شاعري

دل جون ڳالھيون

احمد خان مدھوش سنڌي شاعريءَ ۾ نرالو مقام رکي ٿو. سندس انداز بيان ٻين شاعرن کان گهڻو مختلف آھي. مدھوش جي ڪلام ۾ ٻولي رسيل ۽ پڪل استعمال ڪيل آھي. ھن مجموعي ۾ مدھوش جي سنڌي ڪلام سان گڏ سرائيڪي ۽ اردو ڪلام پڻ شامل آھي، جنھن ۾ حمد، مناجات، غزل، نظم، گيت، ڪافيون ۽ متفرقہ ڪلام شامل آھي.

Title Cover of book دل جون ڳالھيون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عوامي شاعر احمد خان مدھوش جي شاعريءَ جو مجموعو ”دل جون ڳالھيون“  اوھان اڳيان حاضر آھي.
احمد خان مدھوش سنڌي شاعريءَ ۾ نرالو مقام رکي ٿو. سندس انداز بيان ٻين شاعرن کان گهڻو مختلف آھي. مدھوش جي ڪلام ۾ ٻولي رسيل ۽ پڪل استعمال ڪيل آھي. ھن مجموعي ۾ مدھوش جي سنڌي ڪلام سان گڏ سرائيڪي ۽ اردو ڪلام پڻ شامل آھي، جنھن ۾ حمد، مناجات، غزل، نظم، گيت، ڪافيون ۽ متفرقہ ڪلام شامل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو  1993ع  ۾ ، جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي