شخصيتون ۽ خاڪا

انيس انصاري فن ۽ شخصيت

هي ڪتاب نامور محقق ۽ سياح اشتياق انصاريءَ جو پنھنجي والد انيس انصاريءَ جي سوانح ۽ ادبي خدمتن تي ايم.اي سنڌيءَ جو مونوگراف آهي. ڪتاب ۾ انيس انصاريءَ جي شخصيت ۽ ادبي پورهئي تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. انيس انصاريءَ ڀرپور زندگي گذاري آهي. هو ڪھاڻيڪار، سماج سڌارڪ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ مھمان نواز شخص هو. اشتياق انصاريءَ پنھنجي والد جي مصروفيتن ۽ مشغولين جي ذڪر سان گڏ انيس انصاريءَ جي همعصر، اديبن جي راين خاندان جي علم ۽ ادب جي تفصيل ڇپيل مواد جي فھرست ۽ سندس افسانہ نگاريءَ جي مختلف دورن تي تفصيل سان لکيو آهي.

Title Cover of book انيس انصاري فن ۽ شخصيت

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور محقق ۽ ليکڪ اشتياق انصاريءَ جو لکيل ڪتاب ”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب نامور محقق ۽ سياح اشتياق انصاريءَ جو پنھنجي والد انيس انصاريءَ جي سوانح ۽ ادبي خدمتن تي ايم.اي سنڌيءَ جو مونوگراف آهي. ڪتاب ۾ انيس انصاريءَ جي شخصيت ۽ ادبي پورهئي تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. انيس انصاريءَ ڀرپور زندگي گذاري آهي. هو ڪھاڻيڪار، سماج سڌارڪ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ مھمان نواز شخص هو. اشتياق انصاريءَ پنھنجي والد جي مصروفيتن ۽ مشغولين جي ذڪر سان گڏ انيس انصاريءَ جي همعصر، اديبن جي راين خاندان جي علم ۽ ادب جي تفصيل ڇپيل مواد جي فھرست ۽ سندس افسانہ نگاريءَ جي مختلف دورن تي تفصيل سان لکيو آهي.
ھي ڪتاب 2008ع  ۾ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي