تصوف

ڪلام فقير عبد الله ڪاتيار

فقير عبد الله ڪاتيار وڏو رند شاعر ۽ صوفي درويش ھو. سندس ڪلام ۾ وڏو جوش جذبو ۽ اثر آهي، ۽ پڻ ان ۾ اعلى ذڪر سمايل آهي. سندس ڪلام ۾ وڏا اونھا اسرار ۽ رندي راز سمايل آھن، جيڪي سرت سياڻو ئي سمجهي سگهي ٿو. پاڻ سچل سرمست جو ھمعصر ۽ دوست ھيو، پير صاحب محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي فيض سان سرشار ٿي، دنيوي لاڳاپا لاهي، ٺيڙهي (خيرپور) لڳ لوڙهو ڏيئي گوشہ نشين ٿي ويٺو. سچل جي ساڻس دلي محبت هئي، انھيءَ ڪري سندس حال ۽ قال جو سچل تي وڏو اثر پيو ڪتاب ۾ فقير عبد الله ڪاتيار جي سوانح، سنڌي بيت ۽ ڪافيون، سرائيڪي ڪافيون، ڪلام ريختي ۽ ھندي شامل آھن.

Title Cover of book ڪلام فقير عبد الله ڪاتيار

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ صوفي شاعر فقير عبد الله ڪاتيار جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪلام فقير عبد الله ڪاتيار“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن جو مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق  آھي.
فقير عبد الله ڪاتيار وڏو رند شاعر ۽ صوفي درويش ھو. سندس ڪلام ۾ وڏو جوش جذبو ۽ اثر آهي، ۽ پڻ ان ۾ اعلى ذڪر سمايل آهي. سندس ڪلام ۾ وڏا اونھا اسرار ۽ رندي راز سمايل آھن، جيڪي سرت سياڻو ئي سمجهي سگهي ٿو. پاڻ سچل سرمست جو ھمعصر ۽ دوست ھيو، پير صاحب محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي فيض سان سرشار ٿي، دنيوي لاڳاپا لاهي، ٺيڙهي (خيرپور) لڳ لوڙهو ڏيئي گوشہ نشين ٿي ويٺو. سچل جي ساڻس دلي محبت هئي، انھيءَ ڪري سندس حال ۽ قال جو سچل تي وڏو اثر پيو ڪتاب ۾ فقير عبد الله ڪاتيار جي سوانح، سنڌي بيت ۽ ڪافيون، سرائيڪي ڪافيون، ڪلام ريختي ۽ ھندي شامل آھن.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ سچل سرمست يادگار ڪميٽي، خيرپور پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي