سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران برصغير جي نامياري ڪھاڻيڪارہ ۽ ناول نگار امرتا پريتم جي ناول ”ھمسفر“ جو سنڌي ترجمو پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار لڇمڻ ساٿي آھي.
امرتا پريتم ھونئن تہ پنجابي زبان جي ليکڪا آھي پر ھن جون لکڻيون قوم، ذات، ٻوليءَ کان مٿاھيون صرف سماج لاءِ آھن. امرتا پريتم جي لکڻين جا موضوع صرف ھندستان يا پنجابي قوم جا ناھن پر اھي موضوع، خاص ڪري اسان سنڌ جي ماڻھن جا پنھنجا موضوع آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو اسان وٽ امرتا پريتم کي وڌ ۾ وڌ پڙھيو وڃي ٿو.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ رابيل پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان ”سورھ“ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي