سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عوامي شاعر احمد خان مدھوش جي شاعريءَ جو مجموعو ”نظر ۾ نظربند“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
احمد خان مدھوش سنڌ جي نج پيار رتين روايتن جو امين شاعر آھي. مدھوش جي شاعري پيار جي آفاقيت جو شمعدان آھي . ھن شمعدان جي روشني ڪيترن کي ازلي پيار جي دڳ لائي ٿي ۽ ڪيترن کي پيار جو پروانو بڻائي تڙپائي ٿي، اھو حاصلات جي امنگن تي ٻڌل آھي. بحر وزن جو پختو شاعر ”مدھوش“ محبت کان ويندي سياسي ۽ سماجي رخن تائين لڳ ڀڳ ھر موضوع تي قلم کنيو آھي، پر محبت وري بہ سندس پسنديدہ موضوع رھيو آھي.
ھي ڪتاب 2003ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي