سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور عالم دين، مفڪر ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل ڪتاب ”اسان جي آزادي“ اپلوڊ ڪري رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي.
ھن ڪتاب ۾ ننڍي کنڊ جي آزاديءَ بابت پردي پويان لڪل حقيقتن ۽ ورھاڱي جي اصل محرڪن ۽ ھيروز جو تفصيل بيان ڪيل آھي. آزاديءَ جي تحريڪ جي انھن متوالن جي زندگيءَ جو وڏو حصو انگريز سامراج جي زندان ۾ گذريو، تن کي جڏھن آزاديءَ جون چار گهڙيون بہ نصيب ٿيون تہ، انھن گهڙين کي ھنن ڪيئن پنھنجي وطن ۽ ماڻھن لاءِ ڪارآمد بڻايو.
ھي ڪتاب 2003ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي