سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري صحافي ۽ ليکڪ فقير محمد لاشاري پاران عوامي آواز ۽ جاڳو ۾ لکيل ادارين (ايڊيٽوريلز) تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق علي تائين“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي محترمہ بينظير ڀٽو واري دور ۽ ڄام صادق علي جي شروعاتي عھد ۾ سنڌ جي مسئلن جو اڀياس ڪيو ويو آھي. ٻنھي دورن جو اھو عرصو، جنھن ۾ ھي اداريا روزانہ عوامي آواز ۽ روزانہ جاڳو ۾ لکيا ويا، خاص طرح سان سنڌين جي لاءِ نھايت ڪربناڪ عرصو رھيو. ان وقت فقير محمد لاشاري سنڌ جي ماڻھن کي اڳتي وڌڻ لاءِ نينڍيون ڏنيون، جيئڻ جا ڏَس ڏنا ۽ وِک وِک تي پنھنجن لاءِ علم ۽ دانائيءَ جو وکر وھايو.
ھي ڪتاب 1991ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي