شاعري

گيڙو ويس غزل

سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي ھڪ نرالي سڃاڻ آھي. هن غزل جي روايتي شاعرانہ موضوعن، مجازي عشق جي گهڙيل وارداتن، محبوب جي لب و رخسار جي هيبتناڪ منظر نگاريءَ کي سنڌي غزل مان تڙي ڪڍيو ۽ نہ فقط عشقيہ مضمونن بلڪ غزل جي باقي روايتي موضوعن مذهب، تصوف، اخلاقي ۽ ناصحانہ ڳالھين کان پڻ بيزاري ظاهر ڪندي، ان ۾ ٻوليءَ کان وٺي خيالن، ڪردارن، موسمن ۽ قصن تائين مقامي رنگ ڀريو. جنھن کي اڳتي هلي هن پاڻ ئي ”گيڙو ويس غزل“ سڏيو ۽ آخرڪار اهو رنگ ئي هن جي غزل جو غالب رنگ ۽ خاص سڃاڻپ بڻجي سامهون آيو. ھن ڪتاب ۾ سندس سمورن شعري مجموعن مان غزلن کي سھيڙي پيش ڪيو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book گيڙو ويس غزل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي مڪمل غزلن جو مجموعو ”گيڙو ويس غزل“ اوھان اڳيان حاضر آھيو، جنھن جو مرتب اسحاق سميجو آھي.

سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي ھڪ نرالي سڃاڻ آھي. هن غزل جي روايتي شاعرانہ موضوعن، مجازي عشق جي گهڙيل وارداتن، محبوب جي لب و رخسار جي هيبتناڪ منظر نگاريءَ کي سنڌي غزل مان تڙي ڪڍيو ۽ نہ فقط عشقيہ مضمونن بلڪ غزل جي باقي روايتي موضوعن مذهب، تصوف، اخلاقي ۽ ناصحانہ ڳالھين کان پڻ بيزاري ظاهر ڪندي، ان ۾ ٻوليءَ کان وٺي خيالن، ڪردارن، موسمن ۽ قصن تائين مقامي رنگ ڀريو. جنھن کي اڳتي هلي هن پاڻ ئي ”گيڙو ويس غزل“ سڏيو ۽ آخرڪار اهو رنگ ئي هن جي غزل جو غالب رنگ ۽ خاص سڃاڻپ بڻجي سامهون آيو. ھن ڪتاب ۾ سندس سمورن شعري مجموعن مان غزلن کي سھيڙي پيش ڪيو ويو آھي.

ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون روشني پبليڪيشن سٿ جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com


هي سپنا منهنجي جهوليءَ ۾ (شيخ اياز)

مان ڪنهن وقت سوچيندو آهيان ته مان پيدائشي شاعر آهيان، جڏهن منهنجي عمر يارنهن سال هئي ۽ مان کيئل داس فانيءَ وٽ پهرئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس، تڏهن مون پهريون غزل  لکيو هو جو مهيني کان پوءِ ’سدرشن‘ رسالي ۾ ڇپيو هو. اهو رسالو منهنجي دوست هوندراج ’داس‘ ڪڍيو هو جو اُن وقت ٻي درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته ڀارت جي مشهور وڪيل رام ڄيٺملاڻيءَ جو ڪلاس فيلو هو. ’سدرشن‘ جا ٻه چار پرچا ڪڍي داس ڪراچيءَ هليو ويو، جتي ڪجهه سالن کان پوءِ روزاني ’سنسار سماچار‘ جو سب ايڊيٽر ٿيو هو ۽ اُن ۾ ’کڙکٻيتي‘ جي فرضي نالي سان مزاحيه ڪالم لکندو هو.
’سدرشن‘ ۾ شايع ٿيل منهنجي غزل جي تخليق به هڪ عجيب تجربو هئي. انهن ڏينهن ۾ مون شڪارپور جي جماڻي هال لئبرريءَ مان سوامي رام تيرٿ جون اُردوءَ ۾ ڇپيل ڊائريون پڙهڻ لاءِ وتيون هيون، جن ۾ رام تيرٿ جي زندگي ۽ ان جا مشاهدا ڏنل هئا. انهن ڊائرين ۾ نظير اڪبرآباديءَ جا ڪجهه مخمس ’کوڙي نه رکهه کفن کو‘ وغيره به شامل هئا ۽ ٻين جا ڪجهه غزل به اتاريل هئا. مون اهي ڊائريون چوويهه ڪلاڪ سانده پڙهيون هيون ۽ مون کان کاڌو وسري ويو هو. اها ڪيفيت اڃا طاري هئي ته اوچتو مون کي هڪ غزل سجهي آيو هو، جنهن ۾ ٻه ٽي لفظ اُن غزل جا هيا جو مون سوامي تيرٿ جي ڊائرين ۾ پڙهيو هو. اُن وقت مون کي بحر و وزن جو ڪوئي علم نه هو، پر جنهن وقت اهو غزل ڇپيو هو، مون کي فاني صاحب ٻڌايو هو ته اُن ۾ بحر و وزن جي ڪا خاص غلطي ڪانه هئي. جڏهن مان ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس، تڏهن منهنجا ڪجهه نظم ادبي رسالي ’سنڌو‘ ۾ ڇپيا ها ۽ منهنجا ڪلاس فيلو چوندا ها ته اُهي نظم مون کي فاني صاحب لکي ڏيندو آهي. اُن وقت کان شاعريءَ منهنجو پيڇو نه ڇڏيو آهي ۽ مون هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه وساريو آهي ته مان اڳ ۾ شاعر آهيان، ٻيو سڀ ڪجهه پوءِ آهيان.(1)
مان اهو فخر سان چئي ٿو سگهان ته سنڌي غزل ۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو هو ۽ اُن جون جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون هيون. جيتوڻيڪ مون ماترائن جي حساب سان بيت، وايون، گيت، لوڪ گيت، هائڪو لکيا ها، پر مون کي فارسي بحر وزن تي به ڪافي عبور هو، جنهن کي مون غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، ڏيڍ سٽي وغيره ۾ ايئن استعمال ڪيو جو ڪوبه بحر وزن جو استاد اُن مان غلطي پڪڙي نه سگهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون غزلن، نظمن، آزاد نظمن ۾ تشبيهون، استعارا، فني محرڪات، ٻوليءَ جا گوناگون تجربا سڀ سنڌي آندا. اها ڪا تعلي نه آهي ته مون فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو مطالعو ڪري به سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ اردو لفظ گهٽ ۾ گهٽ ڪم آندا آهن ۽ اُن جون جڙون شاهه لطيف سان ملايون آهن، پر مون فارسي بحر وزن جو ننڍي هوندي کان مطالعو ڪيو هو ۽ جي سنڌيءَ جا جغادري شاعر ها، انهن کان به بحر وزن کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ ڄاڻندو هوس. هو بار بار سٽ ۾ اکر حذف ڪندا ها. مان ورلي ڪندو هوس. غالب جهڙي شاعر به چيو هو:
نکلنا خلد سے آدم کا سنتے آئے تھے لیکن،
بہت بے آبرو ہوکر ترے کوچے سے ہم نکلے۔
مٿيون شعر چار ڀيرا مفاعيلن وزن تي آهي، پر پڙهڻ ۾ ’کا‘ جو الف حذف ڪري ’ک‘ ڪري ٿو پڙهڻو پوي، جو نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر ٿو کٽڪي. منهنجي سنڌ جي نئين نسل جي شاعرن لاءِ اها هدايت آهي ته هو فارسي بحر و وزن جو مطالعو ضرور ڪن. ايئن برابر آهي ته فارسي هاڻي اسان جي تعليمي نصاب ۾ زبردستي مسلط نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ٿورا ماڻهو پارسي ڄاڻن ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ اردوءَ جي ذريعي اسان جن شاعرن لاءِ لازمي آهي ته هُو فنِ عروض جو غور سان مطالعو ڪن. مون ته ٻئي درجي ۾ ان موضوع تي پهرين محمود خادم جو ڪتاب ’رهنماءِ شاعري‘ پڙهيو هو ۽ مون کي بحر وزن جي مشق ڪل ٻه چار سال ڪرڻي پئي هئي.
*
سنڌيءَ جا غزل گو شاعر اردوءَ جي صاحب ديوان شاعرن کان متاثر هئا. هو خليفي گل محمد جي سنڌي محاڪات، محاورن ۽ زبان بجاءِ ناسخ، مؤمن ۽ آتش وغيره جي ڪلام مان رديف ۽ قافيه چونڊي چونڊي، پنهنجي غزلن ۾ آڻيندا هئا. خليفي گل محمد کان پوءِ سنڌي غزل، اردو غزل جو چرٻو هوندو هو.(2)
اسان غزل ۽ آزاد نظم جي مزاج ۾ ايتري تبديلي آندي، جو ان ۾ ڪائي اجنبيت نه رهي. اسان بحر وزن، قافيي ۽ رديف ۽ ٻئي پوري فني لوازمات کي سنڌيت جي مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد ترين انسان جي ذهني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين. هن وقت سنڌي شاعري فڪري ۽ فني لحاظ کان، قدامت ۽ جدت جو بهترين ميلاپ آهي.(3)
منهنجي غزل جو فارم فقط اردو ۽ فارسيءَ تان ورتو ويو آهي. باقي ان ۾ محاڪات، استعارا، تشبيهون، قافيا، رديف وغيره ٺيٺ سنڌي آهن ۽ ڪجهه ابتدائي غزل ڇڏي، هر غزل تي منهنجي مُهر لڳل آهي. مون هر صنف ۾ اجنبيت جي عنصر کي رد ڪري، ان کي ٺيٺ سنڌي بڻايو آهي. اها منهنجي خامي آهي يا خوبي آهي، ان جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو.(4)
مولانا غلام محمد گراميءَ جڏهن منهنجي شاعريءَ تي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ مضمون لکيو، تڏهن هن مونکي ٻڌايو هيو ته هن شاعري ڇڏي ڏني هئي، ڇو ته اها هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. هن اهو به ٻڌايو هو ته جڏهن هو جميعت الشعراءَ جو ميمبر هو، تڏهن شاعر مصرع طرح ڏسي سارا اردو جا ديوان کوليندا هئا ۽ ان ساڳئي قافيه ۽ رديف تي لکيل غزل ڏسي، پنهنجو سنڌي غزل لکندا هئا ۽ نه رڳو رسمي خيال ٻين جي اردو غزلن تان وٺندا هئا، پر قافيه به انهن تان کڻندا هئا. روايت هنن جي مَيرن ٻاراڻن هٿن ۾ اُجهاڻل موم بتيءَ وانگر هئي.(5)
اهو وقت گذري ويو، جڏهن سنڌي شاعرن مان ڪفن ۽ ڪافور جي بُوءِ ايندي هئي. جڏهن لکنو ۽ دهليءَ جي ڀُتي روايت کان متاثر سنڌي شاعر، قافيه پيمائي ڪندا هئا، ۽ پنهنجو غزل پينوءَ جي پاند جيئن ڦهلائي داد جي طلب ڪندا هئا. انهن ۾ نه زندگيءَ جو شعور هو، نه ادب جي شناس ۽ نه انهيءَ اردو غزل جو صحيح ذوق، جنهن جون ٻه چار تشبيهون هنن لاءِ انهيءَ انڌي ڏيڏر جي ڪائنات ٿي چڪيون هيون، جو نه فقط زندگيءَ جي موج ۽ تلاطم کان بي خبر هو، پر پنهنجي کوهيءَ جي ڇر تي ڪنهن چنڊ ستاري جو پاڇو به نه ڏٺو هئائين. گذريل ڪافي عرصي جي شاعري اهي ٿاڦوڙا آهن، جنهن جي چِڪ جون ڦينگون اڃا تائين حيدرآباد کان لاڙڪاڻي تائين اڏامنديون نظر اينديون، ۽ جن کي اڃا تائين ڪجهه تڪ بند شاعر ڄور وانگر چنبڙيا پيا آهن. فارسيءَ ۽ اردو شاعريءَ جي روايت ۾ ڪائي مور جي ادا ته ڪانه هئي، جو ان جي تقليد ڪئي وڃي ها. البته ڪجهه ڪانوَ، هُدهُد جا کنڀ اٽڪائي، اڏامندا نظر ايندا هئا. انهن مان ڪجهه اهي به هئا، جن جا سطحي جذبا هنن کي حالي، اڪبر الهه آباديءَ ۽ اقبال جي دروازي تي وٺي ويا، ۽ هو، لڪير جا فقير، ڪجهه ادبي اوبر مان جهول ڀري آيا، انهيِءَ کوکليءَ شاعريءَ جي کُرڙ ڏسي، ڦوليا نه سمايا. انهن کان اهو وسري ويو ته اسان جي زبان ۽ ادب خود مالا مال آهي ۽ ڀٽائي، سچل ۽ ساميءَ جيڪو ذخيرو ڇڏيو آهي، سو ڪڏهن به نه کٽڻو آهي. ۽ فقط اهو ئي اسان لاءِ فخر جو باعث آهي. هڪ طرف فارسيءَ ۽ اردو شاعريءَ جي تتبع ۽ انڌي تقليد سنڌي شاعريءَ ۾ جمود پيدا ڪيو ۽ ٻئي طرف اسان جي ڪافي، بيت ۽ ڏوهيڙي ۾ به نئين جذبي ۽ جدت جي نمايان ڪمي نظر آئي.(6)
دراصل سنڌي غزل جو مزاج بدلجي ويو آهي، ۽ ان ۾ فارسي ۽ اردو غزل جي فارم کان سواءِ ڪائي مشابهت نه رهي آهي. نه تشبيهون ساڳيون، نه استعارا، نه اساطير (ڏندڪٿائون)، نه روايتون، نه بندشون، نه ڪنايا، نه اشارا-مطلب ته ڪجهه به ساڳيو نه آهي، ۽ هجڻ به نه گهرجي....(1)
اڳي سنڌي شاعريءَ ۾ ’نانءُ وڏو، ديهه ويران‘ وارو معاملو هو. دائودپوٽي ۽ ميران محمد شاهه جو ادلو گدلو ۽ ٿُو ٿُو غزل هوندو هو، ته ان کي اسان جي نصاب ۾ اسان تي مڙهي ڇڏيندا هئا. جيڪي نام ڪٺيا شاعر هئا، انهن جي ڪليات ڳولهي ڦولهي ڏسندا هئاسين ته هڪ اڌ سِٽ پڙهڻ جهڙي مشڪل سان ملندي هئي. مثال طور مون مصري شاهه جي ڪليات ساري اٿلائي پٿلائي هئي، پر مصريءَ جي تڙ جهڙي سِٽ رڳو هڪ هئي:
ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾،
جوڳي جيڪس ويا جبروت!
يا مفتون همايونيءَ جي سڄي ديوان ۾ سِٽ رڳو هڪ پڙهڻ جهڙي هئي:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين مان نه رڳو.
جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ مان ڀٽائيءَ جي شاعري ڪڍي وڃي ته اُن جو سارو سرمايو هڪ واهڻي واٽهڙوءَ جي هڙ جيترو مس ٿيندو، جنهن ۾ اڳڙين ٿڳڙين کان سواءِ ڪجهه نه هوندو...(2)
سنڌي غزل جو لهجو بدلجي چڪو آهي، فقط گهاڙيٽو غزل جو آهي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نه آهي. سنڌ پنهنجي شاهراهه ڳولهي چڪي آهي، جنهن ۾ ڪيئي راهون ملي وينديون.
جيتوڻيڪ مون گهڻو ڪري، غزل ۾ تخلص ڪم ڪندو آهي، جيئن اردو ۽ فارسيءَ جي شاعرن ڪم آندو آهي. تخلص جو استعمال شاعر جي نشاندهي ته ڪري ٿو، پر مون کي ان مان آپي پڻي جي بوءِ ايندي آهي ۽ جي نه ڪيو وڃي ته چڱو. ڪجهه شاعر ته مطلع کي ئي پنهنجي تخلص سان شروع ڪندا آهن، جو مناسب نه آهي....(3)
اسان ته غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي غزل کي فقط فارم غزل جو آهي. باقي اُن جون روايتون، بندشون، تشبيهون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آهن. پر اسان کان اڳ ۾ انهيءَ به اردو غزل جي ٽئين  درجي جي شاعرن جي ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آهي. اسان جي غزل گو شاعرن جو مطالعو نهايت محدود هو. هنن اردوءَ جي ٻئي درجي جي شاعرن مصحفي، انشا، مومن، سودا، جرائت، مير درد وغيره مان به ڪنهن کي نه پڙهيو هو ۽ انهن جي پائي جي هڪ سِٽ به نه لکي اٿائون....(4)
مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي، تڏهن پنهنجي دوست مرحوم جمال صديقيءَ سان گڏجي، ڪراچيءَ مان ٺٽي هڪ ڪيس هلائڻ ويو هيس. ابراهيم جويو، جو منهنجو ۽ جمال جو دوست هوندو هو، ٺٽي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اسان ابراهيم جي گهر رهيا هياسون. اُهي ٺٽي جون ٻه راتيون منهنجي زندگيءَ تي اَمٽ ڇاپ ڇڏي ويون. منهنجن شعرن مان اڄ تائين ٺٽي جي رابيل جي خوشبو ايندي آهي ۽ مان جڏهن ڪوئي رابيل جهڙو مُکڙو ڏسندو آهيان ته تڙڦي ويندو آهيان. ٻي ڏينهن تي ابراهيم ٻُڌايو ته ٺٽي ۾ جمعيت الشعرا جو مشاعرو آهي، جتي واصف، خليل، نظامي وغيره جُغادري غزل گو شاعر آيا آهن ۽ مون اُتي انتظام ڪيو آهي ته تون جديد شاعريءَ تي تقرير ڪرين. اُنهن ڏينهن ۾ مون اختر حسين رائيپوريءَ جو ادب ۽ انقلاب، فيض جو نقشِ فريادي، ن – م راشد جو ماورا، جديد اُردو نظم ۽ نثر جا گهڻو ڪري سڀ ڪتاب پڙهيا هُيا ۽ هندستان پاڪستان مان نڪرندڙ سارا رسالا: نقوش، سويرا وغيره نظر مان ڪڍيا ها ۽ ورهاڱي کان پوءِ جو تازو ادب منهنجي اکين اڳيان هو، سو مون جديد ادب تي ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي ۽ اُتي آيل سڀني شاعرن کي ٻُڌايو ته هنن جهڙا غزل ته لکنؤ ۽ دليءَ جو هر شاعر لکي سگهندو آهي ۽ جي غزل اُتي طوائفون ڪوٺن تي ڳائينديون آهن، سي به سندن غزلن کان بهتر هوندا آهن. پوءِ مون کين ٻُڌايو ته جديد شاعري ڪيئن آهي. ٽئگور، اقبال، چڪبست وغيره جي شاعري ۾ نظم جي ڪهڙي نوعيت آهي ۽ حسرت، فاني، جگر ۽ اصغر گونڊوي ۽ فراق کان اڳتي وڌي فيض، جوش، ساحر، جذبيءَ، فڪر تونسويءَ وغيره ڪيئن غزل لکيو آهي. ڪجهه نون لکڻين مان يورپ جي ادب مان حوالا به ڏنا ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جا حوالا به ڏنا. هو منهنجي عمر ۽ جرئت ڏسي ۽ دونهان دار تقرير ٻُڌي وائڙا ٿي ويا ته انهيءَ عمر ۾ مون کي اهڙي گستاخيءَ جي جرئت ڪيئن ٿي هئي، پر پوءِ ابراهيم جويي کي ڏسي چپ ٿي ويا. ڇو ته ڇڙو ابراهيم هيڊ ماستر ۽ خليل ڊاڪٽر هئا، باقي ڪلارڪ ڪَڙا، ماستر مَڙا هيا، جڏهن ته نظامي سنڌ زميندار هوٽل جو مالڪ هو. هو سُس پُس ڪري هڪ ٻئي کان پُڇڻ لڳا: ”هي ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي؟“
ڪيترا سال پوءِ مون کي مولانا گراميءَ ٻڌايو ته هو به ان تقرير وقت موجود هيو ۽ منهنجي تقرير ٻُڌي هن پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته هو اڳتي شاعري ڇڏي ڏيندو. (ان وقت مولانا گراميءَ سان منهنجي واقفيت نه هئي. منهنجي هن سان پهرين واقفيت سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ٿي، جڏهن محمد ابراهيم جويو اُتي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو.) مولانا مون کي ٻُڌايو ته اهي صاحبِ ديوان شاعر جي ٺٽي ۾ منهنجي تقرير وقت موجود هيا، سي اردوءَ جا ڪجهه ديوان کڻي، اُنهن مان قافيا ۽ رديف لکي، پوءِ انهن تي غزل جا شعر لکندا ها. شاعري هنن لاءِ چؤپڙ جي راند وانگر هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته گُل کان سواءِ سانگيءَ، گدا کان ابراهيم خليل ۽ رشيد احمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا غزل گو شاعر چار شعر به چڱا چئي نه سگهيا آهن. انهن ۾ مُراد علي ڪاظم نيارو ۽ غير معمولي شاعر هيو پر هن جي شاعريءَ ۾ به فارسي آميزي گهڻي هئي، جيئن منهنجي شروعاتي غزل گوئيءَ ۾ هئي ۽ منهنجن دوستن لعل محمد لعل ۽ نعيم وجدي ۾ ته مون کان به گهڻي هئي. اهي پويان ٻه به مراد علي ڪاظم وانگر چڱا شاعر ها. ڪاظم مرحوم عبدالله عبد جي نيڪي ڪندو هو، پر هُن جو ڪلام منهنجيءَ نظر مان نه گذريو آهي.
هڪ ڀيري مُراد علي ڪاظم همايون تعلقي شڪارپور ۾ فشريز کاتي ۾ ڪوئي عملدار ٿي آيو هو ته مان ۽ لعل محمد لعل هن سان ملڻ ويا هياسين. اُتي هن پنهنجا شعر ٻڌايا ها جن مان هڪ ته غزل مان هو، جو مون کي اڃا تائين ياد آهي:
غواصيء عميق خرد ڪجهه نه ٿي سگهي،
هي ڪوڏ مون ڪَٺا ڪيا ساحل جي آسپاس. (7)
هفتو ٿيو ته پنڊيءَ مان هتي پهتس، پنڊيءَ مان ڪوئي دوست يا واقف نه مليو، سواءِ چند اردو شاعرن جي، جن مان ڪي ”رائٽرس گلڊ“ جا ميمبر هئا ۽ منهنجي نالي کان اڳ ئي واقف هئا. هي سيروس سئنيما جي لڳ هڪ ڪيفي ۾، ”اُردو شاعريءَ ۾ محبوب جو تصور“ جهڙي پراڻي ۽ بي معنيٰ موضوع تي بحث ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪو چئي رهيو هو ته، ”ولي دکنيءَ جي غزل ۾ محبوب ڪٿي مذڪر آهي، ڪٿي مؤنث،“ ڪنهن چيو ٿي ته، ”مير تقيءَ جي غزل ۾ بارها محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي،“ ۽ ڪنهن چيو ٿي ته، ”پهريون دفعو اختر شيرانيءَ محبوب کي مؤنث ڪري، سلميٰ، عذرا وغيره جي نالن سان مخاطب ڪيو آهي.“ انهن مان جو زياده ذهين ٿي لڳو، تنهن مُرڪي چيو ته، ”پنجاب جي سلميٰ ۽ عذرا، جا ڪنوينٽ ۾ سِکيل، چٻيل چِٿيل لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ پرس مان لِپ اسٽڪ ڪڍي، پنهنجن چپن کي لائيندي، فقط شورليٽ ۽ فورڊ جي نئين ماڊل ۽ ڪم نووڪ (آمريڪن ائڪٽريس جو نالو) جي نئينءَ فلم تي بحث ڪري ٿي، سا ايتري ته غير شاعرانه آهي جو اردو شاعرن کي وري محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪرڻو پوندو.“ اِن تي هو سڀ کلڻ لڳا، پر انهن مان هڪڙي، جنهن جو جدت پسنديءَ جو شوق هن جي اخبار جي ٽُڪرن جي ڇاپي واريءَ قميص مان ظاهر هو، مٿئين ذهين شاعر کان پڇيو ته، ”منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته جنهن عورت ۾ تعليم ۽ آزاديءَ جي باوجود مشرقيت نه آهي، اها اسان لاءِ غير شاعرانه آهي. جنهن عورت کي حُسن سان حيا نه آهي، جنهن کي ’سهڻيءَ‘ جو ڪردار نه آهي، سا ڪنهن به شاعر جي محبوبه نه ٿي سگهندي.“ اِئين چئي، هن مون ڏانهن منهن ڦيرائي، تائيد جي اُميد سان ڏٺو. آءٌ هن وقت تائين خاموشيءَ سان هنن جو بحث ٻُڌي رهيو هوس ۽ دل ۾ آيم ته هن کي ”شوپنهار“ جو مقولو ٻڌايان ته، ”هر انسان هڪ نگاهه جو مستحق ته آهي، پر هر انسان هڪ جواب جو مستحق نه آهي.“ پر، اُردو شاعر ڪٿي ٿو ڪنهن کي خاموش رهڻ ڏئي! مجبوراً مون چيو ته، ”مون کي فقط اوهان جي مثال سان اتفاق نه آهي. سهڻيءَ جو ڪردار ڪنهن آدرشي عورت جو ڪردار ته نه آهي. اوهين ڀُلي ٿا وڃو ته هوءَ مڙس کي ننڊ ۾ ڏسي، راتو واهه درياءُ پار ڪري، يار ڏي ويندي هئي.“ هن ڪجهه مُنهن گهنجائي مون کان پڇيو، ”اوهان جي ادب ۾ ڪوئي اُن کان بهتر ڪردار آهي!“ مون جواب ڏنو، ”ها، آهي. مارئي! جنهن جو ڪردار شاهه لطيف سُر مارئيءَ ۾ چِٽيو آهي. هوءَ ڪوٽ ۾ قابو هئي، جتي هن کي طرحين طرحين لالچون ڏنيون ويون، ته به عمر سان ياري نه رکيائين ۽ مُڙس لاءِ ماندي رهي.“
اخبار جي ٽُڪرن جي ڇاپي واريءَ قميص سان شاعر ٽهڪ ڏيئي،
”حافظ“ جي سِٽ پڙهي:
”به خالِ هندوش بخشم سمرقند و بخارا را.“
مون مُرڪي چيو، ”شاعر صاحب! هاڻي  سمرقند ۽ بخارا اشتراڪي روس ۾ آهن. ڏسجو، انهن جي بخشش ڪوئي بين الاقوامي مسئلو نه پيدا ڪري ڇڏي! روس پنهنجي سرزمين سان ڪنهن جي به دست اندازي نٿو سَهِي سگهي.“ جڏهن هوٽل ڏانهن موٽيس ٿي، ته رستي تي ياد آيم ته پراڻي  سکر جي هڪ شيعي شاعر مون کي چيو هو ته، ”هن سُنين جي اڪثريت واري ملڪ ۾ مارئيءَ جو ڪردار هڪ شيعي جو ڪردار آهي، جنهن کي سدائين عمر لاءِ نفرت آهي!“ هر انسان آرٽ کي پنهنجي پنهنجي نظريي جي رنگين شيشي مان ڏسي، اُن جي تشريح ڪري ٿو.(8)
مون کي سنڌيءَ جي نوجوان اديبن لاءِ اها شڪايت آهي ته هو مطالعو بلڪل نٿا ڪن. اهو دؤر ختم ٿي ويو، جڏهن ”ناسخ“ ۽ ”اِنشا“ جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر انهن جي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ اُردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون، تمثيلون ۽ تشبيهون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي هئي. منهنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي. مون کي اهو ڏسي تعجب ٿو اچي ته انهيءَ دؤر جي ختم ٿيڻ بعد، اسان جا اديب انهن جديد اُردو شاعرن جي محاورن ۽ خيالن جي تقليد ڪري رهيا آهن، جي شاعر اُردو زبان جي تاريخ ۾ ”ناسخ“ ۽ ”اِنشا“ جي پايي تي به نه پهچي سگهندا. مون اُردوءَ ۾ هزارين شعر لکيا آهن. اگرچه ان ۾ منهنجو زياده تر مقصد اهو آهي ته سنڌ جي عظيم ادبي شخصيتن  جا منظوم ترجما ڪري، انهن کي پاڪستان ۽ هندستان جي ادب سان روشناس ڪرايان، ۽ توکي خبر آهي ته انهن ترجمن اردو ادب ۾ ڪيتري مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پر مان يقين سان چوان ٿو ته اردو زبان هڪ تخريبي دؤر جي زبان آهي ۽ اُن ۾ اُها وسعت ۽ صلاحيت نه آهي، جا سنڌي زبان ۾ آهي. اردوءَ جا زياده تر اديب بلڪل سطحي انشاپرداز آهن، جن جو علمي استعداد بلڪل محدود آهي. انهن ۾ نه خيالات جي انفراديت آهي ۽ نه زبان جو حُسن. خصوصاً اردو جا افسانه نويس فقط لفاظيءَ کان سواءِ ڪجهه نه ڄاڻن، ۽ سندن دنيا جي ادب جو مطالعو بيحد محدود ۽ انساني فطرت جي ڄاڻ بنهه گهٽ آهي. اردو ادب جي تقليد سنڌي اديبن جي ذهني ارتقا لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندي.
جيستائين اسان جا اديب خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو مطالعو نه ڪندا، تيستائين هنن کي چڱي ۽ بُري ادب جي صحيح پرک نه پوندي. منهنجو مطلب اهو نه آهي ته اردو ادب جي تقليد ڇڏي، مغربي ادب جي تقليد ڪئي وڃي. مان هر تقليد جي خلاف آهيان. هر چڱي ادب ۾ اديب ۽ اُن جي قوم ۽ زبان جي انفراديت ۽ اصليت آهي. جيستائين ڪنهن سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي تاريخ، روايات ۽ ماحول جو چڱيءَ طرح واقف نه آهي، تيستائين هو سنڌي زبان ۾ چڱو ادب پيدا نٿو ڪري سگهي. (9)
اردو مشاعرو اها جاءِ آهي، جتي تحسين ۽ تضحيڪ ۾ فرق ڳولڻ مشڪل آهي، جتي روح جي لات مان جُڙيل سِٽون ڪوڏين جي ملهه وڪامنديون آهن، جتي ساده مزاج شاعر هر جُڙتو ساراهه تي ٺڳجي ويندا آهن! اهي بهادر شاهه ’ظفر‘ ۽ نواب واجد عليءَ جا زمانا ويا، جڏهن محفلن ۾ سنجيدگي وسندي هئي، شمع ڦرندي رهندي هئي ۽ ان جي جوت سان انساني ذات ملي، ماحول کي ٻهڪائي ڇڏيندي هئي، پر انهيءَ غالب ۽ ذوق جي زماني ۾ به تخليق جي توهين ئي ٿيندي هئي، هينئر بيهودگيءَ سان ٿيندي آهي، تڏهن سنجيدگيءَ سان ٿيندي هئي؛ هينئر عوام ڪري ٿو، تڏهن خواص ڪندا هئا: شاعر ويچارو امر جو بندو، شاهه يا نواب جو تنخواهه دار، فخر سان قصيدي جا بند پڙهندو هو ۽ شهنشاهه ضل الله ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي ٻحر قافيه ۾ پابند ساراهه تي خوش ٿي، ويچاري شاعر کي نوازيندو هو، ۽ شاعر ان ادبي ضمير فروشيءَ تي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هو. ادا، مان جڏهن ”غالب“ جهڙي عظيم شاعر جا قصيدا ڏسندو آهيان، ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.
ڪڏهين ڪڏهين هوا بند ٿيڻ سبب مونجهه پئي ٿي. مون فضا جي هانوَ ٻوساٽ مان نڪرڻ لاءِ نيري آڪاش ڏانهن نهاريو. تارن جي کٽ تي گويا ڪوئي ابدي شاعر ليٽيل هو، جو نُور مان نغما جوڙي رهيو هو. منهنجو جسم اُتي مشاعري ۾ هو، ليڪن منهنجو روح ترنم جي لهرين وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو. مون سوچيو ته مشرق جو عوام فنڪار جي صحيح عزت ڪڏهن ڪندو؟ هاءِ، هي انسان ڪڏهن ڄاڻندا ته سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ آهن؟ اهو وقت ڪڏهن ايندو، جڏهن بيت آيتن کان اڳرا ليکبا؟ پنجن ڇهن سنڌي شاعرن سنڌي ڪلام پڙهيو، جنهن تي غير سنڌي عوام خنده زني ڪئي. انهن مان ڪن جو ڪلام واقعي کل جهڙو هو، پر سامعين ان جي معنويت تي نٿي کليا: هو فقط سنڌي زبان جي لهجي ۽ ڪن لفظن جي اُچار تي ٿي کليا. شايد هو سمجهي رهيا هئا ته سنڌي نااهل آهن. مون کي اها کؤنس اُگري لڳي. آءٌ خوش ٿيان ها، جي هو سنڌي ڪلام جي بي معنائيءَ تي کلن ها، ڇو ته عبدالڪريم ”گدائيءَ“ جي بيتن کان سواءِ، ٻيو جو به سنڌي ڪلام پڙهيو ويو، تنهن مان اُردوءَ جي پاروٿي شاعريءَ جي بانس ٿي آئي: اهي ئي ساڳيون اردو ۽ فارسي غزل جون جهونيون پراڻيون ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا، جي خود اردو ۽ فارسي ادب  ”ٿو کٽا“ ڪري ڦِٽا ڪيا آهن؛ اهي ئي اوڳاڇيل پارسي لفظ، جي موجوده سنڌي غزل جي جان آهن ۽ جن تي هر سنڌي مشاعري ۾ ’واهه واهه‘ ٿيندي آهي! الا، هي شاهه لطيف جي سرزمين! ان جي ادبي تخليق جا سرچشما سُڪن، اهو ناممڪن آهي! معلوم نه آهي ته اسان جا شاعر ڇو پنهنجو ورثو وساري ويٺا آهن! (10)
مون ته ديوانِ گل، ديوانِ قاسم، ارمغان حامد، ديوانِ فاضل، ڪلياتِ گدا، ديوانِ بُلبل، ڪلياتِ سانگي، ديوانِ واصف، ڪلياتِ عزيز وغيره ننڍي هوندي پڙهي، اُنهن جي ٻولي ۽ روايت پرستيءَ کان بغاوت ڪئي هئي. جڏهن اردو ۾ فيض ۽ ن. م. راشد جا ڪتاب ’نقش فريادي‘ ۽ ’ماورا‘
ڇپيا هئا ته اهي پنهنجي تازگي کڻي آيا ها ۽ منهنجي مها ڪوي ٽئگور سان به وابستگي گهٽجي وئي هئي. اهو ڏسي مون کي عجب آيو هو ته هي ڌرتيءَ جو حصو، جتي رنگا رنگ پکي پنهنجون ٻوليون ٻولين ٿا، جن ۾ ڪي پکي ڏيهي آهن ۽ ڪي سائبيريا تائين دور تان اچن ٿا، انهن جو شاعري ۾ ڪو ذڪر نه آهي. اردو غزل ۾ رڳو ڇهن ستن پکين جا نالا ورتا ويا آهن. مثلاً بلبل، قمري، زاغ و زغن، ڪُلاغ، شاهين، ڪرگس، ڪويل، پپيهو ۽ شايد هڪ ٻه نالا ٻيا هجن. انهن مان بُلبل ته ايران ۾ ٿيندي آهي ۽ ڪويل ۽ پپيهي کانسواءِ باقي نالا به ايراني ئي آهن. علامه اقبال بلبل و دراج و سار لفظ ڪتب آندا ۽ تتر کي دراج ڪوٺيو آهي. ڪويل ۽ پپيهو لفظ نه غالب ڪم آندا آهن، نه علامه اقبال. ورهاڱي کان اڳ ملڪ جي جاگرافيءَ ڏانهن ڪنهن شاعر ڪونه ڏٺو آهي ۽ شامِ اوڌ ۽ صبح بنارس روايتي طور ڪم آندا اٿائون. دليءَ جي شهرِ آشوب کان پوءِ مير تقي مير لکيو هو:
دلی کہ ایک شہر تھا عالم میں انتخاب
ہم رہنے والے ہیں اُسی اُجڑے دیار کے۔
هند جي فارسي شاعريءَ، خسروءَ ۽ غالب کانسواءِ پنهنجي ڌر جو ذڪر خير ڪو ڪيو آهي. علي حزين جو هڪ شعر آهي:
از بنارس نہ روم مصبد عام ست این جا
ہر برہمن پسرے لچھمن وَ رام ست این جا۔
(مان بنارس ان ڪري نٿو ڇڏيان جو هتي عام عبادت گاهه آهي ۽ هر برهمڻ، ڄڻ لڇمڻ ۽ رام جو پُٽ آهي.)
گنگا، جمنا، برهم پترا ۽ سنڌوءَ وغيره جي ديس ۾ دجله ۽ فرات جون ڳالهيون ٿينديون هيون. علامه اقبال بانگِ درا ۽ هماليه تي نظم لکي جو پاسو ڦيرايو ته ايران جي ڪوهِ دماوند تي وڃي نڪتو. بنگال ۾ مون، فقط چمپا جا سترهن قسم ڏٺا ها، پر برصغير ۾ نرگس ۽ گُلِ لاله سان تشبيهون ڏنيون وينديون هيون، جي گل فقط ايران ۾ ٿيندا ها. جتي سنڌ ۽ راجسٿان جهڙا صحرا ها، اُتي عرب جي صحراءِ نجد جو ذڪر ڪيو ويندو هو. ديومالائن جي ديس ۾ ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، وامق عذرا، رستم سُهراب وغيره جا اجنبي قصا دُهرايا ويندا ها. رڳو هڪ شعر اردو ۾ پنجاب جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي باري ۾ لکيو ويو هو، ته اُهو بار بار دُهرائيندا هئا. ڄڻ پنجاب تي ڪو احسان ڪيو هئائون:
سُنایا رات کو قصہ جو ہیر رانجھے کا
تو اہلِ درد کو پنجابیوں نے لوٹ لیا۔
اهو سڀ انهيءَ جي باوجود ته پنجاب جي شهرن پنجابي ڇڏي اردو اپنائي هئي. اردو شاعريءَ ۾ محبوب کي اختر شيدائيءَ تائين مذڪر لکيو ويو. اختر شيرانيءَ جون عذرائون ۽ ليلائون به رت پوڻيون هونديون ۽ اُهي هر نسواني جذبات کان عاري لڳنديون.
اُروشي ۽ شُڪنتلا جي ديس ۾ عورت کي محبوبه چوڻ معيوب سمجهيو ويو. امرد پرستي (Homo Sexuality) عام هئي ۽ محبوب جو سراپا ڄڻ پورو مغليه اسلحه خانو هوندو هو. تير نظر، خنجرِ ابرُو وغيره سان محبوب ائين شڪار ڪندا ها، جيئن مغليه شهزادا شڪار ڪندا ها. غالب جو شعر آهي:
تم مجھے بھول گئے ہو تو پتہ بتلادوں
تیری فتراک میں کوئی کبھی نخچیر بھی تھا۔
(تو مون کي وساري ڇڏيو آهي ته توکي پتو ٻُڌايان ٿو. ڇا تنهنجيءَ خرزين ۾ ڪڏهن ڪوئي شڪار به هيو؟)
ساري تهذيب جي عڪاسي ڌاري هئي ۽ ايران، سمرقند، بخارا، افغانستان وغيره تان ورتي وئي هئي. محبوبن جا ڏند مسيءَ سان ڪارا هوندا ها ۽ چپ پان سان ڳاڙها، ڄڻ هنن ڏائڻن وانگر عاشقن جو خُون پيتو هو. انهيءَ شاعريءَ جو تتبع اسان جي غزل گو شاعرن (گل کانسواءِ) ۾ ملي ٿو. سڀيئي ادبي سلهه جا مريض هيا، جن هڪ سؤ سال شاعرن کي انهيءَ وبا ۾ وچڙائي رکيو ۽ اڃا تائين انهن مان ڪي رت اوڳاڇيندا ٿا وتن. انهيءَ وچ ۾ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر، ڀٽائي، سچل ۽ سامي ڄڻ وسري ويا ها. اڳين غزل گو شاعرن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مصرع سنڌي هوندو هو، جيئن ڪنهن کنڊي جي مُنهن ۾ هڪ اڌ ڏند رهجي ويندو آهي، نه ته اڪثر شاعر ڀُڏا ها ۽ هنن اردوءَ جا پان خور ڏند وجهايا ها. اهڙيءَ شاعريءَ خلاف بيوس پهرين بغاوت ڪئي. آخر ان جي ساري عمارت اچي ڦهڪو ڪيو. اردو شاعري به موضوع جي حد تائين بدلجي وئي. ميراجي، فيض، راشد وغيره ان ۾ ڪافي انقلاب آندو، پر ٻوليءَ جي لحاظ کان ان جي فارسي آميزي ۾ فرق نه آيو ۽ ساري جا سارا مصرع فارسي هوندا ها. آرزو لکنوي، عظمت الله، سيد مطلبي فريدآباديءَ، ميراجي، فراق گورکپوريءَ جن ٻوليءَ ۾ ڏيهي لفظ آندا، انهن ۾ ايترو جينيس ڪونه هو، جو زبان جو مزاج بدلائي سگهن. علامه اقبال جي ٻولي به غالب واري آهي، ان ڪري اردو شاعري ۾ اڄ تائين جمود آهي.
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ڀرپور انقلاب آيو آهي ۽ ان ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آهي. اڄ سنڌ، هڪ ماکين جي ماناري وانگر آهي، جتي ڪيئي شاعر گُنگنائي رهيا آهن. مون کي ٻارهن تيرهن ورهين جي عمر ۾ فارسي بحر وزن تي مڪمل دسترس هو. پوءِ مون ان ۾ ڪيئي تجربا ڪيا، جي بنهه سنڌي آهن. مون سنڌ جا ڪلاسيڪي اسلوب بيت ۽ وائي به وري جيئاريا آهن ۽ ٻي هر صنفِ سخن تي  (سواءِ ترائيل جي) لکيو آهي. (11)
مان پوهوءَ وارن رسالن جا پنا اُٿلائڻ لڳس ته ايتري ۾ رباني اچي نڪتو. هن سان گڏ نثار ۽ هن جا ٻه دوست به آيا جن مان هڪ ڊاڪٽر هو ۽ ٻيو اردو ادبيات جو پروفيسر. نثار ڪٿان اسڪاچ جي بوتل هٿ ڪئي هئي، جا هن وچ تي کولي رکي. پروفيسر اردو غزل تي تحقيق ڪئي هئي ۽ ان تان گهور ٿي ويو. هن چيو ته، ”غزل ۾ محبوب جو تصور به ڦري رهيو آهي. اڳي ته غزل ۾ محبوب  کي ’سبزهء خط‘ به هيو ۽ ’ڪالِ مشڪين‘ به هئي، هو ’ترڇي ڪُلاهه‘ به پائيندو هو ته ’شڪار‘ به ڪندو هو، هن وٽ ’دشنھ‘ ۽ ’خنجر‘ به هوندو هو ته ’تيرِ نگاهه ۽ ڪمانِ ابرو‘ به هوندا ها. هو ’سمند ناز‘ تي سواري به ڪندو هو ته هن جي ’فتراڪ ۾ نخچير‘ به هوندو هو. هو قاتل به هو ۽ هن جي دامن تي خون جا داغ به هئا. هن جي ڪوچي ۾ ڪيئي عاشق ڪُسي ويا ها. مطلب ته نواب يا شهزادو جنهن جو هر غزل گو شاعر وظيفي خوار هو، اُن جون سڀ خوبيون/ خاميون غزل جي محبوب ۾ هيون ۽ وظيفي جي ڪمي بيشيءَ تي جنهن حسد جو اظهار شاعر هڪٻئي سان درٻار ۾ ڪندا ها، شاعريءَ ۾ اُن جو اظهار رقيب رُوسياهه جي منهن ۾ ڇائي وجهي ڪندا هئا. غزل ۾ عاشق جو گريبان چاڪ، وار پريشان، چشم نم ۽ دل بيمار هوندي هئي. هو دربان جون جتيون به ڇنڊيندو هو، رقيب جا موچڙا به کائيندو هو ۽ سارو وقت حسد جي آگ ۾ جلندو پڄرندو به هيو. ڪنهن وقت هو مجنونءَ وانگر سُڪي ڪاٺ ٿي ويندو هو ته ڪنهن وقت فرهاد وانگر مٿي ۾ ڪهاڙو هڻي خودڪشي ڪندو هو. جڏهن هو هجر ۾ ڳري ڪک ٿي ويندو هو، تڏهن هن جو محبوب هن جي رقيب جي پهلوءَ مان نڪري، هن جي عيادت لاءِ ايندو هو ۽ هن کي ڏسي، ويچاري عاشق کي آخري هڏڪي ايندي هئي ۽ جڏهن هو مري ويندو هو ته هن جي لاش کي ڪفن به ڪونه ملندو هو. ها، ڪڏهن ڪڏهن هن خسته جان جنازي تي ڪوئي روئيندو هو ۽ ڪڏهن هن جو سنگدل محبوب هن جي مزار تي فاتحه خوانيءَ لاءِ ايندو هو، ۽ محشر جي ڏينهن ويچارو عاشق اهڙي ته آهه و فغان ڪندو هو، جو هر ڪوئي پڇندو هو ته هي داد خواهه ڪير آهي.“
مون پروفيسر صاحب کي چيو ته: ”اسان وٽ به سانگيءَ ۽ گدا کان وٺي جميعت الشعرا جي لڏي تائين ساڳيءَ لڪير جا فقير هيا. هڪ ڀيري حيدرآباد جو هڪ نامي گرامي شاعر منهنجي آفيس تي آيو هو ۽ هن منهنجي فرمائش تي غزل پڙهيا ها ته اُهي مون کي اِنشا ۽ ناسخ جي اُلٽيءَ وانگر لڳا ها.“ ان تي پروفيسر صاحب چيو ته: ”حسرت موهانيءَ جي غزل ۾ محبوب جو تصور بلڪل مختلف آهي.“ مون اُن تي چيو، ”حسرت موهاني به ڪنهن رويا سان عشق ۾ آهي. فيض ۾ عورت جي گرم و گداز جسم سان عشق ملي ٿو، پر جيستائين عشق و محبت جو تعلق آهي، مون کي هندي شاعري اردو شاعريءَ کان هزار ڀيرا وڌيڪ وڻندي آهي. ها، اردو غزل جو فلسفيانه پهلو ٻي ڳالهه آهي. مون کي اصغر گونڊويءَ جي شاعري وڻندي آهي. غالب ۾ به ڪي شعر ته اهڙا آهن جو اُهي پڙهي مون کي خاطري ٿي وئي هئي ته شاعر پيغمبر ٿيندا آهن ۽ انهن جي دور رس نگاهه پنهنجي دؤر کان سؤ سال اڳتي ڏسي سگهندي آهي.“ مثال طور مون هن کي غالب جا ڪجهه شعر ٻڌايا.
مری تعمیر میں مضمر ہے اک صورت خرابی کی
ہیولا برقِ خرمن کا ہے خونِ گرم دہقان کا

دیوار بارِ منتِ مزدور سے ہے خم
اے خانمان خراب نہ احسان اُٹھائیے

کوہ کن گرسنہ مزدور طربِ گاہِ رقیب
بے ستون آئینۂ خوابِ گرانِ شیریں
اهي شعر ٻُڌي پروفيسر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: ”اوهان ته اردو شاعريءَ جو گهرو مطالعو ڪيو آهي. مون ته ٻُڌو هو ته اوهان کي اردو شاعريءَ سان چڙ آهي.“(12)
پنجابيءَ جو عظيم شاعر ماڌولال حسين هڪ مجلس ۾ ويٺو هو. اتي هڪ شخص ديوانِ حافظ کوليو. ماڌولال حسين هُن کان پڇيو: ”هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟“ ۽ پوءِ ديوانِ حافظ جا پنا اُٿلايائين ته، حافظ جي هيٺين شعر تي نظر پيس:
چشمہ چشم مرا اے بُتِ خنداں دریاب
بر اُمیدِ نو بخوش آبِ روانے دارد۔
(اي کلندڙ پيار! منهنجي اکين جي چشمي کي دريافت ڪر، جو تنهنجي آس ۾ وهي رهيو آهي.)
ماڌو لال حسين، ديوانِ حافظ ڦٽي ڪري چيو: ”هن حافظ جي عمر ته پوڙهين رنن وانگي روئيندي گذري آهي.“ ائين ئي اڳئين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجهبي ته اڪثر شاعر روئڻا نظر ايندا ۽ اقبال جي شاعريءَ کان اڳ گهڻو ڪري نه رڳو اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پئي آهي، پر ابراهيم خليل تائين سنڌي شاعري به ائين لڪير جي فقير رهي آهي ۽ ان مان ٽاهه ٽاهه ڳوڙها ڳڙندا نظر اچن ٿا. گُل جا ڪجهه غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجهه سٽون اُن مان ڪڍي ڇڏجن ته، ساري غزليه شاعري ’سرن درياهه‘ ڪرڻ جهڙي آهي.
دراصل غزل ڌاريءَ زمين تي اُسريو هو، جو امير خسروءَ واري زماني ۾ هندستان جي ڌرتيءَ اپنايو هو. خسرو جي غزل ۾ جا پنهنجپائي هئي، سا اسان کي آرزو لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي. انهن جي وچ ۾ پارسي غزل جو چرٻو هو. غالب جهڙي مفڪر شاعر به چيو:
فارسی بین تابہ بینی، نقشہائے رنگ رنگ،
مجمعِ اُردو چہ بینی، ان کہ نے رنگِ من ست۔
(فارسي ڏس ته توکي منهنجا رنگ رنگ نقشَ نظر اچن، منهنجو اردوءَ جو مجموعو ڇو ٿو ڏسين، اُهو ته بي رنگ آهي!)
خسروءَ جون هي سٽون:
سکھی پیا کو جو میں نہ دیکھوں،
تو کیسے کاٹوں اندھیری رَتیاں؟
یا
وہ صورتیں الاہی کس ملک بستیاں ہیں
اب جن کے دیکھنے کو آنکھیں ترستیاں ہیں
خسروءَ جهڙي شاعري، اردوءَ ۾ اڃا تائين ڪوئي نه ڪري سگهيو آهي. اردو ۽ سنڌي غزل، ٻنهي ۾ فارسي غزل جون روايتون، تشبيهون، استعارا وغيره بي دريغ استعمال ڪيا ويا آهن، ايتري قدر جو غزل پڙهي دل گائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي. (13)


حوالا
(1) ساهيوال جيل جي ڊائري، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1986ع، ص. 6-205
(2) ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان (مرتب: مظفر چانڊيو) سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع، ص. 50
(3) خط، انٽرويو، تقريرون (1)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1987ع، ص. 172 ۽ 231
(4) پن ڇڻ پڄاڻان، سمبارا پبليڪيشن، ڪراچي، 1985، ص.
(5) ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، ص. 122
(6) خط، انٽرويو، تقريرون (1)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1987ع، ص. 222
(7) ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع.
(1) ساڳيو، ص. 127
(2) ساڳيو، ص. 132
(3) ساڳيو، ص. 138
(4) ساڳيو، ص. 137
(5) ساڳيو، ص. 31، 30، 29
(8) جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد، 1963ع،
ص. 39-38
(9) جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد، 1963ع،
ص. 61-60
(10) جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد، 1963ع، ص. 152، 151، 150
(11) خط، انٽرويو، تقريرون (1)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع، ص. 138 کان 141 تائين.
(12) ساهيوال جيل جي ڊائري، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1986ع، ص. 102 کان 104 تائين
(13) خط، انٽرويو، تقريرون (1)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع، ص. 32-231

مهاڳ

هيءَ ڪوِتا نه هئي

ڪا نئين مَت هئي

( اياز جو غزل )


سنڌي غزل کي شيخ اياز تائين پهچندي پهچندي پوڻيون ٻه صديون لڳيون آهن. نور محمد خسته (1771ع) کان شيخ اياز (1923ع) تائين، سنڌي غزل جو سفر سنڌ جي رستي تي، هڪ اوپري شخص جو سفر آهي. پنهنجيءَ هلت، لوڏ، انداز، لباس توڙي وک جي کڻت ۾ ئي اوپرو ۽ اجنبي. اڪثر شاعرن ان ئي اوپري چال جي اهل ڪرڻ ۾ عمر گذاري ڇڏي هئي. سندن حياتي اهڙي ڌاريءَ روايت جي ڌنڌ کي هوا ڏيندي هوا ٿي وئي. جنهن سنڌي شعر جو پنهنجو سٻاجهو ۽ روشن چهرو لٽي ڇڏيو هيو. اياز ان ڌنڌ ۾ سج جو اُهاءُ ٿي اُڀريو. هُن جو شعر نئن جي تک ۽ طوفان جي زور جيان آيو ۽ نه فقط  پاڻ کان اڳ وارين سمورين ادبي روايتن کي اُڏائي کڻي ويو، پر همعصر دؤر کي به ايترو متاثر ڪيائين، جيترو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام پنهنجي دؤر کي متاثر ڪيو هجي. اهو ئي سبب آهي جو اياز کان بعد واري اڪثريتي سنڌي شاعري اياز جي ئي سڏ جو پڙاڏو محسوس ٿئي ٿي. هن پنهنجي پهرئين مجموعي ۾ چيو هو:

ڪوئي شاعر اڃا ته جانِ اياز

ناهه تنهنجي غلام کان بهتر.

هُن جي اها دعويٰ تڏهن به سچي هئي، اڄ به سچي آهي ۽ ايندڙ ڪيئي دؤرن تائين ته وقت به سندس ڪيل دعويٰ کي چئلينج ڪري نه سگهندو.

جڏهن اياز سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيو، تڏهن خاص ڪري سنڌي غزل جي پيرن ۾ روايتن جا زنجير پيل هئا ۽ اهي ڪٽ چڙهيل ڳرا زنجير گِهلي گِهلي، سنڌي شعر جا پير زخمي ٿي چڪا هئا. لاڙڪاڻو، هالا، سکر، حيدرآباد، ڪراچي، دادو، ٽنڊو محمد خان، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ انجمن شعراءَ،  بزم ادب، جميعت الشعراء، بزم مشاعره، بزم ناز ۽ بزم خليل جهڙيون تنظيمون مشاعري بازيءَ وسيلي روايت جي ان ڌارئي گلشن کي آباد ڪيو ويٺيون هيون. اهي مشاعره جيڪي روايت جي ان گلشن لاءِ پاڻيءَ جو ڪم ڪري رهيا هئا، سي فارسي زده فرسوده روايتن جي آماجگاهه هيا، جتي تاج الشعرائن ۽ استاد الشعرائن جا شاگرد پنهنجن فارسي ابن ڏاڏن جي روح کي ايصال ثواب پهچائي رهيا هئا. اهي شاعريءَ جون محفلون خود شاعريءَ سان مذاق ٿي لڳيون. جتي بقول اياز جي: اردو ۽ فارسي شاعرن جي ديوانن مان قافيه چونڊي، شعر گوئي جي رسم ادا ٿي ڪئي وئي. انهن مشاعرن ۾ محبوب جي سروقد، مشڪ بُو زلفن، قاتل مزگان و ابرو، چشم ميگون جي مدح سرائي ۾ زمين آسمان هڪ ڪيا پئي ويا. سنڌيءَ جو عام سادو سودو، سچو ۽ محجوب عاشق به ڪڏهن تصوراتي ليليٰ جو مجنون بڻجي صحراءِ عرب جي خاڪ پيو ڇاڻي، ته ڪڏهن فرهاد بڻجي شيرين لاءِ خيالي ٽڪَر پيو ٽاڪي. غزل جي شاعري بازاري شاعريءَ ۾ بدلجي چڪي هئي. خليفي گل ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ جون سموريون ڪوششون ۽ محنتون ضايع ٿي رهيون هيون ۽ سنڌي غزل جا پنهنجا اصل ۽ نجا خدوخال روايت جي ڌوڙ هيٺ لٽجي چڪا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سنڌيءَ جي پهرئين مڪمل ۽ روشن خيال رسالي ”سنڌوءَ“ ۾ هري دلگير يا فانيءَ جو ڪو نئون غزل پنهنجي سهڻي صورت پسائي ۽ تجلو ڏيئي گم ٿي ويندو هيو، يا ڪنهن روايتي غزل ۾ ڪو شعر يا ڪا مصرع پڙهندڙ جو ڌيان ڪجهه دير لاءِ ڇڪائي وٺندي هئي، ته سنڌيءَ ۾ غزل لاءِ ڄڻ ته جواز ٺهي پوندو هو. نه ته الا الا، خير صلا.

مشاعرن ۾ ته  شاعريءَ جي مٽي پليت ڪئي پئي وئي. پٽيل، گٺل ۽ ڇسين طرحن تي طبع آزمائي سبب غزل جو روح مجروح ٿيندو پئي رهيو ته ٻئي طرف ان شاعريءَ جا موضوع به زندگي ۽ سماج کان لاتعلق هيا. ’سنڌو‘ رسالي ۾ اهڙن شاعرن جون منظوم جنگيون، جاهلي دؤر ۾ عربن جي جنگين جهڙيون ئي هيون. جيڪي هڪ گهوڙيءَ لاءِ چاليهه چاليهه سال هڪ ٻئي سان وڙهندا هئا. لطف الله جوڳي ڪتي جي وفاداريءَ تي نظم لکيو ته قادر بخش حقير ان کي ڪڙم جو ويري ثابت ڪيو. اها ”نظرياتي ويڙهه“ وڏو عرصو هلي. رشيد لاشاريءَ جهڙو شاعر به قديم عربي شاعرن وانگي طنزيه ۽ هجويه شعر لکي، ماڻهو کلائيندو هيو. عشقيه شاعريءَ جي ته ٻولي به لنڊي ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪپڙن وانگر بي رنگ ۽ فرسوده هئي. تشبيهون ۽ استعارا ڦِٽل کير وانگر وات جو ذائقو خراب ڪري رهيا هئا، جي ٻڌي روح کٽو ٿي پيو هو. ڪي مخصوص بحر ته هر شاعر جي آنٽي تي چڙهيل هئا، جن تي نئين کان نئون شاعر به آسانيءَ سان في البديهه شعر لکي ٿي سگهيو. غزل گوئي هڪڙي ٻاراڻي راند هئي. شاعرن جو سڄو زور بحر وزن ۽ قافيي رديف تي هيو. فارسي ترڪيبن جي حد کان وڌيڪ استعمال کي ئي فن جو ڪمال ۽ وڏي ڪاريگري تصور ڪيو ٿي ويو. خاص طور رديف ته اهڙا هئا، جن ۾ ڪنهن وڏي خيال جو ظاهر ٿيڻ يا شعري جماليات ۽ رَس جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي نه هيو. رديف شعر جي پير جو ناسور بنجي چڪو هيو. جنهن کيس معذور بڻائي رکيو هيو. اياز کان اڳ واري غزل جي هڪ جهلڪ هنن شعرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي، جيڪي ان دؤر جي نهايت ئي مقبول ۽ قادرالڪلام شاعرن جي ”عرق ريزيءَ“ جو نتيجو آهي.

عاشقن جي جنگ تي معشوق يڪسان صف به صف،

سينگ ابرو ڪيو هئن ٿا تير مزگان صف به صف.

(امام بخش شاهه فدوي)


سڙي، کامي، پَچي ٿي آتشِ فرقت ۾ جانان جي،

دل پُرداغ سبقت ٿي رکي، سروِ چرغان تي.

(گدا)


منهنجي چشمن کي ڏسي، اڄ اشڪبار و اشڪ ريز،

ساري عالم کي نه هرگز ابرِ نيسان ٿيو پسند.

(مخلص)


هر طرف ٿيو بهار جو هُل هُل،

باغ ۽ راغ ٿي پيا گل گل.

(قليچ)

سانگيءَ جهڙي نهايت ئي اهم غزل گو شاعر جنهن خليفي گل کان پوءِ صحيح معنيٰ ۾ سنڌي غزل کي نئين زندگي عطا ڪئي ۽ ان سبب ئي ڊاڪٽر اياز قادريءَ 1881ع کان 1925ع تائين (لڳ ڀڳ اڌ صديءَ جي عرصي کي غزل جي حوالي سان) ”سانگيءَ جو دؤر“ ٿو سڏي، سو به هن قسم جا شعر لکي رهيو هو:

دل ته صد پاره آهي شانه صِفت،

زلف جي تار تار سان گستاخ.

*

خالي رخ دلدار جو بوگير آءٌ آهيان،

ٿي مور نه مون کي وڻي بُو مشڪ ختن جي.

اهڙي لاڳيتي شعري پريڪٽس هڪ مئل، غير متحرڪ، بي رس ۽ غير جمالياتي شعري فضا کي جنم ڏنو. ان قسم جي شاعري جيڪا خود اياز جا به ڪيئي همعصر ڪري رهيا هئا، تنهن کي ذهن ۾ رکي اياز ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۾ لکيو:

وڌوا جو مڙهه آهه ادب،

اڄ ڪلهه سنڌي ٻوليءَ جو.

پر خود اياز ان وڌوا جي مڙهه ۾ روح ڦوڪيو، ان جي وارثي ڪئي، ان جا ڳوڙها اگهيا، ان کي پنهنجو ثقافتي لباس پارايو ۽ پنهنجي ڪوتا کي ڪجل بڻائي، ان جي اکين ۾ پاتو، ۽ چيو:

ٻهڳڻ ٻولي تنهنجي لاءِ،

منهنجي ڪوتا آهه ڪجل!

هو پاڻ کان اڳ وارن غزل گو شاعرن لاءِ چڱي راءِ نه رکندو هيو. ان ڪري ئي هڪ هنڌ هن لکيو: ”گل جا ڪجهه غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجهه سٽون ان مان ڪڍي ڇڏجن ته ساري غزليه شاعري ’سَرن درياهه‘ ڪرڻ جهڙي آهي.“ جيتوڻيڪ اها راءِ گهڻي سخت ۽ جذبات تي ٻڌل آهي، پر پوءِ به کانئس اڳ واري اڪثريتي شاعري لاءِ سندس اهڙي راءِ ڪا گهڻي غلط به نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي غزل جو رشتو روايت پرستن بجاءِ سنڌيءَ جي پهرئين صاحبِ ديوان ۽ صحيح معنيٰ ۾ پهرئين سنڌي غزل گو شاعر خليفي گل محمد گل هالائيءَ (1784ع – 1856ع) جي روايت سان ڳنڍيو، جنهن ڌاري روايت کي ٺڪرائي، ٺيٺ سنڌي لفظ ڪم آندا ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ مان مواد ۽ موضوع چونڊيا. سندس هي غزل ته پنهنجي ٻوليءَ، اڻت، احساسن ۽ انداز ۾ هڪ شاهڪار جو درجو رکي ٿو.

آيو اڄ يار گهر پيهي، ويا ڏکڙا وريا سکڙا،

مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي، ويا ڏکڙا وريا سکڙا.


مليو محبوب متوالو، ويو ڏک ڏرت هڪ –  تالو،

ڀڳي دلدار دل، پيهي، ويا ڏکڙا وريا سکڙا.


کليو اڄ باغ گل رنگي، هزارو هيج مان زنگي،

نباهيو نينهن نر نيهي، ويا ڏکڙا وريا سکڙا.

جيتوڻيڪ اياز جو پهريون شعري مجموعو ”ڀؤنر ڀري آڪاس“

(1962ع) فارسي آميزي جي ان ساڳيءَ روايت جو تسلسل آهي ۽ ساڳئي مجموعي جي ابتدا ۾ هن زيرِ اضافت، همزه اضافت، واو عطفي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن جي محدود استعمال کي به جائز قرار ڏنو آهي، پر ساڳئي مجموعي ۾ هُو لکي ٿو: ”غزل جي فارسي ۽ اردو روايات کان ڪڏهن ڪڏهن هٽي، مون ان کي سنڌي روايات ۾ رڱيو آهي.“ ڀؤنر ڀري آڪاس ۾ اهڙا ڪجهه غزل ۽ ڪيترائي شعر آهن، جيڪي اڳتي هلي اياز جي انفرادي غزل رنگ جو پيش خيمو ثابت ٿيا. هن مجموعي جي 66 غزلن مان اڪثريتي غزلن ۾ فارسي غزل واري ”رنگ و بُو“ ئي نظر اچي ٿي. جن ۾ روايتي تغزل به آهي، ته بار بار ورجايل ترڪيبون ۽ تشبيهوڻ پڻ، پر انهن ۾ جذبي جي اُڇل ۽ شدت توڙي لهجي جي تکائي ۽ ڪاٽ ساڳي ئي آهي، جيڪا اياز جي باقي شاعريءَ ۾ ملي ٿي. هُو روايت ۾ به غير روايتي رستي تي هليو هيو، پر پوءِ به کيس پنهنجو اهو سفر پسند نه آيو ۽ هن جلد ئي پنهنجو اهو رنگ ترڪ ڪيو. هن فارسي زده ٻوليءَ کان هٿ ٻڌي موڪلايو ۽ پنهنجي غزل جو رشتو پنهنجي لوڪ ۽ ڪلاسيڪل شعري روايتن سان ڳنڍيو. هن غزل جي روايتي شاعرانه موضوعن، مجازي عشق جي گهڙيل وارداتن، محبوب جي لب و رخسار جي هيبتناڪ منظر نگاريءَ کي سنڌي غزل مان تڙي ڪڍيو ۽ نه فقط عشقيه مضمونن بلڪ غزل جي باقي روايتي موضوعن مذهب، تصوف، اخلاقي ۽ ناصحانه ڳالهين کان پڻ بيزاري ظاهر ڪندي، ان ۾ ٻوليءَ کان وٺي خيالن، ڪردارن، موسمن ۽ قصن تائين مقامي رنگ ڀريو. جنهن کي اڳتي هلي هن پاڻ ئي ”گيڙو ويس غزل“ سڏيو ۽ آخرڪار اهو رنگ ئي هن جي غزل جو غالب رنگ ۽ خاص سڃاڻپ بڻجي سامهون آيو.

فڪري پس منظر کي ڇڏي، فقط رنگ ”گيڙو“ کي ئي ڏسجي ٿو ته خود ان جي به پنهنجي نرالي ۽ گهري معنيٰ آهي. ظاهر آهي ته هر رنگ جي ماهيت، معنيٰ ۽ تاثر پنهنجو آهي ۽ اهو ڪنهن خاص ڪيفيت ۽ رويي جي علامت هوندو آهي. مثال طور اڇو رنگ وقار، امن ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت آهي ته ڳاڙهو رنگ طاقت، محبت ۽ قربانيءَ جي. ساڳيءَ ريت پيلو رنگ، جنهن سان ئي گيڙو رنگ ٺهي ٿو ۽ جيڪو ڳاڙهي ۽ نيري سان گڏ ٽيون بنيادي رنگ شامل ڪيو ويندو آهي، سو خوشيءَ ۽ گرم جوشيءَ جو اُهڃاڻ آهي. جڏهن ته تاثر جي لحاظ کان پيلو، ڳاڙهي ۽ نارنگيءَ وانگر گرم تاثر رکندڙ رنگ سمجهيو ويندو آهي. ”گيڙو“ نارنگي ۽ پِيلي جي وچ جو رنگ آهي، جيڪو ڳنڀيرتا، سنجيدگي ۽ غور فڪر جي معنيٰ ظاهر ڪري ٿو، ٻئي طرف ٻُڌ جي پوئلڳن ۽ هندو ڌرم جي ڪن يوگين ۽ سنياسين کي ڇڏي، سڄيءَ دنيا ۾ فقط سنڌ جا صوفي، خاص طور شاهه عنايت واري سلسلي جا مريد ۽ پوئلڳ ئي گيڙو رنگ جو لباس، شال ۽ پٽڪو پائيندا آهن، يعني ته هڪ طرف گيڙو رنگ تصوف ۾ به سنڌ جي پنهنجي انفراديت ۽ الڳ سُڃاڻپ جو اُهڃاڻ ٿو بڻجي، ته ٻئي طرف فڪري حوالي سان شاهه عنايت جهڙي عملي صوفي، جنهن حق جو آواز بلند ڪري غاصب ۽ ظالم قوتن کي للڪاريو ۽  شهادت جو جام پيتو، تنهن جي حق لاءِ ويڙهه، ثابت قدمي ۽ حوصلي جي نمائندگي ٿو ڪري. ايڏي وسيع ۽ شاندار پس منظر رکندڙ رنگ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو رنگ ٿي پئي سگهيو، جيڪو اياز جي غزل جي صحيح معنيٰ ۾ ترجماني ڪري سگهي ها؟

جيتوڻيڪ اياز جي شروعاتي غزل جو رنگ مختلف آهي ۽ ساڳيءَ ريت پوئين دؤر خاص ڪرير ”سورج مُکي سانجهه“ وغيره جي غزلن جو رنگ ته بلڪل ئي نئون ۽ نرالو آهي، جنهن ۾ پڻ ڪمال جو حُسن ۽ تخليقي جوهر آهي، پر پوءِ به غزل ۾ هن جي سڃاڻپ وارو رنگ اهو ئي آهي.

پرينءَ جي پکي ۾ وڃين ٿو اياز،

ٽڙي آهه ٽانگر، ٻه ٽي ڦول کڻ!

*

هي مڌ ماتا، آتا نيڻ،

جهڙا رَس لوڀي ڀؤنرا،

*

هي پير پَٽيهر جهڙا هئا،

جي پنڌ پيا پربت لوڪو!

*

مِينهن جي رات ڪاٽي وڃو اوٺيو،

باهڙي ٿي ٻري، مانڙي ٿي پچي!

هو پاڻ کان اڳ واري شاعر کي هيئن لوئي چڪو هيو ته،

سنڌي شاعر، باسي بيک

اردوءَ جي اڌ جُوٺي ڏات!

هو اهڙي ”باسي بيک“ تي گذارو ڪرڻ جي خلاف هيو ۽ ”پنهنجي

لوئي، پنهنجي لاک“ جو نعرو کڻي سامهون آيو هو.

اياز جو هڪڙو وڏو ۽ اهم ڪارنامو اهو به آهي ته هن سنڌي شاعريءَ جي جهولي نون تصورن، نون خيالن، نون نظمن سان ڀري، فطرت توڙي سماج جي سمورن پهلوئن کي ڪمال ڪاريگري ۽ فنڪاراڻي حسن ۽ شان سان ظاهر ڪيو. پر ان کان سواءِ هن جو هڪڙو اهم ڪم ٻيو به آهي، سو اهو ته هن نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي جهولي وڌ ۾  وڌ صنفن سان ڀري پر انهن کي هڪ اعليٰ معيار به عطا ڪيو. خاص ڪري غزل جهڙي گهاڙيٽي جي لحاظ کان سخت گير ۽ (ايم ڪمل جي لفظن ۾) ”ڪٽر صنفِ سخن“ ۾ به هن ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

سنڌي غزل جڏهن ايازي رستي ۽ رنگ کي اختيار ڪيو ته سنڌيءَ ۾ روايتي غزل جو نسل ئي ناياب ٿي ويو، جيڪي شاعر ان رنگ ۾ ئي لکندا رهيا، تن جو نئين شاعري ۽ نئين پڙهندڙ سان ناتو ڪٽجي ويو ۽ شاعريءَ ۾ فقط انهن شاعرن جو رنگ ڄميو، نالو ٿيو ۽ کين شهرت ملي، جن سنڌڙيءَ کي گيڙو ويس غزل سيبائڻ لاءِ جستجو ٿي ڪئي.

غزل کي سنڌي سڀاءُ ۽ مزاج عطا ڪرڻ لاءِ اياز کان اڳ ۾ خليفي گل محمد گل هالائي به ڪوششون ورتيون هيون ۽ فڪر توڙي ٻوليءَ جي سطح تي هن تمام سنجيدگي ۽ ذميواريءَ سان اهو ڪم سرانجام ڏنو. مگر هو ڪنهن به صنف کي مڪمل طور پنهنجو بڻائڻ جي ٻين فني لوازمات کان ان حد تائين آگاهه نه هيو، تنهن ڪري هو به ’صاحب ديوان‘ ٿيڻ جي چڪر ۾ ڇَٻ ڇَٻ ۽ کٻ کٻ ۾ ڦاسي پيو. نتيجي ۾ غزل ۾ ٻولي ته سنڌي برابر استعمال ٿي پئي، پر ان ۾ تخليقي حسن، فڪري گهرائي ۽ موضوعي وسعت نه هئي. غزل موضوعي مفلسيءَ جو شڪار هيو. گسي ويل سڪي جهڙا رومانوي شعر وري وري گسايا پئي ويا. هڪڙن سنڌيءَ ۾ فارسي غزلن کي نقل پئي ڪيو، بلڪ انهن کي چٻاڙي سنڌي صورت پئي ڏني، ٻيا اهي هئا جن خليفي گل جي روايت کي پاڻي ڏيندي غزل کي سنڌي بڻائڻ جي نيڪ ڪوشش ته ڪئي هئي، پر اهي گهڻيءَ حد تائين بي روح قافيه پيمائي واري ڪارروائي ۾ مصروف رهيا هئا. شيخ اياز اهڙي دؤر ۾ غزل کي موضوعاتي وسعت ڏني، هڪ طرف ان جي ٻوليءَ کي سنڌ جو ويس اوڍايو ته ٻئي پاسي ان کي زندگيءَ جي نين گهرجن ۽ ضرورتن سان ڳنڍيل موضوعن جا ڳهه ڳٺا پارايا ۽ پنهنجي تخيل ۽ تخليقي سگهه سان ان ۾ اهڙو ته رنگ ۽ نور ڀريو، جو سڄي سنڌ ”مي رقصم“ جو عڪس بڻجي وئي:

ٿي ساري سنڌ اياز نچي،

ڇا ڇم ڇم آندءِ ڇيرن جي.

شيخ اياز غزل جو مزاج تبديل ڪيو ۽ ان کي سنڌ جي ڪلاسيڪل صنفن بيت، وائي ۽ ڪافي وانگر هڪ سنڌي ماڻهوءَ جي ترجمان صنف بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. توڙي جو هيئت جي لحاظ کان غزل هڪ نه تبديل ٿيندڙ صنف آهي، پر اياز ان ۾ به ورائٽي پيدا ڪئي آهي. هن نه فقط مطلع کانسواءِ غزل لکيا، پر مسلسل غزل ۽ گهڻ موضوعاتي غزلن جي سيريز کي ملائي، طويل غزلن لکڻ جا تجربا پڻ ڪيا، جن ۾ هڪ ئي وقت رومانوي، سماجي، سياسي، ادبي ۽ ثقافتي موضوعن جي مختلف پهلوئن کي چٽيو ويو آهي. اهڙا اڪثر غزل هن جي ڪتاب ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۾ شامل آهن. اياز پنهنجي دؤر جو سڀ کان نمايان ۽ صحيح معنيٰ ۾ نمائنده شاعر ته آهي ئي، پر حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها به آهي ته هو شاعريءَ جي هر ان صنف ۾ سڀ کان نمايان بيٺو آهي، جيڪا هن لکي آهي. بيت کان وائي، هائڪو کان ترائيل، ڏيڍ سٽي کان دوهي ۽ گيت کان غزل تائين هو هر صنف جو نمائنده ۽ ان کي نئين سڃاڻپ ۽ تعارف عطا ڪندڙ شاعر آهي.

اياز کان اڳ جو گهڻو تڻو ڪلام اردو ۽ فارسي شاعرن جي خسيس نقالي کان سواءِ ڪجهه نه هو. مير علي نواز کان مرزا قليچ بيگ تائين شاعرن جي وڏي حلقي، فقط ٻين شاعرن جي خيالن کي سنڌيءَ ۾ نقلي پئي ڪيو، نه ته انهن ۾ سندن جذبات شامل هئا، نه سندن داخلي ۽ خارجي حالتون، نه دلي ڪيفيتون، نه سماجي الميا، نه ذاتي  احساس، اظهار ۾ بي ساختگي ۽ نه ئي اڇلون ڏيندڙ اڌما- ان صورت ۾ سنڌي غزل ۾ ان بي پناهه تخليقي گهرائي، فني دل ڪشي ۽ فطري اثر انگيزيءَ جو پيدا ٿيڻ به يقينن ناممڪن ئي هيو، جنهن کان سواءِ ڪوبه شعر بي رس ڳني يا آڙهاري ميري وانگر بي لطف ۽ بي ذائقي هوندو آهي. اياز جي ڪوشش سان سنڌي غزل مان روايتي غزليه تصورن، عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ، تغزل جي نالي ۾ شاعر پاران هٿ ٺوڪين، گهڙيل ۽ مصنوعي نموني پاڻ تي مڙهيل عشقيه حالتن جي بيان، دقيانوسي ۽ اڻ ڏٺل شين جي تشبيهن ۽ خيالي ڪردارن هوريان هوريان ٽپڙ ويڙهڻ شروع ڪيا ۽ انهن جي جاءِ تي نون ۽ حقيقي زندگي ۽ سماج سان سڌيءَ طرح لاڳاپو رکندڙ ڳالهين، واقعن ۽ حالتن جو بيان ٿيڻ شروع ٿيو. سنڌي شاعرن مذڪر محبوب مان جان ڇڏائي غزل ۾ مؤنث ڪردار کي جاءِ ڏني، ايئن هن حقيقي معنيٰ ۾ غزل کي سنڌي غزل بڻجڻ جو شرف عطا ڪيو ۽ بعد وارن شاعرن ان کي ايترو ته ڳايو وڄايو، جو هاڻ سنڌيءَ جو ڪوبه نئين کان نئون جديد شاعر غزل لکندي ڦڪائي محسوس نٿو ڪري. نه ته فارسيءَ جي اثر هيٺ روايتي دؤر جي شاعرن ته اياز جي لفظن ۾ غزل کي ”چؤپڙ جي راند“ بڻائي ڇڏيو هيو ۽ ڪوبه سنجيده ۽ پڙهيو لکيو شاعر ان نامناسب سرگرميءَ کان ٻاهر رهڻ ۾ ئي چڱائي محسوس ڪندو هو. بيوس جهڙي شاعر کي به نظم جو سهارو وٺڻو پيو هيو ۽ هن پنهنجا سمورا نوان خيال، نئين محسوسات ۽ نئون فڪر نظمن ۾ ئي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر اردو غزل جي ڪعبي قبلي غالب کي به غزل جي ’تنگ دامانيءَ‘ جي شڪايت هئي ۽ هن پنهنجي ’وسعت بيان‘ لاءِ ڪنهن نئين فارم، ڪنهن نئين گهاڙيٽي جي خواهش جو اظهار ڪيو هيو:

بقدر شوق نہیں ظرف تنگنائے غزل،

کچھ اور چاہیئے وسعت میرے بیان کے لیئے۔

اردو ۾ ته غزل جي تنگ داماني ۽ سخت گيري مستقل بحث جو موضوع رهي آهي. ڪليم الدين احمد کان سبط حسن ۽ جوش تائين غزل جي محدود فضا تي سخت ڇوهه ڇنڊيا ويا آهن. ڪليم الدين احمد ته ان کي ”وحشي صنف“ سڏيو آهي، جنهن ۾ مهذب ڳالهين ۽ تهذيب يافته معاشري جي ترجماني جي گنجائش نه آهي. جوش غزل جي سخت فني پابندين خاص ڪري ان ۾ ٿيندڙ قافيه پيمائي جيڪا روايتي دؤر ۾ اردو وانگي سنڌي شاعريءَ ۾ به ٿيندي رهي آهي، تنهن تي هڪ شعر ۾ ڀرپور چوٽ ڪئي اٿس.

ان کے دل میں شعر کی روشن ہو کس صورت سے آگ،

قافئے کے ہاتھ میں رہتی ہے جن لوگوں کی باگ۔

سنڌي غزل گوئي کي به ساڳيو مسئلو درپيش رهيو ۽ انهن شاعرن جن سنڌي ٻوليءَ جي زمين ۾ غزل جي ڌاري صنف سخن جو ڏندڻ لڳايو هيو، تنهن گل گؤنچ به اهي ئي ڪڍيا جيڪي فارسي غزل جا هئا. اڪثر تشبيهون، تلميحون، استعارا، اهڃاڻ، شعري علامتون ۽ ڪردار اهڙا هئا، جن کي بار بار ڳائي، انهن جو تقدس مجروح ڪيو ويو هو ۽ انهن ۾ ڪا تازگي ۽ نواڻ جي گنجائش ئي نه ڇڏي وئي هئي. تنوير عباسي صحيح لکيو آهي ته ”غزل جي زمين ڏاڍي ماريل آهي، فارسي ۽ اردو وارن ڪا وٿي نه ڇڏي آهي، جو ان ۾ ڪا تخليق ڪري سگهجي. قافيا رديف کٽائي ڇڏيا اٿن. تشبيهون استعارا، تلميحون توڙي ان کي ادا ڪرڻ جا اسلوب کٽائي ڇڏيا اٿن. اردو جي جديد غزل جي به ساڳي حالت ٿي وئي آهي.“

اياز هونئن ته ڪنهن به معاملي ۾ مروج پابندي ۽ روايتي اصولن کي مڃڻ جو قائل نه هيو، پر پوءِ به هن غزل جي روايتي گهاڙيٽي سان گهڻي هٿ چراند نه ڪئي. ڪن ڪن غزلن ۾ هن مطلع جو استعمال نه ڪيو آهي، باقي پابندين کي هن به سخت گير غزل گو شاعرن وانگر قبول ڪيو ۽ نڀايو آهي. پر پوءِ به اياز جي شاعريءَ جي سڀ کان اهم نقاد امير علي چانڊئي جو اهو تجزيو درست ئي آهي ته ”اهڙي ماحول ۾ اياز پاڻ کي هروڀرو ٺيٺ روايت پسند غزل گو سڏائڻ پسند نه پئي ڪيو، ان ڪري هن پنهنجي غزلن ۾ روايتي تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين جي جاءِ تي نيون تشبيهون ۽ نوان استعارا آڻي پاڻ کي متعارف ڪرايو ۽ غزل کي هيئت جي تبديليءَ کان بغير جدت سان روشناس ڪرايو. گويا اياز سانگي کان پوءِ صحيح معنيٰ ۾ پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جديد سنڌي غزل جو بنياد رکيو.“

اياز غزل جي قديم ۽ روايتي موضوعن کي هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي شاعريءَ مان خارج ڪري ڇڏيو ۽ نه رڳو انهن ۾ وسعت ۽ جدت پيدا ڪئي پر ساڳئي وقت ان جي فضا ۽ هيئت ۾ تبديليون به آنديون. هن غزل جي داخلي دنيا کي خارجي جهان سان آشنا ڪيو، ۽ ان ۾ سنڌي سماج کي کڻي آيو. سنڌ جا ڏينهن، سنڌ جون راتيون، سنڌ جا وڻ ۽ سنڌ جون موسمون، جُهڙ، کنوڻيون، رڻ، پهاڙ، نديون، جهنگ ۽:

ٻنا ٻوڙ وسنديون ٻَڪر ٻوس تي،

گهڻي وقت کان ٿيون گهٽائون گڙن.

*

تنهنجي ڪوثر توکي پهتي، مون کي ڏينم ڇڏي،

ڪعبي ۾ ڀي ياد اچي ٿي، مون کي ڪينجهر جي.

*

ماڱر ساري ٽانگر -  واس،

لوئي ناهه، مڇيءَ جي لِيءَ.

*

نينگرڙا هي پوپٽ آهه،

ان جي پَرڙا هيئنءَ نه پَٽ!

اياز جا ڪيترائي غزليه شعر ته هن جي پنهنجي مخصوص غزليه انداز کان به گهڻو مختلف آهن ۽  وڌيڪ شعري حُسن رکن ٿا:

رات ڪاري، هتي هُتي جُگنو،

ٿيڙَ کائي پئي ڏيئي جي لاٽ!

هي شعر اياز جي گيڙو رنگ غزل کان گهڻو نرالو ۽ تخليقي ڪمال جو بي مثال نمونو آهي، تصورن، عڪسن ۽ رنگن جو هڪ ميڙ اچي سامهون ٿو بيهي ۽ روح ۾ جلترنگ وڄڻ شروع ٿي ٿا وڃن. سندس بعد واري شاعريءَ مان هي ننڍڙي بحر وارو غزل ته جديد غزل ۾ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.

آگ آهيان هَٽو، جلي ويندؤ،

وِڄ ۾ پوپٽو، جلي ويندؤ.

ٿو جهنم جيان بهار ٻَري،

گُل ته آهن ڏٽو، جلي ويندؤ.

ايترو دُور ڇو نهاريو ٿا،

انت سان هي سَٽو، جلي ويندؤ.

اُڀ تائين ته آڳ آهه اياز!

ايترو جَمگهٽو، جلي ويندؤ.

هن غزل جي هر شعر ۽ هر شعر ۾ موجود تخيل، تصور، عڪس، لفظن جو جڙاءُ توڙي قافئي ۽ رديف جي انوکائي بنهه نئين روايت جو بنياد محسوس ٿين ٿا.

اياز غزل ۾ نظم واري موضوعاتي وسعت ته پيدا ڪئي ئي آهي، پر هن جي غزلن جا بحر به نظمن وارا آهن ۽ جڏهن اهي پڙهجن ٿا ته ماڻهو غزل جي فضا مان ٻاهر نڪري ٿو اچي. خاص طور اهي غزل جن ۾ انقلاب ۽ بغاوت جو عنصر غالب آهي. غزل پڙهندي پڙهندڙ ڄڻ ته جنگي حالتن جي آڏو اچي ٿو بيهي، آزاديءَ جا نعرا، غلاميءَ کان نفرت، سَڏ، واڪا، اعتماد ۽ ويڙهه جو حوصلو.

ڇو گهٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اوچي اوچي اوٽ ڏسي،

زندان اڏائي وينداسين، زنجير پگهاري وينداسين.


آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پر ايئن نه مرنداسين ساٿي،

ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

صحيح ڳالهه اها آهي ته اياز جا اهڙا غزل فقط غزل جو فارم اختيار ڪرڻ ڪري غزل سڏجن ٿا، جي نه ته جهڙيءَ ريت هن جون ڪيئي وايون پنهنجي اصل ۾ گيت آهن، اهڙيءَ ريت هن جا ڪيئي غزل پنهنجي اصل ۾ نظم آهن. انهن جا موضوع، ڪيفيتون، تاثر، ٻولي، انداز بلڪ منجهن سمورا لوازمات نظم وارا آهن. اهو اهڙو تجربو هيو، جنهن جو ساهس فقط اياز جهڙو شاعر ئي ڌاري پئي سگهيو. ساڳيءَ ريت هن جا ڪجهه غزل ڪافي رنگ جا آهن، جن ۾ ساڳيو روايتي ڪافيءَ وارو سوز، حسن ۽ پنهنجائي آهي. باوجود ان جي ڪن نقادن کي اياز جي غزل جو اهو رنگ پسند نه آيو ۽ ”سنڌي غزل جي اوسر“ (ڀاڱو ٻيون) ۾ روايتي نقاد اياز قادري، شيخ اياز جي اهڙي تجربي کي ’ڪوجهو‘ سڏيندي لکيو ته ”شيخ اياز پهريون شاعر آهي، جنهن غزل ۾ ڪافيءَ جي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪن شاعرن بلڪل ٿوريءَ حد تائين پيروي ڪئي آهي، مگر اهڙي تجربي غزل جي سونهن ۽ شوخيءَ کي ڪوجهو ڪري ڇڏيو آهي.“ ان جي ثبوت طور هن شيخ اياز جي اهڙي رنگ مان ڪجهه هيٺيان مثال پيش ڪيا.

جيجل ڪهڙي ٻيجل آندي هيءَ تُنبي جي تانَ،

سِر جي سَٽ ڏئي ٿو آڇي هرڪو دُهرا دانَ.

*

ملن ئي نٿا اڄ ته پيرا پنهونءَ جا،

ڪٿي آهي هو ڪيچ، او منهنجي آيل!

مان سوچيان ٿو ته ڊاڪٽر اياز قادري واقعي به ادب جو ڊاڪٽر هيو؟ ۽ ڇا هن کي سُٺي شعر جي سمجهه به هئي؟ بنيادي طور هُو بزم مشاعره جي آخري باقيات هو. جديد شاعريءَ جي معيارن کان اڻ واقف هيو ۽ گهڻو ڪري ته غزل جي روايتي تصور جي عقيدت ۾ ورتل نقاد هيو. تنهنڪري هن کي اياز جو اهو انداز پسند نه آيو. جيتوڻيڪ اهو ئي انداز سچل جي غزل جو به آهي ته ٻين ڪيئي سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو به - ۽ اهڙي غزل کي ”ڪوجهو“ سڏڻ راءِ زنيءَ ۾ سطحي پڻي جي نشاندهي ڪري ٿو.

”ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي ٽئين ڀاڱي ۽ ”سُورج مکي سانجهه“ ۾ موجود غزل هڪ ئي فڪر، انداز ۽ سلسلي جا آهن، جن ۾ موت جا گهنگهرو به وڄن ٿا ۽ ازلي حسن جي ساراهه جو قصيدو به آهي. هنن غزلن ۾ گيت جهڙو رڌم ۽ لئه آهي ۽ رقص جهڙو رچاءُ آهي. جيڪي پڙهڻ سان هڪڙي وجد جهڙي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. انهن ۾ نئين عشق جهڙو نشو آهي، سُرور آهي. ائين ٿو لڳي ته اياز اهي غزل ائين نچي ڳائي لکيا آهن، جيئن سچل سرمست جهومندو ڳائيندو ڪافيون چوندو هيو. انهن غزلن ۾ اسلوب، ٻولي ۽ محسوسيات جي جدت ۽ نواڻ سان ڀريل آهن. هنن مجموعن ۾ اياز پنهنجي ڪلاسيڪي غزليه رنگ کان موڪلائيندڙ نظر اچي ٿو ۽ نئين عشق لاءِ ٻولي به نئين ڪم آڻي ٿو. هن جي انهن غزلن ۾ رڳو رديف ئي ايترا انوکا ۽  منفرد آهن، جو پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو دل ئي دل ۾ چوندو رهي ٿو ته، ”چوان ٿو تون ته تون آهين“، ”اهو ناهين، اهو ناهين“، ”ڪڏهن ته ايندين ڪڏهن ته ايندين“، ”اڃا نه ويندس اڃا نه ويندس“، ”مان ڇا ڄاڻان مان ڇا ڄاڻان“، ”ڀلي آئين، ڀلي آئين“، ”نه مان آهيان، نه تون آهين“، ”ڪيڏانهن وئين ڪيڏانهن وئين“ ...بيخودي ۽ سرمستي جي ڪيفيت چڙهندي وڃي ٿي ۽ ماڻهو شعر جي روانيءَ سان گڏ لڙهندو وڃي ٿو. اياز جو پويون اسلوب پهرئين اسلوب کان طاقتور يا وزندار آهي يا نه، مان ان تي راءِ ڏيڻ جي اهل نه آهيان، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته خود  ان انداز، شعر جو مزاج خاص طور سنڌي غزليه شاعريءَ جو مزاج هڪ ڀيرو وري يڪسر بدلائي ڇڏيو آهي ۽ ان تي هڪ نئين تخيل جي انڊلٺ اڀاري، ان کي رنگيني بخشي آهي. انهن ئي غزلن ۾ مسلسل غزل جا نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ نظم، گيت ۽ غزل جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو.

هوا گهلي ٿي، اڃا چڳن ۾ اڏار آهي، بهار آهي،

اڃا ته جهومي پيو صنوبر ٽِڙي پيو ديوار آهي.

اهڙو تجربو اياز جي پهرئين مجموعي ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ۾ پڻ نظر اچي ٿو.

پوئين اڪثريتي شاعري اياز جو ياد نامو آهي. هن پنهنجي ننڍپڻ، جواني، شڪارپور، سکر، محبوبائن، انهن جي ساٿ ۽ جوڀن جي سانوڻين کي ياد ڪيو آهي ۽ انهن يادن جي گرميءَ سان، عمر جي گليشئر جهڙي حصي کي شعلو بڻايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي خيالن ۾ الهڙپائي ۽ جواني پنهنجن پورن جلون ۽ نازن ادائن سان نئين رنگ روپ ۾، تخيل جي اُڏام کٽولي تي چڙهي، اچي سندس تصور جي طلسمي شهر ۾ لٿي آهي.

هو مناري ڀرسان منزل، جنهن جي ڀرسان ڌڙڪي ٿَي دل،

ڪارِ به هئي يا پنڌ لٿاسين، تنهنجون جهاتيون ياد پيون.


سج روپهريون نِيريون گهَريون لهرون ساڌو ٻيلي ڏي،

تيز هوا ۾ ٻيڙيون تن تي، اڄ سڀ باتيون ياد پيون.


سانوڻ مِينهن به ڪيئي آيا، پيارا ڏينهن به ڪيئي آيا،

ساري عمر اياز ڀڄايل هن جون ڇاتيون ياد پيون.

هن پنهنجي غزل ۾ موضوعن جي گوناگوني ۽ جديد زندگيءَ سان غزل کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ جيڪي ڪوششون ورتيون آهن، سي ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر جيڪڏهن سنڌي غزل کي اياز جي ڏنل نون ۽ نج پنهنجن قافين جو حساب ڪتاب ٿا لڳايون، تڏهن به کيس سلام ڪرڻ تي دل ٿي چوي. ايترا سهڻا، انوکا، صحيح اُچار وارا، نرالا، وسيع معنيٰ رکندڙ ۽ مترنم قافيه شايد ئي ڪنهن شاعر جي غزل ۾ ملي سگهندا، جيترا اياز جي غزلن ۾ نظر اچن ٿا.

نامور دانشور ۽ اياز جي شاعريءَ جي اهم پارکو محمد ابراهيم جويي صحيح لکيو آهي ته ”اردو شاعريءَ کي ڏسبو ته پوري شاعريءَ ۾ ڪل سؤ سوا کن قافيه نظر ايندا، جي ولي دکنيءَ کان فيض احمد فيض تائين شاعرن وري وري پئي ڪم آندا آهن. پر اڪيلي سر اياز ئي سنڌيءَ ۾ سوين قافيه پنهنجن شعرن ۾ ڪم آندا آهن.“ بقول جويي صاحب جي ”اياز پنهنجي ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالا مال ڪري، ان کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي ۽ ان مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيه هاڻي کٽڻا ئي نه آهن.“

اياز پنهنجي شاعريءَ وسيلي پڙهندڙ کي نه فقط تصورن ۽ خيالن جي هڪ نئين دنيا سان ڳنڍي ٿو، پر هڪ نئين لغت سان به شناسائي ڪرائي ٿو، جيڪا ڪنهن به موضوع ۽ فڪر کي اظهارڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. هن جا ساز (شعري گهاڙيٽا) بلاشڪ ته پراڻا ئي هيا، پر انهن مان نڪرندڙ سُر نوان هيا، هن کي ٻڌڻ  سان زندگيءَ ۾  زندگي اچي ويئي. هڪ بيٺل ۽ سُن ٿيل سماج ۾ نئين سِر چرپر ۽ جنبش پيدا ٿي.

تو هونءَ ته جُهونا ساز ڏنا، پر ڇا ته نوان آواز ڏنا،

تو ڇا ڇا گيت اياز ڏنا، ڇا ڏاتر تنهنجي ڏات هئي!

هن ڪڏهن به پنهنجيءَ ذات تي فخر ۽ وڏائي نه ڪئي، پر شعر کي ئي معيار قرار ڏنو ۽ سرعام چيو:

اسان لاءِ سيد ته ڪا شيءِ نه آ،

اسان لاءِ شاعر وڏي ڳالهه آ.

هن کي پنهنجيءَ ذات جي ڪمزورين جو به پتو هيو، ان ڪري ئي هن پنهنجي هڪ خط ۾ (جيڪو هن هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي لکيو هو، جيڪو کيس عورت ٿي محبت ڀريا خط لکندو هيو) ته ”تون هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان پيار ٿي ڪرين، جيڪو سٺو شاعر ته آهي، چڱو ماڻهو نه آهي.“ اها ئي ڳالهه هن پنهنجي شعر ۾ به ڪئي آهي:

ڏس تون تنهن جا پاپ ته پُڃ،

جنهن وٽ ڪوئي گيت هجي!

اياز گهڻ پڙهيو ماڻهو هيو ۽ هن ڄاتو پئي ته دنيا ۾ ماڻهوءَ جي ننڍ وڏائي جو معيار ڪي شخصي ڪمزوريون نه، پر ان جو ڪم ۽ فن آهي، پر پوءِ به هن کي خبر هئي ته هيءَ سنڌ آهي ۽ هتي اهڙو سمورو حساب ڪتاب ٿيندو آهي، تنهن ڪري هن پنهنجي لازوال گيتن عيوض، ڪن ذاتي ۽ شخصي ڪمزورين کي نظرانداز ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اڄ جيڪي به ماڻهو اياز جي ڪردار تي آڱر اُڀي ڪن ٿا، انهن جي اڪثريت بذات خود ايتري بدعنوان ۽ بدڪردار آهي، جو انهن جي ڊپ کان اياز جو اهڙو اعتراف، هن جي معصوميت ئي محسوس ٿئي ٿو. پر هُو حساس ۽ ذميوار هيو ۽ هُو انساني تاريخ جي سمورن المين کان آگاهه شاعر هيو، ۽ هن ڄاتو پئي، ته سماج وٽ هر دؤر ۾ رهي آهي ته:

ساڳي چارڻ جي چکيا،

ساڳيو شاعر جو شمشان!

اڄ ڀي ڏات مصور جي،

رَت ۾ ٻوڙي کائي نان!

پوءِ به هن کي خبر هئي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي. هن هر ان روايت سان بغاوت ڪئي، جيڪا انسان کي غلام بڻائيندي آئي آهي. هن پنهنجيءَ ڏات ڪارڻ بغاوت جا الزام سَٺا، ملڪ دشمنيءَ جي ڪيسن کي منهن ڏنو، جيل ۽ نظربنديون برداشت ڪيون. ڪفر جا الزام کنيا، سندس ٽن ڪتابن تي پابندي به پئي، پر هن جي تخليق جي جوت جهَڪي نه ٿي. هُو بي خوف ٿي سمورن فرسوده ادبي ۽ سماجي نظرين ۽ نظامن سان ٽڪر کائيندو رهيو.

گڻ گڻ کي مان اوگڻ سمجهان، گيان ڪيان اگيان،

ڌرم ڌرم جي ڌوڙ اڏايان، ڦاڙيان پوٿيون، پُران،

ڪال ڪوٺڙيءَ جي ڪاري ولهه ۾ به اُلاءَ جيان رهيو:

او زندان جي ڪارِي ولهه،

تو ۾ آهيان آءٌ الاءُ!

اياز جو غزل شعري خوبين جو ٻيلو آهي. نيون تشبيهون، انوکا استعارا، نج سنڌي ترڪيبون ۽ مُرڪب لفظ، سمورن حواسن کي ڇُهندڙ عڪس، منظرنگاري، جذبات نگاري، داخلي ڪائنات توڙي خارجي دنيا جو هر اهو موضوع جيڪو انساني زندگيءَ سان واسطي ۾ آهي، اياز ان کي لفظن جي صورت ۾ نئين سر تخليق ڪيو آهي. سندس همعصرن ۾ به فقط  شيام ئي آهي، جيڪو غزل ۾ سندس جوڙ ۽ جِيسُ قرار ڏئي سگهجي ٿو. بلڪ جماليات، منظرنگاري ۽ غير روايتي موضوعن جي تلاش ۾ شيام اياز کان به ڪجهه اڳتي آهي، پر روايتي غزل جي ڪايا پلٽ وري به اياز ئي ڪئي ۽ هُن ئي اول اول غزل جي محدود فضا کي وڌيڪ وسعت عطا ڪئي.

سچ پچ به ته اياز جو غزل ڪو انقلاب ئي هيو. هُو غزل ۾ به سماجي شعور جو چؤمکو ڏيئو کڻي آيو. صدين کاهن سنڌي سماج کي غلام بڻائيندڙ تصورن ۽ غلامانه ذهنيت سان ٽڪر کائي، هن انهن جي رکوالن جو روزگار بند ڪري ڇڏيو. هن غزل جي ٻن سٽن کان تير ۽ ڪمان جو ڪم ورتو ۽ سندس نشانو ارجن جي نشاني کان وڌيڪ سڌو ۽ پختو هيو.

هيءَ ڪهڙي مُوڙهي مَت لوڪو!

ڌرتي به ته آ، جنت لوڪو!

*

هر حقيقت کان مٿي آهي مجاز،

هر عبادت کان چڱو آهي شباب.

*

راز جيڪو ڪنهن پيَمبر حل نه ڪيو،

اي پرهه! تنهنجا پکي سمجهائي ويا.

*

آ مَهڪ هوا ۾ مينديءَ جي سي گهوٽ اچن ٿا گهايل ٿي،

جي لال لهوءَ ۾ ليٿڙجي، اڄ رَت جي ريت نڀائن ٿا.

*

آءٌ زنجير پائي به آزاد هان،

تون ته ظالم سدا آنهه زندان ۾!

*

عشق تنهنجو اياز آهه انسان سان،

هُو چون ٿا ته تون نانهه ايمان ۾.

هن غالب وانگر خيالي جنتن ۽ آسمان بجاءِ ڌرتيءَ ۽ انسان ۾ ايمان جو اعلان ڪيو، ته روايتي تصورن جا ٽاڪئان شيشا ٽڙڪاٽ ڪري ٽٽي پيا. جن ۾ خود اياز جا پير به زخمي ٿيا. سندس ٻن شعري مجموعن ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ (1962ع) ۽ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (1967ع) تي پابنديءَ جو سبب به اهو ئي هيو. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته اهڙا شعر جن کي مختلف الزامن هيٺ ممنوع قرار ڏنو ويو هيو، سي اڪثر غزلن جا شعر ئي هيا.

هڪ طرف اها ڳالهه هئي ته ٻئي طرف شاعريءَ کي نازڪ خيالي ۽ فقط گلن، پوپٽن، هوائن، ندين ۽ محبوب جي حسين پيڪر جي ذڪر کي ئي جماليات سمجهندڙ نقادن کي به اياز جو اهو انداز پسند نه آيو. امير علي چانڊئي جهڙي نقاد به لکيو ته، ”اياز جي شاعريءَ ۾ گداز ڪونهي.“

مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته امير علي چانڊئي وٽ ”گداز“ جي معنيٰ ڇا آهي؟ لغت ته ان جي معنيٰ نرمي ۽ ملائميت ٿي ٻڌائي، ۽ ٻوليءَ جي نرمي ۽ خيال جي نزاڪت هنن شعرن کان وڌيڪ ڪهڙن شعرن ۾ ٿي سگهي ٿي؟

هيل پنهنجي چُني، مون ته ڳاڙهي رڱي،

ڳوٺ ڳالهيون ڪيون، ٿا ملن ميهڻا!

*

آئي تنهنجي سار ته سُپرين،

سوريءَ کي آسان ڪري وئي.

*

سڄي سڄي رات ننڊ نيڻين، نه آ اسان کي، تڏهن به ساجن،

پڌر پئي آهه ڳالهڙي ڪئن – نه تو چئي آ، نه مون چئي آ،

*

وِک وتري کڻو، ٿي اچي ٿي اچي،

هُو جُهڙالي هوا، هُو گلابي گلي!

اياز جا غزل اهڙي نرم خياليءَ ۽ نازڪ تصورن سان ڀريا  پيا آهن، البت اها ڳالهه ضرور آهي ته هن جو غزل (خاص ڪري وچئين دؤر وارو) ”تغزل“ جي روايتي تصور کي نٿو مڃي ۽ هُو غزل لاءِ هڪ نئون تخليقي تصور پيش ڪري ٿو.

هن جي سموري شاعريءَ جيان هن جي غزل جو هر هڪ شعر به تسبيح جو اُهو مَڻيو ٿو لڳي، جنهن تي سنڌ جو نالو لکيل آهي. سنڌ سان هن جو عشق هڪ جنون ۽ روڳ وانگر ئي محسوس ٿئي ٿو ۽ هُن جي شاعري سنڌ جي تهذيبي، تاريخي، ثقافتي ۽ تخليقي ورثي کي ايئن محفوظ ڪيو آهي جيئن سائنس آئن اسٽائن جي دماغ کي محفوظ ڪيو آهي.

سنڌ جيئي سدا، سنڌ جيئي سدا،

راس آئي رِلي، هُونءَ اوڇڻ گهڻا!

*

سنڌ مرڻي نه آ، اي اياز آ اڃا،

اُڃ جو آسرو، ڪا ته پاڻيءَ کَلي.

*

ساڳ پنهنجو پلي، سنڌ پو ڀي ڀلي،

ڀاڳ واري سدا ڀونءِ تي ڀرجهلي.

*

ٿو ڪري راڪاس راڙا، پر اياز!

هيل تنهنجي سنڌ گهٻرائي نٿي.

*

گيت منهنجو ڌرتتيءَ جي دانهن آ،

ڪا ڳُڻن واري ائين ڳائي نٿي.

هن جي شاعري واقعي به صدين جي پيڙيل، لتاڙيل ۽ ماريل ڌرتيءَ جي ڇرڪائيندڙ دانهن آهي، جيڪا هر دؤر ۾ غلاميءَ کي للڪاريندي ۽ ستل ذهنن کي جاڳائيندي رهندي. هيءَ شاعري فني توڙي فڪري سطح تي هڪ مڪمل نئين ادبي روايت ۽ تحريڪ وانگر ئي آهي. هڪ اهڙي تحريڪ، جيڪا تند کي تلوار سان ويڙهائڻ سيکاري ٿي ۽ ان تي فتح حاصل ڪرڻ جا به سمورا گُر سمجهائي ٿي.

اوءِ پَرمتڙيا، ڪونه سمجهي سگهئين،

هيءَ ڪوتا نه هئي، ڪا نئين مَت هئي!



اسحاق سميجو

سنڌي شعبو

سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.