الطاف شيخ ڪارنر

ارائونڊ دي ورلڊ

الطاف شيخ جو هي ڪِتاب سندس شروع جي ڪجهه ڊگهن سامونڊي سفرن جو آهي جيڪي هن ڪراچيءَ کان ڊئنمارڪ ۽ ناروي تائين ۽ عربي سمنڊ، هندي وڏو سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئريبئن سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي بندرگاهن بالٽيمور، نيويارڪ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن تي پھتو. ۽ ٻئي طرف خليج بنگال، ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ لتاڙي جپان جي بندرگاهن ۾ پھتو. ان کان علاوه بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) لتاڙي مصر ۽ سئيز ڪئنال ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي لنڊن ۽ لورپول، راسٽڪ (ايسٽ جرمني) جھڙن بندرگاهن ۾ جھاز کي لنگر انداز ڪيو ٿي. ان کان علاوه هن ڪِتاب ۾ ڪولمبو (سري لنڪا) ۽ چين جي بندرگاهن جو پڻ احوال آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ارائونڊ دي ورلڊ

سڀ حق ۽ واسطا قائم

نيو فيلڊس پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر هڪ س‍ؤ ستھٺ
ڇپائيندڙ : نيو فيلڊس پبليڪيشنس، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد
ڇپيندڙ: ذڪي پرنٽنگ پريس، ڪراچي
چوٿون ايڊيشن: اپريل 2000ع
قيمت: -/70 رپيا
پڪي جلد سان -/100 رپيا
هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1979ع ۾ سنڌي اڪيڊمي طرفان،
ٻيو ايڊيشن 1982ع ۾ سِيگل پبليڪيشن طرفان،
۽ ٽيون ايڊيشن نومبر 1992ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو.

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023


AROUND THE WORLD
(A Travelogue of Egypt, Danmark, Canada, U .S. A, Japan, Norway, Srilanka and other Counries in Sindhi)
byALTAF SHAIKH.
Published by New Fields Publications, Tando Wali Muhammed, Hyderabad, Sindh. Pakistan.
First Edition 1979 by Sindhi Academy.
2nd Edition 1982 by Seagul Publicatiosn.
3rd Edition November 1992 by New Fileds Publication, Hyderabad.
Price per Copy Rs 70/- Book No. 167

Digital Edition
www.sindhsalamat.com
2023

انتساب

سنڌ جي وڏن ليکڪن:

مرحوم الطاف عباسي
۽
مرحوم نسيم کرل نالي

جيڪي وقت کان اڳ اسان کان وڇڙي ويا.

_الطاف شيخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو مصر، ڊينمارڪ، ڪئناڊا، آمريڪا، جپان، ناروي، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن بابت لکيل سفرنامو ”ارائونڊ دي ورلڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ جو هي ڪِتاب سندس شروع جي ڪجهه ڊگهن سامونڊي سفرن جو آهي جيڪي هن ڪراچيءَ کان ڊئنمارڪ ۽ ناروي تائين ۽ عربي سمنڊ، هندي وڏو سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئريبئن سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي بندرگاهن بالٽيمور، نيويارڪ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن تي پھتو. ۽ ٻئي طرف خليج بنگال، ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ لتاڙي جپان جي بندرگاهن ۾ پھتو. ان کان علاوه بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) لتاڙي مصر ۽ سئيز ڪئنال ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي لنڊن ۽ لورپول، راسٽڪ (ايسٽ جرمني) جھڙن بندرگاهن ۾ جھاز کي لنگر انداز ڪيو ٿي. ان کان علاوه هن ڪِتاب ۾ ڪولمبو (سري لنڪا) ۽ چين جي بندرگاهن جو پڻ احوال آهي.
هن ڪِتاب جو مُهاڳ هِدايت بلوچ ۽ حميد سنڌيءَ لکيو آهي ۽ هن ڪِتاب جون هيستائين چار ايڊيشن نڪري چڪيون آهن. حميد سنڌي هي سفرنامو پڙهڻ بعد الطاف کي ڪولمبس سڏي ٿو. ”هي سفرنامو ننڍين ڪھاڻين جي ڪڙين کي ملائيندي هڪ تحقيقي تاثر ڇڏي ٿو. پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڀرپور انداز سان پڙهڻ تائين پھچائڻ هڪ وڏو فن آهي جنھن ۾ الطاف ڀڙ ٿو ڏسجي. جيتوڻيڪ سندس پھريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رخن کان خالي ٿا ڏسجن. پر هن سفرنامي ۾ سندس نظر چوڌاري ۽ گَھِري آهي.“
هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1979ع ۾ سنڌي اڪيڊمي طرفان،
ٻيو ايڊيشن 1982ع ۾ سِيگل پبليڪيشن طرفان، ٽيون ايڊيشن نومبر 1992ع ۾ ۽ چوٿون ايڊيشن 2000ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. ٿورائتا آھيون سائين الطاف شيخ جا جنھن ھن ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪرائي ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ: سنڌ جو ڪولمبس

حياتيءَ جي هن ڊگهي سفر ۾ ماڻهو هونئن ئي سيلاني آهي. فرق رڳو اهو آهي ته ڪي حياتي محدود چڪر ۾ گهارين ٿا، جيئن اسين، گهر کان آفيس، آفيس کان گهر، وڌ ۾ وڌ موڪلن ۾ ڳوٺ يا وڏو چڪر ته سکر لاڙڪاڻو، پر ڪن جي نصيب ۾ وري سڄي دنيا آهي. جھڙا نصيب الطاف جا آهن. هر دفعي نئون سفر نامون، ملڪن جا نالا اهڙا کڻندو جو هيانءُ ڏڪيو وڃي. شروعات ئي ايئن ڪندو، ”هتان يورپ، ناروي، ڊئنمارڪ، اسپين وڃڻو آهي. ان بعد ڪئناڊا ۽ آمريڪا_ پوءِ جي خبر ناهي_ ضرور ڪجه جدي، بصري، ڪولمبو يا چٽگانگ وڃڻو پوندو_ پر اهو به شڪر جو سئيز ڪئنال کليل آهي نه ته ڇڙو آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ ۾ ويھه ڏينھن چٽ. بھرحال هينئر هتان عربي سمنڊ مان سڌي گهُت هڻندسين ته سامهون ڳاڙهو سمنڊ جنھن جي هڪ پاسي عدن، يمن، سعودي عرب ته ٻئي پاسي سومالي لئنڊ، حبش، سوڊان ۽ مصر.“ ڏٺَو. هڪ سٽ سان گهڻن ملڪن ۽ کنڊن جا نالا کڻي ويو. رعب ويھارڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين. اڃان صفحو اٿلايو ته اجهو سمونڊ شروع:
”اڄ جي ماڊرن جھاز لاءِ ائٽلانٽڪ، پئسفڪ ۽ هندي وڏي سمنڊ کي ڇڏي ٻيا سڀ سمنڊ ڄڻ حوض! ڪارو سمنڊ، جپاني سمنڊ، ڏکڻچيني سمنڊ، افوسڪ سمنڊ، اڊرياٽڪ سمنڊ، بالٽڪ سمنڊ، عرفورا سمنڊ....!!“
بس بابا، اسان بس ڪئي. تنھنجي اڳين سفرنامن گهٽ ڏهڪايو هو جو هن ۾ اٿندي ئي اسان کي احساس ڪمتري ۾ متبلا ٿو ڪرين. رک ڌڻيءَ تي، تو جي اهي پار ورتا ته ڪو نه ڪو ٻيو تنھنجي ٽڪر ۽ مقابلي جو ضرور پيدا ٿيندو جيڪو توکان وڌيڪ ملڪ ۽ سمونڊ ڏسي اسان جو ته ٺھيو پر تنھنجو هيانءَ ڏڪائيندو. ڇاڪاڻ ته هاڻي گهڻن ئي انھي نوڪري جي ڪڍ مسين مسين بندر بندر، ملڪ ملڪ، سمنڊ، سمنڊ چونڊي گهر ڇڏيا آهن.
پر اهو مڃڻ مراد آهي ته الطاف جنھن وقت ۽ دور ۾ اهي ڏورانھان پنڌ ڏٺا_ ان جو افرادي پھلو ڪولمبس وانگر انهي ويلي ڳولي ڪڍيو ۽ اڄ تائين سفرنامن جھڙوڪ: منھنجو ساگر منھنجو ساحل، وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، دنيا آهي ڪاڪ محل، سمونڊ جي سيوين وغيره ذريعي سنڌي ادب جي ٻيڙي جو سفر نامن وارو سکان جهليو سڙهه اوچو ڪندو پنھنجي وطن جو جهنڊو جهولائيندو اچي. تنھن ڪري في الحال ته اسين کيس سنڌي ادب جو سڪيلڌو اڪيلو سفرنامن جو ليکڪ مڃينداسين. مھنجي نظر ۾ الطاف پنھنجي سفرنامن لکندي ٻين اردو يا انگريزي سفرنامن لکندڙن کان مختلف پي رهيو آهي جو هر هنڌ هو پنھنجي وطن جي گهٽين، گهيڙن، پاڙن پتين، شھرن ۽ ڳوٺن کي ڏورانهن شهرن جي اُچن محلن ماڙين کان اتاهون ڪيو آهي، هر هنڌ کيس پنھنجي مٽي جو هڳاءُ اچي ٿو.
هڪ هنڌ چئي ٿو، ”ڪياماڙي، چاڪيواڙو ۽ موسيٰ لين به اسان کي پڪاڊلي، ٽائيس اسڪائر ۽ گنزا کان سھڻي لڳي.“
ڪٿي ڪٿي وري اجهو هيئن لکي ٿو، ”ٽرنڍام بندرگاهه به ائين هڪ نديءَ جي ڪپر تي آهي، جيئن اسان وٽ روهڙي، ٻڍاپور، هالا پراڻا ڊڀرو (درٻيله) سمجهڻ کپي.“ خاص ڪري ڪٿي سنڌي ٿو مليس ته ٻھڪي ٿو اٿي. ٽنڊو ڄام ائگريڪلچرل ڪاليج جي ليڪچرار عبدالقادر چانگ، سنڌ يونيورسٽي (محترم الطاف شيخ حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي واري درستي ڪري) جي ساجد شيخ، هدايت الله ميمڻ، ڊاڪٽر اسلم گهلو جو ذڪر ڏاڍي حب مان ڪيو اٿس. خاص طرح جيڪب آباد ضلعي ٺلهه شھر جي مختيار مغل جي آتم ڪھاڻي، جنھن انداز سان کنئي اٿس ايئن پيو لڳي ته سندس اڪير وطن لاءِ ور ور ڪيو پئي وري. کيس ڏورانھن ملڪن ۾ رهندڙن جي معاشي ۽ سماجي مسئلن جي پوري ڄاڻ آهي. جنھن ڪري هيءُ سفر نامو ننڍين ڪھاڻين جي ڪڙين کي ملائيندي هڪ تحقيقي تاثر ڇڏي ٿو. پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڀرپور انداز سان پڙهندڙ تائين پُھچائڻ هڪ وڏو فن آهي. جنھن ۾ هاڻ الطاف ڀڙ ٿو ڏسجي. جيتوڻيڪ سندس پھريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رخن کان خالي ٿا ڏسجن. پر هن سفرنامي ۾ سندس نطر چوڌاري ۽ گھري آهي. هتان جو ماڻهو اتي نوڪري ڇو ٿو ڪري، ڪيئن پنھنجي جيءَ کي تڪليف ڏئي پنھنجن ٻچن لاءِ، جيڪي وطن ۾ اٿس، لاءِ ڪمائي ٿو. ڪي وري وڃن انھي نظريي سان پر وڃيو عياشيءَ ۾ پون. سندس تکي ۽ تڪڙي نظر ڪافي ڪجھه جهٽيو آهي ۽ ان کي سھڻي نموني ۾ ڇنڊي ڇاڻي هڪ هنڌ سموهيو اٿس.
مون کي ته هن سفرنامي ۾ الطاف اڳي کان وڌيڪ ڳنڀير ۽ سندس لکڻي فڪر انگيز لڳي. الطاف جنھن نموني پنھنجي ذهن جي اوسر ڪئي آهي ۽ مِٺ محبت، سڪ قرب ۽ حب الوطني سان ڀرجي اڳتي وڌيو آهي ان لاءِ دل مان دعائون نڪرن ٿيون ۽ وڏڙن وانگر زبان وري ٿي (الطاف جي وڏو ٿيو آهي ته اسان به هاڻي ذري گهٽ پوڙها ٿيا آهيون) ”شال جيئن سدائين، مٺو کير پيئين سدائين.“


حميد سنڌي
2 ڊسمبر87
حيدرآباد.

پيش لفظ: مٺڙو ماڻهو _ الطاف شيخ

ڪيڏو پيارو آهي اسان وارو الطاف_!
ڪڏهن “حقوق يا موت” جو هيانءُ ڏاريندڙ نعرو نه هنيو اٿس. ڪڏهن ڪلاشنڪوف جا برسٽ نه هلايا اٿس. سمونڊ جي ڇولين ۾ ڇلندي_ کارو کيڙيندڙ دنيا کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو اٿس، پر پاڻ کارو نه ٿيو. کرو سو آهي ۽ مٺو به آهي. تنھن ڏينھن ميلو ٿيوسوفيڪل هال ۾. ساڻس ئي ملهايل هڪ شام جي موقعي تي، گڏ ويٺا هئاسين سو ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيائين ته ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ لاءِ مھاڳ لکي ڏي. ٻيو ڪو چوي ها ته سمجهان ها ته طنز ٿو ڪري، مون کي منھنجي ننڍڙي اديب هجڻ لاءِ جتائي ٿو. پر الطاف جو اهو وکر ئي نه آهي سو ائين نه سمجهيم ۽ ان کي سندس خلوص واري آڇ سمجهيم پر هو ڪري به ڇا. 44_45 ڪتاب لکيا اٿس. مھاڳ لکڻ لاءِ وڏا اديب کٽائي ڇڏيا اٿس، وچولا اديب پورا ڪيا اٿس، ننڍا به نه ڇڏيا اٿس ۽ هاڻي ننڍڙن ڏي وريو آهي. جو مان جھڙي،ماڻهو کان به نه مڙيو، جنھن اڄ ڏينھن تائين هڪ ڪتاب به نه شايع ڪرايو آهي، سو ٿو لکي پنجيتاليھه ڪتابن جي ليکڪ جي ڪتاب جي لاءِ مھاڳ.
ان کي چئبو آهي ته ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت آهي.“ هي ”تجاهل عارفانه“ يا ”ڪسر نفسي“ نه آهي، هي منھنجي ننڍڙي اديب هجڻ جو کليو اعتراف آهي.
• سوال آهي ته سفرنامن جي ضرورت آهي به يا ناهي. اڄ جو دنيا ڳنڍي پئي آهي، جھازن ذريعي، اخبارن ذريعي، رسالن ذريعي، هر ملڪ جو حال پيو معلوم ٿئي ته پوءِ ڀلا سفر نامو ڇو؟
• ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي، چار يا پنج سال اڳ جي. اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان هڪڙي مائيءَ جو پٽ وڃائجي ويو، نه جن نه ڪن، لڀي ئي نه. سندس پوڙهي ماءُ ڏاڍي پريشان. آئي اسان جي گهر. امڙ (مرهيات) سان ملي. کيس ٻاڏائيندي عرض ڪيائين، ”ادي تنھنجا پٽ (آءٌ ۽ ادا عنايت بلوچ) ڪراچيءَ ٿا رهن. منھنجو پٽ غائب ٿي ويو آهي. ڏاڍو ڳوليو اٿمانس، لڀي ئي ڪونه ٿو. اللهجي نالي پنھنجي پٽن کي چئه ته ڪراچيءَ ۾ ڏسندا رهن ۽ جيڪڏهن ڪو اوپرو ماڻهو نظر اچين ته ان کان جهلي پڇا ڳاڇا ڪن ته من منھنجو پٽ هجي.“ هاڻي زور آهي اوپري ماڻهوءَ تي. ائين به نه ته ڪو منھنجي پٽ جي ڳولها ڪن. پر ڪراچيءَ ۾ ڪو اوپرو ماڻهو ملين ته انھيءَ کي جهلين ۽ پڇا ڪن، من منھنجو پٽ لڀي پوي. اها آهي اسان جي سنڌ جي عوام جي اڪثريت، جنھن کي پنھنجي ملڪ جي حالتن جي ئي خبر نه آهي ته پوءِ پرڏيھه ته پري جي ڳالهه آهي. اهو مثال ان ڪري ڏنم جو ثابت ڪرڻ گهران ٿو ته سفرناما نھايت ڪارائتي صنف آهي جنھن مان ملڪان ملڪ جي ماڻهن جي سماجي، معاشي، معاشياتي، ادبي، علمي، جاگرافيائي، تاريخي، اخلاقي، ارتقائي پسمنظر جي پروڙ پوي ٿي_ اسان جي عوام جي ٻه سيڪڙو مخلوق ئي عالمي سطح تي پروڙ ۽ پھچ رکي ٿي. باقي چاڪي ۽ ڏاند وارو قصو آهي. سفرناما لکڻ، معلومات سموهڻ، ذري پرزي کي قلمبند ڪرڻ، ننڍڙن ننڍڙن غير اهم واقعن کي به بيان ڪرڻ، هر ملڪ جي نه فقط اگهاڙي اک کي نظر آيل منظرن ۽ واقعن کي لکڻ پر ان ملڪ جي اگهاڙي اک کي نظر نه ايندڙ پس منظر جھڙوڪ: اهو ملڪ ڪڏهن آزاد ٿيو، ان جي ڊيگهه ويڪر ڪيتري آهي، آدمشماري ڪيتري آهي، نديون، نالا، پوک، پلاهه، سڀئي معلومات پڻ ڏئي ٿو. هرڪو اديب انهن ڳالهين کي نه ٿو ڳڻي. خود منھنجو مثال آهي. مان ڪيئي ڀيرا آمريڪا، ڪئناڊا، ترڪي، هالينڊ، پيرس وڃي چڪو آهيان ۽ مھينن جا مھينا ٽڪيو ۽ گهميو ڦريو آهيان ۽ ظاهر آهي ڪيئي تجربا ۽ مشاهدا به ٿيا هوندا۽ چاهيندي به اڄ ڏينھن تائين قلم نه کڻي سگهيو آهيان. ان لاءِ نه ته مون ۾ لکڻ جو ڏانءُ ڪونهي پر ان لاءِ ته اها تڪليف ڪير ڪري. سُستي ڪيئن ڇڏجي. وقت ڪيئن سيڙهائجي. خفا ڪير ڪري. هڪ ڀيري مون کي امر جليل هڪ چيني چوڻي ٻڌائي هئي جيڪا چڱيءَ طرح ياد ته نه آهي پر مطلب هو ته اديب ۽ غير اديب ۾ فرق اهو آهي ته اديب وقت سيڙائي ڪا شيءِ لکي ٿو ۽ غير اديب کان اهو ڪم نه ٿو پڄي.
• الطاف نه ڪميونسٽ آهي، نه ڪامريڊ آهي، نه سوشلسٽ آهي، نه ڪيپٽلسٽ نه فاشسٽ آهي. هن ۾ ڪا به ”ازم“ ناهي. هو هڪ سچو ۽ صاف سنڌي آهي۽ سندس سموري ڪمٽمينٽ سنڌ سان آهي. پيپلزپارٽيءَ وارن جو هڪ سلوگن آهي: ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي.“ اهڙي طرح الطاف جي سفرنامن جو سرچشمو سنڌ آهي. هر هڪ ملڪ جي واقعن ۽ مشاهدن کي هو سنڌ سان ڀيٽي ٿو ۽ اهو سندس فن آهي جو هو سنڌين کي Involveڪري ٿو ۽ مجبور ڪري ٿو ته سندس سفرناما پڙهن ۽ پنھنجي جنم ڀومي غير ملڪن سان ڀيٽي ڏسن ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون ۽ ڪي ملڪ_ جھڙوڪ يورپي ملڪ ڪٿي بيٺا آهن.
ملڪن جي جيڪڏهن ڀيٽ ڪبي ته خبر پوندي ته اسان جي پياري ملڪ ۽ ماڻهن جو چاڙهو ڪونهي. آمريڪا، ڪئناڊا، يورپي ملڪ توڙي اوڀر طرف جپان يا چين. انهن ملڪن جي مقابلي ۾ ائين چئجي جيئن هو 50 ماڙ بلڊنگ جي مٿئين ماڙ تي بيٺا آهن ۽ اسان فرسٽ فلور تي بيٺا آهيون! ڄڻ ته مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ئي ڪانه ٿي لڀي!
• ادب ۾ اڳي بحث ٿيندا هئا. ادب برائي ادب يا ادب برائي زندگي. ڪنگال ڪامريڊ اديب ايلفي جي ڪنھن ريسٽوران ۾ اٺين آنيجو چانھن جو ڪوپ وٺي صبح کان شام تائين پيا عالمي ادبي بحث ڪندا هئا ۽ بئري کي ڪٽلي ۾ چانھه جو ڪجهه پاڻي وجهي اچڻ لءِ به چوندا هئا. پر بل اصل اَٺ آنا. Refill جا پئسا هوٽل وارا نه وٺندا هئا. اهي هوندا هئا علمي ۽ ادبي بحث جنھن ۾ اختلاف راءِ جو مزو به ايندو هئو. شخصي حملا نه ٿيندا هئا. اهو دؤر ڪميونزم جي اوج جو دؤر هئو. ڇا ته مزو ايندو هو. جڏهن ڪو ڪامريڊ ڪري سڏيندو هو.
لينن، مارڪس، اينجلز، ميڪسم گورڪي، چيخوف، دوستو وسڪي، روسي مارڪسوادين فيلسوفن ۽ اديبن کي ڏاڍو پڙهيو ويندو هو.
ترقي پسند ۽ رجعت پسندن جا پاڻ ۾ قلمي جهيڙا هوندا هئا. عموماً سنڌي ادبي سنگت مان نڪتل سمورا اديب ترقي پسند، مارڪسوادي يا سوشلسٽ سمجهيا ويندا هئا ۽ عربي فارسي زره جميعت الشعراتي اديب رجعت پسند سمجهيا ويندا هئا. مون کي ياد آهي ته ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، مھراڻ ۾ گرامي جي گمراهي تي سوين قسطون لکي چڪو هو.
اڄ جڏهن روس ئي ناهي رهيو ته ڄڻ سڄي ترقي پسند تحريڪ کي ئي لوڏو اچي ويو آهي. جديد سوچ رکندڙ اديب جيڪي آمريڪا کي سامراج جي نالي سان ياد ڪندا هئا ۽ جن کي روس جو ٽيڪو هئو تن کي به ڄڻ ڍڪر اچي ويا آهن. اهڙي نموني روس جي سھاري لئي ڪندڙ حڪمران جھڙوڪ فيڊرل ڪاسترو جھڙا مجاهد مرد پڻ ڄڻ بي سھارا۽ يتيم ٿي ويا آهن، ۽ آمريڪا روس جي غير موجودگي ۾ اگهاڙي بدمعاشي تي لھي آيو آهي. لبيا کي دڙڪا ڏئي چوي ٿو، چي ٽي سال اڳ تو Pan Am جو جھاز ڪيرايو هو ان جو حساب ڪتاب ڏي. خير اسان شايد رستو ڀلجي وڃي آمريڪا ۾ پياسين. ڳالهه پئي هلي ته اڄ اخبارون ۽ رسالا پڙهو ته اسان جا “ هڪ ۾ ٻه “Two in One”يعني سياستدان به ۽ اديب به. اهڙا ٻئي ڌريو ترقي پسند ۽ سڄاڻ اديب + سياستدان هڪ ٻئي تي اهڙا خطرناڪ حملا ڪن ٿا ۽ ”ڏي جواب ۽ وٺ جواب“ جو اهڙو سلسلو هليل آهي جو چئو ته اخبارن ۽ رسالن جي مطالعي تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. هڪڙا وري نالي ۾ نھال اديب شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تي اچي ڏمريا آهن. چي شاهه لطيف ميون شاهه عنايت جي بيتن تان چوري ڪئي آهي ۽ اياز پرڏيهي اديبن جا شعر چورائي_ترجمو ڪري، پنھنجي نالي ۾ ڇپرايا آهن. اها آهي اسان جي موجوده سنڌي اديبن جي اڻ سھپ جي انتھا. ڀٽائي ۽ اياز جو جبل جيڏو پورهيو ۽ فنڪاري ويندي رهي اٽلو هاڻي انهن کي جوابدارن جي ڪٽھڙي ۾ بيھاريو ٿو وڃي.
اها پٽاڙ ان لاءِ ڪرڻي پئي ته الطاف جا سفرناما مزيدار چٽپٽيون ڳالهيون ۽ ملڪان ملڪ جي معلومات، يعني سندس ڪتاب پڙهندا رهو، مُرڪندا به رهو. ڪڏهن ڪڏهن ٽھڪڙا ڏيندا رهو. ڪتاب جو پورو ٿئي ته انسان پاڻ کي خوش ۽ هلڪو محسوس ڪري Heavy Heartسان نه اٿي_ بقول اقبال ”زیستمشکلہےاسےاوربھیمشکلنہبنا.“
• الطاف تي دٻيل دٻيل اهو به هڪ الزام هنيو ويندو آهي ته کَل َ جي مٿان جو ليکڪ آهي ۽ اندر ۾ لڪل جذبن کي نه ٿو کولي. يعني لسو ۽ خشڪ ليکڪ آهي ۽ گهڻو لکڻ وارن جو اهڙو ئي حال ٿيندو آهي. يا ته مقداري لکو يا معياري لکو. ٻئي گدرا هڪ هٿ ۾ نه ٿا اچي سگهن ته مقدار ۾ به گهڻو لکو ۽ معيار به قائم رهي.
مان ان الزام کي پنھنجي پوري طاقت سان رد ڪريان ٿو ۽ سندس بچاءُ ۾ سندس تحرير جا ڪجهه ٽڪرا پيش ڪريان ٿو. ”سلوني گرلس“ جي عنوان سان هيٺ سندس هي مشاهدو ٻڌو:
”سَر!ماءِ ٽيڪسي ويري گڊ.“
”نه. ٽيڪسي جي ضرورت ناهي.“
”اوڪي گرل. گڊ سلوني گرل، سَر.“
ڪاريون، سنهڙيون، بدبودار، هڏائون پنڃرا.ائناٽامي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪور جون تصويرون Unbalanced – Diet جو جيئرو جاڳندو ثبوت. ۽ ها سفليز ۽ سستي ميڪ اپ سان ٿڦيل .... سلون (سري لنڪا) جي معيار کان شايد اهي ”گڊ گرلس“ هجن. سندن سولو شڪار_؟ سيلر! جهازي!جيڪو هڪ رات جي مزي کانپوءِ سڄو مھينو پينسلين جون سُيون هڻائيندو رهي يا سمنڊ تي سور جي عذاب کان تڙپندو رهي_ نه فقط پنھنجي پر اولاد جي زندگي به تباهه. اڄڪلهه سفليز مرض_ بادِ فرنگ بدران بادِ سلون، بادِ ٿائلينڊ، بادِ هندستان، بادِ غربت، باد مشرق هئڻ گهرجي. ۽ انهن ڪارين ڪوجهين، بدبودار بيمار ڇوڪرين سان نفرت ڪرڻ گهرجي يا همدردي؟ ان ۾ آخر سندن ته ڏوهه ناهي پر معاشري جو، معاشيات جو، ملڪي سياست جو ئي سمجهڻ کپي. تڏهن ته سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان، جرمني، اٽلي جون ڇوڪريون جي اڄ کان ويھه پنجويھه سال اڳ مانيءَ جي ڳڀي يا ڦاٽل چولي چمپل تي پنھنجو جسم وڪڻي ڇڏينديون هيون سي اڄ هزارين رپين ۾ به توهان جي مرضي سان ساٿ نه ڏينديون.
توهان ڪنھن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪريو پوءِ ڪا رنڊي ٿئي. پوءِ ڪو چور ٿئي ته ان سان نفرت ڪريو. حوالو ختم.
ڪنھن به معاشري جي غير برابري، سھولتن جي غير مساوي تقسيم، مفلسي، جسم فروشي وغيره جي ڪيفيت تي الطاف جو حوالي طور پيش ڪيل ٽڪرو سعادت حسين منٽو، ڪرشن چندر، غلام عباس، عصمت چغتائي، امر جليل يا اهڙن ٻين وڏن ليکڪن کان ڪنھن به صورت ۾ گهٽ ناهي، مون اهو حوالو فقط ان ڪري ڏنو آهي جو نقاد ان اعتراض تي نظرثاني ڪري سگهن ته الطاف لسو يا خشڪ ليکڪ ناهي. هن ۾ اهي نفيس جذبات موجود آهن،جيڪي ڪنھن حساس اديب ۾ هجن ٿا. اهو هڪ ٽڪرو مون فقط مثال طور پيش ڪيو آهي. سندس لکيل اڪيچار ڪتابن ۾ اهڙيون سوين لکڻيون پکڙيون پيون آهن. اهڙي طرح الطاف ساڳي وقت هڪ انجنيئر، رياضي دان، موسمن جو ڄاڻو، هڪ حساس ليکڪ، سيلاني، مصور، سفرناما لکندڙ ۽ افساني نگار پڻ آهي.
سري لنڪا يا سلون بابت الطاف جيڪا مفلسي، غربت ۽ نوجوان ڇوڪرين جي پيٽ جي دوزخ ڀرڻ خاطر جسم فروشي جي جيڪا ڪٿا لکي آهي، سا لڳي ٿو ته ”ڪي وسندڙ شھر ويران ڪرين ڪي وسائين واهڻ“ جي مصداق آهي ڇو ته جڏهن ڀٽائي جو سُر سامونڊي پڙهون ٿا تڏهن ڪل پوي ٿي ته ڀٽائي لنڪا کي به ڳاويو آهي ۽ تڏهن لنڪا ۾ خوشحالي هئي. هي بيت ٻڌو:

”لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَيء لَنڪا جي اوهِرِيا؛
سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊيُنِ؛
پِرِهَ پَڳَہَڇوڙِيا،کاريکيڙائُنِ؛
وَڏيڀاڳڀِڙنِ،جيڪَهياڪارُونڀارڏي.“

ان بيت مان خبر پوي ٿي ته ڪنھن وقت ۾ سري لنڪا يا لنڪا خوشحال ملڪ هو ۽ اتان جي ُسونھن جو سُڻي سامونڊين کي سک نه ايندو هو ۽ اهي اوڏانھن ڪمائڻ لاءِ ائين ويندا هئا جيئن اڄڪلهه ماڻهن جي ڀاڄ آمريڪا يا جپان ڏانھن آهي. ٻيو بيت ٻڌو:

کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا
سودو ڪن نه سونَ جو، وڏا وِهائوُ
موتي جي مھراڻ جا، تن جا طامائوُ
سامونڊي سائُو، لنڪا لوپي آئيا.

لنڪا لوپي آئيا مقصد ته اتان جهجهو ڪمائي آيا. مگر هاڻ ته الطاف جي احوالان مان لڳي ٿو ته اتي ڀينگ ٿي واڪا ڪري.
الطاف هيءُ ڪتاب برلن وال (Berlin-wall) ڪِرڻ کان اڳ لکيو آهي. اڄ جڏهن اوڀر ۽ اولھه جرمني گڏجي ويا آهن ۽ برلن وال ٽُٽي چڪي آهي ۽ روس به دنيا جي نقشي تان غائب ٿي ننڍين ننڍين خودمختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪو آهي، جيڪي وري هڪ ڍري ڪامن ويلٿ ذريعي سلهاڙجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، تڏهن سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڀلا اشتراڪي بلاڪ کي آخر ٿيو ڇا جو بلڪل ٽُٽي ويو. ڇا سرمايه دار دنيا ۾ سڀ خوبيون آهن ۽ اشتراڪي دنيا ۾ سڀ خرابيون آهن. جو سرمايه دار ملڪ وڃن ٿا طاقت ور ٿيندا ۽ اشتراڪي ملڪن جا حال بُرا آهن. توڙي جو برلن وال ٽٽڻ ۽ روس توڙي ٻيا اشتراڪي نظام ڌڙام ٿيڻ، هن ڪتاب لکڻ کان پوءِ جا واقعا آهن پر تنھن هوندي به الطاف ان طرف اڳي ئي اشاارو ڏئي چڪو آهي:
باب تيرهين ۾ ايسٽ جرمنيءَ جي حوالي سان ”لوهي پڙدي (Iron-Curtain) جي هن پار“ تي لکندي هن اوڀر جرمني جي مختلف ماڻهن کان رايا ورتا آهن جن جا ٽڪرا پيش ڪجن ٿا:
هڪ عورت مسز پاليڪ کان ورتل انٽرويو جا ٽڪرا:
”اسان ٻين ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ به نٿا وڃي سگهون سواءِ سوشلسٽ ملڪن: بلغاريا، رومانيا، چيڪو سلوويڪيا وغيره جي. هتي اسڪولن ڪاليجن ۾ جرمن ۽ روسي زبان پڙهائين. انگريزي مون پنھنجي مڙس کان سکي آهي، جيڪو جھاز تي خلاصي آهي. هتي گهڻو تڻو سامان روس جو وڪامي ۽ اسان جي ملڪ جوڪچو سامان جھڙي تھڙي اگهه تي روس وٺي. ٻين ملڪن جون شيون لڪ ڇپ ۾ بليڪ تي وڪامن.“
ويسٽ جرمني کي سٺو ٿا سمجهو يا هن پنھنجي ايسٽ جرمني کي؟ مون کانئس پڇيو.
”گهمڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ ويسٽ جرمني سٺو پر رهڻ لاءِ ايسٽ جرمني. اسان جي ايسٽ جرمنيءَ ۾ اها سا ڳالهه آهي ته برايون نه آهن. مثلاً چوري، ڌاڙا، غنڊه گردي، کلئي عام فحاشي وغيره بلڪل نه برابر آهن، جيڪي ويسٽ جرمني يا ٻين سامراجي ملڪن ۾ آهن.“
”پوءِ به توهان هتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇو ڀلا؟“
”بس! شايد ان هوندي به ڪنھن شيءِ جي کوٽ محسوس ڪريون ٿا ۽ اها آهي شخصي آزادي. ان کان سواءِ اسان جو هي ملڪ جيڪو ظاهري طرح ته سوشلسٽ ملڪ سڏجي ٿو پر حقيقت ۾ Police State هجڻ ڪري هر وقت خوف ۽ حراس ۾ زندگي بسر ڪيون ٿا.“ حوالو ختم.
مسز پاليڪ جي مٿين ڳالهه ”روس ڇو ٽٽو“ جو مڪمل جواب آهي_ يعني ٻين چڱاين جي باوجود جيڪا شخصي آزادي جي عدم موجودگي ۽ Police State بڻجڻ ئي ڪارڻ آهن اشتراڪين جي بربادي جا.
مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته الطاف روس ٽٽڻ کان اڳ ئي ڄڻ ته اها پيشنگوئي ڪري ڇڏي هئي ته ائين اَوَس ٿيڻو ئي هو.
الطاف جديد سيلاني آهي. مگر فني ۽ لغوي لحاظ کان هو وڻجارو ناهي، هو سُر سامونڊي ۾ ڀٽائي جو اهو وڻجارو ناهي جن جون ونيون وڻج خاطر ورن لاءِ پيون واجهائينديون هيون ۽ جڏهن ٻارهن مھينن کانپوءِ وڻجارو موٽندو هو ته وري ستت ئي سفر تي اُسھڻ جي تياري ڪندو هو. ۽ وڻجاري جي وني جي سڪ ئي پوري نه ٿيندي هئي. تڏهن هوءَ رڙ ڪري پنھنجي سس کي چوندي هئي:

”وڻجاري جي ماءُ! وڻجارو نه پلئين؟
آيو ٻارهين ماههِ! موٽيو ٿو سفر سنبھي!“

پوءِ جڏهن وڻجارو ونيءَ کان لڪ ڇپ ۾ پَڳھه ڇوڙي ٻيڙا ٻار ۾ وجهي، سفر ڀيڙو ٿيندو آهي ته هوءَ بندرگاهه ڏانھن يڪساهي ڊوڙي هن کي پڪاريندي آهي ته اڄ نه وڃ.

”پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مون ڏُورِ ٿِيا؛
نه مُون هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئُون چَئِي چَڙهان؛
اِيهين ڪَجِ، پاتِڻِي! جنهن پَرِ پِرِينءَ مِڙان؛
ڪارُون تي ڪَريان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُـئا!“

پر اها ڪيفيت هن وڻجاري جي ناهي جنھن جي وني وَرَ سان هوندي آهي.
الطاف جي سفرنامن ۾ بيان ڪيل تجربن ۽ مشاهدن تي ساحر لڌيانويءَ جو هي بيت ڪيڏو ٺھڪي اچي ٿو:
دنیا نے تجربات و ہدایت کی شکلمیں
جو کچھ مجھے دیا ہے وھ لوٹا رہا ہوں میں۔

پر مان سمجهان ٿو ته الطاف ورتو گهٽ آهي موٽايو گهڻو آهي_ يار زنده صحبت باقي.

هدايت بلوچ
1_ جنوري 1992ع

عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ

• سفر جي شروعات

هڪ دفعو جھاز وري ڪراچي ڇڏي آهي ۽ سفر شروع ٿيو آهي. ڪجهه ڪلاڪن بعد ٽي ويءَ ساٿ ڇڏيو ۽ ٻن ڏينھن بعد ريڊيو رهجي ويو. رهجي ويون عالمي نموني جون ريڊيو اسٽيشنون: راولپنڊي، بي بي سي، وائيس آف آمريڪا ۽ هڪ ٻه روسي اسٽيشنون.
”ڏُور اوڀر“ اڄ کان سوين سال اڳ به جھازي پسند ڪندا هئا ته اڄ به. لڳاتار چئن پنجن سفرن کانپوءِ هن دفعي جھاز اوڀر ڏي رخ رکڻ بدران، اولھه طرف ڪيو آهي. هتان يورپ، ناروي، ڊئنمارڪ اسپين وڃڻو آهي. ان بعدڪئناڊا ۽ آمريڪا_ پوءِ جي خبر ناهي. آمريڪا کان سڀ ڪارگو ڪراچي لا ملڻ ته مشڪل آهي. ضرور ڪجهه لاءِ جدي، بصري، ڪولمبو يا چٽگانگ وڃڻو پوندو. يعني هي سفر تمام ڊگهو ٿيندو_ پر اهو به شڪر جو سئيز ڪئنال کليل آهي نه ته ڇڙو آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ ۾ ويھه ڏينھن لڳيو وڃن ۽ اٽڪل اٺ هزار کن ميل وڌيڪ سمنڊ جهاڳڻو پوي ٿو ۽ پوءِ هڪ هڪ سمنڊ جو ڏينھن قيد برابر ٿئي ٿو. سمنڊ تي جھاز ۽ قيد ۾ رڳو اهو تفاوت آهي جو قيد خاني مان ڪڏهن ڪڏهن ڀڄي نڪرڻ جا موقعا ملي سگهن ٿا.
هينئر هتان ڪراچيءَ کان عربي سمنڊ مان سڌي گهُت هڻنداسين ته سامهون ڳاڙهو سمنڊ جنھن جي هڪ پاسي عدن، يمن، سعودي عرب آهي ته ٻئي پاسي سومالي لئنڊ، حبش، سوڊان ۽ مصر آهي. ڳاڙهي سمنڊ جي پڇڙيءَ وٽ انسان جو هٿراڌو کوٽيل سئيز ڪئنال آهي، جيڪو ميڊيٽرينن سمنڊ کي، ڳاڙهي سمنڊ سان ملائي ٿو. اڄ جي ماڊرن جھاز لاءِ ائٽلانٽڪ، پئسفڪ ۽ هندي وڏي سمنڊ کي ڇڏي، ٻيا سڀ سمنڊ ڄڻ حوض برابر آهن. ڪارو سمنڊ، جپاني سمنڊ، ڏکڻ چيني سمنڊ، افوسڪ سمنڊ، اڊرياٽڪ سمنڊ، بالٽڪ سمنڊ، ڪئربين سمنڊ، عرفورا سمنڊ يا ٻيا ڪيترا سمنڊ پار ڪرڻ وقت ڪو نه ڪو ملڪ، اَجهي لاءِ، سڏ پنڌ تي آهي ئي آهي ۽ جھازيءَ جي دل، نفسياتي طرح، بھادر رهي ٿي. نڄاڻ جھاز تي ڪو حادثو ٿي پيو ته يڪدم اوسي پاسي جي ملڪن کان مدد جو بندوبست ٿي سگهي ٿو . پوءِ جيئن هاءِ وي تان لنگهڻ وقت ٽيڪا ٽپڻي ڪبيرهبي آهي ته هي فلاڻو ٻيلو آهي، هي فلاڻي درياءَ جو واهه آهي، هي ساڄي پاسي فلاڻي وڏيري جي زمين آهي، اڳ سال فصل ڀلو لٿو هوس ۽ کاٻي پاسي فلاڻي رئيس جو باغ آهي. هاڻ فلاڻو ڳوٺ اچڻ وارو آهي، اتي ترسي چانھه پيئنداسين ۽ هتي هن هنڌ اسان جي هڪ مائٽ جو حادثو ٿيو هو. پوءِ هتي جي تر جي ماڻهن_نوح پوٽن، هاليپوٽن_ يا ڦل پوٽن ڏاڍي مدد ڪئي هئي. ساڳيو لقاءُ هيڏانھن هوندو آهي.
”اڄ منجهند جو ساڄي پاسي هڪ جبل نظر آيو هو.“ مانيءَ تي جونيئر انجنير ٻڌايو.
”اهو عدن جو پاسو ئي ته هو ۽ هي کاٻي پاسي جبوتي آهي. تازو فرينچن کيس آزاد ڪيو آهي. سواءِ ٻڪرين جي، ٻي ڪا پيدائش يا آبادي ناهي.“ ريڊيو آفيسر وراڻيو.
”چيف انجنيئر کي جبوتيءَ ۾ شايد انجڻ جو ٽربو چارجر Turbo_ charger ٺھرائڻو آهي.“
”ماٺ اٿس ڀلي. اٿوپيا سان ڳنڍيندڙ، سندن واحد رستو ڀڄي پيو آهي، اهو ئي کانئن مرمت نٿو ٿئين. سو وري جھاز جو ٽربو چارجر ٺاهيندا. اڃان به مصر ۽ مالٽا ۾ ڪجهه ٿي سگهندو.“
”مصر وري ڪھڙو چڱو مڙس آهي! اڳئين دفعي اسان کي پاڻيءَ جي ضرورت هئي، اهو ئي نه ڏئي سگهيو پوءِ اڳتي مالٽا مان وڃي ورتوسين.“ فورٿ آفيسر سندن درستي ڪئي.
”اڳئين دفعي اسان سومالي لئنڊ جي بندرگاهه مگديشو ڪارگو کڻي ويا هئاسين پر هينئر ته ضروت ۾ به وڃڻ صحيح ناهي جو ملڪ ۾ امرجنسي لڳل آهي.“
”اهي سومالي لئنڊ ۽ اٿوپيا وارا هاڻ ڏکيو ٺھن. سڀ روس نالي ٿا چون، ته اهو ٻنهي کي هٿيار ڏئي ويڙهايو ويٺو آهي. ’چور کي چوي چوري ڪر، ساڌ کي خبردار، اچئي پيو. نه وڃنئي‘ وارو ڪم روس جو آهي، کيس لڙ ۾ مزو.“
”گهٽ ته ٻيون وڏيون طاقتون به نه آهن. منھنجي نظر ۾ ته سڀ وڏا ٺي ٺڪر ڳي ڳيرا آهن. جنھن کي جتي ٿو جهٽ لڳي اتي اهو پورو آهي. آخر کين سندن ڪارخانن ۾ ٺھيل هٿيار ڪٿي ته آزمائڻا ۽ وڪڻڻا آهن، نه ته سندن مزور بي روزگار نه ٿي ويندا؟“
”ڪٿي پھتا آهيون، هاڻ؟“ جونيئر انجنيئر ماني ختم ڪري پڇيو.
”هوائي جھاز ۾ پيو وڃين ڇا؟ اڃان ته اتي ئي اٿوپيا ۽ سوڊان وٽان لنگهي رهيا آهيون ۽ ساڄي پاسي سعودي عرب آهي. شام ڌاري جدي وٽان لنگهنداسين.“
”يار پنھنجي ته حسرت ئي رهجي وئي حج ڪرڻ جي! هاڻ ڪو حاجين جو جھاز وٺبو. فلاڻو ٿرڊ آفيسر سفينه حجاج ۽ سفينه عرب تيهو، ٽي حج ۽ هڪ عمرو ڪيو اٿس.”
”ڀلا، سئيز ڪڏهن ٿواچي؟“
”بس سڀاڻي رات جو دير سان يا پرهينءَ صبح جو. پورٽ توفيق پهچي، پھرين قافلي ۾ شامل ٿبو. سئيز ڪئنال وڏو ڏڍ آهي، مصرين لاءِ. پاناما ۽ ڪِيل (Kiel) ڪئنال وارا به ايترا پئسا نٿا وٺن. هڪ هڪ جھاز کان هي ٻه لک رپيا کن وٺن ٿا. ڏهاڙي هڪ سو جھاز به لنگهن ته مصر وارن جا مفت ۾ ٻه ڪروڙ رپيا ٿيو وڃن. پاڻي ته مالٽا مان کڻبو نه؟ سيڪنڊ انجنير پڇيو.
”مالٽا ۾ مينھوڳيءَ جو پاڻي ٿئي. ان کي ڪاڙهي پيئڻ جو کٽراڳ ڪير پيو ڪندو.“ چيف آفيسر وراڻيس.
”مالٽا جي نقشي تي واقعي ڪا ندي نالي نظر ڪا نه ٿي اچي. مينھن جو نه ته کوهه جو پاڻي هوندو. پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ ٻي ڪا سٺي جاءِناهي؟“
”ساڄي پاسي ترڪي، اٽلي، فرانس وغيره آهن. پر انهن جي بندرگاهن لاءِ ڪجهه اندر هلڻو پوندو ۽ کاٻي پاسي لبيا، ٽيونيشيا ۽ الجيريا ويجها بيٺا آهن پر ايڏانھن ماڻهو ويوته ڦاٿو. جيسين وارو اچي. اڳھين سندن ”ڪارگو جھاز“ ٻن مھنن کان انتطار ۾ هوندا. پاڻ کي ”سوٽا“بندرگاهه (Ceuta)سٺو رهندو. تيل به اتان وٺنداسين.“
”سُوٽا موراڪو ۾ آهي نه؟“
”آهي ته موراڪو جي سرزمين تي، پر مٿس قبضو اسپين وارن جو آهي. موراڪو وارن کي ڪڏهن به نه ڏيندا. جيئن جبرالٽر کي انگريز نٿا ڇڏين.“
”هڪ دفعي، اسان جي ففٿ انجنير جي، جبرالٽر وٽان لنگهندي ٻانھن جي هڏي ڀڄي پئي. جبرالٽر ريڊيو کي وائرليس ڪئيسين. هڪدم هيليڪاپٽر ذريعي، انجنير کي هلندڙ جھاز تان کڻي ويا. پوءِ هو چاق ٿي، بيلجم ۾ جھاز تي موٽيو. هونءَ انگريز، اسپيني، ڊئنش ۽ نارويجن ان معاملي ۾ ماڻهو ڀلا آهن. کين سامونڊين جو قدر آهي. پاڻ به ته صدين کان وڏا Sea-farer رهيا آهن ۽ ڏکيا سکيا ٻنهي قسمن جا ڏينھن ڏٺا اٿن. ٽپال ۽ اخبار به، اهي، هلندڙ جھاز تي، روزانو هيليڪاپٽر ذريعي موڪليندا رهن ٿا.“
”۽ هي پاڻ وارا مصري يار؟“
”انهن جي ته ڳالهه ئي نه ڪر.“ ... وغيره وغيره.



اسان جي ٽي وي ۽ اوگهڙ

پاڪستان ۾ ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوم ته پاڪستان ٽي_وي تي اوگهڙ گهڻي ٿا ڏيکارين ۽ آئون اهو ئي، سوچيندو هوس ته مصر، لبيا، جارڊن، ٽيونيشيا جھڙن مسلمان ملڪن جي ٽي ويءَ تي ته خبر ناهي ڇا هوندو. عشقيه ڊرامن جو ته ذات نالو نه هوندو ۽ جي ڪا عورت ڳائڻ يا خبرون پڙهڻ ايندي هوندي ته پڪ برقعو پائي پوءِ اهو ڪم سر انجام ڏيندي هوندي.
هن دفعي عربي سمنڊ، بحرِ احمر ۽ بحر روم مان لنگهندي وقت، ڪيترن ئي عرب اسلامي ملڪن جا ٽي وي پروگام پابنديءَ سان ڏسڻ بعد پاڪستان جي انهن ماڻهن تي تعجب کاڌم، جيڪي پاڪستان جي ٽي وي کي اوگهڙ سان مشابھت ڏين ٿا. هتي جي ملڪن جي ٽي وي جي جهلڪ، اميد ته پاڪستان ۾ ’دوست ملڪن جي موسيقي‘ نالي پروگرام ۾ ڏٺي ويندي هوندي.
***
سئيز ڪئنال اڪارڻ واري مصري پائلٽ کان اسان جي ڪئپٽن پڇيو ڇا پيئندين؟
پائلٽ: مون کي انڊين چانھه کپي.
ڪئپٽن: ڇو انڊين چانھه_؟
پائلٽ: ڇو هي انڊين شپ ناهي.
ڪئپٽن: ڪمال آهي اسان توهان خاطر اسرائيلين سان به رٺا ويٺا آهيون ۽ توهان جا اهي حال آهن جو پنھنجي مسلمان دوست ملڪ کي نٿا سڃاڻو؟
پائلٽ: ڇا توهان مسلمان آهيو_؟
ڪئپٽن: تڏهن ٻيو وري ڇا. هي جو اچڻ سان توکي سلام ڪيم.
پائلٽ: پر هڪ هندستاني جھاز تي آئون ويس ان تي به مسلمان ڪئپٽن هو، هندستان ۾ به ته مسلمان آهن.
ڪئپٽن: اها ته مون کي به خبر آهي ته هندستان ۾ به مسلمان آهن. چين ۾ به مسلمان آهن. روس ۾ به آهن. پر پاڪستان ملڪ م مسلمان Dominate ڪن ٿا.
ڪيترا اهڙا ملڪ آهن جيڪي حڪومت جي سطح تي ته اسان جا دوست سڏيا وڃن ٿا پر افسوس جو ان جي عوام اسان جي ملڪ کان اڻ ڄاڻ آهي. ڪيترا پرڏيهي گس پنڌ ملندي هن قسم جا سوال ڪندا: ’پاڪستان‘ شھر جو نالو آهي يا ملڪ جو؟ پاڪستان ڇا هندستان ۾ آهي؟ پاڪستان ۾ ڪا گهمڻ جي جاءِ آهي؟ وغيره. ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو، اسان جي ملڪ کان سنگاپور، بھاما، ٿائلنڊ، گئاٽامالا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيا جيترو به واقف نه آهن. اسان جا سفارت خانا ان ڏس ۾ ڇا پيا ڪن؟ هر باشعور پاڪستانيءَ جي دل ۾ اهو سوال اڀري ٿو.
ملڪ جو مان مٿانھون ڪرڻ لاءِ، سفارتخانن کان علاوه ولائت ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني، جھاز ران ڪمپنييون، هوائي ڪمپنيون ۽ بئنڪون پڻ وڏو پارٽ ادا ڪري سگهن ٿيون.

سئيز ڪئنال

• جنهن مان روزانو سؤ کن جھاز اُڪرن ٿا 

هينئر هينئر اسان جو جھاز سئيز ڪئنال پار ڪري ٻئي طرف ٻاهر نڪتو آهي. سئيز ڪئنال، ڳاڙهي سمنڊ ۽ ميڊيٽرينن سمنڊ کي ڳنڍڻ لاءِ هٿرادو کوٽايل واءُ آهي. سندس ڊيگهه سو ميل آهي. ڪئنال جي اوڀر پاسي سنائي ريگستان آهي ۽ اولھه پاسي مصر جو سر سبز علائقو، جتان نيل ندي وهي ٿي. سنائي ريگستان اڃان اسرائيلين جي هٿ ۾ آهي پر امن قائم رکڻ لاءِ سنائي ۾، سئيز ڪئنال سان لڳو لڳ بارڊر خاطر هڪ “ بفر زون” ٺاهي وئي آهي، جتي غيرجانبدار فوجون، يو اين او طرفان، پھرين جنوري 1974ع کان پھرو ڏين ٿيون.
ڪئنال جي وچ ۾ اسماعيليه وٽ هڪ خوبصورت ڍنڍ پڻ آهي جنھن ۾ پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ، قديم مصرين نيل نديءَ مان هڪ واهه کوٽي، هستائين آندو هو. اهو واهه ڪڏهن بند ٿي رهيو ته ڪڏهن کاٽي کنئي ٿي وئي. نيٺ اٺين صديءَ ۾ هميشه لاءِ بند ٿي ويو. هاڻ وري هڪ دفعو، حڪومت ان جي کوٽائي جو ڪم هٿن ۾ کنيو آهي.
سئيز ڪئنال اڄ کان سوا سؤ سال کن اڳ نومبر 1869ع ۾ کوٽجي راس ٿيو هو. افتتاح فرانس جي راڻيءَ Empress Eugenie ڪيو. ڪئنال جي کوٽائيءَ جو ڪم فرينچ ڊپلومئٽ فرڊيننڊ ڊي ليسبس شروع ڪرايو هو ۽ ان جي موڪل، تن ڏينھن جي حاڪم پاسا کان 1845ع ۾ ورتي وئي هئي. هن هڪ انٽرنيشنل ڪمپني ٺاهي ۽ ڏهه ڪروڙ ڪيوبڪ وال مٽي کوٽي ڪڍڻ لاءِ پنجويھه هزارن کان به مٿي مزورن کي کوٽائي جي ڪم تي لڳايو.
انهن ڏينھن کان ڪئنال جي ويڪر ٻه س‍ؤ وال ۽ اونهائي اٽڪل پنجاهه فٽ آهي. پر هاڻ 1975ع کان، وري کلڻ بعد، هن جي ويڪر وڌائي 350 ڪئي پئي وڃي ۽ اونهائي 77 فٽ_ جيئن اڄڪلهه جي دور جا ماڊرن جهاز پڻ لنگهي سگهن.
سن 1965ع ۾ هي ڪئنال، مرحوم جمال عبدالناصر نئشنلائزڊ ڪيو ۽ ڪئنال جي سالياني ڪمائي اٽڪل 277 ملين ڊالر مصر کي ملڻ لڳي. 1967ع جي ڇھن ڏينھن واري لڙائي بعد هي ڪئنال نو سال کن بند رهيو پر هاڻ، سواءِ اسرائيل جي، دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ عام جام کليل آهي. بس مقرر مسواڙ ڏيو ۽ جھاز اڪرايو.
هر روز ڳاڙهي سمنڊ ۾ پورٽ توفيق بندرگاهه وٽ ٻئي طرف ميڊيٽرينن سمنڊ ۾ پورٽ سعيد بندرگاهه وٽ، دنيا جي ملڪن جا جھاز اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ روز آڌي رات تائين، جيڪي جھاز اچي ويندا آهن انهن جو قافلو ٻنهي پاسن کان ٻئي ڏينھن فجر مھل نڪرندو آهي. هر جهاز تي سئيز ڪئنال جي رستي جي ڄاڻ رکندڙ پائلٽ چڙهندوآهي جنھن جي چوڻ مطابق جھاز هلايو ويندو آهي. هر هڪ جھاز جي وچ ۾ اڌ ميل کن جي وٿي ڇڏبي آهي. سئيز ڪئنال جي وچ ڌاري ٻه ٽي ڍنڍون آهن. ٻه ننڍيون ڍنڍون: اسماعيليه ڍنڍ ۽ بحرتِ مراتل صغرا. ۽ ٽين وڏي ڍنڍ بحرتِ مراتل ڪبيرا. (Great Bitter Lake) انهن ۾ هڪ طرف کان آيل قافلو، لنگر ڪيرائي، ٻي طرف کان ايندڙ قافلي کي لنگهڻ ڏيندو آهي. سئيز ڪئنال ايترو ويڪرو ناهي جو آمهون سامهون ايندڙ جھاز، جتان ڪٿان لنگهي سگهن. سڄي ڪئنال ٽپڻ ۾ تيرهن چوڏهن ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ڪٿي بيھڻو پوي ٿو ۽ ڪٿي تمام آهستي هلڻو پوي ٿو. اڄ ڪلهه سؤ کن جهاز روزانو لنگهن ٿا پر ڪئنال جي وڌيڪ ويڪري ٿيڻ کانپوءِ وڏا جھاز ۽ ٽئنڪر به لنگهي سگهندا.

سئيز ڪئنال مان لنگهڻ وقت

جھاز جو قافلو هلڻ کان اڳ، هر جھاز کي سئيز ڪئنال مان هلڻ لائق بنايو ويندو آهي. هڪ ته جھاز لاءِ پائلٽ هجڻ ضروري آهي، جنھن لاءِ ۽ ٻين ڳالهين لاءِ، مصري بندرگاهه اٿارٽي، الڳ پئسا وٺندي آهي. سئيز ڪئنال لاءِ ٻه کن اليڪٽريشن پڻ چڙهندا آهن. جي جھاز جي يا پاڻ سان آندل سرچ لائيٽ، جھاز جي منھن وٽ جهلي وهندا آهن، جيئن رات جو چڱي طرح نظر اچي. هر جهاز تي ٻه ننڍيون ڪاٺ جون ٻيڙيون (چپوءَ تي هلندڙ)، چاڙهيون وينديون آهن، جيئن متان ڪئنال ۾ ڪو جھاز خراب ٿي پوي ۽ پوين جو رستو بند ڪري ته اهي ٻيڙين وارا ٻيڙيون هيٺ لاهي، جھاز جا رسا، ڪئنال جي ڪپرن تي ٺھيل ڪلن ۾ ٻڌي سگهن. جيئن جھاز وچ تان نڪري پاسي تي بيھي ۽ ٻين جھازن جي لنگهه ۾ رڪاوٽ نه ڪري. پر اهڙي ڳالهه، ڪا ورلي هفتن بعد، ڪڏهن ڪنھن هڪ اڌجھاز سان ٿيندي هوندي، نه ته بقول جھازين جي انهن ٻيڙين وارن مصرين جي نوڪري ڪي ۽ واهه جي آهي.
جھاز جي ڪرينن رستي سندن ٻيڙيون ۽ کين، مٿي چاڙهيو ويندو آهي. مٿي چڙهڻ سان، مانيءَ جو وقت هوندو ته جهاز جي ماني کائي، لت کوڙي سمهي رهندا آهن. ڪلاڪ ٻه ننڊ ڪري پوءِ آرام سان اٿندا. پاڻ سان آندل وڪڻڻ جو سامان: اُٺ جي کلن جا گاديلا، تسبيون، قديم مصري راڻي نفرتيتي جا پُتلا، نيل ڪٽر، چمڙي جا ٻٽون (جن تي پرئمنڊ ٽڪيل هوندو آهي يا قديم تصويرن جو نقل)، اگهاڙن فوٽن جا ڪارڊ، پلاسٽڪ جا ردي هار ۽ منڊيون، لفافا ٽڪليون، ڪتل وغيره ٻيڙين مان ڪڍي، جھاز جي هڪ ڪنڊ ۾ ، مصر جي بازار لڳائيندا آهن . ۽ بسم الله ته اهڙي اگهه سان ڪندا جو ٻڌڻ وارو جيڪر بيھوش ٿي وڃي، پر پوءِ ايندڙ ويندڙ خلاصي ۽ آفيسر، سندن وکر کي چڱي طرح ڏسي، ساڻن قيمت جي والي بال ڪندا آهن.
هو ان خوش فھميءَ ۾ ته جھازين وٽ پئسو کوڙ آهي، انهن مان ڪڍجي ۽ جھازي_ جيڪو هر وقت سستي جي ڳولا ۾ رهندو آهي، اهو اها ئي ڪوشش ڪندو آهي ته ڪو چوريءَ جو مال يا ڪنھن لاوارث جو سامان سستو وڪامي ته سودو چڪائجي. خير ڪڏهن ڪڏهن ٿورو سامان وڪامين ته ڪڏهن گهڻو. پوءِ ڪجهه سامان ڊالرن پائونڊن ۾ ته ڪجهه سگريٽن، صابڻ وغيره جي بدلي ۾، بارٽر پڻ ڪن. آمريڪن جھازن تي چڱو سامان وڪامين ٿو_ خاص ڪري چمڙي ۽ پتل جا سووينيئر ۽ ٻيون مصري سوکڙيون.
مٿين ٻيڙي وارن چئن همراهن مان هڪ يا ٻه ڄڻا وري جھاز جي چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ انجنير کان ٿورو گهڻو رنگ روغن پِني، اچي پنھنجي ٻيڙيءَ کي هڻندا آهن. پر جي ويجهڙائي ۾ ان کي رنگ هڻي چڪا هوندا آهن ته پوءِ صابڻ سان ڌوئي چلڪائين ۽ رنگ وڪڻڻ لاءِ گڏ ڪري رکن.
هن دفعي ته ساڻن اهڙي بدقمستي ٿي جو اڃان ڪلاڪ اڌ ننڊ جو ڪو مس ڪيو هوندائون ته اسان جي اڳيان وارو جھاز خراب ٿي پيو ۽ احتياط خاطر، اسان جي پائلٽ کين به جاڳائي چيو ته جلدي ڪريو. ٻيڙيون هيٺ لاهي اڳين جي مدد ڪريو. منھن ڦلڙو ڪري، دل ئي دل ۾ گاريون ڏيندا، ٻيڙين سوڌا هلندڙ جھاز مان هيٺ لٿا. اڳين ته پنھنجي جھاز کي پاسيرو ڪري ٻڌي ورتو ۽ ان جھاز کان اسان گهڻو اڳيان ٽپي وياسين، پر پائلٽ ۽ ڪئپٽن، کين چيوته ٻيلي هاڻ هيٺ ئي جھاز جي رسي کي جهلي، هلندا اچو. ٿي سگهي ٿو وري اڳتي ڪجهه ٿئي. بس پوءِ ته سندن حالت ڏسڻ وٽان هئي. ڪچي ننڊ مان اٿي ويل، منھن به نه ڌوئي سگهيا. هر ٻيڙيءَ جو هڪ همراهه جھاز جي رسي کي سوگهو جهلي ويٺو_ جيڪو ڇڏائڻ تي ٻيڙيءَ سوڌا پٺيان هليا وڃن ۽ پوءِ اسان جي جھاز تائين پھچي به نه سگهن. ٻيو همراهه Rudder جي ڳَن ۾ ٻئي هٿ وجهي سڌو ڪندو رهيو ۽ ٽيون ٻيڙيءَ جي چپن کي قابو ڪري ويٺو ته متان ٻيڙيءَ مان ڪري پيا ته جھاز جي الوداع کان پوءِ ٻيڙي ڪيئن هلندي. جھاز جي تکي رفتار سان گڏ ڄڻ Water-Skiing ڪري رهيا هجن. ٻه چار ڪلاڪ ريگستاني ڪاڙهي ۾ گاريون ڏيندا رهيا، پوءِ کين ڊيرڪ ذريعي مٿي جھاز تي چاڙهيوسين. جھاز جي ڊيڪ تي پھچڻ سان، فنا ٿي ڪري پيا. پر پوءِ ڏاڍي ماني بيضا کائي ڏنڊم ٿي، دڪان کولڻ لڳا. جهاز تي سامان کڻڻ لاءِ جيڪا ننڍي ڪرين ٿئي ٿي، اها ڊيرڪ سڏجي ٿي.

• جھازين کي تنگ ڪرڻ

مصري ماڻهو، سڀ کان وڌيڪ بيزار، سئيز ڪئنال اڪرڻ وقت، پورٽ توفيق ۽ پورٽ سعيد ۾ ڪن ٿا. ننڍين ٻيڙين، لانچن ۽ اسپيڊ بوٽن ۾ جھاز وٽ اچي، جھاز تي چڙهي پوندا. پوءِ ”يا رفيق بزنيس!“ چوندا رهندا. هڪ هڪ کي ڪجهه خريد ڪرڻ لاءِ چوندا يا ڪجهه وڪڻڻ لاءِ. ڪيترا چوريءَ جا به واقعا ٿيا آهن. يورپ وارا جھازي ته منجهائن ڏاڍا بيزار آهن ۽ کين جھاز تي مٿي چڙهڻ نه ڏيندا. اسان به فقط جهاز جو ايجنٽ يا لوڪل آفيس جو ڪو ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ ايندو آهي ته چڙهڻ ڏيندا آهيونس. نه ته ٻين کي گئنگ وي (ڏاڪڻ) تان ئي موٽائيندا آهيون. پوءِ گهڻو ئي پيا چونداآهن ته، ”يا رفيق! يو مسلم. مي مسلم.“ ڪڏهن ته عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ڳاٽي ٽوڙ گاريون به ڏيندا آهن. خاص ڪري جھاز تي چڙهڻ کانپوءِ هيٺ لھڻ تي اهڙي گهوپي ڪندا جو بس. جھاز جو سُکاڻي_ جنھن جي بندرگاهه ۾ يا ائنڪريج تي گئنگ وي (ڏاڪڻ) وٽ ڊيوٽي ٿئي؛ کي اها خبر نه پوندي آهي ته هيترن ۾ ڪھڙو اسان جو ايجنٽ يا آفيس جو ماڻهو آهي؟ هر مصري ٻيڙيءَ وارو، ايجنٽ يا آفيس جي ماڻهوءَ جو ڏيک ڏيڻ لاءِ بريف ڪيس ۽ فائيل هٿ ۾ کڻي مٿي چڙهندو ۽ چوندو ته توهان جي آفيس جو ماڻهو آهيان. ڪو جھازي دريءِ مان منھن ڪڍي پڇندس: Any Mail? ڪو خط پٽ اسان جو آندو اٿئي. ته ان کي به راضي ڪرڻ لاءِ وڏي هائوڪار ڪندو. پوءِ ڏاڪڻ ٽپي جھاز جي ڊيڪ يا Crew Accommodation ۾ پھچڻ سان واپار شروع ڪندو. پوتڙي مان ڪتل يا پتل جا رانديڪا ڪڍي وڪڻڻ لڳندو. ۽ پٺيان ڪوٻيو ”حلوا ملوا_ تربوز“ جا هوڪا ڏيندو چڙهندو. هڪ کي هيٺ لاهبو ئي ڪونه ته ايتري ۾ ٻي ٻيڙي هارن وڄائيندي اچي گئنگ وي سان لڳندي. منجهس ٽيڪ ڏئي ويٺل همراهه وڏي لانڍ سان ”اسلام عليڪم_ يا رفيق!“ چئي اهو محسوس ڪرائيندو ته پاڻ سڀ مسلمان آهيون. اهي جَهلون پَلون ۽ پابنديون وري ڇاجيون.
آئون اهو سوچي رهيو هوس ته اسان سان ته اسلام عليڪم چئي هجت ٿا ڪن، پر ٻين ملڪن جي جھازين سان ڪھڙو سنڱ ڇڪيندا هوندا! ايتري ۾ هڪ ٻيڙي اچي اسان جي جهاز جي ڏاڪڻ سان لڳي ۽ اسان جي جھاز کي ”پاروتي“ (هندستاني جھاز جيڪو پٺيان بيٺو هو) سمجهي، ڊيڪ تي بيٺل خلاصين کي هندن وانگر هٿ ٻڌي وڏي واڪ ٿو چوي ”نمستي! رام رام!“ پوءِ جڏهن خلاصي وٺي کليا ته شڪي ٿي، غلطي محسوس ڪري، چيائين: ”نو. نو. انڊين نو گڊ. جيوز نو گڊ. پاڪستاني گڊ. ائني بزنيس؟“
هڪ همراهه چرچو ڪري چيس ته ٻين کي ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارا، يھودين نالي هاڻ ته ائين نه چئه. تنھنجو انور سادات بارڊر جي هن پاسي اسرائيل جي بئگن سان ”امن“ جون ڳالهيون پيو ڪري ۽ تون هليو آهين ڪنڊا پوکڻ. سکاڻيءَ جڏهن کيس به ڀڄائي ڇڏيو ته يونيفارم پاتل سکاڻيءَ کي ڪئپٽن سمجهي، ڊيڪ تي بيٺل جھازين کي چيو: ”يوئر ڪئپٽن نوگڊ. يوئر ڪئپٽن، سن آف بچ. يوئر ڪئپٽن جيو اينڊ سن آف جيو..“ ۽ ان وقت جھاز جو پوڙهو ڪئپٽن، انهن ڳالهين کان بي خبر پنھنجي ڪئبن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهيو هو.
هڪ ٻيڙيءَ وارو مصري همراهه، جھاز جي ڏاڪڻ تي ته اسان کي يا سکاڻيءَ کي گاريون ڏئي نه سگهيو، پر پوءِ پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ واپس ويھي، ڏاڍي مزي سان اڙدوءَ ۾ جملو ٺاهي، اسان کي آسيس ڏيڻ لڳو:
”انشاء الله تعاليٰ_ تم سڀ لوگ_ مر جائيگا.“ ان سان گڏ پنھنجي هٿ کي گُڪو ڪري، سمنڊ ڏي اشارو ٿي ڪيو_يعني مرندائو ته سھي پر ٻڏي مرندائو.
هڪڙو همراهه لفافا ۽ ٽڪليون وڪڻڻ لاءِ جھاز تي چڙهي به آيو هو. کانئس جلدي جلدي گئنگ وي وٽ ئي سڀني ٽڪليون ورتيون. چيائين ته پاڪستان لاءِ چاليھه مصري سينٽن جون ٽڪليون لڳنديون. جنھن جو اڌ ڊالر ٿو ٿئي پر سڄو ڊالر_ يعني ڏهه رپيا وٺندس. جھاز جي ڪيترن ئي ماڻهن ان اگهه تي به ورتيون ۽ خط لکڻ ۾ لڳي ويا. ٻئي ڏينھن ڪئنال ٽپڻ کان ٿورو اڳ، پورٽ توفيق مان چڙهيل اليڪٽريشن کي ڪجهه خط ڏنم ته پوسٽ ڪري. (ڪجهه ته ان ٽڪلين واري کي ان وقت ئي ڏئي چڪو هوس.)
اليڪٽريشن ”ابراهيم رشيد“ پڙهيل ڳڙهيل کڻي ٿورو هو پر سٺي خاندان سان تعلق ٿي رکيائين. عمر جو ٻاويھن، ٽيويھن سالن جو ٿيندو. خط مون کان وٺي، ان تي لڳل ٽڪليون ڏسي چوڻ لڳو: ”چيف انجنيئر صاحب! توهان هن تي تمام گهٽ ٽڪليون لڳايون آهن.“
”مون کي ته خبر ناهي پر ڪالهه هڪ ٻيڙيءَ واري کان اسان سڀني ڊالر ڊالر جي حساب سان ورتيون.“ مون ٻڌايومانس.
مٿي تي هٿ هڻي، ٿڌا شوڪارا ڀري، ٻيڙيءَ واري کي گاريون ڏنائين. پوءِ افسوس جو اظھار ڪندي چوڻ لڳو: ”سائين ھھڙن جاهل ماڻهن اسان جي ملڪ مصر کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جڏهن سڀني جا خط، گهٽ ٽڪلين جي ڪري پوسٽ آفيس وارا ڦاڙي ڇڏيندا ۽ منزل تي نه پھچندا ته لکندڙ سڄي عمر مصرين کي گاريون ڏيندا.“ سندس پڇتاءُ ۾ ڏاڍو درد هو. مون کانئس وڌيڪ ٽڪليون خريد ڪري لفافن تي هنيون.

روس_ ڊئنمارڪ

• محبت ۽ نه لڙائي

Sparatacus هڪ تواريخي فلم آهي. آروس جي ڪاسموراما سئنيما جي ٻاهران ان تي”فقط بالغن“ لاءِ لکيل ڏسي تعجب لڳو ته ڊئنمارڪ Scandinavian ملڪن مان آهي، جتي اوگهڙ جھڙي ڪا شيءِ ڪٿ ۾ نه آندي ويندي آهي. دنيا جو نوي سيڪڙو اگهاڙو ۽ فاحش لٽريچر، تصويرون،فلمون وغيره هتي ڊئنمارڪ ۽ سويڊن ۾ ٺھن ٿيون. شھر جي مکيه بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ Bio-Sex نالي انيڪ دڪانن ۾ ننڍڙا ننڍڙا سئنيما گهر، صبح جو ڏهين کان رات جو ڏهين تائين، بنا ڪنھن ساهيءَ جي اُهي اُهي فاحش ۽ بي حوديون فلمون ڏيکاريندا آهن جو، ملڪ جي بيمار سوسائٽي جا ماڻهو ئي ان کي ساراهي سگهن ٿا ۽ انهن ڳالهين لاءِ ننڍي وڏي، عورت ۽ مرد لاءِ بنا ڪنھن جهل پل جي دعوت هوندي آهي. اتي اسپارا ٽاڪس جھڙي رومن سلطنت جي تواريخي فلم ”فقط بالغن“ لاءِ_ عجب جھڙي ڳالهه ٿي.
هڪ ڊئنش همراهه کان پڇيم: ”هن ۾ ڪھڙي خراب ڳالهه آهي جو ننڍي ڄمار جا نه ڏسن؟“
”يوسي! هن ۾ ڪرڪ ڊگلس جي شيديءَ سان تلوار بازي ڏيکاري اٿن. نا بالغ ڏسندا ته هنن جي ڪچڙي دماغ تي جهڳڙي جو ڪيڏو نه خراب اثر ٿيندو.“ هن ٻڌايو ۽ آئون پنھنجي دماغ تي هٿ ڏئي فلم شروع ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. سوچيم ته Love not war تي هن ئي ملڪ ۾ صحيح طرح عمل ٿي رهيو آهي.

بيروزگاري ۽ شاديءَ کان اڳ ٻار

ڊئنمارڪ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ايتري آهي جيترو ڪراچي کان حيدرآباد تائين جو پنڌ. چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ. ڊئنمارڪ سوين ٻيٽن تي مشتمل آهي_ فلپين وانگر. ڪنھن به هنڌان، توهان کان، سمنڊ پنجٽيھه ميلن کان پري ٿي نٿو سگهي. کير، مکڻ، مشينري ۽ جھاز رانيءَ ڪري چڱو امير ملڪ آهي. ويلفيئر اسٽيٽ ئي سمجهڻ کپي. هر ۾اڻهو روزگار کي لڳل آهي. جنهن کي نوڪري ناهي ان کي سرڪار طرفان ڀتو ملي ٿو، جنھن مان هو سولائيءَ سان جاءِ جي مسواڙ، لائيٽ جو بل، کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو لٽو ڪري سگهي ٿو. اهو ڀتو ننڍي نوڪري واري پگهار جو نوي سيڪڙو کن ٿئي ٿو. يعني ڪو ڪلارڪ ٽي هزار رپيا ماهوار تي نوڪريءَ ۾ آهي. ڪنھن سبب ڪري هو نوڪري مان ڪڍيو ٿو وڃي، بيمار آهي، موڪل ٿو وٺي، يا نوڪري نٿي وڻيس ته جيترا ڏينھن بيروزگار هوندو جيسين ساڳي يا ٻي نوڪري مليس، تيسين پھرين نوڪرءَ جي حساب سان کيس ٽي هزار بدران ٻه هزار ست سو روپيا ماهوار ملندا رهندا. ان کان سواءِ گهر جي مسواڙ، دوا درمل پڻ سرڪار تي آهي_ ٻيو ڇا کپي.
سئبرو ايئرڪنڊيشنگ پلانٽ جي مارڪيٽ مئنيجر ٻڌايو ته ڊئنمارڪ ۾ هڪ لک ماڻهو بي روزگار آهن. ساهي کڻي وري پاڻ ئي ٻڌايائين ته ان ۾ انهن ماڻهن جو ئي هٿ آهي. گهر ويٺي کين ايترو مليو وڃي جو آرام سان ويٺا کائين ته پوءِ هلڪي ڦلڪي نوڪري ڇو ڪن.
ڪيترا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڄو ڏينھن ننڊون ڪري، رات جو چڪر تي نڪرندا. بهار جي موسم نه ڏس، ته سخت سياري جي برفاني رات نه ڏس_ ننڍو وڏو، ڊسڪوٿي، ڪلب، ريسٽورنٽ، چوواٽي تي صبح تائين ٽلندا رهندا. ويتر حڪومت هر ڇوڪريءَ کي ٻار ڪيرائڻ يا شاديءَ بنا ٻار ڄڻڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته هو ڏينھن جو به سڪون جي ننڊ سمهي سگهن ٿا.
اسان جي ڊئنمارڪ واري آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڊئنش ڇوڪريءَ ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته کيس ٻه ٻار آهن. هڪ چئن سالن جو ۽ ٻيو ٻن سالن جو.
”چئبو ته تو شادي 1972ع ۾ ڪئي آهي.“ مون ٿلهي ليکي ارٿميٽڪ ڪري کانئس داد ٿي وصول ڪيو.
”نه. ان کان پوءِ.“
”ته پوءِ 1973ع ۾“ مون پڪي اعتماد سان اهو سن کيس ائين ٻڌايو جيئن شينھن جي ڪوڙي شڪاريءَ شينھن جي ڊيگهه گهٽائي گهٽائي آخر هڪ حد تي چيو ”هاڻ ڪيترو بهکنگهين پر ان کان گهٽ نه ڪندس.“ سو چئن سالن واري ٻار جي ماءُ جي شادي پوڻن پنجن سالن کان گهٽ عرصو اڳ ته نه ٿي سگهي ٿي.
”نه. نه. مون پر سال شادي ڪئي آهي.“ هن ٻڌايو.
”ته پوءِ ٻار؟“ مون وائڙن وانگر پڇيومانس.
”اهي شاديءَ کان اڳ ئي ڄڻيم. پَرُ سال جيئن ئي فرانزو کي سٺي نوڪري ملي ته شادي به ڪئيسين ۽ جاءِ به ورتيسين.“
”اها ڳالهه ڪر. چئبو ته اها شادي ته نه ٿي پر مڙس کي گهوڙي تي چاڙهڻ يا ڪنوار کي ميندي لڳائڻ جي رسم پوري ڪرڻي ٿي.“
مٿين ڳالهه هنن ملڪن ۾ ان ڪري به عام آهي جو شادي بعد ٻارن جو خرچ پکو مائٽ تي آهي. پر غير شادي شده ماءُ کي ٻارن ڪري حڪومت کان وڌيڪ پئسا ملن ٿا.


ناروي ۽ اسان جا پاڪستاني

هتي ناروي ۾ اسان جا پاڪستاني جام آهن. اوسلو ته سڄو ڀريو پيو آهي. پر ناروي جي اتر ۾، ويندي ٽرنڊام تائين، پاڪستاني، برف جي ٻوري وانگر ٻرڪيا پيا آهن. هونءَ هن پاسي گهڻو ڪري سڀ مزدور ڪلاس جا نوجوان آهن. انگلنڊ، آمريڪا، جرمني، جپان ۾ پڙهيل ڳڙهيل گهڻا ملندا ۽ اُتي جيڪو به مزدور طبقو آهي سو به سنجيدي قسم جو.
اسان جي ماڻهن جو ناروي پاسي سڀ کان دير سان اچڻ ٿيو، جو هنن اتر قطب جي ملڪن جي، سخت ٿڌي موسم هجڻ ڪري، هتي جي ماڻهن لاءِ ئي هتي رهڻ ڏکيو آهي. منھنجو سياري توڙي اونهاري، جڏهن به ناروي اچڻ ٿيو آهي ته ٽرنڊام پاسي. اتر ناروي ۾ جتي سيارو ته سخت ٿڌو ٿئي ٿو (گوڏن جيتري برف ٻوري ۾ هر شيءِ ڍڪي پئي هوندي آهي ۽ ٽيمپريچر ڪاٽو ويھه، پنجويھه ڊگرين تائين ڪري پوندو آهي.) پر اونهارو به اسان جي سياري کان گهڻو ٿڌو ٿئي ٿو.
ناروي پھچڻ سان، مڙيئي پاڪستاني ٽولين ۾ ٿي جھاز تي پھچي ويندا آهن ۽ اچڻ سان پھرين ولائت جون ساراهون ڪندا. (هنن جو ولائت سان مطلب رڳو ناروي هوندو آهي.) ”سائين هتي ولائت ۾ هر شيءِ نج ملي ٿي. سائين هتي ته هر شيءِ تي تاريخ لڳل هوندي آهي، جيئن وٺندڙ کي خبر پئي ته هي کير ڪيستائين هلندو يا هي ڌنئرو اڄ جو ڄمايل آهي! هيءَ ڊبل روٽي ڪڏهن خراب ٿيندي. سائين اسان کي هر هفتي پگهار ملندو آهي. مھيني ۾ نو هزار رپيا ملن ٿا. (جيتوڻيڪ اهو هتي جي مھانگائيءَ جي حساب کان ڪو گهڻو ناهي. ان کان وڌيڪ ٻين ملڪن ۾ ملي ٿو ۽ اهي نو هزار رپيا به ورلي ڪنھن ڪنھن جو پگهار آهي نه ته سراسري اڍائي يا ٽي هزار ڪرونا، جي پاڪستاني پنج يا ڇھه هزار رپيا ٿيا. هڪ ناروي جو ڪرونو ٻن رپين برابر آهي. پر اسان وارا يار هڪ ڪروني کي ٻن بدران ٽن سان ضرب ڏئي ٻڌائيندا ۽ ٽئڪس جي ڳالهه گول ڪري ويندا. هتي ماڻهو آزاد آهي جيئن وڻيس تيئن ڪري...“ وغيره وغيره. ۽ اسان جو چيف آفيسر سرور جنھن کي جپان، آمريڪا، انگلينڊ، اسپين جي مقابلي ۾ ناروي بنھه نٿو وڻي، سو نڪ کي موڙو ڏئي منھنجي ڪن ۾ ڦسڪو هڻندو: ”يار هي ته سمجهن ٿا ته ڪو اسان صفا ڄٽ آهيون ۽ سڌو ٽنڊي ٺوڙهي کان پيا اچون. پر ٽنڊي ٺوڙهي وارن کي به ڄاڻ پئجي وئي آهي ته ولائت ۾ ڪھڙي ڌوڙ پئي وسي ۽ ڇا عزت ۽ قدر آهي. ولائت مان اڄ ڪلهه ڪو به متاثر ناهي ۽ اسان Sailor ته اها ذات آهيون جو وڏي ڳالهه مان به متاثر نه ٿيون.“
پر اسان جو پوڙهو ڪئپٽن فريد خان، ڪجهه پنھنجي ذاتي عادت ۽ ڪجهه ٻڍاپي ڪري، سندن ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ساڻن بَڪ ڪرڻ تي هري ويو آهي. اهي ڳالهيون ٻڌي ڪڪ ٿيڻ بدران ويتر مزو پيو ايندس ۽ کين لٺ تي به چاڙهيندو ويندو ته پنھنجو تڪيو ڪلام ”واه ڀائي واه!“ به چوندو ويندو. خاص ڪري مانيءَ جي ٽيبل تي.
”اڇا! واه ڀائي واه! چئبو ته هتي ولائت ۾ ڏاڍا مزا اٿانوَ. يار آئون ته پوڙهو ماڻهو ٿي پيو آهيان. هجان ها توهان جھڙو جوان ڇوڪرو ته ناروي ضرور رهي پوان ها. ڀلا هتي ته توهان جي ڇوڪرين سان به ڏاڍي دوستي هوندي؟ ميمن سان شاديون ڪندا هوندائو!“
۽ هو ٽانءَ ۾ ڀرجي، الله جي ڏني مان دل کولي گشا هڻندا آهن ۽ اسان دل ئي دل ۾ ڪئپٽن تي ۽ هنن تي کلندا آهيون.
”نه گهڻيون نه آهن. اڃا ٻن کي اسٽڊي ڪري رهيو آهيان.“ هڪ ٻڌايو ۽ ٻئي ٽيڪو ڏياريس.
”هتي جوان ڇوڪريون اسان جي ملڪ جي ڇوڪرين وانگر ڊڄڻيون۽ بيڪار قسم جون نه آهن. تمام همت ڀريون ۽ مڙس ماڻهو آهن. سڄي گهر جي ڪم کي اڪيلي سر منھن ڏين ۽ مڙس کان به وڌيڪ ڪمائين، هر هنر ڄاڻن. اسان وارو هي همراهه ته هتي شادي به ڪرڻ وارو آهي. هڪ ٻار به ان مان ٿيو اٿس.“ وڌيڪ معلومات پھرين همراهه سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي وڏي ناز سان پاڻ ئي ٻڌائي.
”نه. اڃان ڏسان پيو.“
”پوءِ ڀلا ڪيئن؟! ٻار به ٿي ويو آهي، پر شاديءَ لاءِ اڃا ڏسو پيا؟“ اسان جي ڪئپٽن، پنھنجي پورٽ سائيڊ مڇ کي مٿي تاءُ ڏئي، چپن تي چپ ڦيريندي هن کان پڇيو_ ڄڻ پنھنجي عمر جا گذريل ٽيھه سال جھاز تي نه پر پنھنجي ڳوٺ ۾، چاڪيءَ جي گهاڻي تي گذاريا هجنس.
”ان ڪري جو هتي، اهو ئي ته مزو آهي. شاديءَ کان اڳ جيڪڏهن ڪنھن ڇوڪريءَ کي ٻار ڄمي ويندو ته سرڪار طرفان هن کي ۽ سندس ٻار کي وڌيڪ پئسا ملندا رهندا. بھرحال هاڻ سٺي ڇوڪريءَ جو آسرو ٿيو آهي. سال بعد شادي ڪنداسين.“
”واه ڀائي واه! پاڪستان ۾، واقعي توهان لاءِ مزا ڪٿي. ڀلا هاڻ مانيءَ بعد چانھن پيئنداؤ يا ڪافي؟”
”جيڪي پياريندائو، پيئنداسين.“ هڪ چيو.
”يار معاف ڪجو اسان جي پاڪستاني جھازن تي شراب بند ٿي ويو آهي. توهان ته هتي ان جا عادي هوندائو.“اسان جي ڪئپٽن چين.
”شراب مان نه پيئندو آهيان.“ پھرين ٻڌايو.”منھنجي هتيجي ساٿِڻ يعني ’ٿيڻ واري زال‘ به پيئڻ لاءِ زور ڪندي آهي ته ان کي به سمجهائيندو آهيان ته تون ڀلي پي پر آئون نه پيئندس، جو اسان جي مذهب ۾ حرام آهي. هونءَ هتي جون ڇوڪريون انهن ماڻهن کي پسند ڪن ٿيون جيڪي شراب جي شوقين هجن، جيئن شادي بعد کين به پياري سگهن.“
”واه، ڀائي واه!“ ڪئپٽن چيو.

ناروي ۾ پاڪستانين تي بندش

پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. هنن ملڪن ۾ ڪجهه سٺن خيالن ۽ سلجهيل طبيعتن وارا به ملندا. خاص ڪري هتي رهندڙ هڪ اڌ، پڙهيل ڳڙهيل ۽ شاگرد. اهڙن مان هڪ حقيقت پرست هتي رهندڙ پاڪستانين جي حالت تي افسوس ڪندي ٻڌايو: ”بس ادا ڪھڙيون ٿا خبرون پڇو. هي اسڪينڊينيوين ملڪ ڏاڍا سٺا آهن. ماڻهو ڏاڍا اندر جا صاف ۽ رحمدل آهن. هُو هر ڳالهه تي اعتبار ڪندڙ ۽ مڃي ويندڙ آهن. جهيڙي جهٽي ۽ فساد مان ته ڄاڻن ئي ڪونه. پر اسان پاڻ ئي پنھنجن پيرن تي ڪھاڙو هنيو آهي. پنھنجي ئي لڇڻن اسان کي جهوريو آهي. شروع ۾ آيا هئاسين ته هتي جي ماڻهن نه فقط اسان جي آجيان ڪئي پر نوڪريون به وٺرائي ڏنيون. ٻيا ته ٺھيو پر هتي جون ڇوڪريون به اسان کي وڏن وڏن ڪارخانن ۽ فرمن جي مالڪن وٽ نوڪري ڏيارڻ لاءِ وٺي هليون ۽ کين هلي راضي ڪيو ۽ محسوس ڪرايو ته اسان غريب آهيون، پورهئي خاطر ٻار ٻچا، مٽ مائٽ ڇڏي هيڏو ڪَھي آيا آهيون. سرڪار به اسان کي اهي مڙئي سھوليتون ڏيڻ لڳي جي هتي جي ماڻهن کي مليل آهن. سڀ اسان سان همدردي ڪرڻ لڳا ۽ ساڳي وقت تعجب کائڻ لڳا ته اسان مان هڪ هتي ڪمائي ٿو ته ملڪ ۾ ڏهه ڀاتي کائين ٿا. پوءِ آهستي آهستي اسان جا پاڪستاني وڌندا ويا ۽ ان سان گڏ اسان جا ڦڏا فساد پڻ.
”هتي جا ماڻهو وڏي ۾ وڏو جهيڙو ڪندا ته به وات سان، پر اسان جي ماڻهن چاڪو ۽ ڇريون جو ڪڍڻ شروع ڪيون ته هي وائڙا ٿي ويا. ڊڄي ويا. هتي جي ٽي وي ۽ اخبارون،جيڪي رڳو اسڪنگ ۽ اسڪيٽنگ راندين جون خبرون ڏينديون هيون، انهن ۾ هو اهو پڙهي ۽ ڏسي، ته اوسلو سئنيما هال ۾ ٻه پاڪستاني وڙهيا، اسٽيونگر شھر ۾ ڪنھن پاڪستانيءَ نابالغ نارويجين ڇوڪريءَ سان زوريءَ زنا ڪئي، فلاڻي پاڪستانيءَڪرسٽن سئنڊ شھر ۾ پنھنجي ئي هم وطنيءَ جي چوري ڪئي... ته هتي جي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. آهستي آهستي ناروي جي حڪومت اسان جي ملڪ جي ٻين جي اچڻ تي بندش وڌي، جيڪي ڏينھون ڏينھن غيرقانوني طرح لڪي لڪي اچي رهيا هئا، يا گهمڻ جي بھاني ناروي ۾ داخل ٿي واپس وڃڻ جو نالو نه وٺي رهيا هئا. تان جو گذريل سال، جڏهن اوسلو ايئرپورٽ تي هڪ پاڪستانيءَ ٻي پاڪستانيءَ کي ڏينھن ڏٺي جو چاقوءَ جا اٺ ڌڪ هڻي خون ڪري وڌو، ته ان جو خوف، هراس ۽ نفرت ٽي وي تي ۽ اخبارن ذريعي سڄي ملڪ ۾ باهه وانگر پکڙجي ويو.
”خون ٿيل جي جڏهن جانچ ورتي وئي ته هن جي به کيسي مان هٿ جيڏو خنجر نڪري آيو. سڀ وائڙا ٿي ويا ته هل سائين خوني ته خون جي خيال کان چاقو کڻي آيو هو، پر قتل ٿيل جي کيسي مان به ڇرو نڪتو! تنھن جي معنيٰ هر پاڪستاني چاقو کڻيو هلي.“
هڪ ٻئي پاڪستانيءَ ٻڌايو ته ”ان واقعي کانپوءِ ڪو پاڪستاني کيسي ۾ هٿ وجهندو آهي ته نارويجن ڊڄي ويندا آهن ته چاقو ته ڪونه ٿو ڪڍي ۽ اسان کان لنوائيندا وتندا آهن.“
مٿين ايئرپورٽ تي جڏهن خون جو افسوسناڪ واقعو ٿيو هو ته اتفاق سان تن ڏينھن ۾ به اسان ناروي ۾ هئاسين، جيتوڻيڪ جھاز ٻيو هو. مٿئين ڳالهه جي اهميت ان مان پئي جڏهن هڪ ميانوالي پاسي جي همراهه هتي جي ماڻهن جي فطرت کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته نارويجن ماڻهو ايترو صلح پسند ۽ نرم دل آهن جو ڪنھن جانور، پکيءَ کي به هروڀرو نٿا ستائين. ”هڪ ڏينھن اسان جا ٻار بدڪ سان کيڏي رهيا هئا،“ هن ٻڌايو، ”کيڏندي کيڏندي هڪ ٻار بدڪ کي گليلو واهي ڪڍيو. مٿي، ڇھين ماڙ تي بالڪنيءَ مان هڪ نارويجن پوڙهيءَ ڏسي ورتو ۽ دانھون ڪندي هيٺ لٿي. ٻار ته گليل سوڌو ڀڄي ويو، منڊڪائيندڙ بدڪ کي جهلي ڏاڍيون چميون ڏنائين ۽ ان ئي وقت اسپتال دوا لاءِ وٺي ويس.اها ئي ايڏي وڏي ڳالهه سمجهي وئي جو ٻئي ڏينھن اخبارن ۾ اچي ويو. اتي ڪنھن ماڻهوءَ جو خون، سو به سوين ماڻهن جي اڳيان ايئرپورٽ تي ۽ معمولي خانداني پراڻي جهيڙي تان_ هتي هيڪاندي وڏي ڳالهه سمجهڻ کپي.“
مٿئين همراهه ٻڌايو: ”هاڻي سڄي يورپ_ اڃان به سڄي دنيا ۾، ناروي اهڙو ملڪ آهي جنھن ۾ پاڪستانيءَ جي داخلا تي بندش وڌي وئي آهي. ايتريقدر جو ڪو ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ به نٿو اچي سگهي. اسان جيڪي اچي ويا آهيون انهن تي به سخت نظر رکي پئي وڃي. هونءَ اسان کي ٻين نارويجن وانگر اجازت هئي ته بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي ٻين اسڪينڊينيون ملڪن: سئيڊن، ڊئنمارڪ ۾ ائين ايندا ويندا رهون جيئن لاهور کان پنڊي يا ڪوئيٽا وڃجي پر افسوس جو هاڻ اها سھوليت به اسان کان کسي وئي آهي. هاڻ پنھنجي ماءُ پيءُ کي به ڳوٺان گهرائي نٿا سگهون. فقط زال ۽ ٻارن کي گهرائڻ جي اجازت آهي، پر اها به شايد هاڻي بند ٿي وڃي، جو ان سلسلي ۾ به هڪ ڏکوئيندڙ واقعو ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو آهي.
”هڪ همراهه پنھنجي زال کي ماري رکيو. هن جو ارادو هتي جي ڪنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو هو. مائٽن کي جو خبر پئي سو زوريءَ سندس زال کي ڏانھس اماڻي ڏنو. هتي پنج ڇھه مھنا رهي ۽ ان دوران پيٽ به ٿيس پر مڙس کيس پورو ڪرڻ جي چڪر ۾ هو. هڪ ڏينھن کيس گهمائڻ جي بھاني جبل جي چوٽيءَ تي وٺي ويو. اتان وڃي ڌڪو ڏنائينس. هوءَ ان ئي وقت مري وئي. هتي برف ۾ ڦاسندڙن ۽ جبلن تي رستو وڃائيندڙن جي مدد لاءِ راڊار ۽ پوليس پيٽرولنگ سسٽم آهي، سو انهن هيليڪاپٽر مان هن کي تاڙي ورتو. هن ته گهڻو ئي گوهي ڪئي ته سندس زال جو اتفاقي پير ترڪي ويو. خير، پوليس به کيس جانچڻ لاءِ في الحال ڇڏي ڏنو. ۽ هي، ڇا جو غم ڇاجو فڪر. ٻئي ڏينھن ئي بار مان هڪ ڇوڪريءَ کي وٺي آيو. ان تي پوليس کڻي سوگهو ڪيس ۽ هاڻ جيل ڪاٽي رهيو آهي.“

پنھنجو پاڻ ۾ وڙهيل

ناروي جھاز پھچڻ کان هڪ ڏينھن اڳ مانيءَ جي ٽيبل تي سيڪنڊ آفيسر منظور ٻڌايو، (جيڪو ڪيترائي دفعا هن پاسي اچي چڪو آهي) ”هڪ دفعو اسان جو جھاز ناروي جي شھر اسٽيونگر ويو هو، جتي فقط ست پاڪستاني هئا_ پر اهي به ٻن گروپن ۾ ورهايل هئا. هڪ ۾ ٽي ڄڻا، ٻي ۾ چار. پھرين ڏينھن ٽي آيا، انهن باقي بچيل چئن جون گلائون ڪيون ته اهي هھڙا آهن، هي ڌنڌا اٿن. جھاز تي به اچڻ نه ڏجون. ٻئي ڏينھن ٻيو گروپ چئن وارو آيو ۽ اچي پھرين جون گلائون ڪيائون ۽ آخر ۾ ساڳيون نصيحتون ڪري ويا. هاڻ وري ناروي پيا هلون ۽ اسان جا همراهه ايندا ۽ اچي هڪ ٻئي جي گلا ڪندا. اهو نه سوچيندا ته ڪير به غلط حرڪت ڪري، بدنام ته سڄو ملڪ ٿو ٿئي.“ تنھن تي ڪئپٽن چيو: ”در اصل اهي چند ماڻهو اسان جي ملڪ جي نمائندگي ڪونه ٿا ڪن. ڪنھن به ملڪ کي انهن جي ڪڌن ڪرتوتن مان سڄي ملڪ بابت غلط اثر وٺڻ نه کپي. هي ته هڪ کريل سوسائٽي سان تعلق رکن ٿا ۽ پنھنجي ملڪ ۾ هجن ها اتي به سندن اهي ئي ڪم هجن ها. هنن ۾ ڪيترا اهڙا به ٿين ٿا جيڪي پنھنجي ملڪ ۾ غلط سلط جرم ڪري پوءِ ڏوهاريءَ جي صورت ۾، قانون کان ڀڄڻ لاءِ، لڪي اچي هتي نڪتا آهن.“
”پر ڪيترائي اسان جا ماڻهو نيڪ پڻ آهن. خراب ماڻهو ۽ سندن خراب ڪم ته ائين آهن جيئن اٽي ۾ لوڻ. پوءِ ائين ڀلا ڇو آهي ته رڳو خراب ڳالهيون مشھور ٿين ٿيون، جنھن ڪري ملڪ جي عزت ۽ نالي کي ڇيھو ٿو رسي. سٺاين جو مثال اخبارن يا ٽي_وي تي ڇو نٿو اچي.“ ڪنھن ڪئپٽن کان سوال ڪيو.
”نه. هرگز نه ايندو. سٺائي کان وڌيڪ برائي وڌيڪ پکڙجي ٿي. اهو News-Mediaجو بنيادي پھلو آهي. ساڳي وقت سٺائي سان پيار ڪرڻ کان وڌيڪ، اڄ جو سڌريل ماڻهو خرابيءَ کان نفرت ڪري ٿو.“

ٽرنڍام_ ناروي

• مختيار جون مزيدار ڳالهيون

ناروي ۾ رهندڙ، هڪ جيڪب آباد پاسي جي همراهه کان ڏاڍو متاثر ٿيس. آخري ڏينھن، جڏهن ناروي کان Sailڪرڻ جي تياري ۾ هئاسين ته هن سان ملاقات ٿي.
وهنجي سھنجي، بيڊ روم مان ڪپڙا مٽائي، آفس ۾ اچي ويٺس. ڪئپٽن کان فون تي Sailing جي خبرچار ورتم ۽ انجڻ جي تياريءَ لاءِ سيڪنڊ انجنيئر کي ٻڌائي رهيو هوس ته سئلون بئاءِ اچي ٻڌايو ته هيٺ هڪ جيڪب آباد جو همراهه ويٺو آهي، توهان وٽ اچڻ چاهي ٿو. مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ته سڄي دنيا جو، گذريل ٻارهن تيرهن سالن کان، سفر ڪري رهيو آهيان_ بلڪ رُلي رهيو آهيان، پر هي پھريون موقعو آهي جو جيڪب آباد ضلعي جو ڪو همراهه ولايت ۾ ملي رهيو آهي. ٺٽي ۽ دادو جھڙن ڏتڙيل ضلعن جا غريب مزدور سڄي عرب دنيا ۾ پکڙيا پيا آهن: بندرگاهن تي، رستن ۽ عمارتن ٺاهڻ تي، حجامڪي کان سونارڪي ڌنڌي تائين. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، خيرپور، سکر پاسي جا شاگرد ۽ نوڪرين وارا به ڪيترا آمريڪا کان وٺي يورپ،انگلنڊ، ويندي جپان تائين، ٿورا يا گهڻا نظر اچن ٿا. پر هي پھريون همراهه جيڪب آباد جو سو به ناروي_ جيڪو يورپ جو ٿرپارڪر سمجهڻ کپي، ۾ ملي رهيو آهي.
اڳئين دفعي ناروي ۾ آيو هوس ته ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر ڪاليج جو هڪ ليڪچرار عبدالقادر چانگ مليو هو جو ڇھن مھنن جي ٽريننگ بعد واپس وڃي چڪو هوندو ۽ ٻي حيدرآباد يونيورسٽي جي ساجده شيخ ڪيمسٽري جي اعليٰ تعليم لاءِ هتي آيل هئي. تڏهن ته ڪنھن به هن جي ڳالهه نه ڪئي، شايد تازو آيل هجي.
۽ جڏهن جيڪب آباد ضلعي جي ٺلهه شھر جو مختيار مغل مليو ته هن ٻڌايو ”جڏهن به پاڪستاني جھاز اچي هلي ويندو آهي تڏهن مون کي سڀ يار ٻڌائيندا آهن، مون کي ته هتي آئي به ٽي سال ٿي ويا آهن. منھنجو مامو ۽ سندس فئملي ته ان کان به اڳ جا آيل آهن. مون ته جھاز (Ship) ئي اڄ پھريون دفعو ڏٺو آهي. در اصل آئون سڀني کان الڳ ٿلڳ پري رهان ٿو. هفتي جا ڇھه ڏينھن، گڏهه وانگر، هتي ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ آچر جي ڏينھن، موڪل ۾ گهر جي صفائي، ڀاڄي ڀُتي، سڀ ڪجهه هفتي لاءِ، پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. تڏهن وڃيو ٿي ڪجهه بچت ٿئي.“
ناروي ۾ جيڪي به سوين مزور پيشه پاڪستاني نوجوان مليا، انهن ۾ هي همراهه سچار ۽ زبردست حقيقت پسند هو. اجائي لٻاڙ، ڪوڙي لئه ۽ کوکلي وڏائي نسورو نه هيس. پاڻ ٻڌايائين: ”سائين مان پنھنجي ڳوٺ ٺلهه ۾ پرائمري اسڪول جو ماستر هوس. نو سال گذري ويا جو سو کن رپيا به بچائي نه سگهيس. اهو ئي سوچيندورهيس ته نه گهر ٺھرائي سگهيو آهيان نه ڪا بچت ڪئي اٿم. اڳتي هلي ٻارن جي پڙهائي، پنھنجي ۽ مائٽن جي اگهائي سگهائي رسم و رواج تي ايندڙ خرچ پکو ڪٿان آڻيندس. مان تمام گهڻو حساس آهيان ۽ هر وقت اهي خيال منھنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪندا رهندا هئا.
”منھنجو مامو اڳھين هتي ناروي ۾ هو، هو پنجاب پاسي جو آهي. تنھن چيو : ”تڪليف آهي جو پورهيو ڪرڻو پوندو. سيءَ به ٻارهوئي سخت رهي ٿو. سياري جا ڪجهه مھينا ته سج بلڪل نظر نٿو اچي، اوندهه ۽ برف باري لڳي رهي ٿي. گهڻو پڙهيل به نه آهين. بھرحال همٿ جي ڪري سگهين ته آمنا صدقنا. الله جو نالو وٺي هليو اچ!“ ۽ آئون هليو آيس. انهن ڏينھن ۾ هتي ناروي ۾ حالتون بھتر هيون. جلدي رهائش ۽ نوڪري ملي وئي. اڄڪلهه وارو گند ۽ بدنامي مور نه هئي، ڀاڳ ڀلا هيم. دل ۾ اچي ويو جو اچي هتان نڪتس. پھرين هتي سٺي نوڪري نه ملي. بس سمجهه ’آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ کان به ڏکيو حال هو. پر پوءِ اسان به پئي ڳن ڏنا. ڦاٿي ته ڦٿڪڻ وري ڪھڙو. هاڻ مڙيئي چڱي نوڪري آهي. هتي جي حساب سان ته ان کي به سٺو يا چڱو نٿو چئي سگهجي، جنھن ڪارخاني لاءِ هي جيڪو توهان ’ڪارگو‘ : گُوار، کڙ ۽ سڪل مڇيءَ جو ٻورو آندو آهي، ان فئڪٽري ۾ ڪم ڪندو آهيان. هتي برف باري ڪري پوک نه برابر ٿئي ٿي. هي ماڻهو پاڪستان، هندستان ۽ ٻين ڏورانھن ملڪن کان ان قسم جو سامان سستي اگهه ۾ گهرائين، جنھن جو پاڻ وٽ گهڻو قدر ناهي. پوءِ هي دماغ کي استعمال ڪري، سائنسي اصولن تي انهن ۽ ٻين شين ۽ گاهن کي ملائي پنھنجي ڍڳين، گهوڙن، ڪڪڙن لاءِ چارو ۽ داڻو ٺاهين ٿا ۽ ٻاهر به ايڪسپورٽ ڪن ٿا. ان کان علاوه دوائون پڻ ان مان ٺاهين. ڍڳيون وري آسٽريليا کان گهرائيندا آهن. پوءِ اسان وانگر مال کي گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ پھرائڻ بدران هڪ ئي هنڌ وڏن وٿاڻن ۾ رکن. مشينن سان هنن جي مالش ڪن. کير هنن جو اهڙو ته سٺو ٿئي جو ڇا ڳالهه ڪجي. يورپ جي ته ڪيترن ملڪن ۾ تازو کير هومو جينائيزڊ ۽ پئسچورائيزڊ ڪري موڪلين پر ايشيا ۽ عرب ملڪن ڏي به پائوڊر جي شڪل ۾ موڪلين.“

• ناروي جا پگهار ۽ خرچ

”آئون جنھن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو آهيان،“ مختيار ٻڌايو، ”اها وهٽن لاءِ ڏارو ٺاهيندي آهي. اتي مون کي ڪلاڪ جي حساب سان ويهه ڪرونا_ يعني پنھنجا چاليهه رپيا پگهار ملي ٿو. روز اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، سو ٿيا ٽي سو ويھه رپيا. سڄي مھيني ۾ اوورٽائيم ملائي ڪڏهن ڪڏهن ڏهه يارهن هزار رپيا ٿيو وڃن. هتي ٽئڪس تمام ڳرو، ضروري ۽ سڀني لاءِ آهي، جو پوءِ نوڪري جي نه هجڻ جي حالت ۾ سرڪار بي روزگار کي هر هفتي خرچ پکي لاءِ پئسا ڏئي ٿي. جيئن هو چوري يا اوڌر وٺڻ بنا، گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ جون بنيادي شيون؛ اٽو، لٽو ۽ اجهو حاصل ڪري سگهي. بيماريءَ ۾ به، نه فقط مفت علاج ٿئي ٿو پر انهن ڏينھن جو پگهار به ملي ٿو. باقي ٻي هتي هر شيءِ مھانگي آهي. کاڌو پيتو، گندي ڪپڙو_ ۽ جيڪڏهن ڪو شراب يا سگريٽ جو ٻاڙي آهي ته ان لاءِ ته نسورو ئي عذاب آهي. عام سگريٽ جو پاڪيٽ به پنجويھن روپين کان گهٽ ناهي. رڳو بيئر جو گلاس، عام هوٽلن ۾، ٽيھين رپئي آهي. پوءِ اهڙي جي بچت ڪيئن ٿيندي. هتي جا رهاڪو نارويجن ته بچت مان ڄاڻنڪونه، جو هو ڪنھن لاءِ بچائين؟ مائٽن توڙي ٻارن کي پيو سرڪار طرفان ملي. سو اهي ڀلي عيش ڪن. پر اسان ماڻهو ته هتي فقط پاڻ لاءِ نه آيا آهيون، پر اسان هڪ مقصد ڪارڻ آيا آهيون، جيئن پورهيو ڪري بچت ڪري پنھنجي والدين ۽ اولاد کي اسان پاڻ کان وڌيڪ سکيو ۽ بھتر شھري بڻائي سگهون. پر افسوس جو هتي رهندڙ اسان جا ڀائر اها ڳالهه سمجهن ئي نٿا. هڙ خرچيو، ڦڪڙ ٿيو ويٺا آهن. چي هي ولائت آهي، هتي به عيش نه ڪبو ته ٻيو ڀلا ڪٿي ڪبو!
”ڪيترا هتي، هاڻ ورچي به پيا آهن جو ڏينھون ڏينھن اسان لاءِ حالتون ڏکيون ٿينديون وڃن، پر واپس رڳو ان ڊپ کان نٿا وڃن جو پنھنجن مائٽن مٽن ۽ دوستن يارن کي رڳو ڪوڙ لکيا اٿن ته اسان هتي هھڙي لئه ۾ آهيون، هيڏو پگهار اٿئون. ظاهر آهي ته هو اهي اميدون رکي ويٺا هوندا ته اسان جو ”هيرو“ ولائت ۾ الائي ڇا آهي. ڪا وڏي ڳالهه آهي. اها خبر ئي نه ته اهو ٺڪر ٿيو پيو وقت گذاري ۽ سالن کان رولاڪن وانگر رلندو رهي. ان رد عمل کان اسان جو همراهه به چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته لئه خراب ٿي ويندي. ماڳھين جو پيئڻ، سڄي سڄي رات شراب خانن ۽ بارن ۾ گذارڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهي ويٺو آهي، سو ڪٿي ٿو هن کي پنھنجي ملڪ موٽڻ ۾ مزو اچي. هاڻ ته ملڪ ۾ ميخانن سان گڏ مي تي به بندش پئي آهي سو مني بيگم جي رڪارڊ:
اس کے پیتے ہی طبیعت میں روانی آئے
پینے والے تجھے آ جائے گا پینے کا مزا۔
اُس کے ہر گھونٹ میں ہے پوشیدہ جینے کا مزا
جام اٹھا لے۔ منہ سے لگا لے،

بدران، صابري قوال جووڄي رهيو هوندو:

۔۔۔۔ پینے والے یہ حقیقت ہے کہ نادان ہے تو
آج سے چھوڑ دے پینا جو مسلمان ہے تو
شیشہ ساگر توڑ دے پیارے۔۔۔۔۔وغيره.

”هونءَآئون مڃان ٿو ته اسان ڌارين پورهيتن جو هتي ناروي ۾ گهڻو پگهار ناهي. جيئن منھنجو ٽئڪس ڪٽجڻ کانپوءِ ست اٺ هزار رپيا هٿ ۾ ملي ٿو، جيڪو هتي جي حساب سان گهڻو ناهي، پر ساڳي وقت اسان جھڙن غريب ملڪن جي رهاڪن لاءِ جن جون گهرجون، سَڌون ۽ ضرورتون غريباڻيون آهن، تن لاءِ ته گهڻو ئي ٿيو. آئون هر مھيني انهن مان هزار رپيا زال کي موڪليان ٿو. پنج سئو رپيا امان بابا ڏي، باقيءَ مان سگريٽ شراب جھڙا شوق نه ڪري سگهندو آهيان، پر کاڌو پيتو، ڀاڙو ڀتو، جاءِ جي مسواڙ، لائيٽ، پاڻيءَ جو بل ڏيڻ بعد به ڪجهه بچت ٿيو وڃي_ جنھن مان ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ڳوٺان به ٿي آيو آهيان. اڌ لک رپين جي، پاڪستان ۾ ڪچي پڪي جاءِ به ورتي اٿئون ۽ هاڻ زال ۽ ٻارن کي ٻئي مھني هتي گهرايان پيو ۽ پوءِ اڃان به بچت ٿي ويندي، جو ناروي جي حڪومت شادي شده همراهه کي پگهار به گهڻو ڏئي ٿي، جاءِ لاءِ قرض، ٻارن جي پڙهائي ۽ سندن دوا درمل پڻ مفت آهي. هڪ جاءِ هتي ناروي ۾ هڪ لک رپين واري ڏٺي اٿم، جنھن لاءِ منھنجي ڪمپنيءَ کان قرض منظور ڪرايو آهي ۽ ڪجهه سرڪار به مدد ڏيندي. ڪمپني اهو قرض هڪ هزار رپيا ماهوار قسط تي وٺندي، جيئن مون کي موٽائڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.“

• ڇا ناروي Sex فري ملڪ آهي!؟

مختيار لڳاتار پنھنجيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. رات جي مانيءَ جو وقت به اچي ٿيو. هيٺ ڊائننگ هال ۾ وڃڻ بدران ماني مٿي ڪئبن ۾ گهرائي کاڌيسين. ان دوران هن اهو به ضروري نه سمجهيو ته مون کان اهو پڇي ته ڪٿي جو آهيان. مون کي سندس ڳالهين ۾ مزو اچي رهيو هو. نيٺ ماني کائيندي کيس خيال اچي ويو، سو ڏاڍو لڄي ٿي پڇيائين: ”سائين توهان ڪٿي جا آهيو. اهو ته توهان ٻڌايو ڪونه. يار اسان جو ڳوٺ ته اهڙو مشھور ناهي ۽ پڪ اٿم ته ”ٺلهه“ جو نالو ئي نه ٻڌو هوندانوَ.“
کيس ٻڌايم ته اهڙي ڳالهه ناهي. ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سنڌي فرمائش ۽ سنڌي اخبارن ۾ ’اوهان جي ٽپال‘ ڪالم باقاعدگيءَ سان پڙهندو آهيان، سو نه فقط تنھنجي ڳوٺ ٺلهه کان پر ڌنڱاڻو بوزدار، ڇلگريون، چوهڙ جمالي، پيچوها، ٻٻرلوءِ، جهٽ پٽ جھڙن ڳوٺن کان به واقف آهيان، ۽ ساڳي وقت تنھنجي ناروي جي اترادي ڳوٺن: تانو، وادسا، ناروڪ کان وٺي لاڙي ڳوٺن: دالتين، ڪانگس ونگر، ڪرسٽين سئنڊ تائين ڄاڻ اٿم، جو اتي جا ماڻهو وري ڳالهه ڳالهه تي Time ۽ نيوز ويڪ رسالن ۾ خط لکڻ جا شوقين آهن.“
مختيار کي چيم،”يار هڪ ڳالهه ته ٻڌ. هتي جيڪي به اسان جا جوان اچن ٿا سي پھريون ڇوڪرين جي قصي کان وٺي بيھن ٿا ته وڃي ان جي ئي ذڪر تي خاتمو ڪن ٿا. پر توکي ٻه ٽي ڪلاڪ ٿي ويا آهن پر اهي خبرون ماڳھين سينسر ڪيو ويٺو آهين. توهان جي اسڪينڊينيون ملڪن: ڊئنمارڪ، سويڊن ۽ ناروي لاءِ ته چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اتي Sex Freedom آهي. ايتريقدر جو هڪ ڪارٽون ڏٺو هوم ته ڪو ڌاريون سئيڊن ايئرپورٽ تي پھچڻ سان معلومات واري ڊيسڪ ڏي، جيئن ئي وڌي ٿو ته هن کي اتي به اگهاڙي ڪلرڪ ڇوڪري نظر اچي ٿي. ان بابت تنھنجي ڇا راءِ آهي؟“
”نه ادا اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي. اهو ائين آهي جيئن ڪو پاڪستان ۾ اچي فقط لاهور جي انارڪلي ۽ ڪراچيءَ جو نيپئر روڊ جو چڪر هڻي سڄي ملڪ بابت خراب اثر وٺي. يا ڪو نيويارڪ جي فقط فارٽي سيڪنڊ گهٽي ڏسي، سڄي آمريڪا جي ماڻهن کي اهڙو سمجهي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته هنن ملڪن ۾ ڇوڪرين کي سماجي ۽ جنسي آزادي آهي. بنا شاديءَ جي ٻار ڄڻڻ به خراب نٿو سمجهيو وڃي. ڪتاب ۽ رسالا به هر قسم جا ڇپجن ٿا، پر اهي تمام محدود دائري اندر. فقط ويران گهٽين جي الڳ ٿلڳ دڪانن تي اهڙا اگهاڙا فوٽو۽ ڪتاب ملندا. پر ڏٺو وائٺو رکڻ کي هرڪو خراب سمجهي ٿو ۽ سوسائٽيءَ جو فقط هڪ خاص حصو، جيڪو ذهني طرح پست سمجهيووڃي ٿو، ان جي پٺڀرائي ڪري ٿو. نه ته ٻين ملڪن کي بيوقوف بڻائي، ان قسم جي لٽريچر مان فارين ايڪسچينج ئي ڪمائي وڃي ٿي. Sex جي آزادي آهي پر هتي جون ڇوڪريون، ٿائلنڊ، ڪوريا، انڊونيشيا جھڙن غريب ملڪن جي ڇوڪرين وانگر پئسي جون به بکيون نه آهن، جن اڳيان هرڪو ٽِلُو ٽوپڻ هڏي اڇلي، کين پنھنجو ڪري سگهي. هتي جون ڇوڪريون چاهي نوڪريءَ ۾ نه هجن تڏهن به هنن کي سرڪاري ٻڌل پگهار گهر ويٺي ملي ٿو، جو هتي لٽي ۽ اجهي جوذمو سرڪار تي آهي. باقي رهيو دل لڳڻ جو سوال، سو ته اسان وٽ به ستن ڪوٽن ۾ رهندڙ ڇوڪريءَ جي ڪنھن سان لڳي سگهي ٿي. هنن جا پنھنجا ناروي جا ڇوڪرا ڇا گهٽ آهن_ اسان کان وڌيڪ سھڻا ۽ صحتمند آهن. پوءِ ڇو هو ڌارين پٺيان لڳن. باقي اهي سڀ ڪوڙيون ڳالهيون آهن ۽ اسان جي غلط فھمي آهي، جيڪا اسان پاڪستان، هندستان، سلون، بنگلاديش جا پنھنجي وطن، دوستن کي لکندا رهندا آهيون ته هتي جون ڇوڪريون اسان جي ڪارن وارن تي مرن ٿيون، يا اسان ۾ Sex-power وڌيڪ آهي يا هندو مئٿالاجي جا اسان کي سڀ آسڻ اچن ٿا، وغيره. اهي سڀ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون سوين سالن کان، دنيا جون رنڊيون، هند سنڌ جي هٿ ٺوڪين راجائن، مھاراجائن، نوابن، وڏيرن، رئيسن کي ٻڌائي غريب عوام جو پئسو منجهائن ڇڪينديون رهيون. ۽ هاڻي ڏسندي ئي ڏسندي اهو ساڳيو عالم، پئسي جي اچڻ ڪري عربن سان ٿي رهيو آهي. ڇا Sex-Power ڪو Political Power آهي جو جاگرافيءَ جون منزلون طئي ڪندو Shiftٿيندو رهي ٿو!
”بھرحال مون کي هتي ناروي ۾ ٽي سال ٿي ويا آهن پر ڪنھن به ڇوڪريءَ دوستي نه رکي آهي، جيتوڻيڪ گهڻن کان سھڻو ۽ سگهارو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون ڪوشش به نه ڪئي آهي ۽ نه انهن شوبازين جو شوقين آهيان. پر هتي ٻيا جيڪي سڄو ڏينھن پيا نوس نوس ڪن، تن کي به هتي جون کنگهن ئي ڪونه ٿيون. ويتر اسان جي ماڻهن خون، زوري زنائون ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي ڌتاري غلط راهه تي آندو آهي ته انهن ڳالهين ماڳھين نفرت پيدا ڪري وڌي آهي. اهي سڀ، جيڪي هتي اچي پنھنجن ڳوٺن ڏي ڪوڙيون ٻٽاڪون لکن ٿا، تن سان هتي جي نارويجن ڇوڪري ته ورلي ڪا سنگت رکڻ چاهي ٿي_ جو هي سياڻيون ٿي ويون آهن. باقي پاڪستان کان ايندڙ دوشيزه ۽ ٻيا ان جھڙن رسالن پڙهڻ واريون اٻوجهه ڇوڪريون، ”آسماني اکين واري شھزادي،“ دور دنيا ۾ رهندڙ اجنبي، جيڪو منھنجون معصوم خواهشون پوريون ڪري“، ”ويڪري سيني وارو جوان جنھن جي وارن ۾ منھن لڪائي سگهان،“ جھڙن Ideas جا خواب ڏسندڙ ڇوڪريون ۽ سندن شريف مائٽ، هنن جي چنڀي ۽ ڊاڙن ۾ اچي ويندا آهن. انهن پاڪستاني ڇوڪرين جي ڌيان ۾ اهو ئي ويٺل آهي ته هرڪو ولائت ۾ رهندڙ ذهين، امير، جوابدار ۽ سکيو ستابو آهي. ولائت جو چار پنج هزار رپيا پگهار پاڪستان سان ڀيٽي خوش فھمي ۾ مبتلا ٿيو وڃن. پوءِ سٺن سٺن گهرن جون ڇوڪريون جڏهن هتي پھچن ٿيون ته هنن جون وايون بتال ٿيو وڃن ته اهو پگهار ته ڪجهه به نه آهي ۽ هتي مڙس سان گڏ کين به ڍور وانگر پورهيو ڪرڻو پوندو _ تڏهن ٻه ويلا مانيءَ جا ٿي سگهندا.
”هتي ناروي جي هن ڳوٺ ۾ هڪ ٻن همراهن هتي جي نارويجن ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي. اهي ڇوڪريون پورهيو ڪري پئسو ڪمائين ۽ کين جي نوڪري ملي ته به رڳو ميڊيڪل لِيو تي زور. بس زال جي ڪمائي کائين. زالون به صفا ڪي گهٽ ذهنيت واريون ملي ويون اٿن، کين ذاتي نوڪر ڪري کانئن گهر جو ڪم وٺن. ٻار سندن حوالي ڪري پاڻ گهمنديون رهن ٿيون، ٻين سان ڊانس ڪن ۽ سڄو ڏينھن بارن ۾ شراب پيئن. هنن مردن جو هنن تي هلي به ڇا ٿو. کين زالن جي هر ڳالهه ۾ خوش رهڻو پوي ٿو. ناراضگي سبب مڙس طلاق ڏئي يا چاهي زال گهري_ ٻنهي صورتن ۾، هتي جي قانون موجب مڙس کي هر شيءِ زال جي حوالي ڪري، ٻن وڳن ۾ گهر ڇڏڻو پوي ٿو _ چاهي گهر جي هر شيءِ مڙس خريد ڪئي هجي. بس هاڻ جي هي همراهه کين طلاق ٿا ڏين ته کين مٿو لِڪائڻ لاءِ به ڪو اجهو نه ملي سگهندو.“

• پاڻ نارويجن آهي ۽ اڪيلي


مون کي اچتو هتي رهندڙ هڪ همراهه ياد اچي ويو. اسان جو جھاز هتي منجهند مھل اچي لڳو هو. سڄي رات جي اوجاڳي ڪري، منجهند جي مانيءَ بعد گهمڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ بدران کائي اچي سمهي رهيس. ڪلاڪ ڏيڍ به ڪو مسستو هوندس ته در تي ڊيوٽي واري سکاڻيءَ اچي ٺڪ ٺڪ ڪئي ته ڪا ڇوڪري هيٺ بيٺي آهي توهان سان ملڻ چاهي ٿي.
”آئون ته ڪنھن کي به نه سڃاڻان. ڪير آهي پاڻ؟“ وائڙو ٿي پڇيومانس.
هيٺان ڏسي اچي ٻڌايائين ته ”توهان جو ئي نالو پئي وٺي، توهان کي سڏي پئي. پاڻ نارويجن آهي ۽ اڪيلي آئي آهي. مٿي موڪليانس” آئون کيس ”ها“ چئي وري ليٽي پيس. پنج ڇھه منٽ شايد انتظار ڪيو هجيم، ان بعد وري ننڊ کڻي وئي. شام جو ڇھين ستين وڳي اک کلي ۽ آهستي آهستي هوش آيا ته مٿين ڳالهه خواب ۽ حقيقت جي اڌ واٽي تي، دل ۾ هُرڻ لڳي. سکاڻِيءَ کي سڏائي کانئس ان بابت پڇيم. پاڻ ٻڌايائين: ”هڪ نارويجن ڇوڪري پنھنجي پاڪستاني مڙس کي ڳوليندي هتي آئي هئي. سندس مڙس جھاز جي هڪ خلاصي سان ملڻ لاءِ ان جي ڪئبن ۾ ويٺو هو. پر جيئن ته ان جو نالو پڻ الطاف آهي، سو پھرين دفعي ۾ آئون غلطيءَ ۾ توهان وٽ هليو آيس.“
ڪئپٽن به ان وقت مون وٽ آيو هو تنھن کي کلي چيم ته يار هن نڀاڳي پنھنجي سکاڻيءَ جا ڪم ٻڌا اٿئي؟ ۽ سکاڻي ان کان اڳ شرم کان ”آءِ ايم ساري“ چئي ڀڄي ويو.
ڏينھن جو ننڊون ڪندڙ رات جو چوريءَ تي ويندا آهن، يا بار ۾. جھاز جو چڪر ڏنم. ماٺ لڳي پئي هئي. ڪي سمهي رهيا هئا، ڪي ٻاهر گهمڻ ويل هئا. جھاز جي ڏاڪڻ لهي سامهون واري ”مارٽني ڊسڪوٿيڪ“ ۾ گهڙي ويس. رات جا ٻارهن ٿيا هوندا، ان وقت. ٻاهر گوڏي جيڏي برف لڳي پئي هئي ۽ هوا ’جهڪ ۽ طوفان‘ جي وچ تي هوندي. ڪاٽو پنڌرهن ڊگرين کان به گهڻي ٿڌ هئي. اندر ڊسڪوٿيڪ سڄو ماڻهن سان ڀريل هو_ باقي جڳهه سگريٽن جي دونھن سان. ڪجهه نارويجن ڇوڪريون پنھنجي نارويجن دوستن سان ڪَنَ ڦاڙيندڙ ڊسڪو ميوزڪ تي بمپ_ڊانس ڪري رهيون هيون. هڪ ٿلهي چيلهه ۽ دڏين واري، جھاز جي چيف ڪُڪ سان پڻ نچي رهي هئي. هونءَ به شراب جي نشي کان پوءِ نه ڪو بندو رهندو آهي نه ڪو بنده نواز. هڪ يوناني جھاز جو خلاصي گهڻي پيئڻ ڪري پَٽ تي ڪري پيو هو تنھن کي ”بارٽينڊر“ بيھارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر سڌو ٿيڻ سان وري هيٺ شپڪو ڪري ڪِري پيو ٿي. خالي ڳوڻ ۽ شرابيءَ کي ڪڏهن ڪو سڌو بيھاري سگهيو آهي_؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي. اوورڪوٽ ۽ مفلر ڪليءَ تي ٽنگي، چيف آفيسر سان گڏ، هڪ وچ واري ٽيبل تي اچي ويٺس. چيف آفيسر کي چيم ته تون ڀلي تيسين فلور تي هلي ڪنھن سان ڊانس ڪر ته آئون ڊرنڪس وٺي ٿو اچان.
پنڌرهن ويھه منٽ بارٽينڊر سان بحث ۾ لڳي ويا جو نارويجن زبان کانسواءِ ٻي ڪا به نٿي سمجهيو. ان بعد ڊالر مَٽي ناروي جا پئسا نه پئي ڏنائين. اهي مسئلا حل ٿيا ته ان ضد ۾ اچي بيٺو ته ڪوڪا ڪولا ۽ بوز ساڳي اگهه تي ڏيندس. آخر ٽيبل تي پھتس ته چيف آفيسر سرور موٽي چڪو هو. جنھن سان ڊانس ڪئي هئائين، تنھن اسان کي سندس ٽيبل تي هلي وهڻ لاءِ چيو، جت سندس بئاءِ فرينڊ پڻ هو. پاڻ پڇڻ لڳا ته آيا اسان سامهون واري پاڪستاني جھاز جا آهيون. مون خبر ناهي ڪھڙي خيال کان چيو ته نه، اسان ميڪسيڪن آهيون. اسان جو جھاز پري ٻئي هنڌ بيٺو آهي.
”هن سامهون واري جھاز جا ٽي ڪئڊٽ ٿوري دير اڳ آيا هئا“ ڇوڪريءَ ٻڌايو، ”ان مان هڪ تي، سامهون ڪاري اسڪرٽ واري ڇوڪريءَ، ٿُڪ کڻي اڇلائي. جي توهان ان جھاز جا آهيو ته هن پاران آئون معافي وٺڻ چاهيان ٿي، هو ڇا چوندا ته ناروي جا ماڻهو ڪھڙا آهن. پر ڏس ته هن ڇوڪريءِ جو به ڏوهه ناهي جو هوءِ گهڻي پيئڻ ڪري آئوٽ آهي.“


• منھنجي زال وسڪيءَ جي شوقين

دل ۾ چيم ڏوهه نه هن جو آهي ۽ نه تنھنجو، جو گهٽ نشي ۾ تون به نه آهين. اتي هڪ هتي جو رهندڙ پاڪستاني ڇوڪرو پنجويھن کن سالن جو، هڪ پاڻ کان وڏي عمر جي نارويجن ڇوڪريءَ سان اندر گهڙيو. اسان جي ٽيبل تي ويٺل ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري ”الطاف الطاف“ چئي کيس سڏيو. هو به اچي اسان جي ٽيبل تي ويٺو. آئون سمجهي ويس ته هي اهي همراهه آهن جيڪي ڏينھن جو اسان جي جھاز تي آيا هئا. رسمي طرح ساڻس ۽ سندس زال سان تعارف ٿيو ۽ کين شام وارو واقعو ٻڌايم.
”منھنجي زال ان وقت نوڪريءَ تان موٽي هئي، کيس ٻڌايو هوم ته جھاز تي هوندس. کيس جھاز تي وسڪي پيئڻ جو شوق آهي، پر معلوم ٿيو ته توهان جي جھاز تي ليڪر (Liquor) جي بندش آهي.“ سندس زال ڪاوڙيل ڪاوڙيل پئي لڳي. وهڻ سان کيسي مان ٽي ڏهين ڏهين جا ڪرونا جا نوٽ ڪڍي مڙس کي اڇلي ڏنائين ته پيئڻ لاءِ وٺي اچ. هو ادب سان اٿيو ۽ هن لاءِ وسڪي ۽ پاڻ لاءِ هڪ سستي قسم جو جُوس وٺي آيو ۽ ريجو سندس اڳيان رکيائين جيڪو هن کڻي مڙس جي کيسي ۾ وڌو. لڳو پئي ته هوءَ اڳھين ڪٿان پي آئي هئي يا ڪو اهڙو شراب پي رهي هئي جنھن جي ٻي گلاس تي ئي چڱي خاصي حواسن ۽ هٿن مان نڪري وئي. ڳالهائڻ ۾ ٿاٻڙجي رهي هئي۽ ذري ذري سگريٽ به سندس ڏڪندڙ هٿن مان ڇڏائي پئي ويو. اسان هن کي بنھه نه وڻي رهيا هئاسين، جو جڏهن ته اسان سڀ هڪ ئي زبان انگريزي ڳالهائي رهيا هئاسين پر هن رکي رکي نارويجن زبان ۾ ٻين کي ڪجهه چيو ٿي، جنھن جو ترجمو ڪرڻ کان سندس مڙس به نٽائي رهيو هو. بھرحال اسان به ان ڳالهه کي درگذر ڪري هنڀوڇيءَجهڙي ميوزڪ ۾ اوٽ پٽانگ ڳالهيون ڪندا رهياسين. ڳالهين ڪندي، اوچتو ٽيبل تي پھرين ويٺل نارويجن ڇوڪريءَ چيف آفيسر کي ڀاڪر پائيندي چيو: ”توهان وٽ جھاز تي وسڪي يا ووڊڪا ته ضرور هوندي. مون کي پيارڻي پوندءِ.“ آئون سندس بئاءِ فرينڊ جي منھن تي جوار ڀاٽيا ڳولڻ لڳس پر درياءَ ۾ ڪو به لھر لوڏو ڪونه هو. هتي هر ڇوڪري آزاد آهي، سندس مڙس يا بئاءِ فرينڊ ڪجهه ڪُڇي به نٿو سگهي. يعني ڪھاڙين تي ڪٽ چڙهيل آهي. چيف آفيسر کي آهستي چيم ته في الحال ‘ها’ ڪري جان ڇڏاءِ، پوءِ هتان هلون ٿا. متان ڪو ذرو پرزو ڪنھن کي غيرت جو اچي وڃي ته ڪٽ لڳل ڪھاڙيون ته لاٿلن کان به ڏکيون.
چيف آفيسر جي ’ها‘ تي ڇوڪري خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳي. پاڪستاني همراهه جي زال وائڙي ٿي مس مس انگريزيءَ ۾ پڇيو : “What is the matter”__ ڇا ڳالهه آهي؟
”مون کي جھاز تي وسڪي پيئڻ جي دعوت ملي آهي، هنن جي جھاز تي وسڪي آهي.“
”آئون، هنن جي جھاز تي، ان سلسلي ۾، ٻه دفعا وڃي چڪي آهيان،“ هن خبردار ڪندي چيس، ”جھاز بلڪل dryلڳو پيو آهي “You can only get f….
ٿوري دير اڳ جو اسان جو هم وطني هتي جي ڇوڪرين جي تعريف ڪري رهيو هو ته هتي جون ڇوڪريون تمام گهڻيون سوشل آهن، دلير آهن، سوسائٽيءَ ۾ هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو طريقو معلوم اٿن... وغيره وغيره، انجو اعتراف ڪرڻو پيو.
۽ هاڻ مختيار جي ڳالهين تي اها ڳالهه وري ياد اچي وئي.

ڊئنمارڪ

• هڪ دفعو وري ڊئنمارڪ ۾

ڊئنمارڪ جي شھر آروس جا شھري اڄڪلهه ساليانو جشن ملهائي رهيا آهن. اهو جشن يڪو هفتو هلي ٿو. سڀني کي موڪلون ٿين. ٻين شھرن جا ۽ ڪيترا غير ملڪي به هن جشن جي موقعي تي اچي گڏ ٿيندا آهن. گهٽين گهوٽين ۾ عارضي نموني جون هوٽلون کلي وينديون آهن. فٽ پاٿن ۽ ڪيترن رستن تي ڪرسيون ٽيبل وڇايا ويندا آهن. شراب جو واهپو وڌي ويندو آهي، اها ئي سڀ کان وڏي خوشيءَ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. رستن تي هلندي، دڪين تي ويٺي هوٽلن ۾، اندر بيئر جا دٻا هٿ ۾ جهلي ننڍا وڏا چُسڪيون پيا ڀريندا. رات جو نائين ڏهين کانپوءِ ڪنھن ڪنھن گهٽيءَ ۾ ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ايتري ته رش وڌي ويندي آهي جو تر ڇٽڻ جي جاءِ به ڳولي نه لڀي. هوٽلون، بار، پَب، سڀ ڀريل. سڀ شراب پيئڻ ۾ مست هوندا_ پر هڪ ڳالهه آهي جو هي ڊئنش يا نارويجين آمريڪين وانگر گوڙ، فساد، ڦڏو نٿا ڪن. وڌ ۾ وڌ ته ڀرسان آهستي لنگهندڙ ڪار کي کڻي ڌڪ هڻندا. يا پاسي تي سمهي رهندا يا جتي ايندن اتي پيشاب ڪندا. ڏوهن جو انگ تمام گهٽ آهي. ان ڪري سڄي سڄي رات ، عام حالتن ۾ به، ڇوڪرا ڇوڪريون اڪيلا پيا ايندا ويندا پر ڪنھن به چوري، جهڳڙي، زوري زنا جي خبر ٻڌڻ ۾ نه ايندي.
(هونءَ ڪن ڪن ملڪن ۾ پوليس ڏوهن کي گهٽائڻ جو هڪ اهو به سولو نسخو ڪڍيو آهي ته فرياديءَ جي ٿاڻي تي رپورٽ ئي درج نه ڪجي. پوءِ ان حساب سان ڪي ڪي اهڙا به ضلعا آهن جن ۾ ڀلي هر رات خون ۽ چوريون پيون ٿين پر سرڪاري طرح امن امان جا مثال سمجهيا ويندا آهن. پر هتي Crime-rate واقعي گهٽ آهي_ جپان وانگر.)
پھرين رات هڪ لائلپور جو همراهه عبدالقادر نالي، غاليچن جو واپاري ملي ويو. تنھن کان پڇيوسين:
”هي ڀلا ڪھڙو جشن يا ميلو آهي_؟“
وراڻيائين: ”بس سڄو هفتو سڄي رات هي شراب پيئندا ۽ نچندا ٽپندا.“
”ان کانپوءِ___؟“ اسان پڇيس.
”پوءِ اتي ئي ڪري پوندا. ٽي چئين بجي ڌاري اچي تماشو ڏسجو. هنن گهٽين ۾ سندن الٽيون هونديون ۽ پاڻ. پوءِ پوليس کين گاڏين۾ وجهي گهر پھچائيندي آهي. ائڊريس سندن کيسي ۾ پيل شناختي ڪارڊ تان ڏسي.“
ان جشن جي موقعي تي ڏينھن جو ڪيترائي کيل تماشا ڏيکاريا ويا ٿي. هڪ همراهه ماڻهن جو ميڙ لڳائي اڪيلي سر بئنڊ وڄائي ٿي. پري کان ايئن لڳو ٿي ڄڻ ڪيترن ئي ماڻهنجي ٽولي جي آرڪسٽرا هجي، پر اهو One-man- orchestra هو. پٺِيءَ تي ٻه ڊرم ٻڌل جن جا ڏونڪا گِهرڪڻن ذريعي ڌاڳن سان پيرن جي آڱوٺن ۾ ٻڌل هئا. بوٽن جي پاسن کان ٿالهيون ٻڌل جي هڪ ٻئي سان لڳي هڪ الڳ ساز ڪڍي رهيون هيون. ڊرمن جي مٿان هڪ ٻيو ٿالهين جو جوڙو. هٿن ۾ گٽار ۽ منھن اڳيان تار ۾ نموني جون توتاريون، جن کي واري وٽي تي وڄائڻ سان هڪ ٻيو ساز ٿي پئدا ٿيو. ٻانھن ۾ جهنجهڻا ٻڌل ۽ گوڏن ۾ گهنگهرو. پُٺي تي ٻڌل دهلن تي وري هڪ اڇو ڪبوتر ۽ سھو وهاريو هئائين. پاڻ واهه جو نچي رهيو هو. نچ ۾ جسم جو هڪ هڪ عضوو چرڻ ڪري مختلف ساز وڄي رهيا هئا. رکي رکي انگريزي ۽ ڊئنشڪ گانا به ڳائي رهيو هو. ماڻهن ڏاڍو ساراهيس ۽ آخر ۾، سندس وڇايل چادر تي ڪافي پئسا اڇلايا. پر گهُريائين هرگز ڪونه ٿي. شايد کيس سندس ڏات ۾ وڌيڪ اعتماد هو. ٿرڊ انجنير محمود بلوچ چيو،جھاز ۽ جھازي نه هجن ها ته ٻه چار جھاز جا مڪراني خلاصي وٺي، ان کان به وڌيڪ نقشي بازي، ڊئنمارڪ وارن کي ڪريڏيکاريان ها. ڪمائڻ جو واهه جو ڌنڌو ڪڍيو اٿن.


• ڪوئن جا ڪرتب

هڪ ٻيو همراهه وري پراڻي ڇنل ڪوٽ تي سوين ٻِلا (تمغا) هڻي ڪوئن جا ڪرتب ڏيکاري رهيو هو. ڪنھن پڇيس اهي ٻلا ڪھڙي کيپ کٽڻ کان مليا اٿئي...؟ وراڻيائين ته اهي کيس ”ڀڄڻ“ جي ڪري مليا آهن. جيئن ته هڪ جنگ جي ميدان مان ڀڄي اچڻ جو آهي، هڪ اسڪول کانروز ڀڄي اچڻ جو، وغيره وغيره.
هن وٽ چار پنج اڇا ڪُئا هئا جن گول ڇلي مان بُل ڏئي ڊگهي ڪاٺيءَ تي چڙهي، هيٺ ٽپ ڏنو ٿي. هِڪ ته ٽوپلو پائي پوءِ ٽپ ڏنو. ٻن ٽن ٻين، ان قسم جي ڪرتبن بعد آخر ۾ هڪ ڪارو ڪئو ٻار ٿيو ۽ اڇو ڪوئو بلائوز ۽ اسڪرٽ پائي ماءُ ٿي ۽ کي ٻار جي گاڏيءَ ۾ هلايو. اهو وڏي ۾ ڏو ڪمال هو جو ان کي ڏيکارڻ کان اڳ هن ٽوپلو لاهي تماشبين مان پئسن جي اوڳڙ ڪئي. پوءِ جھڙو ڪرتب شروع ڪرڻ لاءِ ڪوئن کي اشارو ڪيائين ته ننڍو ڪارو ڪوئو بوتل وات ۾ وجهي ٻار ٿي گاڏيءَ ۾ سمهي رهيو. گهڻيئي دڙڪا ڏنائينس پر پنھنجي جاءِ تان نه چريو. نيٺ ڪاوڙ مان ڪاٺيءَ جي ڪنڊ پيٽ ۾ هنيائينس. ان تي ڪوئي کي ماڳھين اچي خارش لڳي سو پنھنجي پڙي کي ڇڪي لاهڻ لڳو. ڏسڻ وارا کِل ۾ اونڌا، پر ڪرتب واري جو هھڙي سيءَ ۾ به پگهر وهڻ لڳو. پنھنجي عزت ۽ ڀرم بچائڻ لاءِ گهڻائي حيلا هلائڻ لڳو. ٻچڪارون ڏيئي ڪوئي مٿان هٿڙا گهمائڻ لڳو. آخر ڪاميابي نصيب ٿيس: اڇي ڪوئي گاڏي جيهٿي تي پير رکي گاڏي کي اڳتي ڌڪيو ۽ اسان ڏسڻ وارن سان گڏ ڪرتب واري به خوشيءَ مان تاڙيون وڄايون ۽ ڪوئي کي چمي ڏيئي، پَڙي (اسڪرٽ) سان پنھنجي نرڙ جو پگهر اگهيو.
ڊئنمارڪ جي هن شھر آروس ۾، انهن ڏينھن ۾ ٻيا به ڪيترائي ڏيھي ۽ پرڏيھي ماڻهو ڪرتب ڏيکاري رهيا هئا. ڪجهه همراهه ٽنگن سان ڊگها ڏنڊا ٻڌي شھر جي وچ مان هلي رهيا هئا. هنن پراڻي زماني جي وائيڪنگ وارن ڏينھن جي جنگ جو نقشو چٽيو ٿي. هلڻ مھل هو توتارا وڄائي رهيا هئا. ۽ هٿن ۾ جهليل ڊگها جهنڊا ڦڙڪائي رهيا هئا.


• خيرات مھل مينھن جو وسڻ

ان کان علاوه مختلف گروپن جا ماڻهو نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون، دڪاندار، پورهيت ٽولا ٽولا ٺاهي پنھنجن نمونن جا ناچ ۽ راڳ ڳائي رهيا هئا.
هڪ ڌڪي تي، شھر جي مکيه چونڪ وٽ، گرين لئنڊ جون ڪجهه ايسڪيمون، غريب پر سھڻيون ڇوڪريون، ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۾ ڪورس جي انداز ۾ لوڪ ڳيچ ڳائڻ لڳيون. اڳيان ويٺلن مان هڪ کي فقط گٽار هو باقي تاڙيون ۽ چپٽيون وڄائي رهيون هيون. چڱو وڏو ميڙ سندن اڳيان گڏ ٿيندو ويو. زبان ڊئنسڪ هئي، راڳ سمجهه ۾ نه پئي آيو. پر سُر مان محسوس ٿيو ٿي ته خوشيءَ ۽ ميلاپ جاگ يت پيون ڳائين. چڱي دير ڳائينديون رهيون. پوءِ جڏهن تماشبين اڳيان پئسا پنڻ لاءِ، هنن جھڙي چتين لڳل چادر وڇائي تھڙو ئي وڏ ڦڙو مينھن پيو، ۽ راڳ جا شوقينپئسا ڏيڻ بنا وٺي ڀڳا. ننڍڙيون غريب ڇوڪريون مسڪين نگاهن سان ماڻهن کي ڏسنديون رهيون. پوءِ پنھنجو سامانگودڙيءَ ۾وجهي، سامهون ايندڙ بس ۾ چڙهي روانيون ٿي ويون.
ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جا ملڪ ”اسڪينڊينيويا“ پڻ سڏجن ٿا. اهي ملڪ ذري گهٽ هڪ قوم سمجهي وڃي ٿي. سندن زبان به هڪ ٻئي سان ملي ٿي. ايتريقدر جو ڪو ڊئنش پنھنجي زبان ڊئنش ڳالهائيندو ته نارويجن سمجهي ويندو پوءِ هو ڀلي کڻي ڊئنشڪ ڳالهائي نه سگهي.
رنگ، قد بت ۽ نقش روپ ۾ به ڪو خاص فرق نه اٿن. گهڻي ڀاڱي سڀ اڇي رنگ جا، قداور، ڀورن وارن ۽ آسماني يا ناسي اکين وارا ٿين ٿا. هڪ انگريز، اسڪاٽ ۽ آئرش کي ته ڌار ڌار ڪري سگهجي ٿو، پر ڊئنمارڪ، ناروي ۽ سئيڊن جي ماڻهن کي سڃاڻي الڳ ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ڊئنمارڪ جي يونيورسٽي جي سوشالاجي ڊپارٽمينٽ جي هڪ ڇوڪريءَ پيگي فريس سان جڏهن ان جو اظھار ڪيم ته هن به ساڳي ڳالهه ڪئي ته ڌاريان ته ڇا پر هو پاڻ به هڪ ٻئي جي وچ ۾ فرق نٿا ڳولي سگهن. ”پر هڪ ڳالهه اهي،“ پيگيءَ ٻڌايو، ”سئيڊن جا ماڻهو تمام گهڻو ٽيڙيءَ خور آهن. قيمتي ۽ فئشن جا ڪپڙا پائيندا، ميڪ اپ ۽ جسم جي مَک چَک گهڻي ڪندا. جيتوڻيڪ اسان ڊئنش (ڊئنمارڪ جا رهاڪو) عامزندگيءَ ۾ ته صفا مست ملنگ ٿي هلون. ميڪ اپ ته ڪا ورلي ڪريون پر ڪپڙا به جيڪي ايندا سي پائينداسين_ ڀلي چتين لڳل بوٽ هجي، پتلون جا پانچا اڊڙيا پيا هجن، قميص جي ٻانھن جا ٻيڙا ڇنا پيا هجن يا نون ڪپڙن مٿان پراڻو سئيٽر به پائي ڇڏينداسين.
اسان وٽ ڪلبن، ڊسڪوٿن ۽ هوٽلن ۾ ڪنھن خاص وڳي پائڻ جو قيد ناهي. جيڪا ڊريس سامهون آئي پائي ڇڏينداسين. پر اسٽاڪ هوم (سئيڊن) ۾ هڪ دفعي آءٌ ۽ منھنجو بئاءِ فرينڊ ڊسڪوٿي ۾ پر تڪلف لباس پائي نه وياسين ته دروازي تائين ئي ڌڪا ڏئي لوڌي ڪڍيائون. اندر ليئو پائي ڏسان ته سڀ ٽپ ٽاپ ٽائين ڪوٽن ۽ اسڪارف اسڪرٽن ۾ ائين نچي رهيا هئا ڄڻ عبادت گهر ۾ آيا هجن. سو سئيڊن جي ماڻهن کي سڃاڻن جو اهو به طريقو آهي ته ڪو به ماڻهو گهڻي سينڌ سرمي ۽ چلڪندڙ وڳي ۾ نظر اچي ته سمجهي وڃجي ته سُئيڊش آهي.

ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ فئشن سئيڊن کان اچي ٿو.

”سئيڊن جا ريڊيو ۽ ٽي وي پروگرام به ناروي ۽ ڊئنمارڪ وارن کان وڌيڪ سٺا ۽ ماڊرن آهن. ان ڪري اسان جن ملڪن جا نوجوان سئيڊن جو ريڊيو ۽ ٽي وي ڏسندا. روز بروز اسين ان ڳالهه جو نقل ڪنداسون جيڪا سويڊن واراڪن ٿا_ ويندي شاپنگ کان پڙهائيءَ تائين. ڪا ڇوڪري ناروي وئي جتي يونيورسٽي جي ڇوڪرين کي ڏسي اچي ٻڌايو ته هو ڪتاب ٿيلهن ۾ وجهي ٿيون کڻن ته هتي به اهو فئشن شروع ٿي ويندو. ڪنھن ٽي وي تي يا سُئيڊ فلمن ۾ هيروئن کي مسڪارا لڳائيندي ڏٺو ته اسان وٽ به ڇوڪريون ائين لڳائڻ شروع ڪنديون. ٻه ٽي سال اڳ سئيڊن جون ڇوڪريون، وارن کي ٿورو اڀو جهلي، ربن مٿان ورائي، پٺيان ٻڌڻ لڳيون.انهن کي رسالن ۽ ٽي وي تي ڏسندي اسان وٽ به اهو فئشن شروع ٿي ويو. ساڳي وقت هنن کي به اهو احساس برتري آهي، حقيقت پڻ آهي ته هو ايڏو قابل آهن، جو ڊئنمارڪ ۽ ناروي وارا سندن ئي نقل ڪن ٿا.
”انھيءَ سال اسان جي ڪاليج جون ڪجهه ڇوڪريون گرلس گائيڊ ٽوئر لاءِ سئيڊن ويون ته هنن جھڙو ڏيک ڏيڻ لاءِ هي سڀ انھي نموني سان وارن ۾ ربينون ٻڌي ويون. پر نڄاڻ اهو ڪو فئشن اتي تيسين پراڻو به ٿي چڪو هو. هونءَ جيتوڻيڪ اسان جا رنگ ۽ شڪليون ته هڪجھڙيون ئي آهن ۽ سمجهيوسين ته سئيڊن جي ماڻهن کي ته خبر به نه پوندي ته ڪو اسان هتي ڌاريان آهيون، پر اتي ريلوي اسٽيشن تي لھڻ سان ئي هڪ سئيڊن ڇوڪريءَ، چيڙائڻ واري نموني سان مرڪي، اسان مان هڪ هڪ جي وارن ڏي اشارو ڪندي زور سان ٻيءَ کيچيو: ”هيءَ به ڊئنش، هيءَ به ڊئنش، هيءَ به ڊئنش...“ ۽ اسان کي ايڏو شرم آيو جو ان وقت ائين لڳو ڄڻ هو ڊئنش نه، پر چئي رهي هجي: ”اسان جو نقل ڪرڻ وارا، اسان جو نقل ڪرڻ وارا، اسان جو نقل ڪرڻ وارا...“


• ناروي جو کاڌل ڪنارو

هونءَ ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ ويندي فن لئنڊ کي جي يڪو هڪ بلاڪ ۾ آڻجي، ته باقي بچيل يورپ کان بلڪل الڳ ٿلڳ، چٽو ۽ نرالو لڳندو_ خاص ڪري رنگ روپ ۽ نڪ نقشي کان. سياسي طرح پڻ هي سڀ جمهوري راڄ آهن (جيتوڻيڪ ٽن ۾ ملڪ جو بادشاهه آهي ۽ هڪ ريپبلڪ آهي. سڀني ملڪن ۾ ماڻهن کي آزادي به هڪ جھڙي مليل آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان سئيڊن سڀ کان وڏو آهي. اٽڪل پوڻا ٻه لک چورس ميل پکيڙ ٿينديس ۽ سڀ ۾ ننڍو ڊئنمارڪ سورهن هزار چورس ميل آهي، پر ڊئنمارڪ جي هٿ ۾ وري ”گرين لئنڊ“ ٻيٽ ۽ ”فارو“ ٻيٽ آهن. (ڪنھن زماني ۾ آئس لئنڊ تي به ڊئنمارڪ وارن جي حڪومت هئي، پر ان کي 1944ع ۾ آزادي ڏني وئي.)
ناروي هڪ جابلو علائقو آهي ۽ سندس سامونڊي ڪنارو تمام گهڻو کاڌل آهي. سڄو ملڪ ندين، ڍنڍن، ماٿرين سان ٻُرڪيل آهي. ٽرنڍام بندرگاهه به ائين هڪ نديءَ جي ڪپر تي آهي، ۽ ائين سمجهڻ کپي جيئن پاڻ وٽ روهڙي، ٻڍاپور، هالا پراڻا، ڊڀرو (درٻيلو) آهي. پر اهي مٺي پاڻيءَ جي درياءَ _سنڌو ندي ۾ آهن، جيڪا، مٿان جبلن تان وهڻ شروع ٿئي ٿي، ۽ اچي ڪراچيءَ جي ڀر سان سمنڊ ۾ کڏي ڪريڪ، ڦِٽي ڪريڪ، ڪورنگي ڪريڪ ۽ گذري ڪريڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، پر هن ناروي جو بندرگاهه ٽرنڍام هڪ اهڙي کاري پاڻيءَ جي ندي ۾ آهي جيڪا چيراٽيل ڪناري ڪري ٺھي آهي ۽ پاڻي سمنڊ کان زمين ڏي اندر وڃي ٿو. اهڙي قسم جي پاڻيءَ جي لنگهن کي ڇا سڏجي؟ مون کي ڄاڻ ناهي پر اسان جھازي پنھنجي زبان ۾ اهڙي چير کي ”کاڙي“ سڏيون ٿا. پوءِ ڪنھن اهڙي ملڪ جي ڪناري تي جهاز خراب ٿيندو آهي ته چوندا آهيون، خدا خير ڪري ڪٿي جهاز هوا جي زور تي رڙهي ڪنھن تانگهي يا سوڙهي کاڙيءَ اندر نه ڦاسي پوي_ ۽ ناروي جو ڪنارو ته سڄو کاڙين سان ڀريو پيو آهي. ڪڏهن وقت تي بندرگاهه جي بتي نظر نه ايندي آهي ته ڊيڪ وارن کي چيڙايو ويندو آهي ته يار خبر ناهي ڪھڙي غلط کاڙيءَ ۾ ڌوڪي پيا آهيون. پوءِ سيڪنڊ آفيسر منظور چارلس_ جيڪو هتي گهڻائي دفعا اچي چڪو آهي ۽ گهاٽ گهاٽ کان واقف آهي، سو رڊار جي پردي تي، ڪڪرن جھڙين تصويرن تي، وچ ۾ وار جھڙين سنهين ليڪن ڏي پينسل ساناشارو ڪري ٻڌائيندو آهي: ”نه يار. بلڪل صحيح آهيون. هن ئي ته کاڙي ۾ اسٽاونگر شھر آهي۽ هن پرئين کاڙيءَ ۾ فلاڻو بندرگاهه، ۽ هيءَ جيڪا چاليھه ميلن جي فاصلي تي کاڙي آهي سان اندران ٿي وري اچيو ٿي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. ۽ هن کاڙيءَ جي مون کي پاڻ ئي خبر ناهي. سمنڊ ۾ لڳل بواءَ (Buoy) جي لائيٽ نظر ايندي پر ڌنڌ ڪري اڃان نظر نٿي اچي. ٿورو اڃان اڳتي هلي ڏسون، من ڪا بتي (Beacon) يا لائيٽ هائوس نظر اچي وڃي.“

• ڪڏهن کيل ۾ ڪڏهن جيل ۾

ذرا تصور ڪجي ته قديم زماني ۾ جڏهن ته اڄ جھڙا نقشا ۽ ماپيل چارٽ نه هئا، نه وائرليس، ايڪوسائونڊر ۽ راڊار هئا، تڏهن جھازين کي نيويگيشن ۾ ڪيتري نه تڪليف ٿيندي هوندي! نه هنن کي رستي جي خبر، نه سمنڊ اندر لڪل ٽڪرين جي سُڌ ۽ نه سمنڊ جي اونهائي جي ڄاڻ. رستن ڀلجڻ تي ڏينھن جا ڏينھن سمنڊ جي ڇولين بِلي هوندا هئا. گهڻو ڪري ڪنارو ڪنارو وٺي هلندا هئا. ڪٿي اهڙي کاڙياچي وئي ته وري ان کي وٺي اندر هليا ويندا هئا ۽ اڳتي پنجاهه سٺ ميل هلي خبر پوندي هين ته مار اڳتي رستو ئي ناهي. سمنڊ ئي ختم ٿي ويو_ ڪيپ آف گڊ هوپ واري رستي لاءِ اڃان به سڌو هلي پوءِ کاٻي مڙڻو آهي ته وري اتان واپس نڪري ڪنھن ٻئي چير اندر گهڙي ويندا هئا ۽ اڳتي کاڙي بدران مٺو پاڻي ڏسي خيال ايندو هون ته هيءَ مالي ندي آهي_ نائيجر ندي، يا زئمبيزي ندي آهي، جا ماڳھين وچ آفريڪا ۾ وڃي ڇڏيندي، جتان شروع ٿئي ٿي. وري پويان پير ڪندا هئا. راشن کٽي ويندو هون. ڪپڙا ۽ جھازن جا سڙهه ڦاٽي ويندا هئن. پوءِ ڪڏهن ته ’هئٽي‘ ۽ ’هوائي‘ جھڙن ٻيٽن تي ڍؤ ۾ ته ڪڏهن اهڙي جهنگلي قبيلن جي ور چڙهي ويندا هئا، جي ماڳھين کين ڪواب وانگر باهه جي مچ تي پچائي کائي ڇڏيندا هئا.


وائيڪنگ_ ڪن لاءِ هيرو ڪن لاءِ ڦورو

اسڪينڊينيويا ملڪن جونالو ڌيان ۾ ايندي ئي سندن مشھور ايئر لائين SAS (اسڪينڊينيوين ايئر سسٽم) ۽ پراڻي زماني جا سندن جھازي_ جيڪي واپار ۽ ڦرلٽ کان مشھور ليکيا ويندا هئا ۽ وائيڪنگس (Vikings) سڏجن ٿا، اسان ڌارين جي دماغ ۾ اچن ٿا.
هونءَ هنن اتر قطب جي ويجهو رهندڙنبابت ڪا به اهڙي تواريخ نه ملندي جنھن مان اوائلي ڳالهيون معلوم ٿي سگهن. جيڪي پراڻيون تواريخون آهن سي به سندن ماڻهن جون لکيل نه آهن، پر عربن، يونانين ۽ رومين جون آهن_ جن به کين بس اهو چئي حوالو ڏنو آهي ته اُهي ڏور اتراهان ويڙهاڪ ۽ اترادي ماڻهو.
سڀ کان جا مشھور تواريخ آهي سا ”جرمينيا“ نالي ٽائيسائيٽس جي 98ع جي لکيل آهي. پاڻ نه جاگرافر هو ۽ نه سياح. هن، اهي ملڪ ڪڏهن هڪ دفعو به پنھنجي اکين سان نه ڏٺا. پر اتان ايندڙ شيون ۽ مسافرن جون ڳالهيون گڏ ڪري ٿورو گهڻو لکيو هئائين.
پراڻين تواريخن ۾، جي پوءِ لکيون ويون، تن ۾ وائيڪنگ جو زمانو ئي (سن 850ع کان 1050ع تائين وارو) هڪ مشھور آهي. ڪارين لارسين به پنھنجي تازي ڪتاب History of Norway (ناروي جي تواريخ) ۾ اهو ئي لکيو آهي ته اوڻھينءَ صديءَ کان اڳ هڪ وائڪنگ جو ئي زمانو ياد رکڻ جھڙو آهي، سو به چڱي طرح لکيو نه ويو آهي جو ان جون ڪيتريون ئي ڳالهيون تڏهن ئي لکڻ بدران، ماڻهن صفا وساري ڇڏيون.
اڄ ڪلهه جي زماني ۾ شاگردن کي وائيڪنگ بابت خبر انهن ملڪن جي ماڻهن کان ئي پئي آهي جن کي هنن ڦريو لٽيو يا مٿن حڪومت ڪئي. وائيڪنگ کڻي پنھنجي ملڪ جي نظرن ۾ عظيم هيرو ۽ جوڌا جهازي سمجهيا وڃن، پر ڌارين هنن کي ڌاڙيل، قزاق ۽ ڦورو سمجهيو. جيئن ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ انگريز پنھنجي ملڪ يا يورپ ۾ ته کڻي ڇا به سمجهيا وڃن پر اسان جا ماڻهو ته کين ڦورو ۽ غاصب سمجهندا، جن واپار جي بھاني اچي، ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي ويڙهايو ۽ ماري ڪٽي ساڍا ٽي سو سالن لاءِ ڏنڊم ٿي حڪومت ڪئي. پر وري به انگريز، سڀني يورپ جي قوتن کان سٺا ثابت ٿيا ۽ ويندي ويندي ڪي سٺيون به ڳالهيون ڏئي ويا، جيئن ته انصاف، انتظاميا، بين الاقوامي زبان، اسڪول ڪاليج، اسپتالون، ريلوي، ٽپال تار ... وغيره. پر موزمبق، ائنگولا، انڊونيشيا، ڪانگو، ارجنٽائنا جھڙن ملڪن جا ماڻهو ته پورچوگالين، ڊچن، فرينچن ۽ اسپيني ماڻهن کي سو سيڪڙو ڦورو ئي سڏيندا، جو هنن رڳو ڦرلٽ ڪئي.

• ڇا آمريڪا ڪولمبس ڳولي هئي؟

چيو وڃي ٿو ته ڪولمبس کان به گهڻو اڳ (ٻارهين صديءَ ۾) وائيڪنگ آئس لئنڊ ۽ گرين لئنڊ تي قبضو ڪندا اتر آمريڪا کان وڃي نڪتا هئا. پر هو اتي ڄمي نه ويٺا، ۽ نه وري ڪا وڌيڪ خبر چار لڌائون ته اڳتي ڇا آهي. آئسلنڊ ۽ گرين لئنڊ کان هيٺ ڀرپور ٻيا به جھان آهن ۽ وڃيو هيٺ ڏکڻ آمريڪا ۾ چليءَ تائين ڌرتي ڇوڙ ڪري. ناروي، سئيڊن۽ ڊئنمارڪ جا هي بھادر جھازي _ وائيڪنگس، پنھنجن خاص قسمن جي ٻيڙن کي، جن جي منھن وٽ ڪاٺ جو ڪنھن خيالي جانور جو منھن گهڙيل هوندو هو، نه فقط اولھه ۾ آمريڪا تائين پر هيٺ ڏکڻ ۾ بحر روم ۽ اولھه ۾ روس تائين پڻ وٺي ويا. سندن حملي هيٺ آئرلئنڊ، اوڀر اسڪاٽلنڊ ۽ انگلنڊ به اچي ويو هو_ خاص ڪري سن 800ع کان پوءِ.
سن 845ع ۾ وائيڪنگ پئرس تي جلهه ڪئي، ڏهين صديءَ ۾ نارمنڊي سندن هٿ هيٺ آيو ۽ اهي جرمن_ جيڪي پوءِ ڏنگا مڙس ثابت ٿيا، تن جي سلطنتن کي تههنن ڀيلي ڇڏيو هو. سن 878ع ۾ انگلنڊ جو بادشاهه الفراڊ اعظم، جي همت ڪري هنن کي منھن نه ڏئي ها ته سڄي انگلنڊ تڏهن ئي هلي وڃين ها. پر پوءِ هڪ صديءَ بعد ائين به ٿيڻو هو_ ۽ ڊئنمارڪ جي بادشاهه ڪئنيوٽ (Canute- The Great) تقريباً سڄي انگلنڊ فتح ڪري ورتي ۽ ڊئنمارڪ ۽ انگلنڊ جو بادشاهه سڏائڻ لڳو. پر سن 1035 ۾ سندس وفات کانپوءِ، انگريزن کي تخت وري واپس مليو.
پھرين وڏي جنگ (World war-I) جيئن ئي لڳي ته سڀني اسڪينڊينيوين ملڪن (فن لئنڊ کانسواءِ) پاڻ کي غير جانبدار ظاهر ڪيو ۽ خوش قسمتي سان جنگ جي ڏکن ڏوجهڙن کان بچي ويا، جو وڙهندڙ قومن ٻين جي وچ ۾ پوڻ نٿي چاهيو. پر ٻي وڏي جنگ ۾ سئيڊن جو سو خير ٿي ويو، باقي فن لئنڊ روس جي حوالي ٿي ويو ۽ ناروي ۽ ڊئنمارڪ، هٽلر جي ظالم چنبي هيٺ اچي ويو_ ۽ اهي ٻئي ملڪ جرمنيءَ جي حڪومت هيٺ پنج سال رهيا.
ٻي جنگ عظيم، پھرين سيپٽمبر 1939ع ۾، پولينڊ تي حملي سان شروع ٿي هئي، پر ان کان اڳ ئي 23 آگسٽ 1939ع تي نازي روس پئڪٽ مطابق، جرمنيءَ ۽ روس ان تي راضي نامو ڪيو هو ته جنگ جي جوا ۾ مال هيڏانھن هوڏانھن ٿيڻ ۾ حصا پتيون يا ونڊ ورڇ، ملڪي ۽ سياسي حدن کي نظر ۾ رکي اهڙي نموني سان ڪنداسين جو فن لئنڊ ۽ ان سان لاڳو ملڪ ايسٽونيا، لئٽويا ۽ لئٽانا، روس جي جهوليءَ ۾ ته ڊئنمارڪ ۽ ناروي جرمنيءَ جي ڪڇ ۾.
ٻيا ملڪ ته الڳ ٿي وري به ساهه کڻي رهيا آهن، پر ايسٽونيا، لئٽويا ۽ لٿئانا، اهڙا اولھه روس جا حصا ٿي ويا، جو دنيا جي نقشي تان نالو ئي ڄڻ ميسارجي وين. اسڪينڊينيوين ملڪن کي به پوءِ هوش آيو ته اڄ ڪلهه جي مارمارا واري دور ۾ جي جيئرو رهڻو آهي ته ڇڙو ’غير جانبدار‘ ٿيڻ سان جان بخشي نٿي ٿي سگهي پر سورهيه کي سوڀ لاءِ دل جا وهم وساري هٿين، ڀالين دشمن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو.

سينٽ جان _ ڪئناڊا

• ڪئناڊا جي يادگار ڪافي

ڪئناڊا جي بندرگاهه سينٽ جان ۾ اسان جو جھاز شھر کان پري اچي بيٺو آهي. بندرگاهه جي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ پاسي ٻه چار وڏيون سپر مارڪيٽون: ڊومينن ۽ ڪي_مارٽ (K-Mart) نالي آهن، جن ۾ ميوي، بسڪٽ کان ريڊيو، ٽي وي تائين، ۽ سئي ڌاڳي کان سائيڪل جي اسپيئر پارٽ تائين شيون ملن ٿيون. منجهن ننڍيون ريسٽورنٽون به آهن. ان کان سواءِ ٻه چار ٻيا به ننڍا وڏا دڪان آهن. ڪينٽڪي چڪن ۽ مئڪڊونالڊ هئمبرگر وارن جو پڻ وڏو دڪان آهي.
بندرگاهه جي ٻي پاسي، ڪجهه پري، ڊائون ٽائون (وچ شھر) آهي. وقت ٿورو هوندو آهي، ته ويجهو ”ڪي مارٽ“ ۾ چڪر هڻڻ ويندا آهيون. پوءِ ڪنڊ تي انهن جي ريسٽورنٽ ۾ ويھي فرينچ فرائيز ۽ سئنڊوچ سان گڏ ڪافي پيئندا آهيون. ڪافيءَ تي هڪ کنڊ جو ۽ هڪ کير جو پاڪيٽ ملندو آهي. سيڪنڊ انجنير کي کنڊ کائڻ جي جهَل آهي سو ان جي کنڊ آئون پنھنجي ڪڙي ڪافي ۾وجهي پيئڻ جوڳي ڪندو آهيان. سيڪنڊ انجنير کنڊ جي ڪسر وري کير مان ڪڍندو آهي. جھاز تي ته اڌ ڪوپ ڪافيءَ ۾ ڏيڍ ڪوپ کير جو وجهندو آهي پر هتي وڌيڪ کير لاءِ وري اٿي گهرڻو پوي ٿو ۽ سو به هڪ يا ٻه ننڍا شاشي ملن_ يعني چار پنج چمچا کير جا ٿيا. باقي سئنڊوچ يا پٽاٽا کائڻ لاءِ پلاسٽڪ جي چمچن ڪانٽن ۽ ڇرين جا ڍير ائين ئي پيا هوندا آهن، جن کي ڏسي اسان کي افسوس ٿيندو آهي ته انهن چمچن ڪانٽن بدران کير ۽ کنڊ جي عام موڪل هجي ها.
ڪالهه ڊائون ٽائون ۾، هيڏانھن هوڏانھن ڪنگس اسڪائر ۽ يونين اسٽريٽ ۾ چڪر ڏيڻ بعد، وول ورٿ دڪان جي سيلف سروس ريسٽورنٽ ۾ گهڙي پياسين. ٽري کڻي مختلف سيڪشن مان ڪيڪ، پيسٽري رکي پئسن ڏيڻ واري ڪنڊ تي، هن دفعي ڪافيءِ بدران فانٽا وٺي ٽيبل تي اچي کائڻ لڳاسين. اوچتو منھنجي نظر ڪنڊ واري ٽيبل تي پئي، جتي ڪانٽن ڇرين بدران کير جا ڍير پاڪيٽ رکيا هئا. جيئن جنھن کي جيترا وڻن، اوترا کڻي ڪافيءَ ۾ وجهي. سيڪنڊ انجنيئر کي انهن ڏي اشارو ڪندي چيم ته اڄ هنن ”وُول ورٿ“ وارن کي مولا بچايو آهي، جو پاڻ اڄ غلطي ڪري، هتي ڪافيءَ بدران فانٽا ورتي آهي. نه ته اڄ کير تي تون اهو مارو ڪرين ها جو هنن کي به خبر پوي ها ته ٻيلي اڄواقعي ڪي گراهڪ گهڙيا هئا.
”خير، هينئر به وقت ويو ڪونهي.” سيڪنڊ انجنير اٿڻ جي ڪئي.
”ٻيلي، ڪجهه ته خيال ڪر،“ مون کيس ڇڪي وهاريو، ”فانٽا واري خالي گلاس ۾ کير وجهي کين ٻرو ڏيندين ڇا؟“
”خير حياتي رهي ته ڪئناڊا جي هن ’وول ورٿ‘ ۾ هڪ دفعو ڪافي ضرور پيئبي.“ سيڪنڊ انجنير کلي چيو.

• هتي جا ٽرينڊ ڪتا

هڪ ڏينھن، هتي رهندڙ منھنجي ڪلاس ميٽ چيف انجنير رضيءَ سان گڏ ڪنگس اسٽريٽ کان لڊلو اسٽريٽ اچي رهيا هئاسين ته هڪ هنڌ، پل ذريعي رستو پار ڪندڙ ڪتي ڏي اشارو ڪري، رضيءَ ٻڌايو ته هتي ماڻهو ڪتا ضرور پالين ٿا پر اسان وانگر نه، ته ڪتو سڀ ڪجهه پنھنجي موڊ تي ڪندو رهي. چور رات جواچي چوري ڪري هليو وڃي پر همراهه ڀونڪار به نه ڪري ۽ وري موڊ خراب ٿئيسته اوڙي پاڙي جا چڪيندو وتي ۽ جتي ڪٿي هنگندو وتي.
”هتي ذري گهٽ سڀ ڪتا ٿورو گهڻو تربيت يافته آهن، جيئن هنن کي ڄاڻ رهي ته ڪار ۾ پٺيان ڪيئن ويھجي. لھڻ وقت يا رستو پار ڪرڻ وقت ٽرئفڪ جو ڪيئن خيال رکجي. مالڪ جي سنڀال ڪيئن لھجي، وغيره. ايتري قدر جو شروع جي ڏينھن ۾ اهو ڏسي مون کي تعجب لڳو ته هڪ ڪتو رستي جي هڪ پاسي هو ۽ ٻيو ٻئي پاسي. ٻنهي جي ڪا پاڻ ۾ نٿي پئي سو سگهارو ٻئي سان وڙهڻ لاءِ اتان ئي رستو ٽپڻ بدران ڊوڙ پائي پٺيان ويو ۽ زيبرا_ ڪراسنگ تان رستو ٽپي پوءِ هن جي ڪڍ لڳو. نه ته جانور ٿي ڪري چاهي ها ته هيڏو پنڌ پٺيان وڃڻ بدران، اتان ئي کڻي رستو ٽپي ها، ان وقت ٽرئفڪ به ڪانه هئي. ساڳي طرح رستو پار ڪرڻ لاءِ، مٿان پل هوندي ته ڏاڪڻ چڙهي، رستو مٿان پار ڪندو يا زمين_ دوز (Under Ground) رستي جي نشاني ڏسي هيٺ هليو ويندو. اسان جي ملڪ ۾ به هر سال، ماڻهن لاءِ رستن تي زيبرا ڪراسنگ ۽ ٻين نشانن ٺاهڻ پٺيان رنگ روغن تي هزارها رپيا خرچ ٿين ٿا پر سڀ بيڪار.“

• سستي شاپنگ

ڪالهه سيڪنڊ انجنير سيف الدين جو هڪ پاڪستاني دوست جھاز تي ساڻس ملڻ آيو. کيس ڪئناڊا ۾ ڇھه ست سال ٿي ويا آهن ۽ هتي جي ئي ”سٽيزنشپ“ اٿس. پاڻ پاڪستاني رسالا، پنھنجي زال ۽ ٻارن لاءِ وٺڻ آيو هو. شاپنگ لاءِ پڇيوسين ته اسان هتي ڪڏهن ڪڏهن ٿا اچون هن کي جي خبر هجي ته ڪنھن دڪان ۾ Sale لڳڻ واري آهي ته اتان خريداري ڪريون. پاڻ ٻڌايائين : ”Scalp دڪان ۾ سڀان ڪپڙن جي صحيح قسم جي سيل لڳڻ واري آهي. ساڍي نائين کان پنجين تائين، شيون اڌ کان به گهٽ قيمت تيوڪامبيون. اها Sale سال ۾ هڪ دفعو مس لڳندي آهي. هينئر به ڏيڍ سال بعد پئي لڳي. پر صبح ساڻ پھچي وڃجو جو ايتري رش ٿي ٿئي، جو ماڻهن جي قطار ٺھيو وڃي. جي دير ڪندائو ته سٺيون شيون کڄي ويندانوَ. دڪان ۾ جيڪو ڪپڙو پسند اچي في الحال پاڻ سان کڻندا وڃجو پوءِ فرحت سان، ڪنھن ڪنڊ ۾ بيھي ان مان چونڊ ڪري ٻيا اتي ئي کڻي ڦٽا ڪجو. پاڻهين پيون ”سيلز_گرلز“ ڍوئينديون. باقي جي آهستي آهستي هڪ هڪ قميص کي ورائي ڏٺو يا پائي جانچڻ جي ڪندائو ته پٺيان ٻيون شيون به کڄي ويندانوَ. بھرحال وڃجو صبح ساڻ.“
سيڪنڊ انجنير کي چيم ته آرام سان هلنداسين، اهڙي به ڇا جلدي. سڀاڻي ڪئناڊا وارن کي موڪل ته آهي ڪانه. ۽ آفيسون ڇڏي ڪو به شاپنگ لاءِ نه ايندو. جيسين هو شام جو موڪل بعد اچن، تن کان ته اڳ پھچي وينداسين.
”نه چيف صاحب، جلدي هلنداسين.“
”جلدي ته پوءِ هينئر ئي بسترو کڻي هلي ان دڪان اڳيان لڳايون، باقي هھڙي ٺار ۽ برف باريءَ ۾ صبح ساڻ اٿي شھر ڪير هلندو.“
ٻئي ڏينھن صبح جوا تفاق سان اک جلدي کلي وئي. سيڪنڊ انجنير کي فون ڪيم ته جوان تيار ٿي ته هلون. تيار ٿي ٻئي ڄڻا پوڻي ڏهين بجي اسڪلپس ۾ پھتاسين ته ڪڪڙو ڪو لڳي پئي هئي. سيڪنڊ انجير کي چيم ته يار تنھنجو دوست به عجيب واڇان چئبو. ڳالهيون ته اهڙيون ڪيائين جو پاڻ به کڻي اهڙي تياري جهلي ڄڻ عيد نماز تي پھچڻو هجيسون. ڇا جا ماڻهو ڇا جي Sale، ڪپڙن جي قيمت به اها ئي ڳري، آخر هڪ ڪم ڪندڙ همراه کان پڇيوسين: ”توهان جي دڪان ۾ ته اڄ سيل هئي؟ ڪو ٻيو به اسڪلپس دڪان آهي ڇا؟“
چيائين: ”نه. سيل هتي ئي لڳل آهي، پر هيٺ گرائونڊ فلور تي.“
هيٺ آياسين ته واقعي ميلو متو پيو هو. چوڌاري پوڙهي پوڙهيءَ جي ذات. ڪجهه پيرسن مرد به هئا. سيڪنڊ انجنير کي چيم ته يار پاڻ هنن واندن بابت ته سوچيو ئي ڪونه هو. هاڻ هڪ ڪنڊ کان تون شروع ٿي وڃ ته ٻيءَ کان آئون. پوءِ وٺ وٺان هئي. ڪي ڪي شيون ته واقعي تمام سستيون هيون. ڪي ته جيتوڻيڪ سستيون نه هيون پر نفسياتي اثر هيٺ ته هر شيءِ جي قيمت گهٽ آهي ۽ ڄڻ اڄ بعد دنيا جا دڪان هميشه لاءِ بند ٿي ويندا، سو جيڪي آيو ٿي سو چونڊيندا وياسين. ڪڇا، گنجيون، هئنڊ گلوز، قميصون وغيره. قميصون ايئرو جون چڱيون سستيون هيون. ويھن ڊالرن واريون پنجين ۾. في الحال اٺ ڏهه سٽ ۾ کڻي پنھنجي قبضي ۾ ڪيونسين. ٽي سوٽ به چونڊياسين. (اهي پوءِ پائي ڏٺم ته ڪوٽ صحيح هو ته پتلون ڀولو پھلوان جي خاندان جو ڪو فرد پائي سگهندو).Trial Room به هڪڙو ئي هو. منجهس ڪو مرد ويو ٿي ته واري اچڻ جي اميد ٿي ٿي، پر هڪ دفعو عورتن جي قبضي ۾ اچي ويو ٿي ته پوءِ انتظار ئي انتظار. هڪ ئي وقت ٽي_ چار عورتون گهڙي ٿي ويون. سيڪنڊ انجينر کي چيم ته يار هھڙي وٺ وٺان ته ڪٿي به نه ڏٺيسين.
”مون ته ڪجهه به نه ورتو آهي.“
”پر قميصون ته ايئرو جون سستيون آهن.“
”سستيون ڪٿي آهن. ايئرو جا فقط مٿيان پلاسٽڪ جا ڪور آهن. باقي قميصون ته ’ميڊ ان ڪوريا‘ واريون آهن.“


• ڪئناڊا جا پوڙها پوڙهيون

يڪدم قميصون به ڦٽيون ڪيونسين. باقي ڪڇا ۽ جوراب رهجي ويا. سئيٽرن واري ٽيبل اڳيان صبح کان هڪ پوڙهو همراهه ۽ سندس ڪراڙي جوءِ بيٺا هئا. ڪراڙيءَ هڪ هڪ سئيٽر چونڊي پوڙهي کي ڏيندي وئي جو هن سھڪندي سھڪندي مس ٿي پاتو. مون پڇيومانس: ”هن ڍير ۾ ڪو بنا ٻانھن وارو سئيٽر آهي؟“
منھنجو پڇڻ، هوءِ شروع ٿي وئي: ”ها هتي هينئر هينئر ڏٺو هوم. تمام سٺو آهي. اجهو هي پيو آهي. پائي ڏس. پر هڪ ٻئي رنگ ۾ به آهي. اجهو هي. پر هي ان کان به سٺو آهي. ٽراءِ ڪري ڏس. منھنجي مڙس کي ته اڇي رنگ جو سئيٽر ٿو وڻي....“
پوڙهي ڳالهائيندي رهي، آئون سئيٽر پائي جاچڻ بدران ائين ئيمٿان رکي ڏسندو ويس. ڪو ويڪرو. ڪو ڊگهو. ڪو ننڍو. تيسين ڪراڙي مون کي ڇڏي پنھنجي مڙس سان مخاطب هئي. پوڙهو ويچارو ايڏي ته وڏي عمر جو هو_ گهٽ ۾ گهٽ نوي_ پنجانوي کن جو ٿيندو. سڄو ڌڏي رهيو هو. وڏي عمر ۾ مرڻ کان ڪجهه دير اڳ جيئن انسان جسماني طرح هوندو آهي.هوبھو ائين هو. جيڪڏهن ڊگهو ٿي سمهي رهي ۽ چر پر نه ڪري ته يقين سان سڀڪو چوندو ته ساهه نڪري ويو اٿس. زال به پوڙهي هئي پر مڃان ٿو ته هن کان ڏهه سال کن کڻي جوان هجي. پر عمرن جي ان پيٽي ۾ اهو پنج ڏهه سالن جي عمرن جو فرق ائين آهي، جيئن لکن ڪروڙن رپين جي رقم ۾ آنن پاين جو فرق.
پوڙهي ماڻهوءَ هڪ سئيٽر کي آخر پسند ڪيو_ واقعي پسند ڪيو يا لاهڻ پائڻ کان ٿڪجي، جوڻس کي جهيڻي آواز ۾ چيو: ”آئون سمجهان ٿو_ته_ هي صحيح آهي.“
جوڻس ڪڙڪو ڪندي چيس: ”وري به هڪ دفعو سوچي وٺ. پوءِ ائين نه چئجانءِ ته رنگ پسند ناهي، يا ان جو پئٽرن ٻي طرح جو هجي ها.“
سيڪنڊ انجنير چيو: ”ايڏو تکو جي هن ويچاري سان ڳالهايو ويو ته ڄاڻ آيو ڪي آيو. هھڙي پوڙهي مڙس لاءِ ڇا جا رنگ ڇاجا پئٽرن. باقي بچيل زندگيءَ جا ٽي چار ڏينھن ان پراڻي ۾ ئي غريب ڇڪي وڃي ها.“
مانوارن خريدارن جي ڳھت ۾ هڪ اها پوڙهي به نظر آئي جا ٻه چار ڏينھن اڳ اسان کي سٽي هال ۾ ملي هئي، جتي ڪنھن فنڪشن لاءِ ٽڪيٽون وٺڻ وقت هڪ ئي ڊگهي قطار ۾ گڏ هئاسين. وقت گذارڻ لاءِ، هڪ ٻئي جي سڃاڻپ ڪرائي خبر چار ڪندا رهياسين. اسان کان هن ناروي ڊئنمارڪ جو پڇيو. بھرحال سيڪنڊ انجنير هن سان مغز ماري ڪندو رهيو. آئون خاموش هيڏانھن هوڏانھن نھاريندو رهيس. ڪو ڇوڪرو ٿنڀ جي اوٽ ۾ لڪي، پَٽ تان برف کڻي سامهون بيٺل سندس گرل فرينڊ کي هڻڻ لڳو. پوڙهي ۽ سيڪنڊ انجنير به هنن کي ڏسڻ لڳا ته مون ڏاڍيان سيڪنڊ انجنير کي انگريزيءَ ۾ چيو ته سڄي دنيا ۾ ساڳي ڪھاڻي آهي: ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڊوڙ. ڪڏهن هو کٽي ٿو ته ڪڏهن هوءَ.
سيڪنڊ انجنير دل ۾ ڪندي اڙدوءَ ۾ چيو: ”چيف صاحب، ائين ته نه چئو. هيءَ پوڙهي شريف ماڻهو ٿي ڏسجي. ڇا چوندي.“
”يار سيڪنڊ صاحب،“ مون کيس سمجهائيندي چيو، ”خدا کي مڃ. ان ۾ ته ڪا گار يا خراب ڳالهه آهي ڪانه. اها ڳالهه ته پنھنجي ملڪ جي عورتن اڳيان به ڪري سگهجي ٿي. هيءَ پوڙهي ڪا اسپيشل قسم جي شريف آهي ڇا؟!“
بھرحال، سيڪنڊ انجنير کي ان اسڪالپس دڪان ۾ ٻڌايم ته تو واري ”شريف پوڙهي“ به هن دڪان ۾ آئي اٿئي. سيڪنڊ انجنير کلي چيو: ”ها سائين. هن ڪنڊ ۾ Panties (زنانا ڪڇا) چوري ڪري ڪوٽ جي کيسي ۾ پئي وڌائين. مون ڏسي ورتومانس. ڏاڍو شڪي ٿي. ان ڪري آءٌ ساڻس ملڻ بنا لنوائي هن پاسي هليو آيس.“

• دڪانن تان چوري

هنن ملڪن ۾ دڪانن تان چوري (Shop-lifting) خلاف ڪيڏي پوليس، اليڪٽرونڪ اوزار، ڪلوز سرڪٽ ٽي وي ۽ سخت سزائون آهن پر ته به ننڍا وڏا مڙئي لڳا پيا هوندا آهن، ”ڪجهه تواريو،ڪجهه چورايو“ جي اصول تي. سرڪاري انگ اکرن مطابق فقط ڪئناڊا جي دڪانن مان، هر سيڪنڊ ۾ ڇھه سو رپين جي سامان جي چوري ٿئي ٿي. يعني سال ۾ ڪروڙها رپيا. ۽ اهو نقصان دڪاندار، ظاهر آهي ته، شيون مھانگيون ڪري گراهڪن مان ئي وصول ڪن ٿا. نه رڳو چوريءَ جو نقصان پر جاسوسن ۽ پوليس جو خرچ، اليڪٽرانڪ اوزارن ٽي_وي ذريعي جانچ پڙتال جو خرچ_ سڀ ڪجهه. نتيجي ۾ هر شيءِ اصل قيمت کان گهڻي مھانگي وڪامي ٿي.
بھرحال هتان سيڪنڊ انجنير فقط مفلر ورتو، شايد اهو سوچي ته هن هٿ ٺوڪي Sale مان ڪجهه ته وٺجي، متان دڪان وارا ۽ سندس ڪئناڊا وارو دوست دل ۾ ڪري.
هونءَ پڙهندڙ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مڙني دڪانن جي Sale کي اهڙو فراڊ ۽ ٺڳي نه سمجهن. دنيا ۾ صحيح معنيٰ ۾ سيل لڳي ٿي ته فقط ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾. ٻيو ڪٿي به نه.
آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾، ناليرن دڪانن: وول ورٿ، ڪارويٽ، ايس ائنڊ اي، مئسي، باسڪو، رابن، ڊرگ مارٽ، ڪي مارٽ، وغيره وغيره ۾ Sale واري ڏينھن دڪاندارن کي پئسي ڪمائڻ کان وڌيڪ پنھنجو دڪان خالي ڪرڻ جو ارادو هوندو آهي، جيئنٻي موسم مطابق ڪپڙا يا نئين فئشن جو آيل سامان رکي سگهجي.

بالٽيمور _ آمريڪا (U.S.A.)

• عيسائين جي عبادت گهر ۾

ڪالهه شام جو جھاز جي ڊيڪ تي چڪر ڏئي رهيو هوس ته هن شهر جيSea-mens’ Mission طرفان مائڪرو بس ايندي ڏٺم ۽ اتي جو انچارج، اسان جي جهاز تي ڪم ڪندڙ ڪرسچنن کان علاوه ٻين خلاصين کي به چرچ ۾ هلڻ لاءِ دعوت ڏيڻ لڳو. پر ڪير به انهن شوقن لاءِ ان وقت تيار نه هو. مون کي اوچتو ڏسڻ جوخيال آيو سو بس ۾ چڙهي ويٺس. رستي تي ٻين ملڪن جي جھازن اڳيان پڻ، گاڏي بيھاري جھازين کي دعوت ڏني ويئي، پر فقط هڪ يوناني جھاز تان ٻه ڇوڪراٽ چڙهيا_ سي به الاجي ڇا سوچي نڪري پيا جو اتي چرچ ۾ پھچي اٻاسين جو ڦھڪو لڳائي ڏنو هئائون.
چرچ شھر کان ويھه ميل پري ٻھراڙيءَ ۾ هئو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڪو ٺھي راس ٿيو هو. سڄو عمدي عمارتي ڪاٺ جو ڪنڊائتو ٺھيل هو. سامهون، اسٽيج ڪجهه مٿاهين ٺھيل هئي جنھن تي وڏا عالم ويٺا هئا. سندن پٺيان، ڀت تي ڪا به حضرت عيسيٰ يا بيبي مريم جي مورتي نه هئي. فقط هڪ تمام وڏو، پنجويھه فٽ ڊيگهه جو پاڪ منڌيئڙو لڳل هو. هڪ همراهه ڪئليفورنيا کان خاص ليڪچر ڏيڻ لاءِ آيو هو، جنھن وڏي پُر سحر انداز ۽ لفاظي جادوگريءَ سان ماڻهن کي متاثر ڪيو. پاڻ پنجيتاليھه سالن جو ٿيندو ۽ ٻڌائين ته پنڌرهن سالن جو جڏهن هو ڇوڪرو هو ته هن کي نشي پتي جي عادت خراب سنگت مان پئجي وئي ۽ هو هر قسم جو نشو لڳاتار سورهن سالن تائين واپرائيندو رهيو. هن ٻڌايو، ”حالت اها ٿي وئي جو نه ماڻهن سان گڏ نه جانورن سان. پر پنھنجي پر ۾ پاڻ کي ڏاڍو سياڻو سمجهندو هوس ۽ سوچيندو هوس ته ڪا وڏي ڳالهه ٿو ڪريان. سڄي پاڙي ۽ شھر جو داداگير ٿي پيو هوس. ڇھه دفعا جيلن ۾ ڌڪيو ويس، پر نڪري اچڻ تي وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. گهران پئسا نه ملندا هئا ته چوريون ۽ ڦرون ڪري به نشو ڪندو هوس. ذهني توازن سان گڏ جسماني صحت به خراب ٿي وئي. پر منھنجي مٿي ۾ اهو ئي اُٺ ته ماني ملي يا نه، پر نشو ضرور کپي. گهڻن ئي مون کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڀ بيڪار ثابت ٿيو.
”پوءِ هڪ دفعي، اوچتو منھنجي من ۾ ڳالهه آئي ته اها غلط ڳالهه آهي ۽ پڪو ارادو ڪري، سدائين لاءِ نشو ڇڏي ڏنم. پنھنجو پاڻ کي مذهب ڏي رجوع ڪيم. اڄ ان نئين زندگيءَ کي به سورهن سال ٿي ويا آهن ۽ خدا جي فضل سان بچندو اچان. گهٽين ۽ ريل جي دٻي ۾، ڪتن ٻلن وانگر راتيون ۽ ڏينھن گذارڻ واري کي هاڻ گهر ٻار آهي. آئون خوش آهيان ته ٿورو ڪمايان ٿو پر حلال جي روزي کايان ٿو..“ وغيره وغيره. هن جي سڄي تقرير جو مفھوم اهو هو تهاڄ ڪلهه جي مشيني ۽ تکي دور ۾، جتي چپي چپي تي گناهن جي ڄار وڇايل آهي، اتي وڃايل سڪون حاصل ڪرڻ جو فقط اهو ئي طريقو آهي ته مذهب سان دل لڳائجي. دنيا جي رنگينين سان لاڳاپو رکڻ بدران پوءِ جي ثمر جو سوچجي ۽ پنھنجي حقيقي رب سان ناتو جوڙجي.“


• ”براڊ وي“ _بالٽيمور جو بدنام روڊ

ڪاٺ جي بينچن تي چوڌاري ويٺلن ڏي نھاريم. گهڻي ڀاڱي پوڙها ۽ اڌڙوٽ هئا، پر چڱا خاصا نوجوان به هئا. جيڪو همراهه اسان کي بس ۾ وٺڻ آيو هو سو به ڇويھه ستاويھه سالن جو ٿيندو. مون سمجهيو ٿي ته هھڙن ماڊرن ۽ مشغول ملڪن ۾ ماڻهو فقط بارن (شراب خانن) ۽ ڊانسنگ ڪلبن ۾ ئي ويندا هوندا. مذهب جھڙين ڳالهين ڏي، سو به آچر واري عياشي جي ڏينھن تي، ته هنن لاءِ ڏکيو ڪم هوندو. پر اهو خيال غلط ثابت ٿيو. هھڙي ماحول ۽ ملڪ ۾ به ماڻهو مذهب کي اهميت ڏين ٿا. هنن عياشين جو پنھنجي نموني سان ذڪر ڪرڻ مھل ۽ نشي کان پاڪ رهڻ جي دعا گهرڻ مھل ڪيترائي پوڙها ۽ نوجوان پڻ، هٿ مٿي ڪري اوڇنگارون ڏئي ٻاڏائي رهيا هئا.
ان علائقي ۾ شايد فقط گورا رهن ٿا، جو ڪو به ڪارو مون کي نظر نه آيو. هڪڙو اسان جي اڳيان ضرور ويٺو هو، جنھن لاءِ پھرين مون سمجهيو ته ڪو فارينر هوندو پر پوءِ جڏهن بس ۾ هلڻ لڳاسين ته هو به ساڳيءَ ۾، اسان سان چڙهيو ۽ ٻڌايائين ته هو بالٽيمور جو رهاڪو آهي، بندرگاهه وٽ رهي ٿو ۽ رازڪو ڌنڌو اٿس.
مائڪرو بس جڏهن بالٽيمور شھر پھتي ته يوناني جھاز جي ڇوڪرن ڊرائيونگ ڪندڙ همراهه کيچيو ته ”براڊوي“ روڊ تان هلڻ مھل کين اتي لاهي ڇڏي.
”هن وقت رات جو ٻارهين بجي ڌاري براڊ وي تي؟! براڊ وي ته هتي جو تمام بدنام روڊ آهي، جنھن تي رڳو شراب_ گهر، جوا خانا ۽ رستن تي فاحش عورتون نظر اينديون، جيڪي توهان کي ڌتاري گهر وٺي وينديون. ۽ اڪثر اهڙا مثال ٿيندا رهن ٿا ته پئساڦري، ڪا نشي جي شيءِ کارائي بيھوش ڪري، ڪنھن سنسان هنڌ تي اڇلايو ڇڏين. جتان جھاز تائين پھچندي پھچندي ماڻهو بي حال ٿيو وڃي.“
”نه. اسان ته براڊ وي تي لھنداسين. اسان جا ٻيا يوناني اتي آيل هوندا. سڄو ٽولو ٿي گهمنداسين.“
شيدي رازو جيڪو هيستائين ته پنھنجي منھن ”آسماني روشني....“ حمد ڳائي رهيو هو، تنھن نيٺ ٿڌو شوڪارو ڀري پنھنجي حساب سان”لاحول“ پڙهي، کين چيو: ”پٽ اها سٺي ڳالهه ناهي. خاص ڪري هينئر ”عبادت گهر“ مان ٿي، ماڻهو نيڪ ڪمن جو سوچي، وڃي گهر ننڊ ڪري. اهي رنون اهڙيون آهن جو هڪ دفعو انهن مان بيماري لڳانوَ ته پوءِ رب پناهه ۾ رکي. توهان ڏاها ٿيو ٻچا.“
ان وقت ٻئي ماٺ ٿي ويا پر جيئن ئي ٻه چار بلاڪ بس اڳتي هلي، ته وري هڪ يونانيءَ چيو: ”اهو آهي براڊ وي؟“
”نه. اهو اڃان نه آيو آهي.“
”اچي ته اسان کي ٻڌائجان. اسان لھنداسين.“
پر بس وارو همراهه شايد ان روڊ کان لنوائي پئي ويو. يونانين کي ته شڪ پئجي ويو ته هي براڊوي وٽان هلڻ نٿو چاهي، سو هڪ هنڌ بس بيھاري لھي پيا. بس هلڻ تي شيديءَ ٻڌايو ته هتي، نيويارڪ، فلڊلفيا ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ ته ايترا ڏوهاري قسم جا ماڻهو رهن ٿا ۽ ايڏي ته لاقانونيت آهي جو اسان، هتي جا ماڻهو پڻ ڊڄون ٿا. مون کين، هڪ ٻڌل واقعو ٻڌايو ته ڪيئن هڪ دفعي هڪ جھازيءَ کي ڇوڪرين ڪار ۾ لفٽ ڏني ۽ گهر وٺي وڃي سيڪس کانپوءِ ماري اڇلي ڇڏيائون. ان ڪري ڪيترن ئي فارينرس ۽ جھازين کي بالٽيمور جھڙن شھرن ۾ اڪيلو يا سج لٿي کانپوءِ ٻاهر نڪرڻ جي جهل ڪئي ويندي آهي.

• اڄ جو انسان ”روحاني سڪون“ بدران ”جسماني لست“ پٺيان ڊوڙي ٿو

بس واري همراهه ۽ شيديءَ کان مون پڇيو: آمريڪا هيڏو ترقي يافته ملڪ آهي پر ان ۾ ايتري لاقانونيت ڇو آهي، جو غنڊا ۽ نشي ۾ ڌت عورتون، عام جام واٽھڙن کي ڦرينديون وتن. ڇا پوليس ان جو نوٽيس نٿي وٺي، جيتوڻيڪ پوليس به جتي ڪٿي موجود آهي.
”بس پوليس به ڪڏهن مدد ڪري ٿي. ڪڏهن ان ڦڏي جي ڪمن ۾ پوڻ نٿي چاهي۽ نٽائي ٿي وڃي. بھتر آهي هرڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اهڙين جاين ۽ خراب ڳالهين کان پري رکي.“
”پر آخر ان لاقانونيت جو سبب ڇا آهي...؟“
”سبب اهو ئي اهي ته آزاد ملڪ آهي. هر ڳالهه جي اجازت آهي. پستول بندوق رکڻ تي به ڪا جهل پل ناهي. ڪو به ٻيڙي ماچيس وانگر جڏهن مرضي ٿئيس ته دڪان تان هٿيار وٺي، پاڻ سان رکي سگهي ٿو ۽ پنھنجي بچاءَ جي بھاني، جنھن کي وڻيس ان کي ڊيڄاريندو وتي. نتيجي ۾ لاقانونيت وڌي وئي آهي ۽ ڏوهه ڏينھون ڏينھن وڌندا وڃن. ٻيو وري هتي جي ٽي_وي ۽ هالي ووڊ فلمن ننڍي ٻار کي ئي غلط سوچڻ جي ترغيب ڏني آهي. اسان ننڍا هئاسين ته اسان کي راند لاءِ لاٽون يا ڪاٺ جي ڪار بابو وٺي ڏيندو هو ۽ هينئر وڏا ٿي هي حال ٿيا آهن. پر سوچيان پيو ته اڄ جو ٻار جن کي اسان ننڍي هوندي ئي کيڏڻ لاءِ پستول ۽ بندوق جھڙا رانديڪا ڏنا آهن سو وڏو ٿي الائي ڇا ڪندو.“ رازي ٻڌايو.
بس واري گوري آمريڪن تنھن تي چيو: ”منھنجي خيال موجب ڏوهن وڌڻ ۽ گناهن طرف لاڙو ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ اهو آهي جو اڄ جو انسان ”روحاني سڪون“ بدران ”جسماني مزي“ پٺيان ڊوڙي رهيو آهي. ۽ جسماني لذت پئسو ٿي گهري، جنھن جي هيڪاندي هٻڇ ماڻهو کي ڏوهاري بنائي ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ان پئسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ چوري ڪري، ملاوٽ ڪري، ڪنھن جو حق غضب ڪري، رشوت وٺي غلط ڪم ڪري، وغيره وغيره _ سڀ ڏوهه آهن. پوءِ ڪو ڏوهه هيٺاهون ڏاڪو آهي ته ڪو مٿيون.“
فورٽ ايوينيو اچي چڪو هو. شيديءَ ٻڌايو ته هو هتي لھندو جو سندس اپارٽمينٽ ٻن بلاڪن بعد آهي. ان بعد سگهو ئي ’فورٽ ميڪنھري‘ واري پل ٽپي ’لوڪسٽ پائنٽ‘ تي بيٺل اسان جي جھاز وٽ مون کي بس اچي لاٿو. رات جا ٻارهن وڄي چڪا هئا. ڊيوٽي آفيسر کان علاوه باقي سڀ جھازي ان وقت گهاٽي ننڊ ۾ هئا.

• ايترن شيڊن جا شيدي ڪٿي نه ملندا

هتي، جيترا رنگن ۽ قد بت جا ماڻهو رهن ٿا اوترا شايد ئي ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ هجن. جي پڇا ڪبي ته معلوم ٿيندو ته ڪنھن جو پيءُ انگلينڊ کان اچي رهيو هو ته ڪنھن جو ڏاڏو تڙ ڏاڏو چيڪوسلاويڪيا يا هنگري کان هتي اچي رهيو. ڪي رهاڪو اصل پولنڊ جا هوندا ته ڪي جرمني يا روس کان آيل. اهڙي طرح يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ کان علاوه، دنيا جي انيڪ ٻيٽن جا ماڻهو پڻ هتي اچي ”آمريڪن“ ٿي ويا آهن. پوءِ ڪي ڏهه ويھه سال اڳ جا Settleٿيل آهن ته ڪي ٽي چار پيڙهيون پھرين کان. آفريڪا جي به ڪنھن هڪ ملڪ جا شيدي ناهن، جو سندن رنگ بت هڪجھڙو هجي، پر جيڏو وڏو آفريڪا کنڊ آهي ۽ جيتر ا گهڻا ٻيٽ دنيا ۾ تھتي، ٽرنيڊاڊ، جئميڪا، ڊومينن، فلپين، پورٽريڪو جھڙا آهن اوترن ئي رنگن ۽ منھن مھانڊن جا ماڻهو هتي آمريڪا ۾ آهن. ڪن جو ڪارو رنگ، تکو ۽ چلڪيدار آهي ته ڪن جو ميرانجهڙو. ڪن جو هلڪو ڪارو آهي ته ڪن جو پپيئي جھڙو. ڪن جو ڪارو رنگ چاڪليٽيءَ جي ويجهو آهي ته ڪن جو ڳوڙهي ناسيءَ سان ملندڙ. ڪن جو ناسي ۽ سيلٽيءَ جي وچ ۾. ڪاري رنگ جي ايترن شيڊن جا شيدي ڪٿي به نه ملندا.
سندن مٿي جا وار وري ماڪوڙن جي ٽنگن جھڙا وڪڙيل ۽ مروٽيل. ڪن جا وار سَرَ جي ڪانن جھڙا اُڀا_ جھڙو مٿي تي سيڙه يا ڄاهو رکيو پيا وڃن. ڪن جا وار پکين جي آکيرن وانگر آرٽ جو ڪرشمو ته ڪن جا ماکيءَ جي مانارن جھڙا. ڪپڙا ته سندن ڏسي تعجب ٿو لڳي. آمريڪا مان فئشن اسان جھڙن ملڪن ۾ اچي ٿو. پر هتي جي شيدين کي شاباش هجي جو فئشن جي دنيا ۾ رهندي به پرواهه ئي نه! آفريڪا جھڙي غريب کنڊ جو شيدي موسم ۽ فئشن جو ڪجهه خيال رکي ان مطابق وڳو پوشاڪ پائي ٿو، پر هتي جا رهاڪو شيدي، عجيب رنگن، جھڙوڪ سائو، گلابي ۽ پيازي، فيروزي يا واڱڻائي رنگن جا سوٽ پائيندي ڪو شرم محسوس نه ڪندا. پر اهي به سولي نموني سان پاتل هجن، عاليشان سوٽ تي ڦاٽل يا ڇنل جوتو يا قميص جا چاڪ ٻاهر نڪتل يا اُڊڙيل. يا پتلون بوٽ بلڪل تازا دڪان تا وٺي پائي پر انهن مٿان پنڌرهن سالن جي پراڻي، ڦاٽل يا چتين لڳل سوڙهي يا جهٻي جئڪٽ! سڄي لئه خراب. زالون ۽ ڇوڪريون ته مردن کان به ٻه رتيون وڌيڪ. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي سڄو ڏينھن هن ملڪ ۾ جيئراجاڳندا فيشنبل ماڻهن سان گڏ هلن ٿا، هالي ووڊ جون فلمون ڏسن ٿاU.S.A. جي ٽي وي ۽ رسالن ۾ بھترين ڊريس ۽ پائڻ جا طريقا پڙهن ٿا ۽ ڪمائين به ڪافي ٿا. ته به گنديءَ ڪپڙي پھرڻ جي معاملي ۾ ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن“ وارو حال اٿن. اهڙن ڪپڙن وارن جون تصويرون L.P. لانگ پلي گرامو فون رڪارڊن تي نظر اينديون.
هتي ڳائيندڙ شيدين جا ڪيترائي سٺا گروپ آهن. شيدي ماڻهو هونءَ به فطرتاً چرچائي ۽ خوش مزاج ٿئي ٿو. ۽ پنھنجي هنر ۾ ڀڙ پڻ. (هتي جو شيدي ڏوهن ۽ ڌاڙن چورين ۾ به پنھنجو مَٽ پاڻ آهي. بھرحال ڳائڻ جي خيال کان مون کي ته هتي جون شيدياڻيون: ڊائنا راس، ڊوناسمر، ٿري ڊگريز، سپريم، وابرٽا ڪيلي وغيره وغيره سڀ کان وڌيڪ پسند آهن ۽ ڳوٺ جون پڻ. قدرت سندن آواز ۾ خاص قسم جو جادو، مدهوش ڪندڙ ميٺاج ۽ Thrillڏنو آهي. اسٽيج شوز تي جن ڊوناسمر، ڊائنا راس وغيره کي مستي ۾ اچي، مائيڪ هٿ ۾ جهلي ”آءِ لو يو، آءِ لو يو_ لومي لومي لومي بيبي...“ لڳاتار پنجيتاليھه_ پنجيتاليھه منٽن لاءِ نچندي، جهومندي ۽ تڙڦندو ڳائيندي ٻڌو هوندو، سي ان ڳالهه ۾ يقين رکي سگهن ٿا ته مريض جي آپريشن ڪرڻ وقت سٺو سُر، ”انسٿيٽڪ_ايجنٽ“ ثابت ٿي سگهي ٿو، جنھن اڳيان اڪوپنڪچر به ڪجهه ناهي.
ساڳي طرح چرچن ۾ سنڌ جو محمد مسخرو هجي، يا آمريڪا جو سيمي ڊيوس_ يا ڪينيا، سينيگال، زائر، گني، نائجيريا، يوگنڊا جو شيدي_ ساڻن ڪو انگريز، چيني جپاني يا يورپي، مقابلو ڪري نه سگهندو. 

ٽوڪيو_ جاپان

• پنھنجو پتو به ته ڏي

اڄ يوڪوهاما کان اسان جي جھاز جي رواني ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ، اسان جو ڳوٺائي اشفاق ميمڻ موڪلائڻ آيو. پاڻ هن وقت هڪيدو (جپان جي اتراهين ٻيٽ) ڏي، سندس آفيس طرفان، واپاري ٽوئر تي وڃي رهيو هو. افغانستان کان آندل لومڙين جون کلون (جن مان منڪ ڪوٽ ٺھن ٿا) صفائي ۽ سٺائي لاءِ هڪيدو موڪليون وڃن ٿيون. پاڻ سندس جپاني شھر جي امپورٽ ايڪسپورٽ ڪمپنيءَ ۾ ٽوڪيو آفيس جو ڊئريڪٽر آهي. هو ٽويوٽا وئن ۾ چڙهي آيو هو، جيڪا سڄي سامان سان ڀريل هئي. سامان جي ڪري هن اندر بندرگاهه ۾ اچڻ مناسب نه سمجهيو. ان ڪري پري کان، ٻنوڙي جي پويان بيھي مون کي سڏيائين. کيس ان Vanگاڏيءَ سميت هڪ پئسينجر جھاز ۾ چڙهي هڪيدو (Hokkaido) ٻيٽ جي شھر سپورو (Sapporo)وڃڻو هو. سندس جھاز جي Sailing، اسان جي جھاز جي لنگر کڻڻ کان پوءِ ڪلاڪ ٻن بعد هئي.
اسان ٻئي سندس گاڏي جي بونٽ مٿان ويھي خبرون ڪرڻ لڳاسين. سندس چرچن ۽ سنڌي ڳالهائڻ جو اسٽائيل جيترو ڳوٺ ۾ مشھور آهي اوترو ئي هتي جپان ۾ پڻ. سندس جپاني ڳالهائڻ جو لھجو ۽ نمونو اهڙو آهي جو جپاني به متاثر ٿيو وڃن. ٿوري دير مس ڪا ٿي هوندي ته هڪ ”ڪسٽم پوليس“ جي ڪار اسان اڳيان لنگهي اڳتي وڃي بيھي رهي. اشفاق کي چيم ته هاڻ هنن کي شڪ پيو اٿئي ته اسان الائي جپان ۾ يا جپان کان ٻاهر، ڪا شيءِ اسمگل ڪري رهيا آهيون. هڪ ڄڻو جيسين ڪار جا شيشا چاڙهي لاڪ ڪري تيسين ٻيو همراهه اسان جي ويجهو پھچي ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ اسان جي Identity پڇڻ لڳو ۽ شڪي نگاهن سان گاڏيءَ (Van) جي اندر نھارڻ لڳو_ جيڪا سڄي، لومڙين جي کلن۽ ايراني غاليچن سان ڀريل هئي. مون پنھنجي جپاني پاس ڏيکاري، سامهون بيٺل جهاز ڏي اشارو ڪري، ٻڌايومانس ته:”وتاشي وا فونينو فتوتسا.“(آئون جهاز جو چيف انجنيئر آهيان.“
اشفاق کان ڪاروباري ڪاغذن جو پڇيائين، جيڪيجانچي همراهه ٿڌو ٿيو ۽ پوءِ جپانيءَ ۾ خبرون ڪرڻ لڳو. اشفاق کي چيائين پنھنجو وزٽنگ ڪارڊ ته ڏي. اشفاق ڪارڊ ڏئي چيس: ”ڇا رڳو منھنجي ائڊريس وٺندين؟ پنھنجو اتو پتو به ته ڏي.“
ڪسٽم آفيسر شايد پنھنجي ائڊريس ڏيڻ نٿي چاهي، پر نيٺ ٻٽونءَ مان ڪارڊ ڪڍي چيائين: ”ڏيانءِ ٿو پر هن کي غلط استعمال نه ڪجانءِ.“
”اڙي تون ڏي ته سھي! هينئر ئي ماڳھين ڊپ وٺي ويئي. غلط ڪم ڪرڻ سان توهان اهڙا آهيو جو ڇڏيندائو.“
اشفاق اهڙي نموني سان چيس جو کانئس به کِل نڪري وئي. چيائين منھنجو جونيئر پيو اچي ۽ هو سکيا هيٺ آهي. دل ۾ نه ڪجو جي هو توهان کان ڪجهه پڇي يا ڏيکارڻ لاءِ چوي.
”پرواهه ئي نه ڪر.“ اشفاق چيس.

• ماهو نو جوتان_ اڏامندڙ غاليچو

سندس جونئر اچڻ سان، صحيح طرح ڊيوٽي ڪرڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ هڪ دفعو وري اسان جا شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ هڪ هڪ ڪري غور سان ڏسڻ لڳو. اشفاق ٻڌايس: ”سپورو پيو وڃان.“ تنھن تي منھنجي پاس (Pass)ڏسي، اشفاق کي مون لاءِ چيو: ”هي ته سپورو نٿو وڃي سگهي. هن کي ته فقط ڪيوٽو، اوساڪا، ڪوبي ۽ يوڪو هاما وڃڻ جي اجازت آهي.“
”هي ماڳھين توهان جي جپان کي ئي اڄ رات سايونارا پيو چوي.“ پر همراهه کنگهيو به نه. مرڪڻ بدران ساڳيو گهنڊ نرڙ تي وجهي آرڊر ڪيائين ته گاڏي کوليو، گاڏي چيڪ ڪندس. اشفاق وئن جو پويون در کوليو ۽ ساڳي وقت سينئر آفيسر مون کي ۽ مون هن کي اک ڀڳي ته هي چڱو تنھنجو جونئر نڪتو. مٿان رکيل کلون ۽ غاليچا اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو. غاليچن جا رنگ، پئٽرن ۽ سنهو ڪم، سينئر ڪسٽم آفيسر ۽ آئون به ڏسڻ لڳاسين. ڪي ننڍڙا ننڍڙا رومالن جيڏا چورس غاليچا هئا، ڪي مصلي جيڏا هئا ۽ وڏي ۾ وڏا به کٽ جيڏا مس ٿيندا. اشفاق مون کي ٻڌايو:
”هي خاص ايران جي شھر مشھد ۽ اصفھان جا آهن ۽ هنن تي ايڏي ته محنت سان سنهو ڪم ٿيل آهي جو اتي ايران ۾ ئي مون کي پنڌرهن هزار رپيا في داڻو پيو هو ۽ ڪسٽم ڊيوٽي، سيل ٽئڪس، ڀاڙا ڀتا ۽ فائدو رکڻ بعد هتي پنجويھه کان ٽيُھن هزارن تائين ويندو.“
جونئر ڪسٽم آفيسر کي به غاليچا ڏاڍا وڻيا۽ هاڻ ٿورو ڍرو ٿي قيمت پڇڻ لڳو:”سمي ماسين! آنو، ڪوري وا اِڪُورا ديسڪا؟“
اشفاق قيمت ٻڌايس ته وات ڦاٽي ويس.
”تڪائي ديس. تڪائي ديس.“ (تمام گهڻي آهي).
اشفاق مون کي آهستي چيو:”هيءَ شوقينن جي شيءِ آهي جن وٽ پئسي کان وڌيڪ شيءِ جو قدر هجي.“
ڪسٽم آفيسر ڪجهه نه سمجهيو. هٿ لائي هڪ ٻئي پٺيان ڪجهه غاليچا ڏسندو ويو. هڪ غاليچي تي ماڻهن جون تصويرون هيون ۽ ڪورٽ جو نظارو ٺھيل هو.
”هيءَ حضرت سليمان جي ڪورٽ آهي.“ اشفاق ٻڌايس.
”ڪٿي جا آهن__؟“ ڪسٽم واري پڇيو
”مشرق جا ئي آهن. ايران جا.“
”بروبر. مون پڻ پنھنجن وڏن کان ان بابت ٻڌو آهي.” ڪسٽم آفيسر چيو.
”ٻيو به ڪي ٻڌو اٿئي يا بس__؟“ اشفاق پڇيس.
”ها.“
”ڇا بابت؟“
”ماهونو جوتان _ اڏامندڙ جادوئي غاليچو.“
”بلڪل صحيح ٻڌو اٿئي.“
”اهي واقعي ٿيندا آهن ڇا؟“ جپاني ڪسٽم آفيسر پڇيو.
”چئين ته اهي به ٺھرائي ڏين،“ اشفاق چيس، ”پر ناڻو خرچ ڪرڻو پوندءِ_ ماهو نو جوتان لاءِ.“
جونئر ڪسٽم آفيسر بھرحال ”ماهونو جوتان“ (جادو ئي اڏامندڙ غاليچي) لاءِ آرڊر ته نه ڏنو، پر اها سا مھرباني ڪيائين جو منھن جو گهنڊ گهٽائي، کِلي موڪللائي، هليو ويو.
پر پنج ڇھه منٽ ٻيا مس ٿيا ته وري ٻي ڪسٽم آفيسر جي ڪار اسان کي ڏسي بيھي رهي ۽ وري ساڳيا انٽرويو هلندا رهيا. نيٺ اشفاق کي چيم ته هاڻ يا ته پاڻ به کلي موڪلايون، جو هتي بيٺا هونداسين ته هرڪو شڪبو رهندو ۽ ڪسٽم وارا اسان مان بيزار ۽ اسان هنن مان. يا ته گنزا ويجهي آهي اوڏانھن هليا هلون، يا ته جان محمد ڪيريو جي گهر هلي ڪچھري ڪجي.

آمريڪا (U.S.A)

توهان ئي آمريڪا آندو آهي ۽ هاڻ اسان جي توهان ئي سار لھو

يورپ جي ماڻهن جڏهن آمريڪا کنڊ ڳولي اچي قبضو ڪيو ته کين پوک ۽ کاڻين جي کوٽائي لاءِ مزورن جي ضرورت پئي. گهاٽن ٻيلن، مڇرن سان ڀريل علائقن، ٽڪرين۽ سامونڊي ڪنارن تي سيءَ ۽ گرميءَ ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ آفريڪا جا شيدي ئي جوابهو. بھرحال اڄ کان سوين سال اڳ مزوريءَ لاءِ آمريڪا ۾ جيترا شيدي زوريءَ آندا ويا، انهن کان ڪئين دفعا گهڻا، پنھنجي مرضيءَ تي هنن پنجاهه سٺ سالن ۾ آيا آهن. نه فقط آفريڪا جا شيديپر اوسي پاسي جي ٻيٽن، ويندي يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا تائين جا هتي اتر آمريڪا U.S.A ۾ آيا آهن.
مختلف ماڻهن، قومن، ذاتين ۽ ملڪن جي گڏيل سڏيل کچڻي هتي U.S.A ۾ ڏسي سگهجي ٿي. ٻين لفظن ۾ آمريڪا ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي آهي. پوءِ ڪي آمريڪا جي آزاد ماحول تي عاشق ٿي هتان اچي نڪتا آهن ته ڪي سندن بھتر معاشي حالت ڪري.
ميڪسيڪو ملڪ U.S.A جي ڀرسان آهي پر ان جون سياسي ۽ معاشي حالتون بھتر نه هجڻ ڪري روزانو سوين ميڪسيڪن لڪ چوريءَ غيرقانوني طرح بارڊر لتاڙي آمريڪا، روزگار لاءِ اچن ٿا. اهڙي طرح نڪرا گئا، گئاٽامالا (Gutamala) ، هونڊرس (Hondrus) ، ڪاسٽاريڪا ۽ ٻين وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جا ماڻهو، سکي ستابي زندگي گذارڻ جي خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ U.S.A ۾ اچن ٿا.
تنھنکان سواءِ جميڪا، پورٽوريڪو ۽ ٻين ويسٽ انڊيز ٻيٽڻ جا پڻ هتي جام ملندا. اڄ ڪلهه چيڪوسلاويڪيا جا تمام گهڻا اچي رهيا آهن. پوءِ جيڪي گهڻو اڳ کان رهائش پذير آهن ۽ پاڻ کي صحيح معنيٰ ۾ آمريڪن سمجهن ٿا سي هنن نون آيلنتي خارون کائيندا آهن.
هڪ اهڙو آمريڪناسٽيوڊور، اسان جي جھاز تي ڪارگو چاڙهڻ جو انچارج هو. پاڻ اسي سالنجو ٿيندو. 1930ع کان 1950ع تائين جھاز جو ڪئپٽن به رهي چڪو آهي. ڏاڍو زنده دل آهي. ساڻس گڏ جڏهن به ڪار ۾ ويندو هوس ته سڄي واٽ لطيفا ٻڌائيندو هو. سگنل وٽ جڏهن گاڏي بيھارڻي پوندي هئي ته رستو پار ڪندڙ ميڪسيڪن، پورٽوريڪن وغيره کي ڪچيون گاريون ڏيندو هو.
هڪ ڏينھن ڪار هلائيندي لطيفو ٻڌايائين: هڪ آمريڪن، بندوق واري دڪان تان وڏي بندوق وٺڻ ويو. دڪاندار وڏي بندوق ڪڍي ڏنس. چيائين: ”اڃان به وڏي کپي.“
دڪاندار پڇيس: ”ايڏي وڏي بندوق ڇا ڪندين؟“
“For Shooting Cans”خريدار وراڻيس.
”ڪھڙا ڪئن (دٻا) _؟“ ڪوڪا ڪولاجا ڪئن يا پي نٽ جا ڪئن_؟ دڪاندار پڇيس.
”نه.اهي ڪئن نه پر ميڪسيڪن، جئميڪن، پورٽريڪن، چيڪوسلاويڪن، آفريڪن.... وغيره وغيره.“
سو واقعي اهڙي ڪا بندوق هجي جو هنن کي ناس ڪجي_سگنل وٽ ذري گهٽ ماڻهن کي ڪار هڻندي لطيفو ختم ڪيائين۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين.
هونءِ هتي جي گورن ۽ حڪومت کي شيدين به چڱو سڃاتو آهي. ڳالهه ڳالهه تي گورن کي پراڻيون ڳالهيون ياد ڏياري، مھڻا ڏيندا ”توهان ئي ته اسان کي هتي آندو ۽ هاڻ توهان جو ئي ڪم آهي، اسان جي سار سنڀال لھڻ.“


• الف اگهاڙو ڊوڙندو آيو


جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته فطرتاً هتي جا شيدي ڳائڻ وڄائڻ، ناچ ٽپڪي، راند روند جھڙين شين جو شوقين آهن. بس اسٽاپ تي بس جو انتظار ڪرڻو هوندو ته به انگريزن وانگر قطار ۾ هڪ هنڌ بيھڻ بدران، ڀر وارن دڪانن مان ايندڙ ميوزڪ جي لئه تي نچندا رهندا. منجهن ڏاڍو ڪو نچڪو آهي. آمريڪا جا بھترين رانديگر، ڳائڻا، نچڻا، پھلوان، باڪسر_ سڀ شيدي آهن. هڪ شيديءَ ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٻڌائي. چيائين: ”اسان اڃان تعليم ۽ ٻين هنرن ۾ گهڙيا نه آهيون، پر اسان جون مائرون چونديون آهن ته پٽ جيڪو ڪم ڪريو اهو سچي دل ۽ جان سان، محنت ۽ اڻ ورچائيءَ سان ڪريو_ پوءِ چاهي اهو ڪم گهٽيون ٻھارڻ ڇو نه هجي.“
منھنجي خيال ۾ اهاڳالهه بيحد عقلمندي واري چئي سگهجي ٿي.
ڏوهن جي معاملي ۾ به شيدي پٺتي نه آهن. جيلن ۾ گهڻو تعداد انهن جو آهي ۽ شيدين کان هتي جا گورا ۽ ڪڏهن ڪڏهن واسطيدار کاتا به ڊڄن ٿا. ڪن ڪن شھرن جا ڪي علائقا شيدين جي غيرقانونيت کان بدنام آهن. ڌارئين ۽ شھرين کي اها ئي تاڪيد ڪئي ويندي آهي ته رات جو اڪيلا نه نڪرو. شيدين سان وڙهڻ کان گريز ڪريو. امرجنسي ۾ يڪدم پوليس کي فون ڪريو، وغيره.
خاص ڪري نيويارڪ جو بروڪلن جتي اسان جو جھاز گهڻو بيھندو آهي، چڱو بدنام آهي ۽ هتي آيل جھازي پڻ ٻڌائيندا آهن ته اڪيلي ته ڇا پر ٻه ٽي نڪرڻ ۾ به ڊپ آهي. هڪ ڏينھن جھاز جي سموڪ روم ۾ ان عنوان تي ڳالهيون هلي رهيونهيونته هڪ جھازيءَ ٻڌايو ته هڪ دفعي پنج ڇھه خلاصي گڏ اچي رهيا هئا ته ٻه شيدي ڦري آين. شيدين جي دڙڪي تي چار ته ڀڄي ويا ٻه ڄڻا هنن جي وٺ ۾ اچي ويا، جن کي شيدين ڏاڍو ماريو ۽ پئسا به ڦريائون.
هڪ دفعي ته ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنھن جھاز جو ”پئنٽري_ مئن“ شام جو الف اگهاڙو جھاز تي ڊوڙندو آيو_ سندس سڀ ڪجهه شيدين کسي ورتو هو.
ٿرڊ آفيسر ٻڌايو ته هتي جا حبشي فقط گيئر واري چاقوءَ کان ڊڄن ٿا، جيڪو ٽِڪ ٽِڪ، ٽِڪ ٽِڪ ڪري کُلي ٿو. تنھن تي سيڪنڊ آفيسر، فلڊلفيا شھر جو قصو ٻڌايو جتي سندن جھاز ٻه سال اڳ، ڪجهه عرصي لاءِ ترسيل هو. ”اتي جي ’مارڪيٽ_ اسٽريٽ‘ ۽ ’چيسٽ_نٽ اسٽريٽ‘ ۾ دڪان بند ٿيڻ بعد ڪارن جا ٽولا ويٺا هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن لنگهندڙن تي رمارڪ ڏيندا آهن، بھتر ڳالهه ته اها آهي تههنن جي سڏن ۽ ٽوڪن تي ڌيان ئي نه ڌرجي.“

• ٽِڙڪاٽي چاقونءَ جادوءَ جو ڪم ڪيو

هن وڌيڪ ٻڌايو: ”هڪ رات، ٻارهين وڳي ڌاري، سخت سيءَ ۾ ڏڪندا اسان چيسٽ نٽ اسٽريٽ مان ٿيندا، جھاز تي پئي آياسين. اسان سان ٻه کن جونئر انجنيئر ۽ ٻه ٽي هتي جون گوريون دوست پڻ هيون، جي اسان سان جھاز تي رهيل هيون. باسڪو دڪان اڳيان ڪجهه ڪارا کيسن ۾ هٿ وجهي بيٺا هئا. هڪ ڄڻو فٽ بال کي ٽپا کارائي رهيو هو. ڇوڪرين ته اسان کي اڳھين ئي ٻڌايو هو ته سندن رمارڪن تي اسان ڪا به ورندي نه ڏيون، نه ته اجايو جهڳڙو وڌي ويندو.
”اسان هنن جي اڳيان پھتاسين ته هڪ شيديءَ سڏ ڪيو. اسان جواب نه ڏنس. تنھن تي ٻئي همراهه، اسان سان گڏ هلندڙ ڇوڪرين کي گار ڏئي چيو ’ڪتيون! توهان جھاز تي ڏٺو ڇا آهي، جو روز شراب لاءِ ڀڳيون وڃو؟‘ اسان تڏهن به نه ڪڇيو. اسان جي پويان ٻه خلاصي به پئي آيا، جي اچي اسان جي ويجهو پھتا هئا. فٽ بال واري ڪاري ان وقت ڇا ڪيو جو فٽ بال اڇلي هڪ خلاصيءَ کي هنيو. خلاصي ته باهه ٿي ويو ۽ کين گار مٿان گار شروع ڪري ڏنائين. شيدين کي ته بھانو ٿي کتو، وڙهڻ لاءِ. اسان جي چوڌاري ڦري آيا. هڪ ٻه جيڪي ڪنڊ پاسي ۾ لڪل هئا سي به اسان کي گهيري ويا. اسان ڪل ست اٺ ڄڻا ٿياسين ۽ هو به اوترا ٿيندا پر هنن سان جيڪي حبشي ڇوڪريون هيون سي به اسان مردن کان وزن ۾ ٻيڻيون ڏيڍوڻيون ٿينديون. ڏاڍي ڳالهه ٿي پئي! اسان ته چيو هاڻ ڄاڻ ته اسان جي جسم جون هڏيون ڀڳيون نه ته به چِٻيون ته ضرور ٿينديون. هنن بيوقوف خلاصين مارائي رکيو. پر ٻنهي خلاصين تي ڪجهه به اثر نه ٿيو. هڪ انهن ۾ پڙهيل هو تنھن سينو تاڻي شيدين کي انگريزيءَ ۾ رعب سان چيو: `Let our officers and their girls to go, then we shall fix you right-`
”۽ پوءِ ٻنهي خلاصين کيسن مان گراڙيءَ وارا چاقو ڪڍي وڏي رعب سان سندن اڳيان ٽڙ ٽڙ ڪري جو کوليا ته سڀ ڪارا ڍرا ٿي ويا ۽ سندن اڳواڻ، جو ويجهو بيٺو هو، تنھن هڪ وک پٺتي ڪري خاص آمريڪن شيدڪي لھجي ۾ چيو:
`Hey Brother! Look!! We no fighting.`
”ان سان گڏ پويان بيٺل شيدي ته ٿنڀن پٺيان لڪي ويا. اسان کي به ساهه ۾ ساهه پيو. ٽڙڪاٽي چاقوءَ جادوءَ جو ڪم ڪري ڏيکاريو.“
سو اهي آهن هتي جي شيدين جون خبرون.

ميڊيٽرينين (ڀونچ) سمنڊ

• سڄي دنيا فتح ڪرڻ وارو اڄ خاموش آهي.

اڄ ريڊيو آفيسر جي ڪئبن ۾ ويس ته هو سڪندريا (مصر) جي ريڊيو وائرليس اسٽيشن سان لھه وچڙه ۾ اچڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هو. ”هيلو! ريڊيو اليگزينڊريا! هيلو! ريڊيو اليگزينڊريا! ڊو يو هيئر مي؟“
اڳيان به سائين مصري هئس، جيسين ٻڌنس يا ڪو ٻيو بھتر چئنل، نياپو وٺڻ لاءِ ٻڌائينس، تيسين ريڊيو آفيسر جي رڙ هيٺ رڙ مٿي هئي. آئون ماٺ ۾ ئي سندس آفيس مان ٻاهر نڪتس. سمجهي ويس ته ميڊيٽرينين سمنڊ به پار ٿي ويو_ جيڪو جبرالٽر ۽ سُوٽا کان شروع ڪيو هئوسين. هاڻ ڳاڙهي سمنڊ ۾ واپس اچڻ لاءِ ساڳي سئيز ڪئنال مان لنگهڻو پوندو. ريڊيو آفيسر ضرور ’ريڊيو سڪندريا‘ جي معرفت اسان جي ’پورٽ سعيد‘ واري آفيس کي اطلاع ڏيڻ چاهيو ٿي ته اسان فلاڻي وقت سئيز ڪئنال جي در وٽ پھچي وينداسين. پائلٽ، پاڻي ۽ ٽپال پھچائڻ جو بندوبست ڪيووڃي.
چارٽ روم ۾ اچي، نقشي تي جھاز جي پوزيشن ڏٺم. ستاويھه ڊگريونLongitude ۽ ٽيٽيھين ڊگرينLatitude تي هئاسين_ يعني سڪندريا جي ڀرسان لنگهڻ ۾ سو کن ميل مس هئا. جھاز اڃان Auto تي هلي رهيو هو. کيس Manual ۾ تبديل ڪري، هٿ سان هلائڻ ۾ اڃان به وقت هو. سکاني نظر رکڻ `Look-out`لاءِ برج جيکاٻي ڀر تي بيٺو هو ۽ ٿرڊ آفيسر رڊار جي اسڪرين ۾ ايندڙ ويندڙ جھازن جي اچ وڃ جو حساب رکي رهيو هو. آئون چارٽ روم ۾ وري نقشي جي مٿان ٺونٺيون رکي نيل نديءَ جي ڇوڙ ۽ ٿورو پرڀرو هٿرادو کوٽيل واهه_ سئيز ڪئنال ڏسڻ لڳس. ڪجهه گهڙين بعد ذهن ماضيءَ ۾ هليو ويو... هجري سن شروع ٿيڻ کان اڳ، حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به اٽڪل ٽي سو ٻٽيھه سال اڳ، يونان جي شھر مقدونيا جو شھزادو سڪندر اعظم سڄي دنيا فتح ڪرڻ جي خواب پوري ڪرڻ لاءِ جڏهن يونان کان نڪتو هو ته سڄي هند سنڌ، ايران عجم ۾ هيءُ ئي هڪ جڳھه کيس پسند آئي جنھن تي پنھنجو نالو رکيائين: اسڪندريا_ Alexandria ! اڄ ان کي ڪئين ايام گذري ويا. ان وقت هو ڪيتريون ئي منزلون لتاڙي ڪٿان ته اچي نڪتو هو! سندس سڄي دنيا حاصل ڪرڻجي شوق کي نيل نديءَ جون ٻوڏون، وچ اوڀر جي اڏامندڙ واري ۽ سنڌ جون لُڪون به گهٽائي نه سگهيون.ڪالههجو دنيا فتح ڪرڻ وارو اڄ خاموش ڌرتيءَ اندر آهي. سندس قبر تي لکيل هي شعر ياد آيو:
”۽ هاڻ هي مٽيءَ جو ڍير،
هن لاءِ تمام گهڻو آهي.
جنھن شخص لاءِ، جڏهن جيئرو هو،
سڄي جھان جي ڌرتيبه ٿوري هئي.“
ڪيڏو زمانو ان کي گذري ويو_ پر ٿورو ئي اڳتي نيلنديءَ جي کاٻي ڪپ تي سقارا ۽ دهشور شھرن وٽ فرعونن جا ٺھيل پرامڊ (اهرام) ٿا ڏسجن ته سڪندر وارو زمانو به انهن اڳيان پوءِ جو ڄايل ٻار ٿو لڳي. سڀ کان پراڻو پرامڊ، عيسوي سن کان به 2650 سال اڳ ”جوسر فرعون“ لاءِ تيار ڪيو ويو هو. ۽ اها دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي پٿر جي ٺھيل شيءِ آهي جا اڄ تائين با سلامت بيٺي آهي.

• مصرين جي جياپي جي تند _ نيل ندي

مصر، سوڊان ۽ اتر آفريڪا جي صحرائي ريگستان جي سوين ميلن تائين واريءَ کان سواءِ ٻي ڪنھن به شيءِ جو تصور نٿو ڪري سگهجي. اتي سوڊان کان شروع ٿيندي، سڄي مصر مان لنگهي، بحر روم ۾ وڃي ڇوڙ ڪندڙ ڊگهي نيل ندي، ماڻهن جي جياپي جي تند آهي، ۽ هزارين سالنکان ماڻهن جي حياتي، تھذيب ۽ تمدن ان سان وابسته رهيو آهي.
نيل ندي، خارطوم (سوڊان) وٽ ٻن ندين، نيري نيل ۽ اڇي نيل جي سنگم کان پوءِ شروع ٿئي ٿي ۽ سوڊان، نوبيا جو علائقو ۽ پوءِ سڄي مصر مان وهندي، ميڊيٽرينين ۾ اچيو ڇوڙ ڪري. ندين جي ميلاپ واري جڳھه خارطوم (جنھن جي شڪل هاٿيءَ جي ڏند جھڙي هجڻ ڪري، اهو نالو رکيو ويو آهي) سوڊان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. 1821ع ۾ ملٽري ڪئمپلڳڻ بعد وڌيو ويجهيو. هتي مھدي ۽ سندس درويشن، جنرل گورڊن کي شڪست ڏئي ماريو ۽ 1885ع ۾ لارڊ ڪِچنر ماڊرن شھر ٺھرائڻ جا بنياد رکيا.
تکي رفتار واري ”نيري نيل ندي“ حبش (Ethopia) جي تانا ڍنڍ مان وهڻ شروع ڪري ٿي ۽ جابلو علائقن مان لنگهندي وقت اتي جي مينھن ۽ لٽ سان سٽبي، اڀامندي، خارطوم وٽ، اوڀر آفريڪا کان آهستي کان وهندي اچي نيل سان ملي ٿي. اڇي نيل جي ڊيگهه نيريءَ کان گهڻي آهي جيڪا وڪٽوريا ڍنڍ مان وهڻ شروع ٿي ٿئي.
هوائي جھاز مان مٿان جيڪڏهن سنڌو نديءَ کي ڏسبو ته نانگڻ وانگر ڏسڻ ۾ ايندي_ خاص ڪري سنڌ جي علائقي ۾ ته صاف چٽي نظر ايندي، جو اها ئي هڪ پاڻيءَ جو ذريعو آهي جنھن جي پاسن کان آبادي ۽ ساوڪ نظر اچي ٿي، باقي علائقو سڪل پوٺو اڇي ڪاغذ جھڙو آهي_ ڪٿي ڪٿي، هاڻ واهن جي کوٽائي بعد ساوڪ جون چَتيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، نه ته سڀ ننڍا وڏا شھر نديءَ جي ويجهو ملندا. وارياسن علائقن ۾ دنيا جون پراڻيون تھذيبون، نديءَ جي ڪناري تي ئي ملنديون. ظاهر آهي ماڻهو جانورن جي ڪڍ ۽ جانور پاڻيءَ جي ڳولا ۾، درياءَ ڏي ڊوڙندا، اچي نديءَ جي ڀر تي رهڻ لڳا. کين لڪڻ يا گهر ٺاهڻ لاءِ ٻيلا به اتي ئي مليا ٿي. هزارين سالن کان ماڻهو پاڻيءَ مان فائدو وٺندو رهيو آهي.
ساڳي طرح اڄ کان هزارين سال اڳ، آفريڪا جي اتر اوڀر وارا علائقا سڪي ٺوٺ ٿيڻ تي ماڻهن ڀڄي، اچي نيل نديءَ جيڪناري تي اجهو ورتو. ساڳي طرح، تمام مٿان، سڄي نيل نديءَ جو فوٽو سئٽلائيٽ ذريعي ورتل ڏسبو ته سڄو سوڊان، نيوبا جو علائقو ۽ سڄو مصر، واري ئي واري جو اڇو پوش لڳندو، جنھن تي نيل ندي ايئن لڳندي ڄڻ ڪنھن گُل جي ڏنڊيءَ سميت چٽسالي ڪئي هجي. خارطوم کان قاهري تائين نيل ندي ڏانڊيءَ وانگر ڊگهي ليڪ لڳندي. قاهري کانپوءِ نيل ندي (بحر روم ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين) ساڄي ۽ کاٻي ڪيترين ئي شاخن ۾ ايئن پکڙجي ٿي وڃي ڄڻ گلاب جو گل هجي.

• مصر، نيل نديءَ طرفان سوغات آهي

هرڪا ندي آخر ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ ايئن گل يا ٽڪنڊي جي شڪل ۾ شاخن ۾ ورهائجي ويندي آهي. نديءَ جي ڇوڙ کي انگريزيءَ ۾ ڊيلٽا سڏجي ٿو، جو شايد اصل يوناني لفظ آهي، جو ندي جي ڇوڙ جي شڪل يوناني الف ب_ ”الفا، بيٽا، گاما“ جي هڪ اکر ”ڊيلٽا“ جھڙي آهي.
اسان جي سنڌو نديءَ ۾ پاڻي گهٽجڻ ڪري سندس ڇوڙ_ جيڪو ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ ٿئي ٿو، ايترو آباد ناهي جيترو گهڻو اڳ عربن ۽ انگريزن جي زماني ۾ هو جڏهن ديبل جھڙا بندرگاهه هئا. ٺٽو، مصر جي قاهري وانگر علم و ادب ۽ واپار جو مرڪز سمجهيو ويندو هو، جتان سنڌو نديءَ جو ڇوڙ يا ٽڪنڊو شروع ٿيندو هو. پورچوگالين ۽ انگريزن جا جھاز سنڌو نديءَ مان اندر اچي، مٿي ملتان تائين هليا ويندا هئا.
نيل نديءَ جو ڇوڙ ايئن آباد آهي، جيئن اڄ ڪلهه ڪلڪتي جي هگلي نديءَ جو ڇوڙ، يا چين جي يانگزي ندي يا برما جي اراوادي نديءَ جو ڇوڙ. هونءَ مصر تمام وڏو ملڪ آهي جنھن جي پکيڙ چار لک چورس ميل جي لڳ ڀڳ ٿيندي پر مٿي بيان ڪيل گل ۽ ڏانڊيءَ (يعني نديءَ جي ويجهڙائي) واري آباد علائقي کان سواءِ باقي رڻ پٽ ئي رڻ پٽ آهي، جنھن ۾ فرعون جي زماني کان وٺي نه ته ڪو رهي سگهيو آهي ۽ نه ڪنھن ٻني ٻاري ٿيڻ جو آسرو آهي. ۽ اهو نيل نديءَ وارو سائو ستابو علائقو چوڏهن هزار ميل مس ٿيندو،جنھن ۾ پوڻا چار ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا. سوچيو وڃي ته جيئن سنڌو ندي سنڌجو ساهه آهي، جنھن جي بنا سنڌ ۾ رهي نٿو سگهجي، تھڙي طرح شروع کان نيل ندي مصر لاءِ موت ۽ زندگيءَ جو سوال رهي آهي. اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ هروڊائٽيس لکيو هو: ”مصر نيل نديءَ جي طرفان سوغات آهي.“ _ ۽ اها ڳالهه اڄ به ساڳي آهي.

• فرعون پٺيان فرعون آيو ٿي

نقشي ۾ ڏيکاريل هن ڊگهي ليڪ_ نيل نديءَ، مصر جي ماڻهن کي ڇا ڇا نه ڏنو ۽ ڇا ڇا نه سيکاريو: تھذيب، تمدن، گڏجي رهڻ ۽ گڏجي هن نديءَ جي ٻوڏن جو مقابلو ڪرڻ جو هنر، جاگرافي، ائگريڪلچر، ٻارا ٻارا ٺاهي پوک جو طريقو _ ٻين لفظن ۾ جاميٽري جو هنر، سائنس، موسميات، علم نجوم_ اڄ به مصر اوڙي پاڙي جي مڙني عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ تعليم ۽ هنر ۾ پنھنجو شان پاڻ رکي ٿو.
هيڏانھن هوڏانھن ڪا اڌ گابري ساهيءَ جي، هي ئي دنيا جو هڪ ملڪ آهي جتي پنج هزار سالن کان لڳاتار ڪنھن نه ڪنھن جي حڪومت هلندي اچي. فرعون پٺيان فرعون آيو ٿي. هڪ گهراڻي حڪومت ڪري بس ٿي ڪئي ته ٻئي گهراڻي وارو ٿي ورتو. فرعونن جي ڊگهي قطار ايرانين ڀڳي. ٻه هزار سالن کان به مٿي، مصر، ڌارين جي حڪومت هيٺ هڪ پرڳڻو ٿي رهيو. ان عرصي ۾ يوناني، رومي، عرب، مملوڪ، ترڪ، فرينچ_ ويندي آخر ۾ انگريز، جن ٽيويھه سال اڳ، نيٺ هن ملڪ جي پچر ڇڏي. بھرحال حاڪم کڻي ڪھڙا به رهيا، پر هيءَ نيل ندي صدين کان ايئن وهندي رهي ۽ مصري_ هن نديءَ جا ماڻهو، انهن ايندڙ ويندڙ حاڪمن جي لاهن چاڙهن بدران نديءَ جي لاهه چاڙهه مطابق پنھنجي زندگي ٺاهيندا ۽ سنواريندا آيا آهن.
اڄ به ڪيترن مصرين لاءِ، مصر تي حڪومت سدا موجود نيل نديءَ جي ئي هلي ٿي ۽ فرعون جي زماني جي هاريءَ ۽ اڄ جي هاريءَ ۾ شايد ڪو ذري ماتر فرق آيو هجي. اڄ به ٻني ننڍن ٻارَن ۾ ورهائي ٿي وڃي، ۽ بي بها پاڻي اڄ به نديءَ مان ڍڳي يا سانَ سان، نار ذريعي مٿي ڇڪيو وڃي ٿو. اڄ به انهن جو ساڳيو اناج کائڻ لاءِ آهي ۽ اڄ به هو ساڳي پوک ”ڪپھه“ ڪن ٿا.

• مصرين جي هر ڳالهه الڳ ٿلڳ آهي

هتي جي تاريخ ۽ نيل نديءَ، هتي جي مصري ماڻهن کي، پھاڙي جي ريگستاني عربن کان جدا طبيعت بخشي آهي. اسان ڌارين لاءِ ٿي سگهي ٿو هڪ شاميءَ کي اردنيءَ کان يا لبنانيءَ کان ڌار ڪرڻ ڏکيو ڪم هجي، جو سڀني عربن جون شڪليون ملن ٿيون ۽ هڪ جھڙا لڳندا. پر مصري انهن سڀني ۾ الڳ ٿلڳ لڳندو_ هن جا نقش ٻين کان مختلف لڳندا. سندس عربي به ٻين عربن کان مختلف لڳندي. هن جي عربيءَ ۾ ڪي فرعون جي زماني جا پراڻا ۽ ڏکيا لفظ ملندا ته ڪي وقت به وقت مصر تي حڪومت ڪندڙ يورپين جي ٻولين جا لفظ ملندا. جيتوڻيڪ ايڪڙ ٻيڪڙ کانسواءِ، مصر مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طرح اسلام مذهب اٿس. پر سندس ماڻهن جون عادتون، رواج، ريتون رسمون پاڙي وارن عرب ملڪن جي ماڻهن کان بلڪل الڳ ٿلڳ آهن.
اڄ به اوسي پاسي جا عرب، پنھنجن پٽن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ قاهره موڪلين ٿا، جيڪو سڄي وچ اوڀر ۾ علم حاصل ڪرڻ جو وڏو مرڪز آهي. الاظھر يونيورسٽي ڏهين صديءَ کان وٺي هلي رهي آهي ۽ آڪسفورڊ، ڪئمبرج ۽ ساريان کان به پراڻي آهي.
Cairo-University ۾ پنجانوي هزار شاگرد تعليم وٺن ٿا ۽ اها يونيورسٽي نه فقط وچ اوڀر ۾، پر سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي_ جنھن جو اعتراف تازو جنوري 1978ع جي ٽائيم رسالي به ڪيو آهي. قاهري جون چار يونيورسٽيون هتي جي گهرج کان تمام گهڻا گرئجوئيٽ ڪڍن ٿيون ۽ هتي جا ڏهه لک کان وڌيڪ گرئجوئيٽ ڀرپاسي وارن عرب ملڪن ۾ وڏن عھدن تي نوڪري ڪري رهيا آهن ۽ پگهار مان پنج ڪروڙ ڊالرن کان به مٿي، هر سال پنھنجي ملڪ (مصر) موڪلين ٿا.
هاڻ هڪ دفعو وري سئيز ڪئنال کلي چڪو آهي، جيڪو مصر اسرائيل جي ڇھن ڏينھن واري جنگ ۾ بند ٿي ويو هو. ان جي ڪمائي بند ٿيڻ جو اثر نه فقط مصر جي ايڪانامي تي ٿيو پئي پر سڀئي ملڪ پريشان ٿي ويا هئا، جو جھازن کي سڄي آفريڪا جو ڦيرو ڪرائڻ ۾ نه فقط پئسو پر ڪيڏو وقت پڻ ضايع ٿي ٿيو. اسان جھڙن جھازين جو به هاڻ ڀلو ٿي ويو، نه ته يڪ ساهيءَ هل هلان هوندي هئي. هاڻ ته يورپ ڄڻ سڏ پنڌ تي ٿي پيو آهي_ خاص ڪري فرانس، اسپين، اٽلي، ترڪي، روس، رومانيا، يوگوسلاويا، آفريڪا جا لبيا، تيونس ۽ الجيريا وغيره.
اسين اسڪندريه بعد ٻه کن ٻيون ڊگريون (120 ناٽيڪل ميل) هلي پورٽ سعيد وٽ لنگر ڪيرائينداسين، جتي ٻيا به ڪيترائي جھاز قطار ۾ پنھنجي پنھنجي واري اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هوندا. پوءِ جھازن جو قافلو هڪ ئي رفتار سان آهستي آهستي سئيز ڪئنال پار ڪرڻ تائين گڏ هوندو ان کانپوءِ هرڪو ٽڙي پکڙي ويندو_ پنھنجي رفتار ۽ منزل مطابق.


• عرب ۽ عربي زبان

ڪو وقت هو جو غريب عرب ڪنھن کي ياد به نه هو. پر ڏسندي ئي ڏسندي ”پيٽرو_ڊالر“ عربن کي مشھور ڪري ڇڏيو آهي، مغرب، جيڪو عربن تي چٿرون ڪندو هو، تنھن کي عربن جي هاڻ هر ڳالهه وڻي ٿي. ايتريقدر جو انگلنڊ جي عورتن جي رسالي جي ايڊيٽر، شيخ يمنيءَ جو انٽرويو وٺڻ لاءِ خاص رياض هلي آئي. ٻيو ته ٺھيو، پر هن هر شيءِ جي واکاڻ ڪئي آهي، ويندي عربستان جي وارياسن پٽن، جهَڪُن ۽ جهولن تائين لکيو اٿس ته هتي جي موسم ڏاڍي سٺي آهي. اها مغربي پريس جيڪا هميشه غلط تاثر ڏيندي رهي ٿي ته عرب ڪٽر قسم جا Orthodox آهن، جاهل آهن، غير مھذب آهن، هن کي هاڻ ڏسندي ئي ڏسندي عرب وڻڻ لڳا آهن.
اهو عرب جيڪو هونءَ هوائي جھاز ۾ چڙهندو هو ته مغرب جا اُن تان کِلون ڪندا هئا ته هي اُٺ تي چڙهڻ وارو هتي ڪٿان، سي ماڳھين پنھنجيون هوائي ڪمپنيون انهن عربن جي رحم ڪرم تي هلائي رهيا آهن. ۽ ڪيتريون ئي هوائي ڪمپنيون اشتھارن ۾عرب به ڏيکارين ٿيون. هڪ هوائي ڪمپنيءَ جي اشتھار ۾ عرب شڪرو جهلي جھاز اڳيان بيٺل ڏيکاريل آهي. هڪ ڏور اوڀر جي هوائي ڪمپنيءَ ته ماڳھين هڪ عرب کي وچ ۾ وهاري ملايا کان وٺي جپان ڪوريا تائين ملڪن جي هڪ هڪ ايئرهوسٽس چوڌاري وهاري اهو ڏيکاءُ ڏنو آهي ته هر ايئرهوسٽس هن جي خذمت لاءِ آتي آهي.
عربي زبان هاڻ ايتري مشھور ٿي رهي آهي جو يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ پڙهائي وڃي ٿي. ٽائيم ۽ نيويارڪ جھڙن آمريڪي انگريزي رسالن ۾ عربي اشتھار اچڻ لڳا آهن. لورپول جي ريلوي اسٽيشن ۽ مانچسٽر جي هوائي اڏي تي، اتي جيشين جا اشتھار عربي زبان ۾ لکيل آهن. انگلنڊ، آمريڪا ۽ هانگ ڪانگ جي ڪيترين هوٽلن جا ‘مينو’ عربي زبان ۾ آهن.
لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ هجي يا ٽوڪيو جي گنزا. شل نه ڪنھن دڪاندار جي، ٻاهر لنگهندڙ عرب تي، نظر پوي. در تان وڃي منٿ ميڙ ڪري وٺي ايندس. اڳ ۾ اهو ڪم آمريڪن ڪند اهئا_ مثال طور ٽئڪسي واري کي ڀاڙي کان وڌيڪ ٽِپ ڏئي، هن کي پنھنجو ڪرڻ، سو هاڻ عرب ڪري رهيا آهن. هڪ عرب، لنڊن ۾ هوٽل ڇڏڻ وقت، هوٽل جي بئري کي نئين ورتل رولس رالس ڪار Tip ۾ ڏئي ڇڏي. نتيجي ۾ هاڻ انگريز، آمريڪن، جپاني، جرمن بئرا، ٽئڪسي ڊرائيور، دڪاندار، مزور، پنھنجي هم وطنيءَ کي ڇڏي، عرب اڳيان پٺيان ڦرن ٿا. توهان ڀلي کيسي خالي، کٽل هجو پر تماشو ڏسڻو اٿانوَ ته عربن وارو ڊگهو جبو پائي انگلنڊ جھڙي خوددار ملڪ جي ئي ڪنھن بازار مان لنگهو.
سڀ کان وڌيڪ تعجب کارائيندڙ نظارو: لنڊن ۽ نيويارڪ جي سب وي ۾ ڪنھن پوڙهي انگريز يا آمريڪن پالش واري کان عرب ويٺو جوتا پالش ڪرائي!!

ڪولمبو_ سري لنڪا

• سر! گڊ سلوني گرلس

ٽي بجي، سيڪنڊ انجنير شعيب کي فون ڪيم ته ٻاهر هلڻ جو ارادو آهي يا نه؟ در اصل ڪولمبو ۾ آئي ايترا ڏينھن ٿي ويا آهن جو هاڻ ڪيترن ٻاهر نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هرڪو جھاز جي رواني ٿيڻ جو انتظار پيو ڪري_ پر سائين اڳيان به سري لنڪا جا مزور آهن، جيسين آفت جيڏي جھاز کي سامان سان ڀرين.
”هلون ته هلون ڪيڏانھن؟“ سيڪنڊ انجنير پڇيو.
”بس نڪري ٿا پئون. هڪ ته هيئر ڪٽ ڪرائينداسين. شاپنگ به کڻي ڪنداسين. چانھه، مصالو وغيره جي“
بندرگاهه جي لانچ اچڻ ۾ اڃان اڌ ڪلاڪ هو. هيٺ ڏاڪڻ وٽ آياسين ته پرائيويٽ لانچ بيٺي هئي. پنج پنج رپيا ڏئي چڙهي پياسين ۽ اچي پئسينجر جيٽي تي لٿاسين. ڪسٽم ڪائونٽر مان لنگهندي ٻاهر نڪتاسين. ميرين، ڦاٽلوردين ۾ هيڏانھن هوڏانھن وائڙن وانگر بيٺل ڪسٽم آفيسر، پنھنجا پيلا ڏند ڪڍي ڦڪي مرڪ ڏني۽ هڪ همراهه چپنتي ساڄي هٿ جي ڏسڻي ۽ وچين آڱر رکي سگريٽ ڇڪڻ جو اشارو ڪيو. يعني سگريٽن لاءِ گهُرَ ڪئي. سيڪنڊ انجنير هڪ ٻن کي سگريٽ ڪڍي ڏنو. اهو هنن لاءِ ايڏو ٿورو هو جو مھرباني چوندي چوندي قربان ٿي ٿيا. هڪ ته آهستي اچي ڪنن ۾ ڦسڪو هنيو ته جيڪي وڻانوَ سو وٺي اچجو، منھنجو نالو جوزف آهي. توهان کان ڪجهه ٽئڪس نه وٺنداسين. بس ڪجهه شيونگ بليڊ سڀاڻي ڏجو.
ڪولمبو پھچي خبر ناهي ڪيترا دفعا ڏينھن ۾ دعا گهرندو آهيان ته منھنجا مولا ڪنھن ملڪ جي معاشي حالت خراب ٿيڻ کان پناهه ۾ رکجانءِ. هڪ ملڪ کي سڌرندي يا ترقي ڪندي ته پيڙهيون لڳي وڃن ٿيون پر ڊهندي ويرم ئي نٿي لڳي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جي ملڪ کي هيڏا لوڏا آيا آهن پر ڪا ته آسماني طاقت ضرور آهي، جنهن جي رحم ڪرم هيٺ اڃا تائين ڪنھن حال ۾ آهي. اهو سوچيندي گيٽ نمبر پھرين (پئسينجر ٽرمينل) کان ٻاهر نڪتاسين. ڪجهه ٽئڪسين وارا ۽ ڪجهه استعمال ٿيل پوسٽ_ ٽڪليون، رسالا، دهلڙيون ۽ ناريل جا رانديڪا وڪڻڻ وارا بيٺا هئا. هرڪو ٽئڪسيءَ وارو پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳو.
”سر هيئر. مائي ٽيڪسي ويري گڊ.“
(Sir here. My Taxi very good)
”نه. ٽيڪسيءَ جي ضرورت ناهي.“
”اوڪي گرل؟ گڊ سلوني گرلس، سر؟“
ڪاريون، سنهڙيون، بدبودار، هڏاوان پڃرا، ائناٽامي ڪتاب جي ٽائٽل ڪور جون تصويرون، Unbalance Diet جو جيئرو جاڳندو ثبوت_ ۽ ها، سفليز ۽ سستي ميڪ اپ سان ٿڦيل_ سلون جي اسٽينڊرڊ کان شايد اهي ”گڊ گرلس“ هجن. ۽ سندن سولو شڪار_؟ Sailor. هڪ رات جي مزي بعد سڄو مھينو پينسلين جون سيون هڻائيندو رهي يا سمنڊ تي سور جي عذاب ۾ تڙپندو رهي. نه فقط پنھنجي پر پنھنجي اولاد جي زندگي به تباهه! اڄڪلهه سفليز مرض_ بادِ فرنگ بدران بادِ سلون، بادِ ٿائلنڊ، بادِ فلپين، بادِ هندستان، بادِ غربت_ بادِ مشرق هئڻ گهرجي. ۽ انهن ڪارين ڪوجهين بدبودار بيمار ڇوڪرين سان نفرت ڪرڻ گهرجي يا همدردي_؟! ان ۾ آخر سندن ته ڏوهه ناهي. پر معاشري جو، معاشيات جو، ملڪي سياست جو سمجهڻ کپي. تڏهن ته سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان، جرمني، اٽليءَ جون ڇوڪريون جي اڄ کان ويھه پنجويھه سال اڳ، مانيءَ جي ڳڀي يا ڦاٽل چولي چئمپل تي پنھنجو جسم وڪڻي ڇڏينديون هيون، سي اڄ هزارين رپين ۾ به توهان جي مرضيءَ جو ساٿ نه ڏينديون. توهان ڪنھنجيون بنيادي گهرجون پوريون ڪريو، پوءِ ڪا رنڊي ٿئي، پوءِ ڪو چور ٿئي ته ان سان نفرت ڪريو.

• چئن شادين تي به سري لنڪا جو وارو نه ايندو

ٻه ننڍڙا ڇوڪرا، اٺ ڏهه سالن جا، اڳيان رستو جهلي بيھي رهيا. ”سر مساج گرلس. ويري نيئر ڪَم ڪَم.“
بھرحال اهي روزمره جا دستوري جملا ٻڌندا اسان هلندا رهياسين. هڪ غريب ملڪ ۾ ڌاريون ٿي اچڻ ڪيڏو عجيب آهي. يا ته جيسين ڪو اسان وانگر عادي ٿي وڃي. سيڪنڊ انجنير کان پڇيم ته پنڌ ئي هلندو يا ٽئڪسي ڪجي.
”پنڌ. جھاز تي ته اڄ ڪلهه هلڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. سڄو جھاز جو ڊيڪ، ڪارگو سان ڀريل آهي.“
بھرحال ويجهي رستي لاءِ بندرگاهه جي هڪ عمارت مان اندران لنگهي، اچي بندرا نائڪي گيٽ ۽ ٽئپرويين هوٽل جي وچ ۾ پھتاسين. ڪنھن زماني ۾ ٽئپروبين ۽ گال فيس هوٽلون هتي جون بلي بلي هوٽلون هيون. سائين وڏي ڳالهه سمجهيون وينديون هيون، جيئن ڪراچيءَ جي برسٽل، ميٽروپول ۽ خيبر، زميندار وغيره. پر هاڻ ته انٽرڪانٽينينٽل، هاليڊي اِن، لنڪا اوبيراءِ جھڙيون انٽرنيشنل ساک ۽ سونھن جون هوٽلون کلي پيون آهن. انهن وڏين هوٽلن کان سواءِ ڪيتريون ئي ننڍڙيون هوٽلون ۽ مسافر خانه: ايلفينٽ واڪ هوٽل، نيولئنڊس هوٽل، پئرامائونٽ، هريندرا هوٽل ۽ مسافرخانو، حباش اِن، وغيره وغيره_ جن ۾ ڪڏهن توهان ويدنائو ته مئنيجر جو پھريون سوال: ”يو وانٽ اِٽ فار شارٽ ٽائيم آر فل نائيٽ_ چند ڪلاڪن لاءِ ڪمرو گهرجي يا سڄي رات لاءِ؟“ ٻڌي توهان سمجهي ويندائو ته توهان ڪٿي بيٺا آهيو ۽ ڪھڙي موڙ تي.
ٽئپروبين هوٽل جي سامهون پارڪ اسٽريٽ تي اسان جي ڪتابن جي هڪ پرستار ارجن جو دڪان `Attraction` نالي آهي. سندس وڏا سنڌ ورڪي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ، ٻين ڪيترن سنڌين وانگر، هتي ڪولمبو ۾ اچي Settle ٿيا هئا ۽ هتي جي زبان سنهالي ۽ پنھنجي مادري زبان سنڌي ڳالهائين. سيڪنڊ انجنير کي چيم ته ارجن کان چانھه وٺندا هلون.
سندس دڪان تي اسان جي جھاز جا ٻئي ڊيزل مڪينڪ: دائود ۽ بخشي بيٺا هئا. هو خريداريءَ بعد دڪان ۾ ڪم ڪندڙ سلوني ڇوڪرين سان جهَڳي هڻي رهيا هئا. اسان کي ڏسي ٻاهر ٿي نڪتا، پر سيڪنڊ انجنير کين جهلي چيو ته اسان ڪري ڀڄو نه. ننڍ وڏائي فقط جھاز تي ڊيوٽي مھل رهڻ کپي. ٻئي همراهه بيحد محنتي، پڙهيل ڳڙهيل، سٺي خاندان جا، بيحد چرچائي ۽ خوبصورت جوان آهن. مختلف اسٽائيل ۽ فئشن جا ڪپڙا پائڻ جا شوقين. انهي وقت به ٿڌي آسماني رنگ جا هڪ جھڙا ڪپڙا پھريل هين. کانئن خريداريءَ جو پڇيوسين.
بخشيءَ کلندي چيو: ”سر هتي ته چانھه کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو وٺي سگهجي.“ سندس کِل ۾ سخت ٽوڪ هئي.
پنج سال اڳ، جڏهن کان هِن، اسان واري جھاز ران ڪمپني ڀرتي ڪئي آهي، هيءُ مون سان چوٿون سفر اٿس. پھريون دفعو جڏهن هڪ ٻئي جھاز تي هئاسين ته آئون ٿرڊ انجنير هوس. سڄو ڏينھن انجڻ روم ۾ مشينن تي گڏ ڪم ڪندا هئاسين ۽ چرچا گهٻا پڻ.
ڪڏهن ڪڏهن رات جي وقت امرجنسي ۾، جوشيلي سمنڊ ۾، انجڻ جي ڏکين حصن ۾ _ جتي ٿڌو پاڻي، ڪوسو تيل يا ٻاڦ Leakٿي رهي هجي، ۽ ٻيو ڪو ڪم کان منھن ڦلهڙو ڪري، اتي اسان وارو هي بخشي، پھرين سڏ تي مرڪندي انجڻ روم ۾ داخل ٿيندو۽ مانيءَ ۽ ننڊ جي فڪر کان بي پرواهه ٿي تيسين ڪم ۾ لڳو رهندو جيسين مشينريءَ جو مونجهارو صحيح ٿئي. اڄ آئون جڏهن چيف انجنير ٿي ويو آهيان، تڏهن به ساڻس ساڳيا چرچا ڀوڳ قائم آهن_ پر ڊيوٽي ٽائيم بعد. سندس چرچن جو پنھنجو نمونو هوندو آهي. اڳ دفعي جڏهن ڪولمبو ڇڏي رهياهئاسين ته لنگر کڻڻ وقت بخشيءَ کلندي چيو: ”سر! ڪولمبو کي موهن جو دڙو ٿيڻ ۾ باقي ڪي چند سال ٻيا.“
مون ان بابت ته سوچيو به نه هو. سامهون ڪولمبو بندرگاهه جونکنڊهرن جھڙيون عمارتون سالن کان رنگ پوچيءَ لاءِ سڪي رهيون هيون. ڇتين جون ڪريل ڪمانون ۽ ڪامون، ڀتين جا لٿل چاپوڙا، دونھاٽيل چِمنيون ۽ مينھن ۾ سنياريل دروازا ڏسي، بخشيءَ جي چرچي تي کِل آئي. ۽ هاڻ وري سندس ان جملي: هتي چانھه کان سواءِ ٻيو ڇا وٺجي ۾، لفظ ”هتي“ تي زور. چيومانس، ”ڇو اچي ڪولمبو جي پويان پيو آهين.“
”آئون؟ سائين توبانھه ڪريو. آئون ته ڪولمبو جي حسن ۽سونھن جو مداح آهيان.“ ائين چئي هن پاسيري اکين سان دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ٻُڌ ڇوڪرين: رينا ۽ سنيلا ڏي ڏٺو. هُو_ ساڙهيءَ ۾ سمارٽ لڳي رهيون هيون، سھڻيون هرگز نه. اسان جي اڙدو سمجهي ته نٿي سگهيون، پر لھجي مان محضوظ ٿي رهيون هيون.انگريزيءِ ۾ کانئن پڇيومان ته هن اسان واري همراهه توهان کان پنھنجي زال لاءِ به ڪجهه باتڪ جا وڳا وغيره ورتا آهن يا نه.
”ڪپڙو ۽ سري لنڪا مان“ ڇوڪرين بدران، بخشِيءَ پنھنجي ٻنهي ڪنن جي پاپڙين کي ڇڪيندي (توبه زاري ڪندي)، چيو. ڇوڪرين کِلندي چيو ڇا هن جي شادي ٿيل آهي؟ بخشيءَ کان يڪدم اڙدوءَ ۾ پڇيم ته ڪٿي معاملو خراب ته نه پيو ڪريان؟
”نه سر. خدا جو قسم اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. ضيا صاحب چار شاديون ضروري ڪيون ته به سري لنڪا جو وارو نه اچي سگهندو.“
”اسان کي ته هن اها ڳالهه ٻڌائي ڪانه.“سنيلا چيو.

• رک صندليءَ تي پير

”ان ڪري جو متان توهان سندس سلوني گرل کي ٻڌايو جيڪا هتي توهان جي ئي اوسي پاسي ۾ ٿي رهي.“
”کڻ ٻڌا جو قسم“ هاڻ بخشي کي ورائي ويون. ارجن چيوته هنن کي ٻه ڏينھن کن موڪل ڇو نٿا ڏيو ته ڪئنڊي، هِڪَدوا وغيره ڏسي اچن. اتي جا چانھن جا باغ ڏسڻ وٽان آهن.
”سڄي Voyageموڪليون ڪيون اٿن_نيويارڪ کان ڊئنمارڪ تائين. ان هوندي به هڪ ڏينھن جي موڪل تي به هي حال آهن. هنن کي ڪئنڊي وڃي چانھه جو باغ ڏسڻ جو شوق ٿورو ئي آهي. اجايو توکي به ٻه ڏينھن دڪان بند ڪرڻو پئجي نه وڃي.“
سيڪند انجنير تيسين چانھه وٺي دائود کي ڏني ته جھاز تي کڻي هلي ۽ اسان پاسي واري گهٽيءَ ۾ حجام جي دڪان تي وار ٺھرائڻ لاءِ چڙهياسين. حجام اڇي ڪوٽ، گوڏ، تنھن مٿان بيلٽ (پر بوٽ بنا) در وٽ ئي بيٺو هو. ڪرسيءَ تي وهاري ڪوٽ کي سڌو ڪندي چيائين: ”مشين خرابٿي پئي آهي، ڪئنچيءَ سان وار ڪتريان؟“
کيس دل ۾ گهٽ وڌ چئي، سيڪنڊ انجير کي چيم ته يار هڪ ته مٿي تي وار لڀن ڪونه، ۽ جيڪي بچيا آهن، اهي هل ته ڪنھن ٻئي هنڌ فضيلت سان ڪترايون. اڃان ڇھه نه ٿيا آهن. انٽر ڪانٽينينٽل جو باربر شاپ کليل هوندو.
چاتام روڊ وٺي مٿي سمنڊ جي ڪناري تي ٺھيل ”هوٽل انٽرڪانٽيننٽل ڏي آياسين. رستي تي ڪيترائي هِپي ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ ٽورسٽ هلڪي ڦلڪي لباس ۾ رستن تي وائڙڻ وانگر ڦري رهيا هئا. ڪي هٿ جا ٺھيل رانديگا، هتي جا مشھور مڻيا، پٿر ٻُڙا وٺي رهيا هئا. هوٽل سال سايل، نيو چائنيز شاپ، هردرماڻي شاپ ۽ ٻيا دڪان لنگهي ’پي_بي فئشن شاپ‘ نالي هڪ سنڌيءَ جي وڏي دڪان تي چڙهيس. سڄي ڪولمبو ۾ رڪارڊن، ڪئسٽن ۽ ڪپڙن جو هي وڏو دڪان آهي، جتان انگريزي، سنهالي، تامل کان سواءِ اڙدو، هندي ۽ سنڌي گانن جا ڪئسٽ ملڻ جي به اميد هئي.
”سنڌي ڪئسٽ هوندا؟“ مون پنجويھن سالن جي سن وارن، ٻن سنڌي ڇوڪرن کان پڇيو. ٻه ٽي هندي فلمن جا ڪئسٽ ڪڍي ڏيکارين ٿا. تعجب به لڳي ٿو ته ڪجهه چڙ به. آءٌ کين انگريزيءَ ۾ سمجهايان ٿو ته هندي نه سنڌيءَ جا. ڇا توهان سنڌي نٿا سمجهو_؟ هڪ جواب ڏيڻ بدران هليو ويو، ٻئي بي رخيءَ سان چيو: ”خبر ناهي هي سڀ پيا آهن. هنن ٻن مان شايد ڪو هجي.“
انهن ٻن مان هڪ پنجابي ۽ ٻيو سنڌيءَ جو هو. جاچڻ لاءِ ڪئسٽ رڪارڊر ۾ وجهي وڄائين.
”رک صندليءَ تي پير_ منھنجا مور لاڏا.
چَپ چور، مُڇ موڙ_ منھنجا مور لاڏا.“
وري سوکن انگ اڳتي هلائي ٻئي هنڌ وڄڻ لاءِ دٻائي ٿو:
”ٽپالي گهوٽ جو خط ڏيکار_ دل گهري توکي خرچي ڏيندس.“
سڀ گانا ڀڳونتي ناواڻيءَ جا هئا. کانئس وري پڇيم ته آيا هن وٽ ڪي ٻيا به سنڌي ڪئسٽ متان هجن.
”منھنجي ڀاءُ کي شايد خبر هجي.“

• اها سڌ اسان جي وڏن کي

ڀر واري ڪمري ۾ ٺھيل آفيس ۾، انهن ڇوڪرن جو وڏو ڀاءُ فرينچ ڪٽ ڏاڙهيءَ ۾، ڏينھن جي ڪمائيءَ جو ليکو ڪري رهيو هو. مون کانئس سنڌي رڪارڊن جو پڇيو. هن مون ڏي پھرين تعجب مان چتائي ڏٺو، لڳو ته هن کان اڳ ڪنھن به سنڌي رڪارڊرن جو نه پڇيو هجي.
”نه.“ هن مختصر ۽ رکو جواب ڏنو.
”ڇو ڀلا هتي هيترا سنڌي رهن ٿا پر راڳ گاني جو شوق نه اٿن ڇا؟“ مون کي ائين لڳو ڄڻ آئون هڪ غلط سوال ڪري ويٺس. دڪاندار ڪنڌ سان ’نه‘ ڪري وري پئسا ڳڻڻ شروع ڪيا پر مون کي اڃان اتي ئي بيٺل ڏسي ٻڌايو:
”هي هڪ ڪئسٽ خبر ناهي ميلواڻيءَ (سنگاپور کان) ڪيئن موڪليو آهي. اسان کيس هندي ۽ انگريزي ڪئسٽن لاءِ لکيو هو.“
آئون ڪئسٽ جا، سلوني اٺاويهه رپيا ۽ پنجاهه سينٽ ڏئي هيٺ لٿس. سيڪنڊ انجنير، در وٽ لڳل گرو گوبند سنگهه جي وڏي تصوير ڏسي رهيو هو. ڀر ۾ ڪنھن سنڌي پير جي تصوير لڳل هئي. هانگ ڪانگ، سنگاپور، لاس پاماس (اسپين) ملايا ۽ ڪيترن ٻيٽن تي سنڌي هندو مليا هوندا جن جا روحاني رهنما مسلمان پير، سيد، شاهه آهن.شاهه لطيف ۽ سچل جي مريدن کان سواءِ هالن جي مخدومن ۽ پير پاڳاري جا به ڪئين مريد جتي ڪٿي مليا هوندا.
در وٽ ئي بيٺل هڪ ٻئي سنڌي همراهه کان ان تصوير بابت پڇيم ته ڪنھن جي آهي.
”خبر ناهي. اها سُڌ اسان جي وڏن کي.“

• اهو منھنجو مڙس آهي

ٻاهر فٽ پاٿ تي هڪ جوڳي واسينگ نانگ رکيو ويٺو هو ۽ يورپين ان جا فوٽا ڪڍي رهيا هئا. کين ڌڪا ڏئي، پير چپي، ميڙ کان ٻاهر نڪتاسين. ڪنڊ تي نانڪنگ هوٽل ۾ ڪجهه جھازي، ڪجهه سياح ۽ ڪجهه سلوني ماني کائي رهيا هئا. هن چيني هوٽل جو فرينچ مالڪ، ڪائونٽر تي بالم ٿيو ويٺو هو. نانڪنگ هوٽل جي اها فائدي واري ڳالهه آهي ته سندس ڦاٽڪ جيڏين درين مان رستي تان لنگهندڙ، اندرين کي ۽ اندريان ٻاهرين کي هر وقت ڏسي سگهن ٿا. ان ڪري ڪنھنجوانتظار ڪرڻو هجي يا رستي جو واءُ سواءُ لھڻو هجي ته نانڪنگ ۾ هلي وهجي. نانڪنگ هوٽل جي پاسي ۾ بئرن ۽ رانديڪن جي دڪان جي مسلمان مالڪڻ ماسيءَ، اسان کي ڏسي سلام ڪيو ۽ خير عافيت پڇي. سڄي ڪولمبو ۾ پاڻ صحتمند آهي عمر سندس چاليھه ۽ پنجاهه سالن جي وچ ۾ ٿيندي. اسان کان پڇيائين ته ”زيارت“ جھاز ڪڏهن ٿو اچي.
”خبر ناهي.“ مون رستي تان ئي جواب ڏنس.
”ڇو_؟“ سيڪنڊ انجنير، جو پھريون دفعو هتي آيو آهي، تنھن وائڙاو ٿي پڇيس.
”ان تي منھنجو هڪ دوست آهي.“ ماسيءَ وراڻيو.
سيڪنڊ انجنير کلندي مون کي آهستي چيو : ”مار! پوڙهي ڏاڍي شوقين ٿي ڏسجي.“
”خبر اٿئي، پاڻ واري بخشيءَ کي ذري گهٽ موچڙا ٿي هنيائين. بخشيءَ پڇيس:’ماسي ٻار گهڻا اٿئي؟‘ چيائين : ’هڪ پٽ اٿم‘ تنھن تي هو ڇوڪرو جيڪو سندس اڳيان دڪان جون شيون صحيح ڪري پيو رکي، تنھن ڏي بخشيءَ اشارو ڪري چيس ’هي آهي تنھنجو پٽ؟‘ ته دانھن ڪري چيائين:
`No he is my husband`سو اهي آهن ماسيءَ جون ڳالهيون.“
نانڪنگ هوٽل کان ٿورو اڳيان، سيلانڪو هائوس جي سامهون واري بس اسٽاپ وٽ هڪ همراهه مون کي پاسو ڏئي ڊالر مٽائڻ لاءِ چيو: ”هيلو! چئينج مني؟ ويري گڊ ريٽ! ٽوئنٽي رپيز فار ون ڊالر.“ آئون انڪار ڪري رهيو هوس ته ايتري ۾ سيڪنڊ انجنير رستو ٽپي اچي اسان تائين پھتو ۽ يڪدم هن همراهه جي ڳٿر ۾ هٿ وجهي: ”يو ايڊيٽ. چيٽر...“ وغيره، خارن مان چئي کڻي ڌڪو ڏنو.
آئون وائڙو ٿي ويس ته اسان جو سيڪنڊ انجنير جيڪو عمر ۾ مون کان به وڏو آهي، بيحد شريف ۽ ٿڌي طبيعت جو آهي. گذريل ڏهن سالن ۾، ڪيترن جھازن ۽ ملڪن ۾ ڪيترائي دفعا ساڻس گڏ رهڻ ٿيو آهي پر ڪڏهن به کيس مون ڪاوڙيل نه ڏٺو هوندو. سو اڄ هڪ ڌارئين همراهه کي اجايو لڳاتار گاريون ڪيئن ڏيندو ويو. ۽ وري اڳلي به ڪجهه نه ڪڇيو. سيڪنڊ انجنير کان پڇيم:
”يار ڳالهه ڇا آهي__؟“
”هي وڏو چور اٿانوَ، اسان جا ارڙهن ڊالر کائي ويو آهي.“ سيڪنڊ انجنير ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندي وراڻيو.
مون سندس ڳالهه ئي نه سمجهي. چيومانس:
”پوءِ هينئر کيس ڇڏي ڇو ڏنئه. جهليونس؟“ پر سيڪنڊ انجنير ماٺ ٿي ويو. ڪو به جوابنه ڏنائين، ويتر وچ ۾ ٻيون ڳالهيون اچي نڪتيون ۽ اهو عنوان ئي وسري ويو. انٽر ڪان به اچي وئي، سو هوٽل ۾ گهڙي سڌو ”باربرشاپ بيوٽي پارلر“ ۾ آياسين.

نيمالا، اتپالا ۽ ذواجالا_ سريلنڪا جون حجام ڇوڪريون

هڪ پاسي سنگلي (هتي جي مڪاني ٻُڌ) ڇوڪري، ڪنھن عورت جي وارن جا ڇلا ڇلا ٺاهي رهي هئي. سامهون ڀِت تي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪ تي لڳل ميڊيڪل ڊگريءَ وانگر، ڪم جي ساک جو سرٽيڪيٽ هو: ”مئنيوئل ڊي سلوا“
Licensed cosmetologist and specialized, hair colourist California. (U.S.A)
اسان جھڙن غريب ملڪن ۾ فقط هنر ۾ هوشياري شايد نٿي هلي. ان سان گڏ ڪنھن وڏي ملڪ جو ليبل پڻ ضرور هجڻ گهرجي. گذريل چوٿي صديءَ ۾ حجام ’هيئر ڊريسر‘ مان، ’بيوٽيشن‘ ٿي ويو آهي. درزي، اُستي ۽ ٽيلر ماسٽر مان ’ڪلاٿ ڊزائينر‘ ٿي ويو آهي. نوڪر، بئري ۽ ويٽر مان اسٽيورڊ ٿي ويو آهي. اهي اسان جھڙن غريب ايشيائي ملڪن جا ئي ڪرشما آهن.
فقط وڪٽر موجود هو ٻيو حجام شايد گهر وڃي چڪو هو. وڪٽر حجام (جنھن کي هتي نئين ايجاد ڪيل عھدي مطابق ”آپريٽر“ سڏيو وڃي ٿو)، کي چيم ”تنھنجو پگهار ته اهو ئي ٽي سؤ رپيا هلندواچي، پر هيئر ڪٽ جا پئسا گذريل ٽن سالن ۾ هوٽل وارن پنڌرهن رپين مان پنجويھه رپيا ڇو ڪري ڇڏيا آهن؟ هاڻ ته منھنجي مٿي تي هڪ ڀاڱي چار وار به نه رهيا آهن. مون کان پئسا به ان حساب سان وٺندا ڪيو.“
”صفا نه ڏيو.“ وڪٽر کلندي چيو.
”پر تنھن جي ڪئشير صاحبه ته اڳواٽ ئي بل ٺاهي ڇڏيو هوندو.“ ڪئش تي، پاسي کان سويازا_ سلوني ڇوڪري ويٺي هئي، تنهن دانھن ڪري چيو ته “ڏهه سيڪڙو ٽپ جا به لکي ڇڏيا اٿم.“
”هي تنھنجو نيمالا، آتپالا، نراجالا ۽ ٻيون ٻوڌي ڇوڪريون ڪيڏانھن لڪي ويون آهن. هڪ کي سيڪنڊ انجنير جي هيئر_ڪٽ لاءِ ته موڪل.“
”سڀني جي شادي ٿي وئي ۽ نوڪري ڇڏي ڏنائون.“
”۽ تنھنجي، سويازا__؟“
”منھنجي به ٿي وئي، وڃڻ وقت کاٻي هٿ جي ٻاچ ۾ منڊي ڏسندو وڃجانءِ.“
”تو نوڪري نه ڇڏي آهي؟! يا تو وري مڙسين کي نوڪري ڇڏائي آهي_؟“
”نه اهو به ڪري پيو ته آئون به. اڄ ڪلهه جي ڳاٽي ڀڳي مھانگائي جي زماني ۾ اڪيلي جو پگهار ڪٿي ٿو پورو ٿئي.“
سيڪنڊ انجير کي چيم ته يار هوءَ پئسن واري ڳالهه ته ٻڌاءِ.

• اهڙي ٺڳ کي انعام ملڻ کپي

”ان تان لھي وڃو. در اصل چيف آفيسر ۽ مون سان دوکو ٿيو هو. ۽ چيف آفيسر جهليو آهي، ٻڌائڻ کان.“
مون کان کِل نڪري وئي. ”اوهان سان دوکو! ڏاڍي ٻڌائي. توهان ٻئي جھاز جا سياڻا ٿي ڪري توهان کي ڪو ٺڳي ويو. اهڙي ٺڳ کي ته انعام ملڻ گهرجي.“
”بس ڪڏهن ڪڏهن، ’سياڻو ڪانگ گونھه کائي‘،وارو حساب ٿي ويندو آهي.“
”پوءِ ته اها ڳالهه ٻڌائڻي پوندءِ. اها ته لکڻ جھڙي هوندي.“ مون وري ٽھڪ ڏيندي ايلاز ڪيامانس. وڪٽر ۽ سويازا به تعجب مان پڇڻ لڳا ته ڇاهي.
”سم ٿنگ گريٽ هئز هئپنڊ. پر توهان جي ٻڌڻ جي ناهي.“
”نه. تون وري ڪتابن ۾ لکندين”.
”ڪتابن ۾ ته اهڙيون ڳالهيون ضرور لکبيون جيئن پنھنجن تجربن ۽ جٺين مان ٻين کي ڄاڻ ۽ سمجهه پوي. باقي نالا کڻي اصلي نه لکبا. سو فڪر ڇاجو. اڃان به اعتراض هجي ته اها ڳالهه پنھنجي نالي ڪري لکان ته ويڌن مونسان ٿي. بس؟“
”نه. اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي. ان ڏينھن، يعني پھرين ڏينھن چيف آفيسر ۽ آئون ٻاهر نڪتاسين، ته هي همراهه رستي تي ملي ويو_ يارڪ اسٽريٽ تي ’رجسٽرار آفيس‘ جي اڳيان. اسان کي پئسا مٽائڻ لاءِ چوڻ لڳو ته ڊالر جا ويھه رپيا ڏيندس. اسان به سوچيو ته سودو سٺو آهي. اسان کي هڪ لفافو ڏنائين ته ڊالر ان ۾ وجهي ڏيو، جو پوءِ پنھنجي کيسي ۾ وجهي، ڀڄڻ وارو هو ته مون کڻي جهليومانس ۽ پئسا واپس گهرڻ تي لفافو ڪڍي چيف آفيسر کي ڏنائين. چيف آفيسر کان به پڪ ڪيم ته پئسا مليا ته هن هائوڪار ڪئي. مون ته سمجهيو ته چيف آفيسر پئسا ڏٺا هوندا. پر هوٽل تي پھچي پئسا ڪڍڻ لاءِ لفافو کوليوسين ته ان مان نوٽن بدران پنن جا ٽڪرا نڪتا. در اصلاٽڪل ڪري پئسن وارو لفافو کيسي ۾ لڪائي ان بدران اڳواٽ تيار ڪيل پنن وارو لفافو هن ڪڍي ڏنو ۽ اهڙي طرح اسان کي بيوقوف بنايائين.“
”پر جي اهو ماڻهوساڳيو هو، جو هينئر مليو ته پوءِ ڇو ڇڏيس؟ پوليس ڏي وٺي هلونس ها.“
”پوليس هتي نظر ئي ڪٿي ٿي اچي ۽ ٻيو ته پئسا وياسي ويا هاڻي هي ڪٿان هٿ ڪري ڏيندو. افسوس رڳو اهو هي جو ڪيترائي فارينر روز ٺڳبا هوندا ۽ هنن چند ٺڳن ڪري هو سڄي سري لنڪا بابت خراب راءِ رکندا هوندا.“
وار ٺھرائڻ کانپوءِ اسان هتي جي ’مون اسٽون هال‘ ۾ اچي ويٺاسين. ڪراچي ڪانٽينينٽل جي نسرين هال، ڊيمي تسي لونج وانگر هتي جي هوٽل جي ڪافي روم، بار روم، ڊانسنگ هال، سئمنگ پول جا نالا هتي جي مشھور مَڻِين تي رکيا اٿن. جيئن ته : موناسٽون، ڪئٽس آئي ڪلب، سفائر بار روم وغيره. سلون ۾ انهن پٿرن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي پٿر آهن: گارنيٽ، اميٿسٽ، اڪامئرين، زرڪان، ربي وغيره وغيره. اهي هتي جي کاڻين مان ملن ٿا، جن کي ٽُڪي، گهڙي لسو ڪري مُنڊين يا هارن لاءِ ٻڙا ۽ نگ ٺاهيا وڃن ٿا. ان معاملي ۾، سري لنڪا دنيا جي وڏين منڊين مان آهي، جيئن ڏکڻ آفريڪا، بيلجم، اسرائيل وغيره ۽ دنيا جي ڀيٽ ۾ هتي چڱاسستا ملن ٿا. پئسي وارا ماڻهو جن لاءِ سون به ڪجهه ناهي آهي پنھنجا پئسا پٿرن ۾ لڳائي رکندا آهن، جي ڪنھن وقت به سون وانگر وڪڻي سگهجن ٿا. ڪي ڪي پٿر: آسماني سفائر ۽ ڪئٽس آئي جھڙا ته ايڏا مھنگا آهن جو منڊيءَ جو ٻڙو به لکن جو ٿئي.

• ڪولمبو مَڻين کان مشھور آهي

پٿر خريد ڪرڻ لاءِ يا ته وڏو۽ سٺو دڪان ساک وارو ڳولجي يا ته خود کي انهن جي سڃاڻپ هجي. اهو معلوم ڪرڻ ته سولو آهي ته ٽوپاز پٿر زردي مائل اڇي رنگ جو ٿئي، يا سموڪي ٽوپاز ناسي رنگ جو. سفائر پٿر ۾ ٽارچ هڻڻ سان منجهس ڇھه ڪنڊو تارو ڦرندو نظر ايندو، Cat Eyeپٿر ۾ ٿڌي پيلي رنگ جي اُڀي ليڪ ترندي نظر ايندي يا ڊائمنڊ مان اڇي رنگ جي روشني ڦوهاري وانگر ٻاهر نڪرندي نظر ايندي پر ساڳي پٿر ۾ ڪي ڪي خاميون_ برٿ مارڪه (ڄائي ڄم جا نشان) لينگها ۽ داغ، سندس قيمت ڪيرايو ڇڏين. (هونءَ ڊائمنڊ سلون جي کاڻين ۾ نه ٿئي). هتي سڀ کان گهڻو ۽ سستو پٿر ”مون اسٽون ۽ ٽوپاز“ آهي.مون_سٽون ٽيوب لائيٽ جھڙو اڇو ٿئي. سندس لاڪيٽ، پؤنچيون، منڊيون، پنڙا جام ملندا_ خاص ڪري وڇونءَ وارو لاڪيٽ ته جتي ڪٿي وڪامندو نظر ايندو.
هوٽل انٽرڪانٽينينٽل مان نڪرڻ وقت سج لھي سامهون هندي وڏي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ تي هو. انگريزن جي زماني جو ٺھرايل بندري قد جو لائيٽ هائوس رکي رکي سمنڊ ڏي روشني موڪلي رهيو هو. اسان هوٽل جي پوئين پاسي کان نڪري، لائيٽ هائوس وٽان لنگهي، سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلڻلڳاسين. سامهون منوميل کن پري، سمنڊ جي ڪناري تي ئي، هوٽل گال فيس نظر اچي رهي هئي. ان جي پويان پنج ست ميل کن پري مائونٽ ليئوينيا هوٽل جون فقط بتيون نظر پئي آيون. هڪ سانوڻيءَ جي موسم، ڦوهه جوانيءَ ۾، ٻيو چوڏهين تاريخ ڪا ويجهي هئي، سمنڊ جون ڇوليون ڪناري سان وڙهيون ٿي وڙهيون. سندن ڇنڊا ۽ ريتي گال روڊ جو ونوي ٽپي پرئين پاسي کان وڃي ٿي نڪتا. پر ايڏا وڏا ڇنڊا به نه هئا جوبيچ (سامونڊي ڪناري) تي ماڻهن کي بيھڻ به نه ڏين. جيستائين نظر وئي ٿي، هر روز وانگر، چوڌاري ماڻهو ئي ماڻهو هئا. شام جي وقت ڪولمبو ۾ سڄو زور سمنڊ جي ڪناري تي هوندو آهي، خاص ڪري پارليامينٽ هائوس وٽ، مسٽر بندرانائڪي جي پتل جي بت اڳيان (جيڪو ٽيھه فٽ کن ڊگهو ٿيندو ۽ روسي حڪومت سري لنڪا گورنمينٽ کي سوکڙي طور ٺھرائي ڏنو آهي.)

• سري لنڪا جي عورت جي بدنصيبي

سمنڊ جي ڪناري تي ٿالهن ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل انناس، ڪيلا، چڻا، ڪلفيون ۽ ٻيو سامان، ڇوڪرا ۽ عورتون وڪڻي رهيون هيون. وايومنڊل ۾ سامونڊي گهميل هوا ۽ لغڙ ئي لغڙ نظر آيا ٿي. لغڙ هر قسم جا، اڇا، رنگين، چٽڪمرا، خاص ڪري سرڻن ۽ نانگن جي شڪلين جا سري لنڪا ۾ وڪامندا آهن. ڪجهه سلوني ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون (اونداهه ۾ رڳو سندن ڪپڙا ۽ ڏند نظر آيا ٿي)، ريتيءَ تي ليٽي رهاڻيون ڪري رهيا هئا. ڪي وري سيمينٽ جي بينچن تي هڪ ٻئي جا چپ (يا انهن تي لڳل ريتي ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي) چٽي رهيا هئا. سندن ڳالهين جي ٽون ۽ چھرن مان، رومانس کان وڌيڪ، شڪوه ۽ شڪايت بکي ٿي. هتي جو ڇوڪرو مڙيئي ڏنگو مڙس لڳي ٿو ۽ ڇوڪريءَ کي برابريءَ واري دوستي يا پيار نصيب ناهي. گهڻي ڀاڱي هتي جا ڇوڪرا سست، پورهئي کان هڏ ڀڳل، پڙهائيءَ کان پري، غير جوابدار هجڻ باوجود به هتي جون غريب سلوني ڇوڪريون، سندن ڏهه ڏهه نخرا کڻن ٿيون. ڪا ڇوڪري پئسي واري هوندي ته گهران به آڻي کيس ڏيندي، پر ڇوڪرو هن کي سچي محبت جي ٻاهرين ڏيک ۾، خيالي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي، بنا سڙهه جي اهڙي اونداهيءَ وير ۽ گهاٽ ڏي اماڻي ڇڏي ٿو جو هن ويچاريءَ جو انت، اڪثر مئٽرنٽي هال، بار، چڪلو يا خودڪشي ٿئي ٿو. پنھنجي مستقبل جو ساٿي ماڻڻ ته پري جي ڳالهه، مائٽن کان به هٿ ڌوئي ويھي ٿي. ڪراڪ فرڊ، ٽراپيڪانا، ٿري اسٽارس، پئرامائونٽ، سيلانڪو وغيره هوٽلن ۾ نچندڙ سوين ڇوڪريون ان قسم جي ڏک ڀريل ڪھاڻين جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. ڪيتريون شادي شده ڇوڪريون، ٻارن ۽ مڙس جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻه سؤ يا ٽي سؤ رپين جيتري گهٽ پگهار تي هتي جي خط استوا واري ڪاڙهي ۾ ننڍندڪانن، هوٽلن، آفيسن ۽ ڪارپارڪنگ ۾ صبح کان شام تائين بيٺي پير نوڪري ڪن ٿيون. هو نوڪريءَ تي پھچڻ لاءِ صبح جو سوير پنھنجن ڏوراهن گهرن کان نڪرن ٿيون ۽ واپس بسن ۾ لڙڪنديون رات جو دير سان وڃي پنھنجن پکن تائين پھچن ٿيون. ڪي ته ديھي والا، راتمالانا، ڪاتوبادا، سوراتوا، پاندو، ويليڪادا، بولاواتا ۽ ويراگالا جھڙن ڏور هنڌن تان اچن. گهڻي پورهئي، فڪر ۽ اڻپوري کاڌي کين عمر کان وڏو ۽ هڏائون پڃرو بڻائي ڇڏيو آهي.

• اچي ته توهان ئي سمجهايوس

سمنڊ جي ڪناري تي سڪون حاصل ڪرڻ بدران هي ڏک ڀريون ڳالهيون سوچي، منھنجو وياڪل ٿيڻ به عجيب آهي. آخر هي منھنجو ملڪ ته نه آهي جو مون کي ڏک ڪرڻ کپي. پر ڪاش انسانيت جون حدون به ملڪن وانگر جاگرافيڪل ۽ سياسي هجن ها ته پوءِ شايد مون کي ويچار نه ٿئي ها.
ڪجهه ننڍڙاٻار ڊوڙي اسان کي چھٽن ٿا: ”هيلو سر. ون سگريٽ پليز_!“
ڇا سندن عمر ۽ ڇا سندنشوق! آئون دل ئي دل ۾ هڪ دفعو وري حيران ٿي ويچاريان ٿو.
”آءِ ڊونٽ سموڪ.“ آئون پنھنجا خالي هٿ ڏيکاريان ٿو. مون سان گڏ هلندڙ سيڪنڊ انجنير، دکندڙ سگريٽ چپن ۾ جهلي هنن لاءِ پاڪيٽ مان ڪڍي ٿو.
”سگريٽ ڏئي ڪو سوچي ته هو ساڻن همدردي ٿو ڪري، مورکپڻو آهي.“ مون سيڪنڊ انجنير کي پنھنجي راءِ ڏني. سيڪنڊ انجنير سگريٽ واپس کيسي ۾ وجهي کين ٿالهه واري کان چونئرا وٺي ڏنا، پر هنن اهي نه ورتا. اسان کي تعجب ٿو لڳي. هن ڪچيءَ عمر ۾ سگريٽ ٻيڙيءَ جو اهڙو نشو جو کائڻ جي شيءِ کان به انڪار ڪري رهيا آهن. هو ڇا چوندا آهن ته پيٽ ديوتا آهي. پر ڇا نشو ان کان به وڏي طاقتور شيءِ آهي؟ ٿي سگهي ٿو! سيڪند انجنير ڇڙٻڏئي ٻارن کي ڀڄائي ٿو. هندي سمنڊ جي ڇولين جا ڇنڊا بچاءَ واري ڀت ٽپي اسان کي آلو ڪن ٿا. ريتيءَ تي ويٺل ڇوڪري اسانتي کلي ٿي. سندس کلڻ اسان کي به وڻي ٿو_ سھڻي ته ايتري ناهي، معصوم ضرور آهي. ڪنھن کي خوشي حاصل ٿئي اها سٺي ڳالهه آهي. آئون ڪپڙا ڇنڊيندي، هڪ پوڙهي مائٽ وانگر، سندس مٿي تي هٿ رکي پڇان ٿو: ”ويئر از يوئر بئاءِ فرينڊ؟“
”اڃا آيو ناهي.“ هوءَ اتي بيھي جواب ڏئي ٿي.
”ڇو ڀلا_؟ ايندو يا توکي انتظار جو عذاب ڏئي ويو آهي.“ آئون اسڪول ماستر وانگر سوال ڪيان ٿو.
”نه نه. ايندو ضرور ايندو.“ هوءِ کلي وراڻي ٿي.
”پر اصولي طرح هُن کي تنھنجو انتظار ڪرڻ کپي ۽ نه تو جھڙي سھڻي ڇوڪريءَ کي.“ آئون ائڪٽنگ قائم رکان ٿو. هوءِ سھڻي ته ناهي پر ڪهڙي ڇوڪري آهي جا پاڻ کي سھڻو سڏائڻ نٿي پسند ڪري. بھرحال هن به خوبصورت موڊ جو مظاهرو ڪندي چيو: ”اچي ته توهان ئي سمجهائجوس. منھنجي ته هن تي نٿي هلي.“
’اوڪي‘ چئي اڳتي وڌون ٿا. سيڪنڊ انجنير اسان جي گفتگو تي کلندو رهي ٿو. ڪاش ٻن ٽن سالن بعد وري ڪڏهن اچان ته هيءَ ساڳي ڇوڪري ائين کلندي ۽ خوش ٿيندي نظر اچي_ هڪ آس. هڪ دعا، هڪ تمنا اجائي ۽ واٽھڙو سھي، پر منھنجي دل مان اڀري ٿي.

• آپگهات نه ڪجو

ڪولمبو جي سامونڊي ڪناري تي ٿورو اڳتي، ڪنھن هوائي ڪمپني سان تعلق رکندڙ يورپي، لغڙ وٺي رهيا هئا. هڪ آسٽريلين جوڙو پانچا مٿي ڪري هيٺ سمنڊ ڏي وڌڻ جي تيارين ۾ هو.
”آپ گهات نه ڪجو.“ سيڪنڊ انجنير زور سان چين ۽ هنن کلي باءِ باءِ ڪئي. ڪولمبو جي هن بيچ تي هميشه ڪاڄ واري رونق هوندي آهي.
گال فيس هوٽل وٽ سمنڊ جي ڪناري تي رکيل بئنچ تي ٿيلهو رکي زال ۽ مڙس ۽ سندن ننڍڙي ڌيءَ ويٺي هئي. اسان هنن جي اڳيان لنگهڻ وقت کين به ’هيلو‘ چئي کيڪاريون ٿا. هو اسان کان اسان جو ملڪ پڇن ٿا. مڙسالو مسٽر دين مسلمان آهي ۽ سندس زال عيسائي.سندس ڌيءَ جو نالو چترادين هندڪو آهي. ۽ ٻي وڏي ڌيءَ ڪماري دين، هتي جي لنڪا اوبيراءِ جي هيلٿ ڪلب ۾ نوڪري ڪر يٿي. هو گمپا شھر کان پنھنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِڪولمبو آيا آهن. جيئن ته هتي جي ٻين وڏين هوٽلن وانگر لنڪا_اوبيراءِ هوٽل ۾ به هتي جي رهاڪن کي اچڻ جي عام اجازت ناهي، سو سمنڊ جي ڪناري تي پيل بئنچ تي هن جو انتظار ڪري رهيا آهن. هوٽل سامهون سڏ پنڌ تي ئي آهي. کيس موڪلملڻ ۾ اڃا ٻه ڪلاڪ کن آهن.
”هتي مذهب ۽ ماڻهن جا نالا ڪيترو ته گڏوچڙ آهن.“سيڪنڊ انجنير مون کي آهستي اهستي ان ڳالهه ڏي ڌيان ڇڪايو.
”جيئن پنھنجي ملڪ ۾ سڪندر، زرينا، سهراب، رستم وغيره جھڙن نالن تان عرب کلن ٿا ته اهي ڪھڙا مسلمان هئا، جن جا نالا پاڻ وٽ عام ٿي ويا آهن.“ مون سيڪنڊ انجنير کي ورندي ڏني.
اسان کان هو پاڪستان جون خبرون پڇن ٿا. پاڻ ٻڌايائين ته هو 1947ع کان اڳ، هندستان ۾ لياقت علي خان جو ڊرائيور به رهي چڪو آهي. هو پنھنجا ڏک سور کولي وهن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جي تعريف ڪن ٿا. سڪينڊ انجنير کي چيم:
”هڪ ڳالهه آهي بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي مقابلي ۾ پنھنجو وطن يورپ ۽ آمريڪا کان گهٽ نٿو لڳي. گذريل سال بنگلاديش مان موٽڻ بعد ڪياماڙي، چاڪيواڙو ۽ موسيٰ لين به اسان کي پڪڊلي، ٽائيمس اسڪائر ۽ گنزا کان سھڻي لڳي.“
رات جا اٺ ٿيڻ تي هئا. اسان کانئن موڪلايو.
”توهان مھرباني ڪري اوبيراءِ هوٽل ۾ وڃي منھنجي ڌيءَ کي ته موڪليو. توهان فارينر آهيو ۽ سنئون سڌو اندر وڃي سگهوٿا. آئون هيڏو پري کان بس ۾ آئي آهيان ۽ پنھنجي ڌيءَ سان ملڻ بنا وڃڻ نٿي چاهيان.“
”اسان جيتوڻيڪ مانيءَ لاءِ ’هاليڊي اِن‘ ۾ وڃي رهيا هئاسين جتي اسان جي ملڪ جو مينو آهي پر هاڻ توهان لاءِ ”سردار_ جي“ جي هوٽل_ لنڪا اوبيراءِ ۾ ٿا وڃون. پر اها ته ڳالهه غلط آهي ته توهان جي ملڪن جون هوٽلون ۽ توهان تي ئي ايڏي سختي؟“
”بساهو ئي سٺو آهي جو ان قسم جون وڏيون هوٽلون سلون ۾ کلي ويون آهن ۽ اسان جي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون اٿن. باقي هو به ائين مجبور آهن. هتي جا ماڻهو اهڙا آهن جو سندن هڪ ته ٿانوَ ٿپا نه ڇڏيندا ۽ چانھه جي ڪوپ لاءِ ڌرڻو ماري جو اچي ويھي رهندا ته ڌارين جي ويھڻ جي به جاءِ نه بچندي_ پوءِ اسان جو ملڪ فارين ايڪسچينج ڇا ڪمائي سگهندو.“

• اوبيراءِ هوٽل جي مالڪ جي ڪھاڻي

اسان گول (Galle)روڊ وٺي، لنڪااوبيراءِ هوٽل جي ڪافي ڪارنر ۾ اچي ويٺاسين. پنج ڇھه ٽيبل ڀريل هئا جن تي يورپ ۽ آسٽريليا جا آيل ٽورسٽ ۽ واپاري ويٺا هئا. هڪ ٽيبل تي، ٽيليفون ڀر ۾، اسان جي جھاز جو ٿرڊ ۽ ففٿ انجير پڻ هئا.
’لنڪا اوبيراءِ‘ هتي جي سڀني هوٽلن ۾ سھڻي ۽ وڏي آهي_ پئسا ڪو ٻيو ڀري ته هن ۾ ضرور رهجي. عمارت ۽ سروس جي سلسلي ۾ پڻ سندس پنھنجو انداز آهي. اوبيراءِ صاحب جي پڙدن، ڪراڪري، سروس گرلز جي چونڊ قابلِ داد لڳي ٿي. هوٽل جي مالڪ ‘موهن سنگهه اوبيراءِ’ جي ڪھاڻي به هڪ قسمت ۽ ڀاڳ جي ڪھاڻي آهي. پاڻ ننڍي هوندي، انگريزن جي دور ۾ سرڪاري ڪامورو هو. 1922ع ۾ پنجاب ۾ پليگ پکڙجڻ ڪري هو موڪلون، ڳوٺ گذارڻ بدران، شملي هليو ويو. اتي جي مشھور هوٽل_ سيشل، کيس ڏاڍو متاثر ڪيو. هن سڌو مئنيجر جي ڪمري ۾ گهڙي، کانئس نوڪريءِ لاءِ پڇا ڪئي.
”ڪھڙي نوڪري توهان ڪرڻ چاهيو ٿا؟“ مئنيجر پڇيو.
”ڪو به پورهيو. ڪا به نوڪري_ هن هوٽل ۾ جيڪا ڏئي سگهو.“
ٻن ڏينھن بعد، سٺ رپيا پگهار تي، مسٽر اوبيراءِ، ڊيسڪ ڪلارڪ جي حيثيت سان، سيشل هوٽل ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو_ اهو ايترو گهٽ پگهار هو جو ان هوٽل جي ڪلب جي داخلا ٽڪيٽ به ان کان گهڻي هئي. پر هي يار في الحال لڳي ويو ۽ اها سندس نئين زندگيءَ جي شروعات هئي.
اڄ اڌ صديءَ بعد، سخت محنت، پورهئي، هوش ۽ جذبي ۽ سٺي ڀاڳ کيس ايسٽ انڊيا هوٽلس جو چيئرپرسن ۽ ٽن کنڊن ۾ سندس هوٽلن جو بادشاهه بڻائي ڇڏيو آهي. ’اوبيراءِ‘ نالي سندس هوٽلون نه فقط هندستان ۾ آهن پر اسپين کان انڊونيشيا تائين پکڙيون پيون آهن. خاص ڪري عرب ملڪن ۾ ته ”اوبيراءِ“ هوٽلن جي گهرج روز بروز وڌندي وڃي. هي اهي امير ملڪ آهن جن وٽ جيترو گهڻو تيل آهي اوترو ئي رهائش جو مسئلو. موهن سنگهه اوبيراءِ پنھنجي ذات ”اوبيراءِ“ جي نالي سان هوٽلون ٺاهي رهيو آهي. ابوڌابي، دمام ۾ ٺھي چڪيون آهن. رياض ۾ ”رياض اوبيراءِ“ ٺھي رهي آهي.
پاڻاسي سالن جو ٿيندو_ ساڻس گڏ سندس 48 ۽ 44 سالن جا ٻه پٽ: ٽِڪي سنگهه اوبيراءِ ۽ بيڪي سنگهه اوبيراءِ پڻ ٻانھن ٻيلي آهن ۽ هي سندن خانداني پورهيو بڻجي چڪو آهي. سندن ساليانو فائدو ڏهه ڪروڙ کان به مٿي آهي. سندن پھرين پنجٽيھه ماڙ اوبيراءِ شيرٽن بمبئي واري هوٽل فقط نقصان ۾ وئي سا به شروع ۾. ان بعد کين اهڙو ڏکيو ڏينھن نه مليو.

• سادات چيو: عرض قبوليوسين

ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن سندس ڪلڪتي واري ‘هوٽل گرانڊ اوبيراءِ’ تي قبضو ڪري منجهس فوج ٿي رکي ته پاڻ برٽش ڪمانڊر سان ملڻ لاءِ پھچي ويو ۽ کيس عرض ڪيائين: ”توهان جي سرڪار هوٽل حاصل ڪرڻ بعد 1500 سپاهين جي کاڌي خوراڪ تي ڪيترو خرچ چاهي ٿي؟“
جنرل حساب لڳائي چيو ته هڪ ماڻهوءَ تي روزانو فقط ڏهه رپيا کن ايندو. اوبيراءِ کيس اٺ رپين جي آڇ ڏئي ٺيڪو کنيو.
”پنجن سالن تائين،“ اوبيراءِ کلندي نيوز ويڪ رسالي جي نمائندن: بئري ڪم ۽ سوسان ڊيڪ کي ٻڌايو،”انهن سپاهين جي کاڌي تي منھنجو فقط ٽي رپيا خرچ ايندو رهيو.“
تازو مسٽر اوبيراءِ مصر جي صدر انور سادات سان ملي کيس سنئون سڌو چيو:
”سرڪار! توهان جي حڪومت سدا آباد رهي. گستاخي معاف ٿئي ته عرص ڪريان ته قاهري ۾ نيل نديءَ جي ڪناري تي سڀني هوٽلن کي جڳھه ڏني وئي آهي سواءِ هندستان جي. اسان کي ان جي موڪل ڇو نٿا ڏيو_؟!“
سادات گهڙيءَ لاءِ گھري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ چيائين: “Request Granted”
سڀني هوٽلن کي کاڌي، سروس ۽ نموني ۾ هڪجھڙو رکڻ لاءِ هن دهلي ۾ ’اوبيراءِ هوٽل اسڪول‘ کوليو آهي جتي هر ملازم کي اڍائي سالن جي ٽريننگ وٺڻي لازمي آهي. گهڻي ڀاڱي، هر هوٽل ۾ هندستاني ماڻهو رکيا ويا آهن. جيئن هوٽل کڻي ڪھڙي ملڪ ۾به هجي پر ماحول ساڳيو هجي.

ڪولمبو جي گرين ڪئَبن ۽ حيدرآباد جي بامبي بيڪري

”ٽئڪسي. ٽئڪسي“ اوبيراءِ هوٽل مان نڪرڻ وقت اتفاق سان سينٽ ائنڊ ريوز چرچ وٽ ئي خالي ٽئڪسي ملي وئي. ويھڻ کان اڳ ڪراڪ فورڊ ڪلب جو ڀاڙو پنڌرهن رپيا ساڻس طيءِ ڪرڻو پيو.
”پيٽرول اڄ ڪلهه سري لنڪا ۾ تيرهن رپيا گئلن ٿي ويو آهي.“ گهڻي ڀاڙي جو ٽئڪسيءَ واري ڪارڻ ٻڌايو.
”اهو مھانگو ته نه آهي. پاڪستان ۾ ته ارڙهن رپئي آهي يعني ستاويهه سلوني رپيا ٿيا.“
”اسپيئر به ته صفا نٿا ملن ۽ جيڪي ملن ٿا، تمام مھانگا.“
”اها ڳالهه ڪر. سري لنڪا ۾ هلندڙ 1948ع ۽ 1950 جي ماڊل سائز مورس ڪارن لاءِ فئڪٽري ڪھڙا ويٺي اسپيئر پارٽس ٺاهيندي. ڪارخاني وارن اهي ڪارب ئي ڀڃي ڇڏيا هوندا.“
ٽئڪسي گول روڊ تي ويلاوتا ڏي هلڻ لڳي. گول روڊ ڪولمبو جو ڄڻ بندر روڊ آهي. پاڻ بندر روڊ کان به تمام ڊگهو. رات جا اڃا اٺ کنبه ڪي مس ٿيا هئا. دڪان بند ٿي چڪا هئا. مرڻينگ روشنيءَ ۾ اسان سندن نالا پڙهڻ لڳاسين: نھال فارميسي، گرين ڪئبن (هتي جي بامبي بيڪري_ جنھن جا ڪيڪ هن مھنگائي ۽ ملاوت جي زماني ۾ به کائڻ لائق آهن)، شوڀا، هوٽل درو، ليبرٽي سئنيما. ڪنال پٽيا علائقو ختم ٿيڻ تي بامبل پٽيا شروع ٿئي ٿو. کاٻي پاسي ٽورنٽنايونيو ۽ لِلرس روڊ وغيره جنھن تي ريڊيو سري لنڪا اسٽيشن، سفارتخانا ۽ ٻيون خوبصورت عمارتون آهن. ڪراچيءَ جي ڊفينس سوسائٽي ڄڻ آهي.
ٽيڪسي گول روڊ وٺي هلندي رهي. پڪڊلي ڪيفي اوميگ اِن، جيم هائوس جويلرس، نوراني ڊپارٽمينٽ اسٽور، تاراچند شاپ، گريٽ وال چائنيز هوٽل، گولڊن گيٽ هوٽل، تولارام اسٽور، سئوي هوٽل، ويلاوتا مارڪيٽ، سامهون سفائر هوٽل. ٽئڪسي سگنل ۽ ٽرئفڪ ڪري ترسي ٿي. کاٻي پاسي رستي جي ڪپر تي دڪانن مٿان فلئٽ جي بالڪنيءَ ۾ ويٺل ڪاڪو لال چند اسان کي ڏسي ٿو وٺي ۽ اسان کيس. ڏاڍي ڳالههنٿي. سيڪنڊ انجنير کي چيم: ”ابا لھه. ٻه منٽ ئي سھي. هنن وٽ ليئو ضرور پائڻو پوندو، نه ته دل ۾ ڪندا.“

• ڪاڪو لالچند ۽ پاروتي

ٽئڪسيءَ کي پئسا ڏئي لھي پئون ٿا. مين گيٽ مان ٿي ڪاڪي لالچند جي فلئٽ ڏي مٿي ڏاڪڻ تي چڙهياسين. ڪاڪو لالچند ۽ سندس گهر واري پاروتي هميشه وانگر ڪچھريءَ لاءِ آتا ويٺل_ ان ڪچھريءَ ۾ پاڻ فقط ڳالهائڻ جو پارٽ ادا ڪن. ٻڌڻ جو مھمان. سٺ ستر سالن کان به جهونا ٿيندا. هتي جي وڏن واپارين مان آهن. پئسو اڻ ميو اٿن. پنھنجي اڪيلي ڌيءَ سنيتا جي ڪجهه سال اڳ شادي ڪرائي هاڻ اڪيلا ۽ واندا، وار وٽيءَ تي بالڪني ۾ ويھي گول روڊ تي ايندڙ ويندڙ گاڏيون ۽ ماڻهو ڏسن. سندن مرشد حيدرآباد جو هڪ مسلمان بزرگ آهي جنھن جون تصويرون ۽ حضرت عليءَ جا نالا ڀتين تي لڳل. ڪنڊ ۾ گنيش ڀڳوان جو بوتو پڻ رکيل. ڏاڪڻ وٽ 1978ع جو ڪئلينڊر جنھن تي ڪرشن پنھنجن گوپين سان گڏ ڏيکاريل!
پاروتي، ويھڻ سان گهر جون، جھاز جون ۽ ملڪ جون خبرون پڇي ٿي_ فقط پڇي ٿي جو جواب ڏيڻ کان اڳ سندس ٻيو سوال شروع ٿيو وڃي. ”ڪڏهن اچڻ ٿيو آهي ڪولمبو ۾؟“
”ديدي ڪالهه آيا آهيون.“ ٻئي سوال کان بچڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻو پيو، نه ته ان جي وضاحت ڪير ڪري ته ڪولمبو ۾ هيترا ڏينھن هوندي به اڳ نه آيائو؟
”ڀلا ڇا پيئندائو؟“ ڪاڪو لالچند رڌڻي مان هڪڙا ٺڙيل پڪوڙا ۽ نائيس بسڪيٽ (جن مٿان کنڊ ٻرڪيل ٿيندي آهي)، ساسر ۾ آڻي ٽيبل تي سينگاري ٿو. ۽ سلوني نوڪرياڻيءَ کي چانھه ٺاهڻ لاءِ ننڊ مان اٿاري ٿو. پاروتي پڪوڙن جي واکاڻ ۾ اڀ ۽ ڌرتي هڪ ڪري ٿي. ”هن منھنجي گهوٽ کي (سندس مڙس اسي سالن جي پيٽي ۾ به هن لاءِ اڃا گهوٽ آهي) منھنجي هٿن کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو کاڌو وڻي ڪونه، چوندو ڪُنو ڀلي هڪ پچي پر هجي تنھنجي هٿن جو.“
”ديدي! ڇڏ هاڻ اهي ڳالهيون. هر ڳالهه جي ڄمار هوندي آهي. اسان توهان جي اولاد جيڏا به ان عمر کان نڪري ويا آهيون.“
پر ديدي سو ڪٿي ٿي ٻڌي. پنھنجيءَ ۾ ئي شروع ...
”چڱو چڱو گهڻو ڪئي. هاڻ منھنجي ڳالهه ٻڌ. اڄ مارڪيٽ ويس ته تازو ڪوتمير آيو هو. مون چيو چٽڻي ان جي واهه جي ٿيندي. يڪدم رپئي جو ورتم. ڇوريءَ کي چيم ڪجهه پن سنئالا ته ڏي، ملڪ ۾ چڱو ڏسو ڪاهي پيو آهي. ٿوري دير اڳ اچو ها ته چٽڻي کارائين هان. ڀلا مانيءَ ڀور کائي ويندائو؟ چڻن جي دال منٽن ۾ ٺاهي وٺان. کٽاڻ به رکي آهي. يا کڻي وڃ. سمنڊ تي دل ڪچي ٿئي ته ٿوري چٽي ڇڏيندو ڪر.“
”نه نه ديدي. جلدي ۾ آهيون.“ کيس جهليوسين. پاڻ وئشنو آهن سو گوشت مڇي ته پري پر ڪڪڙ جو بيضو به نه کائين. سندن عقيدي موجب ڪنھن جي به جان نه وٺجي. ٿي سگهي ٿو آني ۾ به ٻچو ٿي ويو هجي.

• جاوتري ۽ جاڦل

”سلون جو ڪھڙو حال آهي اڄ ڪلهه؟“
”هن حڪومت ۾ آسرو آهي ته سري لنڪا سڌرندو. هن حڪومت واپارين کي همٿايو آهي ۽ ڌارين کي سري لنڪا گهمڻ جون سھوليتون ڏنيون آهن. هن ٻيٽ جي وڏي آمدني سياحن مان آهي.“
”ڀلا هتي جي اصلوڪن رهاڪن جو توهان لاءِ ڇا رايو آهي ۽ هاڻ اهي ڌنڌي ڌاڙي ۾ ڪيئن آهن؟“
”اڃان ته اسان اتي ئي آهيون ۽ اسان کي ڪڍي به نٿا سگهن جو سڄي واپار ۽ وڏين نوڪرين ۾ اسان ۽ ڏکڻ هندستان جا تامل نادو پکڙيا پيا آهيون. هتي جي ماڻهن کان ملڪ جو ڪاروبار هلي سگهندو سھي؟ کين فقط ننڊون کپن. سمهڻ جا سردار آهن. کين کائڻ لاءِ چانور، حڪومت طرفان مفت ملن. پوءِ اهي ڏاري جھڙا چانور کايو ستا پيا آهن. ٻيو نشو_ ارڪ شراب يا تاڙي. ڪن کي ته ايڏي نشي جي پِٽ آهي جو هفتي جا مليل چانور پھرين ڏينھن ئي وڪڻي شراب پي ڇڏيندا پوءِ ٻئي ڏينھن کان پنندا وتن. واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ جي ته ڪا سُڌ ئي نه اٿن. باتڪ ڪپڙي جي ڇرائي (اجرڪ وانگر) اسان کانئن پنجين ڇھين رپئي ٺھرايون ۽ دڪان تي سينگاري فارينرس کي پنجاهه سٺ ۾ ڏيون. کين خبر به نه. کين رڳو پورهئي کان به اڳ ڪجهه پئسا، ٺڙڪو عيش لاءِ ملي وڃن. پر هاڻ مڙيئي ڪجهه هوش ۾ ايندا وڃن، پر تڏهن به ويھه ٽيھه سال کن ڇڪي وينداسين.“
چانھه پي يڪدم اٿي بيٺاسين.”چڱو هاڻي الله توهار.“
”وري ڪڏهن ايندائو.“ ڪاڪي پڇيو.
”اڄ رات ئي Sailing آهي.“ آئون وري ڪوڙ ڳالهايان ٿو.
”تنھنجي اڳواٽ اچڻ جي ڄاڻ هجي ها ته تولاءِ زمين تان ڪمال پٽ، دالچيني، جاوتري ۽ جاڦل گهرائي رکان ها. سري لنڪا ۾ منھنجي گهوٽ جو ته ڏاڏو 1882ع ۾ اچي رهيو هو ۽ ڪئنڊي پاسي زمينون به اٿن.“
هيٺ ٽئڪسيءَ لاءِ آياسين. پنج ڏهه منٽ گذري ويا ٽئڪسي نه ملي. هڪ همراهه فاڪس وئگن ۾ اچي رهيو هو تنھن لفٽ ڏني. پاڻ سڪيورٽي پوليس جو رٽائرڊ عملدار، تامل هو. ساڻس گڏ سندس زال به ويٺل هئي. اسان جي ٻڌائڻ تي ته نيويارڪ کان سلون لاءِ ڪارگو کڻي آيا آهيون ۽ جھاز تي ڪم ٿا ڪريون، هن ٻڌايو ته سندس هڪ ڌيءَ نيويارڪ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ ٻي به ٻه چار مھنا اڳ اتي هئي، پر هاڻ لنڊن ۾ انٽرنشپ لاءِ آئي آهي. ٽيون پٽ جھاز تي ريڊيو آفيسر ٿيڻ لاءِ ٽريننگ وٺي رهيو آهي.“
پاڻ اصل ڏکڻ هندستان جا آهن. پاڻ ٻڌايائون ته پٽ کي نوڪري ملڻ بعد، سلون ۾ سندن هڙ ملڪيت وڪڻي، زال مڙس زندگيءَ جا آخري ڏينھن مدراس ۾ سڪون سان گذارڻ جو ارادو رکن ٿا_ جو هتي سري لنڪا ۾ هنن لاءِ حالتون، ڏينھون ڏينھن ڏکيون ٿينديون وڃن. هتي جا جهونا ۽ اصلوڪو رهاڪو، اسان کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ نوڪرين ۾ ڏسي سڙن ٿا.” هنن ٻڌايو.


• چنڊ تارا آڻڻ وارو

اسان کي هوٽل ڪراڪ فورڊ ۾ اندر وڃي لاٿائون. بيٺل پوليس وارن ۽ سنترين کيس شايد سڃاتو. ادب سان سلوٽ ڪيائون. اسان ڏهه ڏهه رپيا داخلا في ڏئي اندر گهڙياسين، رڳو فارينرس کي اندر اچڻ جي اجازت آهي. سري لنڪا جون فقط ڇوڪريون اچي سگهن ٿيون، اها کيڏ، هن هوٽل ۾ ان ڪري به ڪئي وئي آهي جيئن چڱن ڀلن خاندانن جون ڇوڪريون بنا راز فاش ٿيڻ جي هتي اينديون رهن. اوسي پاسي جي ڪيترن شھرن کان آيل ٽيھه چاليھه کن ڇوڪريون ڦري رهيون هيون. ڪي فارينرس سان نچي رهيون هيون، ڪي پي رهيون هيون. هو گهر ۽ اوڙي پاڙي وارن کي اهو ٻڌائين ته ڪولمبو شھر ۾ ڪنھن اسپتال، هوٽل، جھاز ران يا هوائي ڪمپني وغيره ۾ رات جي ڊيُوٽي ڪن ٿيون. سندن سولو شڪار ڌاريان آيل سياح، واپاري، ايمبسين جا ماڻهو ۽ جھازي ٿين. هڪ ٻاويھن سالن جي ٻڌ سلوني گيتا نالي ڇوڪريءَ ٻڌايو ته هن کي ذري گهٽ هر رات ڪو نه ڪو گراهڪ هن هوٽل ۾ مليو وڃي ۽ مھيني ۾ ڇھه ست هزار رپياڪمائي ٿيو وڃي. ”ماءُ پيءُ پوڙهو اٿم. وڏن ڀائرن کي به نوڪري ناهي. ڀينرن جي شادي اڃان نه ٿي آهي. امان کي گهر جي خرچ لاءِ روز ٽيھه چاليھه رپيا ڏيان ۽ کيس ٻڌايو اٿم ته ڪولمبو جي هڪ هوٽل ۾ نوڪري ڪريان ٿي ۽ اهي پئسا روزانو سروس_ ٽپ طور ملن ٿا. باقي پئسا بئنڪ ۾ رکندي وڃان. هڪ نون ڪمرن جو گهر ٺھرائي رهي آهيان، جنھن تي ڏيڍ لک رپيا خرچ ايندو. ٻن سالن کان پوءِ جڏهن ٺھي راس ٿي ويندو ته پوءِ اهو مسواڙ تيڏئي هن مجبوريءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪنديس.“
ٽيويھن سالن جي اڇي رنگ جي برگر ڇوڪري ليوني، جنھن جي ماءُ ڊچ ۽ پيءُ سلوني آهي، تنھن جي به اهڙي ئي ڪھاڻي آهي: ”مان سوچي به نه ٿي سگهس ته مون جھڙي پڙهڻ ۽ راندين ۾ هوشيار ڇوڪري، اسڪول ۾ نمبر کڻڻ واريءَ جي زندگي، هتي اچي انت ڪندي. مائٽن جي لاڏلي ۽ بي اوني، سڄو ڏينھن هاٽ پينٽ ۾ گهٽين ۾ کڏن تي ٽپندي رهندي هيس. چار سال اڳ جڏهن مئٽرڪ ۾ هيس ته اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪندڙ ڇوڪري سان دوستي ٿي وئي. يقين ڪريو، مان ان وقت ايڏي معصوم هيس جو مون کي سٺائي ۽ خرابيءَ جي به خبر نه هئي. مون کي پنجون مھينو پيٽ ٿي ويو ته به مون کي ڄاڻ نه پئي ته ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي. انهن ڏينھن ۾ گهر جون حالتون به عجيب ٿي ويون هيون. امان گذاري وئي، بابو ٻي شادي ڪري آيو. ماٽيلي ماءَ کي جڏهن منُھنجي پرڪارن جي خبر پئي ته باهه ٿي وئي. مون سان همدردي ۽ مدد ڪرڻ بدران جٺون پٽون شروع ڪري ڏنائين. آءٌ رئندي ٻار جي پيءُ وٽ ويس. مون لاءِ چنڊ تارا آسمانجي جهول مان ڇني آڻڻ وارو، ائين بدلجي ويو جيئن گڏھه جي مٿي تان سڱ!هن ته کيڏڻ لاءِ مون کي رانديڪو سمجهيو هو ۽ آئون هن جي واعدن ۽ ائڪٽنگ کي سچو سمجهي، هن جي هر حڪم کي مڃيندي آئي هيس. مون تان پنھنجي جان قربان ڪرڻ وارو، ان گناهه جو اعتراف ڪرڻ لاءِ به تيار نه ٿيو. آئون سرڪاري اسپتال ۾ ٻار جي ڊليوريءَ لاءِ داخل وڃي ٿيس. ڪو مائٽ يا خير خواهه نه هو جو کڻي چانھه جو ڍڪ به پياري. ڊليوريءَ بعد نوڪريءَ جو سوچيم. ماڻهو انگ اگهاڙو ته رهي سگهي ٿو پر پيٽ بکيو ڪير رهي سگهي ٿو. پر نوڪري ڪھڙي ڪريان. ٻار ڪنھن جي حوالي ڪريان. رئندي پنھنجي ماٽيلي ماءُ ڏي ويس تنھن مون کي هيڏانھن جي ڳالهه لاءِ رغبت ڏني ته مون کي رنڊي ٿي رهڻو پوندو، جيئن ڪمائي مان پنھنجو، پنھنجي ٻار جو پيٽ ڀري سگهان. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته ننڍي عمر جي ٿي ڪري ڇا وڏا وڏا ڪم ڪري رهي آهيان. ۽ اهو به سوچيندي آهيان ته مون جھڙيون ڪيتريون سوين هزارين غريب ملڪن جون ڇوڪريون هونديون جي ننڍپڻ جي بيوقوفين ۽ پيار ڀريل ٻولن ۾ اٽڪي، پنھنجي سڄي زندگي وڪڻي ڇڏينديون هونديون.“

• سڄي رات رڳو پَٽ پَٽان

هوٽل جي هال جي ڇت دونھين ۽ چونجهن بلبن سان ڀريل هئي. هڪدم گهڙڻ سان هڪ ٻئي کي چڱي طرح ڏسي به نه سگهجي. ڊائننگ فلور تي ڪجهه روشني هئي ۽ اسان ٻئي ڊانسنگ فلور جي ڀر واري ٽيبل تي ويٺل هئاسين. ٻه دفعا بئرو ڊرنڪ پڇڻ لاءِ آيو پر اسان نٽائي وياسين. ڪوڪا ڪولا جا ساڍا چار رپيا لڳا پيا هئا. بيئر پنڌرهن رپيا۽ ٽيون سنزانو شراب هو جنھن جو پيگ پنجويھه رپياکن. ڪجهه نه ڪجهه اصول مطابق پٺڻو ته هو پر في الحال اسان ڪوڪا ڪولا جھڙي سستي شيءِ کان به نٽائي وياسين. نيٺ مري مري ڏهه رپيا خرچ ڪياسين ۽ ٻه ڪوڪا ڪولا گهرايونسين ۽ رپيو بئري کي ٽپ. پيئڻ تي دل بنھه نٿي وري، جو ان ئي وهم ۾ مري رهيا هئاسين ته خبر ناهي ڪيترن ڏينھن جي اها بوتل هجي. اسان جھڙن ملڪن ۾ ڪير ٿو صحت ۽ هائجن بابت سوچي ۽ پراڻو مال گراهڪن کي ڏيڻ بدران اڇلي ڇڏي.
بوتل Vacuum-Tight به هجي يا نه ۽ ڪھڙي گئرنٽي ته شربت ۾ اهي ئي شيون پيل آهن جي اصل ڪمپنيءَ طرفان مقرر ٿيل آهن. جي ائين هجي ته پوءِ انگلنڊ ۽ بنگلاديش جي لڪس صابڻ ۾ فرق ڇو! پاڪستان ۽ آمريڪا جي سيون اپ ۽ ڪوڪا ڪولا جي لذت ۾ گهٽ وڌائي ڇو! سلون ۽ جاپان جي ساڳين نالن ۽ ڪمپنين وارين دوائن ۾ تفاوت ڇو_؟
اسان کي سڻڀي آسامي سمجهي، ڊانسنگ فلور تان هڪ ٻڌ سنگلي ڇوڪري، ڪانتي نالي، اسان جي ٽيبل تي اچي ويٺي.
”هيلو، انڊين _؟“
”نو.“ اسان وراڻيس.
”پاڪستاني؟“ هن پڇيو.
”ڪو سياسي اعتراض!“
”نه.“
اسان کي بور محسوس ڪندي به جڏهن ڄمي ويٺي ته سيڪنڊ انجنيئر پيئڻ لاءِ پڇيس:
”ڪوڪا ڪولا هلندي؟“ هن پنھنجي ڪوڪ آفر ڪيس.
”نه ڊيئر. سنزائو پياريو.“هن نخرو ڪيو.
”ڇڏ يار، چرچا.گرميءَ ۾ ساهه ٿو وڃي. پاڻ جھرن غريب ملڪن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ئي مس مس نصيب ٿئي ٿو. ڀلا بيئر تائين گذارو ٿي سگهندو؟“ مون کلندي پڇيومانس.
”نه هَني! مان سنزائو پيئنديس.“هنضد ڪيو.
”ماري ڇڏئي. هروڀرو ٻئي جو کيسو خالي ڪندينءَ ڇا؟ هاڻ هڻ شيطان کي موچڙو، اڄ کڻي ڪوڪ پي. مون کي خبر آهي ته سنزائو جي نالي ۾ جام شربت بدران ”جام ڪوڪا ڪولا“ توهان کي ملي ٿي، ڇا ائين ناهي؟“
هوءَ کلي ٿي، آءٌ وڌيڪ پڇانس ٿو.
”ڀلا اهو ٻڌاءِ ته شراب جي هڪ پيگ پٺيان توهان کي ڪميشن گهڻي ملي _؟“
هيڏانھن هوڏانھن نھارڻ لڳي، ڄڻ هوٽل جو مئنيجر (سندس چواڻي ’باس‘) سندس مڻڪي وٽ بيٺو هجي. اسان کيس همٿايو. ٻڌاءِ ٻڌاءِ، پليز. ڊڄين ڇو ٿي. ڪنھن کي خبر پئي ته به وڌ ۾ وڌ توکان هتي جي نوڪري کسيندا نه، اهڙي نوڪري ته تو جھڙي من موهڻيءَ کي، هتي جي هر هوٽل ۾ ملي سگهي ٿي.
نيٺ ڊڄندي ڊڄندي آهستي ٻڌايائين: ”فقط ٻه رپيا.“
”بس. چڱو پنج رپيا اسان کان وٺجانءِ ۽ اڄ ڪوڪا ڪولا ئي پيءُ. پنھنجي باس جي ايڏي ڪمائي ڪرائڻ مان ڇا فائدو؟“
”توهان جھازي نٿا لڳو.“هن چيو.
”توکي ڪيئن خبر پئي_؟“
”بس توهان جي ڳالهين ۽ ڪنجوسيءَ مان. واپاري آهيو؟“
”ڪلبن جي زندگيءَ تي ريسرچ ورڪ ڪري رهيا آهيون، ٿيسس لکڻ لاءِ. شاگرد آهيون، آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾.“
”پر آهيو ته پاڪستاني نه!“
”ها آهيون ته پاڪستاني. لڳي ٿو ته آمريڪن جي مقابلي ۾ پاڪستاني توکي نٿا وڻن.”
”وڻن ٿا ان ڪري جو هو نقصانڪار نه آهن. آمريڪن وانگر يا ٻين يورپين وانگر گهڻو پي جهيڙو نٿا ڪن. پر منجهن رڳو هڪ خراب ڳالهه آهي. نه پاڻ ننڊ ڪن نه ٻئي کي ننڊ ڪرڻ ڏين. سڄي رات رڳو پَٽِ پَٽان.“

• سڃا هليا آهن ڀينگين وٽ ...

اسان جي زور سان کلڻ تي ڀر واري ٽيبل تان هڪ همراهه اٿي اچي اسان کان اڙدوءَ ۾ پڇيو ته پاڪستاني آهيو.
”ها خير؟“
”يار اسان به پاڪستاني آهيون. هڪ عرض آهي. اسان جي مدد ڪندائو؟“ هو پنھنجي ٽيبل تي ويھڻ لاءِ آفر ڪرڻ لڳو. آئون وڃي ساڻس ويٺس. پاڻ ڪراچيءَ جو هو، ٻه لائلپور جا ۽ ٻه حيدرآباد جا سنڌي هئا.
”جھازي آهيو__؟“ مون پڇيومانِ.
”نه ادا_ اسان هتي گهمڻ جي ويزا تي گذريل ٽن مھنن کان آيا آهيون ۽ نوڪري جي ڳولا ۾ آهيون. سوچيوسين ته من هتي ڪا ملي وڃي. سڄو ڏينھن آفيسن ۽ جھاز ران ڪمپنين جا ڌڪا پيا کائون.هرهڪ، ٻارهن هزار کن، هتي رهڻ جي دوران خرچ ڪري چڪو آهي پر اڃان ڪو اميد جو ڪرڻو نظر نٿو اچي.“
”يار افسوس جي ڳالهه آهي جو توهان کي خبر ناهي ڪھڙي چرئي، سري لنڪا ۾ نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ موڪليو آهي. هي ته سُڃا هليا آهن ڀينگين وٽ ته عيد ڪڏهن ٿيندي” وارو حساب ٿيو. هتي کان ته پنھنجي ملڪ جو ڪو حال آهي.“
”پنھنجي ملڪ ۾ جھاز جي نوڪريءَ لاءِ ’سي ڊي سي‘ ڏکيو ٿو ٺھي ملي. سو اسان ٻڌو ته يوناني جھازن تي، پاسپورٽ تي، ڪولمبو مان رکن ٿا. پر اسان ته جنھن به جھاز تي وڃون ٿا ته انڪار ۾ جواب ملي ٿو. هاڻ توهان ڪو ٻڌايو ته ڇا ڪريون.“
”افسوس جو مون کي ان بابت ڪو تجربو ناهي. پاڪستاني جھازن تي، جيڪي به خلاصي موڪليا ويندا آهن، سي ڪراچيءَ جي ’گورنمينٽ شپنگ آفيس‘ چونڊ ڪري موڪليندي آهي ۽ کين C.D.C اها ئي ڏيندي آهي. باقي يوناني جھازن تي واقعي پاڪستاني ٺلهو پاسپورٽ تي هلندا رهندا آهن جي اٿينس يونان، ڪئناڊا يا ٻين ڌارين ملڪن مان وڃي چڙهندا آهن. ڪالهه ڪولمبو ۾ هڪ ’ڪئٽل_ شپ‘ آيل آهي، جيڪو آسٽريليا کان رڍون ۽ ڍڳيون ايران کڻي ويندو آهي. ان تي ڪافي پٺاڻ جھازي آهن انهن کان معلوم ڪري سگهو ٿا.اهو جھاز اسان جي جھاز جي ئي ڀر ۾ بيٺل آهي.“
آئون کانئن موڪلائي اٿيس. سيڪنڊ انجنير ياد ڏياريو ته جھاز تي کڻي وڃڻ واري لانچ جو وقت اچي ٿيو آهي. جلدي جلدي ’ويلاوتا‘ مان ٽئڪسي ڪري بندرگاهه جي گيٽ نمبرون وٽ اچي نڪتاسين. ڪسٽم ۽ پورٽ جي عملي کي رسمي کيڪار ڪري، اچي لانچ ۾ ويٺاسين.

لِوَرپُول_(انگلنڊ)

• هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالهيون

مقبول ۽ اصغر (جونئر انجنير ۽ اليڪٽريڪلانجنير) جھاز تي ڪنجوس مشھور آهن. مقبول هڪ ڏينھن ڇَٽِي وٺي آيو. ڪنھن چيو مقبول جھڙو ڪنجوس ماڻهو ڇَٽي ڪيئن وٺي آيو آهي. انگلنڊ ۾ مينھوڳي ته هن کان اڳ به هوندي هئي. اڳ ۾ ته ڪڏهن به هن کي اهڙو خيال نه آيو هو.
”بس يار ڦاسي ويو. مينھن اچي ورايس سو مجبوريءَ ڪري ورتائين.“ هڪ ٻئي چيو.
”بھرحال کوڙو لڳي ته ڪونه ٿو ته مينھن لاءِ ڪري چاليھه رپيا (ٻه پائونڊ) خرچ ڪندو. ان کان ته هو مينھن ۾ پُسي ڀت ٿيڻ بھتر سمجهندو آهي.“ ٻئي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.
”سو ڪير ٿو چوي ته هن پاڻ کي مينھن کان بچائڻ لاءِ ورتي، هن ته سامان کي پسڻ کان بچائڻ لاءِ ورتي. پنھنجي جان کان وري به کيس خريداري پياري آهي.“
________ ______
اصغر نيٺ پڙ ڪڍي بيھي رهيو ته هن کي ڪنھن به صورت ۾ موڪل گهرجي جو سندن گهر ۾ حالت صحيح ناهي. جھاز کي ته وطن پھچندي پھچندي اڃان مھنو لڳي ويندو. آخر فيصلو ٿي ويو. ڪنھن چيو:
”اصغر باءِ ايئر ڪراچيءَ پيو وڃي، سو به پنھنجي خرچ تي.“
”ڪمال آهي! واقعي ضروري ڪم ٿي پيو اٿس نه ته ڪنجوس ماڻهو شھر جو شھر هلڻ لاءِ به بس جو ڀاڙو نه ڏئي، سو هوائي جھاز جي لوورپول کان ڪراچي ٻه هزار ٻه سو رپيا ٽڪيٽ ڪيئن ڏيندو.“
”2200 رپيا نه پر 2150 چئه. 50 رپين جو جھاز جي باٿ روم مان شئمپو يا عطر نه کڻندو ڇا؟“

_______ _______
لنڊن ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر اسلم گھلوءَ ٻڌايو ته انگريزن کي ان ڳالهه تان خار ٿي لڳي ته هنن جي گهٽين ۾ رهندڙ پاڪستانين جي گهرن مان منجهند کان ٻوڙ ۽ مسالي سڙڻ جي ڌپ ٿي اچي.
_______ ______
اسلم گھلوءَ کان پڇيم ته ”انگريز پيريءَ ۾ نوڪري يا اوور ٽائيم نه ڪن ڇا؟“
”اهي رڳو آچر جي اخبار جا معما ڀرين ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ليٽي، ان ۾ بدن سيڪين.“
پاڻ ٻڌايائين ته الغوزي تي ڌن وانگر انگريزي Jazz آهي منجهس Thrill ٿوري دير کانپوءِ ٿي اچي. وري به الغوزي يا بينن وارو سر ۾ جهٽ اچي ويندو آهي، پر Jazz وارو وقت ٿو وٺي.
________ _______
لنڊن ۾ رهندڙ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي هدايت الله ميمڻ ٻڌايو ته اسان وٽ غريب ماڻهو معنيٰ هن وٽ ٽي ويلا کائڻ لاءِ ۽ سرديءَ کان بچڻ لاءِ ڪپڙو به نه هوندو. پر هتي يورپ ۾ ڪو چوي ته هو غريب آهي معنيٰ هن جو مطلب آهي ته سال ۾ هو هڪ دفعي کان وڌيڪ ڪَناري (Canary)يا هوائي (Hawaii)ٻيٽ تي موڪلن لاءِ نٿو وڃي سگهي.
______ ______
هئمبرگ جي سينٽ پولي علائقي ۾ هڪ پاڪستاني احمدي ڇوڪرو مليو. پاڻ پاڪستان مان غيرقانوني طور تي هتان اچي نڪتو هو. پنج ڇھه مھينا پيزا ٺاهڻ واري هوٽل ۾ بصر وڍڻ جو ڪم ڪيائين. هاڻ بئريگيري. کانئس پڇيم ته اڄ ڪلهه جرمني ۾ ڌارين کي اچڻ نٿا ڏين. خاص ڪري ايشيا جي ماڻهن کي ۽ جيڪي غيرقانوني اچي چڪا آهن انهن کي به لڏائين پيا. پاڻ ڪيئن هتي رهجي ويو آهي.
ٻڌايائين ته هو ڪجهه مھنا لڪندو رهيو. ”پوءِ هڪ ڏينھن، جڏهن مون کي کڻي جهليائون ته غيرقانوني طور ڇوهتي ٽِڪي پيو آهيان ته اهو بھانو ٺاهي همدردي حاصلڪيم ته آئون قادياني آهيان، ان ڪري مون تي پاڪستان ۾ ظلم ڪياويا. گهر ساڙيو ويو. هاڻ واپس ملڪ ويندس ته اتي جا ماڻهو مون کي ماري رکندا. اهو ٻڌي، هتي جي حڪومت سچ سمجهي، مون کي همدردي طور اجازت ڏئي ڇڏي ته هنن جي ملڪ ۾ ڀلي هميشه لاءِ رهي پوان.“ هو کلڻ لڳو، ڄڻ ڪو وڏي سورهيائيءَ جو ڪم سر انجام ڏنو هجيس.
______ _______
هئمبرگ جي ريلوي اسٽيشن تي هڪ ٿلهي آفريڪن عورت بيٺي هئي. چيف آفيسر ۽ آئون کانئس پڇندا رهياسين ته ڪھري ملڪ جي آهين؟ سندس مڙس باٿ روم ۾ ويل هو.
”گهانا...؟ ڪينيا...؟ نائجيريا...؟“ اسان ڌڪا هڻندا رهياسين، پر هوءَ به ٻڌائي نه. چئي پاڻهي سلهيو. چيف آفيسر چيو: ”ڀڄ ته ڀڄون، اجهو ته سندس راڪاس جھڙو مڙس باٿ روم مان نڪتو ۽ اسان جا سرنهه جا ڌاڻا ڪري ڇڏيندو.“
اسان کي ويندو ڏسي ٻڌايائين ته هوءَ ٽانگانيڪا جي آهي. سڄي گوري اڇي ملڪ ۾ هڪڙي ڪاري عجيب لڳي رهي هئي! کانئس موڪل وٺي اسان ساڻس گڏ فوٽا ڪڍايا. اسان کي ڏسي اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيا جرمن به فوٽو ڪڍڻ ۾ لڳي ويا.
آفريڪا ۾ ائين ڪڏهن به ڪاري ماڻهوءَ سان گڏ فوٽو ڪڍائڻ جو شوق نه ٿيو. پر هتي اها نئين ڳالهه لڳي رهي هئي. خير ڪارا ته اسان به ٿياسين پر اسان اهي ڪاريون مينھون آهيون جي پڇ ڪارين ڍڳين تان کِلون.
_____ ______
ڊئنمارڪ جي هڪ سئنيما هال ۾ انگريزي فلم ڏسڻ وياسين. فلم جا پوسٽر ڊئنش زبان ۾ لکيلهئا. فلم “Walking Tall” هئي پر ان جو ڊئنش ترجمو ”پيار منھنجو آخري هٿيار“ (لو از ماءِ لاسٽ وئپن) رکيل هو. هڪ هتي جي همراهه کان فلم جو نالو پڇيم ته ان ڊئنش ۾ ترجمي وارو نالو ٻڌايو ته ”پيار منھنجو آخري هٿيار“ آهي. اسان به اها فلم نئين سمجهي ٽڪيٽ وٺي اندر ويٺاسين ته خبر پئي ته فلم Walking Tall آهي. ٻاهر ٽڪيٽ واري سان اچي جهيڙو ڪيوسين. تنھن چيو ته اها ته ڪا نئين ڳالهه آهي ڪانه. اسان انگريزي فلمن جا ڊئنش ۾ ترجما پنھنجي مرضي سان ڪندا آهيون. (جيئن اسان وٽ `Trap` فلم جو ترجمو ’خوفناڪ ماڻهو‘ ٿيو هو. ڪي ڪي ته اسان وٽ به ڪمال جا ترجما ٿيندا آهن. هڪ دفعو بندر روڊ جي هڪ سئنيما وارن Lolita فلم جو ترجمو ”لونڊي باز حسينا“ لکي وڻ تي پوسٽر هڻي ڇڏيو هو.)
بھرحال اسان جي جهيڙي مان وريو ڪجهه ڪونه. چُپڙي ڪري اچي فلم ڏٺيسين. فلم سٺي هئي. ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي انگريزي فلمون ڊئنمارڪ ۽ ناروي جي اڌ کان وڌيڪ سئنيما هالن ۾ هلن. هتي جا ماڻهو انگلنڊ ۽ آمريڪا کان ڏاڍو متاثر ٿا ڏسجن. ساڳيو هال يورپ جي ٻين ملڪن جو آهي.

راسٽڪ_ ايسٽ جرمني

• لوهي پڙدي Iron Curtain جي هن پار

اڄ هتان ڪوچ ڪري رهيا آهيون. راسٽڪ (اوڀر جرمني) بابت ڪجهه ڳالهيون:
سوشلسٽ ملڪ آهي. گھڻي آزادي ناهي. جھاز اچڻ وڃڻ وقت سخت چڪاس ته متان سندن ڪوماڻهو ڀڄي ته نٿو وڃي. پولينڊ،روس، بلغاريا وانگر هيٺ ڏاڪڻ تي به سنتري بيٺل، جيڪو چوويھه ئي ڪلاڪ هر ماڻهوءَ جي ايندي ويندي چڪاس وٺي ٿو ۽ وقت درج ڪري ٿو. شھر وڃڻ وقت ان کي پنھنجو پاسپورٽ (C.D.C) ڏئي وڃڻو پوي ٿو ۽ واپسي تي کڻڻو پوي ٿو. جھازين لاءِ بندرگاهه ۾ ”ڊيوٽي معاف دڪان“ آهي جتي هنن جي حساب سان شيون سستيون ڏنيون وڃن ٿيون. شھر ۾ سختيءَ جي باوجود ڪيترن هنڌن تي سولائيءَ سان ڊالر ٻيڻي اگهه تي مٽجيو ملن ٿا. سو ظاهر آهي جھازين جو گهڻو حصو، شھر مان بليڪ تي مٽائي. هتي جي ماڻهن جو ان سلسلي ۾ هڪ ئي جواب ته ڊالر پائونڊ گڏ ڪري هن ملڪ مان ڀڄڻ چاهيون ٿا.

هتي جي هڪ عورت مسز پاليڪ سان بس اسٽاپ تي ورتل انٽرويو جا ٽڪرا:

”... اسان ٻين ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ به نٿا وڃي سگهون، سواءِ سوشلسٽ ملڪن: بلغاريا، رومانيا، چيڪوسلاويڪيا وغيره جي. هتي اسڪولن ڪاليجن ۾ جرمن ۽ روسي زبان پڙهائين. انگريزي مون پنھنجي مڙس کان سکي آهي، جيڪو جھاز تي خلاصي آهي. هتي گهڻو تڻو سامان روس جو وڪامي ۽ اسان جي ملڪ جو ڪچو سامان به جھڙي تھڙي اگهه ۾ روس وٺي. (جيئن آزادي کان اڳ انگلنڊ ۽ ننڍي کنڊجو حساب ڪتاب هو) ٻين ملڪن جون شيون لڪ ڇپ ۾ ۽ بليڪ تي وڪامن.“
هتي، ويسٽ جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ۾ پگهار گهٽ، شيون مھانگيون ۽ اڻ لڀ آهن. مقابلو نه هجڻ ڪري هر شيءِ جو معيار ڪريل. شھر ۾ اشتھارن جون نيان بتيون ۽ جهرمر جهرمر گهٽ.
”ويسٽ جرمني کي سٺو ٿا سمجهو يا هن پنھنجي ايسٽ جرمنيءَ کي؟“ مون کانئس پڇيو.
”گهمڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ ويسٽ جرمني سٺو آهي پر رهڻ لاءِ ايسٽ جرمني. اسان جي ايسٽ جرمنيءَ ۾ اها ساڳالهه آهي ته برايون نه آهن. مثلاَ: چوري، ڌاڙا، غندا گردي کلي عام فحاشي وغيره بلڪل نه برابر آهن، جيڪي ويسٽ جرمني يا ٻين سامراجي ملڪن ۾ آهن.“
”پوءِ به توهان هتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا رهو ٿا. ڇو ڀلا؟“
”بس. شايد، ان هوندي به اسان ڪنھن شيءِ جي کوٽ محسوس ڪريون ٿا_ اها آهي شخصي آزادي. ان کان علاوه اسان جو هي ملڪ، جيڪو ظاهري طرح ته سوشلسٽ ملڪ سڏجي ٿو، پر حقيقت ۾ Police State هجڻ ڪري هر وقت خوف ۽ هراس جي زندگي بسر ڪيون ٿا.“
”باقي اڌ (مغربي) جرمني بابت تنھنجا احساس ڇا آهن؟“
”منھنجا مائٽ مغربي جرمني ۾ به آهن. ٻي جنگ عظيم دوران منھنجي ماءُ نانيءَ وٽ گهمڻ هِن پاسي آئي هئي. جتي آئون ڄايس. پوءِ پيءُ وٽ وڃڻ کان اڳ اسان Iron-Curtain ذريعي الڳ ٿي وياسين. ٻن ماڻهن کي ڌار رکي سگهجي ٿو پر هڪ جسم کي اڌ اڌ ڪرڻ ڪيڏو عذاب آهي. ايسٽ جرمني ۽ ويسٽ جرمني به هڪ ئي جسم آهن. هڪ ئي جان. پر خير وقت وقت ۽ قسمت قسمت جي ڳالهه آهي، سائين.“

ايسٽ جرمنيءَ جي هن شھر راسٽڪ مان، بلغاريا جو ٺھيل، بصرن ۽ ونگين جو آچار ورتم. ڪئميرا لاءِ روسي فلمي رول، پکين ڦاسائڻ لاءِ پولينڊ جو امپورٽ ٿيل ڪوڙڪو، رومانيا جو پلاسٽڪ مان ٺھيل بڪ_ شيلف ۽ هتان جا ڪيڪ پيسٽريون پڻ ورتم.

هڪ پاڻ جھڙو ڪارو ايشين نظر آيو. خبر پئي ته هو هندستان جو وڏو واپاري آهي. هتي مال جي بدلي مال موڪلڻ جي سلسلي ۾ واپاري دوري تي آيل آهي. پاڻ ٻڌايائين ته روس ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن جي سڪي جي دنيا ۾ ڪا به ساک ناهي، ان ڪري هنن ملڪن سان واپار ڪندي هرڪو ڪيٻائي ٿو پر هڪ اهو بارٽر طريقو ئي ڪامياب رهي سگهي ٿو. خاص ڪري اسان جھڙن غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن لاءِ.

سئم ڪانگ _ چين

• ٿولهه گهٽائڻ جا جَتن

سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه ڏينھن ترسڻ بعد اسان جو جھاز چين هن بندرگاهه سئم ڪانگ ۾ آيو. چين جي ڪنھن به شھر ۾ نه سنگاپور، هانگ ڪانگ جھڙا شاپنگ سينٽر ۽ نه آمريڪا يورپ جھڙيون سئنيمائون ۽ رونقون. ڪلب يا بازاريون ته آهن ئي ڪونه، جتي گهمجي. چين ۾ وڌ ۾ وڌ جھازين لاءِ هڪ فرينڊ شپ اسٽور نالي دڪان، ۽ ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۽ مائوءَ جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ هڪ سي_ مين ڪلب آهي.
سو جڏهن ٻيو ڪو ڪم ڪار نه هوندو آهي ته ڪئپٽن، چيف آفيسر، سيڪنڊ انجنير ۽ آءٌ شام جو گڏجي واڪ لاءِ نڪرندا آهيون. رستي جي ٻنهي پاسن کان پِتائي گجر، مٽر، پالڪ ۽ ميٿي جھڙيون ڀاڄيون، پري پري تائين پکڙيل نظر اينديون. رستي جي ڪپرن تي چيني ٻار، ڪڪڙيون، بدڪون ۽ اڇي ۽ ڀوري رنگ جا سوئر. ٻارن جون چڍيون پوري وچ تان ڪتريل جيئن هنگڻ مٽڻ مھل چڍي خراب نه ٿئي. ننڍو ٻار اسان ڌارين کي وائڙن وانگر ڏسي ٿو ۽ اسان هن کي.
ميل ٻه اوٽ موٽ پنڌ ڪري پنھنجو پاڻ کي خوش رکڻ_ يا دوکو ڏيڻ لاءِ، پنڌ جون تعريفون ڪندا آهيون.
”جيڪو ماڻهو روز ٻه ميل پنڌ ڪري ٿو،“ ڪئپٽن خالد علي خان انڪشاف ڪيو، ”اهو پيريءَ تائين چاق چڱو ڀلو رهي ٿو. ڊوڙ جھڙي ٻي سٺي ۽ سولي ورزش ته آهي ئي ڪانه. خاص ڪري پيٽ کي اندر رکڻ لاءِ.“
”پيٽ جي کل کي آڱوٺي ۽ آڱر ۾ جهلي ڏسجي. جي اڌ انچ کان ٿولهه وڌيل نظر اچي ته معنيٰ خطرو آهي ۽ ورزش وڌائڻ کپي.“ سيڪنڊ انجنير ٻڌايو.
”جھاز تي پيٽ گهٽائڻ جي بھترين وزرش هئچ ۾هيٺ لھڻ چڙهڻ آهي يا ڏنڊ ڪڍجن،“ چيف آفيسر چيو، ”پر امتحانن تي لھڻ وقت، سڄو سڄو ڏينھن هڪ هنڌ وهڻ ڪري ماڻهو بي ڊولو ٿيو وڃي. پاڻ وٽ اهڙا بندوبست ڪونه آهن نه ته روز شام جو وڃي سئمنگ ڪجي، يا جمناسٽڪ ڪجي. بس هڪ ڊوڙ ئي آهي.“
”يار اسان ته ان ڊوڙ لاءِ به ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿياسين.“ مون چيو ۽ کين Apprentice واري دور جو چرچو ٻڌايو ته اسان سان ان ڊوڙ ڪھڙي تعدي ڪئي هئي. ”پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي ۾ لڳاتار پي ٽي پريڊ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ ۾ جڏهن ڇڙواڳن واري زندگي مليسين ته ڪجهه ڏينھن کانپوءِ اسان سوچيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته رڳو All work no play وارو حساب رکجي. ٻيو نه ته صبح جو سوير اٿي ڪجهه ميل ڊوڙجي. اسان سڀ، هاسٽل بدران، ڌار ڌار، شھر جي مختلف هنڌن تي رهندا هئاسين. مون سان گڏ هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ چيف انجنير سيف الرحمان، نارٿ ناظم آباد جي حيدري علائقي ۾ رهندو هو. چڍيون ته اڳھين رکيون هيون باقي صدر مان وڃي رٻڙي بوٽ وٺي آياسين ۽ اهو پھه ڪيوسين ته صبح جو سوير منھن اونداهيءَ ۾، حيدري جي بس اسٽاپ کان وٺي ايل بلاڪ تائين_ اٽڪل ٻه ميل کن، اوٽ موٽ ڊوڙنداسين.

• هر مورچي تي رول ڪتا

”ٻئي ڏينھن، صبح ساڻ، باک ڦٽڻ کان چڱو اڳ، وڏي شوق مان رٻڙي بوٽ ۽ چڍيون پائي ڊوڙڻ لاءِ نڪتاسين. سڀ ڪجهه صحيح ٿيندو رهيو. پر ايل بلاڪ جي چوواٽي کان ٿورو اڳ ڏامر جي خالي ڊرمن ۾ ٽي چار ستل ڪتا، اٿي ٿا اسان جي ڪڍ لڳن. پوءِ ته سائين اسان سان حالت هجي. ايل بلاڪ جو مقرر هنڌ به پٺيان رهجي ويو پر اسان سڌو نيو ڪراچي ڏي ڊوڙندا وياسين. اهي ڪتا ٿورو ڊوڙي، ٿڪا ئي مس ته ٻين ڪتن وارو وٺاين. اسان کي پنھنجو پاڻ تي رحم پئي آيو ته ڪتا آهن سو `Relay – Race` پيا ڪن ۽ اسان `Country-Cross` ڊوڙ جي مصيبت ۾. بھرحال ’سخي حسن‘ جي قبرستان وٽ پھچائي پوءِ ڪتن جان ڇڏي. تن ڏينھن ۾ نارٿ ناظم آباد اڃان ايترو آباد نه ٿيو هو. فقط ڪجهه گهر ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان حيدريءَ وٽ هئا، ٻيو مڙيئي خير. اسان سان جٺ ته ڏاڍي ٿي. آڀا ساهه کڻي هڪٻئي کي چيوسين ته يار ڪجهه عقل جي ڊوڙ ڪيون ها ۽ سڌو ڀڄڻ بدران پويان پير ڪيون ها ته هيستائين گھر ڀيڙا به اچي ٿيون ها ۽ ڪتن جي به فقط هڪ بٽيلن سان مقابلو ڪرڻو پوي ها_ پر هاڻ گهر تائين ڪيئن موٽجي. هر مورچي تي رول ڪتا منھن ڪڍيو ويٺا هوندا.

”خير سائين، پرهه ڦٽي. پوءِ جڏهن سورج شاخون ڪڍي صبح جو اعلان ڪيو تڏهن هڪ کٽارو بس ماڻهن سان ٽٻ، نيو ڪراچي کان ايندي نظر آئي. منجهس ويھڻ يا بيھڻ جي جڳهه ته نه هئي، پر ٻاهر ڏنڊي ۾ ئي هٿ وجهي، لڙڪندا اچي گهر نڪتاسين. واٽ تي اسان رستي تي بيٺلن کي ۽ رستي وارا اسان کي ڏسندا رهيا ته هي چڍين ۽ گنجين ۾ ڪھڙا مسخرا، سرڪس جا ڪرتب ڪندا وڃن.
”سيف الرحمان کان، گهر اچي پڇيم ته جيڪي ٿيو سو ٿيو پر هاڻ هنن رٻڙي بوٽن جو ڪو ”فيوچر“ نه هجي ته ڀلي پاڙي جي ٻارن کي ”پريزنٽ“ ڪري ڇڏيون ته پائي ڪرڪيٽ کيڏن.“
”هن خواري کانپوءِ اڃان به ڪا سڌ يا شونق ڊوڙڻ جو باقي رهيو آهي ڇا_؟“ سيف الرحمان سڙي کامي ورندي ڏنيهئي. سو اهي آهن ڊوڙ جون خبرون.

چين جو بندرگاهه شنگهائي

ٻن ڏينھن جي لڳاتار سفر کانپوءِ، رات جھاز ڪنھن وقت شنگهائي بندرگاهه جي ٻاهران، لنگر اچي ڪيرايو. صبح جو اٿيس ته ڪنھن جو آواز ڪن تي پيو ته اسان جو جھاز ”يوانگستي“ نديءَ جي ڇوڙ وٽ بيٺوآهي. ”يوانگستي_!“ اهو نالو ٻڌڻ سان مون کي ائين لڳو ڄڻ کن پل لاءِ دل ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيو. يوانگستي، نيل، اميزان، ڊئنيوب، ميڪانگ، وولگا، زئمبيزي، دجله،فرات، گنگا، برهمپترا،امُودريا، سنڌو دريا_ هي اهي ئي ته نالا آهن جيڪي ننڍي هوندي هر وقت زبان تي هوندا هئا، ۽ جن ڪري جاگرافيءَ ۾ هميشه مٿاهون نمبر کڻندو هوس.
ٻاهر نڪري يوانگستي نديءَ جو سنڌو ۽ نيل جھڙو ميرو ميٽوڙي رنگ جو گپ سان ڀريل پاڻي ۽ ويڪر ڏسڻ لڳس. دل ئي دل ۾ اهو سوچي عجيب محسوس ٿي رهيو هو ته اسان هن وقت چين جي حدن ۾ آهيون. صدين کان وٺي چين سونھن، نزاڪت، سينگار، حسن ۽ رونق جي علامت پئي رهيو آهي. ننڍي هوندي ڪھاڻين ۾ پڙهيل، جيڪا حسين شھزادي هوندي هئي، جنھن جو بدن ريشم جھڙو نرم ۽ گلاب جي ٽڙيل گل جھڙو سھڻو هوندو هو، اها چيني ئي هوندي هئي. الف ليليٰ جي داستان جو شھزادو، جڏهن ڀلجي ڪنھن نرالي ماڳ تي وڃي پھچندو هو ته اهو چين ئي هوندو هو، جتي سنگمرمر ۽ عاج تي ڪم ٿيل ڀتين ۽ ڇتين وارا گهر هوندا هئا. جتي سھڻيون ۽ نازڪ ڇوڪريون پاڻ کي پالڪين ۾ کڻائي بازارن جو نظارو ڪنديون هيون. عورتون ۽ مرد عام ڏينھن تي به اطلس ڪيمخواب، زري زربفت جا ڪپڙا پھري پسار ڪندي نظر ايندا هئا.
ڪا ڇوڪري پنھنجي محبوب کي ڏوراپو ڏيندي هئي ته به چيني ڇوڪريءَ جو_ ته اهڙو جي پاڻ کي سمجهين ٿو ته وڃي ڪنھن چيني ڇوڪريءَ سان شادي ڪر. فقط چيني ڇوڪريون ئي حسن ۽ سونھن، نزاڪت ۽ ناز جون ديويون سمجهيون وينديون هيون _ جن جي اڳيان پويان سوين خذمتگار هوندا هئا. اتي جون ٻيڙيون سون ۽ چانديءَ جي تارن ۽ ورڪن سان مڙهيل ۽ سينگاريل هونديون هيون، جيڪي کير جي ندين ۾ هلنديون هيون. عام ٻيڙيون به عاج، شاهه بلوط، ڪافور ۽ خبر ناهي ڪھڙن قيمتي ڌاتن ۽ ڪاٺن مان ٺھيل، ٻڌبيون هيون. پنھنجي ننڍپڻ جي اهڙي وڃايل حسين خواب کي آئون يوانگستي نديءَ جي آس پاس ڳولڻ لڳس. اوسي_ پاسي ۾ ٻيا به چار پنج ڌارين، ملڪن جا جھاز لنگر ڪيرائي اندر وڃڻ لاءِ پائلٽ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڪجهه ٻيڙين ۾ چيني مھاڻا ٻارن ٻچن سميت مڇيون ڦاسائي رهيا هئا_ يا ڦاسائڻ لاءِ ٻاهر کلئي سمنڊ ڏي وڃي رهيا هئا. تمام رواجي، ساديون (پر مضبوط) ڪاٺ جون ٻيڙيون هيون.مردن ۽ عورتن کي هڪ جھڙا پراڻا_ گهڻي ڌوپ ڪري ڦٽي ويل، بلو رنگ جا ڪپڙا ڍڪيل هئا، جن تي ڪيترن هنڌن تي ٻئي رنگ جي ڪپڙن جون چتيون لڳل هيون. اونهاري جي ساڙيندڙ سج ۾ مرد ۽ عورتون هٿن سان چپو هلائي رهيا هئا. ڪنھن ڪنھن ٻيڙيءَ ۾ ڪا عورت يا مرد وچ تي بيھي منجهيل رسا ۽ رڇ ٺاهي رهيو هو. اسان جي جھاز ڀرسان جنھن وقت اهي ٻيڙيون لنگهيون ٿي، ته ان ۾ ويٺل چيني مردن توڙي عورتن کي چتائي ڏٺو ته هنن جا هٿ ۽ جسم نرم ۽ نازڪ هجڻ بدران، اسان جي هاريءَ جي هٿن جھڙا سخت، کھرا ۽ سگهارا هئا _ هي چين سوين سالن کان قصن ۽ ڪھاڻين ۾ ٻُڌل چين کان مختلف، مائوءَ جو چين آهي، جنھن جي علامت پورهيو، محنت، سادگي ۽ ايمانداري آهي.

• آمريڪا جو جهونو پائلٽ چين ۾

ٽن ڏينهن بعد سڀاڻي شنگهائي ڇڏي رهيا آهيون. شام جو هتي جي سي_ مين ڪلب جي چيئرمئن، جھاز جي ڪجهه عملي کي چانھه پارٽي جي دعوت ڪئيهئي. صبح جو ڪو پروگرام نه هو سو باقي بچيل پئسا کڻي فرينڊشپ اسٽور ۾ خرچڻ لاءِ نڪتس. رستي تي ففٿ انجنير اسد ڀٽي مليو جو پڻ اوڏانھن وڃي رهيو هو. صبح جو وقت هجڻ ڪري ايترا گهڻا ماڻهو نه هئا. هڪ ڏينھن اڳ، جيڪي پي آءِ اي جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا سي به نظر نه آيا. شايد سندن اڏام هتان رواني ٿي وئي هئي.
بچيل چيني پئسن جي خريداري ڪري، ڀٽيءَ کي چيم ته هل ته Peace-Hotel هلون، جتي ڪيترائي انگريزي ڳالهائيندڙ هوندا. ٻيو نه ته ڪو انگريزي رسالو يا ڪتاب ئي انهن کان ملي وڃي جنھن ۾ ٻاهر جي خبر چار ملي سگهندي. ياد رهي ته هتي چين ۾ ڪنھن به ڌارئين ملڪ جو رسالو يا ڪتاب بڪ اسٽال تان نه ملي. سي مين ڪلب، فرينڊشپ اسٽور يا شھر جي ٻين اسٽالن تان فقط مائو، لينن، مارڪس جا، يا انهن بابت، مختلف زبانن: انگريزي، عربي، فرينچ، بنگالي، اڙدو، هندي، آفريڪن وغيره ۾ ملن. اسان جيئن ته يڪن ٽن چئن مھنن کان، پنھنجيملڪ کان ٻاهر هئاسين ۽ گذريل مھيني ٻن کان چين جي مختلف بندرگاهن: دهرين، شن تائر، سئم ڪانگ وغيره ۾ هئاسين، سو آندل ڪتاب ۽ رسالا سڀ ختم ٿي چڪا هئا ۽ ڪجهه پڙهڻ لاءِ ٻاتاڙا هئاسين.
سي مين ڪلب کان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ قداور جوان، چند قدم اسان کان اڳيان ويندو نظر آيو. هڪ ٻئي کي ڏسي ’هيلو‘ چيوسين. شنگهائي جيتوڻيڪ چين جي وڏن شھرن مان آهي ۽ آدم شماري جي لحاظ کان ته ٽوڪيو ۽ نيويارڪ جي مقابلي جو آهي، پر سياح نظر نه ايندا، جيڪي ڪجهه ملندا سي رڳو سي مين ڪلب، فرينڊشپ اسٽور ۽ ان پيس هوٽل اڳيان. چين ۾، ٻاهريون آيل کڻي هانگ ڪانگ، سنگاپور يا انڊونيشيا جو چيني هجي، پر ته به سندس اوچن ڪپڙن مان سڃاڻي سگهبو ته هي هتي جو چيني نه آهي. هتي جي چيني ماڻهن جي سادگي، ايماندري ۽ محنت سان ڪو به نه پڄي سگهندو. سو هتي آيل سڀڌاريان هڪ ٻئي لاءِ پنھنجا ئي محسوس ڪندا آهن. ان اصول تحت ان قداور گوري همراهه سان هيلو ڪندي پڇيومانس ته آمريڪن آهين؟ جيتوڻيڪ پڪ ڪانه ٿي جو چين جا آمريڪا سان اڃان هاڻ تعلقات ٺھيا آهن ۽ ايترو جلد آمريڪن جو چين ۾ ائين ڦرڻ گرڻ عجيب پئي لڳو ته هي ساڳيو چين آهي جنھن ۾ اسان گذيل چئن پنجن سالن ۾ ڪئين دفعا آيا آهيون پر آمريڪن ته ڪو دوا لاءِ به ملڻ مشڪل هو. بھرحال چپي چپي تي آمريڪن ۽ سامراجي راڄ خلاف لکيل مائوءَ جي چوڻين ۾ گهٽتائي، سندن موجودگي جو احساس ڏياريو ٿي.
منھنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو پيس هوٽل ۾ رهي ٿو.
آزاديءَ کان اڳ ان هوٽل جو نالو ”ساسون“ هوٽل هو. اسان واڪ ڪندا ان هوٽل تائين پھتاسين. مٿئين همراهه ٻڌايو: ”اسان ڪالهه بوئنگ جھاز آمريڪا مان اڏائي هتي آيا آهيون. چين آمريڪا کان اهڙا ڏهه هوائي جھاز خريد ڪيا آهن تن مان هي پھريون خير سان پھچايو اٿئون. توهان پاڪستاني آهيو.“
”ڪيئن ڄاتو؟“
”پاڪستاني چين ۾ گهڻا آهن. چين ۽ پاڪستان سٺو نڀائيندو اچي.“
مون کيس ڪرسي آفر ڪري وهڻ لاءِ چيو:
”نه. نه. آئون ته ويھي ويھي ٿڪجي پيو آهيان. يڪ ساهيءَ جھاز هلايو اٿم. ان بعد ٻاهرن تيرهن ڪلاڪ ننڊ ڪري اٿيو آهيان.“
سندس اعليٰ شخصيت ۽ بي تڪلف نموني جي ڳالهائڻ مان ڏاڍو متاثر ٿيس. پاڻ ٻڌائين ته هو بوئنگ جو پائليٽ آهي سندس عمر پنجونجاه سال ٿيندي ۽ لڳاتار ٽيھن سالن کان جھاز هلائيندو اچي، پنھنجي سوني واچ ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين ته اها خاص واچ، هوائي ڪمپنيءَ طرفان ان کي ملندي آهي جنھن جي نوڪري ٽيھه سال ٿئي. پاڻ پنھنجو نالو اين. جي.نيسٽ گارڊ ٻڌايائين. واشنگٽن (ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا) جو رهاڪو آهي. چين ۾ سندس پھريون دفعو هو. ڳالهين ڪندي چيائين، ”عجيب زندگي آهي منھنجي به. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. گذريل هفتي، هن ڏينھن تي اسان دنيا جي ٻي ڪنڊ ارجنٽائن ۾ ويٺا هئاسين ۽ هينئر چين ۾.“
”ڪراچيءَ ۾ به اچڻ ٿيو آهي توهان جو_؟“
”ها هڪ دفعو آيو هوس، پر اونهارو هو. سخت گرميءَ ڏاڍو تنگ ڪيو. ٻئي ڏينھن موٽڻ به ٿيو.“

• سڄي دنيا جو ڀلو چاهڻ وارا

”هتي ڪيترا ڏينھن هوندائو؟“ مون کانئس پڇيو.
”بس سڀاڻي واپسي آهي.“ هن وراڻيو.
”چين بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟“
ڪلهي تي هٿ رکي، هجائتو ٿي چيائين: ”يار پاڻ رولاڪ ماڻهو سڄي دنيا جا رهواسي. پاڻ ڇا ڄاڻون سياست مان.“
”اهو ته پاڻ سٺو. پوءِ ته پاڻ توهان جو رايو، چين بابت، سچيءَ دل وارو ۽ صحيح هوندو.“ مون چيومانس ۽ ساڳي وقت کيس پاڻ بابت به ٻڌايم ته انجنير هجڻ سان گڏ لکڻ منھنجي هابي آهي. ”سو پنھنجي مشاهدي ۽ معلومات سان گڏ توهان جھڙن پُرخلوص ماڻهنجا ويچار ۽ رايا معلوم ڪرڻ وڌيڪ سڦل ۽ ڪارآمد ثابت ٿيندو.“
”مان ته چين جي ترقي ۽ واڌاري مان ڏاڍو خوش ۽ متاثر ٿيو آهيان. آئون ته ان راءِ جو آهيان ته هر ملڪ کي پنھنجا پنھنجا مسئلا آهن، جن کي هو پاڻ ئي بھتر نموني سان منھن ڏئي سگهن ٿا. هڪ ملڪ جي مسئلن ۾ ٻئي ملڪ جو نڪ ٽنڀڻ سٺو ناهي. هتي جا سياستدان ۽ اڳواڻ بيحد سچار ۽ ايماندار ڏسجن ٿا، تڏهن ته هنن قربانيون ڏئي ملڪ کي هن حال تي آندو آهي نه ته چين جي حالت اڄ کان پنجويھه ٽيھه سال کن اڳ هڪ پساهه کڻندڙ مريض جھڙي هئي.“
منھنجي اڳيان وڏن کان ٻڌل ۽ پڙهيل، چين بابت ڳالهيون ڦرڻ لڳيون. هن چين ملڪ ۽ ماڻهن سان ڪيئن جپانين، آمريڪن، فرينچن، انگريزن ۽ ٻين قومن رڻ ڪيا، ڪيئن لٽيو_ هر لحاظ کان لٽيو ڦريو_ اخلاقي طرح توڙي مالي طرح. انقلاب وقت ته انهن اهوسوچيو به نه ته ڪو هي ملڪ هلندو يا بچندو. ڪنھن تسليم ئي نٿي ڪيس. پر ڪجهه به هجي، شاباس هجي انهن نيڪ ايماندار اڳواڻن کي جن ان ملڪ کي، جنھن کي ڌارين طاقتن هڻي چرسي، موالي ۽ ڪاهل بڻائي ڇڏيو هو، جنھن جي ڌرتي جي سپوتن ۽ ڌڃاڻين کي بيٺڪي راڄن نه فقط نيچ سمجهيو پر دنيا نشئي_ گهر ۽ چڪلو بڻائي ڇڏيو، اڄ ان ملڪ جو مقابلو دنيا جو ڪو به ملڪ نٿو ڪري سگهي_ ڪو عرب اسلامي ملڪ يا جمهوري ملڪ به نه. اخلاق، ايمانداري، انصاف، امن امان وغيره ۾ ڪو به ملڪ پڄي نه سگهندو. اڄ اهو چين جنھن کي ڪجهه نه هو سو دنيا جي ائٽمي طاقت آهي. هتي جي انگ اکرن موجب،جيتري اناج ۽ سامان جي پيدائش سال ۾ ٿيندي هئي سا هاڻ هڪ ڏينھن ۾ ٿي ٿئي. ۽ اتي بس ناهي، هو اڃان به اڳتي وڌي رهيا آهن، پنھنجي ملڪ ۽ پنھنجي خوشحاليءَ ڏي.
سامهون، هوٽل جي مين گيٽ ٻاهران، رستي تي ٻه چار چيني عورتون ۽ مرد هلڪي آسماني ۽ خاڪي رنگ جي چتين لڳل ڪپڙن ۾ کِلندا، ڳالهائيندا، لنگهي ويا. انهن کي ڏسي مسٽر نسٽگارڊ چيو:
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چينين کي سادو لباس پائڻو پوي ٿو پر ڪو به بک کان ڪونه ٿو مري.“
”ڀلا چينين جي اختلاف بابت ڇا راءِ اٿانوَ؟منھنجو مطلب آهي، گهڻن يورپين، امريڪن ۽ ٻين ڌارين آيلن کي چين نه وڻندو آهي جو هتي ٻين ملڪن جيان عياشي ناهي، سھڻيون سھڻيون ميڪ اپ ۾ ٻڏل، نرم نرم جسمن واريون ڇوڪريون نه آهن جن جو ڪم ڌارين مردن جي کيسي جي رستي سندن دل اندر گهڙڻ آهي. هتي ته سڀ ڇوڪريون مردن جيئن پورهيت ميڪ اپ ۽ لالي سرخيءَ کان خالي، کُھرن هٿن واريون آهن. جن جو ڪم غير مردن، جي دل خوش ڪرڻ نه پر ڪوڏر سان ڌرتيءَ جو سينو ڦاڙي اناج پيدا ڪرڻ آهي، ٽيڪم سان جبل ڏاري ڌاتو ڪڍڻ آهي ۽ پنھنجي ٻچن ۽ حقيقي مڙس جو خيال ڪرڻو آهي.“
”بلڪل صحيح آهين. اخلاقي طرح چين تمام اتم آهي. آمريڪا جھڙي قانوني ملڪ ۾ به ڏينھن ڏٺي، هلندي به ڊپ پيو ٿيندو پر هتي چين ۾، آڌي رات جو اڪيلي، جهرجهنگ ۾ بي حساب پئسا کڻي، ٻار يا نوجوان ڇوڪري به هلي سگهي ٿي. جنھن ملڪ ۾ هر ماڻهو (عورت توڙي مرد) کي حق حلال جي نوڪري هجي جنھن مان هن جو سکيو وقت پيو گذري، اجايو هوس ۽ ريس نه هجي، ملڪ جو نالو ۽ ناموس رکڻ جو خيال هجي، ان ملڪ جي عورت ڪڏهن به گمراهه نٿي ٿي سگهي.“
اتي اسد ڀٽيءَ تن ڏينھن ۾ آمريڪا ۾ هلندڙ واٽر گيٽ مسئلي تي خيال پڇيس:
”در اصل اسان جي آمريڪن قوم اهڙي چري آهي، جو شل نه هن کي ڪا ڳالهه هٿ اچي. ان جو روهه به رلائي رکندا. ’صحافت جي آزاديءَ‘ جو ڍونگ رچائي ان ڳالهه کي حد کان وڌيڪ Exploitation ۽ مبالغه آرائيءَ کان ڪم ورتو آهي. خير نڪسن ان ۾ ڪيترو به ڏوهاري هجي پر ان هڪ خرابيءَ جنھن آمريڪا جا ڪڏهن به نه ٺھندڙ تعلقات، روس سان ڳنڍايا، چين سان دوستي ڪرائي وغيره.“
”تنھن جي معنيٰ ته توهان به اهو محسوس ٿا ڪريو ته چين کي پري رکي، يا هنن جو هيستائين وجود نه مڃي، غلطي ڪئي.“
”خير بابا، مان سياستدان نه آهيان ۽ نه ڪو سياست ڏي لاڙو اٿم. پاڻ ته ٿياسين خانه بدوش ۽ رولاڪ، ڪڏهن ڪنھن ملڪ ۾ ديرو ته ڪڏهن ڪنھن ملڪ ۾ وٿاڻ. پاڻ جھڙن ماڻهن لاءِ ته سڄي دنيا هڪ گهر آهي. ڪو به ديس۽ وديس جو چڪر ناهي، سو پاڻ ته سڄي دنيا جو ڀلو چاهينداسين، شايد اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ان جو خواهان هوس ته چين سان دوستي به ضروري هئي_ پوءِ ان کي ڪو منھنجي فراخ دلي سمجهي يا امن ۾ اعتماد يا ڪمزوري.“
ايتري ۾ هڪ بس هوٽل جي در وٽ اچي بيٺي ۽ هنن آيل آمريڪنن جو چيني سونھون، کين بس ۾ وهاري ڪجهه گهمائڻ لاءِ وٺي ٿي ويو. اسان، بوئنگ جيٽ جي هن پوڙهي پائليٽ سان هٿ ملائي موڪلايو. بس چُرڻ لڳي ۽ اسان هٿ لوڏي کين الوداع چئي ۽ پوءِ، واه جو ڪپ ڏيندا اچي بندرگاهه ۾ جھاز تي پھتاسين.