سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر علي گل سانگي جي شاعريءَ جو مجموعو ”پيرين پنڌ ڪندياس“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
علي گُل سانگيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ عام ماڻھن جي ڳالھ عام ماڻھن جي زبان ۾ ڪري مقبوليت ماڻي آھي. سندس شاعريءَ ۾ عام ماڻھن جا سادا سودا جذبا، ارمان، خواھشون، امنگون، تمنائون ۽ اميدون عام فھم زبان ۾ سڪ ۽ سلوڻي انداز ۾ بيان ٿيل آھن. رواني، موسيقيت، سادگي ۽ سونھن علي گُل سانگيءَ جي شاعريءَ جون خاص خوبيون آھن. ھن ڪتاب ۾ سندس ڪافيون ۽ بيت شامل آھن.
ھي ڪتاب 1995ع ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ پبليڪيشن، خير محمد آريجا، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي