سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري مفڪر ۽ مدبر مولانا ابوالڪلام آزاد جي لکيل مضمونن جو مجموعو ”انسانيت جو ازلي ورثو“ اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار نور احمد ميمڻ آھي.
مولانا ابوالڪلام آزاد اسلام جي ترقي پسند فڪر جو ننڍي کنڊ ۾ ھڪ وڏو پرچارڪ رھيو آھي. سندس شاھڪار علمي ڪاوش ”ترجمان القرآن“ جي ٽنھي جلدن مان اھم موضوعن جي چونڊ ۽ نچوڙ ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1997ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي