سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌيءَ ۾ سائنسي ادب لکندڙ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”صحت جي سائنسي ڄاڻ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب صحت ۽ ماحول بابت 42 نڪور چونڊ مضمونن تي مشتمل آھي جيڪي مختلف ويبسائيٽس، انگريزي اخبارن ۽ رسالن تان ورتل آھن. ڪتاب ۾ صحت، صفائي، ميون، ڀاڄين، ماحول، کاڌن، بيمارين، روڳن ۽ انھن جي ڪارڻن ۽ اپائن، ڪيميائي مادن، ھارسينگار جي شين ۽ انھن ۾ موجود نقصانڪار زھريلي مادن بابت عام ماڻھن کي ڄاڻ ڏني وئي آھي. ھنن مان گهڻا مضمون ڪاوش سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل پڻ آھن.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سائنس اڪيڊمي ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي