سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار تاجل بيوس پاران ھندستان جو لکيل سفرنامو ”ڏور بہ اوڏا سپرين“ حاضر آھي.
هن سفرنامي ۾ موجودہ هندستان جي احوال سان گڏ هند جي سنڌين جي ٻھڳڻي ٻوليءَ، ادبي ادارن ۽ اتان جي سنڌين جي مختلف شعبن ۾ جوڳن ڪارنامن، سنڌين جي ادارن، انڊو- سنڌ مشاعري ۽ شاھ، سچل، سامي سيمينار جا سربستا احوال ڏنل آهن. تاجل جي ٻوليءَ جي چاشني، سفرنامي کي اھڙو تہ مٺو بڻايو آھي جو اھا ٽيسٽ سالن تائين نہ وسري سگهي.
ھي ڪتاب 1992ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان ”سورھ“ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي