سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لاطيني آمريڪا جي مشھور گوريلي اڳواڻ ۽ انقلابي نظريو ڏيندڙ چي گويرا جي ڊائري تي مشتمل ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آھي.
ھي ڪتاب ڪيوبا جي عظيم انقلابي اڳواڻ چي گويرا جي بوليويا جي ٻيلن ۾ ويڙھ دوران گذريل پل پل جي يادگيرين تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ چي گويرا ڪيوبا جي آزاديءَ لاءِ گوريلا ويڙھ دوران پاڻ تي گذريل حالتن کي چٽيو ويو آهي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ فيڊل ڪاسترو لکي ٿو تہ: ”هي نوٽ چي واندڪائيءَ جي انھن مُلھائتين گهڙين ۾ لکيا آهن، جيڪي گوريلا اڳواڻ جي حيثيت سان، سورهيائيءَ واري جسماني پورهيي دوران ڪڏهن ڪڏهن کيس ملنديون هيون. سھپ کان ٻاهر مادي مصيبتن ۾ بہ هن جي طبيعت جو جوهر ٽڙندڙ هو ۽ هن جو پختو عزم ۽ انفرادي طريقہ ڪار پوري طرح پڌرو ٿيندو هو.“ ڊائريءَ ۾ روزمره جي واقعن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويو آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1988ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ گلشن پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي