شاعري

ھٿ پڪڙجانءِ

نامياري شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو ”ھٿ پڪڙجانءِ“  اوهان اڳيان پيش آهي. ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ کي اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريہ پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو پنجاھ ھزار روپين جو راشٽريہ ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.

  • 4.5/5.0
  • 72
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ھٿ پڪڙجانءِ

اَرپَڻا

ھيءُ غَزلن جو مَجموعو مان پَنھِنجي گُرو
بَرک شاعِر، ڪَھاڻيِڪار ۽ نَقاد
سَدا حيات واسديو موھيءَ
کي اَرپيان ٿو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو ”ھٿ پڪڙجانءِ“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ کي اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريہ پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو پنجاھ ھزار روپين جو راشٽريہ ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ نريندرا پبليڪيشن ناگپور، ھندستان پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڀڳوان ٻاٻاڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي، مھربانيون ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جون جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

تعارف

ونود آسوداڻيءَ جو جنم مھاراشٽر جي ناگپور شھر ۾ ٿيو۔ هوُ شري ھرديال ۽ شريمتي لڇمي آسوداڻيءَ جو چوٿون ٻارُ آھي۔ اَٺن ڀائرن–ڀينرن مان ٽي ڀائر ۽ ٻہ ڀينرون ڄائي ڄم کان نابين (درشٽي ھين) آهن۔ نابينيءَ باوجود ٻالڪپڻي کان ئي پنھنجي لاجواب قابليت جو مظاھرو ڪندا رهيا آھن۔
ڏھين درجي بورڊ جي امتحان ۾ 90 سيڪڙو مارڪون کڻي ونودَ ميرٽ لسٽ ۾ سترھون نمبر پراپت ڪيو ۔ اھڙي طرح ڀارت جو اھڙو پھريون نابين ھئڻ جو گؤرَو حاصل ڪيائين۔ بورڊ ۾ ئي ٻارھين درجي ۾ بہ 78 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪري ڪلا شاخا جي ميرٽ لسٽ ۾ پنجون نمبر حاصل ڪيائين۔ ھڪ ئي يونيورسٽيءَ مان ايم۔ اي۔ (انگريزي ساهتيہ ) ايم۔ اي۔ (اتھاس ) ۽ ايم۔ اي۔ (سماج شاستر ) ۾ پھريون نمبر اَچي 3 گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين۔ بي۔ ايڊ۔ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پنجون ۽ پوني وشوودياليہ جي۔ ايس۔ اي. ٽي۔ ۾ سموري مھاراشٽر ۾ پھريون نمبر حاصل ڪيائين۔
ايترو ئي نہ، ھن اَناملائي وشوودياليہ مان اپلائيڊ سائڪولاجي ۾ ايم۔ ايس سي ۽ P.G. Diploma in guidance and counselling ڪري پوري ملڪ ۾ پھريون نابين منووگياني بڻجڻ جو شرف حاصل ڪيو۔ ناگپور يونيورسٽي مان ونود کي انگريزي ساهتيہ ۾ ۽ سائيڪولاجيءَ ۾ بہ پي۔ايچ۔ڊي. جي اُپاڌي حاصل ٿي آھي۔ راشٽرڀاشا سمتي پوني مان ھندي ساهتيہ ۾ ’پنڊت‘ ۽ وِدرڀ ساهتيہ سنگهہ، ناگپور مان مراٺي ڀاشا ۾ اسناتڪ جي اُپاڌي بہ حاصل ڪئي اَٿائين۔
ڪمپيوٽر بہ سندس پسند جو وشيہ رھيو آھي۔ اِن کيتر ۾ M.Sc (IT) امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پنھنجي مھارت ڏيکاري اَٿس۔ گذريل 20 سالن کان اَدب جي کيتر ۾ سَرگرم آھي۔ ھيل تائين سندس سنڌيءَ ۾ پنج ڪتاب، جن ۾ چار غزل–سنگره آهن، شايع ٿي چُڪا آهن:
1.’چڻگون–چڻگون ‘
2. باھ جون پاڙون‘
3. ڀُڻ – ڀُڻ‘
4. ’مان ڀي اُتي ھئس‘
اِن کان علاوہ هِڪ ھندي غزل سنگره ’اڌورا آسمان‘ سندس ننڍي ڀاءُ راجيش آسوداڻي ’رقيب‘ سان گڏ پڻ شايع ٿيل آھي۔
سندس ست ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ٿيل آهن۔ جن ۾ "Silent lips " (ڪهاڻي سنگره ) ۽ "Soft corner" (ناول) شامل آهن. ھيلتائين ونود آسوداڻيءَ جا سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل 14 ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن۔
انکان سواءِ سنڌي، ھندي ۽ انگريزيءَ ۾ 600 کان وڌيڪ غزل، گيت ۽ ڪوتائون لکيون اَٿائين۔ راشٽريہ ۽ انترراشٽريہ سطح تي 100 کان وڌيڪ رِسرچ پيپر پيش ڪري چُڪو آھي۔
گذريل 20 سالن کان اِنساني وسيلن جي وڪاس (HRD) جي کيتر ۾ پنھنجون شيوائون ڏئي رھيو آھي۔ ڀارت جي جُدا- جُدا شھرن ۾ HRD تي 200 ورڪشاپ ڪيا اَٿائين۔
سماجي کيتر ۾ بہ ڪافي سرگرم آھي۔ گذريل 20 سالن کان نابينن جي ڪلياڻ لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي۔ ونود گهڻين ئي سنسٿائن سان جُڙيل آھي، جن ۾ خاص آھن –
1. نِديشڪ، Institute for transformation, Nagpur
2. سَنيوجڪ : سنڌو ساهتيڪ ۽ سانسڪرتڪ سنسٿا، ناگپور
3. اَڌيڪش : نَوسَرجن ھندي ساهتيہ سنسٿا، ناگپور
4. اڌيڪش : سنڌي ساهتيہ سڀا، ناگپور
5. لائيف ميمبر : اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سَڀا، جئپور
6. لائيف ميمبر : انڊين سائنس ڪانگريس ڪولڪتہ
7. لائيف ميمبر: آل اِنڊيا سوسائٽي فار ٽيڪنيڪل
ايجوڪيشن، دھلي
8. راشٽريہ ڪاريہ ڪارڻي سدسيہ : ’سَڪشم‘ (دويانگن جي سروانگيڻ وڪاس لاءِ سويم سيوي سنگٺن)
9. جنرل سيڪريٽري : بلائينڊ گريجوئيٽ فورم آف اِنڊيا
10. اڌيڪش : نيشنل آرگنائزيشن فار دي انٽيگريشن آف دي بلائنڊس
غير معمولي تعليم، اَدبي ۽ سماجي ڪمن سبب سندس نالو ڪيترن ئي راشٽريہ ۽ انترراشٽريہ پبلڪيشنس ۾ شامل ڪيو ويو آھي۔ اَنھن مان خاص آھن : –
1. لمڪا بُوڪ آف رڪارڊس (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
2. هوُ اِز هوُ آف مين ائنڊ وومن آف ڊسٽنڪشن (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
3. فائيو ٿائوزينڊ ليڊرس آف دي ورلڊ ( امريڪا مان شايع ٿيندڙ)
4. آئوٽ اسٽينڊنگ پيپلس آف ٽوينٽيٿ سينچري (ڪيمبرج، برٽين مان شايع ٿيندڙ)
5. انٽرنيشنل ڊڪشنري آف انٽيليڪچوئلس (ڪيمبرج، برٽين مان شايع ٿيندڙ)
6. ايشين اميرڪن هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
7. ايشين پيسفڪ هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
8. ايشين ايڊمائريبل اَچيورس (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
9. کيس ڪينبرج، يو. ڪي. پاران ’انٽرنيشنل مئن آف دي ملينيم‘ پُرسڪار سان 2001 ۾ نوازيو ويو
10. ساماجڪ ۽ سانسڪرتڪ سنسٿا ’چوکٽ‘ پاران 2001 ۾ ”ناگپور رتن“ جي اُپاڌي ڏني وئي.
11. سنڌو مُڪتي سنگٺن پاران ’سنڌو رتن‘ اعزاز سان نوازيو ويو.
12. 2016 ۾ يونيورسٽي آف سائوٿ اميرڪا پاران کيس D.Littجي مانَد اُپاڌي ڏئي سمانت ڪيو ويو.
ونود جي شخصيت گهڻ–ڪُنڊائي آھي۔ کيس ساهتيہ، سنگيت، شطرنج، ڪرڪيٽ، منووگيان، درشن شاستر، راڄنيتي، سماج سيوا، تعليم، نابينن جو ڪلياڻ، وگيان وغيره ۾ گَھِري دلچسپي آھي۔ ھن وقت ناگپور جي رامديو بابا ڪاليج آف انجينئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ ۾ مانوشاستر کاتي ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي روپ ۾ شيوائون ڏئي رھيو آھي۔
ونود آسوداڻيءَ جي سنڌي غزلن جي مجموئي ”باھ جون پاڙون“ کي ڀارتيہ ڀاشا پريشد ڪولڪتہ پاران 2012 ۾ يُوا پُرسڪار عطا ڪيو ويو۔ تعليمي کيتر ۾ ڪيل سرگرمين تي کيس سَن رائيز پيس فائونڊيشن پاران ’يوگي منوهر شِڪشا رتن‘ اَوارڊ سان سنمانت ڪيو ويو۔ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سڀا، جئپور پاران اَدبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس 2014 ۾ راشٽريہ پرسڪار سان نوازيو ويو۔ 2015 ۾ ’ڀڻ – ڀڻ‘ ڪتاب تي NCPSL جو 50,000 روپيہ جو راشٽريہ ساهتيڪار پُرسڪار ڏنو ويو۔ 5 سيپٽيمبر 2015 تي R.T.M ناگپور يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ کي ’بيسٽ ٽيچر رائٽر اَوارڊ‘ سان نوازيو ويو۔
ونود جي ھندي ساهتيہ ۾ يوگدان واسطي راشٽرڀاشا پرچار سمتي ورڌا جي دھليءَ ۾ ٿيل ڊائمنڊ جبلي جلسي ۾ ڀارت سرڪار جي اُن وقت جي هوم منسٽر شري سشيل ڪمار شندي سندس ستڪار ڪيو۔
ونود آسوداڻيءَ گهڻن ئي سنڌي ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي۔ انھن مان ھيٺ ڄاڻايل ڪتاب شايع بہ ٿي چُڪا آهن:
1. سائلينٽ پاٿ – وينا شرنگيءَ جون سنڌي ڪوتائون
2. دئٽ وَن مومينٽ – واسديو موهيءَ جون سنڌي ڪھاڻيون
3. ’ چيڪ بُوڪ اينڊ ادر سٽوريز‘ – واسديو موهيءَ جون
ڪھاڻيون
4. ’سائلڊ سن‘– اَرجن حاسد جو غزل سنگره
5. ’ ايِڪو آف مومينٽ‘– هري دلگير جو ڪوتا سنگره
6. ’دي لاسٽ وِش ائنڊ اَدر اِسٽوريز‘– وينا شرنگي جون ڪھاڻيون
7. ’اِسٽوري آف ورڊ‘– نَند جَويريءَ جو ڪوتا سنگره
ونود آسوداڻي مرڪزي ساهتيہ اَڪادمي، نئي دهليءَ جي سنڌي ايڊوائزري بورڊ تي بطور ميمبر جنوري 2013 کان ڊسمبر 2017 تائين نامزد رھيو۔ اِن کان سواءِ هو مھاراشٽر سنڌي اَڪادميءَ جو پڻ ميمبر رھيو آھي۔

مھاڳ

مونکي پنھنجي غزلن جو ھيءُ پنجون مجموعو پاٺڪن جي ھٿن ۾ ڏيندي تمام گهڻي خوشيءَ جو اَحساس ٿي رھيو آھي. ھن کان پھرين ’چڻگون–چڻگون‘(2003)، ’باھ جون پاڙون‘ (2004)، ’ڀُڻ–ڀُڻ‘ (2012)، ۽’مان ڀي اُتي ھئس‘ (2016) کي پاٺڪن جو ڀرپور پيار حاصل ٿيو آھي. اُميد تہ ھيءُ مجموعو پڻ پسند پوندو.
ڪي شخص مڃيندا آھن تہ ’غزل‘ شاعريءَ جي سڀ کان سَولي صِنفَ آھي. ڪرڻو ئي ڇا آھي ! رَديف، قافيو کڻي ڪو بہ خيال اُن ۾ لکي وٺجي تہ غزل تيار ٿي ويو. پر مُنھنجو مَڃڻ آھي تہ غزل رَديفَ ۽ قافيي جي راندِ نہ آھي. اِھا ڳالھہ ٺيڪ آھي تہ غزل تي ڪنھن بہ موضوع جي پابندي ناھي، پر انھي جو مطلب بلڪل اھو نہ کڻڻ کپي تہ ڪنھن بہ خيال کي رَديف ۽ قافيي ۾ فِٽ ڪري وٺجي تہ غزل جو شعر تيار ٿي ويو.
مان اھو مڃان ٿو تہ غزل شاعريءَ جي سڀ کان ڏُکي صِنفَ آھي. رَديف قافيو تہ غزل جي صرف ٻاھرين چمڙي آھي. غزل جو روحُ تہ آھي ’خيال‘؛ ۽ غزل جي روحَ کي جيڪو سؤندريہ پراپت ٿئي ٿو اھو ’جماليات‘ سان پراپت ٿئي ٿو. تنھنڪري غزل ۾ نہ رڳو خيال پر احساس جي سوکيمتا ۽ جَمالياتَ جو پُٽ پڻ ھئڻ ضروري آھي. مون ھڪ نماڻي ڪوشش ڪئي آھي تہ غزلن ۾ احساس، خيال ۽ جماليات پاڻَ ۾ ھِڪُ ٿي ھِڪُ يونِٽ بڻجي اَسانجي سامھون اَچي سَگهن. ھونءَ تہ اڄ جي دؤر ۾ پڻ روايتي غزل، ترقي پسند غزل، جديد غزل لکيو پيو وڃي، پر ايڪويھين صَدي بعد جَديديت جي صَدي آھي. اڄ اَسانجي زندگي گهڻن ئي طريقن سان بدلجي وئي آھي. ٽيڪنالاجيءَ جو اثر ايترو تہ ٿي ويو آھي جو اِنساني جذبا، اِنساني اَحساس، اِنساني رشتا ڄڻ تہ کوکلا ٿيندا پيا وڃن. ائين پيو لڳي ڄڻ ڪانچَ جي ڇيھون ڇيھون ٿيل ڪنھن پيچري تان اَسان سَڀُ اَنڌيري ۾ بنا ھڪ ٻئي کي ڄاڻندي سُڃاڻندي، بنا ھڪ ٻئي جو ھٿ پڪڙي ۽ بنا ھڪ ٻئي جي آواز کي جهٽيندي اَلائي ڪھڙي منزل ڏانھن سفر ڪري رھيا آھيون. بعد جديديت جي اَھڙي پيڙا، اَھڙو دَردُ، اَھڙي اَڪيلائي اَسان سڀني جي آسپاس اَدِرشيہ روپ ۾ مؤجود آھي. اَسان ساھُہ ڇو ٿا کڻوُن ڪيستائين کڻنداسين، ڪنھنکي پيار ڪيون ٿا، ڪنھن سان نفرت ڪيون ٿا، ڇا صحيح آھي، ڇا غلط آھي، اھي سڀ مُلھہ، اڄ ائين ٿو لڳي تہ چوُر–چوُر ۽ ڇيھون–ڇيھون ٿي پيا آھن. ان حالت ۾ بہ پنھنجي دِل، ذھن کي قابوءَ ۾ رکندي ڪنھن احساس کي جماليات سان جهٽي، غزل جي ڪنھن شعر ۾ قلم بند ڪرڻ ڪنھن بہ شاعر لاءِ ھڪ وڏي چُنؤتي آھي. مون پوري ڪوشش ڪئي آھي تہ بعد–جديِديت جي انھن احساسن کي، ان سنويدنا کي پنھنجي غزل ۾ آڻي سَگهان. ٻي ڳالھہ اِھا تہ مان اَرجن حاسد ۽ واسديو موھيءَ جي غزل کان متاثر رھيو آھيان. اَسانجي ٻنھي اُستادن غزل کي پيار، وفا، بيوفائيءَ جي دائرن کان ٻاھر ڪڍي ھڪڙو اِنٽيليڪچوئل رنگ بخشيو آھي تہ غزل ۾ خيال جي اونھائي ھئڻ تمام ضروري آھي. واسديو موھيءَ رديف جي نواڻ تي پڻ زور ڏنو آھي ۽ مون ھن مجموعي ۾ شامل گهڻي قدر غزلن ۾ نَوان رَديف آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آھي. رَديف جي نئين ھئڻ سان خيال ۾ پڻ تازگي اَچي وڃي ٿي. مان مَڃان ٿو تہ منھنجا غزل گهَڻ–ڪُنڊا آھن، يعنيٰ منھنجي شعرن ۾ خيال گهڻ–ڪُنڊا آھن. ھڪ ئي وقت خيال گهڻن ئي سطحن تي الڳ الڳ طريقن سان سفر ڪري ٿو، تنھنڪري پاٺڪ کي ڪٿي ڪٿي شعر جي معنيٰ کي سمجهڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ٻي ڳالھہ اھا تہ ڪا بہ ھڪڙي مقرر معنيٰ غزل جي شعر ۾ ناھي. ھر ھڪ شعر الڳہ الڳہ معنائون، جُدا جُدا پاٺڪن تائين پھچائي ٿو. جيترو شعر جي گَھِرائيءَ ۾ وينداسين، اوتريون ئي وڌيڪ معنائون، اوتريون ئي گوناگون معنائون اَسان جهَٽي سَگهنداسين. منھنجو مڃڻ آھي تہ شاعري ھڪ Open Ended فارمولو آھي. ائين چئجي تہ ھڪ ھڪ شعر پاڻ ۾ ھڪ ھڪ فارمولو آھي. اُن فارمولي کي سمجهي اَسان زندگيءَ جي الڳ الڳ مسئلن، الڳ الڳ حالتن کي سمجهي ۽ ماڻي سگهون ٿا. تنھنڪري ڪا بہ ھڪڙي مقرر معنيٰ شعر ۾ ڳولھڻ اَجائي آھي. اصلي ڪسؤٽي تہ پاٺڪ آھي. پاٺڪن کي اگر منھنجو ھيءُ مجموعو پسند پئجي ويو تہ مان مڃيندس تہ مونکي سڀني کان
وڏو انعام حاصل ٿي ويو.
ذھن ۾ ڪو خيال اچڻَ کان وٺي ڪتابي روپ ۾ غزل پاٺڪن تائين پھچڻ ھڪ تمام ڊگهو سفر آھي. ان ۾ گهڻن ئي جو سھڪار درڪار ٿئي ٿو. سڀني کان پھرين مان سَدا حيات پنھنجي ماتا شريمتي لڪشمي ديوي آسوداڻي ۽ سدا حيات منھنجي پتا شري ھرديالداس آسوداڻيءَ کي ياد ڪرڻ چاھيندس. انھن ننڍپڻ کان وٺي منھنجي من ۾ پڙھڻ لکڻ جو شؤنق پيدا ڪيو ۽ ڌيري ڌيري مون شاعريءَ ڏانھن رُخ ڪيو. منھنجو مڃڻ آھي تہ اَڄ مان جيڪو ڪجهہ بہ لکي سگهيو آھيان اھو منھنجي ماتا ۽ پتا جي آسيس آھي. پڙھڻ لاءِ ۽ شاعري ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت گهُربل ھوندو آھي. مان ھتي پنھنجي ڌرم پتني آرتي، ڌيءُ آسٿا ۽ پُٽ وِنَيہ جا پڻ ٿورا مڃڻ چاھيان ٿو تہ ھُنن مونکي گهر جي ننڍين وڏين ذميوارين کان آجو ڪيو تہ مان پنھنجو ڌيان پڙھڻ لکڻ تي لڳائي سَگهان. اگر ھو ائين نہ ڪن ھا تہ منھنجي لاءِ شاعري ڪرڻ شايد ممڪن نہ ھُجي ھا. مان پنھنجي ننڍي ڀاءُ، جيڪو خود ھڪ سُٺو شاعر آھي، راجيش آسوداڻي ’رقيب‘ کي پڻ ڌنيواد ڏيڻ چاھيان ٿو تہ ھن منھنجا غزل وقت بِہ وقت ٻُڌي پنھنجا قيمتي رايا مونکي ڏنا. ھتي مان پنھنجي عزيز دوست ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ جو پڻ تھہ دِل سان شڪريہ ڪرڻ چاھيان ٿو تہ ھن پنھنجي مصروف زندگيءَ مان وقت ڪڍي منھنجي ھن ڪتاب جي مئنيو اسڪرپٽ تيار ڪري، ڪتاب جي ٽائيپنگ، ڪمپوزنگ ۽ ڪَوَر ڊزائين ڪئي آھي ۽ پنھنجا قيمتي رايا پڻ ڏنا آھن.
ناريِ لڇواڻي صاحب سنڌيءَ جا ناميارا شاعر آھن. کين شاعريءَ جي تمام سُٺي سَمجهہ آھي. مُنھنجي نماڻي وينتيءَ تي ھُنن وَقتَ مان وَقتُ ڪَڍي ھِن مَجموعي کي پنھنجي عالماڻي نَظر مان ڪڍيو آھي. جيڪي بہ زيروُن، زَبروُن، خيال، وَزَن جون ڪَميون پيشيون غزلن ۾ ھُيون، اُھي دُرست ڪري ھِن مَجموعي کي پَڙھندَڙن تائيِن پَھُچائڻ جي لائق بَڻايو آھي.اِن قُرب ڀَرئي سَھڪارَ لاءِ مان کين دِل سان شُڪرانہ چَوڻُ چاھِيان ٿو. ناريِ لڇواڻي صاحب مُنھِنجا عَزيز دوستَ آھن. مُنھِنجي سَڀني مَجموعَن کي ھُنن پَنھِنجي نظر مان ڪَڍي ھميشھہ ئي پَنھِنجا قيِمتيِ رايا ڏِنا آھن ۽ مُنھِنجي شاعريءَ کي وَڌيڪ معياري بَڻايو آھي.
آخر ۾ مان پنھنجي پبلشر ۽ اُنھن سڀني دوستن، جن سِڌي اڻسِڌي روپ ۾ ھن مجموعي کي تيار ڪرڻ ۾ پنھنجي مدد يا پنھنجا رايا ڏنا آھن، انھن سڀني جو پڻ ڌنيواد ڪرڻ چاھيان ٿو.

–ڊا. ونود آسوداڻي
3 سيپٽيمبر 2021

غزل

---

نَوان پُراڻا سڀئي رشتا ساڙي اَچُ

نَوان پُراڻا سڀئي رشتا ساڙي اَچُ
خود سان پڻ تون سڀ لاڳاپا ساڙي اَچُ

سار لھان مان ڪنھنجي ڪنھنجي ڪئن آخر ؟
درد،خوشيون ،ڳڻتيون،اوجاڳا ساڙي اَچُ

پڙه تون ، ڀل پڙه، پر ڇا پڙھجي ؟ سوچ ذرا
ڀرمائڻ وارا سڀ پوٿا ساڙي اَچُ

آزاديءَ جي جنگ اڃا ڀي جاري آ
ماضيءَ جا پاروٿا نعرا ساڙي اَچُ

پياس لڳي ٿس پاڻي گهُرجي اَبھم کي
گنگاجل، آب زمزم ڇا! ساڙي اَچُ

ڦير ۾ ڦاٿل ليِڪُن جي ڪيسين رھبو
رنگ رنگيلا ڪاڳر، نقشا ساڙي اَچُ

راند نئين اَھڙي ڪا يارو گڏجي کيڏيوُن
هار جيت جا سڀ پئمانا ساڙي اَچُ

ايندي ويندي مِلبو اُس ۾

ايندي ويندي مِلبو اُس ۾
جيون سارو ڪَٽِبو اُس ۾

طوفان کڻي ويا ڇت گهر جي
بيپرواہ ٿي رَھِبو اُس ۾

چانڊروڪيءَ جا قِصا ناهِن
افسانو ڪو لِکِبو اُس ۾

واٽُن تي وڻ ؟، ڳالھہ پُراڻي
منزل تائين هَلِبو اُس ۾

پگهر وَھي يا پياس لڳي، تَہ بِہ
ھَٿُ تُنھنجو ڪِئن ڇَڏِبو اُس ۾

چانڊوڪي راتيُن خوُبُ ٺڳيو
هر سُپني کان بَچِبو اُس ۾

ڪيترا قيد اِتھاسَ ڪَمري اَندر

ڪيترا قيد اِتھاسَ ڪَمري اَندر
روح ڪي، ڪي ھَڏا، ماسَ ڪَمري اَندر

خواب سُھڻا، تمنا جوانْ ٿي جتي
ڌوُپ سرھاڻ ۽ واسَ ڪَمري اَندر

ڇا ڪَيان سَمُنڊُ مان ، ڇا ڪَيان مان نَديوُن
ساٿُ تُنھِنجو ٻُجهي پياسَ ڪَمري اَندر

چَنڊ ،سوُرج ،سِتارا ڏِسان سَڀُ ھِتي
ٿو ڇُھان کوڙ آڪاسَ ڪَمري اَندر

وَرهيَہ گُذريا مگر ڪونَ آئين پِرين
ڪِئن ڪَٽيان سوچ بنواسَ ڪَمري اَندر

ڪون ڪَنھِن گرنٿَ مون تي اَثر آ ڪَيو
چَپَ چُريا ھُن جا اَرداسَ ڪَمري اَندر

چَنڊُ نِڪري اڱڻ ۾ ڏِيان اَرڳُ مان
مون رَکيا ڏاڍا اُپواسَ ڪَمري اَندر

بي ڊَپا ٿا گهُمَن ڳوٺَ ۾، شَھر ۾
شَل ٿِيَن قيدِ راڪاسَ ڪَمري اَندر

ڏاروُن ڏاروُن گهِٽيون، ڇيِھوُن ڇيِھوُن ڇِتيون
قَتلَ ٿيا روزُ وِشواسَ ڪَمري اَندر

سِنڌُ، سِنڌي ، اَدبُ، شاھُ، سامي، سَچَلُ
ٿا ڪَيون ڏاڍي بَڪواسَ ڪَمري اَندر

تو وَٽِ ڀَل سَمُنڊُ سَمورو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

تو وَٽِ ڀَل سَمُنڊُ سَمورو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي
لَھَندڙَ سِجَ جو هِڪُ ڪِرڻو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

سَچايون تُنھنجن اَکڙيُن ۾ مَحفوظ رَهن
ڀَڳلُ ٽُٽلُ ئي ڪو سُپنومون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

شِو شنڪرَ ! رَهن ڀَريلَ ڀَنڊارَ اَوهان جا
پاروُٿيِ روَٽِيءَ جو ٽُڪرو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

ڪوئِل جي ڪوُڪوُ، گُل، خوشبوُ ، گُلشَن تو وَٽِ
ريتِ تَتَلَ ۽ سَناٽو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

مُرڪَ مِٺي، مَستي ۽ ماڻا ، ڳَھِڻا تُنھِنجا
ڪو غَمُ، ڪا پيِڙا، صَدمو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

چَنڊُ اَوهانجو، سَمُنڊُ اَوهانجو، ڪَڪَر اَوهانجا
پياس ذَري، خالي مَٽڪو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

رَنگ رَنگيِلو شھر سڄو تو وَٽِ، ڳوٺُ چَوي
بَڙَ جو وَڻُ، ھِڪڙو پوڙھو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

شاھُ پَڙھان پَر سَمجهي ڪونَ سَگهان بيَتَ سَندس
ليِڙون ليِڙون ئي وَرثو مون وَٽِ ڪُجهہ تَہ ھُجي

ھِنَ دِل جي توسان ڳالھہ ڪَبيِ، ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن

ھِنَ دِل جي توسان ڳالھہ ڪَبيِ، ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن
اَگر ڪَڏھِن تَنھا ڪُنڊَ مِليِ، ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن

اَڄُ تَہ پُراڻَن زَخمَن جو ذڪرُ ڪَرڻُ ڏي
پَڪ توکان وَٺِبي مَلمَ ذَريِ، ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن

قَرضُ اِلاهي دَردَن جو آھي مون تي
توسان وَنڊِبي ڪا نَقَد خوشيِ، ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن

اَڄُ ڪا سُھڻيِ ساعِتَ مون سان گهارِ کڻي
آٿتُ، ’تو لءِ آ عُمر سَڄيِ‘،ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن

اُس مَٿي تي ، پيرن ھيٺان ريتِ تَتَلَ
ڳولھي لَھنداسيِن ڇانوَ ٿَڌيِ، ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن

اَچُ تَہ پِرولي ڪا ڏُکي ڀَڃوُن، ڪُجهہ سوچيوُن
ھَٿُ هَٿَ ۾، ڀاڪُرُ، مُرڪَ، چُميِ، ٻِئي ڪَنھِن ڏيِنھُن

رابطو زِندَگيءَ سان رَکي، ضِدُ ڪَري

رابطو زِندَگيءَ سان رَکي، ضِدُ ڪَري
ٿورڙو روزُ جيئرو رَهي، ضِدُ ڪَري

ڪِئن سَڀن جو چَوي هوُ ڀَلا داستانْ
ھِڪَ گهَڙي، اَڌ گهَڙي ٿي مِلي، ضِدُ ڪَري

سُپنا ٿيا واريِ واريِ حَقيِقَتَ اِھا
حَسرتوُن ، خوابَ ڪي هو ڏِسي، ضِدُ ڪَري

ٻارَ جي ڳالھِہ ھيءَ، سَمجهُہ ٿوريِ اَدا
ڪو ڀَڳل ئي کِلونو کپي، ضِدُ ڪَري

سِنڌُ ۾ سِنڌوُ درياھ ، اَسان ڇو ھِتي ؟
سِنڌوُ درياھ اَندرَ ۾ لُڇي، ضِدُ ڪَري

يادِ ڪَنھِنجيِ اَچي جي اَويلي

يادِ ڪَنھِنجيِ اَچي جي اَويلي
زَخمُ جهوُنو جهُري جي اَويلي

پَرچو مُنھِنجي دَوا جو گُم ٿي ويو
ڇا ڪَجي دَردُ ٿي جي اَويلي

پاڻَ کي پاڻَ پِڻ سُڃاڻي ڪيئن ؟
بعدِ عَرصي ڏِسي جي اَويلي

هوُ بِہ مون جيان لَڳي سَتايَل ٿو
ٿو کِلي ۽ رُئي جي اَويلي

ڪو ڏِئو مون ڪڏھن وِسايو ڪونَ
هوُ گهِڙيِ گهَر اَچي جي اَويلي

ھِنَ زَماني جا ڪَمَ کُٽن ئي نَٿا
پيارُ ڪوئي ڪَري جي اَويلي

راتِ ساري اِئن اَکيُن ۾ ڪَٽيان
ڪو مَتان سَڏُ ڏِئي جي اَويلي

مونکي تو تي پِرين يَقين آ
ساھ نڪري پوي جي اَويلي

پيارُ توسان ڪَيو زِندَگيِ تو ٺَڳيو

پيارُ توسان ڪَيو زِندَگيِ تو ٺَڳيو
ڏوھُہ ڪَنھِن کي ڏيان، چئہ چَريِ تو ٺَڳيو

چَنڊ، تارا، ڏِئا بي وَفا، بي حَيا
ڇا اَنڌيرَن ڪَيو، روشنيِ تو ٺَڳيو

سَنتَ، دَرويشَ، ساڌوُ، رِشي ۽ مُني
ٿي پِيا سَڀُ چَريا، ڇوڪريِ تو ٺَڳيو

سارَ تُنھِنجي لَڌيِسيِن سَدائين گهَڻيِ
بي حَيا نَقد جيِ ڳوٿريِ تو ٺَڳيو

ساھَہ ۾، روحَ ۾ تاتِ تُنھِنجي پِرين
مُشڪَ، ڀاڪيِ، چُميِ، تِشنگيِ تو ٺَڳيو

ڳالھہ تُنھِنجيِ مَڃي، تاتِ تُنھِنجيِ ڇَڏي
تون اِھا ڳالھہ رَکجان ڳُجهيِ تو ٺَڳيو

خود تان پڻ ويسھہ ڌُڏيِ پَوي وِچَ وِچَ ۾

خود تان پڻ ويسھہ ڌُڏيِ پَوي وِچَ وِچَ ۾
دِل جيِ ڌَڪ ڌَڪ پِڻ بيِھي وَڃي وِچَ وِچَ ۾

گڊمَڊ گڊمَڊ مُنھِنجو اَفسانو آھي
ھِڪَ اَڌ سِٽ شايِد سِڌيِ مِلي وِچَ وِچَ ۾

اوُساٽَ اِھا بَرپَٽ جيِ قِسمَتَ مُنھنجيِ
ڪيئن مان آسَ ڇَڏيان بوُندِ کَپي وِچَ وِچَ ۾

اَکِ مَنزِل تي، سَڀُ ڪجهُہ ڀايان وِسريِ ويو
ڪَنڌُ وَرائي تَہ بِہ ، لُڙِڪَ اُگهي وِچَ وِچَ ۾

مَجبوُر پَکيِ ويڳاڻو ويٺو آھي
ڏيِنھَن سَڄي ۾ هوُ ذَرا اُڏي وِچَ وِچَ ۾

چادَر پيرَن جي برابَر ڪيِنَ ڪڏھن ٿيِ
ھَر سُپنو خود ڏي ذَرا ڇِڪي وِچَ وِچَ ۾

روشنيِ آھي، پَر روشنيِ پَر ڀَرو

روشنيِ آھي، پَر روشنيِ پَر ڀَرو
چَنڊ تارا ھِتي، چاندنيِ پَر ڀَرو

اُڃَ، بَرپَٽَ مِثَل ڪيِئن مِٽي ۽ ڪِٿي ؟
ڏِسُ مِليِ آ سُڪَلَ ھِڪَ نَديِ پَر ڀَرو

ڇانوَ، بادَل، ٿَڌي هيِرَ، اَحساسِ ٿيو
بوندِ ھَڪَ اَڌ وَسيِ سا وَسيِ پَر ڀَرو

دوستيِ ، نيِنھُن، اُلفَتَ، وَفا ۔۔۔ چُٽڪُلا !
مون تَہ آھي ڏِٺي زِندَگيِ پَر ڀَرو

چَنڊَ تي مون ڏِٺو خوُنَ جو داڳُ هِڪُ
بي گُناهيِ جڏھن قَتل ٿيِ پَر ڀَرو

خوابُ ڇا، آسَ ڇا، ڇا اُميدوُن ڪيان ؟
بيوسي ساڻُ آ، بيڪَسيِ پَر ڀَرو

آنءُ مِسڪيِنُ مون وَٽِ رُڳو سوکِڙي
مُرڪَ، ڀاڪُر، چُميِ، هَلُ چَريِ پَر ڀَرو

ذهن ۾ ٿوري روشني رکجي

ذهن ۾ ٿوري روشني رکجي
ياد سھڻيءَ جي ڪا ذَري رکجي

جي ڪڏھن مرڪ ھڪ ملي مونکي
گروي ھُن وَٽِ ھيءَ زندگي رکجي

ڏوھ مونکي قبول آهن سڀ
ھُن جو ھَٿُ هَٿَ ۾ ماٺڙي رکجي

مُرڪَ، ڀاڪُر، چُمي، ڇُھاءُ پرين
قيمتي ڪا تَہ سوکڙي رکجي

چنڊ، تارا، پرين ملن نہ ملن
سوچَ پنھنجي تَہ ويڪري رکجي

ھن زماني ۾ مَشڪري ڏاڍي
درد سان ٿوري دوستي رکجي

راھ اونداھي، ماڳ اونداھو
پنھنجي اکڙين ۾ چاندني رکجي

باھ لڳل آ پيٽ، جگر ۾

باھ لڳل آ پيٽ، جگر ۾
عُمر ڳري ٿي اِن ٻُڏ تر ۾

اَڱڻ ڪٿي ۽ اوطاق ڪٿي ؟
ساھ مُنجهي ٿو پنھنجي گھر ۾

ڄاڻا ٿو تون منزل آھين
من مُنھنجو جي منجهي سفر ۾ ؟

ماڙيءَ تي ڀل ماڙي چاڙھيو
بابو وِھندو هئو پڌر ۾

سوچَ وڏي رَکُ سُڪرات جيان
ڪونھي ڪوئي اَثر زهر ۾

اکر اکر تي مُنجهي پوان ٿو
شاھ پَڙھيو سڀ، الف اکر ۾

ڇانوَ اَمان جي آنچل جي آ
ڪون بچيو آ شَجَرُ شھر ۾

زلزلا روز آهن سَھي ڪيترو

زلزلا روز آهن سَھي ڪيترو
پاڻ تي ۽ ٻِين تي رُئي ڪيترو

منزلون دور ٿينديون رهيون زندگي
ڊوڙ پائي بِہ آخر ڊڪي ڪيترو

ڪا سَڻائي گهڙي شال ھُن لءِ اَچي
زندگي روز تو لءِ سِڪي ڪيترو

ٿي ھَوا حسرتون سڀ اُڏامي وَيون
هو سنڀالي شيون پڻ رکي ڪيترو

ڪا سدا، ڪا عبادت نہ واپس وري
بس پڙاڏو پرين ، هو سڏي ڪيترو

سَمنڊَ تو وَٽِ، ندي، ڍَنڍَ تو وَٽِ پرين
پياس سانڍي ڀلا ڪو رکي ڪيترو

ياد تنھنجي پرين، سار تنھنجي پرين
ٿورڙو گهاءُ آھي ڪُري ڪيترو

ڪڏھن ڪڏھن ھُن سان ملبو ھلندي چلندي

ڪڏھن ڪڏھن ھُن سان ملبو ھلندي چلندي
بس مشڪي اڳتي وَڌبو ھلندي چلندي

اُس، ڇانوَ ۾ ساٿُ ڏِيڻُ سؤلو آھي
ڪي پَل هٿ ۾ ھٿ جهلبو ھلندي چلندي

قطرو قطرو اُڃ اکين ۾ سانڍيِ آ
چند گهڙيون ھُن ڏي ڏِسبو ھلندي چلندي

ساٿُ سڄڻ جو، سُرھاڻ سفر ۾، ڦھلي آ
سُھڻو هِڪ سپنو پَسبو ھلندي چلندي

ڪُنڊَ وَڃيِ ڳوڙھا ڳاڙڻ لءِ وقت ڪٿي
لُڙڪ لِڪي اک مان اُگهبو ھلندي چلندي

عُمر سَڄي اوسيڙي ۾ وھڻ ڏکيو آ
مضمون وفا جو لِکبو ھلندي چلندي

پَل پَل پيڙا جو پرلاءُ پُڪارَ پِرين
نانءُ اوهانجي سڀ سَھِبو ھلندي چلندي ۔

ڏکيايوُن ڪي اَھڙيون ھونديون

ڏکيايوُن ڪي اَھڙيون ھونديون
تنگ گهِٽيُن جيان سوڙھيون ھونديون

يادوُن مُنھنجيون روز اڱڻ ۾
ديپڪ بڻجي ٻرنديون ھونديون

ڳالھيون مُنھنجيون ھُن جي دل ۾
ڇم ڇم ڇم ڇم وڄنديون ھونديون

خوشبو ھُن جي، گھر جي خوشبو
ڪونجون گهر ڏي ورنديون ھونديون

کِنَ ۾ ساريِ پياس ٻُجهائِن
جادوُ ئي، سي اکڙيون ھونديون

ڪون ٻُڌو ڪنھن، ڳالھہ اَجائي
چيخون ھُن جون ڊوڙيون ھونديون

سوچِ ذرا اَمان جون اَکڙيون
اوسيڙي ۾ ويٺيون ھونديون

ٻاراڻيون جي ڇڏيئہ وِساري
ياد اَمڙ جي، سوگهيون ھونديون

دل ڏاريندڙ گڏجاڻيون سي
بعد وَرھيَن جي ٿينديون ھونديون

لُڙڪن جي اونھي درياھ ۾
اُميدون ڪي ترنديون ھونديون

محبت سان اچي تو ھٿ جهَليو هو، سچ لڳو هو

محبت سان اچي تو ھٿ جهَليو هو، سچ لڳو هو
تو ڀر ۾ ويھي هوريان ڇو کليو هو؟ سچ لڳو هو

حقيقت آ خوشي ۽ زندگي سوغات سُھڻي
تو پنھنجي هٿ سان هِڪ ٿڌڙو ڪڍيو هو، سچ لڳو هو

هو سانجهيءَ جو سَمو ۽ هير پڻ پياري لڳي پي
ڪُلھي تي تو اسانجي سِر رکيو هو، سچ لڳو هو

مُئل حسرت وري جاڳي پئي دل ۾ جيئڻ جي
ٻئي ڪمري ۾ تو هوريان کليو هو، سچ لڳو هو

محوبت، مرڪ، ماڻا آنءُ ڇا ڄاڻا سبق سي
جو مون درسي ڪتابن ۾ پڙھيو هو، سچ لڳو هو

ٻُڌايو بيوفائيءَ جا اوھين ڀل قصا ھن جي
جڏھن هو موڪلائڻ تي ڇُليو هو، سچ لڳو هو

چپن تي مُرڪ اَمان جي اُها ساڳي ڏِٺي اَڄُ
مون فوَٽِو ڀت تي اَمان جو ٽنگيو هو، سچ لڳو هو ۔

ڪڏھن مان جي خود کان ڊِڄان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

ڪڏھن مان جي خود کان ڊِڄان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
اَگر بي وَجَھہ ئي روئان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

ڪڏھن وَڏ ڦُڙي مينھن ۾ ڪَڪَر پويان
جي پيري اُگهاڙي ڊُڪان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

ڪڏھن زندگيءَ جي ڦِڏَن پيچرن تي
پِرين توکان وِڇڙي وَڃان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

سِتارن جي محفل مان اَڌ رات جو مان
جي غمگين موَٽِي اَچان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

وَڃان ٿو خُدا وَٽِ مگر ياد رَکُ تون
جي خالي ھٿين مان وَران، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

اُجالا اکين ۾ کڻي سَڏُ ڪجان تون
جي اوندھ ۾ ڀٽڪي پوان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

ڀروسو رھيو ڪاروان تي ڪڏھن ڪونہ
اڪيلو ڇَڏي ڪاروان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

ڇڏائي وَڃن ھَٿُ سِتارا ۽ سِجُ، چَنڊُ
انڌيرن ۾ پڻ جيِ سَگهان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

ڪَيَل قؤل سارا رَکِج ياد مُنھِنجا
ڪڏھن قؤلُ ڪو جي ڀَڃان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

گهِٽيون ور وڪَڙ زندگيءَ جون لتاڙي
جڏھن تُنھنجي ڀر مان لَنگهان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

اچان بي خوديءَ ۾ جڏھن سِنڌوءَ ڪپ تي
سَچل، شاھُ بڻجي اَمان!، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

اَڃا آس باقي اِھا زندگيءَ ۾
ڪڏھن اَجنبيءَ جيان مِلان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

نہ ٽاريءَ، نہ وَڻَ جو ئي ڪو ڏوھُہ آھي
سُڪَلُ گُل جي بَڻجي ڇَڻان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

ڪڏھن ذهن کان ڪم، ڪڏھن دل کان ورتو
جڏھن ڪين ڪنھنجي مَڃان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

تَصَوُر آ تُنھنجو، پِرين تاتِ تُنھنجي
جڏھن ساھُ اَنتِم کڻان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ

وَري ساڳي دُنيا بَڻايوُن اَڱڻ ۾

وَري ساڳي دُنيا بَڻايوُن اَڱڻ ۾
گهڙيون ٿورڙيون گڏُ گذاريوُن اَڱڻ ۾

اَڃا ياد آھي اُهو ٻالپڻُ، يارَ !
هلي آ، لغڙ ڪو اُڏايوُن اَڱڻ ۾

کڻي ٻيڙي ڪاڳَرَ جي ھڪ ٻئي جي پويان
وري پاڻُ مينھَن ۾ پِسايوُن اَڱڻ ۾

لَھيِ چنڊُ آيو اَڱڻَ ۾ ستارا
لڪي ھڪ ٻِئي ڏي نِھاريوُن اَڱڻ ۾

اُنھاري جي گرميءَ ۾ بابا اَمان جيِ
ڪَري شورُ غُل نِنڊ ڦِٽايوُن اَڱڻ ۾

لَنگهي ويا وَرهيَہ آنءُ ٻُنڀو اُهو ئي
گهڻيون مون ڏٺيون لاھيون چاڙھيوُن اَڱڻ ۾

پَڙاڏا اَڃا سي فِضائُن ۾ آھن
ڪَيون پيارَ سان جي لَڙايوُن اَڱڻ ۾

وڏا گھر ۽ بنگلا ڏِٺا خوبُ آهن
ھُيون پَرَ گهَڻيئي سُٺايوُن اَڱڻ ۾

ڪراچي ۽ دِلّي، سَکر، ساڌٻيلو
سچلُ، شاھُ، سامي ٿا چاهيوُن اَڱڻ ۾

سَمايلَ آ سُرھاڻ يادَن ۾ ھُن جيِ
اَسان موگرو ڇو لَڳايوُن اَڱڻ ۾

ڪڏھن دالِ چانورَ، ڪڏھن ساڳُ ڍوڍو
اَمان جي هٿن جوُن مِٺايوُن اَڱڻ ۾

پَريُنِ جون ڪَھاڻيون اَمان جي اَدا سان
وَري سُڏڪي سُڏڪي ٻُڌايوُن اَڱڻ ۾

ٻُڌون ها اَمان جون ڪي چَوڻِيوُن ، وَچَنَ ڪي
گهڙيوُن ڇو اَجايوُن وِڃايوُن اَڱڻ ۾

ڪري ياد ھن کي ٿا ڳوڙھا وَھايوُن

ڪري ياد ھن کي ٿا ڳوڙھا وَھايوُن
ائين دل جي ساوَڪَ سُڪڻ کان بَچايوُن

ڏِسون شامَ جو روزُ رستو پريِنءَ جو
ڪَيون جي نہ ڪم هي تَہ ڪِئن چَئُن پايوُن

مِٺي مُرڪ ھُن جي، مِٺي لات ھُن جي
اَسان سوچَ ۾ ڪِئن پِريِن وِک وَڌايوُن

تَصوُر بِہ تُنھنجو، تنوارون بِہ تُنھنجوُن
اَسان پاڻَ کي ڪيئن خود کان ڇَڏايوُن

پريشانْ تون ڪَھِڙَن سوالن کان آھين
اسان توکي پنھنجو هميشھہ ٿا ڀايوُن

چند سُپنا، ڪي اُميدون دوست ٺاهڻَ لءِ کپن

چند سُپنا، ڪي اُميدون دوست ٺاهڻَ لءِ کپن
حُـب دل ۾، اَشڪ اک ۾ پيارُ پائڻَ لءِ کپن

وقتَ توکي ڪيئن ڀلا مان ڪو بِہ ڏوراپو ڏيان
ڪي صديون، ۽ ڪي تَہ جُڳ خود کي سڃاڻڻَ لءِ کپن

ھُن جي خوشبو جن ۾ آھي خَط سي ساڙيان ڪِئن ڀَلا
ڪي نديون ۽ سمنڊ ٿورا خطڙا ٻوڙڻَ لءِ کپن

قطرا هِت هُت گَر ڪِريا ها خون جا جي قتل وقت
گونگا ڳوڙھا سمنڊ سارا سي مِٽائڻَ لءِ کپن

ڄاڻ آھي باھ جا وارث اسين آهيون پريِن
ڪي تَہ چڻنگون، ڪي تَہ ٽانڊا باھ ٻارڻَ لءِ کپن

بندگي ڪِئن آنءُ تنھنجي، ڪِئن ڪيان پوڄا پرين ؟
ڪي سوين مَنَ، ڪي ھزارين تو تان وارڻَ لءِ کپن

سَسئي بڻبَس مان پُنھوءَ لءِ ساھ ڏيندَسِ پڻ پِريِن
ڪي تَہ پربت، ڪي تَہ برپٽ، جهنگ جهاڳڻ لءِ کپن

ڪا چوَٽِ لڳي تَہ غزل لکجي

ڪا چوَٽِ لڳي تَہ غزل لکجي
ڪو گهاءُ پچي تَہ غزل لکجي

گُل، گلشن جا قصا ڇا جا ؟
ڪو خار چُڀي تَہ غزل لکجي

مان بِہ حقيقت ڄاڻان ٿو يار
ڪو خواب ٽُٽي تَہ غزل لکجي

هاڻي خود ڏي وَرجي واپس
ڪو ماڳ ملي تَہ غزل لکجي

سناٽو ئي سناٽو آ
آواز ٻُجهي تَہ غزل لکجي

مُرڪ چپن تي تازي تازي
ڪو لُڙڪُ ڳڙي تَہ غزل لکجي

وَڻ ھيٺان ويھي ڇا ٿيندو
ڪو پَنُ بِہ ڇَڻي تَہ غزل لکجي

ڪا سَسَئي، مومل يا نوُري
جي نظر اَچي تَہ غزل لکجي

چُھنبَ تِکي ڪنھن ڪنھن جذبي جي
جي ھيانءُ ڇِلي تَہ غزل لکجي

ڪو پنھنجو ڪو ڌاريو آھي
هر ڀيد مِٽي تَہ غزل لکجي

مُئلَ مُئلَ سَڀُ جذبا آھن
ڪو ساھُ کڻي تَہ غزل لکجي

آلاڻ اکين ۾ ڏاڍي آ
ھيءُ سمُنڊُ سُڪي تَہ غزل لکجي

ٽانڊا ٽانڊا شھر سڄو آ
ڪا باھِ ٻَري تَہ غزل لکجي

ھُن جي اَکِ ۾ ڇا ڇا ناھي
ڪو رازُ کُلي تَہ غزل لکجي

ھوءَ دريءَ وَٽِ بيٺي آھي
ڪُجهہ هوشُ اَچي تَہ غزل لکجي

لفظ هُئا، اظھارَ هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها

لفظ هُئا، اظھارَ هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها
تُنھنجا ئي ويچارَ هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها

چنڊُ اَڱڻ ۾ تارن جي محفل مَتَل ھُئي
هر شئہ جا ديدارَ هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها

تون بِہ حقيقت ڄاڻين ، مان پڻ واقُف آهيان
سُپنن جا سنسار هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها

مندر هو، ڀڳون هو، ڪاشي ۽ ڪابو هو
مُڪتيءَ جا آثارَ هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها

خواب وِڪيا، ذَهنُ وڪيو، جذبا گِروي آھن
هر شئہ جا بازار هُئي ، شَل تون بِہ ھُجين ها

نازڪ پَل، يادون، ڳوڙھا ، تنھايون ۽ غَمَ
مون وَٽِ سڀ دلدارَ هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها

ڇانوَ ڇَٻر، وَڻ ٽِڻ، گُلَ ڦُلَ، خوشبو ۽ بادلَ
قدرت جا سينگار هُئا، شَل تون بِہ ھُجين ها

چوُرُ چوُرُ چِتُ، ڇيھوُن ڇيھوُن چاھ چَريِ ٿي
سَڀُ تُنھِنجا اُپڪارَ هُئا ، شَل تون بِہ ھُجين ها

روشنيءَ جي پٺيان ڊُڪڻَ وارا

روشنيءَ جي پٺيان ڊُڪڻَ وارا
اک ۾ اوندھ رَکيِ هَلَڻَ وارا

ڪُنڊ پاسي ڦِٽو ڪيو ٿا وَجودُ
مُنھَڻ تي سَچُ چَئيِ ڏِيڻَ وارا

مُنھنجو ڇا ڇا کڻي وِئين، ڇا چوان !
روحُ رولي وئين وڃڻَ وارا

موڳو موڳو ڦِران اَنڌيرن ۾
گم ٿي ويا پيارَ سان سَڏَڻَ وارا

هاڻي واپس ڪوئي نہ وَرَندو مَنَ
نيڻَ ٿَڪِجي پيا تَڪَڻَ وارا

گوڙُ، رَڙِ، واڪا ڪونہ آهِن ڪي
ماٺِ ۾ گُفتگو ڪرڻَ وارا

روز رات جو راڪاسَ گهُمَن اوندَھِہ ۾

روز رات جو راڪاسَ گهُمَن اوندَھِہ ۾
چَنڊَ سِتارَن جا قَتل ٿِين اوندَھِہ ۾

چھرو ڪنھنجو ڪونہ سُڃاڻي سَگهبو ھاڻ
ھڪ ٻي سان ٿا سڀ شخص مِلن اوندَھِہ ۾

پِروُن تَہ ناهن اَمان جي اَفسانن جون ؟
ڪنھنجا ٿا ھي آواز سَڏِن اوندَھِہ ۾

سِجُ لَھيِ ويو، ماڳ پَري آ رستي ۾
قدم قدم تي ٿا خار چُڀن اوندَھِہ ۾

ڪين سُڪا اُس ۾ ورهيہ لنگهي ويا آھن
چاهيان ٿو شل ھيءُ گهاوَ سُڪَن اوندَھِہ ۾

سِج ، چَنڊ ، تارا اَوھان اُجالا ماڻيو
اکڙين ۾ ٿا ڪي خواب تَرن اوندَھِہ ۾

مُرڪَ مِٺيءَ سان جن جو چھرو روشن آ
نيڻَ کڻي مون ڏي ذرا ڏِسَن اوندَھِہ ۾

سِج ُ، چَنڊُ، تارا سَڀُ سَڄڻَ اُجالن جا
ڪي ڊپَ، ڪي ڀَوَ ٿا ساڻُ رَهن اوندَھِہ ۾

اَسان اُتي ئي آهيون، سڀ ھڻن ھٿوڙا
موسيٰ، عيسيٰ، نانڪ، ڪرشن اوندَھِہ ۾

اُس ۾ موتي سڏجن ڳوڙھا اکڙين جا
تشبيھہ ڏيان ڇا ؟ لُڙڪ ڳڙن اوندَھِہ ۾

اوھين وسايو ديپڪ گهَر جا ٿوري دير
سوچيو ڪِئن ٿا ڪي ساھ کڻن اوندَھِہ ۾

اُسّ اڃا جنھن وڻ تائين پھتي ناھي
خيال ڪيو سي ڪِئن ٻوُر جهَلن اوندَھِہ ۾

سِجُ، چَنڊ آتا ڀاڪر پائڻ خاطر
تنھا پَلُ هِڪُ ڪاٿان آڻِن اوندَھِہ ۾

ڪي غمگين رهن جڳمڳ روشن جڳ ۾
ڪي من مؤجي مَنَ پيا جَرڪن اوندَھِہ ۾

سڀ روشن پَل مُنھنجا چورائي ويا هو
ڪيڏو مشڪل آھي جيون اوندَھِہ ۾

ڏينھن بِہ گُذريو ڪانہ لَڌَءِ ڪا سارَ پِرين
نيڻ نِدورا ٿا واٽَ ڏِسن اوندَھِہ ۾

خؤفزدہ پيارُ رَهي شام، صُبح ، هر پَل
مُرڪڻ، ڀاڪُر ۽ پوءِ چُمڻُ اوندَھِہ ۾

روشن ذهن ٿِئي، دِل جون راھون روشن
جڏھِن پرينءَ جا ٿا خيال اَچَن اوندَھِہ ۾

اوندَھ گهاٽي بَڻجي پَوَندي آھي دوست
جي ڪَچِڙا ڪِٿِ ڪي خواب ٽُٽن اوندَھِہ ۾

ڪڏھن تَہ سِجُ اُڀري روشن بَڻِجي دُنيا
روُحَ صَدِيُن کان پيا ٿا ڀَٽِڪَن اوندَھِہ ۾

ھَٿُ هَٿَ ۾ سوگهو جهَلِجان، سازش آھي
ھِت ھِڪُ ھِڪُ ٿيِ ٿا سَڀُ وِڇڙن اوندَھِہ ۾

سِجُ نِڪري تَہ سُڃاڻي سَگهِبا چَھِرا ڪي
لِڪي لِڪي ٿا سڀ سَڄَڻ ٺَڳِن اوندَھِہ ۾

تَنھائيءَ کي ماڻَڻَ وارا ڄاڻَنِ ٿا
لُڙڪَن سان ڪِئن اَکڙيوُن جَرِڪَن اوندَھِہ ۾

صدمو وِسري ويو گهاءُ ڪُري وِچَ وِچَ ۾

صدمو وِسري ويو گهاءُ ڪُري وِچَ وِچَ ۾
جڏھن جڏھن ٿو ڪو مَلمُ مَکي وِچَ وِچَ ۾

مُڪتيءَ جي دَرَ تان پڻ موَٽِيِ آيو آ
ڪنھنجي لءِ ٿو ھيءُ روح رُلي وِچَ وِچَ ۾

اُس تِکي آ، ريتِ تَتَلَ آ بَرپَٽ ۾
حاصل ٿيندو ڇا ؟ ڪَڪَرُ وَسي وِچَ وِچَ ۾

ڪي لفظ چَوي ۽ پو خاموش رهي ٿو
اَفساني کي اِئن موڙُ ڏِئي وِچَ وِچَ ۾

ڪيڏا سُپنن جا مَڙہ ڍوئي آخِر مَنُ
غلط نہ چَئجي گَرِ لُڙِڪُ ڳَڙي وِچَ وِچَ ۾

اوندَھِ برپٽ جو پَنڌُ بِہ مُشڪل نہ آ
پيارَ مَنجهان ڪو آوازُ ڏِئي وِچَ وِچَ ۾

دردَ اِلاهي روزُ رُئڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا ؟

دردَ اِلاهي روزُ رُئڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا ؟
گهاوَ اَندر ۾ آهَ ڀَرڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟

آنءُ عبادت ۽ پوڄا جون رسمو ڄاڻان
شيِشُ نِوائي روزُ نِمَڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟!

وَڻ ٽِڻ، پربت پنھنجي جاءِ تان چُرن نٿا ھيءُ
منزل خاطر ڊوڙَ ھڻڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟ !

پڪ آ مونکي واٽھڙوُ تون واپس وَرندين
ور ور واڪا يار ڪرڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟

اَرمانَ اِلاهي مَنَ مان ليئا پائِن ٿا
سڀ ڪجهُہ چَھري مان جهلڪڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟

وهم ورھاڱو، پاڳلپڻ سرحد جا جهنڊا
سنڌوءَ ڪپ کي ڏاڍُ سھڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟

ڀوُتَ پَشيمانْ نھرو، جِناح جا ٿيندا پَڪَ
سندن خطا فرمانُ مڃڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟

ٽُڪرا ٽُڪرا ڇيھون ڇيھون ٿي پيو جيون
هوريان هوريان ڀڃڻ ڀُرڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟

پنھنجو مُلھ سمجهڻ وارا، سمجهي ويندا ئي
هيرو موتي ٿي جَرڪڻُ ئيِ ضَروُري آ ڇا؟

ڪَھِڙا ڪَھِڙا خواب اَچن ٿا

ڪَھِڙا ڪَھِڙا خواب اَچن ٿا
پَلڪُن تي ئيِ قتل ٿِين ٿا

ڪو بِہ نماڻو ماڻھو ڪاٿي !
پَنھنجي پَنھنجي ھوڏَ هَلن ٿا

پيارُ، وفا، نينھُن، نيزاريون سڀ
ڦاسائڻ جا ڄار لڳن ٿا

هوريان هوريان ڪوريو سائين
پٿر پڻ ڪي ساھُ کڻن ٿا

سوچي سوچي قتل ڪيو ھاڻ
مُردن ۾ پِڻ روُحَ رَهَن ٿا

ڪَچڙو سُپنو ڪُسِجي ويندو
پَل پَل اَھِڙا پوُرَ پَوَن ٿا

چئُہ ڪِئن لُڙڪن کي مان روڪيان
روز نئين ڪا واٽ وٺن ٿا

شاھُہ اَڱڻ ۾ ويڳاڻو آ
جوڳي جادو ڪون ھڻن ٿا

خواب رُسي ويا عرصو پَھِريان
نيڻ ندورا واٽَ تَڪِن ٿا

ڇانوَ ملي ڪا ساعت هڪڙي
پير ڦَٽيل اَرمانَ چَون ٿا

سادا سودا ماڻھو جيڪي
سڀني جي اک ۾ کَٽڪن ٿا

ورهيہ، صدين يُگ اَوتار مَٽيا
ساڳيا ساڳيا سوُرَ سَلِن ٿا

ڪنھن باھِہ لڳائي ، واڪا ڪَن
لِڪي لِڪي جي چِڻگَ ھَڻن ٿا

سور اِلاهي ناسوُر بڻيا
انتقامُ سَڀُ اِئين وٺن ٿا

اونداھو آ سارو رَستو
ٿورا ڪي لمحا جَرڪن ٿا

سُپنا، ياديون، اَرمانَ پِريِن
هِڪُ هِڪُ ٿي سَڀُ ساٿُ ڇڏِن ٿا

اُڃَ اِلاهي، پياس اِلاهي، مُنھِنجو وَرثو

اُڃَ اِلاهي، پياس اِلاهي، مُنھِنجو وَرثو
بَرپٽ ۾ بادلُ وَسَندو آ ايڪڙ ٻيڪڙ

کوڙَ وڃن ۽ کوڙَ اَچن ٿا مُنھنجي دل ۾
ورهيه، صديون ، يگ ڪو ٽڪندو آ ايڪڙ ٻيڪڙ

قطرو قطرو ٿي لُڙڪ ڳڙن ۽ سُڪي وَڃَن
ڪو ورلو موتي بڻبو آ ايڪڙ ٻيڪڙ

پَل پَل بي معنيٰ وقت ڦِري سارو جيِوَن
ڪو دل ۾ پيھي ويندو آ ايڪڙ ٻيڪڙ

واڻَ جي کٽ تي گُم سُم ويٺو ھوندو آھي
بابو آکاڻي کڻندو آ ايڪڙ ٻيڪڙ

وِريي وَڄَن دُهل، توتارا بَھِراڻن ۾
مورُ بَڻي مَنُ ھيءُ نچندو آ ايڪڙ ٻيڪڙ

گهاوَ مٿان گهاوَ لڳن، جنگ اَندرَ ۾ جاري
ٻِڙڪَ بِہ ٻاھر هو ڪڍندو آ ايڪڙ ٻيڪڙ

ڪنھن سان ڪنھن سان پيارُ ڪيو هو يادِ اَچيِ ويو

ڪنھن سان ڪنھن سان پيارُ ڪيو هو يادِ اَچيِ ويو
ڪِئن هر پَل مون پاڻ ٺڳيو هو يادِ اَچيِ ويو

صرف پڙاڏا واپس وَرندا، ڏي نہ صَدا تون
هر ماڻھوءَ، هر شخص جهَليو هو يادِ اَچيِ ويو

سوُرَ لَھَن ھيءُ، دَردَ لَھَن ھيءُ، سائين مُنھِنجا
ڪھڙو ڪھڙو وکر ڦَڪيو هو يادِ اَچيِ ويو

وڻ وڻ سان ڀاڪُر پائي سُڏڪي پوندو هو
مون جَھِڙو ڪو شخص چَريو هو يادِ اَچيِ ويو

برپٽ جي واريءَ ۾ پڻ ڪي گُل ٽِڙيا ها
اکڙيُن مان هِڪُ لُڙڪُ ڳڙيو هو يادِ اَچيِ ويو

ڀٽڪي ڀٽڪي پنھنجي گهر آخر پَھتُس مان
چائنٺ تي ڪنھن اَچي ڇڏيو هو يادِ اَچيِ ويو

چنڊ جي ڳولھا ۾ نِڪتو هو پر هوُ واپس
خالي هٿ مايوس وَريو هو يادِ اَچيِ ويو

روحُ رُلي جنّت مان ڇو واپس آيو آ
ھن جو ڀاڪُر جَلدُ ڇَڏيو هو يادِ اَچيِ ويو

حسرت، سُپنا، اُميدون گِروي آهن سڀ
ڇا ڏِيان ھُن کي! روح بَچيو هو يادِ اَچيِ ويو

ساحل جي واري واري بس مُنھنجي قسمت
ڪوڏي ۽ هِڪُ شنکُ مليو هو يادِ اَچيِ ويو۔

توکي پرکيان وري خيال آيو

توکي پرکيان وري خيال آيو
دلربا زندگي خيال آيو

ڪِئن رُسان، ڪِئن ڪيان ڪا ڪڍي ڳالھہ
ناھي ھوءَ اوپري خيال آيو

مُرڪ، ماڻا ، چُمي هِڪُ يا ڀاڪُر
ڪا تَہ ڏي سوُکڙي خيال آيو

گوال، ڪرشڻ آ مَن ۾ گوپيون پڻ
سانتِ ڇو بانسُري خيال آيو

ويدَ، بائيبل ، قرآن ۽ گيتا
سارُ آ شاعري خيال آيو

ڪر انڌيرن سان پيارُ مَنُ لائي
ڀرمُ آ روشني خيال آيو

گنگا، جمنا رَکَن اُڃايلُ ٿيون
سِنڌو وِڇڙي وئي خيال آيو

چنڊَ، سِجَ جي خطا ھئي جيڪا
شام تنھا رُني خيال آيو

مؤت تائين رهي محبّت شل
ڪِئَن ڪَيان اَڳڪٿي خيال آيو

ساھُ وَر وَر پِرين سُڪي ٿو وڃي
رکجي اَک ۾ نَدي خيال آيو

تون مُحبّت ڪرڻُ نَٿي ڄاڻي
مُنھنجو ھَٿُ، ڇَڏِ چَري، خيال آيو

خواب نئون ڪو ڳِنھي اَچان خَرچُ وڏو آ

خواب نئون ڪو ڳِنھي اَچان خَرچُ وڏو آ
بند اَکيون جي سانت رَھان خَرچُ وڏو آ

ياد ڪيان ھن کي دل ۾ هر پَل، هر کِن
ھُن تائين مان ڪيئن وَڃان خَرچُ وڏو آ

چَنڊَ، سِجَ جي، تارَن جي ڳالھہ نہ ڪَرِ تون
ٻاري ھڪڙو ديپُ رَکان خَرچُ وڏو آ

سِنڌُ پَري، شاھُ پَري مَنُ ويڳاڻو آ
ڪِئن سرحد ھيءَ پار ڪَيان خَرچُ وڏو آ

قتل ڪيا پنھنجا سُپنا پنھنجي هَٿَ سان
ڪنھن تي ڪوُڙو ڏوُھ ھڻان خَرچُ وڏو آ

ڦاٽل ڪپڙن ۾ اڃا اَمان جي سِڪ آ
سُئي سڳو آ، ڇو نہ سِبان خَرچُ وڏو آ

لُڙڪَ اَمانت سانڍي رکندس سيني ۾
سَمُنڊ جيان جي ڇول ٿيان خَرچُ وڏو آ

باھ وسامي پر ٽانڊا قائم آهن
ٿوري جي مان ڦوُڪَ ڏِيان خَرچُ وڏو آ

شامَ سَڄي، راتِ سَڄي ، ڏينھُن سڄو تنھا
ڪنھن کي پنھنجي ساڻُ کڻان خَرچُ وڏو آ

سَچَ کي سَچُ چَئِبو، همٿ ڪبي، جانِ ڏِبي
ماٺِ رَھان ۽ آنءُ ڊِڄان، خَرچُ وڏو آ

ڪٿي وڃي لِڪان اَڪيلو، خود کي ڳولھيان
گڏِجي لِڪَ ڇِپَ راندِ ڪيان خَرچُ وڏو آ

ھاڻِ هر چيزَ ٿي وڻي گهَٽِ وَڌِ

ھاڻِ هر چيزَ ٿي وڻي گهَٽِ وَڌِ
جَنھِنجي حَسرت ڪيان، مِلي گهَٽِ وَڌِ

آنءُ ڪِئن خواب ۾ سَڏيان ھُن کي
راتِ جو نِنڊ ٿي اَچي گهَٽِ وَڌِ

دوستي، پيارَ ۽ وفا جو پڻ
آسرو ڀَل ھُجي، ھُجي گهَٽِ وَڌِ

گهاوَ دل جا اَڃا ڀَريا ناهِن
مُرڪ شايد هوُ ٿو مَکي گهَٽِ وَڌِ

غمَ خوشيءَ کان هو پورو واقُف آ
غور سان ڏِسُ، رُئي کِلي گهَٽِ وَڌِ

علم جو ايڏو ٻوجهُہ ڇو ٿو کڻيِ ؟
ڪنڌُ ڪنھنجي اَڳيان جهُڪي گهَٽِ وَڌِ

خوشبوُ ساڳي آ، گُلُ بِہ ساڳيو ئي
ڇا وڃايو اَٿس، ٽِڙي گهَٽِ وَڌِ

غَمَ اڳي کان وَڌيِڪَ آهن پَر
مھل بي مھل هوُ ڇُلي گهَٽِ وَڌِ

چنڊَ، تارا نٿا سَڏِن مونکي
سوچ اِن ۾ پَکي اُڏي گهَٽِ وَڌِ

فرق اُسَ، ڇانوَ ۾ ڪرڻُ مُشڪِل
نوُرُ اکڙيُن ۾ ٿو رَهي گهَٽِ وَڌِ

يادِ اُنَ جي آ، تاتِ اُنَ جي آ
باقي ڪم ڪار ٿو پُڄي گهَٽِ وَڌِ

هوُ پرولي ڏُکي ، ڀَڃان هَر هَر

هوُ پرولي ڏُکي ، ڀَڃان هَر هَر
پاڻَ کي پاڻَ اِئن وَڻان هَر هَر

راھَہ ڪا ماڳُ ڪو وَڻي ئي نٿو
پو بِہ ڀايان اِئي ڊُڪان هَر هَر

ڪين ڪا ڳالھہ هوُ مڃي مُنھنجي
مان بِنا چَئي ئي سَڀُ مَڃان هَر هَر

هر حقيقتَ ضَعيفُ آھي پِرين
پيارُ، سُپنو، ڳِنھي اَچان هَر هَر

پار پولارَ جي پِريِن ٿو ٻُڌي
ماٺِ ۾ گُفتگو ڪَيان هَر هَر

روزُ مَٽِجي وَڃي مُھانڊو ٿو
غور سان پاڻَ کي ڏِسان هَر هَر

ڍيرَ لاشن جا ٿو ڪُلھَن تي کڻان
اَمَن جي ٿو دعا پِنان هَر هَر

ڀل نہ موسان پيارُ ڪَرِ پَر ايِنديِ ڪَرَ

ڀل نہ موسان پيارُ ڪَرِ پَر ايِنديِ ڪَرَ
دوستي آ بي اَثر پَر ايِنديِ ڪَرَ

تُنھنجي مُنھنجي راھَ آھي ڀَل جُدا
وقت ٿورو مُنھنجي گهَرِ پَر ايِنديِ ڪَرَ

مُنھنجي مُنھن تي مُرڪَ ھاڻي ڪينَ آ
اَشڪ اَکِ ۾ تَربَتر پَر ايِنديِ ڪَرَ

رُڃَ پويان ڊوڙي ڊوڙي ٿَڪجي پِيُس
زِندگي ٿي دربدر پَر ايِنديِ ڪَرَ

ڀِتِ کڄي ٿي زِندگيءَ ۾ روزُ ڪا
ڪَنھِن دريءَ مان تون نظر پَر ايِنديِ ڪَرَ

مُرڪَ، ڀاڪُر، ھِڪَ چُميِ حَسرَت ھُئي
ڀَر ۾ ويھي آهَ ڀَرِ، پَر ايِنديِ ڪَرَ

يادِ تُنھِنجيِ روشِني آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

يادِ تُنھِنجيِ روشِني آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي
پيارُ تُنھِنجو زِندگي آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

ساھُ سِنڌوُ، ساٿُ سِنڌوُ آ تصور سنڌوءَ جو
پاڪِ هر ڪا هِت ندي آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

زِندگي تون ، بَندگي تون ، ساھُ تو ۾ آ پِريِن
دل اَندر ڪا ٻي سَکي آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

بَڻجي پَوندُس بي وفا مان وارَ پھرئين سان پِريِن
مؤتَ تائين دوستي آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

بَندگي تون ، تون خُدا، تون زِندگي آھيِن پِريِن
پاڻَ سان ڪيڏي ٺَڳي آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

جي ڪڏھن در کڙڪي پر هوُ روحُ ٿو بَڻِجي پَوي
پيارَ جي حَسرتَ پَلي آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

زِندَگي گهارَڻُ ڏُکي آ تو سِوا سَچُ آ سکي
ھاڻِ دل ۾ شانتيِ آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

دل ۾ اُڻ تُڻ، ذهن ۾ اُڻ تُڻ ٿئي، ٿيِنديِ رَهي
مَنَ جي وِرتيِ ھيءَ چَري آ ڪوُڙُ ڳالھائجي کَڻي

توکي سَڀُ مِلندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

توکي سَڀُ مِلندو پَڪَ نَہ سَمجهہ
ڪُجهہ رَهِجي ويندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

پيارَ مُحبّت ۾ سگهہ آھي
سَڀُ حاصل ٿيندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

ٻوُر جهَليو آ سُپنن جي وَڻ
هر ڪو ڦل رَسندو پَڪَ نَہ َسمجهہ

واقُف ناهين بَرپٽ کان تون
هر بادل وَسندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

کنڀَ پَکي کولي اُڏڙي ٿو
هوُ اَنبَرُ ڇُھَندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

مُلھُہ تَہ آھي ورثي جو، پر
ڪو سانڍي رَکندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

روحُ لڳي ٿو بيھوشيَ ۾
حَق لءِ ڪو وڙھندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

ھَوا هَلي آ ، کڙڪو ٿيو آ
ھاڻي دَرُ کُلندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

تيل ڏِئي ۾ وَٽِ پِڻ سالِم
بس فوراً ٻَرندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

هَر ذَري سان پيار ڪَندو چَنڊُ
هر ڪنھن کي چُمندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

سُقراط ھُجي، مَنصوُر ھُجي
ڪو جِئرو رَھندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

ڀَل نہ ھُجي سِڪّو کوَٽِو ڪو
دُنِيا ۾ ھلندو پَڪَ نَہ سَمجهہ

تو ٻُڌي ڀي نہ ٻُڌو ڏُکُ آھي

تو ٻُڌي ڀي نہ ٻُڌو ڏُکُ آھي
لفظ پولار ۾ ويو ڏُکُ آھي

روحَ راڱا ڀي ڪيا ها ليڪن
ڌيانُ تو ڪونہ ڏِنو ڏُکُ آھي

چَنڊ، تارن کي بِہ ٻاڏائي ٿَڪُس
ڪون ڪو ديوُ لَٿو ڏُکُ آھي

شور غل ۾ ٿي صَدا گُم مُنھِنجي
هوريان سَڏُ توکي ڪيو ڏُکُ آھي

روشني ڪنھن آ لڪائي خود وَٽِ
شخص هر ٻوُٿُ ٻَڌو ڏُکُ آھي

چَنڊُ،سِجُ، تارا نہ مون چورايا
هوُ بِنا وَجھَہ مَتو ڏُکُ آھي

راندِ لِڪَ ڇِپَ ڪَئي چوڄَ مَنجهان
هوُ سدا لاءِ لِڪو ڏُکُ آھي

ٽارَ تي گُل پي ٽِڙيو سُھڻو پر
آنڌي طوفانُ لَڳو ڏُکُ آھي

مون تَہ ٽوپو ٿي ھَڻَڻُ چاهِيو پر
ليِڙون ليِڙون هو لَٽو ڏُکُ آھي

ڍَنڍُ دَرياھُ سُڪو، اَکڙيون خشڪ
آخري خواب ٽُٽو ڏُکُ آھي

آسَ ٿَسِ قصّو مُڪَمَل ٿيِندو
ڊوھُہ ڪِردار ڪَيو ڏُکُ آھي

مون تَہ پاتو ئي گهَڻو ڪونہ ڪڏھن
ڪَپڙي جو رَنگُ ڦِٽو ڏُکُ آھي

سوچان ٿو ڪو مِلَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

سوچان ٿو ڪو مِلَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي
ڳالھہ دل جي چَوَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

باغ مان گُل سَڀئي ڇِني مون رکيا
ھار تو لاءِ پُئڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

ھُن کي ڀاڪُر ڀَري آنءُ ڇا ڇا چَوان
صرف ٿورو رُئڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

خواب پورا ٿِيَن يا اڌوُرا رَهَن
خوابَ سُھِڻا ڏِسَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

زِندگي تو بِنا زِندگي ڪانہ آ
تون اَچين يا مَرَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

آنءُ بيزار خود کان حياتي سڄي
تون هلي آ، وَڻَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

مَھل بي مَھل مُنھِنجي نہ گهَر اينديِ ڪَر
آھي حسرت، سِڪَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

ڀِت نہ سرحد تي پوري کڻائج پِرين
ھڪ دَري رَکُ، ڏِسَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

سارو آڪاش مان ڇا ڪيان پاڻَ وَٽِ
چَنڊ ٿورو ڇُھَڻَ جو ڪَڏَھِن ٽِڻُ ٺَھي

زِندگي راھَ وَٺِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

زِندگي راھَ وَٺِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ
ٿورو ٿَڪُ ويھيِ ڀَڃِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

ڳالھہ سُرھاڻ، ساوَڪ، نَديءَ جي نہ ڪَرِ
آسَ بَرپَٽ کان رَکِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

ڳوٺَ ۾ ، شَھِر ۾ ڪونہ ٿو مَنُ لَڳي
گهَرُ اُتي ٺاھي رَھِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

خُشڪ دِل، ذَهَن بَنجَر، تَمنّا سُڪل
علحدو خوابُ لُڻِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

ڪا عَدالت نٿي مونکي ڏوھي مَڃي
پاڻَ تي ڏوھُ مَڙھجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

تاتِ تُنھِنجي، عِبادتَ بِہ تُنھِنجي پِريِن
سارَ سا ڍوئي ھَلِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

لَفظُ آھي مُحبّت، عِبادَتَ بِہ لَفظُ
آخري لَفظُ چئجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

هوُ بِہ پولارَ ۾ گُم ٿي ويو زِندگي
ڪائي آکاڻي کَڻِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

زِندگي ڪا مَتان جَرڪيِ ساعِتَ پَوي
اُن جيِ ھٿ اکري پَڙھجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

ڪين ويسھُہ مليو ڪِٿِ سَڄيِ زِندَگيِ
ڦارَ پائي تَہ ڏِسجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

يادِ آ ذائقو زندگيءَ جو اَڃا
ٿورڙيِ ماٺِ چکجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

ناهِہ وَسَ ۾ وَٺَڻُ مُنھِنجي زر و زَمين
ٿورو آڪاش وٺجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

هوُ مَتان لائي ڪَنُ ڪِٿِ نَہ ويٺو ھُجي
ماٺِ ۾ آهَ ڀَرَجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

گهاوَ مُنھِنجا ڇُٽيِ وِيا زَمانو ٿِيو
تَہ بِہ ذرا مَلمُ مَکِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

ڍَنڍَ پياسو رَکيو، سَمُنڊَ پياسو رکيو
کوُھُہ هِڪُ کوَٽِي ڇَڏِجي جِتي وَڻُ نَہ ٽِڻُ

آھي آلاڻِ اَکِ ۾ رُنو ڪيرُ هو

آھي آلاڻِ اَکِ ۾ رُنو ڪيرُ هو
مائِٽُ مُنھِنجو پُڇان ٿو سَڳو ڪيرُ هو

سَڀُ ھَوا تي سَواريِ ڪَري ويا هِتان
پو اَڱڻَ مُنھِنجي آخر لَٿو ڪيرُ هو

ورھيَہ ٿيا هوُ ڪڏھن ڪونَ آيو نَظر
پو لِئو پائيندي مون ڏِٺو ڪيرُ هو

پُرزا پُرزا ڏِٺو پاڻَ کي ھَر گهَڙي
ڇيِھوُن ڇيِھوُن بڻيو هو، سڄو ڪيرُ هو

ذَهنُ آ قيد ۾، روحُ آ قيدَ ۾
قيدَ مان زِندگيءَ جي ڇُٽو ڪيرُ هو

آ اَنڌيرو پُٺيان، آ اَنڌيرو اَڳيان
چِڻنگ ٻارَڻ لَٿو اوچِتو ڪيرُ هو

ڪو تَہ عالِمُ مليو، ڪو مليو مَعتبَرُ
تون ئي چَئُہ مون جِيان ڀورِڙو ڪيرُ هو

چَنڊَ جو چَمڪي رُڳو هِڪُ پاسو

چَنڊَ جو چَمڪي رُڳو هِڪُ پاسو
هر جَڳھِہ جو اَنڌيرو هِڪُ پاسو

ٿي بغاوت دُھون آھي دل ۾
مگر اَفسوس، تتو هِڪُ پاسو

جو ڀي چَھِرو مون چَپَن سان لاتو
هو مِٺو ۽ هو ڦِڪو هِڪُ پاسو

آنءُ ڪِئَن ماڳَ تي مِلَندُس توسان
پيچري جو آ ڦِڏو هِڪُ پاسو

آ مُحبّت اَڃا توسان ٿوري
دل ڀَڃينِ ها، تو ڀَڳو هِڪُ پاسو

ڀَٽِڪندو روحُ اَڃا ڀي مُنھِنجو
پيارَ جو ڄاتو رُڳو هِڪُ پاسو

اُسَ تِکي ۽ ھَوا پِڻ تيز لڳي
پَر لَٽي جو آ سُڪو هِڪُ پاسو

جاچِ، هَر چيزَ ۾ ساڳيو ئي کوَٽِ
هِڪُ ٽُٽَلُ ۽ آ سَڄو هِڪُ پاسو

اَچُ تَہ ڳولھيوُن ڪو مِلي جي سانھَسَتيِڪو

اَچُ تَہ ڳولھيوُن ڪو مِلي جي سانھَسَتيِڪو
ڪُجهُہ ڏِئي ۽ ڪُجهُہ وَٺي جي سانھَسَتيِڪو

ديوَ آيا ۽ ھَليا ويا آسماني
هِڪُ پِريِن دِلبَرُ اَچي جي سانھَسَتيِڪو

گهاوَ اوُنھا پِڻ ڇُٽي ويندا گهڙيءَ ۾
مَلمُ مَنَ سان ڪو مَکي جي سانھَسَتيِڪو

ڳالھِہ دِلِ جيِ چَئہ ڪَجي ڪَنھِن سان، ڪجي ڪِئَن
ٿورو کِن ڀَر ڪو وِهي جي سانھَسَتيِڪو

ڀيِڙَ ۾ ھَٿُ پِڻ مِلائِڻُ ناگَوارا
زِندگي ھُن لءِ، اچي جي سانھَسَتيِڪو

خؤفَ ۾ روزُ ڇو جِيوُن ويٺا

خؤفَ ۾ روزُ ڇو جِيوُن ويٺا
قطرو قطرو اِئين ڳَروُن ويٺا

ايِندو ايِندو ڪَڏھن تَہ هوُ ايِندو
ساھُہ اِنَ آسَ ۾ کَڻوُن ويٺا

سِجُ ڪَنھِن پاڻَ وَٽِ لِڪايو آ
روزُ اوڀَر ڏي اَکِ کَڻوُن ويٺا

چَنڊَ کي نياپو ڪو ڏِئي مُنھِنجو
عُمر ڀَر داڳُ هِڪُ ڌُئوُن ويٺا

قياسُ ڪو ڌارِ زِندگي ھاڻي
هَر گهَڙي خودڪَشي ڪيوُن ويٺا

ڪي پَڙاڏا، ڪي سَڏَ ٻُڌا ها موُن
روزُ خاموشيِ اِئَن سَھون ويٺا

تون بِہ اڻڄاڻ، بيخبر مان پِڻ
بي وجَھ پاڻَ ۾ وِڙھون ويٺا

هوُ خفا آ مگر الائي ڇو
سا پِرولي اَڃا ڀَڃوُن ويٺا

جيِتَ ڇا، هارَ ڇا، وِساري ڇَڏِ
زِندگي داءُ آ ھَڻوُن ويٺا

هوُ ڇَڏي سَنمُڊَ جي ڪناري وِيو
هَر لَھر تي ٻُڏوُن تَروُن ويٺا

ذهن، دِل، خوابُ ھڙئي هارايو
زِندگي داءُ ڇو ھَڻوُن ويٺا

ھُن هَٿَنِ ۾ جهَليو هو ھَٿُ کِنَ ڀَر
ساڳي ساعِت اَڃا ڇُھوُن ويٺا

روزُ قطرا کڻي ھَلي ٿو هوُ

روزُ قطرا کڻي ھَلي ٿو هوُ
ڪينَ قُدِرَت کان پِڻ ڊِڄي ٿو هوُ

مُٺِ ڀِڪوڙي ٿو ٻار جيان وَر وَر
خواب سوگها ڪَري جهَلي ٿو هوُ

آھي واقُف ھوا جيِ فِطرَتَ کان
تَہ بِہ ڏِئو ٻاري هِڪُ رَکي ٿو هوُ

سَمنڊَ تي روزُ شامَ جو توُن اَچِج
ڪَنَ ۾ هوريان چَئيِ وَڃي ٿو هوُ

ساڳي آکاڻي ٿو کڻي، تَہ بِہ روز
چَوَندي چَوَندي مُنجهيِ پَوي ٿو هوُ

زِندَگي اَڌَ ۾ ھَٿُ ڇَڏائي وَئي
ناھي شِڪوا مگر، پَر ڇُلي ٿو هوُ

ڪيرُ نياپو کَڻيِ پِرينءَ ڏي وَڃي
سَڀُ اُڏائي پَکي ڇَڏي ٿو هوُ

شَخصُ هَر ڪو ھِتي مون ڏِٺو سوچَ ۾

شَخصُ هَر ڪو ھِتي مون ڏِٺو سوچَ ۾
شَھرُ سارو ٻُڏَلُ پي لَڳو سوچَ ۾

ليِڙوُن ليِڙوُن لَٽو آ سَموُرو پِريِن
ڪيئن ھڻان ٽوپو؟ آھي سَڳوسوچَ ۾

آھي خاموش عالَمُ سَمورو سَڄَڻَ
دِل اَندَر شورُ بَرپا ٿِيو سوچَ ۾

ڪا ھَوا، ڪوئي طوُفانُ ناهي مَگر
هِڪُ ڀَنڀَٽُ ڇو اُجهاميِ وِيو سوچَ ۾

هي نڀاڳيون اکيوُن روزُ دَرَ ڏي کَڄَن
ٿورو شايد وَڳو هو ڪَڙو سوچَ ۾

مُلڪ مَٽجي وِيا، ڌارَ ٿيون سرحَدوُن
ڳوٺُ مَحفوظُ مُنھِنجو سَڄو سوچَ ۾

روحُ آھيِن پِريِن روُحَ جو تون سَدا
آھِہ وِشواسُ مونکي پَڪو سوچَ ۾

نَظَر دِل کي جَڏھن ڇُھندي

نَظَر دِل کي جَڏھن ڇُھندي
تَڏھن راحَتَ ذرا مِلندي

وِهي ڀَر ۾ اَچي چُپ چاپ
قَضا پِڻ دِلرُبا لَڳندي

اَڃا اڳتي وَڌايو وِکَ
حَيا ٿيِ بي حَيا پَوندي

ڇِني حَق واسطا سارا
سُڃاڻپ ڪِٿِ وَڃي پِنَندي

اِھا آلاڻِ اَکڙيُن ۾
هميشھہ نيِنھَن جي رَھندي

ٿي رَڻپَٽُ زِندگي ڀِٽڪي
ڪڏھن ڳولھي سُڪونْ لَھندي

اَدا مَضموُنُ لُڙڪن سان
لِکَڻُ ڏي، زِندگي پَڙھندي

نَہ تون اِئن زِندگيءَ کي ڇيڙِ
پُراڻو ڪيِنَرو ڪَڍَندي

عَرش ۾ تارا کِڙيا ڏِسُ ڪيتِرا

عَرش ۾ تارا کِڙيا ڏِسُ ڪيتِرا
خوابَ ڪَنھِنجا سَچُ ٿِيا ڏِسُ ڪيتِرا

ڪَڪَر آيا اَڄُ مِڙيِ آڪاسَ ۾
پَر اَڱڻ مُنھِنجي وَسِيا ڏِسُ ڪيتِرا

هر گهڙيءَ سُپنا ڏِسَڻُ عادت اَٿم
سوچ ۾ آهيان، ڦَريا ڏِسُ ڪيتِرا

ڊوھُ وَڻَ جو آھي ! يا طوفانَ جو !
ھِڪَ ئي وَڻَ جا پَنَ ڇَڻِيان ڏِسُ ڪيتِرا

باغ ۾ آيُس خوشيءَ سان زِندگي
ڦوُلَ ليڪن هِتِ ٽڙِيا ڏِسُ ڪيتِرا

زِندَگي آ ساهَ جو هِڪُ سِلسِلو
مُنھِنجا تو بِن پَل سَريا ڏِسُ ڪيتِرا

پيارَ جو ڏوھي رُڳو ھِڪُ ناهيان مان
موُن جِيان آهن چَرِيا ڏِسُ ڪيتِرا

زِندَگي بي وَفا ڪيئَن چَوان

زِندَگي بي وَفا ڪيئَن چَوان
کيس پَر دِلرُبا ڪيئَن چَوان

روشني ٽِمٽِمائي اَڃا
ٻاٽَ اوندَھ غُفا ڪيئَن چَوان

روزُ ٿورو ڏِئي ٿي اَناجُ
وِرت ،فاقہ صفا ڪيئَن چَوان

آسَ جا لُڙڪ آهِن اَڃا
نيڻ برپٽ سَڄا ڪيئَن چَوان

جهيِڻي پازيب، ڇم ڇم ٻُڌي
ڪانہ آئي صَدا ڪيئَن چَوان

سوچَ ۾ ، ذَهنَ ۾، خوابَ ۾
ڪيرُ توکان سَوا ڪيئَن چَوان

پيارَ سان ھَٿُ جهَلي ڪا گهَڙيِ
اَگهِجي ويندي دُعا ڪيئَن چَوان

مُنھنجو ئي غلط ھوندو حِساب
قرضُ ڪنھن تي بَقا، ڪيئَن چَوان

روحُ ،دِل، ذَهَن ، پاڪيزگيِ
آھي ٻِيو ڪو خُدا ڪيئَن چَوان

مؤت کان پو مِلوُن نہ مِلوُن
زِندَگي آ سَزا ڪيئَن چَوان

ڪا نَديِ ھِنَ اَڱڻَ ۾ لَھي
ٺوٺِ جَذبا ڀَلا ڪيئَن چَوان

پيار مُنھِنجوِ عِبادَت پِريِن
هر جَنمُ آ خَطا ڪيئَن چَوان

مون تَہ ٻاري رکيو آ ڏِئو
ڪِئن وسائي ھوا، ڪِئَن چَوان

ساڻُ هَلندا رهيا سِجَ گهَڻا
مُٺِ ۾ ڪي تِروِرا ڪيئَن چَوان

گُفتگوُ اَمَن جي آ گهَڻي
مَنَ اَندر زلزلا ڪِئَن چَوان

زِندَگي پَنھِنجي ھَلي ٿيِ

زِندَگي پَنھِنجي ھَلي ٿيِ
ڪينَ ڪَنھِنجي پِڻ ٻُڌي ٿيِ

قتل پَلَ پَلَ جو ٿِيو هِتِ
هر گهَڙي تَڙپي لُڇي ٿيِ

بَندِ مُٺِ تَہ بِہ ڀؤ لڳي ٿو
زِندَگي هر شيءِ ڦُري ٿيِ

ھوءَ بِہ ڌاري بَڻِجي پَوندي
دُنِيا تي ويسھُہ رَکي ٿيِ

خوابَ ۾ پِڻ هِجرَ جو ڀؤ
نِنڊَ پَل پَل اِئن ڦِٽي ٿيِ

سِجُّ ويري آ اَزَل کان
راتِ اَکڙين ۾ رَهي ٿيِ

ڇا وِڃايو ٿَسِ اَلائي
زِندِگي ڀُڻ ڀُڻ ڪَري ٿيِ

هوُ بِہ اَڄُ غمگين ھوندو
روشني جهيِڻيِ لڳي ٿيِ

خودڪُشي مان پِڻ ڪَيان ها
مُرڪَ ھُن جي ھَٿ جهَلي ٿيِ

زِندگيءَ سان ٺاهُہ ناھي
هر گهَڙيءَ ڇيڙِي وَڃي ٿيِ

زِندَگي قُربانُ ھُن تي
ڪينَ جيڪا ڪُجهُہ گهُري ٿيِ

حَقُ آ مُنھِنجو اُسّ تي پِڻ

جا اَڱڻَ مُنھِنجي لَھي ٿيِ

پائي ريڙھِيون پَھُچي ويندُس
زِندگي مونکي سَڏي ٿيِ

لِکي زِندَگي پو مِٽائي ٿي ڪيڏو

لِکي زِندَگي پو مِٽائي ٿي ڪيڏو
گهَڙي ھر گهَڙي اِئن سَتائي ٿي ڪيڏو

سَڏي چَنڊَ، تارَن کي دُنِيا سَڄيءَ مان
اَڱڻُ مُنھِنجي گهَر جو سَجائي ٿي ڪيڏو

ڪڏھن ٿي رُئاري، کِلائي ڪڏھن ٿي
اِئين ھوڏَ پَنھِنجي ھَلاائي ٿي ڪيڏو

خَبر ناھي مون وَٽِ ڪڏھن اينِدي آخِر
قضا رازُ پَنھنجو لِڪائي ٿي ڪيڏو

سنڀالي ھَلان يا ھَلان بي خوديءَ ۾
کَڻان پيرُ مَسَ ٿو، ڏَڪائي ٿي ڪيڏو

ڏني ماءُ لوليِ سا وِسري وَئيِ آ
چَوَن ٿا اَمان بَڙبَڙائي ٿي ڪيڏو

اسان گيت چاهيون ٻُڌڻُ زِندگيءَ جا
غزل مُنھنجو ھوءَ گنگنائي ٿي ڪيڏو

محبّت ڇَڏيسين، شَرافت ڇَڏيسيِن
ڏِسو پيٽَ جي بُک رُلائي ٿي ڪيڏو

ماڻِڪَ مَڻِڪا ماڻَ اَکيُنِ ۾

ماڻِڪَ مَڻِڪا ماڻَ اَکيُنِ ۾
تَرڪش جا سَڀَ ٻاڻَ اَکيُنِ ۾

تِکي نَظر سان توري وَٺَندو
ماهِرُ آ، ڇَنڊڇاڻَ اَکيُنِ ۾

جَنگِ اَڃا ھيءَ جاريِ رَھندي
هر پَل آ ڇِڪَ تاڻَ اَکيُنِ ۾

عڪسُ اَسانجو ڪِئن هوُ پَسَندو
رَھَندو آ هو پاڻَ اَکيُنِ ۾

خاموش اَچي خاموش وَڃي
جرڪي روحَ رِھاڻ اَکيُنِ ۾

جيتي جَڳُ سارو ماٺِ رَھيو
نينھن نِماڻو آڻِ اَکيُنِ ۾

ذڪر ڪيو دِل سان دِل ھُن جو
ڇَلڪي پيا مَھِراڻَ اَکيُنِ ۾

زِندَگي ويسَ پائي نَوان نِت ھِتي

زِندَگي ويسَ پائي نَوان نِت ھِتي
آنءُ ڦاٽَل ُوَڳو ڇو سِبڻ ٿو لَڳان

ڏي نہ تَلوار هَٿَ ۾ اَمان مُنھِنجي توُن
خواب پَنھِنجا، پَراوا ڪُھَڻَ ٿو لَڳان

ڪو بِہ بيڏوھي جي ڪِٿِ بِہ ڪُسِجي وَڃي
آنءُ الزامُ خود تي مَڙھَڻ ٿو لَڳان

ڦارَ پائي مِلَڻَ جي تَمّنا ڪَيان
دِل کي آٿتُ ذرا اِئن ڏِيَڻ ٿو لَڳان

وَڻَ اَڃا ٻوُرُ پِڻ ڪون آھي جهَليو
آنءُ پَٿر کڻي ڇو ھَڻَڻ ٿو لَڳان

عَڪسُ ھُن جو اَکيُن ۾صَديُن کان رَھيو
روُبَرو جي اَچي اَکِ ڇِنڀَڻ ٿو لَڳان

ريتِ ئي ريتِ آ زِندَگي ھيءَ سَڄيِ
آنءُ ڪَنھِن لءِ ڪَڪَر جيان وَسَڻَ ٿو لڳان

ڪا عداوت ڪڏھن ڪانہ ڪنھن سان رھيِ
هر بَنيِ بَشَرَ کان ڇو ڏَڪَڻ ٿو لَڳان

گهاوَ جهوُنا، پُراڻا سُڪي ويا سَڀئي
مَلَمُ ٿورو کَڻيِ ڇو مَکَڻَ ٿو لَڳان

زِندَگي روزُ ٿورو وَڃي ڪُنڊَ ۾

زِندَگي روزُ ٿورو وَڃي ڪُنڊَ ۾
ڪا نہ ڪا شَئِہ لِڪائي اَچي ڪُنڊَ ۾

مُرڪَ مُنھَن تي رَکي ۽ وِرھائي ڇَڏي
لُڙڪَ دِل جا سمورا رَکي ڪُنڊَ ۾

روزُ خاموش گُذريِ وَڃي شامَ پِڻ
جي اچي ھوءَ، سُڏِڪي پَوي ڪُنڊَ ۾

وِرلي ڪنھن ڪمپيوَٽِر يا ڪَٻَٽ ۾ ڪَڏھن
شاھُ، ساميِ، سَچلُ ٿو مِلي ڪُنڊَ ۾

ليڙوُن ليڙوُن سَڄو وَرثو مونکي مِليو
ڪَھِڙو ٽوپو ڪِٿي ڪو ھَڻي ڪُنڊَ ۾

توُن هَلي آ اَنڌيرَن جي پَرواہ نَہ ڪَر
هِڪ ڏِئو پيارَ جو ٿو ٻَري ڪُنڊَ ۾

پيچِرا زِندگيءَ جا ٽِڏا ۽ ڦِڏا
ھِڪَ گهَڙي ڪاش ويھيِ سَگهي ڪُنڊَ ۾

چَنڊَ کي روزُ ڏِسَندو دَريءَ مان رَھان
ڪي گهَڙيوُن ڇو نَٿو هوُ اَچي ڪُنڊَ ۾

الوداع ! هَٿَ سان ھَٿُ هوُ مِلائي وِيو
پَنھِنجي آڱُر ٿو وَر وَر چُمي ڪُنڊَ ۾

ڪيئَن خُدا وَٽِ وَڃي هوُ بِہ خالي ھٿين
ڪي اُميدون ٿو پوُري رَکي ڪُنڊَ ۾

پير اُگهاري ذرا ھَلان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

پير اُگهاري ذرا ھَلان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا
ٿورو منزل ڏانھُن رِڙھان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

سَڀُ شيِشي جي بَنگلَن ۾ ويٺا آهِن
ڪَنھِن ڏي اَکِ جي کَڻيِ ڏِسان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

ڀَري ڀَري سَڀُ مَحفِل ۾ پيئندا آهن
وِرلي جي مان جامُ کَڻان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

هَر شيِشو اُجلو، هَر چَھِرو چَمڪي ٿو
ٿوريوُن اَکڙيوُن بَندِ ڪَيان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

چوُڙيوُن ھُن جوُن ڀَڳل اَڃا وِسريوُن ناهِن
ڪائي ڪَرائي جَڏھن ڇُھان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

ڪَن ۾ آزاديءَ جو خوني سازُ وَڄي
جي ٿو ’سرحد‘ لَفظُ ٻُڌان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

ڇيھون ڇيھون ساري ڌَرتي آھي اَڄُ
هِت هُت ،چئو ڪِٿِ ؟ پيرُ رَکان ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

لَفظُ لَفظُ، ڇيِھوُن ڇيِھوُن آوازُ بَڻيو
شُھرَت، اُلفَت، نيِنھن ، گُمانْ ڪانچَ چُڀَنِ ٿا

زِندَگي آ مَزو پَر مَزو ڪِرڪِرو

زِندَگي آ مَزو پَر مَزو ڪِرڪِرو
ڦولُ، سَرھاڻِ، ٻُوَٽِو ڏِٺو ڪِرڪِرو

ٿوري ساهي کڻي پَٽِ، مُسافِر ھِتي
تو چَيو هو پِرين، پَر چَيو ڪِرڪِرو

وقتُ هو، ساٿُ هو، پيارُ هو، تات پِڻ
لَمحو لَمحو مَگر پي لَڳو ڪِرڪِرو

واٽَ تُنھِنجي ڏِٺي تون نَہ آئين ڪَڏھن
موُن نہ ڄاتو هُئو وعدو ڪِرڪِرو

ھَڙَ نَہ حاصِل ڪَڏھن ٿيِ ٿِئي زِندَگي !
تو چيو ڪِرڪِرو، مون ٻُڌو ڪِرڪِرو

نِنڊَ گَھِريِ ھُئي، خوابَ ۾ ڪائنات
توُن نَہ آئين نَظر سَڀُ ڦِڪو ڪِرڪِرو۔

پاڻَ کان پاڻَ زِندَگي شِشدَرُ

پاڻَ کان پاڻَ زِندَگي شِشدَرُ
وَقتَ جي هر گهَڙي گهَڙي شِشدَرُ

سِجَ ۽ چَنڊ تان بِہ ٿي آيُس
مون ڏِٺي آھِ روشِني شِشدَرُ

دوستي ، پيارُ ۽ وَفا آھِن
مُرڪَ، ڀاڪُر، پِرين، چُمي شِشدَرُ

هو انڌيرن ۾ پِڻ لَھي ايِندو
ڀل ٿِيَن چَنڊ، چاندِنيِ شِشدَرُ

تُنھِنجو، مُنھِنجو بِہ خوُن ٿيِندو هِتِ
خوابَ ۾ اَڄُ زَميِنَ ٿيِ شِشدَرُ

ڪھِڙي چانئُٺِ تي سِرُ جهُڪايان مان
هَر عِبادَتَ ۽ بَندَگي شِشدَرُ

گوُنجَندي چيِخَ ھِڪَ رَھي هردم
تو ٻُڌي، مون ٻُڌي لڳي شِشدَرُ

تو قيامَتَ ڪَڏھن ڏِٺي آھي ؟
ذَرو ذرو ذَريِ ذَريِ شِشدَر

ڪاش گُذري سَڄيِ زِندَگيِ ڇانوَ ۾

ڪاش گُذري سَڄيِ زِندَگيِ ڇانوَ ۾
صِرف پَسَندو رَھان چاندِني ڇانوَ ۾

اُس ۾ گُل ٽِڙيا، سارا مُرجهائي ويا
آ تمّنا مِلي ھِڪَ ڪَليَ ڇانوَ ۾

اُسَ ۾ اَکِ کَڻيِ ڪيئن ڏِسان سوُنھَن ڏي
جَرڪَندي روُحَ جي روشِنيِ ڇانوَ ۾

اُسَ اَرمانَ سارا سُڪائي وِجهي
پيارَ سان هَٿَ ۾ ھَٿُ ھِڪ گهَڙي ڇانوَ ۾

اُسَ ۾ شَخصَ هِتِ هُتِ مِلَن بيشُمار
شامَ کان پو مِلي ڪا پَريِ ڇانوَ ۾

اُسَ ۾ بَندِ دَروازا سارا مِليا
سانجهَہ ٽاڻي کُلي ڪا دَري ڇانوَ ۾

اُس اَڱَڻَ ۾ جِئين لَھيِ آئيِ

اُس اَڱَڻَ ۾ جِئين لَھيِ آئيِ
يادِ ھُن جيِ اِئين وَري آئيِ

ھن جي هوريان اَچڻ جي آهٽَ آ
ڄَڻُ تَہ بَرپَٽَ ۾ زِندَگي آئيِ

ھُن هَٿَن کي جَڏھن ڇُھيو هورِيان
بند اَکڙيُن ۾ روشِني آئيِ

زِندَگي ڄَڻُ سَڄيِ مِٺاسَ ھُجي
ساڻُ گهارَڻَ جيِ ھِڪَ گهَڙيِ آئيِ

مون اَڃا کيس ڪُجهُہ بِہ ڪونَ چَيو
ھِڪَ نَظرَ مون ڏي سَرسَري آئيِ

مُرڪَ چَپَ تي جَڏھن جَڏھن آئيِ
هوءَ دِل ذَهنَ تي تَريَ آئيِ

روُحَ جي پياسَ کي مِٽائِڻَ لءِ
ھوءَ سِنڌوُ نَدي ٺَھيِ آئيِ

ماڻھوُ ماڻھوءَ سان مِلَندو آ زورَڪَٿِيو

ماڻھوُ ماڻھوءَ سان مِلَندو آ زورَڪَٿِيو
هر ڪوئي ٻي کي سَھَندو آ زورَڪَٿِيو

پيارُ، مُحبّت اَثرُ وِڃائي ويٺا هِتِ
مُرڪَ، چُميِ، ڀاڪُر لڳَندو آ زورَڪَٿِيو

لِڦوُن لِڦوُن پيرَ وَقتَ جا آهِن هِتِ
لُڇيِ لُڇيِ لَمحو چُرندو آ زورَڪَٿِيو

شاھُہ، سَچَلُ، ساميِ ڇا ڇا آھي ھُنَ وَٽِ
وَقتُ ڪَڍيِ وِرلي پَڙھندو آ زورَڪَٿِيو

ٻوَٽِن ۾ گُلَ پِڻ ھاڻي ٽِڙَن ڪِٿي ٿا
گُلشنَ ۾ ڪو گُل ٽِڙَندو آ زورَڪَٿِيو۔

روزُ شامَ جو راھَہ ڏِسَڻُ وِسري نَہ وَڃي

روزُ شامَ جو راھَہ ڏِسَڻُ وِسري نَہ وَڃي
پَل پَل ھُن کي يادِ ڪَرڻُ وِسري نَہ وَڃي

تو وانگر بيڏوھي آهيان ڀَرمُ نَہ ٿئي
خود تي ڪو الزام مَڙھڻُ وِسري نَہ وَڃي

تاتِ، تَصور تُنھِنجو، تاڃي پيٽو تاڃي پيٽو آ
سو نَہ ھُجي گَر ساھُہ کڻڻُ وِسري نَہ وَڃي

ڪي اُميدوُن پوُري آيُس سَرحَدَ تي
هر ڪو سَرحَدَ پار ڪرڻُ وِسري نَہ وَڃي

ڪَنھِن ڪُنڊَ اَڃا ٻاپوُ چرخو چوري ٿو
شَرم، حيا سان شخص ھلڻُ وِسري نَہ وَڃي

ڪي تَہ گهڙيوُن آرام ڪرڻُ ڏي اَکڙيُن کي
پِرين مِٺو، نہ تَہ اکيون ڇِنڀَڻُ وِسري نَہ وَڃي

سِنڌُ جو نَقشو اکڙِيُن ۾ محفوظ رَکِج
شاھُہ، سَچَلُ ۽ سامي پَڙھڻُ وِسري نَہ وَڃي

ويھُہ اَچي ڀَر ۾ پاڪِ فِضا بَڻِجي ھيءَ
پوُڄا، عِبادَتَ، دُعا پنڻُ وِسري نَہ وَڃي

اچ گَڏِجي ڀاڪُر پايون، ھَنجوُن ھاريوُن
مَستَقبِل، ڳوڙھا ڳاڙَڻُ وِسري نَہ وَڃي

اَچ ذَهنَ ٻَنيءَ ۾ پوکَ ڪَيوُن سُپِنَنِ جي
دَردُ اِلاهي، خواب لھڻُ وِسري نَہ وَڃي

ڪو تَہ ڪَڏھن مَنظر اَک آلي شال ڪَري
دِل جيِ فِطرَتَ آهَہ ڀَرڻُ وِسري نَہ وَڃي

خود کي جيِتي ھارائِڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

خود کي جيِتي ھارائِڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ
ڪا کِنَ جيئرو رَھيِ مَرَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

سِجُ، چَنڊُ، تارا آڪاسَ اَندَرِ باھِہ ٻَري
دل ۾ ڪَنھِن لءِ دُھيِن دُکَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

جهَنگَ جهاڳيا، رِڻَ پارِ ڪَيا سَسُئي بَڻِجيِ
پرين ! پُنھوءَ جيان پيار ڪَرڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

اُڻِ تُڻِ اُڻِ تُڻِ هَر کِن مَنَ ۾ اُڻِ تُڻِ آ
سانتِ رَھي ڪي ساهَہ کڻَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

اَمان تو هَر کِن مونکي معافُ ڪَيو هو
خود کي وَر وَر معافُ ڪَرَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

سِجَ سَوين بَڻِجَڻَ ۾ ڪا ڪَسُ ناھي، پَر
اُسَ تِکيءَ ۾ ڇانوَ ٺَھَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

ليڙوُن ليڙون ٿي پيو آ مُنھِنجو وَرثو
هَر هَر ٽوپا روزُ ڏِيَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

تون، تون آھين ، مان، مان آهيان، آھي سَچُ
تَنھِن ھوُندي پِڻ ساڻُ رَھَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

دِل تي ڪيڏا ٻوجهَہ کَڻي هَلَندا آهيوُن
سِرَ تي ڪائي ڀَري کَڻَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

يادِ، تَصور، تاتِ پرينءَ جي ڪيِنَ کَسيو
سناٽي ۾ آهَہ ڀَرَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

اُميدُن جي شمع ٻاري ويٺو ھوسِ
خود کان پَنھِنجي آسَ کَسَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

ھَلندي چَلندي دِل جي ڌڙڪن بِھيِ وَڃي
ھِڪِ ئيَ کِنَ ۾ ساھُہ ڇَڏَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

سُقراط جيان مؤتُ اَچي پَرواہ ناھي
وِھَہ جو پيالو روزُ پِئَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

قَتل ٿِئي يا مَمَڻُ مَچي يا رَڙِ واڪو
خاموش رَھيِ ماٺِ ڦَڪَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

هِڪُ هِڪُ سُپِنو قِسمَتَ کان چورايو آ
پَنھِنجا سُپِنا پاڻَ ڪُھَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

آزاديءَ جو سِجُ پِڻ ڪارو اُڀريو آ
بنا سبب ايِئن وَطنُ ڇَڏَڻُ ڳالھِہ ڏُکيِ آ

ڪي پَلَ جِئَرو رَھَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

ڪي پَلَ جِئَرو رَھَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ
خود کي ٿورو وَڻَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

راشَنُ، ڀاَڄُيوُن ۽ بِجلي، پَگهارَ پوُري
ڪُجهُہ بِہ نَہ خود لءِ بَچَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

پيٽَ، پُٺيوُن، ڇاتيوُن، چَھِرا، هَٿَ، پيرَ ٿَڪَلَ
پوُرو ماڻھو مِلَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

آزاديِ آ چَوَڻَ ٻُڌَڻَ جيِ، پوُري آ
ڄِڀَ ڪَٽيو، ڪو چَوَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

چَنڊُ اَوهانجو، سِجُ اَوهانجو، تارا پِڻ
مون گهَرِ ديِپڪُ ٻَرَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

مُرڪَ اَوهانجي، خوشي اَوهانجي، مَحَفِل پِڻ
مَنُ ھيءُ گُم سُم لُڇَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

ڪَھِڙا ڪَھِڙا ڀَوَ دِل تي قابض آهِن
هَٿَ کي ھَٿُ پِڻ ڇُھَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

گهاوَ اِلاھي ڪونَ ڳڻي سَگهِبا، سنڌُ !
روحُ سَموُرو ڪُرَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

ڏيِنھُن سَڄو مَحِنَتَ ڪَرِڻي ٿَسِ، ڄاڻي ٿو
روزُ صُبحَ جو اُٿَندو آ ڪَٽِجيِ سَٽِجيِ

ڇيِھوُن ڇيِھوُن مَنُ رَھَندو آ ٻُڏ تَر ۾

ڇيِھوُن ڇيِھوُن مَنُ رَھَندو آ ٻُڏ تَر ۾
بَندِ اَکيون ويٺو لُڇَندو آ ٻُڏ تَر ۾

چَنڊَ، سِتارَن جي آ حَوالي راتِ سَڄي
سوچَ کَڻيِ سا سِجُ لَھندو آ ٻُڏ تَر ۾

پَکيِ پَکَڻَ واپَسِ آيا آکيرَن ۾
راتِ سَڄي سُپِنو رُلندو آ ٻُڏ تَر ۾

ھيڏا تارا آڪاسَ اَندر، تَہ بِہ اوندھ !
سوچي هَر ديِپَڪُ ٻَرندو آ ٻُڏ تَر ۾

ڪيڏا مَڙہ ڍويان؟ جهيِڻو ڀُڻِڪو آيو
سَرحَدَ تي ٻاپو پُڇندو آ ٻُڏ تَر ۾

بيھوشيءَ ۾ شايد ٿورو هوشُ اَچي
هوريان هوريان هوُ پِئندو آ ٻُڏ تَر ۾

توسان آخِر تائين رَھِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

توسان آخِر تائين رَھِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي
ڪَکُ پَنُ پاسي ڪَندي هَلِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

پرلاءُ محبت جو لفظ لفظ ۾ ھوندو
دِل جو آوازُ پِريِن ٻُڌِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

روح اَندر ڪو راڙو رَهِجي نَہ وَڃي مُنھنجي
وَر وَر ھُن کي ڀاڪُر ڀَرِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

پنھنجي آڱُر سان مُنھنجي هٿ تي ڪُجهُہ تَہ لکيائين
عُمر سَڄي بَس ويٺو پَڙھبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

چانڊوڪيءَ ۾ وَڻَ هيٺان هوُ وِھَندو آھي
واٽُن تي وَڻَ وَڻَ کان پُڇِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

ھُن لءِ اَڄُ پِڻ اوسيڙي ۾ ويٺا آهيون
ڀِتِ تي ديپَڪُ ٻاري رَکِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

بيَتُ شاھَہ جو چانئُٺِ تي ويھيِ ڳايو ھُنَ
ذَرو ذَرو چانئُٺِ جو چُمِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

خوابَ ڏِسَڻُ پِڻ ڏوھُ بَڻيو اَڄُ جيِ دُنِيا ۾
هَر هِڪُ ڪَچِڙو سُپِنو ڪُھِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

هارَ جيتَ ڇا ! سوچَڻُ مُنھِنجي فِطرَتَ ناھي
داءُ وَڏو هِڪُ آخِر ھَڻِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

پاڪُ مُحَبّتَ ھُنَ جي، پيارُ اَسانجو پوڄا
هوريان هوريان ھُن کي ڇُھِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

ڪَپڙي ڦاٽَلَ جو مونکي ڊَپُ ويڙھي ويو آ
نَئين لَٽي کي ٽوپو ھَڻِبو، ڪا چُڪَ نَہ رَهي

اَڄُ ٿورو ويھي ٿَڪُ ڀَڃِبو وَڻَ هيٺان

اَڄُ ٿورو ويھي ٿَڪُ ڀَڃِبو وَڻَ هيٺان
ڪو جهوُنو ھُنَ جو خَط پَڙھبو وَڻَ هيٺان

ڇانوَ هَٿَن ۾ ڪانَ اَچي ٿيِ عَرصي کان
ڪو ڇانوِرو ڳولھي ڪَڍِبو وَڻَ هيٺان

ريتِ تَتَل تي ڊوڙيِ ڊوڙيِ ٿَڪجي پِيُس
ھِڪَ پيري ئي بيِٺو ھُجِبو وَڻَ هيٺان

ڪو کَڙِڪو ڊيڄاري نہ وِجهي، تَرسُ ذَرا
سَناٽي ۾ ھُن سان مِلبو وَڻَ هيٺان

پيارَ اَسانجي جو شاهِدُ آ چَنڊُ، پِريِن
هوريان تُنھنجو نالو وَٺِبو وَڻَ هيٺان

دِل جي ساوَڪَ لُڙِڪ ساڻُ وَهي ويندي
هوريان هوريان سُڏِڪو ڀَرِبو وَڻَ هيٺان

گُم ٿيو هو ويسھُہ ڪنھن مَندر، مَسجِدِ وَٽِ
قُربُ، ڪَرامتَ! جيئرو رَھِبو وَڻَ هيٺان

ڪا تَہ تَمّنا ايندڙ جَنمَنِ ۾ بِہ رَهي
ھڪڙو سُپنو پوُري ڇڏِبو وَڻَ هيٺان

رات اَسان سان گهاري ڪا شَل پِريِن ڪَڏھن
آس اِنھيءَ ۾ ويٺو لُڇِبو وَڻَ هيٺان

خوشيءَ کي ڪَيان سَڏُ اَچي ٿيِ اُداسيِ

خوشيءَ کي ڪَيان سَڏُ اَچي ٿيِ اُداسيِ
بِنا ڪوٺَ ئي گهَر ٽِڪي ٿيِ اُداسيِ

گهڻان ئي ڪَشالا ڪَيا موُن بِہ آهن
ڪڏھن ڪيِنَ تَنھا ڇَڏي ٿيِ اُداسيِ

ڪَڏھن تون، ڪَڏھن ياد تُنھِنجي رَهي ساڻُ
کَڻان نانءُ تُنھِنجو ڊِڄي ٿيِ اُداسيِ

لَڳي پالتوُ ڪَنھن ٻِليءَ جيان اُداسي
ڌِڪي ڪَڍُ، وَري گهَرِ گهِڙي ٿيِ اُداسيِ

کڻيِ اَکِ ڏِسان روزُ آڪاشَ ڏي ٿو
پَريِ ڪا لَھي پر، لَھي ٿيِ اُداسيِ

پِريِن پَرڀَرو ٿا وَٺَنِ جاءِ هَردَم
اَچيِ ڀَر ۾ ويھي رَهي ٿيِ اُداسيِ

جَڏھن مُنھِنجي گهَر تون اَچيِن پيرُ پائي
وڃي ڪَنڊ ڪَنھِن ۾ لِڪي ٿيِ اُداسيِ

ڪَڍين پيرُ ٻاھر اَڱڻَ مُنھِنجي مان مَسَ
دَريِ دَر مان ڌوُڪي اَچي ٿيِ اُداسيِ

اُداسيءَ ۾ پِڻ آ تَصّور پريِنءَ جو
ڪَڏھن دِلرُبا جيان وَڻي ٿيِ اُداسي

ڪَڏھن بَند گهَرَ جو ڪَيان ڪيِنَ دَرُ مان
اَچي ٿيِ اُداسيِ، وَڃي ٿيِ اُداسيِ

اَڃا ياد ِآھي پريِنءَ جي چُمَڻَ جيِ
پريِنءَ جيان لَبَن سان چُمي ٿيِ اُداسيِ

غزل ناھي موُن وَٽِ، پريِن ناھي موُن وَٽِ
ڀَري مونکي ڀاڪُر رُئي ٿيِ اُداسيِ

پريِن ياد آيو جڏھن مونکي هوريان
هَٿَن ۾ ڏَئيِ ھَٿُ ڇُھي ٿيِ اُداسيِ

پَکيُن کان پُڇان مان، وَڻنِ کان پُڇان مان
پريِنءَ سان مِلڻَ لءِ لُڇي ٿيِ اُداسيِ

اَڪيلو مان جيِئَرو ، مَرَڻ کان بِہ بَدتَر
ھِيانءُ مُنھِنجو ڏاري ڇَڏي ٿيِ اُداسيِ

پيارُ ڪَرڻ ۽ ڪنھن کي سارڻُ آ جوٽَڻُ

پيارُ ڪَرڻ ۽ ڪنھن کي سارڻُ آ جوٽَڻُ
آهَ ڀَرڻُ ۽ ڳوڙھا ڳاڙڻُ آ جوٽَڻُ

پيارَ مُحبّت جو ھيءُ جادو سمجهُہ ذَرا
پاڻُ وِڃائي خود کي پائِڻُ آ جوٽَڻُ

روزُ ننگا ٿي ڪپڙا پايون عرصي کان
قطرو قطرو پاڻُ سُڃاڻَڻُ آ جوٽَڻُ

مون پِڻ اُميدون ڪي پوري رکيون ھُيون
وقتُ پَوَڻَ تي سي پِڻ کوَٽِڻُ آ جوٽَڻُ

ڄَمي ويو آ سينوَرُ اَکڙين ۾ مُنھِنجي
هر ذرڙي تي ساوَڪَ سوچَڻُ آ جوٽَڻُ

راندِ لَڳي ٿي چؤسَر جي ھيءَ عُمر سَڄي
خود تي يا ڀَڳوَنَ تي ڀاڙَڻُ آ جوٽَڻُ

مَتان ڪَڏھن ڪو ٻوُرُ جهَلي سُپِنَن جو وَڻُ
ڪيئن چوان؟ سارا ٻِجَ پوکڻ آ جوٽَڻُ

ٿانُ کُلي پيو تُنھنجِيُن يادُن جو مَن ۾
ڇُھيِ اَدَبَ سان ھِڪ ھِڪ ويڙھڻُ آ جوٽَڻُ

ڪَلھَہ سُپِني ۾ ڀاءُ ڏِٺو آ، ڳوٺ هَلوُن

ڪَلھَہ سُپِني ۾ ڀاءُ ڏِٺو آ، ڳوٺ هَلوُن
بابو مُنھنجو خوبُ رُنو آ، ڳوٺ هَلون

پيارُ ڪَيو هو ڪَنھِن، ڪَنھن سان ڪيرُ ٻُڌائي
هيِرَ رُني، رانجهو رُئڻو آ، ڳوٺ هَلون

ويسَ وڳا مون نَوان نَوان پاتا آهن
ليڙوُن ليڙوُن روحُ ٿِيو آ، ڳوٺ هَلون

ذَهَنُ وِڪيو آ، خوابَ وِڪيا موُن شَھر اَندَر
کائي ويو دل کي ڦُرِڻو آ، ڳوٺ هَلون

پِپُر اَڃا ٻاھوُن ڦَھِلائي بيِٺو آ
شَھر سَڄو جهيڙو جهَڳڙو آ، ڳوٺ هَلون

يارَ هَلي آ، چَنڊُ سَڏي ٿو راتِ سَڄيِ
سانجهيءَ ٽاڻي سِجُ لَٿو آ، ڳوٺ هَلون

گهَڙو مَٿي تي، پياسَ اَکيُنِ ۾ ڏاڍي ٿَسِ
ڦُڙو ڦُڙو ٿي سمُنڊ سُڪو آ، ڳوٺ هَلون

رَکي ڏِئو تُلسيءَ تي، گُم سُم بيِٺيِ آ
ٿِيو پَر پايَل جو ڇِمڪو آ، ڳوٺ هَلون

شاھُہ سَچَل سِنڌوءَ ڪَپَ تي ڳائي پيو ڪو
مَنَ مَندَر ۾ گهِنڊُ وڳو آ، ڳوٺ هَلون

سُڪيِ وَئيِ گَنگا، سُڪي وَئيِ جَمنا، پر
سِنڌوُ جَلُ ڏِسُ ڪونَ سُڪو آ، ڳوٺ هَلون

ڪَنھِن تَہ سَڏِيو ھوندو مونکي هوريان هوريان
ڪَن تائين پَھُتو ڀُڻڪو آ، ڳوٺ هَلون

سَڀُ ڪُجهُہ وِسِري ويو آ يادِ ڪَيان ڇا ڇا!
هِڪُ چَھِرو ڌُنڌلو ڌُنڌلو آ، ڳوٺ هَلون

اَمان اَڃا اوسيڙي ۾ بيبوءَ جيِ آ
بابو اَکِ پائي ويٺو آ، ڳوٺ هَلون

گهَرَ جي چانئُٺِ تي جوڳي آيا ھوندا
وَري وَڳو ڪو تنبورو آ، ڳوٺ هَلون

زِندَگيءَ سان مِلون سُٺو لَڳَندو

زِندَگيءَ سان مِلون سُٺو لَڳَندو
پاڻُ پَرکي وَٺون سُٺو لَڳَندو

چَنڊ تي رَھندو آ، ٻُڌو آ موُن
ڪنھِن پَکيءَ کان پُڇون سُٺو لَڳَندو

تون بِہ اُس وِڪڻيِ گهَر اَچِج جَلدي
شامَ جو گڏُ وِھون سُٺو لَڳَندو

ڪو بِہ واٽھَڙوُ ڀَل اَچي نَہ اَچي
ديِپُ ٻاري رَکون سُٺو لَڳَندو

ھَڙ نہ حاصِلُ ٿِئي تَڏھن بِہ پِريِن
ڪا پِرولي ڀَڃوُن سُٺو لَڳَندو

ڳالِھہ مَنزِل جي توُن نَہ ڪَرِ مونسان
گَڏجي ھِڪَ وِکَ کَڻوُن سُٺو لَڳَندو

اَڄُ پِريِن سَچُ چَوان اُداس آ مَنُ
شيامُ، حاسِدُ پَڙھوُن سُٺو لَڳَندو

وِرتَ، اُپواسَ تو رَکيا ليڪِن
ٿورو ويسھُہ رَکوُن سُٺو لَڳَندو

آءُ اوري اَڃا، اَڃا اوري
پائي ڀاڪُر رُئون سُٺو لَڳَندو

زِندَگيِ ٿي حِجابَ ۾ گُذري
ٻارَ بَڻجيِ پَئون سُٺو لَڳَندو

موُن اَلائي خوشيِ وِڃائيِ ڪِٿي
ڦارَ پائي ڏِسوُن سُٺو لَڳَندو

بَندَگيِ توُن پِريِن، عِبادَتَ توُن
تُنھِنجي پوُڄا ڪَيوُن سُٺو لَڳَندو

تُنھِنجي هٿ ۾ بِہ گُلُ آ مُنھِنجي پِڻ
هارُ گڏجي پُئوُن سُٺو لَڳَندو

اُڃّ اُلفَتَ جي آ اَندَر ۾ اَڃا
ڪو سُڪَلُ گُل چُموُن سُٺو لَڳَندو

ڀَؤ وڪوڙي ويو زَماني کي
ويھُہ ڀَر ۾ کنگهوُن سُٺو لَڳَندو

آھيِن چُپ چاپ توُن ۽ ماٺِ اَسان
ٿوري ڀُڻ ڀُڻ ڪَيوُن سُٺو لَڳَندو

سوچيان ٿو ڪَنھن تي ڏوھُہ مَڙھيان آخِر مان

سوچيان ٿو ڪَنھن تي ڏوھُہ مَڙھيان آخِر مان
خود کي، ڀڳوَنَ کي گارِ ڏِيان آخِر مان

هرڪو مَڙھُہ مُنھِنجو مَڙھُہ آھي، ڀاسي ٿو
ڪَنھِن تي ڪَنھِن تي چَئو يارَ رُئان آخِر مان

ھُن جي جوُڙي ۾ ڦوُلَ سَجايا، سوچيُم
هر گُل ۾ ھوءَ آ، ڪيئن ڇنان آخِر مان

تون مُنھنجو آھين، تَرسُ ذَرا، سوچَڻُ ڏي
ڊِڄَندي ڊِڄَندي پيرُ وَڌايان آخِر مان

هَرَ ڪُنڊَ ڏِٺي دُنيا ۾ اوندَھِہ آھي
ڪَھِڙيءَ ڀِتِ تي هِڪُ ڏِئو رَکان آخِر مان

وَرهيَہ لَنگهي ويا سَناٽي ۾ ويٺو آ
ڪِئن چَپَ چوري ڪا ڳالھہ چَوان آخِر مان

وقتُ ڦُري ويو مُنھِنجي هَٿَ مان سيسا پِڻ
ڪَنھِن تي ڪَھِڙو وِشواسُ رَکان آخِر مان

ڪو جِئرو مِلَندو موئَنَ جي دَڙي ۾ اَڄُ
آسَ اِنھيءَ ۾ ٿو ساھُہ کَڻان آخر مان

مؤتَ اَدا، ڪِئَن توسان ڀاڪُر پايان مان
ٿورو ٿورو ٿو روزُ مَران آخر مان

خوشبوُ گُلَ جيِ، ڪَچڙو سُپِنو اِنڊلَٺ آ
هِڪُ ڀيرو ھُنَ کي ڇُھيِ ڏِسان آخر مان

اَمان جي چادر ليِڙوُن ليِڙوُن ٿيِ پَئي
روزُ راتِ جو ٿو سيءُ ڏَڪان آخر مان

هَر ڪُنڊَ اَندَر ڪوريِئڙي ڄارُ وِڇايو
ڪِئن پِريِن لِڪَ ڇِپَ راندِ ڪيان آخر مان

سوچي سَمجهيِ تون اُڇِلِج پَٿَرُ گوڙُ نَہ ٿي

سوچي سَمجهيِ تون اُڇِلِج پَٿَرُ گوڙُ نَہ ٿي
هِڪڙيءَ گهِٽيءَ ۾ تُنھِنجو مُنھِنجو گهَر گوڙُ نَہ ٿي

وِرتُ خَتَم ڪَر چَنڊُ کِڙيو ٿَئيِ اَرڳُ ڏي تون
ڄاڻي ٿي ! بُک تي آ سَڄو شھر گوڙُ نَہ ٿي

پيارُ عِبادَتَ، قُربُ عِبادَتَ ڄاڻان ٿو مان
تُنھِنجيِ دِل مَندَر، کولي رَکُ دَر گوڙُ نَہ ٿي

صحيح غلط جو فَرقُ ڪَرَڻُ مُشڪِل آھي هِتِ
تون مُنھِنجو، مان تُنھِنجو کڻوُن بدر گوڙُ نَہ ٿي

موڳو ٻاپوُ بيٺو آھي سرحَدَ تي ڏِسُ
سانجهيءَ ٽاڻي ٿئي ٿو آبوُڀر گوڙُ نَہ ٿي

هَنجَ کَڻي خاموشي ڪيسيِن تائيِن ڍوئي
ٿوري ڀُڻ ڀُڻ جي ٿو ڪَري اکر گوڙُ نَہ ٿي

گُگدام بَڻيو ويٺو ھُجِ، ٻِڙڪَ نہ ٻاھِر ڪَڍُ
لفظُ لفظُ تُنھِنجو آھي خَنجَر گوڙُ نَہ ٿي

گَفتگو خود سان ڪَيان ۽ چُپ رَھان

گَفتگو خود سان ڪَيان ۽ چُپ رَھان
ٿورڙو سُڏڪي پَوان ۽ چُپ رَھان

چَنڊ، سِج پِڻ چَپ سِبيِ نِڪري ويا
مان بِہ پنھنجا لَب سِبان ۽ چُپ رَھان

قتل ور ور روڊ تي ٿيندو رھيو
بس دري کولي ڏِسان ۽ چُپ رَھان

بي خوديءَ ۾ ھن جي چائُنٺ تي اَچي
ٿورڙي اُلفت گهُران ۽ چُپ رَھان

گڏ گُذاريل ڪي گهڙيون ميرانجهڙيون
سُڏڪي سُڏڪي پيو ڇُھان ۽ چُپ رَھان

اَک لَڳي مَس، ڀؤ وڪوڙي ٿو وڃي
نِنڊَ مان ڇِرڪي اُٿان ۽ چُپ رَھان

ذهن مان سَڀُ ڌِڪي ڪَڍيِ ڏِسجي

ذهن مان سَڀُ ڌِڪي ڪَڍيِ ڏِسجي
پاڻ سان ٿورڙو مِليِ ڏِسجي

آ ملاقات مؤتَ سان هر دم
ذائقو تنھنجو زِندگي ڏِسجي

عَرصي کان لڱ سڀ تَتَل ٿا لڳن
زندگيءَ جو نِرڙُ ڇُھي ڏِسجي

پائي ريڙھيوُن چُران پُران پيو ٿو
وقت جي ٽنگَ ھِڪَ ڀَڃيِ ڏِسجي

آھي ٻُوساٽَ دِل اَندر ڏاڍي
ذهن جي کولي ڪا دَري ڏِسجي

سُھڻيءَ وانگر ڪَچي گهڙي تي ئي
زِندگيءَ جي نَدي تَري ڏِسجي

چيِچَ منھنجي جهَلي هَٿنِ پَنھِنجي
وقت کان ڪا گهَڙي گهُري ڏِسجي

راھ روڪي بِھي جي ھَلان ٿورِڙو

راھ روڪي بِھي جي ھَلان ٿورِڙو
زِندگي مَھِڻا ڏِئي جي وِهان ٿورِڙو

بَند اَکڙيون پَسان چَنڊُ ڪِئن مان پِرين
آ تمّنا اِھا مان ڇُھان ٿورِڙو

مون وڃايو اَلائي تَہ ڇا ڇا حَياتِ
شامَ جي وَقتِ ويھي رُئان ٿورِڙو

فَنُ، ھِمٿ، جنگ ناھي جِئڻ جو شعور
زِندَگي ڏي اِجازَت مَران ٿورِڙو

فَنُ مِلي ۽ مُحبّت ملي پارِ جَنھِن
ھَٿُ جهَلي پارِ اُن هل، جِيان ٿورِڙو

هَر گهَڙيءَ زهر پيِتو مگر ڍُڪ اَڃا
آ بچيو، ساھُ تَنھِن لاءِ کَڻان ٿورِڙو

ڇو نٿو گفتگوءَ کان اَچان بازِ مان
خود چَوان، پو پَڙاڏو ٻُڌان ٿورِڙو

سِجَ لَٿي بَند ٿيِندو سَڄو ڪاربار
تَرسُ تون ڪُجهُہ ڏِيان ڪُجهُہ وَٺان ٿورِڙو

وَڻُ اجازت ڏِئي ڪي گهڙيون ڇانوَ ۾
ساھُہ کِن ڀَر پَٽيان، پو رڙھان ٿورِڙو

راندِ لِڪَ ڇِپَ ڪئي پي اَسان چوڄَ مان
ڪَنھِن اَچي ڊاھيو ٽِڻُ جي پَڇان ٿورِڙو

ناھي مَندر اَندر، ناھي مَسجدِ اَندر
جِتِ پِرين پير پاڇا، جهُڪان ٿورِڙو

يادِ جا سَڀ گُلابَ ڪَم ايندَءِ

يادِ جا سَڀ گُلابَ ڪَم ايندَءِ
گَڏ گُذاريل ثَوابَ ڪَم ايندَءِ

پيارَ جو سَچُ سَدا رَهي نَہ رَهي
هر ڏکئي وقت خوابَ ڪَم ايندَءِ

پنھنجي لُڙڪن سان جي لِکيا تو مون
مَھل بي مھل بابَ ڪَم ايندَءِ

بي سبب جي ڇڏي ڏِنا تو پَڙھڻُ
اَڌ پَڙھيلَ سي ڪِتابَ ڪَم ايندَءِ

سوچي سَمجهي ڪَجان سوال پرين
زِندگيءَ جا جَوابَ ڪَم ايندَءِ

ڀَروَسو تون نہ ڪر خوشيءَ تي گهَڻو
مؤت تائين عذابَ ڪَم ايندَءِ

جَڏھن زندگيءَ سان مِلان ڊَپُ ٿِئي

جَڏھن زندگيءَ سان مِلان ڊَپُ ٿِئي
ذَرا آئيِني ۾ ڏِسان ڊَپُ ٿِئي

حَقيقت کَسيو آ اَسانجو سُڪوْن
ڪڏھن خوابَ ۾ سَچُ پَسان ڊَپُ ٿِئي

هَوائون اَسان کان خَفا ٿيون رهن
ڏِئو ڀِتِ تي ٻاري رَکان ڊَپُ ٿِئي

لکِاوَٽِ نہ مُنھنجي وَٺي ڪو پَڙھي
جڏھن نانءُ ھُن جو لکان ڊَپُ ٿِئي

سِتارا نَہ مُنھنجا، نہ سِجُ مُنھِنجو آ
اڌارو اُجالو وٺان ڊَپُ ٿِئي

کِوِڻ پي کڄي رات ساري ھِتي
وَڃي هيٺان وَڻ جي وهان ڊَپُ ٿِئي

وئي آھي ويسَر وَڌيِ، ڇا ڪجي
سنڀالي شَيوُن ڪي رَکان ڊَپُ ٿِئي

مَتان خوابُ اَکِ ۾ ڪو جيِئرو رَهي
کڻي ڪاتُ ور ور ڪُھان ڊَپُ ٿِئي

ڪَڏھن ڪانہ پوري ٿِئي گُفتگو
پَڙاڏو مان پنھنجو ٻُڌان ڊَپُ ٿِئي

پُراڻو لَٽو ساٿُ شَل ھيءُ ڏِئي
سُئي آ، سَڳو آ، سِبان ڊَپُ ٿِئي

اَڪيلو ڊِڄان، بَزمَ ۾ پڻ ڏَڪان
وڃي ڪنڊ ڪھِڙيءَ لِڪان ڊَپُ ٿِئي

مَتان مُنھنجو ميھَر اِرادو مَٽي
ڪَچي ڪَنھن گهَڙي تي تَران ڊَپُ ٿِئي

اُس کي مُٺ ۾ جهَلجي جيڪر

اُس کي مُٺ ۾ جهَلجي جيڪر
ٿورو سِجَ سان وِڙھجي جيڪر

روز شام جو وڇڙي وڃي ٿو
ھُن وَٽِ رات ڪا ٽِڪجي جيڪر

روز صبح جو ننڊ ڦٽائي
کِڙڪي کولي رکجي جيڪر

اڃا سندس آڱر هٿ ۾ آ
شاھَہ کي وَر وَر پَڙھجي جيڪر

پياس ذرا موَٽِائي ڏي تون
خالي مٽڪو ڀرجي جيڪر

تون پڻ مونکي ڪونہ سُڃاڻين
ھڪ آکاڻي کڻجي جيڪر

اُميدون، يادون، سُپنا سَڀُ
ٻوجهُہ اِھو ڪِٿِ سَٽِجي جيڪر

خود کي ھَرائي خوشي مِلي
داؤ نَئون ڪو ھَڻِجي جيڪر

ڪَنھِن چورايو ويسھُہ جڳ مان
ڪَنھِن جوڳيءَ کان پُڇِجي جيڪر

مان بِہ قلندر بڻجي پوندس
پَچَر پرينءَ جي ڇَڏِجي جيڪر

برپٽ جي واريءَ ۾ موتي
ھوندو، ڳولھي ڪَڍِجي جيڪر

چُرپُر دل ۾ ڏاڍي آھي
بيھوشيءَ ۾ رَھِجي جيڪر

ھن جي خوشبوءَ جي چانڊوڪي
اَکِ ۾ سوگهي رَکَجي جيڪر

ھٿ هٿ ۾، خاموشي آھي
مُٺ ڀِڪوڙي ڏِسِجي جيڪر

ڇَڏي ويا مونکي مُئل مَڃي
هاڻي سُرجي پُرجي جيڪر

ٽيڙيون ميڙيون ٺاھي ليڪون
نَئيِن عِبارتَ لَکِجي جيڪر

ليِڙون ليِڙون وَرثي کي پِڻ
سُئي سَڳي سان سِبجي جيڪر

ٺڳي ڪري ٿو ھرڪو مون سان
هاڻي خود کي ٺَڳِجي جيڪر

سُپنن جي سرحد تي تون مان
گڏجون، موقعو بَڻجي جيڪر

چَنڊُ کڻي ويو مُنھنجو ڇو هوُ
ڏوھُہ خدا تي مَڙھجي جيڪر

وعدو پَنھِنجو، قؤلُ بِہ پَنھنجو
وعدي تان ڪُجهُہ ڦِرجي جيڪر

گل کڻي ويا رقيب سارا
مُکڙي ڪا ھِڪَ ڇِنِجي جيڪر

چِڻگ لَڳيِ آ عَرصي کان پو
سَڀ ڪُجهُہ ساڙي ڇَڏِجي جيڪر

سَکڻو سُپنو نينھَن جو مون وَٽِ
بازارِ وَڃيِ رَکِجي جيڪر

خود کي جيئرو رکندو آهيان

خود کي جيئرو رکندو آهيان
ڀرم اِنھيءَ ۾ جئندو آهيان

روز صبح جو اُميدن سان
احساسِ کڻي اُٿندو آهيان

شرط پُڄائي خود سان ۽ پو
خود ھارائي کٽندو آهيان

گهاءُ ڇُٽي ويو خارَسِ باقي
رَکي رَکي پيو کنھندو آهيان

جنھن آکاڻيءَ ۾ هوُ ڪردار
سا آکاڻي کَڻَندو آهيان

قؤل ڪري جي ڪيِن نِڀائي
گهَر جا برتڻَ ڀَڃندو آهيان

ڪَنھِن تاريخي کنڊھر وانگر
پَل پَل ڀَڄندو ڀُرندو آهيان

مشھوريءَ جي مينارَن تي
تنھا بيِٺو لُڇندو آهيان

مان خوابَ ڀِڳل سَڀ سُڪڻ وِجهان اُسَ نِڪري

مان خوابَ ڀِڳل سَڀ سُڪڻ وِجهان اُسَ نِڪري
ڪِئن سانڍي ھيءَ آلاڻ رَکان اُسَ نِڪري

رات سَڄي اوسيڙي ۾ ويٺو آهيان
شايد سُھڻو ڪو خواب ڏِسان اُسَ نِڪري

اوندَھِہ ۾ پڻ ڪو رستو ڳولھي وٺبو
اُن سان ليڪن مان جڏھن مِلان اُسَ نِڪري

ڪيڏو رستو اوندھ ۾ طئہ ٿي ويو آ
جيِوَن جو بڻ بڻيادُ بڻان اُسَ نِڪري

سرحد جي ٻِنھي طرف آ اوندَھ ڏاڍي
ڀُڻڪو ٻاپوءَ جو ذرا ٻڌان اُسَ نِڪري

ڪِنجهي وقت سارو گهَڙي ٿي ڪِنجهي

ڪِنجهي وقت سارو گهَڙي ٿي ڪِنجهي
سَڄو سال هر ڪا صَدي ٿي ڪِنجهي

اَلائي ستارا هي سِج چَنڊ ڇو
سڀن کان سڄي روشني ٿي ڪِنجهي

ھَلي هيِرَ مَن کي نہ تَہ بِہ آ سُڪوْن
ٽِڙيَل اَڻ ٽِڙيَل گُل ڪَلي ٿي ڪِنجهي

بنا موڪلائي وڃي پيار ٿو
پُٺيان بيوسي بيڪَسي ٿي ڪِنجهي

هٿن مان ڇڏائي هليو ھٿ ويو
وَزن قافِيو شاعِري ٿي ڪِنجهي

سَڄي رات ٻالڪ ڪِنجهي پيو ڪِنجهي
پيئاري دَوا سا سُتي ٿي ڪِنجهي

ٻِنھي ڀائُرن کي نہ آٿَتُ مِليو
ڪَنجهي سنڌو گنگا نَدي ٿي ڪِنجهي

ٿي ڄَمَندي ڪِنجهي ۽ ڪِنجهي مؤتَ وَقت
ڪَجي ڇا ! سَڄي زِندگي ٿي ڪِنجهي

ڊَپُ اَندرَ جو ڪڏھن پِڻ لَھي ڪيِنَ ٿو

ڊَپُ اَندرَ جو ڪڏھن پِڻ لَھي ڪيِنَ ٿو
ماٺِ ۾ گوڙَ ۾ ڀؤ ڇَڏي ڪيِنَ ٿو

مان سُتيِ بيڪَسيءَ جي آ پيِتيِ گهَڻي
پيارُ اُلفَتَ وَفا ڪُجهُہ وَڻي ڪيِنَ ٿو

ڀر ۾ اَنبرِتُ رَکيلُ اُڃ ڏاڍي اَندر
ھَٿُ وَڌايان ذرا پَر پُڄي ڪيِنَ ٿو

زِندَگيءَ سان مُلاقاتَ ٿيندي ڪِٿي
ماٺِ ۽ صَبُرَ سان ھوُ وِهي ڪيِنَ ٿو

قرضُ ڏاڍو چَڙھيو ڪئن چَڙھيو وَقتَ جو
ڪا گهَڙي هوُ اُڌاري وَٺي ڪيِنَ ٿو

خواب اُس ۾ سُڪا مينھُن ناھي وَسيو
ڪَھِڙي آلاڻِ ٿَنِ ڪو گهُري ڪيِنَ ٿو

آنءُ نِرواڻُ مُڪتي وَٺي ڇا ڪَندُس

آنءُ نِرواڻُ مُڪتي وَٺي ڇا ڪَندُس
غَمَ سَمورا ڏَئيِ ھڪ خوشي ڇا ڪَندُس

ڪينَ آيو نظر جي انڌيرن ۾ هوُ
چَنڊ سِج کان گهُري روشني ڇا ڪَندُس

بي گناهي ڪري ڪين ثابت سَگهان
قيد مان پو رِهائي گهُري ڇا ڪَندُس

مُنھنجيِ ڪاغذ جي ڪشتي تَري ڪينَ ٿي
وڏڦُڙي مينھَن پويان ڊُڪي ڇا ڪَندُس

قتل ھن جي عِنايت سان ٿيندو رھيس
ڪائي تَلوار ڪائي ڇُري ڇا ڪَندُس

هو نظرِ ڪين آيو اَڃا خوابَ ۾
ننڊ گَھِري يا ڪَچڙي اُٿي ڇا ڪَندُس

ليِڙوو ليِڙون لَٽو روزُ ڦاٽيِ پَوي
وقتُ ڳاري سِبان پر سِبي ڇا ڪَندُس

ڪا وَسي ها تَتَل ريتِ تي بوند ھِڪَ
ٻوڏِ آڻي ڇَڏي سا نَديِ ڇا ڪَندُس

توسان اوڀر اولھُہ هَلِبو تَڪَڙِ نَہ ڪَرِ

توسان اوڀر اولھُہ هَلِبو تَڪَڙِ نَہ ڪَرِ
هِڪُ هِڪُ ماڻھو پَرکي ڏِسِبو تَڪَڙِ نَہ ڪَرِ

گهُنجُ نہ پَئجي ڪَنھِن ڪوري سُپني تي ڪو
پَنھِنجي هٿ سان ويڙھي رَکبو تَڪَڙِ نَہ ڪَرِ

پَربتُ پَنھِنجي جاءِ ڇَڏي ھَلَندو مون سان
ڪَڻي ڪَڻي کان پَھرين پُڇبو تَڪَڙِ نَہ ڪَرِ

بِنا پُڇڻ جي بوند بِہ پيئڻو ناهي جَل
نَديءَ ڪناري پياسو رَھِبو تَڪَڙِ نَہ ڪَرِ

ويڙھِہ ھَلي ٿي مُنھِنجي مَنَ سان عرصي کان
ساري دنيا سان پڻ وِڙھبو تَڪَڙِ نَہ ڪَرِ

تون بِہ چَريو پَڪَ بَڻِجي پَوندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

تون بِہ چَريو پَڪَ بَڻِجي پَوندين اَڄُ نہ سُڀاڻي
ڏوه بنا ئي ڏوهي سَڏبين اَڄُ نہ سُڀاڻي

ڪا بِہ تمنا پوري ڪانہ ٿئي ٿي ليڪن
ڪي اُميدون پوري رکندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

چَنڊُ لَھيَ آيو گهَر مُنھِنجي تون بِہ هلي آ
ڪيسين خود کي روڪي رکندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

خرچ ڪيو ٿئي شيشي جي محل مٿان ڪيڏو
پَنھِنجي هٿ سان پٿر ھڻندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

سُڪي ويو پاڻي گنگا جمنا زَم زَم جو
آلي اَکِ سان ڳولھي لَھَندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

آنءُ ٻڌان پيو ڀُڻڪو سنڌوءَ جي ڇولين ۾
پَنھِنجي ڌرتيءَ ڏي تون وَرَندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

ريتِ تَتَل تي ئي ويھي رهہ واٽھڙو تون
ھلندي ھلندي ڪڪ ٿي پوندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

خوابُ حقيقتَ ڦيرُ نَظرَ جو ٻيو ناهي ڪجهہ
دوکو کائي کائي سِکندين اَڄُ نہ سُڀاڻي

لَفظُ چَوڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

لَفظُ چَوڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي
لفظ ٻُڌڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

هاڻي اوندھ ختم نَہ ٿيندي
سج اُڀرڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

سُرهاڻِ وَئي گُم ٿي ڪاڏي
گهَر مَھڪڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

پياسو آيو پياسو آ هوُ
ڍُڪ پيئڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

وِرلي برپٽ ۾ مينھُن وَسي
ڪَڪَر وسڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

منزل سامھون ڀؤ ۾ آهيان
پيرُ چُرڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

هوُ ٻِن ساهَن جي وِچَ ۾ آ
ساھُہ کڻڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

هَلُ بَرپَٽ کي ڀاڪُر پايون
سَمُنڊ ڇُلڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

هوُ ٽانڊَن جو وارِث آھي
ڦوُڪَ هَڻڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

ملم ھڻون پر ٿورو تَرسو
گهاءُ ڪُرڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

هر ڪنھن کي ماڻھو ٺاهيو ڪو
روزُ مرڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

سڀني جون ٽوپيون لاھيو، ڪو
ٻوجهُہ کڻڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

ڪي انبڙيوُن وڻ تي رَهڻُ ڏجن
اَنبُ رسڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

شام ٿيڻ تي گهَر موَٽِي اَچُ
سِجُ لَھڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

آڪاس ورهايو، پر سوچيو
پَکي اُڏڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

ڀل نَہ ٻُڌو چيخوُن اُن جون، پر
هو سڏڪڻَ کان رَهِجيِ نَہ وَڃي

زندگيءَ سان گذارڻو آھي

زندگيءَ سان گذارڻو آھي
مؤت سان پڻ نڀائڻو آھي

ڪوُڙ کي آنءُ آھي کيڪاريو
ساھُہ سَچَ تي بِہ ھارڻو آھي

راز توسان نہ جي، سَليان ڪنھن سان؟
جيڪو توکان لِڪائڻو آھي

لُڙڪ ڳڙندڙ اکين جا ڪِئن روڪيان
مونکي خود کي کِلائڻو آھي

چاندني تون اچي ٻُھارِ اَڱڻُ
چَنڊَ کي گهر گهرائڻو آھي

سِجُ نِڪتو تَہ پَڪ لَھي ويندو
پيار پائي وڃائڻو آھي

ڄاڻان ٿو ڪينَ آ سُڪون ڪِٿي
روحُ رولي رُلائڻو آھي

ڪوڙ سان پڻ کڻي ڪبو نيبھُہ
ڪوڙُ سَچَ کي ٻُڌائڻو آھي

سوچَ مان ڪُجهہ وَري، وَري نہ وَري
ذَهن ڪَم تي لڳائڻو آھي

چَنڊ، سِجُ، تارا سَڀُ اُجالو پر
ھِڪُ ڏِئو پنھنجو ٻارڻو آھي

اَڄُ وري خيال اُن جو آيو آ
ڪنھن بَھاني سان ٽارڻو آھي

ھُن سان جڏھِن بہ مِلبو وَڻَ وَٽِ

ھُن سان جڏھِن بہ مِلبو وَڻَ وَٽِ
ٿورو سُڏِڪيِ پَئبو وَڻَ وَٽِ

شايَد وَقتُ وَرائي پاسا
ساھُہ گهَڙيون ڪي پَٽبو وَڻَ وَٽِ

سِجُ ڳولھيِندو مونکي نہ اَچي
اوندھِہ ذررو رکبو وَڻَ وَٽِ

شايَد ويسھُہ مِلي وڃي اُتِ
آوازُ ڏَئي ڏِسبو وَڻَ وَٽِ

رِشيِ مُني ڪو ويٺو ھوندو
ھوريان ھوريان ھَلبو وَڻَ وَٽِ

نظارا سَمورا ڏِسان ٿو دَريءَ مان

نظارا سَمورا ڏِسان ٿو دَريءَ مان
ڪڏھن ڪين ڪُجهہ پڻ ڪُڇان ٿو دَريءَ مان

مان خود کان ڊِڄان ۽ دُنيا کان ڊِڄان پِڻ
اَچي دوستُ ڪو جي مِلان ٿو دَريءَ مان

حَياتي سَموري تہ بُزدل رَھيُس مان
ڪڏھن ڪي ٻَٽاڪون ھَڻان ٿو دَريءَ مان

لنگهي لاشُ رستي تان ڪنھنجو وَري ٿو
ٽِمن نيڻَ پَر گُلَ وِجهان ٿو دَريءَ مان

ٻُڌان کَڙڪو دَرَ تي، نَہ دَرُ آنءُ کوليان
رُڳو ’ڪيرُ آھي؟‘ پُڇان ٿو دَريءَ مان

مَتان نِنڊَ ۾ تُنھنجي رُخنو پَوي ڪو
اَچان ٿو دَريءَ مان وَڃان ٿو دَريءَ مان

سِتارن، نَہ سِجَ چنڊَ روشن ڪيو مَنُ
سَڄي دُنيا ھَٿَ سان ڇُھان ٿو دَريءَ مان

ٿي جهنڪار ڇَم ڇم سُريلي اڱڻَ ۾
لِڪي ٿورڙي مان ٻُڌان ٿو دَريءَ مان

مَٿي تي رکي پيرَ اوندھِہ ڀَڄي ٿي
جَڏھن تِروِرو ٿي گهِران ٿو دَريءَ مان

نَہ گونجي فضا ۾ رُئڻُ راڙو منھنجو
مگر ٿورو سُڏڪيِ پَوان ٿو دَريءَ مان

ڏِنو اَرڳُ پنھنجي اَڱڻ ۾ جڏھن ھُن
ڪَڻا سوُنھَن جا ڪي پَسان ٿو دَريءَ مان

ڪڏھن ويجهو تنھنجي اَچڻُ ڪونَ چاھيو
گهڻو توکي سُھڻو لڳان ٿو دَريءَ مان