سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي جي نامياري قلمڪار ۽ سنڌ جي عاشق رسول بخش درس جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ساٿ جي موسم“ اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
ڪينجهر جي اولھندي ڪناري جهمپير سان تعلق رکندڙ رسول بخش درس جي سڃاڻپ جا ڪيترائي پاسا آھن، ھو قومي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ مھمان نواز ۽ پيار ڏيندڙ انسان ھيو. رسول بخش درس جي ڪھاڻين ۾ ڪردارن، واقعن، لفظن، منظرن ۽ مڪالمن ۾ ڪا ڌاريائپ ناھي، ھو اھي سڀ پنھنجي آسپاس جي ماحول مان کڻي ٿو. اھوئي سبب آھي جو سندس ڪھاڻين ۾ ڪٿي ڪينجهر جهلڪندي نظر ٿي اچي تہ ڪٿي جهمپير، ڪٿي سنڌ جي روايتي مھمان نوازي.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ ساگر پبليڪيشن، جهمپير پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي سانول درس جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي