، وائين، نظمن ۽ گيتن جو تخليقڪار آهي ۽ اڄ به سندس قلم تيزيءَ سان لکي رهيو آهي. شل شهمير جو قلم ائين ئي روان رهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي سفر ۾ سندس قدم ڪڏهن به نه ٿڪجن.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد