سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مغرب جي ڏاھن ۽ سورمن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”سوچ جو سفر“ اوھان اڳيان حاضر آھي. ڪتاب جو سنڌيڪار ۽ سھيڙيندڙ انعام شيخ آھي.
ھن ڪتاب ۾ مغرب جي ڏاھن، سورمن ۽ ڪلاڪارن جي ڏاھپ، سورھيائي ۽ ڪلا جي روشنيءَ ۾ انھن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي. مغرب ۾ فڪر ۽ ڏاھپ جي اوسر ۾ جن وڏين شخصيتن جو حصو آھي، انھن مان اڪثر جو تذڪرو ھن ڪتاب ۾ شامل آھي.
ھي ڪتاب 1996ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي