سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر محسن ڪڪڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سونھن جي ساڃھ“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو.
محسن ڪڪڙائيءَ جي سڃاڻپ سنڌيءَ ۾ رومانوي غزل لکندڙ طور مشھور آهي. محسن ڪڪڙائي ضلعي دادوءَ جي پسمنظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اتر جي لھجي جو عڪس پنھنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. ان ڪري سندس غزلن ۾ بہ ٻوليءَ جو لھجو نج ڳوٺاڻو ۽ ٻھراڙيءَ جو آهي. ائين تشبيھون ۽ استعارا بہ ڳوٺاڻا ڏيئي شاعريءَ کي وڌيڪ سونھن بخشي اٿس. ھن مجموعي ۾ سندس غزل، رباعيون، چئوسٽا، ھائيڪا/ٽيڙو ۽ آزاد نظم شامل آھن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي