دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ, مصنف : غلام نبي مغل

دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ
مصنف : غلام نبي مغل
ڪيٽيگري : ناول
ڇپيندڙ : نيو فيلڊس پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 1996
شامل ڪيو ويو : 2022-07-17
ڏِٺو ويو : 59 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 169 ڀيرا

هن ناول ۾ سنڌ جي سماج ۾ 1970ع کان پوءِ آيل تبديلين ۽ بحرانن جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان دور جي ئي ڪجه ڪردارن ۽ واقعن جي تسلسل جي آڌار تي هن ناول جو تاڃي پيٽو اُڻيل آهي. هن ناول ۾ هڪ شھري پوڙهي شخص جي حيرت موجود آهي، جنھن جو نوجوان پٽ جديد تعليم جي حاصلات کان پوءِ بہ ملڪ جو قانون ٽوڙي ٿو. سندس پڙهيل ساٿي، ڪجه دوستن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ايجنسين جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ مٿن ملڪ دشمنيءَ جا الزام لڳن ٿا. پوڙهو شخص نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجن دوست اسيمبلي ميمبرن وٽ بہ وڃي ٿو، پر کيس انصاف پلئہ نٿو پوي. سنڌ جي ان پوڙهي شخص جي روپ ۾، ناول نگار سنڌ جي حيران پريشان عام ماڻھوءَ جو نقش چٽيو آهي، جيڪو نوجوانن جي جدوجھد ۾ پُر اميد آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ناول مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ