سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي طويل غزل تي مشتمل ڪتاب ”ازل جو آڏاڻو“ اوھان اڳيان حاضر آھي. سعيد سومرو لکي ٿو:
”سعيد ميمڻ جي ھيءُ طويل غزل جيڪو ھڪ بحر وزن ۽ ”و“ قافيي تي آڌاريل آھي، ان جي فڪري طوالت ۾ خدا ۽ ان جي وسيع خدائيءَ جا انيڪ پاسا پاڻمرادو تبديل ٿي، حساس پڙھندڙ روح م گهڻ طرفان رنگ وکيري وڃن ٿا. سعيد پنھنجي ھن ڊگهي غزل جي ھر پنڌ ۾ ھڪ الڳ خيال سموھي جديد غزل ۾ پيش ٿيندڙ نئين فڪري وشالتا کي نمايان ڪندي، غزل ۾ گهڻ موضوعاتي تخليق ارپي، اھو بہ ثابت ڪيو آ تہ غزلگو ڪلاڪار جيڪڏھن ڏاھي ڏات جو ڏاتار آھي، تہ ان لاءِ ڪابہ شيءِ رنڊَ ٿيڻي ناھي.“
ھي ڪتاب 2015ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي