شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 51
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پنھنجا پاڇا

اَرپَڻ

اُنھن سڀني فَردن ۽ واقعن کي
جيڪي جُدا جُدا وقتن تي
مُنھنجي مُختلف غزلن جا موضوع بَڻيا آھن
۽
جن جي سُٺايُن، اوُڻاين، جوشَ، جَذبن، اُڌمن، اُمنگن ۽ ڪَمَن مان مونکي غزل رَچَڻَ جي پريرڻا مِلي ۽ مان شاعر بَڻيس.
ساڻُ ئي اُنھن اَديب دوستن کي جن وقتَ وقتَ تي پنھنجا قيمتي رايا ڏئي منھنجي رچنائن ۾ اصلاح ڪري اُنھن کي معنيٰ خيز بَڻائڻ ۾ مَدد ڪئي.
منھنجا شڪرانہ
شال قبول ڪن

– ڀڳوان ٻاٻاڻي ’بَندو‘

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ڀڳوان ٻاٻاڻي جي غزلن جو ٻيو مجموعو ”پنھنجا پاڇا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ارجن چاولا لکي ٿو:
” ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.“
ھي ڪتاب 2022ع ۾ مصنف پاران شري شردا آفسيٽ پرنٽرز ڀوپال، ھندستان وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڀڳوان ٻاٻاڻي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مُھاڳ

شاعري اَحساسن، جذبن، اُمنگن ۽ سوچَ جي صورتُن جو عڪس آھي. ڪو شخص، سماج ۾ جيڪي ڪجهہ وَھي واپري ٿو يا جيڪي ڪجهہ ڏِسي وائسي ٿو، اَنڀؤ ڪري ٿو تنھن جو ٿورو يا گهڻو رد عمل سندس ذھن ۾ ضرور ٿئي ٿو. جڏھن سوچَ جو سِلسِلو شروع ٿئي ٿو تہ ذھن جي پَردي تي نَوان عڪس اُڀري ٿا اَچن جيڪي اِظھار جا محتاج رھن ٿا. ڪي اظھار پائي وٺن ٿا، پر ڪي رھجي ٿا وڃن.
اَڄوڪي دﺆر جي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافي نوان تَجُربا ٿي رھيا آھن. سوچَ جون نيون صورتون، اظھارَ ۽ اَدائگيءَ جا نَوان طريقا، نون لفظن ۽ مُحاورن جي گهڙت، بَحر ۽ وَزن جي پابَنديُن کان آزاد ٿي ھلڻ جي پِروَرتيءَ جَھِڙا عناصر عام نظر اَچن ٿا. عشق، محبت جون تَرنگوُن، حسن و جمال جا تَذڪِرا، گُل و بُلبُل جا اَفسانا، محبوب جو ناز و نخرو، عاشقن جو سوز ۽ گذار– اھي سڀ اَڄوڪي سِنڌي غزل مان لڳہ ڀڳہ غائب ٿي چُڪا آھن. پر جيئن تہ غزل ۾ بَحر ۽ وزن جي پابندي لازمي ۽ ضروري آھي تنھنڪري غزل لکڻ وارا شاعرَ انھيءَ پابنديءَ جو اَحترام ڪري ھلن ٿا. ”پنھنجا پاڇا“ ڀڳوان ٻاٻاڻي ’بندي‘ جي غزلن جو ٻيو مجموعو آھي. مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا.
طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ.
ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو. طنز ايتري چُڀندڙ ناھي:
رَھندا آھن چِڙيل ھميشھہ، پو بہ اَلاءِ ڇو
مُنھنجي لءِ ئي پُڇنداآھن، پَرپُٺ اَڪثر
آمھون سامھون مِلن اَگر ھوُ، نَڪَ کي موڙِن
فوٽو مُنھنجو ڏِسندا آھن، پَرپُٺ اَڪثر
مُنھنجي خَطن کي بِنا پَڙھڻ جي ڦاڙي پوءِ ھوُ
ٽُڪرن کي جوڙيندا آھن پَرپُٺ اَڪثر
ھَر رَچنا رچناڪار جي اَحساس جي اَڀِويَڪتي ئي تہ آھي. شاعر، چِترڪار يا ڪو فَنڪار جيڪي ڪُجهہ اَنڀؤ ڪري ٿو تنھن جو بي ساختہ اِظھار ڪري ٿو انھيءَ اَڀِويَڪتيءَ ۾ ڪڏھن آھَہ نظر ٿي اَچي تہ ڪڏھن واھہ بہ: –
ٿيِنديِ بِہ گهاءُ گهاءُ حَياتي تہ ڇو نہ يارَ
ھَرڪو ھَڻي ٿو ڏَنگَ، بَچايان ڪِٿان ڪِٿان؟
طنز جو دائرو وسيع آھي. لَپيٽَ ۾ ڪو اَڪيلو فَرد بہ اچي سَگهي ٿو تہ سَماج جو ڪو فِرقو بہ اَچي سَگهي ٿو : –
جِن جو نَہ واسطو ڪو اَدَب ۽ ڪلا سان آ
ھَر مَنچَ تي ٺَھيِ ٺُڪيِ ڇو سي ئيِ ٿا وِھَن ؟
ڀڳوانَ ٿا سڏائِن جيڪي جَھانَ ۾
تِن جا بِہ شخصي ڪي تَہ خُدا پَنھِنجا ٿيِندا هِن !
ھِن مجموعي ۾ پيش ڪَيَل غزلن جا شعر ھَروڀَرو سڀئي طنز ۾ ناھِن، ڪن غزلن ۾ روُمانوي رَنگتِ بہ مِلي ٿي : –
مِلي روُبَرو جي، وَڃي مُنھن ڦِرائي
اَچيِ خوابَ ۾ پَر سَتائي ٿي ڪيڏو !
گهَڙي وَصلَ جي ياد آيَسِ ڪا شايَد
تصوّر ڪري مُسڪرائي ٿي ڪيڏو !
اَحساس جي اِظھار جي ڪا حَـدَ مُقرر ڪرڻُ ڏکيو آھي. اِظھار کي پَـرَ بہ کَپن ۽ پروازُ بہ کپي. نَفيِس کان نَفيس خيالن کي لفظن ۾ پِروئِڻُ بہ ڪَلا آھي : –
سَندَنِ آلا ڪَپِڙا، اَسانجوُن نِگاهوُن،
رِهاڻِيوُن ٻِنھيِ جوُن، ڀَلا ڇو ڦِٽايوُن !
ھِن شعر ۾ ڪيتري نہ سادگي آھي: –
ڀَلي ڪوشِشوُن ڪَنِ پَري ٿيِ رَهَڻَ جوُن،
ڀـُلائي نَہ سَگهَندا ’بندا‘ ويجهڙايوُن !
رِوايتي شاعريءَ ۾ حُسن و جمال جي تَذڪِرَن کي ترجيح ڏِني وينديِ ھُئي. پر اَڄُ بہ ڪِٿي ڪِٿي ذِڪرُ مِلي ٿو: –
ڀولوپَن، معصوم نَظر ۽
تيِرُ، ڇُري، ڪِرپاڻُ اکيُن ۾
ٿاھُہ سَگهيو آ ڪو بِہ نَہ پائي
اوُنھو آ مَھراڻُ اَکيُن ۾
جيِوَن جي يَٿارٿَ کي سَمجهيِ ھَلڻُ دانِشمَنديِ آھي. جيئڻ جو بہ نيٺ ڪو اَرٿُ تہ آھي ! جنھنکي اِھو اَحساس آھي اُھوئي وقت جو قَدُر ڪري ٿو: –
وَقتُ بہ معنيٰ تڏھن رَکي ٿو
اَگر جيئڻ جو اَرٿُ ھُجي ڪو
شاعر جي نظر آسپاس جي ھر چُر پُر، ھلچل تي پَھُچي ٿي ۽ سادن لفظن ۾ ڪو نُقطو پيش ڪري وِجهي ٿو : –
شيرُ ٿوري دير لءِ بس ھو سُمھيو
پو گِدَڙَ ھِڪدَم اُٿيا ڏِسُ ڪيتِرا
لاڪ ڊائون ۾ بہ ٻاھِر پيا گهُمن
مُلڪ ۾ ماڻھو چَرِيا ڏِسُ ڪيتِرا
مؤجودا ڀؤتِڪتاوادي دؤر ۾ اِنساني فِطرتَ ۾ ڪيڏو نہ ڦيرو آيو آھي، اِنھي جو اظھار اِجهو ھِنَ نَموني ڪري ٿو : –
چؤڌر ٿا مِلن ماڻھو، اِنسانُ ڪِٿي آ
ھَر واٽَ تي، ھَر گهاٽَ تي مان سَڀَ کان پُڇان ٿو
مَجبور آھي ڪيڏو اِنسانُ اَڄُ جو ’بندا‘ !
ماڻَڻَ وَڏي عُمر لءِ پَل پَل مَرڻَ لڳو آ
سادگيءَ ڀَريا ڪي شعر ڏِسو : –
عُمر سَڄي نہ چَکيسين ’بندا‘
ٿوري ٿوري وَٺبيِ ھاڻي

اِشتھارَ ڏئي اَخبارُن ۾
خود کي ئي خود وَڻَڻَ لڳاسيِن
ڪورونا مھاماريءَ سَبب لاڪ ڊائون ٿِيڻ تي ٻِين پرانتَن ۾ روزگار لاءِ وِيَل لکين مزدور ڪيتريُن مُشڪلاتن مان گُذرندي واپس پَنھِنجي موُل پرانتن ۾ پَھُتا، تَنھِنجو عَڪسُ شاعرَ ھيئن چِٽيو آھي: –
گُذَر لءِ بَسر لءِ جي نِڪتا ھا گهَر مان
کڻي لاشُ پَنھِنجو ڪُلھَن تي وَرن ٿا
اَھڙي طرح مجموعي ۾ زندگيءَ جي مُختلف شعبن سان وابستہ روزمرہ جي جيِون ۾ اُڀرندڙ اَحساسن، جذبن، اُمنگن ۽ اُڌمن جي خاصي عَڪاسي ٿِيَلَ مِلي ٿي.
ڪِٿي ڪِٿي ناقَص قافِيہ بہ استعمال ٿيل نظر اَچن ٿا ۽ ڪُجهہ ھَنڌن تي ڪي اَھڙا لفظ بہ آندا ويا آھن جيڪي عام فَھم کان مَٿَڀَرو نِڪري ٿا وَڃن، حالانڪ غزل جي اَنت ۾ اُنھن لفظن جون معنائون بہ ڏِنيون وَيون آھن.
سوچَ ۽ خيالَ جو دائِرو پاتالَ جي گَھِرايُن کان ويندي آڪاسَ جي خَلائُن تائين وسيع آھي ۽ شايد اَڃا بہ پَرڀَرو ٿي سَگهي ٿو. ڪا سوچَ عرشَن اُڏاميِ خَلائُن جو سيَـرُ ڪري ٿي تہ وري ڪو خيالُ ڌرتيءَ جي ڌوُڙِ جي ذَري ذَري ۾ سَمايَلَ حَقيِقَتَ جو مُشاھِدو ڪري جيڪي ڪُجهہ آھي ۽ جيِئَن آھي، سو پيش ڪري ٿو. ٻِنھي جو ڪَلاتمَڪ اِستعمال ئي معنيٰ رَکي ٿو.

اَرجن چاولا،
عليڳڙہ

غزل

---

گهَڻو گهَڻو ڪُجهہ چَوندا آهن، پَر پُٺِ اَڪثر

گهَڻو گهَڻو ڪُجهہ چَوندا آهن، پَر پُٺِ اَڪثر
يارَ گِلائون ڪَندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

رَهندا آهن چِڙيل هميشھہ، پو بِہ اَلاءِ ڇو
مُنھِنجي لءِ ئي پُڇندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

آمھوُن سامھوُن مِلن اَگر ھوُ، نَڪ کي موڙِن،
فوٽو مُنھِنجو ڏِسَندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

گهر ڌڻيءَ کي ڪيِنَ پُڇن، پر وَجهُہ ڪو تاڻي
گهر سَندس هوُ ويندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

غُصو پي ويندا هِن چُپ ۾ جيڪي ماڻھوُ
موقعو مِلَڻَ تي ڇُلندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

بَھبوديءَ جون ڳالھيوُن ڪَنِ ٿا، جيڪي ليڊَرَ
کاٽُ اُهي ئي هَڻندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

هِڪَ لَڱا ڇا ڀيرو ڪَيو موُن، لوئِن ويٺا !
پاڻ اُتي پَر ويندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

مُنھِنجي خطن کي بِنا پَڙهَڻَ جي ڦاڙي، پو ھوُ
ٽُڪِرَن کي جوڙيِندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر

کِلندا آهن ٽَھِڪَ ڏَئيِ جي، گهَڻو ڪَري پوءِ
ڳوڙها ڳاڙي رُئندا آهن، پَر پُٺِ اَڪثر

مان ٿو لُڇان هِئن پَل پَل جِن لءِ ، اُھي مَگر ڇا
ڪڏهن بِہ موُن لءِ پُڇندا آهن؟ پَر پُٺِ اَڪثر

ڏِسَڻَ اَچن ڀَلِ ويري ظاهِر، پَر ’بندي‘ تي
جان فِدا پِڻ ڪندا آهن، پَر پُٺِ اَڪثر

اِخلاقَ ۾ جي گهُنجَ، سَنواريان ڪِٿان ڪِٿان؟

اِخلاقَ ۾ جي گهُنجَ، سَنواريان ڪِٿان ڪِٿان؟
سارو وَجوُدُ ٽُنگَ، سِبايان ڪِٿان ڪِٿان؟

ھَرڪو لَڳي شَريفُ ٿو ڳالھيُن مَنجهان، مگر
آهِن لِڪلَ جي مَنجھَہ، ڪَڍايان ڪِٿان ڪِٿان؟

ٿيِنديِ بِہ گهاءُ گهاءُ حَياتي تَہ ڇو نَہ يارَ
هَرڪو هَڻي ٿو ڏَنگَ، بَچايان ڪِٿان ڪِٿان؟

پنھنجي بِہ لاءِ وقتُ ڪَڍي ڪيِنَ ٿو سَگهان
جِت ڪِٿ ڦاٿَل آ ٽَنگَ، ڪَڍايان ڪِٿان ڪِٿان؟

ڪو مون ڪيو نَہ ڏوهُہ مَگر تَہ بِہ اَلائي ڇو
سَڀَ جا ڀَريان پيو ڀُنگَ، نَٽايان ڪِٿان ڪِٿان؟

محفوظُ ڪا نَہ ڀيڻَ نِياڻيِ ڪِٿي بِہ اَڄُ
لوفَـرَ لُچن جا جهُنڊَ، ڀَڄايان ڪِٿان ڪِٿان؟

ناموُسَ ۽ گِلا ۾ ڪَري فرقُ جي سَگهن
اَھڙا ڪي عَقُلمَندَ، جُٽايان ڪِٿان ڪِٿان؟

شيطانَ سَنت ۾ ڪو ڀَلا فَرقُ آ بَچيو ڪو؟
من مان ’بَندا‘ ھي مُنجهہَ، مِٽايان ڪِٿان ڪِٿان؟

شاعِري آھِہ سونو پَرُ ساٿي

شاعِري آھِہ سونو پَرُ ساٿي
ڪو بَرابَر نَہ اِنَ جي زَرُ ساٿي

چال اِن سان جي وَڻ ۽ ٻوُٽا ڪَٽيا
گهاٽو جهَنگلُ بِہ بَڻِبو بَرُ ساٿي

ماءُ کان ڀانئي ٿو ڌاريُن کي مَٿي
کيس اَھڙو مِليل آ وَرُ ساٿي

دوُر دِل کان بہ ھوندي گڏُ ٿا رَھن
آھِہ وِچَ ۾ ڦاٿَلُ ڪو وَرُ ساٿي

ساريِ ڌَرتي وِجهي ٿي ڌوڏي، جڏھن
ڏي اَدا سان ٿي نَڪَ کي وَرُ ساٿي

موٽي آيا، وِيا ھا ٻاھِر جي
ھاڻِ تون ڀي تہ تڪڙو وَرُ ساٿي

عيَب پَنھِنجا ڍَڪَڻَ لءِ ڇو تون اِئين
ڳالھہ ۾ ڪو وِجهيِن ٿو وَرُ ساٿي

ٻارَ پَنھِنجا تَہ پالي ئي وَٺندو
ڪو بِہ آھي جي ھُنروَرُ ساٿي

وِرتَ سورھن صِدِقَ سان ھن بِہ رَکيا
پو بِہ گهُربَلُ مِليُس ڇا وَرُ ساٿي ؟

جانِ قُربانُ مُلڪ تي ٿئي ’بندا‘
آھِہ اِنَ کان وڏو ڪو وَرُ ساٿي؟


وَرُ= (وردانُ، پاراتو)
وَرُ= (پيچُ)
وَرُ= (چڪر)
وَرُ= (موڙو)
وَرُ = (واپس وَرڻ)
وَرُ = (ڦيرو)
وَرُ = (گهوٽ)
وَرُ = (اُتم، اعليٰ، عمدو، چڱو)

تو ڏِسي ڀي نہ ڏِٺو، ڏُکُ آھي

تو ڏِسي ڀي نہ ڏِٺو، ڏُکُ آھي
تُنھِنجو اھڙوڀَلا ڇو رُخُ آھي

ڪوئي ڪنھنجو نہ پُڇي حالُ ٿو اَڄُ
سَڀَ کي پنھنجو مِٺو ئي سُکُ آھي

اِئَن تہ آڪڙ ۾ رَھنَدو آھِہ سَدا
پاڻَ ئي ڳوٺَ جو ڪو مُکُ1 آھي

ڇو اَلائي چِرَن ٿا سَڀُ ھُن کان
ڇا سَٻاجهو تہ سندس مُکُ2 آھي !

ڀل تہ سمجهن گهڻا ٿا کيس وَڏو
سمجهَہ کان پَر وَڏو ھو مُکُ3 آھي

نِجُ لَٻاڙون ھڻي ٿو ھنڌ ئي
ڇا وَڏو ھُن تہ پاتو مُکُ4 آھي !

ڪين ٿو ڪو بہ ٻئي جو حالُ پُڇي
صِرفُ خود لاءِ ھرڪو وِکُ5 آھي


1. مکيہ، مُکي، اَھم
2. چھرو، صورت
3. موڳو، موُرک
4. مُنھن، واتُ
5. قدم، چال، رفتار، ٻرانگهہ

اَعِزازَ ۽ انعامَ سِفارِشَ بِنا مِلَن

اَعِزازَ ۽ انعامَ سِفارِشَ بِنا مِلَن
اهڙا مِثالَ ڀي تہ اَکيُن آڏوڪُجهُہ هُـجَن

حَقدار جيڪي آھِن، ڳولھي ڪَڍي اَچون
شَل قاعِدا ڪي اَهڙا پِڻ قؤمَ ۾ ٺَھَن

جِن جو نَہ واسطو ڪو اَدَب ۽ ڪلا سان آہ
ھَر مَنچ تي ٺَھيِ ٺُڪي ڇو سي ئي ٿا وِھَن

تَھذيِبَ ۽ ثَـقافَـت جِن آ خَـتَـم ڪَئيِ
نيتاگِري سَماج جي ھَٿيائيِ تِن جَڏَن

ڀانئِن وَڏو ٿا خود کي ثَـقافَـت کان دوُر ٿيِ
ڪَمزور قؤمَ کي تَہ بَڻايو آ تِن وَڏَن

نالائِـقَن سَھاري، جي مُعتبَرَ بَڻيا
تِن جا تَـڏا تَہ شَھَرَ مان جَلدي ئي شَل کَڄَن

ايِمانُ ۽ ضَميِرُ بہ ماري ڇڏيو آ جِن
سي ئي سَڀِن کي آڳ ٿا هَر راھَہ ۾ ڏِيَن

اوُڻايوُن، عيَب، نُقصَ سَگهَنِ روبَرو چَئيِ
اهڙا دِليرَ صافُ’بَندا‘ ڀي تَہ ڪُـجهُہ کَپَن

’هلندي گهَڻي آ مُنھِنجي‘، چَوَندو نَہ ڪر، اِئين توُن

’هلندي گهَڻي آ مُنھِنجي‘، چَوَندو نَہ ڪر، اِئين توُن
اَهڙيون ٻَٽاڪون سَکڻيون، هَڻندو نَہ ڪر، اِئين توُن

رَهبر اَنوکا اَڄُ جا، مَنزِل مُنجهائي وِجهندءِ
هَر ڪَنھِن کان پَنھِنجو رَستو پُڇندو نَہ ڪر، اِئين توُن

پَڌِرو ڪَري ڇَڏيندءِ سَڀ ڪُجهُہ دُنيا جي سامھون
ڪَنھِن سان بِہ دِل جون ڳالھِيوُن ڪڍَندو نَہ ڪر، اِئين توُن

تُنھِنجي حسيِنْ شِڪِل ۾ بِجليءَ جي ڇاٽَ آھي
بي پردا ڪَنھِنجي سامھوُن لنگهَندو نَہ ڪر، اِئين توُن

قانوُن آ ٺَھِيو جو ڏوهيُن جي ڌَر پَڪَڙ لءِ
اُن کان بنا سَببَ جي ڏَڪندو نَہ ڪر، اِئين توُن

چؤڌر رڱيل ئي شِڪليوُن، پر صافُ تُنھِنجو چَھِرو !
هوليءَ جي ڏڻ تي رنگ کان بَچَندو نَہ ڪر، اِئين توُن

مونکي صَفا وِسارڻُ، مُشڪِل گهڻو آ تو لءِ
دِل مان مونکي ڪَڍَڻ جي ڪَندونَہ ڪر ، اِئين توُن

مون سان ڦِٽائي، جڳ ۾ تُنھِنجو وَجوُدُ رَهندو !
سُپنا هي ڏينھَن ڏِٺي جا ڏِسندو نَہ ڪر، اِئين تون

ڪنهن ٻاجهَہ ۽ دَيا سان عُھِدو اَگر مِليو ٿَئي،
اَڀمانَ سان آڪَڙ ۾ هَلندو نَہ ڪَرِ، اِئين تون

چَوڻو اَٿئي اَگر جي، سامھون کُلي چَئي ڏي
پَرپُٺ ڪَڏھن بِہ ڪَنھِنجي بَڪَندو نَہ ڪر اِئين تون

’بندا‘! رَهيِن گهڻو ٿو مَشغول ، آ خَبر، پَـرَ
مَحفل ڇَڏي اَڌوُري اُٿندو نَہ ڪر، اِئين تون

هَروَقتَ جا بِہ سَچَ تَہ جُدا پَنھِنجا ٿيِندا هِن

هَروَقتَ جا بِہ سَچَ تَہ جُدا پَنھِنجا ٿيِندا هِن
هرلَـفـظَ جا بِہ اَرٿَ گهَڻا پَنھِنجا ٿيِندا هِن

هِڪَ جي تَلاش ۾ ڪَنھِن ٻئي سان وَڃيِن مِلوُن
ڪَڏهين تَہ رستا اَهڙا ڦِڏا، پَنھِنجا ٿيِندا هِن

ٺاهِڻَ بَجاءِ ڪَـمَ کي بِـگاڙي صَفا ڇَـڏِن
اَهِـڙا بِہ ڪي مُـکي تَہ جَڏا پَنھِنجا ٿيِندا هِن

هِڪُ ٻُڪُ بِہ روشني جي ڏَئيِ ٿا وَڃَن ڪَڏهن
رَهَبَر سي تِروِرا ئي سَدا پَنھِنجا ٿيِندا هِن

ڀڳوانَ ٿا سڏائِن جيڪي جَھانَ ۾
تِن جا بِہ شخصي ڪي تَہ خُدا پَنھِنجا ٿيِندا هِن

جيڪيِ ڪَرڻَ سان دُنيا ۾ ساراهِ ٿيِ مِلي
تَنھن ڪِرتِ تي بِہ يار خفا پَنھِنجا ٿيِندا هِن

سامھوُن چَوَن ٿا ڪُجهہ بِہ نَہ، پَرپُٺِ گِلا گهَڻي
اَهڙا بِہ گهَڻا ئي تَہ، اَدا! پَنھِنجا ٿيِندا هِن

جِن جو ڌَنڌو ئي ڪوُڙي خوشامَد رُڳو ڪَـرڻُ
اَھڙا ’بندا‘ ڪَڏهن نَہ سَڳا پَنھِنجا ٿيِندا هِن

ڇا لءِ مِڙيا ھُئا ھوُ اُن آستانَ ۾

ڇا لءِ مِڙيا ھُئا ھوُ اُن آستانَ ۾
ڪَنھِنکي نَہ آ خَبَر، نَہ ئي ڪَنھِنجي ڌِيانَ ۾

واقُفُ تہ ھوُ بِہ ھوندا اِن ڳالھِہ کان ئي پَڪَ، تہ
ڪيڏا ڪَيا ڪَلوُرَ، ڪَرونا جَھانَ ۾

تَجويزَ ھُئَنِ ڪَھڙي مَقصَد سَندَن ھو ڇا
جيڪو نَہ ٿي سگهيو ٿي ظاھِر عَيانَ ۾؟

بخشيِش ڏِيَڻَ جو بِہ ٿا فوٽو ڪَڍايو يارَ !
ڇا پُڃّ ڪو نظر ٿو اَچي اَھڙي دانَ ۾ ؟

مَحِنتَ ڪرڻُ مُسَلسِل آ فرض تُنھنجو بَس
ھرڪو سَڦَل نہ ٿيندو آہ اِمتِحانَ ۾

سَرڪار جي ڪَمَن جي خِلافتَ لَڳي اِئين
ڄَڻُ بي سُرو ڪو ڳائي ٿو اوُچي تانَ ۾

سَرڪار جي خِلافُ بَياني ئي ڪَنِ رُڳو
ڪُجهُہ ڀي نَئون نَظر نَہ اَچي ٿو بَيانَ ۾

ڪاغذ کڻي پڙھَڻ سان نہ شعرُ ڏي مَزو
جيڪو اَچي ٿو لُطفُ ٻُڌَڻُ بَرزُبانَ ۾

گَتي غَرضَ عُھدي جي ڪيڏو ڪِرائي!

گَتي غَرضَ عُھدي جي ڪيڏو ڪِرائي!
نِيَم قاعِدَن کان پَري ٿي ھَٽائي

لَڇڻَ جو نَہ ڪوئيِ قَـدُر ڪو رَهي ٿو،
گڏھہ کي بِہ مطلب لءِ گهوڙو جَـتائي

اُھي ڀي رَکن لوڙَ عُھِدي جي ڇو ٿا
جَڳتُ سيِسُ هُئَن ئيِ ٿوِ جِن وَٽ جهُڪائي

فقَط ناءٌ ئي ڪونَ مِلَندو آ پَدَ سان
گِلائوُن بِہ اينديوُن آهِن گهَرُ پُڇائي

ڪَري خود ئي ٿو سَڀُ ڪُڌا ڪَمَ دُنيا جا
ٻِيَنِ کي ٿو پَرٻوڌَ ڪيڏا سُڻائي

رکي ساڻُ سَڀُ ئيِ وَسيِلا جَھاْن جا،
مگر پو بِہ خود کي ٿو ساڌوُ سَڏائي

’سَچَ‘ سان سُڃاڻَپَ ٿا ڪوُڙا ڪَرائِن،
اِنھَن رهبَرن کان خُدا ئي بَچائي

گهَڻو قيِمَتيِ آهہ بارِش جو پاڻيِ،
ايِندُوَ وقت تي ڪَم رَکِيُوَ جي بَچائي

اَسانجي مَٿَنِ تان کَڄيِ ڇانوَ ويندي،
ڇڏياسيِن اِئين ئي جي دَرخَتَ ڪَٽائي

هُـجـي ڪـاش دَسـتـوُر سَـڀَ لءِ ضَـروري
`ڪَٽي ڪو جي هِڪُ وَڻُ، تَہ ڏَهَہ ٻيا لَـڳـائـي‘

دُعاگُن تَہ اڳ ئي چِتايو هُئو، پر
اَسان گَر سِکياسيِن تہ سَڀُ ڪُجهُہ وِڃائي

نَہ ’سَچَ‘، ’ڪوُڙَ‘ جيِ ڳالھہ، ٿيِنديِ آ ڪائي،
’بندا‘ وَقتُ ساري حقيِقَتَ لَکائي

ڏِسو زِندَگي آزمائي ٿي ڪيڏو !

ڏِسو زِندَگي آزمائي ٿي ڪيڏو !
ڏَئيِ مؤتُ جو ڊَپُ ڏَڪائي ٿي ڪيڏو !

اِھا پيٽَ جي بُک بِہ ڏاڍي ڇِتيِ آ
ماڻھپائي مَنُشَ جي وِڃائي ٿي ڪيڏو !

چڙھيلَ چوٽَ تي اَگهہ، مٿان بَندِ ڌَنڌو
غريِبن سان قُدرتَ بِہ پائي ٿي ڪيڏو !

رُئي لالُ بُک ۾ پِيوڇَٽپَٽائي
مُئي ماءُ ڏِسُ ليِلڙائي ٿي ڪيڏو !

ڇَڏي ڳوٺُ پنھنجو وِيا شَھَر ڏي ھا
غريِبن کي قِسمَتَ گهُمائي ٿي ڪيڏو !

ٿِيا دَربَدر سڀُ جِياپي جي خاطر
’بندا‘ پيٽ جي بک رُلائي ٿي ڪيڏو !

وَڃيِ دوُر، مونکي اُچائي ٿيِ ڪيڏو

وَڃيِ دوُر، مونکي اُچائي ٿيِ ڪيڏو
وري پاڻِ ئي ڏِس مَڃائي ٿيِ ڪيڏو

مِلي روبرو جي، وَڃي مُنھن ڦِرائي
اَچيِ خوابَ ۾ پَر سَتائي ٿيِ ڪيڏو

چَوي،’ٻيا بہ شائق گهڻا مُنھنجا آھن‘
چَئيِ، پاڻ کي ڏِسُ پَڏائي ٿي ڪيڏو !

گهَڙي وَصلَ جي يادِ آيَسِ ڪا شايَد
تصوّر ڪَري مُسڪرائي ٿيِ ڪيڏو

رُسي ٿي وَڃي ڳالھہ ئيِ ڳالھہ ۾، پوءِ
مگر پاڻَ ڀي ڇَٽپَٽائي ٿيِ ڪيڏو

ھَلي شوخ ھَرڻيءَ مِثل ٿيِ سَدائين
ڪري يادِ پر ڪُجهہ، لَڄائي ٿيِ ڪيڏو

وَڃي صُبح گهَر مان، اَچي راتِ جو ٿيِ
ڏِسو پيٽَ جي بُک رُلائي ٿيِ ڪيڏو

وِسامَڻَ تي آھي شَمع ھاڻِ شايَد
’بندا‘ جَرڪَ سان ڦَڙڦَڙائي ٿيِ ڪيڏو

سَندَنِ آلا ڪَپِڙا، اَسانجوُن نِگاهوُن،

سَندَنِ آلا ڪَپِڙا، اَسانجوُن نِگاهوُن،
رِهاڻِيوُن ٻِنھيِ جوُن، ڀَلا ڇو ڦِٽايوُن !

ڪري بَندِ ڳِڙکيِ، لِياڪا بِہ پائِن،
اِنھَنِ ئي اَدائُن سان ماري وِڌائون !

خوشيءَ مؤجَ وارو نَظارو ھو چؤڌَر
اَچانَڪ ڇو بَدليون فِضا ۾ هَوائون !

رُڳو پَدُ ۽ ناڻو ئي ماڻَڻُ ٿا چاھِن ،
ڏِٺيُونسيِن اَسان ڀيِ اُنھن جوُن لُچايون !

ھَٿَن ۾ڏَئيِ ھَٿ ھَليا پئي اَسان سان
اُمالڪ وَڏو ايڏو دوکو ڏِنائون !

ڇَڏي راندِ اَڌَ ۾، ڀَڄي وِيا هوُ ٽَل سان
سَدا يادِ رَهَندِيوُن اُنھن جوُن گِدائوُن !

شِڪايَتَ اَسانجي رُڳو بَس اِھائي
ٻُڌائِن ھا جيڪَرِ، ڪَمي ڪا ڏِٺائوُن !

ڀَلي ڪوشِشوُن ڪَنِ پَري ٿيِ رَهَڻَ جوُن،
ڀـُلائي نَہ سَگهَندا ’بندا‘ ويجهڙايوُن !

لُڙڪَ اَکِ ۾ چَپَ تي چِڻگاريِ ھُجي

لُڙڪَ اَکِ ۾ چَپَ تي چِڻگاريِ ھُجي
پَر اَندر مَنجهِہ دِل تہ ٻاجهاريِ ھُجي

سِڪَ سَندي سوغاتَ ھرڪو ڏي وَٺي
ڪَنھِن ۾ڪَنھِن لءِ ڪا نہ بيزاريِ ھُجي

پنھنجا غم دِل ۾ دَٻائي خوش رَھون
اَھڙي سَڀَ وٽ شَلَ اَداڪاريِ ھُجي

لَڄَ سندو ڳَھِڻو سَندَسِ سيِنگارُ آ
ڀل تہ عؤرتَ ڇو نَہ بازاريِ ھُجي

ھِن جَھانْ ۾ شَخص ڪوئي ناھہِ جَنھِن
دِل ڪَڏھِن ڪَنھِنجي نَہ آزاريِ ھُجي

ڪي لَڇَڻَ بُنيادي ھَر ڪَنھِن ۾ مِلن
شَخصُ ڀَل ڪو ڇو نَہ اوَتاريِ ھُجي

دانُ ڏي يا ڪنھنکي پَرچاڻيِ، مَگر
ھُن جو مَقصَدُ: ’ڳالھہ اَخباريِ ھُجي‘

ڪي تَہ رَستا بَندِ پَڪَ ٿيندا سَھين
گهَر اَندر ٿيِندي جي اوساري ھُجي

ڦوُٽِ رِشتَن ۾ تَہ پوَندي آ يَقيِنن
جيڪڏھن ڪو دِل تي شَڪُ طاريِ ھُجي

ڪوُڙَ کي سَچَ کان بہ وَڌ اَھميت ڏِئي
ڪنھنکي شَل اَھڙي نَہ لاچاري ھُجي

جيڪو جَھِڙو آھِہ، تنھنکي سو چَئون
ڪو نَہ چَپَ تي راڳُ دَرٻاريِ ھُجي

ڪو بِہ حيلو ڪم نَہ ايِندو آ تڏھن
وَقتُ ئي ’بندا‘ اگر ڀاريِ ھُجي

اوساري= ڀِت جي اَڏاوَتَ

ھَلن صِرف پَنھِنجيِ، نہ ٻئي جيِ ٻُڌَن ٿا

ھَلن صِرف پَنھِنجيِ، نہ ٻئي جيِ ٻُڌَن ٿا
چَوي سَچُ ٿو جيڪو نہ تِن سان ٺَھَن ٿا

رَکن ڪيِنَ ناتو نَہ ياري نِڀائِن
اَسانجي خَبر پو بِہ ھرڪا رَکن ٿا

ڏِسي سامھوُن، ڪَن ٿا اَسانجي ھوُ نيڪيِ
اِرادا اَندر ۾ تہ ٻيا ڪُجهُہ ھُجن ٿا

ٽُٽَل ناتا جوڙَڻَ جي ڪوشِش ڪَري، ھوُ
ڏُڌو کيِرُ واپَس ٿَڻَن ڄَڻُ وِجهَن ٿا

سَڀئي عيِبَ پالِن، ھَلن چالبازيوُن
سُٺايون رُڳو، پر، اَسان مان گهُرن ٿا

اَسان فَڪرُ پرپُٺِ بِہ جِن جو ڪَيوُن ٿا
اَسانجو تَڏو پَر اُھي ئي کڻن ٿا

خَبر ڪانہ ٿَن ڇا وَھي واپِري پيو
اَلائي ھوُ ڪَھِڙي دُنيا ۾ رَھن ٿا

رَکن آسَ ’بَندا‘ ’ ٿِئي ڪا نہ خواري‘
ڪُڌا پو بِہ ڪَرتوُتَ ڇا لاءِ ڪن ٿا ؟

ايتِرو بي ڊَپو مان رَھان زِندَگيِ

ايتِرو بي ڊَپو مان رَھان زِندَگيِ
مؤتَ سان پائي ڀاڪُر مِلان زِندَگيِ

سوُرَ ڏُکَ جو سَبَبُ مان ٿِيان ڪنھنجي لءِ
ماجَرا ڪا نَہ اَھڙي ڏِجان زِندَگيِ

ٿيِ فِضا صافُ آ ۽ صِحَت بخش پِڻ
لاڪ ڊائن جو سُکَ پيووَٺان زِندَگي

غورَ سان جي ڏِٺُم آسماْن آشڪار
پيو ھَوا کي بِہ ظاھِر ڏِسان زِندَگيِ

بَندِ مَندَرَ ۽ مَسجِد ٿِيَن ڀَل تہ ڇا
فَردَ ھَر ۾ ٿو ڀڳون پَسان زِندَگيِ

بَندِ ڌَنڌا ٿِيا ، آ نہ ڪو اِڪتسابُ
ديشُ خوشحال پر ٿوگهُران زِندَگيِ

شَل وَبا جو تَہ بَکُ صرف سي ئي ٿِيَن
ٿو دُعا ليِڊَرَن لءِ گهُران زِندَگيِ

پيٽُ پالَڻَ جي ڪَمَ ۾ ئي اُلجهيلُ ’بَندا‘
چنڊ تي روز ڪئن مان وڃان زندگي


اِڪتِسابُ = آمدني، ڪمائي

پَنھِنجيِ اَک سان ڇُھڻ جي عادَتَ آ

پَنھِنجيِ اَک سان ڇُھڻ جي عادَتَ آ
لائي ھَٿُ ئي ڏِسڻ جي عادَتَ آ

ڪو بہ گُڻ، شِڪل، سوُنھَن ڪونہ ڏسان،
جنھن تي تنھن تي مَرڻ جي عادَتَ آ

ٺوٺِ ڌَرتي نَظر ئي ڪينَ اَچي
آليِ ڀونءِ تي وَسَڻ جي عادَتَ آ

ڪا بہ عزّت نہ دِل ۾ ڪِنھِنجي لءِ
پيرَ سَڀَ کي پَوَڻ جي عادَتَ آ

فَرق اِنسانَ ۾ نَہ ڪو بہ رکان
جنھن سان تنھن سان مِلڻ جي عادَتَ آ

ڳالھِہ ڀَل ڪو ٻُڌائي دِل کولي
رازَ ’بَندا‘ ڍَڪَڻ جي عادَتَ آ

جِسمُ سارو سَندس آ سُڪو سوچَ ۾

جِسمُ سارو سَندس آ سُڪو سوچَ ۾
اِئن بَھادُر بِہ ڪو آ ڊَٺو سوچَ ۾

واقِعا سِلسِليوار ٿيندا رَھيا
ھوُ سَدائين مَگر گُم ئي ھو سوچَ ۾

ٿو اَڌو گابرو ڪم رَھي جَنھِن سَبب
ڳالھہ آڻِن اَوَل سا نَہ ڇو سوچَ ۾

ڪونَ آيو نَظر ڪَم ڪَندي ڪوئي، پَر
شَخصُ ھرڪو رُڌَلُ ئيِ ڏِٺو سوچَ ۾

ڪئن حَقيِقيِ زَمينْ تي فَصُلُ ڪو ٿِئي
ھَرُ سَدائين رُڳو کيڙِيو سوچَ ۾

ڏَنگُ ڪو نانگَ جو ڪونَ ھو جِسمَ تي
ڊَپَ وِچان ئي مَري ڪو وِيو سوچَ ۾

ھوُ مَتان ھِئن ڪَري، ھوُ مَتان ھُئن چَوي
ھرڪو آ ھِڪَ ٻِئي کان ڊِنو سوچَ ۾

بِن ڪمائيِ ڪَئي ساڌُ بَڻجيِ پَوان
خيالُ ’بندي‘ کي آھي اِھو سوچَ ۾

ڪا شِڪايَتَ نَہ آ ڏُکُ ڏِنو تو پِريِن

ڪا شِڪايَتَ نَہ آ ڏُکُ ڏِنو تو پِريِن
مون ھَميشھہ مَڃيو جو چَيو تو پِرين

واٽَ بَدليئہ ڏِسي فائِدو تو پِرين
ٿي جُدا پر گهڻو ھو رُنو تو پِرين

يادِ ڪَرِ پيارَ جا واعدا، جي ڪَري
پاڻُ ڪيڏو نَہ ھو موکِيو تو پِرين

خوب سُپنا دِلاسا ڏِنَئہ ھُئن گهڻا
ڪو بہ تِن مان نَہ پورو ڪيو تو پِريِن

ڄَڻ سُڃاڻَپَ ھُئي ڪونہ ڪا ڀي ڪَڏھن
پيارُ مُنھِنجو اِئين تورِيو تو پِرين

وَصلُ ٿيِندو بہ آخر اَسانجو تہ ڪِئن
ڪونہ ڪوئي ڪَيو آ بِلو تو پِرين

ھِئن کُلي عام ڀاڪُر رَقيِبَن وِجهي
ڇا ٿي ظاھِر ڪَرڻُ چاھِيو تو پِرين

آسري ۾ ’بندي‘ کي رَکي، ڪِئن ڀَلا
دِل ٻِيَن ساڻُ لائڻ پُڳو تو پِرين

سڀ جي وچ ۾ تون ئي سُھين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

سڀ جي وچ ۾ تون ئي سُھين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
ٻَٽاڪَ ڪيڏي وَڏي ھَڻين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

ڇڏي ھيرَ کي رِڻَ پَٽَ ۾ تون ڀَڄي وِئين، پَر
رانجهوخود کي پو بہ چَوين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

حيات ساري ماءُ جو کاڌَءِ، اُھا ڀُلايَئہ
اَھڙو دَڳُ پِڻ جَڳ کي ڏَسيِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

تخليق ٻئي جي، نالي پنھنجي سان ٿو ٻُڌائين
وَڏي اَدَب ۾ چوري ڪَريِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

ڪوڙي واہ واہ تي ٿو خوش ٿيِن، وِڦلين سَچَ تي
ڪڏھن بہ سَچَ جو ساٿُ نہ ڏيِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

ٽَڪو ڏئي، اوڳاڙيِن آنو، ٽَل سان ڇَل سان
ڪُپتِ ڪوڙَ جي وِچ ۾ پَليِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

ٿو غَريب غُربي جي نالي تي دانُ وَٺيِن
گهوٻي اُن ۾ گهَڻي ھَڻيِن ٿو، ھَل ڙي ڪوُڙا !

ڪيو ڀلو تو آھِہ لکن جو، اِھو چَوڻ ۾
ڪُل آبادي ڀُلي وَڃيِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

ڪُڌن ڪَمن تي پَردو چاڙھڻ خاطر، ’بندا‘
ڪَھِڙَن ڪَھِڙَن ساڻُ مِلين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !

خود کي پَسَن ٿا پاڻَ اکيُن ۾

خود کي پَسَن ٿا پاڻَ اکيُن ۾
ڪَن پيا روحَ رِھاڻَ اکيُن ۾

ھِڪَ ئي گهوُرَ ۾ گهائي وِجهَنِ ٿا
تِکا رَکَن ٿا ٻاڻَ اکيُن ۾

اَکِ ٻوُٽڻ سان وَجوُدُ ئي گُم
ڦاٿل ٿَنِ ڄڻ پراڻَ اَکيُن ۾

اوسيڙو ٿَنِ ڪنھنجو شايد
ڏِسجي ٿي ڇِڪَتاڻَ اکيُن ۾

بعضي بَرکا وَسي اُمالَڪ
ھُجن نَہ ڀَل مانڊاڻَ اکين ۾

راتِ وِھامَڻَ جا مَنظر پِڻ
ڇَڏي وَڃَنِ اُھڃاڻَ اَکيُن ۾

ڪونزباْن سان پُڇَنِ’بندا‘، پَر
ڪَنِ سَڀ جي ڇَنڊَڇاڻَ اکيُن ۾

ڪنھنجو ٿي ويو ٿاڻُ اَکيُن ۾

ڪنھنجو ٿي ويو ٿاڻُ اَکيُن ۾
اَچي وَسيو اَڻ ڄاڻُ اَکيُن ۾

ٿاھُہ سَگهيو آ ڪو بِہ نَہ پائي
اوُنھو آ مَھراڻُ اَکيُن ۾

ڀولوپَن، معصوم نَظر ۽
تيِرُ، ڇُري، ڪِرپاڻُ اکيُن ۾

ڪين پَوينِ نَظر ٿي ڪَنھن تي
ڪيڏو پالِن ماڻُ اَکيُن ۾

بي فِڪريءَ سان ساڻُ اَٿَنِ پِڻ
بيتابي ڇاڪاڻ اَکيُن ۾

سوچَ حَقيقي ھُجي ڀَلي تَہ بِہ
سُپنا ڀي رَکُ ساڻُ اَکيُن ۾

ٻولِ نَہ ڪنھنکي اَوگُڻَ ڪنھنجا
سَڀُ ڪُجهُہ ڄاڻُ سُڃاڻُ اَکيُن ۾

ڪڏھن تہ ٺوٺُ ويرانو ’بَندا‘
ڪَڏھن پَسي آلاڻَ اَکيُن ۾

وَڃَن ناراض ٿي جي سَچُ چَوان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي ؟

وَڃَن ناراض ٿي جي سَچُ چَوان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي ؟
اَسانجي دوستن جي داستانْ، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

نَہ ڀاسي کين ٿيِ واجِب ڪِٿي ڀي ڳالھِہ ڪا مُنھِنجي
وَڻان پَر ڪين تَہ بِہ، جي چُپِ رَھان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

ٿِئي نُقصان پبلڪ جو، ڏِسن سَڀُ پيا مگر، سوچِن
’ ڀَلا ڇا ٿو وَڃي مُنھِنجي ھَڙان؟‘، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

ڇَڏايو جن وَطنُ پَنھِنجو، چَون ٿا سي، ’ اَچو واپَس‘
اَسان لءِ ڇو نِھارِن ٿا اَڃان ؟، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

اُصولن ۽ عَقيِدن جا اَسان وَٽِ ڳوٺَ آھن خوب
مگر تِن جو ڪِٿي پالن پَسان ؟ چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

نِھارِن چؤطرف پيا واٽَ ڪَنھِن اَوتارَ جي ’بندا‘
ٿِيو پئدا نَہ ٿَن ڪو ڀيِ ڪِٿان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

ڪُجهہ بِنا سوچي سَمجهي چَوَڻَ ٿو لَڳان

ڪُجهہ بِنا سوچي سَمجهي چَوَڻَ ٿو لَڳان
دوستَن کي بِہ ڌَمڪيوُن ڏِيَڻَ ٿو لَڳان

مان تَہ مَجبوُر عادَتَ کان اَھِڙو صَفا
ڪا گهَڙيِ چُپِ رَھي پو وَڄڻ ٿو لَڳان

ڀاءِ پَئِجي خوشامَد وِيَم اَھڙي جو
ڳالھہ سَچّي ٻُڌي ھَٿَ ڇَنڊَڻَ ٿو لڳان

ڌارَ ٿي ڀاءُ کان ناتا ٽوڙي ڇَڏيَم
پر ڏِسي کيس خوش، ڇو جَلَڻَ ٿو لَڳان

شَلَ نَہ موُن وَٽِ اَچي ٻوڏِ يا ڪا وَبا
بَس ڪَٽورو کَڻي جَڳُ پِنَڻَ ٿو لَڳان

ڀَل ھُجي ڪا خوشيِ يا تہ غَمُ ئي صحيح
ڪو سَبَبُ ھَٿِ ڪَري بس پِئڻ ٿو لڳان

ڪَم ڪو ڦاسي اَگر ’بندا‘ ڪَنھِن ۾ڪڏھن
پو اُنھيءَ ئي مُطابِق ھَلَڻَ ٿو لَڳان

ڪَري ڪوششوُن جيِتَ حاصِلُ ڪنداسيِن

ڪَري ڪوششوُن جيِتَ حاصِلُ ڪنداسيِن
ڏَئيِ کينِ تعليمَ ڪامِلُ ڪنداسيِن

مُخالِف جي آھن اَسانجي تہ ڇا ٿيو
اُنھن جي بہ ڳالھيُن تي تامُلُ ڪنداسيِن

ھي تَحرَڪُ رُڳو شَخصَ ھِڪڙي جو ناھي
اِنھي ۾ سَڀئي لوڪَ شامِل ڪنداسيِن

رَھوُن بي خبر مُلڪَ جي دُشمَنن کان
نَہ اَھڙو بِہ خود کي ڪو غافِلُ ڪنداسين

مَڃِن جي نَہ قانونُ ڪو ديشَ جو ٿا
اُنھن کي ڪِٿي ڀي نَہ آھِلُ ڪنداسيِن

ڏِنو مُنھُن اڳي جِئن، اُئين ھاڻِ ڀي پَڪَ
اُميدون اُنھَن جا تہ باطِل ڪنداسيِن

اَباڻن جي دِل ۾ جي سِڪَ آھِہ قائِم
وِڃايَل زَمينْ ’بندا‘ واصِلُ ڪنداسين


ڪامِلُ = بي عيب
تامُلُ = ويچار، غور.
آھِلُ = آباد،
باطِلُ = ڪوُڙو، کوٽو
واصِلُ = حاصل ڪرڻ

سُٺا ڏيِنَھن ايِندا، چَويِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !

سُٺا ڏيِنَھن ايِندا، چَويِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !
لَٻاڙوُن اَجايوُن هڻيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !

وَهي ڇا پيو گهر ۾، خبر ناهِہ توکي
پَرايوُن پَچاروُن ڪَريِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !

سَدائيِن مُخالِفُ هُئين جِنِ ڌُريُنِ جي
نَوان ناتا تِنِ سان ڳَنڍيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !

ٻُڌيِن ڪونَہ ٿو ڌيانَ سان ڪَنھِن ٻئي جيِ
رُسي، ڳالھہ اَڌ ۾ ڪَٽيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !

ڪَريِن جيڏيِ تعريِفَ خود جي ٿو مُنَھن سان
ٻِيَن کي بِہ ايڏو وڻيِن ٿو؟ رَهَڻُ ڏي !

’وڏي ووٽ ۾ آهِہ طاقت‘، صحيح آ !
ڏِنُئِہ پر بِہ ڪَھِڙَن؟ ڏِسيِن ٿو! رَهَڻُ ڏي !

’سَموُرا سَدائين سَندمِ ساڻُ هوُندا‘،
غلط ڌارڻائوُن رَکيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !

جَتائِڻُ ٿو چاهيِن، تہ بي خؤف آهين !
ڏِسي سَچَ کي سامھون ڏَڪين ٿو، رَهڻُ ڏي !

وڻي ’بندا‘ سادو سَٻاجهو ٿو چَھِرو
اَجايو ڇو سَنڀريِن سَجيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !

اَسان سَمجهوُن جيڪي شَرافَتَ جوُن ڳالھيوُن

اَسان سَمجهوُن جيڪي شَرافَتَ جوُن ڳالھيوُن
چَوي دُنيا تِن کي چَريائِپَ جوُن ڳالھيوُن

سَمائِڻُ سِرشتي ۾ ڪوئي نَہ چاھي
لُڀائِن سَڀِن کي بَغاوتَ جوُن ڳالھيوُن

اَسان کين ڪيڏو بِہ پَنھِنجو چئوُن، پَر
ھُنَن وَٽِ رُڳو اوپرائِپَ جوُن ڳالھيون

محبّت بہ پيدا ڇو ٿيِندي اُنھَن لءِ
سَدا جِن چَپَن تي حِقارَت جوُن ڳالھيوُن

وَڏو فاصِلو دِل ۾ سانڍي رَکن ٿا
مَٿئين ليکي ڪَنِ ويجهِڙائِپَ جوُن ڳالھيوُن

ڪيو ڳالھہ وَھِنوار دَستوُرَ جيِ ڪا
گهڻيوُن ئي ٻُڌيوُنسيِن ڪَرامَت جوُن ڳالھيون

پَرائيِ پَچَر مان نہ وَرِڻو آ ڪُجهُہ ڀي
اِھي صِرف ڪُلفَتَ وَڌائِڻَ جوُن ڳالھيوُن

سِفارِشَ ۽ رِشوَتَ جو جِتِ بول بالا
اُتي ’بَندا‘ ڪھڙيوُن لِياقَت جوُن ڳالھيوُن !

اُلجهائي دُنيا ساريِ غَلطيوُن ڍَڪَڻَ لڳو آ

اُلجهائي دُنيا ساريِ غَلطيوُن ڍَڪَڻَ لڳو آ
اَڳتي وَڌَڻ جي خاطِر ڇا ڇا ڪَرَڻ لڳو آ !

جيڪيِ بِہ پئي ڪَيائين چُپ چاپ ۽ لِڪائي
سي ماجرائون اَڄُ ھو ڪُجهہ ڪُجهہ سَلَڻَ لڳو آ

’مان‘ ’مان‘ اَٿاھُہ آھي فِطرَتَ ۾ ھُن جي ڀَريَلَ
ٻِئي جيِ ٻُڌَڻ بِنا ئي ڪَڪِ ٿيِ ھَلَڻَ لڳو آ

باقي نہَ اَڄُ بچيو آ لاڳاپو ڪوبہ گَھِرو
ھرڪو ئي رِشتو ناتو پَلَ ۾ ڇِڄَڻَ لڳو آ

ڪارَن ڪَمَن کي مِلَندڙَ عِزّتَ ۽ مانُ ڏِسندي
ھرڪوئي سِياھَہ رنگَ ۾ خود کي رَڱڻ لَڳو آ

وعدا ڪيا ھئائيِن جيڪي ڀَريِ سَڀا ۾
پوُرا ڪرڻَ جي بَدران ماڳھين اَلَڻَ لڳوآ

مجبوُر آھِہ ڪيڏو اِنسانُ اَڄُ جو ’بَندا‘ !
ماڻَڻَ وَڏي عُمر لءِ پَل پَل مَرَڻَ لڳو آ

خوشيءَ کي بِہ ٽارَڻُ کَپي مُرڪَ سان

خوشيءَ کي بِہ ٽارَڻُ کَپي مُرڪَ سان
اُداسي بِہ ڀوڳَڻُ کَپي مُرڪَ سان

نَہ ماتَم، نَہ وِرلاپُ رودَنُ ڪوئي
دونھون ڪو دُکـائِڻُ کَپي مُرڪَ سان

ڪَري ڪو جي نَفرَتَ، ڀَليِ پيو ڪَري
حِقارَتَ قَبوُلَڻُ کَپي مُرڪَ سان

وَٽان دِل جي ناهي، تَہ پاسو ڪَـجي
نَہ هَـر جاءِ ٺَھِڪَڻُ کَپي مُرڪَ سان

ڏِسوُن سوُنهَن ڪَھِڙي ڪِٿي ڀيِ ڪَڏهِن
اَکيُن ۾ وِهارَڻُ کَپي مُرڪَ سان

هُنَن جي اَدائُن سِکاريو سَبَقُ
اَجايو نَہ بَـھِڪَڻُ کَپي مُرڪ سان

غَمَن کي لِڪائي رَکيِ ڪُنڊَ ۾
خُوشيُن کي وِراهِڻُ کَپي مُرڪَ سان

مِليو قُـربُ جيڪو، وڏو قَرضُ آ
اُهو سَڀُ چُڪائِڻُ کَپي مُرڪَ سان

سَـفَـر زِندگيءَ ۾ٿَـڪَل ڀَل هُـجوُن
مَگر ’بَندا‘ ڊوڙَڻُ کَپي مُرڪَ سان

ھر ڪَنھِن کي ڏِسُ تَہ جَلدي پَھُچڻ ۾ ئي لَڳو آ

ھر ڪَنھِن کي ڏِسُ تَہ جَلدي پَھُچڻ ۾ ئي لَڳو آ
پَھُچي مَگر ڪِٿي ٿو، ڪَنھِن کي نَہ ڪَنھِن ڏِٺو آ

هَر ڪِرتِ ڪارِ تي ٿي ساراهَہ جَنھِن ڪَئيِ، پئي
سوئي خِلافُ مُنھِنجي ايڏو ڇو اَڄُ ٿِيو آ

منزل جي ڄاڻَ ناھي ۽ پَنڌُ ڀي اَڻانگو
نِڪتو ھو پُڃُ ڪمائڻ، ۽ پاپ تي پُڳو آ

توقيِرَ ۽ اَدَب سان، هوُ روزُ آهي پيِئندو
داروُ بِہ ڄڻ تَہ ھُن لءِ سيسا يا ڪو سُکو آ

چَقمَقُ لَڳل آ ھُن جيِ شَخصِيَت ۾ ڪو تَہ اَهڙو
جيڪو بِہ ڀَرسان آيو، چَنبِڙي ئي بَس پِيو آ

جادوُ اَلائي ڪَھِڙو آهي اُتي سَمايَل
وَر وَر ٿو وَڃَڻُ چاھي، ھڪ بارِ جو وِيو آ

ويندا ڇَڏي خَبر آ، وِچَ واھَہ ۾ اَسانکي
پو ڀي پَلاندُ سَندَن ڇا لءِ اَسان جهَليو آ

دوُريِ رَکي هَليو آ، مون سان تَہ ھوُ سَدائين
اَڄو، هُن جي بي رُخيءَ تي من ايڏو ڇو ڀِڳو آ؟

رَفتار آ وڌي وَئي، مَذهَب مَٽڻ جي بيحَد
تعليِمَ جو ھي ’بندا‘ اُبتڙ اَثر ٿِيو آ !

فائِلون ڪي دَٻائِڻُ ضَروريِ ھُئو

فائِلون ڪي دَٻائِڻُ ضَروريِ ھُئو
پاپَ ڪِن جا لِڪائِڻُ ضَروريِ هُئو

ڪو تہ اَوَگُڻ ٻُڌائِڻُ ضَروري هُئو
ڇو تہ ’هُن‘ کي هَٽائِڻُ ضَروريِ ھُئو

بي قَصوُرَن کي اُلجهائي وَنگ ۾ وِجهيِ
پيرَ پَنھِنجا ڇَڏائِڻُ ضَروريِ هُئو

موُنجهِہ دِل جي نہ سَمجهيِ وَڃي ڪو مَتان
بي سبب مُسڪرائِڻُ ضَروريِ هُئو

ھُئن تہ ويڇو پِيَلُ هو گهَڻي وَقتَ کان
پو بِہ ناتو نِڀائِڻُ ضَروريِ ھئو

چُپِ رَهَڻ جا تہ پَنھِنجا ئي مَطلب گهَڻا
تَنھِن ڪَري ڳالِھائِڻُ ضروريِ هُئو

خوش ڪَرڻَ لاءِ هِڪڙي کي، ناحَقُ سَھين
مانُ ٻئي جو گهَٽائِڻُ ضَروريِ هُئو

روُبَروُ ھَـرَ ڪُڌائيِ ’بندي‘ جي هُئي !
پو بِہ ڇا آزمائِڻُ ضروريِ ھئو ؟

عرش ۾ تارا کِڙيا ڏِسُ ڪيتِرا

عرش ۾ تارا کِڙيا ڏِسُ ڪيتِرا
چنڊَ جي مَٽُ پَر ٿِيا ڏِسُ ڪيتِرا

شيرُ ٿوري ديرِ لءِ بَس ھو سُمھيو
پو گِدَڙَ ھِڪدَم اُٿيا ڏِسُ ڪيتِرا

لاڪ ڊائون ۾ بہ ٻاھِر پيا گهُمن
مُلڪَ ۾ ماڻھوُ چَرِيا ڏِسُ ڪيتِرا

گهر وَڃڻ جي آ تَڪَڙ سَڀَ کي لَڳي
ھِڪَ مَٿان آھِن سَٿيا ڏِسُ ڪيتِرا

وقتَ سِر ظاھر نَہ سَچَ کي جو ڪَيُنِ
ھُلَ اَجايا پو اُڏيا ڏِسُ ڪيتِرا

ھرڪا شَئِہ قُدرت جي آ ڪارائِتي،
ڍوئي پَٿَر گهَرِ، چَڙھيا ڏِسُ ڪيتِرا

آ سِياسَتَ اَڄُ وَئيِ ڌَنڌو بَڻي
جَنھِن مان اَڄُ پَلجن پيا ڏِسُ ڪيتِرا

شعرَ منھنجي سان مُتاثر ٿيا جو سَڀُ
ڳالھہ اِن تي پَر سَڙيا ڏِسُ ڪيترا

يوجنائوُن جي غريِبن لءِ ٺَھيون
تِن مان ليِڊَر خود اَڏيا ڏِسُ ڪيتِرا

چوٽَ تي ھر شَخصَ پَھچڻُ ٿو گهُري
پَر رَسيِ ’بَندا‘ سَگهيا ڏِسُ ڪيتِرا

ويچارَن ۾ صادِقُ سادو

ويچارَن ۾ صادِقُ سادو
تنھن کي چَوَنِ ٿا ماڳِھين موڳو

سَچَ جي مَنزل اَڻ ڄاتَل، ۽
پَھُچَڻَ جو آ پَنڌُ اَڻانگو

خطرو آهہ ڪِرڻَ جو ھَردم
چَڙهِج سَنڀالي ڏاڪو ڏاڪو

صافُ سَڻائيِ دِل جي آھي
ڪونہ رَهي پو ڀؤ ۽ ڀولو

راتِ کُٽَڻَ جو فِڪرتَڏهن ٿئي
اُجل صُبح جو هُجي ڪو سانگو

حَياتِ معنيٰ تڏهن رَکي ٿي
اَگر جِئڻَ جو اَرٿُ بہ آ ڪو

بِنا سَببَ ئي بَحثَ ھَلن جِتِ
سو سَڏِجي ڏاھَن جو ڏيرو

سالن جي دَزَ، ڌوُڙِ جهاڙَڻَ لءِ
گهُرجي تيز هَوا جو جهونڪو

سَمجهَن ھا جي وَقعَت’بندا‘
ڇو ڪن ھا ھئن مونکان پاسو!

چؤطرف خؤفائِتو اَڄُ واءُ آ

چؤطرف خؤفائِتو اَڄُ واءُ آ
بي خَبر پَر ڇو ٿِيو داناءُ آ

’ھاڻِ ڇا آ وارُ مُنھنجو؟‘سَڀُ ڊِڄَن
ڪالَ جو ڪَنَ تي سُتَتُ پَرلاءُ آ

ڪَنِ حِفاظت جي اَسانجيِ راتِ ڏيِنھَن
ڇا اُنھن سان ڪو سُٺو وَرتاءُ آ ؟

مُلڪ اڳ ۾ ئي وَبا جي ڄارَ ۾
تنھن مَٿان اَفواھَ جو ڦَھِلاءُ آ

جِن جي لءِ قانوُنَ ڀي بَدليا وِيا
تِن نَہ ڪو قانوُنَ جو ڊَپُ ڊاءُ آ

ڀَل چَون آھيون اَسان ڀي مُلڪَ جا
کين پَر ڇا مُلڪ جو ڪو سَماءُ آ

سَڀُ ٿا سَمجهَن ڪِٿِ وَفا آھي سَندن
ھرڪو کائيِندو اَٽي جو پاءُ آ

ڇو وِڪامَڻَ لاءِ شيءِ ڪا لازمي
ٿي پِيو ڪنھن نار جو ڏيکاءُ آ

ٿا نُمائش جنھنجي ڪَن بازار لءِ
سا بِہ ڪَنھِنجي ڀيڻَ ، ڌيءُ، يا ماءُ آ

صرف ضرورَت مَنُ اورَڻَ جي

صرف ضرورَت مَنُ اورَڻَ جي
ڳالھِہ تَري ڪَڍُ ڪا بِہ ڊِڄَڻَ جيِ

ڪڏھن وَڃَڻَ جو ذِڪِرُ نَہ ڪر ڪو
سوچَ سَدا رَکُ ساٿ رَھَڻ جي

مٺڙي ڇَم ڇَم ڪَنَ ۾ گُنجائي
ڇِرڪَ ڀَرائي ڇيرِ سَڄَڻَ جي

شؤنقَ مَنجهان ڦاٿو اَھڙو جو
فِضول ٿي ڪوشش نِڪرڻَ جي

رُسي وَڃي، پو ڪري نِياپا
آھہ انوکي اَدا سڄڻ جي

تُنھِنجا قَربَ پُڪارِن ٿا، پر
بند ڪئي ٿَنِ راھَہ اَچَڻ جي

اَچي وَسيا ڏِسُ ڪَھِڙا ڪَھِڙا ؟!
ڪونَ رھي ھِئہَ جاءِ رَھَڻ جي

ڳالھِہ مَڃيسيِن، ماڊرَن آن، پَر
ڪوشش ڪَرِ ڪا، ڪُجهُہ تَہ ڍَڪَڻَ جي

ڪھڙي ھُن جي ڳالھہ ڪَريِن ٿو !
عادت ٿَس جِت ڪِٿ تِرڪڻ جي

اخبارُن ۾ نالو فوٽوُ
ڪيڏي جَفاڪَشي اُسِرَڻ جي

پَرڻائيِ ڌيئڙيِ، تَہ وَئي ڄَڻُ
رونَقَ کَسِجي ’بندا‘ اَڱڻ جي

ڇو ڇِرڪان ٿو آئيِني کان

ڇو ڇِرڪان ٿو آئيِني کان
پاڻَ پُڇان ٿو آئيِني کان

ڪِٿي وِڃايُم اصلي چَھرو
خَبر وَٺان ٿو آئيِني کان

جَھِڙي صوُرَتَ ، تَھِڙي ڏِسجي
ٻيِ ڇو گهُران ٿو آئيِني کان

ڪري نَہ پَڌري اَصليَت مُنھِنجي
خوُب ڏَڪان ٿو آئيِني کان

ڪَري چِٽو ڪِردارُ مَتان ڪِٿِ
پَري ڀڄان ٿو آئيِني کان

پاڻَ ڀَڳُم، پو عڪس ڏِسي ڇو
چِڙيِ پَوان ٿو آئيِني کان

اَگر آرسيِ ڏِسي حَسيِنْ ڪا
تِھان چِڙان ٿو آئيِني کان

غَور ڪري ڪو سُھڻو چھرو
تُز ئي مَڱان ٿو آئيني کان

جو ناھيان سو ڏِسجَڻَ جي، ڇو
آس رَکان ٿو آئيني کان

ھِت ضرورَت آ صرف عِلمِيَتَ جي

ھِت ضرورَت آ صرف عِلمِيَتَ جي
گهُرجَ ڪائي نَہ آھِہ پارتَ جي

ڪا بہ پرواہ نہ آھِہ ھاڃيءَ جي
آ اَگر ڳالھہ بَس تَہ غيرَتَ جي

ٿي عَداوَت ئي جهلڪي تو ۾ سَدا
ڇو ڪَرين ٿو نہ باتِ اُلفَتَ جي

پيرويِ دُشمَنن جي ڇو ڪَريِن ٿو
روٽي کائيِن اَگر ٿو ڀارت جي

جِئَن ھَلئين توُن اُئين ئي مان بہ ھَليُس
ڳالھہ ڪَھِڙي آ اِنَ ۾ حيرَت جي

ٿو وَڏائيءَ ۾ ڪَنھِنکي ڪُجهُہ بہ چَويِن،
ڪَر تَہ ڪا ڳالھہ ڪُجهہ فَضيِلتَ جي

مُنھجو دَرُ تُنھنجي لءِ کُليَلُ آ ’بندا‘
ڪا ضروُرت نَہ آ اِجازَتَ جي

ڏَئيِ ڪا خوشي پو کَسيِندو نَہ ڪَر

ڏَئيِ ڪا خوشي پو کَسيِندو نَہ ڪَر
مُـحبّت جو مُنھَنـڙو مَٽيِندو نَہ ڪَر

هڻي دِل تي ڪاتيِ، پُڇيِن حالُ ٿو !
اِئين لوُڻُ ڦَٽَ تي ڇَٽيِندو نَہ ڪَر

ڏِسيِن پيارَ سان ٿو تَہ خوش ٿا ٿِيوُن
رَچي سـانگ اَهِڙا ڦُريِندو نَہ ڪَر

اَگر دِلِ ۾ ويٺين اَچي پـيارَ سان
تہ ٻاهِر وَڃَڻ جي سَٽيِندو نَہ ڪَر

چِٽيِ اِئَن رَقيِبَن سـان ياري رَکيِ
جهُريَل دِل کي ويتَر ڦَٽيِندو نَہ ڪَر

رَکيِن ٿو جي ناتو تہ هِڪَ ساڻُ رکُ
ڇِنيِ هِڪُ، ٻِئي سان ڳَنڍيِندو نَہ ڪَر

ڪَريِن راندِ ٿو جي، تَہ قائِـدا بِہ مَڃُ
هَلي چالبازي، کَٽيِندو نَہ ڪَر

مَـڃن لوڪَ جيڪا، هَلَتِ اَهِڙي ھَلُ
اَلڳ پَنھِنجي کِچڻي رَڌيِندو نَہ ڪَر

چَوي ڪو تَہ ڪَرِ غورُ اُن تي اَوَل
بِنا سوچي سَـمـجهـي مَڃيِندو نَہ ڪَر

مَچي ڪوئي ڀَنڀَٽُ تُنھِنجي ڳالھِہ مان
تَہ پو ڏوھُہ ٻئي تي مَڙھيندو نَہ ڪَرِ

مَتان ڳالھِہ مان ڳالھَڙو ٿي پَوي
’بندا‘رازَ سَـڀَ سان سَـليِندو نَہ ڪَر

هَـرَ ڳالھِہ جو تَہ پَنھِنجو صَحيح وَقتُ ٿيِندو آ

هَـرَ ڳالھِہ جو تَہ پَنھِنجو صَحيح وَقتُ ٿيِندو آ
هَلَندو آ سِڪّو تَنھِنجو، جَنھِنجو بَختُ ٿيِندو آ

مُنصِفَ جو فيصِلو تہ دَليِلُن تي ئيِ ٻَڌَلُ
قانوُن پَنھِنجو پاڻَ نَہ ڪو سَختُ ٿيِندو آ

ٺَڳ چورَ کـي تَہ ڇوُٽ آ، هوُ ڪُجهُہ بِہ پيو ڪَري
ايِمانَ تي رُڳو ئيِ سَدا ضَبطُ ٿيِندو آ

ڪيڏي بِہ ڳالھِہ ڪائي مَزيدار ڀَل هُجي
وَڻَندو آ ذِڪرُ سو ئي جَنھِن ۾ رَبطُ ٿيِندو آ

حيِلا هَلايوُن ڪيڏا بِہ، وَرَندو مَـگَر نَہ ڪُجهُہ
اَڳواٽَ ئي هَـر شخصَ جو طئہ بَختُ ٿيِندو آ

’بَندو‘ نَٿو وَڃيِ سَگهي وَڏِڙَن جي مُلڪَ ۾
اَهڙي طرح بِہ شخص ڪو ڪَمبَختُ ٿيِندو آ ؟

ڀَل ڪَنھِن کي وَڻي يا نَہ وَڻي، صافُ چَوان ٿو

ڀَل ڪَنھِن کي وَڻي يا نَہ وَڻي، صافُ چَوان ٿو
سَڀُ صافُ چَـوَڻَ جي ڪَري ئـي ڪيِنَ وَڻان ٿو

تُنھِنجيِ تَہ لَڳَل تاتِ اَٿَم اَهِڙيِ او مِٺِڙا !
هَرَ شِڪِل ۽ هَر شَخصَ ۾ مان توکي پَسان ٿو

اَڄُ حالَـتُن تہ اَهِـڙو تہ لاچارُ ڪَيو آ
ڪو ڪُجهہ بِہ چَوي ٿو، مان چُپچاپِ ٻُڌان ٿو

حالت ڀليِ تہ ڪـيڏي بِہ مُشڪل گهڻي ھُجي
مان پَنھِنجيِ زَباْن تان تَہ نَہ ڪُجهُہ اَڄ بِہ ڦِـران ٿو

ظـاهِرُ تَـہ کِلان ٿو ۽ مُرڪان ٿو سَڀِن سان
خاموشُ اَندَرَ ۾ ئي سَڀئي سوُرَ سَھان ٿو

دِل ۾ تَہ دَغا ڪا بِہ ڪڏهن موُن نہ رَکي آ
جيڪي بِہ ڪَيوقُـدِرَتَ سو سَـڀَ سـان سَـلان ٿو

ماڻھو ٿا مِلن چؤڌر، اِنسانُ ڪِٿي آ ؟
هَر واٽَ تي هَر گهاٽَ تي ھر ڪنھنکان پُـڇان ٿو

ڪيڏا بِہ هَڻَنِ ڪوُڙا اِلزامَ ’بَندي‘ تي
پَرواہ نَہ ٻئي جي ڪا، هِڪُ ’هُن‘ کان ڊِڄان ٿو

ڪَرمَ سان ئي ليکجي ڪو اَميِرُ ٿو

ڪَرمَ سان ئي ليکجي ڪو اَميِرُ ٿو
شِڪل سان ڀل سو لڳي ڪو فَقيِرُ ٿو

ھِڪ نظر سان سَڀَ کي گهائي ٿو وِجهي
اَکِ اِشاري سان ھَڻي ڄَڻُ تيرُ ٿو

نيڻَ رَھندا ڇو سَدا ٽِمٽار ٿَس
ڳالھہ ٿوريءَ تي وَھائي نيِرُ ٿو

ڪا شَناخَتَ ڪانَ ٿَس ماحولَ جيِ
پَر لَکائي پاڻَ کي گنڀيِرُ ٿو

مانَ عزّت جي نہ پَرواہ ڪا ڪَري
ٿي وَڃي ھر جاءِ ڏِسُ کَنڊُ کيِرُ ٿو

مِٺَ مُحبّت خوُب ورِسائي کڻي
پَر تِکو اُن جو لڳي تاثيرُ ٿو

سَڀُ تہ ڳِرڪائي وَڃي ٿو پاڻَ ۾
ڄڻ لڳي اوُنھو نديءَ جو سيِرُ ٿو

ساڻُ جيڪو ڀي اَچي، نِکري پَوي
ھُن جي اَندَر ڪو لڳي اَڪسيِرُ ٿو

ڪَمَ ڪُڌا دُنيا جا سَڀ ئي جنھن ڪَيا
پاڻَ کي سو اَڄُ سَڏائي پيِرُ ٿو

راھَہ ۾ رنڊَڪَ بڻيو آھي اِئين
پيرَ ۾ ڀاسي چُڀيل ڪو ڪيِرُ ٿو

پوُرُ ھُن جو بخشي راحت ڪا گهَڙي
کِنَ ٻِئي ۾ ئي ڪري دِل چيِرُ ٿو

ڇو تَڪڙ ھَردم ڪَري ٿيِ

ڇو تَڪڙ ھَردم ڪَري ٿيِ
ڪونَ آنندُ ڪو وَٺي ٿيِ

اَک ٻَکيِ ٿَس ڪنھن سان شايد
اِئن جو اَڄڪلھہ چُپِ رَھي ٿيِ

خود تَہ بي کُٽڪي سُمھي، پر
عاشِقَن جي نِنڊَ ڦِٽي ٿي

لُطفُ ماڻي ڪو اَگر پِيو
ٻئي مَٿان ڇو ڇِپَ ڪِري ٿي؟

ڪم اَٿس ڦاٿَلُ ڪو مون ۾
ڪِئن نَہ تنھن لءِ چَٽَ ٻَڌي ٿي !

سوُنھَن جوڀَنُ سَڀُ اُڏي ويو
پو بِہ ايڏو ڪِئن ڪُڏي ٿي !

ڪونہ مِليَسِ موٽَ موُن مان
تنھن تي مونکي ڄَٽُ چَوي ٿي !

ھاءِ ! پنھنجا ڇو ھَلي ويا
ڀِٽَ ڌَڻيءَ جي ڀِٽَ پُڇي ٿي

واڪُ ڏي ٿو جيڪو سَچَ جو
دُنيا تَنھِنجا چَپَ سِبي ٿي

مان ڪَمايان مَسخَريءَ مان
ڀَل تَہ ڪنھنجي پَڳَ لَھي ٿي

ڪونَ بِگڙي ڪُجهُہ ’بندي‘ جو
کيس دُنِيا ڀل پِٽي ٿي

سَچيوُن دِل ۾ ڪيڏيوُن ڪَھاڻيوُن لِڪايوُن

سَچيوُن دِل ۾ ڪيڏيوُن ڪَھاڻيوُن لِڪايوُن
مَگر ٺاهي جڳ کي ٻِئي ئي ٻُڌايوُن

نَہ ڪا سَمجهَہ آهي اَدَب ۽ ڪَلا جي
پَوي ڪو جي مطلب تَہ تَنھِن کي پَڏايوُن

لِکڻُ يا پڙهڻُ ۽ نَہ پَھِراڻُ سِنڌي
مگر پو بِہ خود کي ٿا سِنڌي سَڏايوُن !

اَسانجي ثَقافَتَ پُراڻي ۽ بَھِتر
وڏي شانَ سان سَڀَ کي واقف ڪَرايوُن

سُڃاڻَپَ اَسانجي جي رکڻي آ قائِمُ
تَہ بَھتر آ ٻارن کي سِنڌي پڙهايوُن

بڻايوُن کِلَڻھارُ خود کي ٿا جَڳَ ۾
ڪري پَنھِنجي مُنھَن سان ئي پَنھنجوُن وڏايوُن

مَڃي ڳالھِہ دُنِيا اَسانجيِ بِہ دِل سان
جي ڪِردار پَنھِنجي کي اوُچو بَڻايوُن

ڪيوُن ڪونَ مُحتاجَ ، نِرڌَن لءِ ڪُجهُہ ڀي
مگر شانَ ڪوُڙي ۾ سَڀ ڪُجهُہ لُٽايوُن

صَلاحوُن، سِکيائوُن تہ ھر ڪَنھِن ڏِنيوُن پر
نَہ تعميِل ٿي ڪا، وَيوُن سَڀُ اَجايوُن

’اِنھيءَ مان ڇا وَرندو؟‘، اِھو سوچي سوچي
ڪَمَن ڪيتِرَن کان اَسين ٿا نَٽايوُن

سُڀاڻي سُڀاڻي سُڀاڻي تي ٽاري
مِلَنِ جيڪي موقعا اِئين ٿا وِڃايوُن

سڄي عمر موُن سان نِڀايو تو ’بندا‘
اَڪيِچار موُن ۾ هُيوُن ڀَل مَدايوُن

مُنھنجي حَياتِ يارو کُلِيَلُ ڪِتابُ آ

مُنھنجي حَياتِ يارو کُلِيَلُ ڪِتابُ آ
ڪَنھِن قِسمَ جو نَہ ڪوئي ويڙھيَلُ نَقابُ آ

ٻوڙي ٿو پيءُ جو نالو، پُـٽُ ڪيڏي شانَ سان
ساري جَھانَ جو اَڄُ خانو خَرابُ آ

”ناڻو تَہ تُـنَھنجو آهِہ، مگر خَرچُ ڪيِنَ ڪَـرِ“
ھَر ڪنھن مَٿان ڇو اَھِڙو ڪو اِحتسابُ آ ؟

جيڪَرِ ڪَمائي ٿو ڪو، ڇو نَہ خَرچي شانَ سان
سَرڪار جو ڇا اِن سان ڪو اِنتِسابُ آ !

ساراهہ ٿو ڪري ڪو ۽ ڪو گِلا گهڻي
هرڪنَھِن جو يار پنَھِنجو پنَھِنجو حِـسابُ آ

مَحفِل ۾ ويٺو آهين، ساقيءَ جو مانُ رَکُ
هِڪُ پيگُ ٻيو پِئَڻَ ۾ ڪَھِڙو حِـجابُ آ؟

ڪَنھن ۾ بِہ ڪيِنَ ڪو اَڄُ وِشواسُ آ بَـچيو
رِشتَن مان ’بندا‘ اَهِـڙو پَھُتو عَذابُ آ


اِحتِسابُ = نظرداري، چوڪسي، جاچ،
اِنتِسابُ = لاڳاپو، نسبت، واسطو، تعلق
عَذابُ = پيڙا، درد

ڪو شعر مُنھنجو جيڪو هر ڪَنھنکي ئي وَڻِيو آ

ڪو شعر مُنھنجو جيڪو هر ڪَنھنکي ئي وَڻِيو آ
پر ڇو اَلائي ڪِن کي سو ئيِ گهَڻو چُڀيو آ

داروءَ جي پيگ وانگر ايمانُ اَڄُ ٿِيو آ
ڇَـڏجيِ سَگهي نَہ ڪِن کان، ڪِن موُرُ نا چَکِيو آ

ٿا ڪوُڙَ ڏي ڀَڄَنِ ڏِسُ ڪيڏو نَہ چاهَہ سان سَـڀُ
۽ سَـچُ چَوي ٿو جيڪو، ڪَنھِنکي نَہ سو وَڻِيو آ !

مَذهبَ خِـلافُ آھِن ڪَرتوُتَ سَـڀُ ئي جَنھِـن جا
سو ئي وَڏو مُـحافِـظ اَڄ ڌَرمَ جو بَڻِيو آ !

شِرڌا رَکيِ ٿي پوُڄيو جَـنھِنکي هَـزارين ماڻهُن
پَنھِنجن ڪُـڌَن ڪَمَنِ سان سو ڪِٿِ وَڃيِ رَسيو آ !

مَطلب ڪَڍي پو سڀ سان ياريِ ڇَڏِن ڦِٽائي
ڪِن جو سُڀاءُ اَهڙو ڄڻ خارُ ٿي چُڀـيو آ

سِنڌيءَ سان ’بندا‘ ھر ڪو سِنڌي رُڳو ڳالھائي
اَهڙي صَلاحَ هرڪو ٻئي کي ڏيندو رهيو آ

دائِرو جِئن سوچَ جو وَڌَندو وِيو

دائِرو جِئن سوچَ جو وَڌَندو وِيو
خود بِہ خود مُنھنجو اَهَم سُسَندو وِيو

هرڪو چاهي پَنھِنجي ليکي ٿو رَهَڻُ
گهَر جي اَندر گهَرُ ٻِيو ٺَھَندو وِيو

نوڪريءَ لءِ سڀ وڃڻ ٻاهر لڳا
شاخ جو هر پَنُ اِئين ڇِڄندو وِيو

”توُن مَتان ڪنھن کي ٻُڌائين ڳالھِہ ھيءَ “
هرڪو ٻئي کي بس اِئين چَوَندو وِيو !

آ سِياست ٿي وَئيِ اَهِڙي تَہ اَڄُ
ڪاري سان بس ڪارو ئيِ جُڙندو وِيو

هَٿُ گَرم ڪَنھِنجو ڪري يا ٻيءَ طَرح
هوُ سَڀِن کي آڳَہ ڏئي ڊُڪندو وِيو

آهِہ رِشوَتَ ۾ ڪَرامَتَ، ڇا تَہ يارَ
هر ڏکيو ڪم سؤلو آ بَڻندو وِيو

دَٻدَٻو اَسٿان جو اَهڙو مَتَل
ھرڪو لانگهائوُ اُتان ڏَڪَندو وِيو

سَچُ ٻُڌڻ تي، باهِہ لڳندي ٿَسِ گهَڻيِ
ناتا سَڀَ سان آهِہ اِئن ڇِنَندو وِيو

ٿو خوشامد ۾ ئي بس ماڻي مَزو
ڪوُڙَ سان ئي آ اِئين جُڙَندو وِيو

مالُ جَنھن وٽ آهِہ ، يا هَٿَ ۾ ڏَنڊو
اُن جي سامھوُن هر ڪوئي، جهُڪندو وِيو

ڊَپُ سُڃاڻَپ جو اَٿس شايَد گهڻو
ڪِئن گهِٽيءَ مان ’بندو‘ ڏس لِڪندو وِيو

نِياپو اَندرَ جو ڏئيِ ڪيِنَ سَگهِيوُن

نِياپو اَندرَ جو ڏئيِ ڪيِنَ سَگهِيوُن
وَڌي هِڪَ ٻِئي سان مِليِ ڪيِنَ سَگهِيوُن

چَوَڻُ چاهِيو ٿي ٻِنھي جي دِليُن ڪُجهُہ
مَگر شَرم ماريوُن ڪُڇي ڪيِن سَگهِيوُن

اَسانجي اِشارَن گهَڻوڪُجهُہ چَيو، پَر
نِگاهوُن اَوهانجوُن، ٻُجهيِ ڪيِنَ سَگهِيوُن

ڪَيون ڪوشِشوُن، پِيءُ پُـٽَـنِ پَنھِنجي ليکي
مگر سَـسُ ۽ نُنھَروُن ٺَھَيِ ڪيِنَ سَگهِيوُن

زُبانْ مادِريءَ لءِ، هُجي جِنِ مُحبّـت
سِنڌي مائُرون سي بَڻيِ ڪيِنَ سَگهِيوُن

’هُجي قؤمَ ۾ ايڪو‘، گڏ ٿيا ها تَنھن لءِ
ڌُريوُن پاڻَ ۾ پَر، جُڙيِ ڪيِن سَگهِيوُن

بَدِلجي ويو جِئن ئي مَطلبُ ڌُرِيُنِ جو
تَہ بئنرُ بِہ ساڳيو کڻيِ ڪيِنَ سَگهِيوُن

نِگاهُن اُنھن کي گُمانْ آھِہ ڇا جو ؟
ڏِسي ظُلم ڀي جي کڄيِ ڪين سَگهِيوُن

ڪيوُن حرڪتوُن دوستَن ڪِن تَہ اَهڙيوُن
’بندا‘ دِلِ تان جيڪي، لھيِ ڪين سَگهِيوُن

ڪونهي مُنھَن سان چَوڻُ ضَروُريِ

ڪونهي مُنھَن سان چَوڻُ ضَروُريِ
هِڪَ ٻِئي کي آ وَڻڻُ ضَروُريِ

سازُ نَہ وَڄَندو صِرفُ ڏِسڻَ سان
آهي اُنکي ڇُھَڻُ ضَروُريِ

مَنزِل آخِر مِلي ئيِ ويندي
پيرُ سُتَتُ آ کَڻڻُ ضَروُريِ

مَزو حَياتيءَ جو ماڻَڻَ لءِ
آهِہ فَردَ جو جِئڻُ ضَروُريِ

ڪي پَنھِنجا ئي ڏِيَن نَہ دوکو
سُجاڳُ سڀ جو رَهڻُ ضَروُريِ

وَٺِڻو آ جي وَطَنُ وَرائي
تَنهن لءِ طـاقَـتِ وڙهڻُ ضَروُريِ

سوچُ جُدا جي آھي ڪنھنجو
ناهي تَنھِن سان ڇِنَڻُ ضَروُريِ

پوٿيوُن ڀَل تو پَڙهي ڇڏيوُن سَڀُ
اَڃا ’بندا‘ آ ڪڙهڻ ضَروُريِ

هوءَ نَہ ڪِٿي آ ڳَـڻبيِ هاڻي

هوءَ نَہ ڪِٿي آ ڳَـڻبيِ هاڻي
جوڀَن ويو ٿَس ڇَڻجيِ هاڻي

شَـرمُ حَيا هو ڳَھِڻو جَنھِنجو
سـا بِہ پَئي آ کَرِجي هاڻي

ڪيڏا ڀي ڀل جَـتَن ڪري، تَہ بِہ
شِـڪِل نَہ ٿيِندسِ سَڻِڀيِ هاڻي

آھِہ لُٽايو خود جَنھِن دِل سان
اُها ڀَلا ڇا ڦُربيِ هاڻي !

گُڏن–گُڏيُن سان هُئي کيڏيِندي
وئي هَلي سا پَرْڻجيِ هاڻي

ڳوٺُ ڏِٺو جو نَنڍِڙي هوندي
شَھَرُ ويو آ بڻجيِ هاڻي

کـڙو کَکَـرَ ۾ هَڻيِ تَہ ويٺُسِ
’بَندا‘ اَچي پَـتِ رَهِـجيِ هاڻي!

نَظَرَ تَہ هُن تي رَکِبي هاڻي

نَظَرَ تَہ هُن تي رَکِبي هاڻي
ڏورِ بِہ هُن جي ڇِڪِبيِ هاڻـي

ڪيِنَ بَچي دُنيا کان سَگهَندو
نالو وِيو ٿَـسِ هُلِجيِ هاڻي

چونڊِجي آيو پَنھِنجو ماڻھوُ
ويندو سَـڀُ ڪُجهہ ڌِڪجيِ هاڻي

اَڌُ ڇڏي پوُري لءِ ڊوڙِيو
ماڳھين وِيو آ اَڙجيِ هاڻي

ڪُرسيءَ جـو آ جهَڳڙو وِچ ۾
ڪيِنَ ٻِنھي ۾ بَڻبيِ هاڻي

پيارَ پريمَ سان جي نہ مَڃِيائون
واڳ بِہ هَـٿَ ۾ جهَلِبي هاڻي

عُمر سَڄي ’بندا‘ نَہ چَکيِسيِن
ٿوريِ ٿوريِ وَٺبـيِ هاڻي

جاڳڻ سان ئي سَڀُ سَچَ پسبا

جاڳڻ سان ئي سَڀُ سَچَ پسبا
ننڊ ڏئي ٿي سُهڻا سُپِنا

ڪي ڊيڄارِن، ڪي ھِرکائِن
ھَر سُپني جي پَنھِنجي رچنا !

دِل ۾ ويٺل آھِن گَھِرا
ساڻُ گُذارياسيِن جي لمحا

دل جي ڳالھہ بہ ڪڍجي سوچي
هر ڪَنھِن سان ڇا روئبا ڏُکڙا!

ٻار تہ ڪن ٿا اُئين ئي سڀ ڪُجهہ
ڏِسن ڪندا وڏڙن کي جِئَن ٿا

ٻارُ جُڙي سِنڌيءَ سان، تَنھِن لءِ
لوڪَ ڪَھاڻي روزُ توُن کَڻُ ڪا

اک ٻوُٽي ٿا مڃيِن توکي
ڳالھِہ بِہ سوچي سمجهي چئُہ ڪا

رکي دلين ۾ هيڏي دوُري
ڇا لءِ آهيوُن گڏجي ويٺا ؟

ڳالھِہ سَدائين وَڃيِن گهُمائي
سَچّي آخر مَنَ جيِ ڪَرِ ڪا

سامھون هڪڙو، پرپُٺ ٻيو ڪجهُہ
ڀَريَلُ دِليُن ۾ ڪيڏو ڇَلُ آ !

روزُ حادِثا ڏِسجن ڪيئي
چُڀي وَڃن ٿا پر ڪي واقعا

’بندي‘ جو سَرمايو آِھن
دُنيا جيڪي ڏِنَس تَجُربا

اَڻ ڏِٺل لءِ ڪيِن ڪي واجهائِجي

اَڻ ڏِٺل لءِ ڪيِن ڪي واجهائِجي
جو مِلي اُن مان ئي سَڀ سُک پائجي

ساري ڪا ميلاپ جي سُھڻي گهَڙيِ
دِل سَدا پنھنجي اِئين بَھِلائجي

آ اَگر ھِڪڙو نَہ، ڀَل ڪو ٻيو صحيح
ڪِئن بہ پَنھِنجو ڪَمُ مَگر تہ ڌِڪائجي

ڀل تہ ڪھڙا ڀي نَوان ساٿي مِلن
ياد جهوُنن جي بہ پَر نہ مِٽائجي

ڪو نَسُل پنھنجو مَتان ڀُلجي وَڃي
ايتِرو ڪِنھِنکي نَہ ڪِٿ ساراھِجي

آھِہ بَھتر درگُذر ڪُجهہ ڪُجهہ ڪَرڻ
ٿوري ٿوري تي نَہ ڪَنھِن سان پائِجي

ٺاھَہ جيِ ڪوشِش ڪري ھَلجي ’بندا‘
داوَ تي عِزّت مَگرنہ لڳائجي

اُنهن لءِ ڇانوَ اُس ڪَھِڙي، سُڪڻ جِن جي نَصيِبَن ۾

اُنهن لءِ ڇانوَ اُس ڪَھِڙي، سُڪڻ جِن جي نَصيِبَن ۾
خُدا دُنيا جا سَڀُ دُک ئي ورهايا بس غَريِبَن ۾

لڳا دِل سان رَهَن هَردم، نِڀائِن دوستي دل سان
مگر قِسمَتَ اَٿن اَهڙي سدا ڳَڻِجَن رَقيِبَن ۾

تَپاسِن سَڀُ مَشيِنُن سان نہ ٿَنِ ڪا ڄاڻَ ناڙِيُنِ جي
اڳوُڻو هُنرُ حِڪمَتَ جو رَهِيو ناهي طَبيَبَن ۾

لِکيِ جيِوَن ڪٿا ڪَنھِنجي پَڏائي پَنھِنجي مطلب سان
گهَڻن خود کي ڪَيو شامِل اِئين آهي اَديِبَن ۾

مليو جو قُرب يارَن مان، اَٿم دِل ۾ اُهو سانڍِيَلُ
تَپِش سِڪَ جي سَدا ’بندا‘ مِلي آهي حبيِبَن ۾

ڀَـلـمانسي، شَـرافَـت جو مان مُجيِبُ آهيان

ڀَـلـمانسي، شَـرافَـت جو مان مُجيِبُ آهيان
هر ڪَنھِن کان مان ڊِڄان ٿو ڪھڙو اَديِـبُ آهيان ؟

ايِمانَ تي هلي آ، مون زِندگي گُـذاري
ٿيو عام جي نَظر ۾ ماڻھوُ عَـجيِبُ آهيان

بَـس ڪوُڙُ ئي آ جِن جو ايِمانُ ۽ ڌَرَم ڀي
ٿـيِ دوُر تِن کان اَڄُ مان سَچَ جي قَريِبُ آهيان

نِـتُ دُشـمَـنـيِ نِـڀـائـيِ جِـن دوسـتيءَ جي ڍَڪَ ۾
ياري ٽُٽيِ آ تِن سان، مان خوش نَـصيِـبُ آهيان

تعريف ڇا ڪَئي مون هُن جي حَسينْ شِڪِل جي
پيو ايتري ۾ بڻجي ڪَنھِن جو رَقيِـبُ آهيان

جاگيِر ناهِہ ’بندا‘ ڀَـلِ ڪا زَميِنَ زَرَ جي
اِخـلاقَ ۽ اَفعالَن سان وَڏُ نَـجـيِـبُ آهيان

مجيب= قبول ڪندڙ، مڃيندڙ
نجيب = خانداني، اشراف،

سَڀَ ۾ سـَچَ کي پَسَڻَ لَڳاسيِن

سَڀَ ۾ سـَچَ کي پَسَڻَ لَڳاسيِن
خـواب اَجـايـا ڏِسَڻَ لَڳاسيِن

ڇـا تَہ تَقـاضا آ عُھِدي جـي
گَڙي گَنجي جي مَـڃَڻَ لَڳاسيِن

گـِلا ڪئيسيِن ڄمار ساري
وَقتُ پَوَڻَ تــي پُڇڻَ لَڳاسيِن

پَتو هُئو رُڃَ آهـي اَڳِيان
آس رَکي تَہ بِہ ڊُڪَڻَ لَڳاسيِن

ڪَري وِجهَنِ جي اَصلِيَتَ پَڌري
اَهِڙا ناتا ڇِنَڻَ لَڳاسيِن

اَثَرُ پِيو صُحبَتَ جو اَهـِڙو
جهِنجهِڻا بَڻِجي وڄَڻَ لَڳاسيِن

ڏِسيِ ٻِيَن کـي ويندو ’بَندا‘
پِيرُ اَسان ڀي ڀَـرَڻَ لَڳاسيِن

اَڇا ڪپڙا جَنھِن ڀي پاتا،

اَڇا ڪپڙا جَنھِن ڀي پاتا،
مِـٽيءَ تَنھِن تي رنگ ئي لاتا

لِڪَـل اَندر ۾ ماڻھوُ ڪيڏا،
اَڄُ تائين موُن ڪيِن سُڃاتا

عِزَت، عُمر جا ٻَنڌن ٽوڙي،
ڪَھِـڙا ڪَھِـڙا جُڙجَن ناتا !

معصومن سان قَھَـرُ ڪرڻ لءِ
وَحشي ويٺا آھن آتا

گِــلا ڪَـرَڻَ ۾ اَڳرو ھر ڪو،
ساراهہ لءِ پر سَڀُ ڄڻ ٻاتا

نيڪ آدَم سَنگسار ڪَيائون،
لوٺيَن جا جَس– گيت ويا ڳاتا

لڪ ڇِپَ ۾ پئي پُڃّ ڪَيا جن،
ڪيِنَ وِيا سي جڳ ۾ ڄاتا

رُغبت اوُڻايوُن ڳولھَڻَ ۾
سَـچُ تِن ڪيئن سُجهائي داتا

جهاتيِ پائِن ڪيِنَ اَندر ۾،
واچِن ’بندا‘ جَڳَ جا کاتا

ڪنھنکي چَـئِـن نہ هڪ پَـلُ آھي

ڪنھنکي چَـئِـن نہ هڪ پَـلُ آھي
سَڀَ جو مَنُ تہ ڏُکويلُ آهي

اَندران هرڪو ليِڙوُن ليِڙوُن
عُضوو عُضوو گهايلُ آھي

آھِہ ھِنئين ۾ غم جو ڏيرو
مُنھن تي مُزو سَـجايَـلُ آهي

چَھِرو آھي لَساٽُ لَسڙو
اِخلاقَ ۾ پر گهُنجُ ۽ سَلُ آهي

مارَڻَ ۾ ڇو دير ڪيون پيا
دُشمَنُ صافُ سُڃاتَـلُ آهي

فوجَ، سِياسَتَ ٺَھيِ پَـوَن بس
عوامُ اڳ ئي جُـڙيَـلُ آھي

ايڪي جوُن بس ڳالھيون آهن !
سَـڀُ فِرقَن ۾ وِرهايل آهي

ريِتِ عجيِب اَسانجي ا’بندا‘
ڌيِرجُ صبُـرُ سَمايَلُ آھي

وقت جي مارَ کي سَھوُن ويٺا

وقت جي مارَ کي سَھوُن ويٺا
جئن ھَلائي اُئين ھَلوُن ويٺا

ذِڪرُ ئي جِن ڪَمَن جو ھو مُشڪل
ماٺِ ۾ سي ڏِسوُن ٻُڌوُن ويٺا

ھو کڻي گوڏي تان ھلڻُ بہ گُناہ
ھاڻ ڄَنگهوُن کُليل ڏِسون ويٺا

پنھنجي ٻولي تہ ماءُ مِثل آھي
کيس گهر مان مَگر ڪڍون ويٺا

جيڪا منزل اَسانجو مقصد ھو
واٽَ تنھن تي بہ ڇا وَڃوُن ويٺا !

ڪيِن اَحسانُ ٿا کَڻوُن ڪنھنجو
ڪُجهُہ وَٺَڻَ کان بِہ وَڌِ ڏِيوُن ويٺا

جا رِوايَتَ ھلي پئي راڄَن کان
ڪجهہ نہ تنھن کان نئون ڪَيوُن ويٺا

فائدو ڪُجهُہ ڏِسي ذرا بہ ڪِٿي
ڳالھہ تان تُرت ڪئن ڦِروُن ويٺا !

ڇو نہ بيمار پو بِہ پَونداسيِن
شَئِہ جو ھر ڪا گهڻي ڏَروُن ويٺا

ڪئن وَبا سان مُقابلو بِہ ڪيوُن
کولي ھر جاءِ مُنھن گهُمون ويٺا

جي بِگاڙنِ ٿيون کيس سي ئي سَڀُ
عادتوُن ٻارَ ۾ وِجهوُن ويٺا

جيڪو تخليق ۾ چئون ٿا، ڇا
تنھنتي ڪُجهُہ خود ’بندا‘ھلوُن ويٺا ؟

سُٺو دؤر ايندو اِھو سَڀُ چَوَن ٿا

سُٺو دؤر ايندو اِھو سَڀُ چَوَن ٿا
مِڙيئي تَہ مَنصوبا اِنَ لءِ ٺَھَن ٿا

تَصَوُّرَ ۾ مَنظَرَ سُھانا بَکَن ٿا
اَکيُن ۾ غريبَنِ جي سُپِنا تَرن ٿا

سَڀِن لءِ مَڪاْن، نوڪري، ڌنڌو ھوندو
گُماْن، وَھَمَ، ڪيڏا اَجايا رَکن ٿا

حڪومَت ڪري ڪوششوُن ڪيڏيون ٿي
مگر لوڪَ ڇا ڪُجهُہ اُنھن جي ٻُڌن ٿا ؟

گُذَر ۽ بَسَر لءِ جي نِڪتا ھا گهر مان
کڻي لاشُ پَنھنجو ڪُلھن تي وَرَن ٿا

مزي ۾ ڀلاوڻا ۽ واپاري آھن
اُپائن جي اَنُ، سي تہ بُک ۾ مَرن ٿا

زماني ۾ ھڪ اَڌُ ئي نالو ڪڍائي
ڀَلي روزُ’بَندا‘ لَکين ھِتِ ڄَمَن ٿا

تَھـذيِـب ۽ ثَـقـافَت کان دوُر ٿـي وِيو

تَھـذيِـب ۽ ثَـقـافَت کان دوُر ٿـي وِيو
ناڻو ڪَٺو ڪَرڻ ۾ مَخموُر ٿي وِيو !

پَنھِنجي اَٿَس زَميِنَ، نَہ پَنھِنجي اَٿَس زُبانْ
ھوُ ڇـا تـي ايڏو آھي مَغرور ٿي وِيو!

پَھُچي جِتي بِہ، دَرَ ۽ دَريوُن بَند ٿيِ وَڃَن
اَھِڙو تَہ آ دُنيا ۾ مَشھوُر ٿـيِ وِيـو!

’ساراهہ مان ٿو تُنھِنجي ڪيان، توُن بِہ مُنھِنجي ڪَرِ‘
آھي جَھانَ جو اَڄ دستوُر ٿـي وِيو!

ڪَھِڙي حَوالـي ذِڪرُ ٿِيو، سُـڌِ نَہ سـا اَٿَس
نـالو پَـڙهي اَخبار ۾ مَـسروُرُ ٿي وِيو!

اُڀريو تَہ ھو اَچانڪ چِمڪاٽُ ڪو کڻي
پَھُتو مگر نَہ چوٽَ تي، ڪافوُر ٿي وِيو !

دَڙڪا، دَٻوُن سَڀِن جا چُپچاپ ٿو سَھي
’بندو‘ بہ ڏس تَہ ڪيڏو مَجبوُرُ ٿي وِيو


مخموُر = مدھوش، مست، متوالو
مَسروُرُ= خوش، پرسن، سَرھو

ٻُڌائن ٿا گُلَ، پَنَ ۽ ٽاريون چِٽو

ٻُڌائن ٿا گُلَ، پَنَ ۽ ٽاريون چِٽو
ھو تاثير ٻِجَ جو تِکو يا مِٺو

چَون ٿا تہ پنھنجي ئي گهَر ۾ رَھو
نہ ڪنھن سان مِلو ۽ نہ ڪنھن کي ٻُڌو

پُڇو ڪين ڪنھنجي خَبرچارَ ڪُجهہ
ٻُڌائي جو ٽي. وي. ۽ ريڊيو، مَڃو

حقيقت، سَچائي لِڪل ئي سَدا
نظر واقعا ئي اَچن ٿا رُڳو

لَکائِن ٻِيَن کي ٿا ڪافِرَ، چَوَن
” اَسانجو ئي رَبُ آھي سَڀَ کان وڏو“

تَواريخَ تي جي نَظر ٿا وِجهوُن
شَرافَت جو تِن ۾ نَہ آ ڪو جُزو

اَسانجيِ نِيَتَ مُلڪ ۾ پَڪَ ڪَيون
سَڀن لاءِ مُيَسِرُ اَٽو ۽ اَجهو

وَھيِ ميڙَ ۾ ڳُجهَہ سَڀِن سان سَلي
بَندي کي نہ سمجهو صفا اِئن ڪَچو

نِگاهُن جي اِشارن مان عَجَب اِسرارَ جهَلڪَن ٿا

نِگاهُن جي اِشارن مان عَجَب اِسرارَ جهَلڪَن ٿا
ڪڏهِن نَفرَت لَکائِن ٿيون ڪڏهِن ڏِسُ پيارَ جهَلڪَن ٿا

گهڻو آهِن اَندَرَ ۾ خوش ڪَري ديِدارُ مُنھِنجو هوُ
سَندَن اکڙيُن مان اَهِڙا ڪُجهُہ مِٺا اِظھارَ جهَلڪَن ٿا

تِکيُن نَظرُن جي تيِرَن سان رَکي ٿَن دِل نِشاني تي
زَباْن سان ڪيِنَ ڪُـجهُہ ٻولِن، اَکيُن ۾ کارَ جهَلڪَن ٿا

اَندَرَ ۾ ٿا رَکَن هَردم حِـقارَتَ ۽ بُـڇان موُن لءِ
مَگر ظاھِر تہ ڏِسُ ڪيڏا مِٺا مَنٺارَ جهَلڪَن ٿا

وَڏي عَرصي کان پو موُن ڏي کِلي مُشڪي نِھاريو ٿَن
وَري سَرچـاءَ جا يارَن سـان اَڄُ آثارَ جهَلڪَن ٿا

’بندي‘ جي مؤتَ جو ڄاڻي گهڻو خوش ئي ٿِيَن پيا، پَر
ڏَئي ڪُٽنبيُن کي پَرچاڻي وَڏا غَمخوار جهَلڪَن ٿا!

اھڙو ڪھڙو گروءَ جو سِکُ آھي

اھڙو ڪھڙو گروءَ جو سِکُ آھي
ماڻيو جَنھن رُڳوئي سُکُ آھي

آ ڇڏائڻ گهڻو تہ مُشڪل ئي
اَھڙو سوگهو وِڌو تو ٻَکُ آھي

آ شَناخَتَ نَہ ڪنھنکي ڪنھنجي ڪا
ھڪ ٻِئي جو تہ سَڀڪو بَکُ آھي

ڪوئي ڪنھنجو پُڇي نَہ حالُ ذرا
صِرفُ خود لاءِ ھرڪو وِکُ آھي

مونکي تون ياد ٿو ڪَريِن ھردم
ايترو ئي چَوڻُ بہ لَکُ آھي

ٿو سَڳَن* کي بِہ ڌارَ پَل ۾ ڪَري
ھُن ۾ ايڏو ڀَريل تہ وِکُ آھي

ڪنھن کي سمجهڻ گهڻو ئي مشڪل آ
پَنھنجو پَنھِنجو سَڀِن کي دُکُ آھي

آھيان مان اَڃا ڀُڏو ئي ’بندا‘
ڀَل تَہ کاڌو گهڻو ئي اَکُ آھي


ٻَکُ (ڀاڪُر، وَجهُہ، موقعو)، بَکُ (کاڄُ، کاڌو، ڀوڄن، خيرات، صدقو، قرباني)،
وِکُ ( قدم، چال، رفتار، ٻرانگهہ)، لکُ (جهجهو، گهڻو، اُھڃاڻ،)، ڀُڏو ( ڏندن ڀَڳو، ڪم ۾ جَڏو، خراب) ، لَکُ ( اکڙوٽ، نہ کُٽندڙ، فاني، اَمر)، اَکُ ( اکڙوٽ)
* سڳا مائٽ