ڪھاڻيون

ڪينجهر ڪناري

ڪينجهر جي اولھندي ڪناري جهمپير سان تعلق رکندڙ رسول بخش درس جي سڃاڻپ جا ڪيترائي پاسا آھن، ھو قومي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ مھمان نواز ۽ پيار ڏيندڙ انسان ھيو. رسول بخش درس جي ڪھاڻين ۾  ڪردارن، واقعن، لفظن، منظرن ۽ مڪالمن ۾ ڪا ڌاريائپ ناھي، ھو اھي سڀ پنھنجي آسپاس جي ماحول مان کڻي ٿو. اھوئي سبب آھي جو  سندس ڪھاڻين ۾ ڪٿي ڪينجهر جهلڪندي نظر ٿي اچي تہ ڪٿي جهمپير، ڪٿي سنڌ جي روايتي مھمان نوازي. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪجه اوائلي ڪھاڻيون بہ شامل آھن تہ ڪجه نڪور ڪھاڻيون پڻ شامل آھن. 

Title Cover of book ڪينجهر ڪناري

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ سان عشق ڪندڙ قومي ڪارڪن ۽ ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪينجهر ڪناري“ اپلوڊ  ڪري رھيا آھيون.  
ڪينجهر جي اولھندي ڪناري جهمپير سان تعلق رکندڙ رسول بخش درس جي سڃاڻپ جا ڪيترائي پاسا آھن، ھو قومي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ مھمان نواز ۽ پيار ڏيندڙ انسان ھيو. رسول بخش درس جي ڪھاڻين ۾  ڪردارن، واقعن، لفظن، منظرن ۽ مڪالمن ۾ ڪا ڌاريائپ ناھي، ھو اھي سڀ پنھنجي آسپاس جي ماحول مان کڻي ٿو. اھوئي سبب آھي جو  سندس ڪھاڻين ۾ ڪٿي ڪينجهر جهلڪندي نظر ٿي اچي تہ ڪٿي جهمپير، ڪٿي سنڌ جي روايتي مھمان نوازي. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪجه اوائلي ڪھاڻيون بہ شامل آھن تہ ڪجه نڪور ڪھاڻيون پڻ شامل آھن. 
ھي ڪتاب 2016ع ۾ ميگهہ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي سانول درس جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي