الطاف شيخ ڪارنر

جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

الطاف شيخ جپان بابت کوڙ سفرناما لکيا آھن. ھي سفرنامو 25 سالن کانپوءِ سندس جپان گهمڻ کانپوءِ جو لکيل آھي. مزاحيہ مھاڳ ۾ امتياز ابڙو لکي ٿو: ”الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين بہ ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا تہ لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ تہ باقاعدہ الطاف کي خط لکيو تہ ”اسان آخر توهان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: جپان_ پنجويھن ورهين کانپوءِ
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو پھريون: روشني پبليڪيشن
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي
روشني ڪمپيوٽر فائين ڪميونيڪيشن، حيدر چوڪ، حيدرآباد.
ڇپرائيندڙ: ©روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ
سال: 2005ع

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023

JAPAN – PANJWEHAN WARHYAN
KHAA POEE
(Japan – A Visit After 25 Years)
By: Altaf Shaikh
Composed by: Habib Qadir Qureshi
Roshni Composer and Printer, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
Printed by: Roshni Publication, Kandiaro
First Edition© Roshni 2005.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت لکيل سفرنامو ”جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ جپان بابت کوڙ سفرناما لکيا آھن. ھي سفرنامو 25 سالن کانپوءِ سندس جپان گهمڻ کانپوءِ جو لکيل آھي. مزاحيہ مھاڳ ۾ امتياز ابڙو لکي ٿو: ”الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين بہ ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا تہ لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ تہ باقاعدہ الطاف کي خط لکيو تہ ”اسان آخر توهان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“
ھي ڪتاب 2005ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو طرفان شايع ڪيو ويو. ٿورائتا آھيون سائين الطاف شيخ جا جنھن ھن ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪرائي ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

مئڊم مھتاب راشدي نالي

سنڌ جي هن ڄائيءَ جي خدمتن جو جيترو اعتراف ڪيو وڃي، گهٽ آهي.
مئڊم مهتاب تي پنھنجي طرفان ڪجهه وڌيڪ لکڻ بدران سنڌ جي گهڻي پڙهيو ويندڙ ڪالم نويس اعجاز منگيءَ جو هڪ ڪالم ”مٽي ۽ مهتاب“، عبرت اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.

الطاف شيخ

مِٽي ۽ مھتاب

هن کي معلوم آ ته موت کانپوءِ جڏهن هن جي مرڪ هن جي برف جھڙن چپن تي جنوريءَ جي چنڊ جو ڄمي ويل عڪس بڻجي ويندي ته مان ڪاغذ کڻي قلم جي سُئيءَ سان هڪ ڪالم جي فريم ۾ هُرمچي جي صورت جي اها تصوير اڀارڻ جي ڪوشش ڪندس، جنھن کي منھنجيون اکيون ائين ڏسنديون رهيون آهن، جيئن هوءَ آهي، جيئن هن کي هن جوٺي جڳ کان وسري ويل جي ايم مھڪريءَ ڏٺو هو ۽ هن کي پنھنجي دل جي ٽاريءَ تي ويٺل بلبل ڪوٺيو هو. جي. ايم مھڪري ائين ڪري ٿي سگهيو . ان پياري پوڙهي کي اهو حق حاصل هو ته، هو مھتاب چنا جي ان حقيقي سونھن جي ساراهه بيخوفيءِ سان بيان ڪري، جيڪا جوانيءَ جيان بي وفا نه هوندي آهي. جيڪا نئين ديري جي هڪ گهر ۾ هڪ ٻارڙي خدا کان مليل تحفي جيان کڻي آئي ۽ اڄ تائين اها خوبصورتي هن جي تارن ۾ ترسيل آهي. اهڙي سونھن صرف هرڻ جي اکين ۾ ان وقت پسي سگهجي ٿي، جڏهن هو رگيستان ۾ هڪ چشمي تي جهڪي پاڻي پيئي_ توڙي جو جنرل ضياءَ جي حڪم کي ٿڏي ٽي وي اسڪرين تان اٿي ويندڙ مھتاب ۾ مھڪريءَ جھڙي سدا جوان انقلابيءَ کي هڪ عوامي جمھوري حسن ڏسڻ ۾ آيو هو، پر پوءِ به ان باشعور خلوص ۾ ان سونھن جو تذڪرو هو، جنھن جي هڪ جهلڪ اياز جي ان نظم ۾ به پسي سگهجي ٿي، جنھن ۾ لکيو هو ته :
”هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن،
ڪنھن هن واريءَ جي وينجهر ۾
لھندڙ سج جي ٽِڪ ٻڌي آ
آهي ڪٿي سو ازلي وينجهر!؟“
ڪا اهڙي شيءِ، ڪا اهڙي تصوير، ڪو اهڙو تصور ان مھتاب چنا جي اکين ۾ به آهي، جنھن کي موجوده دؤر ميڊم مھتاب اڪبر راشديءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿو_ جيڪا اڄ سيڪريٽري انفارميشن آهي ۽ هن جو شمار” وي آءِ پيز“ ۾ ٿئي ٿو_ پر هوءِ ان عزت کي ان محبت جي جتيءَ جي دز به نه ٿي سمجهي، جيڪا سنڌ جي عوام هن کي ان وقت ڏني هئي، جنھن وقت انهن مھتاب چنا جي موهڻي صورت به نه پسي هئي، جڏهن هوءَ ريڊيو جي پردي پويان صرف هڪ آواز هئي. هڪ اهڙو آواز جنھن سنڌ ديس جي دل جو ڪڙو ائين کڙڪايو هو، جيئن نيڪ روح واري ڇيڳري ڇوڪري ٽھڪ ڏيندي آهي.
اها ناري جيڪا هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ هاڻن مھاڻن جي قبيلي مان آهي. هن جا وڏڙا مٽيءَ جون گهڙوليون جوڙيندا هئا، ۽ محبوبن جي چيلهه تي انهن جو ڇلڪندڙ روپ ڏسي سچل سرمست سوچيندو هو ته :
”وي گهڙا
تيڪون ڀن سٽان
ميڏي محبوب دي چيلهه رنجايئه
هڪ ته بار گهڙي دا
ڏوجها بار پاڻي دا
ٽيجها ويندءِ جان ملائي
ٻانھه مروڙيئي چوڙي والي
ڏوجهي ڳل ڳراٽي پايئه،
سڻ ميان صاحب ڏنا، بخت گهڙي دا
ساڏي عمر گئي اجائي!“

۽ درازن جي دل واري انسان جي اندر مان اهڙي اعتراض جو خواب پنھنجو پاڻ ڦٽي نڪرندو هو ته، ”ميان صاحب ڏنا! متان اسان کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪرين، پھرين تون اسان جي ڪھاڻي ته ٻڌ. اسان جيڪي ڪوڏرن جي ڌڪن سان ڌرتي ماءُ کان ڌار ٿياسين ۽ پوءِ اسان کي گڏهن تي ڍوئي اچي اُس ۾ اڇلايو ويو ۽ پوءِ صفا سڪائي پاڻي وجهي، اسان کي ڪيئن ڳوهيو ويو ۽ پوءِ اسان کي ڪيئن نه ماريو ويو ۽ مار کانپوءِ به اسان جي آزمائش پوري نه ٿي ۽ اسان کي چڪ تي چاڙهي اسان جو سرڪپيو ويو ۽ پوءِ چڪ تان لاهي اسان کي اُس ۾ رکيو ويو. اُس ۾ سُڪي ٺوٺ ٿيڻ کانپوءِ اسان کي آويءَ ۾ اڇلايو ويو ۽ سارو ڏينھن سڙڻ جي باوجود اسان کي ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻ کان روڪيو ويو ۽ اسان ان انجام تي پورا رهياسين پر ان باوجود اسان کي سرِ بازار وڪري جي لاءِ آندو ويو ۽ معلوم اٿئي اسان جي قيمت ڪيتري رکي وئي؟ صرف هڪ ٽڪو_ ان کانپوءِ ئي معشوقن جي گهاٽ آياسين.“
مھتاب چنا جو واسطو سنڌ جي انهن خاندانن مان ناهي، جيڪي هٿن ۾ تلوارون لھرائيندا دنيا جي پر امن ۽ سٻاجهي ديس تي خون وهائي بيشرميءَ سان پاڻ کي فاتح جو اعزاز ڏئي، آزاد انسانن کي غلام بڻائي ويٺا. مھتاب چنا جا وڏڙا موهن جي دڙي جا اهي اصلوڪا انسان هئا، جن جي هٿن سان جڙيل رانديڪن کي وقت جي سرڪش طاقت اڄ ڏينھن تائين نه ٽوڙي سگهي آهي. انسان جڏهن اڃا اڳتي وڌي شعوري فضيلت جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندو، تڏهن هن کي تاريخ جي انهن ٻانھن تي فخر محسوس نه ٿيندو، جن تلوارون هلايون ۽ ملڪ تاراج ڪيا، پر هن جي عقيدت اهي هٿ چمندي جن گهڙوليون ٺاهيون، جيڪي سڄي رات ولهه ۾ تاڙيءَ کي ٺاري هن جو تاثير ائين بڻائينديون هيون، جو ان جو هڪ هڪ ڍڪ انسان جي وسامي ويل اندر کي ٻيھر ٻاري ڇڏي ۽ اهي گهڙوليون صرف مڌ سبب بامعنيٰ نه هيون پر جڏهن اهي صفا خالي هونديون هيون، تڏهن به انهن جي گهڙوليءَ جي ٻاجهاري ٻوليءَ جي ساز کي ٻڌي ستارن کان اکيون ڇنڀڻ وسري وينديون هيون. اڳتي هلي اهي هٿ عزت ۽ مانَ جي نظر سان ڏٺا ويندا، جن هٿن قبل مسيح واري تاريخ جي ٻارڙن لاءِ ٺڪر جي بيل گاڏي ٺاهي!
جيڪڏهن ڌرتيءَ جي دل ۾ به ڪا ”مانَ“ جھڙي مام هجي ٿي، ته شايد اها مھتاب جھڙي ڌيءَ کي جنم ڏئي چوي ٿي ته ”ڏسڻ ٿو چاهين ته منھنجي سندرتا ڪيتري آهي- چڱو هن ڪنڀار جي ڇوڪريءَ جي صورت ۾ منھنجي هڪ جهلڪ پسي وٺ ته توکي پتو پوي مان ڇا آهيان!“
ڪلاسيڪل ڏاهي جو مؤقف اهو آهيته، مرد سگهه ۽ عورت سونھن جي علامت آهي ۽ نج سون جھڙي سونھن جي پھرين سڃاڻ مٺي ٻولي آهي. اِها مٺي ٻولي جيڪا وڻن تي ويٺل پکين۽ انهن جي ڇانوَ ۾ راند ڪندڙ ٻارن جي هوندي آهي. جنھن ٻوليءَ جو ذڪر ٻن ٿري لوڪ گيتن ۾ آهي ته:

او راڻي امان، او سھڻي امان،
منان مٺي ٻولي رو پرڻاءِ!

(او راڻي ماءُ او مٺي ماءُ! مون کي مٺي ٻوليءَ واري سان پرڻاءِ.)
۽ سنڌ کي مھتاب جي سونھن جو پھريون پتو هن جي ان آواز جي معرفت پيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان جي لھرن ذريعي سنڌ واسين تائين پھتو_ جڏهن وڏين ۽ فليٽ اسڪرين وارين ٽي وي سيٽن جو دؤر نه هو. اهو دؤر ڪيبل ڪلچر وارو نه هو. اهو هڪ ڳوٺاڻي سونھن ۽ ماٽين مانڌاڻين واري مھڪ جو دؤر هو. ان دؤر ۾ مھتاب چنا ميڊيا جي سانتيڪي ڍنڍ تي ترندڙ ڪنول جو گل هئي ۽ ماڻهن کي هن مٺي ٻوليءَ واري ناريءَ متعلق اهو خدشو هو ته ڪٿي هوءَ خوبصورت نه هجي ته پوءِ!!؟
’۽ پوءِ بليڪ اينڊ وائيٽ ٽيليويزن انٽروڊويس ٿي، جنھن ۾ پھرين سنڌي پروگرامن ۾ مھتاب چنا نمودار ٿي ته سنڌ کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته هوءِ صرف ٻڌڻ ۾ نه پر ڏسڻ ۾ به سھڻي آهي! پر اها سنڌ اڄ ڏينھن تائين سمجهي نه سگهي آهي ته مھتاب جي سونھن هن جي آواز ۾ آهي يا انداز ۾ يا اکين ۾ !؟ جسم ان سونھن جي ظھور جو هڪ ذريعو ضرور آهي پر بنياد ناهي. ان سونھن جو تعلق ان عورت جي ڪردار سان آهي، جنھن جنرل ضياءَ جھڙي ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جو حڪم ٿڏي، ان وقت ٽيليويزن اسٽيشن طرف مڙي به نه ڏٺو هو، جنھن وقت ٽيليويزن ۾ ايترو گليمر هو جو ان کي موجوده دؤر جا ٽين ايجر مشڪل سان محسوس ڪري سگهن. ان دؤر جي ٽيليويزن کي ڇڏڻ آسان ٿي پئي سگهيو، پر ان دؤر جي دهشتناڪ آمر جي حڪم کان انڪار ڪرڻ آسان نه هو.
پر اها ئي مھتاب جڏهن ٽيليويزن جي هڪ پروگرام ۾ علڻ جھڙي فقير فنڪار جو انٽرويو ڪري رهي هئي، تڏهن علڻ جي چوڻ تي محبت سان مٿي تي پوتي رکڻ وارو هن جو انداز وقت جي اکين ۾ اڄ به اسٽل پينٽنگ جيان محفوظ آهي. هڪ ظالم بادشاهه جي حڪم کان انڪار ۽ هڪ فقير جي چوڻ تي ساڳيو ڪم من ميرو ڪرڻ کان سواءِ مڃڻ وارو هن جو ڪردار ئي هن جي ان حسن جو حقيقي راز آهي، جيڪو سنڌ واسين کي سمجهڻ گهرجي.
اهو حسن چنڊ جي هر تٿ جيان هڪ الڳ احساس رکندو آهي. اهو حسن ان وکر جيان هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو آهي.ان سونھن ۾ ذوق ۽ ضمير جي مثالي دوستيءَ جواهڙو اهڃاڻ هوندو آهي، جنھن کي اعليٰ سمجهه سمجهيو ۽ لوڪ ڏاهپ سڏيو ويندو آهي.
مٽيءَ جي ڪرت واري قبيلي جي اها ناري سنڌو درياهه کي سڪائڻ وارين سازشن سبب ڪيتري اذيت ۾ هوندي، ان ڳالهه کي هڪ هوءَ ۽ ٻيا اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جن کي مٽيءَ ۽ مھتاب جي رشتي جي پوري پروڙ آهي.


اعجاز منگي
(عبرت اخبار جي ٿورن سان)
aijazmangi@yahoo.com

مھاڳ

ڊائرين ۾ شاعري لکڻ واري عمر کان به گهڻو اڳ، جڏهن اڃا ڪاڙهي تتي ۾ بلور چُٽبا هئا، ڏاڪ چمائيو کيڏندي کن پل ۾ وڻن جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃبو هو، نٽھڻ اُس ۾ سرد شامن ۾ ساڳ پٽڻ لاءِ ٻنين ڏانھن پنڌ ڪاهبو هو، يا اڃا به وري ٻاراڻي رونشي خاطر ڪنھن پرائي ٻڪريءَ کي ڌڻ کان ڇنل ڏسي، اَواٽي تي چوري چوري کير ڏهي پيئڻ جھڙيون حرڪتون به وڏو ائڊونچر پيون لڳنديون هيون. نه اُس ڪاڙهي، نه ئي سياري پاري جي پرواهه، نه مٿي ۾ وارن کي ڦڻي، نه پيرن ۾ جُتي جو هوش، انهن ئي ڏينھن ۾، ان ئي ڇڙواڳ ۽ بي پرواهه ٻاراڻي وهيءَ ۾ منھنجو روح اهڙيءَ دنيا سان اٽڪيو جا اکرن جي ئي اڍائي اکري دنيا هئي. اڍائي اکري ان ڪري جو پنھنجي عمر کان وڏا موضوع مون لاءِ هڪ طلسم هئا، تن ڏينھن ۾ پنھنجي همعصر ڀيچي ملي نه سگهڻ ڪري گُڏين راند کيڏي نه سگهيس، ۽ ائين روايتي ٻارڙن واري لڏي کان ڪي پَل ٻاهر اچي هڪ ٽِڪاءُ هٿ ڪيم، سو هو ناني بابي جو ڪتابن جو ڀريل ڪٻٽ، جيڪو منھنجي اندر جي سموري راند جو مرڪز ۽ محور بڻيو. ٻاراڻو ادب ته ممڪن آهي ته، ان دؤر ۾ به تخليق ٿيندو هجي، پر اُتي جتي ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ واري ٻي ڪا به پڙهائي ٻارن لاءِ ممنوع هجي، اُتي پنھنجي عمر جي حساب وارن ڪتابن تي پھچ يقيناً ناممڪن هئي. نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪتابن کان هلندڙ سفر ۾ جن ڪتابن سڀ کان پھرين پنھنجي ساحري ۾ جڪڙيو، سي هُئا سفرناما، سي به سنڌ جي پھرئينسيلاني الطاف شيخ جا_ها، اُن وقت، جڏهن اسان جھڙن جا ڳوٺ بجلين ۽ ٽي وي وارين سھولتن کان به نا آشنا هئا، تڏهن، اِهي سفرناما ”سنڌ باد سيلاني“ جي سفر کان ڪنھن به صورت ۾ گهٽ نه ڀاسندا هئا.
سنڌي ادب ۾ پڙهندڙ لاءِ پھرين ڏاڪي طور ڪم ايندڙ الطاف شيخ جا اِهي سفرناما رڳو مون کي ئي نه پر منھنجي ٽھيءَ جي ڪيترن ئي پڙهندڙن لاءِ بلڪل هڪ ڪرزما رهيا. ”اديب خالق سان گڏو گڏ بيٺل جڏهن هو لفظن سان نئين دنيا خلقي ارسطو چواڻي، پر ائين الطاف شيخ، نئين دنيا جو تخليقڪار نه سھي پر لفظن وسيلي اُنهن سڀني اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ ٻڌل دنيائن جي ديس ۾ وٺي ويندڙ، عجيب گائيڊ، عجيب سونُھون جيڪو ڏسندڙ اک سان نه پر محسوس ڪندڙ Imagining eye سان هڪ نئين دنيا پڙهندڙ جي اندر ۾ تخليق ڪندو، اُن جي سير ڪرائيندو ويندو.
ائين رڳو ليکڪ پاڻ ئي نه پر سندس پڙهندڙ به ان ڏور ڏسائنجي دنيائن جي آگاهي حاصل ڪندو، ان جي Fantasy ۾ گم ٿيندو ويندو. ان ڳالهه ۾ ته وڌيڪ بحث جي ڪا ئي گنجائش ئي ناهي ته، الطاف شيخ جو پڙهندڙ يا ائين کڻي سنڌي ادب جو پڙهندڙ، ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين اُن ئي Fantasy ۾ جيئندو رهيو. ايستائين، جستائين ٽيڪنالاجي وسيلي انفارميشن عام ٿي گهر گهر تائين پھتي. سيٽلائيٽ جا پنجاهه/سؤ چئنل هڪ ئي وقت پنھنجي ٽي وي جي ريموٽ جي بٽڻ ۾ رکڻ واري کي ڇا پتو، کيس ڪھڙي سُڌ ته تڏهن، جڏهن اخبارن جو مُنھن ڏسڻ به ڪو پنجين اٺين ڏينھن پيو نصيب ٿيندو هو، جڏهن الطاف شيخ جا سفرناما اهي واحد کڙڪيون هئا، جتان سنڌ کان ٻاهر، سمنڊ اُپسمنڊ جي مفاصلن تي ڪوهين ڏور، ست سمنڊ پار وارن ڌرتين، سماجن ۽ اڻ ڏٺل دنيائن ۾ جهاتي پائي ٻاهر جو سُڌ سماءُ وٺي سگهبو هو. رڳو ايترو ئي نه پر اُنهن سفرنامن ”پرديس وڃڻ واري“ سنڌ سان وابسته ان Myth کي ٽوڙڻ لاءِ پھرين پٿر طور ڪم ڪيو، جيڪو سنڌين جي کاتي ۾ ائين ٿي ليکيو ويو ته ”سنڌي ڳوٺاڻا ٻاهر ڪيئن نڪرندا، انهن لاءِ ساڳئي ضلعي جو ٻيو شھر به ڄڻ پرديس آهي.“ ۽ اِها به وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي چئبي ته، ڪڏهن ڪڏهن ڪي قومون پنھنجي طبعي، سياسي، اخلاقي ۽ تھذيبي اُهڃاڻن بدران انهن سان وابسته ڏند ڪٿائي حوالن سان وڌيڪ سڃاتيون وڃن ٿيون. ائين ئي ”گهر کان ٻاهر جي دنيا کي پرديس سمجهڻ“ واري Myth کي الطاف شيخ جي سفرنامن نه رڳو ڀڃي غلط ثابت ڪيو آهي، پر ٻي پاسي قلمڪاري واري پورهئي ۽ سندس سفرنامن لکڻ واري ڪرت سنڌي نوجوانن ۾ سمنڊ اُپسمنڊ ڏور ولايت جي رنگين دنيائن ۽ پُرفريب منظرن ڏانھن ڇڪ ۽ ديس ديس جي صحرا جهاڳڻ جو اُتساهه پڻ پيدا ڪيو. سفرنامن واري ادب جي تاريخ کڻي ڦلهورجي ته ابن بطوطه کان ويندي هاڻوڪي پنھنجي سنڌي سيلانين تائين ڪيترائي نانءُ، ڪيترائي اسلوب ۽ ڪيترائي نمونا انهن مان ڳولهي، جُدا جُدا درجه بندي ڪري سگهجي ٿي، پر الطاف شيخ کي انهن سڀني سفرنامه نگارن ۽ سندن لکيل سڀني سفرنامن ۾ جدا ڪري الڳ ئي طريقي سان پرکي سگهجي ٿو. هيءُ سنڌ جو يگانو سفرنامه نويس ليکڪ آهي، ڇو ته سندس دل ڀلي سيلاني، پر سندس قلم هڪ ليکڪ جوئي قلم آهي. هو جسماني طور دور ديس جون دنيائون جهاڳيندڙ سيلاني آهي، جھاز راني سندس پيشو آهي، پر ذهني طور تي هو محقق يا جاکوڙي ۽ دلي طور تي رائيٽر آهي. سندس اک جو اَڀياس شاعراڻه آهي ۽ سندس ”بيان“ وک وک تي هڪ ڀيٽ آهي، جا هو سنڌ ۽ ٻاهرين دنيا جي سماجن جي حوالي سان پنھنجي بيان جو موضوع بنائيندو ٿو اچي، ان ڪري ئي سندس اِن تقابلي جائزي جي حوالي سان مان کيس دنيا جي سفرنامه نگارن کان هڪ جدا Category ۾ رکان ٿي. ڏسو ته سندس لکڻي جي باب باب ۾، سِٽ سِٽ ۾، لفظ لفظ ۾ ڀيٽ آهي، اُن مشاهداتي منظر جي ۽ يادگيري ۾ موجود سدا حيات سنڌ جي.
اَچو، هِن ئي سفرنامي جو ڇيد لھون.
جپان ۾ موجي بندرگاهه جي مسافر خاني جي پوڙهي مالڪڻ جي گهر جي Location ڄامشوري جي پُل جي Romantic Spot المنظر جي يادگيريءَ جو سندس هانءَ تي اڪري اچڻ.
توڙي جو اَڄ اُن سدا وهندڙ مست درياهه جي پيٽ ۾ نه پاڻيءَ جون اُهي اڇلون آهن ۽ نه ئي درياهه ڪناري ”المنظر“ جي منظر تي اُن جوڙن جو جھان آباد آهي، جيڪي پيار ڪھاڻين جي سلسلن سان سدا آباد هئا. وِک وِک تي جنم ڀوميجي ياد، در اصل پنھنجي اصلوڪي بڻ بڻياد جي يادگيري، جتي مٽي پنوڙي مان هيڏو سارو وجود ٺھي راس ٿئي ٿو. ياد ٿو اچيم ’ڪويت جي لڙائيءَ‘ کانپوءِ، بابلي تھذيب جي وارثي ڪندڙ عراق ۾ بغداد شھر کان دجله جون گذرگاهون ۽ اُن جي پُلين تي ٿيل آمريڪن بمباري جا رهجي ويل نشان ڏيکاريندي اسان جو گائيڊ جڏهن يڪي (Tigris) دجله جي تعريف ڪندو رهيو ته ڄڻ مون کان رهيو نه ٿيو. يقيناً ڪجهه وڌاءُ سان پر مشڪري ڪندي مون چيو ”هيءُ ته ڦُليلي جي مٽ ئي مس ٿئي. سنڌو درياهه جي دهشت اڳيان هيءُ دجله ڇا بيھندي؟“
ٿي سگهي ٿو ته هُن گائيڊ جيان جپاني پوڙهي مالڪڻ جا به پنھنجي درياهه بابت اهي ئي احساس ۽ جذبا هجن، پر اِها حقيقت آهي ته سنڌو درياهه به اسان جي رڳن ۾ ائين وهي ٿو جو جھڙو تھڙو درياهه يا ندي ته ليکي ۾ ئي نه آڻيون. يا ايئن به ممڪن آهي ته درياهن جي آبياري تي جٽاءُ ڪندڙ درياهه ڪنارن واريون پراڻيون تھذيبون ۽ ان جا وارث پنھنجي درياهن بابت ائين ئي Touchy هجن، جيئن اسان سنڌي تھذيب جا وارث سنڌو درياهه بابت آهيون ۽ پوءِ اِها ڀيٽ ڪرڻ واري نفسيات ۾ به شايد قوم کي Own ڪرڻ واري ئي هڪ Attitude جو عڪس هجي ۽ اهو به شايد اسان سنڌين کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو هوندو ته، دنيا جي وڏين وڏين تھذيبن جي آبياري ڪندڙ درياهه جڏهن هٿرادو بندن ۽ بئراجن سان سوڙها ڪري سُڪايا وڃن ٿا، تڏهن رڳو درياهن جي خشڪ ٻيٽن ۾ ئي واري نٿي اُڏامي پر ان جي وارثي ڪندڙ قوم جي تقدير به واريءَ واري ٿي وڃي ٿي.
الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ جتي الڳ رنگين راتيون، نيان سائن سان ٻرندڙ وسامندڙ گهٽين، همسفر ساٿين جا چرچا گھٻا ۽ ٻيا دلچسپيءَ جا سامان وڌيڪ هوندا هئا، اتي سندس اڄوڪن سفرنامن ۾ جاءِ جاءِ تي تجزياتي تبصرا، شخصي Comments وڌيڪ شامل آهن. منھنجي نظر ۾ ان جو بنيادي سبب به سندس عمر ۽ سندس تجربو آهي. شروعاتي سفرنامن ۾ الطاف شيخ، اهڙو نوجوان سيلاني جنھن جي دل بود ۾ ڀريل، اک حيرت ۾ ٻڏل ۽ پير سفر جي پنڌ ۾. جوانيءَ جو رنگ، زندگيءَ جا پھريانتجربا، حيران اک جي حيراني ۽ پوءِ قلم جي رواني... هاڻوڪا سفرناما کڻجن ته هڪ ذميدار عمر تي پھتل، زندگيءَ جي تجربن ۾ پچي راس ٿيل. هاڻوڪي ڏسندڙ اک ”حيرانگي“ واري دائري مان قطعي ٻاهر نڪتل هڪ جھانديد نظر جي ڏيک ڏئي ٿي. هاڻوڪي بيانن ۾ مشاهدو، گڏو گڏ تجربو ۽ تبصرو هڪ ئي بيان ۾ گڏ نظر اچن ٿا.
مثلاً: اچو ”جپان ويندي، دبئي“ واري باب ۾ پڙهون:
ڪالهوڪي دُبئيءَ کي ڏسي، اُن اَک خواب ٿي جهٽيا، پنھنجي ديس جي خوشحاليءَ لاءِ پر اڄوڪي دُبئي ڏسي، انهن پراڻن خوابن جي يادگيري کيس افسرده ڪري ٿي.
پھرين اک ۾ ادارن جي تعمير ۽ ترقيءَ جا خواب هئا ۽ هاڻوڪي اک ادارن جي تباهي، بربادي ۽ زبون حالي تي ماتم ڪده آهي. رڳو شپ يارڊ۽ ”پي آءِ اي“ نه پر سنڌي ادبي بورڊ جي يادگيري ۽ زبون حالي جي ياد به کيس ستائي ٿي. جيڪا مون جھڙن ماڻهن کي عھدي ملڻ کانپوءِ کوٽي سڪي جھڙي اوقات ڏيکارڻ تي سندس دل ئي نه پر قلم به افسردگي ۾ ورتل ڏسجي ٿو. پر هوءَ هجائت مان هُج ڪري ئي وٺي ٿو ته ملائيشيا ۾ اهڙو ئي ادبي ادارو ”ديوان بهاسا پستڪا“ اِن کان گهٽ سالياني بجٽ ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي گهٽ هئڻ باوجود، اهو ادارو هر سال اسان جي ادبي بورڊکان وڌيڪ رسالا ۽ ڪتاب ڇپرائي ٿو. سنڌ، ادارن جي حوالي سان تنزلي جو شڪار آهي، اِن لاءِ نيٺ به ڪٿي دانھجي.
ٻين ماڻهن جيان اسان وٽ به جپان جي سڃاڻپ جا ٻيا ڪيترائي حوالا آهن.
• سڀ کان پھرين نمبر تي جاپاني گاڏيون ۽ اليڪٽرنڪس جو نفيس سامان آهي، جنھن جي ڪري هر گهر ۾ ”شين جي جاپاني هئڻ جو ذڪر“ روز جو معمول آهي.
• ٻئي نمبر تي جپان ٻي مھاڀاري دوران پھريون ڀيرو ائٽمي زد ۾ اچڻ ڪري، آمريڪا پاران ائٽم بم پھرين بمبار طور به حوالي ۾ اچي ٿو.
• گلن سان، وڻن ٻوٽن سان دلچسپي رکندڙ ”اڪي بانا“ ۾ جپان جي حوالي لکي استعمال ڪن ٿا.
• ادب ۽ شاعريءَ سان تعلق رکندڙ اڪثريت کي وري ’هائڪو‘ جي ذڪر سان جپان ياد اچي ٿو.
اڄوڪي جاپان ۾ اسلام، مسجدن ۽ اسلامي ادارا ۽ جاپانين کي انگريزي سکڻ جو شوق ۽ آمريڪا ڏانھن ڇڪ، يقيناً جپان جي حوالي سان سڃاڻپ جون کلندڙ نيون کڙڪيون آهن. جپاني عادتون ۽ پھاڪا ڏيڻ سان گڏ الطاف شيخ جا هن سفرنامي ۾ شامل ڪيل هائڪا به تنوير عباسي جي سنڌي ترجمو ڪيل باشو (هائڪي جو مشھور جاپاني شاعر) جي هائڪن کان هڪدم اڳتي آهن. هائڪو پڙهي سمجهڻ يقيناً آرٽ آهي، جنھن کي عام فھم (Common Sense) نٿو سمجهي سگهي. پر ان کي سمجهڻ لاءِ ڏاهپ کان وڌ جمالياتي حسن جي ضرورت پوي ٿي. هائڪي جي عام فھم ۽ تعارف جي سمجهاڻيءَ ۾ منور ابڙي يا بڪيرائي شاهه جي ڪارٽونسٽ چتر سان ڀيٽ يقيناً تنوير عباسي واري شاعراڻي مزاج کان مختلف پر لاجواب آهي.
جيڪڏهن چوڏهين جي چنڊ کي
ڪو هٿو وجهي ڏئي
ته ڇا خوبصورت وڄڻو ٿي پوي.
پندرهين صديءَ جي جپاني شاعر سوڪات جي مٿئين هائڪي جپان جنھن کي فقط ۽ فقط جمالياتي احساسن سان سمجهي ۽ Enjoy ڪري سگهجي ٿو، ائين الطاف شيخ جي هن سفرنامي ۾ پيرن سان لتاڙيل ۽ ڇاڻيل خاڪ جي تجزئي کي ديس دوستي جي آئيني ۾ ڏسو ته جپان جي منظر نگاري سان هاڻوڪي سنڌ جو سماجياتي پس منظر به پسي سگهبو جو سفرنامي ۾ جا بجا اِها ڀيٽ شعوري يا لاشعوري طور تي ضرور سامهون اچي ٿي، جيڪا سنڌ جي حوالي سان ڪئي ويئي آهي.

امر سنڌو
ڄامشورو_سنڌ يونيورسٽي
2 سيپٽمبر 2004ع

ڀوڳن ڀوڳن ۾

محترم الطاف شيخ مون کي اهو اعزاز بخشيندي چيو آهي ته، آئون هن جي هڪ جپاني سفرنامي تي مھاڳ لکان، سو به مزاحيه... اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، ڇو ته مھاڳ هونءَ به مزاحيه هوندا آهن. توهان جيئن مھاڳ لکڻ شروع ڪنداؤ، تيئن اهو خودبخود مزاحيه ٿيندو ويندو. توهان ڪھڙي به سنڌي ڪتاب جو مھاڳ کولي پڙهو، توهان کان ٽھڪ نڪرندا ويندا. آئون ته ڪنھن به بوڪ اسٽال تي سنڌي ڪتاب ڏسندو آهيان ته، ان جو مھاڳ پڙهي، ٽھڪ ڏيئي، وري واپس رکي ڇڏيندو آهيان. جيئن مون هڪ سنڌي شاعريءَ جو ڪتاب ڏٺو، ان جي سڄي ڪتاب ۾ مھاڳ ئي هو ۽ آخري صفحي تي هڪ غزل هو، جنھن جي هيٺان لکيل هو، ”توهان به گهڻن سان گهڻي ڪئي هوندي... اڄ توهان سان ٿي...!“
الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين به ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا ته لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ ته باقاعده الطاف کي خط لکيو ته ”اسان آخر توهان جو ڏوهه ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“
سفرنامو لکڻ هڪ آرٽ آهي، جيڪو يقين سان الطاف شيخ کي اچي ٿو. اسان کي نٿو اچي... اسين ته سفرنامو لکڻ ويھندا آهيون ته آخر ۾ خبر پوندي ته اهو ”Suffer نامو“ هو، جيئن اسان جو هڪ دوست ناول لکندوآهي ته، سفرنامو ٺھي ويندو آهي ۽ سفرنامو لکندو آهي ته درسي ڪتاب ٺھي ويندو آهي!
الطاف شيخ جي ڪتابن جو تعداد هاڻي ايترو ٿي ويو آهي، جو اُهي ڪتاب پڙهائڻ جي لاءِ به هڪ عدد ملازم رکڻو پوي ٿو. ان ڪري ئي الطاف شيخ کي ”سنڌي سفرنامي جو ابو“ چيو ويندو آهي ۽ باقي ٻيا جيڪي سفرناما لکندڙ آهن، انهن مان ڪي ماما آهن تهڪي چاچا آهن!
ڪجهه ليکڪن جا سفرناما وصيت ناما لڳندا آهن، پڙهبو ته لڳندو آخري ڀيرو لکيا ويا آهن ۽ هاڻي نه لکندو... خود پڙهڻ کانپوءِ توهان جي دل مان آواز ايندو ته ”خدا ڪري.... هن کي هاڻي ڪنھن به ملڪ جي ويزا نه ملي...!“ ڪجهه ليکڪن کي وري پڙهبو ته لڳندو آهي ته ڀائوءَ سفرنامو نه پر ڊڪشنري لکي آهي، وري ڪجهه ليکڪن جا سفرناما اڃا پڙهڻ ئي شروع ڪبا ته يڪدم توهان کي محسوس ٿيندو ته ”هيءُ سفرنامو نه پر صِفرنامو آهي!“ الطاف شيخ وري انهن سڀني کان مختلف آهي، مختلف ان ڪري جو ٻيا سڀيئي ليکڪ الطاف شيخ کان مختلف آهن...!
ناول لکڻ وڏي محنت جو ڪم آهي، ان ڪري سنڌيءَ ۾ نٿو لکيو وڃي. سفرنامي لکڻ لاءِ توهان کي رڳو ڀاڙي ۽ خرچ پٺيان محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري سنڌيءَ ۾ سفرناما گهڻا لکيا وڃن ٿا. اسان جو هڪ دوست ته سفر ئي ان ڪري ڪندوآهي ته جيئن گهر موٽي اچي سفر نامو لکي. جيئن هڪ دفعي لفٽ ۾ ڦاسي پيو ۽ پورا اٺ ڪلاڪ ان ۾ بند رهيو ته گهر موٽي اچي 88 صفحن جو ڪتاب لکيائين ته ”لفٽ ۾ اٺ ڪلاڪ“ . اسان پڇيس ته ”ڇا اهو سفرنامو آهي؟“ ته چيائين ”نه، اهو Suffer نامو آهي!“ هونءَ ليکڪ کي خبر ئي نه پوندي آهي ته اهو پڙهندڙن لاءِ سفرنامو Suffer نامو ثابت ٿيو!
الطاف شيخ ايترا ته سفرناما لکيا آهن، جو هاڻي مئرين اڪيڊميءَ وارا سنڌي ڇوڪرن کي رڳو ان ڊپ جي ڪري ڪونه ٿا کڻن، ته متان اهي به سفرناما لکڻ لڳن! جڏهن آئون انٽر ۾ پڙهندو هوس، تڏهن مون مزاحيه اداڪار جيري ليوس جي فلم ” گيشا بواءِ“ ڏٺي هئي. تڏهن اسان جيري ليوس جا عاشق هوندا هئاسين. گيشا بواءِ کان پوءِ اسان کي الطاف شيخ جي ڪتابن مان خبر پئي ته جپان ۾ در اصل گيشا گرلس ئي هونديون آهن، جيڪي مردن کي وندرائيندڙ ڇوڪريون هونديون آهن. هن جپان واري سفرنامي ۾ الطاف شيخ گيشا عورتن جو اهڙو ته خوبصورت انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي ، جو خود گيشا گرلس کي به ايتري معلومات ڪانه هوندي، جيتري الطاف شيخ کي آهي!
ننڍپڻ ۾ الطاف شيخ اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. اسين سڀ هن کي ”ادا پَپُو“ ڪري سڏيندا هئاسين. جيتوڻيڪ هاڻي هو ”پپُو“ رهيو ناهي، پر پوءِ به ڪيترائي اسان جا ڳوٺاڻا کيس پَپُو چوندا آهن. بلڪ ڪجهه پوڙها پوڙها ته هن کي اڃا تائين ”پپو“ سمجهندا آهن.
جپان جو سفرنامو لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي، اهو ائين آهي ڄڻ توهان ٽوڪيو جي رستي تي بيھي ٽوڪيو جي ماڻهن کي ٽوڪيو...! جپان جي ڏکي ۾ ڏکي ڳالهه اها آهي ته هتي توهان کي رڳو جاپاني ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. مون کي وري جپاني ٻولي نه وڻندي آهي، ڇو ته مون کي اچي ئي ڪانه... مون کي رڳو جپاني سامان وڻندا آهن. توهان جپان ۾ ويندؤ ته اتي سڀني جپانين جون شڪليون هڪ ٻئي تان فوٽو اسٽيٽ ٿيل لڳنديون. سڀني جپانين جا مُنھن هڪري ئي مونو گرام ۾ هوندا . خبر ناهي جپاني عورتون پنھنجا پنھنجا مڙس ڪيئن سڃاڻينديون هونديون!
الطاف شيخ يقين سان جپان ۾ وڃي جيڪو جپانين تي لکيو آهي، اها همت جي ڳالهه آهي. ڇو ته جيڪڏهن توهان ڪنھن هوٽل تي وڃو ته سڌي سنئين ماڻهوءَ کي به وات مان ”چون چان چين چين“ ڪرڻي پوندي، تڏهن وڃي ماني نصيب ٿيندي... آئون سوچيندو آهيان ته جپاني پيار جو اظھار ڪيئن ڪندا هوندا. ٻن لفظن ”چون چان چان“ تي ڇوڪري راضي ٿيو وڃي. هتي سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪير ڇوڪريءَ کي ”چون چان چان“ چوي ته ان جي مرڳو مڱڻي ٽٽي پوي ۽ ان جا مائٽ ڇوڪريءَ کي چون چون جو مربو بنائي ڇڏين. جپانين کي انگريزي گهٽ ايندي آهي، ان جو دليل هو اهو ٻڌائيندا آهن ته انگريزن کي ڪھڙي جپاني اچي ٿي؟ جيئن اسان وارو هڪ عظيم سنڌي دانشور آهي، چيائين، ”پرائمريءَ ۾ انگريزي زبان ڇو ٿي سيکاري وڃي؟“
پڇيوسين ”ڀلا ڪھڙي زبان سيکاري وڃي؟“ ته چيائين : ”شرافت جي زبان.“
الطاف شيخ جو هي جپان جو سفرنامو سٺو آهي.ڇو ته اهو بغير ٽڪيٽ جي توهان کي جپان گهمائي ٿو. توهان چوندائو ته ”نه، اسان صحيح طرح سان جپان نه گهمي سگهياسين.“ته منھنجا سائين... ايترن پئسن ۾ ته توهان ايترو ئي جپان گهمي سگهو ٿا... ۽ جيڪڏهن توهان ڪتاب به دوست کان وٺي پڙهي رهيا آهيو ته پوءِ جيترو به جپان توهان ڏٺو آهي، ان کي گهڻو ڪري سمجهو... ڇو ته يقين ڪريو جيترو جپان توهان کي الطاف شيخ گهمايو آهي، ايترو جپانين به ڪونه ڏٺو هوندو!
ڪنھن به ڪتاب ۾ مھاڳ رڳو ان ڪري لکايو ويندو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي ٻڌائي سگهجي ته، جيڪڏهن هيءَ ڪتاب نه ڇپجي ها ته وڏي تباهي اچي وڃي ها ان ڪري الطاف به مھاڳن تي گهڻو زور ڏيندو آهي. مون کي چيائين ته ”ٻه ٽي اکر لکي ڏي...“ ۽ مون کي وري جپان تي لکڻ سٺو ان ڪري لڳي رهيو هو، ڇو ته جپاني ٻوليءَ ۾ مون کي سنڌيءَ جا لفظ مليل محسوس ٿيا، جنھن مان مون کي پڪ ٿي ته اسان جي ٻولي جا پنج ڇا... ڪا ست اٺ هزار سال پراڻي آهي. اهي لفظ آهن، هيرو شيما، ناگا ساڪي ۽ چُون چُون... اهي سنڌيءَ ۾ به استعمال ٿين ٿا. هيرو اسان وٽ ڪيترائي نوجوان آهن. شيما اسان جي پاڙي ۾ رهندي آهي. ناگا کي اسان ”نانگا“ ڪري چوندا آهيون، ساقي ته اسان جي هر ڏهن ماڻهن ۾ ڳولبو ته چار ساقي ملندا باقي رهيو، چُون چُون... اهو ته اسان وٽ سنڌيءَ ۾ جهرڪيو چونديون آهن!
جپان دنيا جو پھريون نمبر جمھوري ملڪ آهي، جتي برداشت Tolerance ايترو ته بھتر آهي، جو توهان ڪنھن به جپانيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڇا به چئو، هو دل ۾ نه ڪندو... جپاني ٻولي دنياجي سولي ٻولي آهي، ڇو ته اها سکڻ لاءِ توهان کي دماغ استعمال ڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي... بس ڪجهه جهرڪيون پاليو ۽ جپاني سکو... جيڪڏهن توهان ڪنھن هوٽل تي وڃي ويھي چئو ”پين پين پوُن پان“ ته پڪ سان اهو ڪنھن ڊِش جو نالو هوندو... جيڪڏهن ڊِش جو نالو نه نڪتو، ته پوءِ توهان جي پنھنجي ڊش ڀڳل هوندي... انهن ڳالهين جي ڪري جپان ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. جيئن مون کان هڪ دوست پڇيو ته ”ڇا، تون ڪڏهن جپان ويو آهين؟“ چيومانس ”ها...“ پڇيائين ”جھاز ۾؟“ چيومانس، ”نه... خواب۾!“


امتياز ابڙو
پھرين جنوري 2005
abro_imti@rediffmail.com
abro_imtiaz@hotmail.com
(ڪاوش اخبار جي ٿورن سان)

ڄامشورو جي پُل مٿان

اوساڪا جي ايئرپورٽ تي لھي ٻئي جھاز ذريعي جپان جي هڪ ڏاکڻي شھر فڪوڪا (صحيح لفظ فڪوئوڪا) ۾ پھچان ٿو. اتان بس ذريعي موجي (Moji) شھر ۾ اچان ٿو. جپان جو هي شھر جيڪو بندرگاهه به آهي، مون لاءِ نئون نه آهي. 1980ع تائين يعني اڄ کان چوٿو صدي اڳ تائين هتي ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو. هي بندرگاهه موجي ۽ سامونڊي درياهه (Kanmon Straits) جي ٻي پار وارو بندرگاهه شمونو سيڪي (جيڪي اڄ ڪلهه ڪانمان پل ذريعي ڳنڍيل آهن)، ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهن: انچان ۽ پوسان کي ايئن ويجهو آهن، جيئن مورو ۽ دادو جا شھر هالا ۽ ڄامشوري کي. وچ ۾ فقط سمنڊ جو ڪجهه حصو لتاڙڻو پوي ٿو.
اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جا جھاز جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ سامان لاهي پوءِ ڏکڻ ڪوريا وڃڻ کان اڳ جپان جي هن بندرگاهه موجي يا شمونو سيڪيءَ مان ٿيندا وڃن ٿا. شمونو سيڪيءَ ۾ وڏا شپ يارڊ هجڻ ڪري واپسيءَ جي ڊگهي سفر لاءِ جھاز جي ضروري مرمت شمونو سيڪيءَ مان ڪرائڻي پئي ٿي، نه ته به سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ هنن بندرگاهن ۾ هفتو ٻه ته ضرور بيھڻو پيو ٿي. هنن بندرگاهن ۾ نه فقط مڪاني ماڻهن سان ملاقاتون ۽ دوستيون وڌيون پر پنھنجن جھازي دوستن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ڌارين جھازي آفيسرن سان پڻ ڪچھريون ٿيون. جو هتان هر جھاز جو لنگهه رهي ٿو ۽ ترسڻ پڻ ٿئي ٿو. سو هنن بندرگاهن ۾ هر وقت ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن جا جھاز نظر اچن ٿا. هنن بندرگاهن جي هڪ هڪ رستي توڙي گهٽي ءَ مان اسان جو اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي.
موجي بندرگاهه ۾ هڪ دفعو مون کي باءِ ايئر به اچڻو پيو. موجيءَ ۾ بيٺل اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ جھاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيو هو ۽ جھاز جي ٻه هفتا کن مرمت هلڻي هئي. آئون هڪ ٻئي جھاز تي جپان جي اتراهين بندرگاهه وڪاياما(Wakayama) ۾ هوس. مون کي جھاز جي مرمت تي نظر رکڻ لاءِ موجي اچڻ لاءِ چيو ويو. آئون فئمليءَ سان هئس ۽ مون موجي شھر ۾ هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنھن ننڍڙي گهر (مسافر خاني) ۾ رهي پئسو بچائڻ ٿي چاهيو. ان سلسلي ۾ مون وڪاياما مان ئي موجي بندرگاهه جي مقامي آفيس وارن کي فون ڪيو ، جن هڪ مسافر خاني جي پوڙهي مالڪڻ سان مون کي ڳالهرايو.
پوڙهيءَ جي مسافر خاني طور استعمال ٿيندڙ گهر (Ryokan)جي ڳالهه مون کي هر لحاظ کان وڻي. بندرگاهه جي ويجهو، گهٽ مسواڙ تي. پوڙهيءَ نيرن تي جپاني کاڌو گوهان (ڀت) ۽ ميسو شيرو (ڀاڄين ۽ ڳڙ جو سوپ، جيڪو هتي عام طرح نيرن تي ملي ٿو) ڏنو ٿي. گهر ڀرسان بس اسٽاپ هو. هن ٻڌايو ته سندس گهر اڳيان ندي (ڪاوا) به وهي ٿي. جپاني لفظ ”ڪاوا“ ندي ۽ درياهه لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿو. جيئن نيل ندي، سنڌو درياهه، تيئن جپان ۾ سميدا گاوا، ڪوشيرو گاوا، شنانو گاوا وغيره آهن. (جپاني لفظ ’ڪاوا‘ڪنهن نديءَ جي نالي سان لڳڻ تي ’گاوا‘ ٿئي ٿو).
”واهه جي Location آهي، پوڙهيءَ جي گهر جي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ خيالن جي دنيا ۾ پاڻ کي ڄامشوري جي پل وٽ ٺھيل ”المنظر“ هوٽل ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. (هيءَ 1974ع ڌاري جي ڳالهه آهي، جڏهن المنظر هڪ بيحد خوبصورت ۽ رومانٽڪ Spot سمجهيو ويو ٿي.) ماڻهو هن هوٽل ۾ چانھه يا ماني کائڻ کان وڌيڪ هتان سدا شاداب ۽ جوش ۾ اٿلون کائيندڙ سنڌوءَ جو نظارو ڪرڻ ايندا هئا. هي اهو درياهه آهي، جنھن سان دنيا جي پراڻي ترين تھذيب وابسته آهي. هيءَ اها ندي آهي، جيڪا صدين کان وهندي اچي، تڏهن ته اسان جي ڳوٺ جي هڪ شاعر پروفيسر عبدالفتاح ابڙي (عبد هالائيءَ) پنھنجي دل کي سنڌو نديءَ سان تشبيھه ڏني آهي. چي:
”دل ناهه ڪا ڪئمپ فلسطيني،
جا جلندي رهي ۽ ٻرندي رهي.
دل ناهه ڪا شام بيروتي،
جا دونھن ۾ ڪاري ٿيندي رهي.
دل ناهه ڪا بيوهه جي چوڙي،
جا پرزا پرزا ٿيندي رهي.
دل آهي اسان جي سنڌو ندي،
جا عبد صدين کان وهندي رهي.“

”خبر ناهي موجي شھر مان هي ڪھڙو درياهه وهي ٿو. جنھن جي ڪپرن تي هن پوڙهي جپانڻ جو گهر آهي.“ مون دل ۾ سوچيو هو. بھرحال، هوندو ڪو درياهه! مون سڄي جپان جي جاگرافي ته نه پڙهي آهي، جو مون کي هن ملڪ جي هڪ هڪ درياهه، ندي، جبل ۽ ماٿريءَ جي خبر هجي. وڌ ۾ وڌ هتي جي بندرگاهن جي ڄاڻ رکڻ منھنجو فرض آهي.
آئون ضروري سامان کڻائي پوڙهيءَ جي گهر پھتس. پھچڻ سان جھاز جي ڪم ۾ اهڙو جنبي ويس جو صبح جو پوڙهي مالڪڻ طرفان مليل نيرن (سوپ ۽ ڀت) کائي نڪرندو هوس ته چانھه به اچي جھاز تي پيئندو هوس. هڪ ئي وقت جھاز جي ڏهن حصن تي ڪم هلي رهيو هو. مٿي کنهڻ جي فرصت نه هوندي هئي. شام جو ستين بجي شپ يارڊ جي مزدورن جي موڪل ٿيڻ بعد آئون جھاز تان گهر موٽندو هوس، ته اونداهه ٿي چڪي هوندي هئي. جھاز جون مشينون کليل هجڻ ڪري جنريٽر وغيره سڀ بند هئا ۽ بجلي نه هجڻ ڪري، اسين سڀ جھاز جا آفيسر توڙي خلاصي، جھاز جي ڪمپنيءَ طرفان ٻاهر ڪناري تي هوٽل يا جپاني اسٽائيل مسافر خاني ۾ رهياسين ٿي. ٻن ٽن ڏينھن بعد جيئن ئي جھاز جي ڪمن مان ٿوري واندڪائي ملي ۽ هوش ٺڪاڻي آيا ته مون کي درياهه جو خيال آيو. پوڙهيءَ ته چيو هو ته ”واتا شينو اِي اي نو (ايئينو) مائيوا ڪاوا گا اري ماس” (منھنجي گهر اڳيان ندي وهي ٿي)۽ هتي ڪا اهڙي ڪھاڻي ناهي.
نيٺ گهر جي مالڪڻ کان ان جو پڇيم ته هن سامهون اشارو ڪيو. ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي وهندڙ گندي پاڻيءَ جي نالي جيڏو هڪ نالو وهي رهيو هو. هي به گندي پاڻيءَ جو نالو هو، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا، سنگاپور، هانگڪانگ وانگر هتي جي نالين ۽ گٽرن مان فقط مينھن جو ۽ وهنجڻ جو پاڻي لنگهي ٿو. (ٽوائليٽ وغيره جو سسٽم بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ زمين دوز آهي) ان ڪري ان نالي جي وهندڙپاڻيءَ ۾ نه گند ڪچرو هو ۽ نه ڪک پن ۽ نه وري پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. پاسن کان وڻن ۽ گلن جو قطارون هيون.
”تو لڳي ٿو درياهه نه ڏٺو آهي.“ مون پوڙهيءَ کي چيو ۽ پوءِ ڪجهه ٽيڙي ۽ فخر مان مون کيس پنھنجي ملڪ جي سنڌوءَ جو احوال ٻڌايو ته اها ڪيڏي ويڪري، ڪيڏي اونهي ۽ ڪيتري تکي وهڪري واري آهي. اسان جي سنڌو گاوا (ندي) هماليه جبلن تان گجگوڙ ڪندي پنجاب ۽ سنڌ کي سيراب ڪندي، عربي سمنڊ جي پيٽ ۾ هلي وڃي ٿي. سمنڊ وانگر سنڌوءَ ۾ لھرون ۽ ڪُنَ موجود آهن. ٻيڙيون ۽ بتيلا هلن ٿا...” آئون ٽانءِ ۾ ڀريل ڏيڏر وانگر ويس پنھنجي سنڌوءَ جي تعريف ڪندو ۽ پوڙهيءَ جو ويو وات ڦاٽندو، ويو واٽ ڦاٽندو. ظاهر آهي ڪٿي هي ’نالو‘ جنھن ۾ ٻه مينھون به نه بيھي سگهن ۽ ڪٿي اسان جي سنڌو درياهه جو ويڪرو پيٽ ۽ تکو وهڪرو _ جيڪو وڏن ٻيڙن کي به لوڙهي ڇڏي. ان سال ڳوٺان جھاز لاءِ ڪراچي ايندي، ڄامشوري جي پُل وٽ ڪار مان لھي ڪا دير درياهه جي موجن کي ڏسندو رهيو هوس. شاهه لطيف هن درياهه جي ضرور هيءَ ارڏائيڏسي چيو هوندو:

دهشت دم درياهه ۾ جت لڙ، لھرون، لس، ليٽ
آڻي اوڀارن ۾ پانڌي ٻوڙي ٻيٽ
جت چڪنئي چيٽ، ات ساهڙ سير لنگهاءِ تون...

پر پوڙهيءَ کي اهڙا شعر ترجمو ڪري ته نٿي ٻڌائي سگهيس. باقي اسان جي سنڌو درياءَ جي Colossal هجڻ جو Impression ڏيڻ لاءِ مون کي جپانيءَ ۾ جيڪي صفتون آيون ٿي اهي ٻڌائي ورتم.
اڄ چوٿي صديءَ بعد يعني ويهه پنجويهن سالن بعد، هن ساڳي شھر ۽ ساڳي گهٽيءَ مان لنگهڻ تي، هن مسافرخاني (ريوڪان) جي اڳيان بيھي رهيس. گهر جي مٿان ٻه وڌيڪ ماڙيون ٺھيل هيون، جن جي ٻاهران مسافر خاني جو ئي بورڊ لڳل هو. ياد آيم ته موجي ڇڏڻ کان اڳ پوڙهيءَ پنھنجي پٽ جي هتي جي حساب سان ڌوم ڌام سان شادي ڪئي هئي، جيڪا اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آئون درياهه جي ٻي ڀر واري بندرگاهه شموتوسيڪي کان هتي آيو هوس. ڪجهه سالن بعد ٻڌم ته پوڙهيءَ جو اڪيلو پٽ جنھن سندس ڪاروبار ۾ به مدد ڪئي ٿي، هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. پوڙهيءَ جي وري خبر نه پيئي جو منھنجي دوستن جي جھازن به هنن بندرگاهن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. آئون در جو بيل وڄائي اندر رسيپشن ۾ گهڙيس. سندس ٻنهي پوٽين منھنجو مھمان جي حيثيت سان آڌرڀاءُڪيو پر پوءِ مون جڏهن پنھنجو تعارف ڪرايو ته هو مون کي سڃاڻڻ لڳيون. سندن سڃاڻڻ تي مون کي تعجب لڳو.
”ڪمال آهي! توهان ته ڄائيون به بعد ۾ آهيو. آئون 24_25 سالن بعد هتي پيو اچان.“
”ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته هتي هڪ مئرين انجنيئر رهڻ ايندو هو، جيڪو باشو (جپاني شاعر) ۽ مشيما (جپاني ناول نويس) جو عاشق هو.“ هنن مان هڪ ٻڌايو ۽ ٻي منھنجو جپان بابت سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامو ”جپان جن جي جيءَ سان“ کڻي آئي، جيڪو مون تڏهن سندن ڏاڏيءَ کي موڪليو هو. هنن ٻڌايو ته هوءَ چار سال کن اڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي.
”توهان جي اوباسان (ڏاڏي) عظيم عورت هئي.“ مون سندن ڏاڏيءَ کي ياد ڪندي تعريف ڪئي ۽ ڪا دير پراڻن ڏينهن جي خيالن ۾ گم ٿي ويس، جڏهن هن پوڙهيءَ جي قرب ۽ خيال رکڻ ڪري آئون موجي يا هن پاسي اچڻ تي هميشه هن جي ئي مسافر خاني ۾ رهندو هوس.
”اسان جو ڏاڏو هيروشيما ۾ ڪريل بم جو شڪار ٿي ويو هو.“ پوڙهيءَ جي پوٽين مان هڪ ٻڌايو.
”وڪاري ماس_مون کي ڄاڻ آهي.“ مون ڏکويل آواز ۾ وراڻيو، ”ان جي اثر ڪري توهان جي ڏاڏي ڪيترين ئي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا هئي.“
”پر چون ٿا ته هن وڏي همت کان ڪم ورتو.“
”صحيح ٿيون چئو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي. بيمار هوندي به هوءَ گهر کي هلائڻ لاءِ سخت پورهيو ڪندي رهي ٿي.“ مون کين ٻڌايو.
”هوءَ قربائتي به ڏاڍي هئي. سندس مري وڃڻ تي اوڙي پاڙي وارن به ڏاڍو ڏک ڪيو..“
”ضرور ڪيو هوندو.“ مون وراڻيو. ”کيس انسان ذات لاءِ همدردي هئي. هن هر هڪ جو ڀلو چاهيو ٿي. ٻئي کي ڏکويل ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويندي هئي. آئون پھريون دفعو جڏهن هن وٽ رهڻ آيو هوس ته منھنجي ننڍڙي سال کن جي ڌيءَ کي تيز طوفاني هوائن ڪري يا شايد وڪاياما کان موجي هوائي جھاز جي سفر ڪري، ڪن ۾ سور اچي ٿيو. منھنجي زال نه هن شھر جي واقف هئي ۽ نه جپاني آيس ٿي، پوءِ توهان جي ڏاڏيءَ پنھنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، منھنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ ڊوڙندي رهي. مون کي چوندي هئي ته تون نه گهر جو خيال ڪر نه پئسي ڏوڪڙ جو. جنھن ڊيوٽي لاءِ آيو آهين، يعني جھاز جي Repair لاءِ، ان ڏي توجهه ڏي، جيئن اهو جھاز سمنڊ تي تولاءِ مسئلو نه بڻجي.“
”ڪيڏو عجيب ٿو لڳي هڪ ڌارئين کان پنھنجن وڏن جي ڳالهه ٻڌي! سندس پورهئيجي ڪمائي اڄ اسين کائي رهيا آهيون. هوءَ پاڻ غربت ۾ گذاري وئي، پر اسان لاءِ مسافرخاني جي صورت ۾ روزگار ٺاهي وئي...“ ڇوڪرين چيو.
”Hi So Desu صحيح ٿيون چئو.“ مون سندن ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ڪافيءَ جو آخري ڍڪ ڀري، اٿي کڙو ٿيس ۽ ساڻن هڪ يادگار تصوير ڪڍرائي Sayonara (الوداع) چيم.
ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي هلي سندن گهر اڳيان وهندڙ نالي جي ڪپر وٽ بيھي رهيس۽ ڪا دير پنڊ پھڻ ٿي بيٺو رهيس. بارش ۽ گهرن مان ايندڙ پاڻيان ”نالي“ مان شپڪا ڪري وهي رهيو هو. مون کي پوڙهيءَ سان اڍائي ڏهاڪا سال اڳ جو بحث ياد اچي ويو...”هن کي چئبو آهي درياهه!درياهه ته اسان جو سنڌو آهي...“ مون چيو هئومانس. يعني تڏهن چيو هئومانس. چڱو جو اڄ هوءَ جيئري ناهي، نه ته هن کي اڄ ان سنڌوءَ بابت شايد ڪجهه به ٻڌائي نه سگهان ها. هفتو کن اڳ هيڏانھن جپان ۾ اچڻ لاءِ ڳوٺان (هالا کان) ڪراچي ايندي وقت،هميشه وانگر هن ڀيري به سنڌوءَ جو ديدار ڪرڻ چاهيم ٿي. پر ڄام شوري وٽان لنگهندي منھنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. اسان جي سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇولين بدران ڌوڙ اڏامي رهيهئي. ٻيڙيون وچ درياهه ۾ خشڪيءَ تي پاسيريون ٿيون پيون هيون ۽ ٻارن وچ سِير تي ڪرڪيٽ راند پئي کيڏي. سنڌوءَ ۾ ايترو پاڻي به نه هو، جيترو موجي شھر جي هن نالي مان وهي رهيو آهي!
آئون ڏکويل دل سان اڳتي وڌان ٿو. هڪ هڪ وک ڇپ جھڙي ڳري محسوس ڪريان ٿو ۽ مون کي پنھنجي هڪ ٻئي ڳوٺاڻي شاعر ”حميد شھيد“ (پروفيسر عبدالحميد متقي ميمڻ) جو هن مھيني جي سوجهري رسالي ۾ ڇپيل هي شعر ڌيان ۾ اچي ٿو.

ڄامشوري جي پل مٿان بيھي سوچيم
سنڌو ناهي، هي ”هاڪرو“ آهي.

(هاڪرو: سنڌ جو هڪ قديم ڊٺل ۽ خشڪ ٿي ويل درياهه).

جپان ويندي دبئيءَ ۾

عرب امارات جو جھاز ڪراچيءَ کان اڏري پوري وقت تي دبئيءَ کان اچي نڪتو. مون دريءَ جو پڙدو هٽائي هيٺ ڏٺو. جيئن جيئن جھاز جو Altitude گهٽجڻ لڳو، تيئن تيئن دبئي شھر جون عمارتون، رستا، رستن تي هلندڙ گاڏيون، سمنڊ، سمنڊ ۾ هلندڙ ۽ بندرگاهه وٽ بيٺل جھاز، شھر جا چوراها ۽ پارڪ چٽا نظر اچڻ لڳا. دبئي ڪنھن ڪنڊ پاسي کان يورپ جي ڪنھن سھڻي، سليقي واري ۽ ماڊرن شھر کان گهٽ نٿو لڳي. اڄ دبئي واپار وڙي ۽ سھنج سھولت ۾ اعليٰ درجو رکي ٿو. منھنجي اکين اڳيان اڄ کان پنجٽيھه سال کن اڳ جو دبئي ڦرڻ لڳو، جڏهن 1968ع ۾ اسان جو ”سندربن“ نالي يوگوسلاويه جو ٺھيل پاڻيءَ جو جھاز رومانيه ۽ بلغاريه جي بندرگاهن مان دبئيءَ لاءِ مختلف سامان کڻي پھتو هو. جيتوڻيڪ اڄ جي حساب سان اهو ويھه هزار ٽن جو جهاز ڪجهه به نه آهي ۽ اڄ جي دبئي بندرگاهه ۾ هڪ لک ٽن وزني جھاز به آرام سان بيھي سگهن ٿا پر ان وقت دبئي جو بندرگاهه اهڙو نه هو، جو اسان جو جھاز اندر وڃي سگهي ۽ نه وري ڪي بندرگاهه ۾ وڌيڪ لانچون (انجن تي هلندڙ ٻيڙيون) هيون، جيڪي بندرگاهه کان ڏهه ميل کن پري کلئي سمنڊ ۾ بيٺل اسان جي جھاز تي اچي جھاز جي ماڻهن کي بندرگاهه ڏي وٺي هلن.
اسان بحر اسود (Black Sea) جتي، رومانيه ۽ بلغاريه جا بندرگاهه ڪانستنزا ۽ ورنا آهن، لتاڙي ان بعد ڀوئنچ سمنڊ (Mediterranean) اُڪري جبرالٽر وٽان آفريڪا جي کنڊ جو ڦيرو شروع ڪيو ۽ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ جهاڳي اٽڪل 25 کن ڏينھن بعد ايراني نار جي هن بندرگاهه دبئيءَ ۾ پھتاسين. ايترا ڏينھن سمنڊ تي رهڻ بعد ڪناري تي پير رکڻ لاءِ دل ماندي ٿي رهي هئي. پر دبئي پھچڻ تي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته دبئيءَ جو بندرگاهه جھڙو تھڙو آهي، جتي رڳو اوسي پاسي جا ٻيڙا، بتيلا ۽ ڪاٺاڻا جھاز بيھي سگهن ٿا ۽ نه وري ڪراچي يا سنگاپور وانگر ڪا Boat Service آهي جو جيسين سامان بارجن ذريعي جھاز تان لھي، تيسين اسين جھآز هلائيندڙ انهن مسواڙ تي هلندڙ ٻيڙين ذريعي ڪناري جو چڪر هڻندا رهون. اسان کي انهن ڏينھن ۾ ڏاڍي اڻ تڻ هئي ته ايراني نار جون هي عرب رياستون ڏسون جن مان تيل نڪرڻ ۽ دولت جي اچڻ جي هاڪ ٻڌي رهيا هئاسين. ٻئي ڏينھن پنھنجي جھاز جي لائيف بوٽ لاهي اسين بندرگاهه ڏي روانا ٿياسين. اسان ۾ هڪ درٻيلو جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به هو، جنھن لائيف بوٽ جو اسٽيئرنگ ويل سنڀاليو. هو انهن ڏينھن ۾ جھاز جو ٿرڊ آفيسر هو ۽ آئون ففٿ انجنيئر هوس ۽ لائيف بوٽ جي انجڻ جو ڪم منھنجي حوالي هو. اسان ۾ هڪ منھنجو جھازي دوست ۽ ساڳي ڪئبن ۾ مون سان گڏ رهندڙ ڪئڊٽ غضنفر خان به هو. هو به اڳتي هلي جھازن جو ڪئپٽن ٿيو ۽ ڪيترائي سال جھاز جي ڪمانڊ سنڀالڻ بعد گذريل ڏهن سالن کان دنيا جي مختلف جھاز ران ڪمپنين جي ڪراچيءَ ۾ ويھي مئنيجمينٽ سنڀالي ٿو. کيس اڄ جو هر پاڪستاني جھازي ڪئپٽن جي يو خان (G. U. Khan) جي نالي سان سڃاڻي ٿو ۽ سندس ڪمپنيءَ جو نالو ”جيوپيٽر مئرين سروسز“ آهي. بندرگاهه ۾ پھچي پنھنجي جھاز جي ٻيڙيءَ(Life Boat) کي ڪنھن ڪلي سان ٻڌي شھر ڏي روانا ٿياسين. دبئي شھر جون بازاريون ڀٽ شاهه ۾ لڳندڙ ميلي جي ڪچن دڪانن جھڙيون هيون. پر ڇا ولائتي مال هو. واچن، رومالن، ريڊين، ڪپڙن سان دڪان اٿليا ٿي. انهن دڪانن، ايئرڪنڊيشنڊ وڏين ڪارين ۽ هوٽلن مان هنن وارياسين ملڪن ۾ آيل بي انتھا دولت جو جائزو ٿيو ٿي. آئون ۽ منھنجو روم ميٽ جھازي ساٿي غضنفر (G.U. Khan) دبئي ۾ ٻه هفتا کن رهڻ دوران (۽ ان بعد سمنڊ تي) هر وقت اهي ڳالهيون ڪندا رهياسين ته هنن ملڪن ۾ بي انتھا دولت اچڻ ڪري اسان جو ملڪ به امير ٿي ويندو. اسان جي شپنگ وڌندي، اسان جو ملڪ پاڙيسري هجڻ ڪري گلف جا سڀ عرب اسان جي ملڪ مان ڀاڄيون، ميوا، اناج ۽ گوشت وغيره گهرائيندا، سندن جھازن جي مرمت توڙي هلائڻ لاءِ ماڻهو ۽ راشن پاڻي اسان جي ملڪ مان وٺندا. ان وقت هن سڄي تر ۾_ ويندي ايران ۽ سعودي عرب تائين جھازراني توڙي هوائي سروس ۾ اسان جو ملڪ مٿاهون هو. 1968ع تائين ته اسان جي پي. آءِ. اي جي سروس نيويارڪ ۽ آمريڪا جي ٻين شھرن تائين عام ٿي چڪي هئي. (ملائيشيا کي پورن 20 سالن بعد 1988ع ۾ سندس هوائي ڪمپني MAS کي پهريون دفعو آمريڪا ۾ جهاز لاحڻ جي اجازت ملي، سا به آمريڪا جي فقط هڪ شھر ۾!) غضنفر چوندو هو ته الطاف ڏسجان ويٺو، ڏهن سالن بعد ڪراچيءَ ۾ هڪ بدران ٽي نه ته ٻه شپ يارڊ ضرور هوندا، جتي هنن عربن جا جھاز ٺھندا ۽ هلڻ بعد مرمت ٿيندا... وغيره وغيره.
اڄ اهو غضنفر جيڪو مون وانگر اچي سٺ ورهين جي ويجهو پھتو آهي، جڏهن ملندو آهي ته اهي 35 سال اڳ وارن خوابن کي ياد ڪري افسوس ڪندا آهيون ته اسان جي ملڪ جي اڳواڻن (سياستدانن توڙي ادارن جي ليڊرن) جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ ان جا ڪيترائي ادارا ترقيءَ بدران تباهه ٿي ويا آهن. اڄ اسان وٽ نه پر دبئيءَ ۾ شپ يارڊ آهن، جت اسان جا پنھنجا جھاز مرمت (Dry Docking) ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪريون ٿا. اڄ عرب ملڪن جا جھاز اسان جي گوشت کي Unhygienic سمجهي نٿا وٺن. پاڻي ٻين کي وڪڻڻ ته ڇا پاڻ لاءِ به کوٽ آهي، ۽ اسان جا ڪيترا جھاز مھانگي هجڻ جي باوجود دبئي ۽ سعودي عرب مان پاڻي خريد ڪن ٿا جو هر دفعي جھاز وارن کي پڪ ناهي ته ڪراچيءَ مان ملي به يا نه. اهو ئي حال هوائي جھازن جو وڃي ٿيو آهي. مختلف ملڪن جون Services هڪ ٻئي پويان بند رهيون آهن ۽ جيڪي PIA جا جھاز هلن پيا، انهن جي سڃاڻپ Great People to Fly with بدران بدبودار ڪاڪوس ۽ معيار کان ڪريل مسافرن لاءِ ماني آهي ۽ هينئر دبئي وارن جي هوائي ڪمپني Emirate جي هن هوائي جھاز ۾ اوساڪا ڏي ويندي مون کي ڪا خوشي نه ٿي رهي آهي. هن کان اڳ 1980ع تائين جڏهن جپان By Air اچڻ ٿيو ته PIA ۾ ئي آيس. ڪڏهن منيلا (فلپين) کان ڦري ته ڪڏهن بيجنگ (چين) وٽان ٿيندو. ڪيڏو افسوس ٿو ٿئي، پنھنجي قومي هوائي ڪمپني ۽ پنھنجي ٻين ادارن کي ڏينھون ڏينھن پٺتي ويندو ڏسي ۽ هوڏانھن ملائيشيا جھڙا ملڪ به خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتا آهن. بيا ادارا ته ٺھيو پر ملائيشيا جو سنڌي ادبي بورڊ جھڙو ادارو ”ديوان بهاسا پستڪا“ به خبر ناهي ڪٿي وڃي پھتو آهي. هر سال ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا ڇپرائي ٿو. جيتوڻيڪ سالياني بجيٽ ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد اسان جي اداري کان گهٽ آهي، پر خبر ناهي ڇو اسان وٽ اهڙي باهه پئي ٻري جو ڪو به ادارو سڌري نٿو. کڻي ڪھڙو به ماڻهو ان اداري جو هيڊ ڪري رکو. ويتر اهو ماڻهو به کريو پوي۽ افسوس ٿو ٿئي ته اهي ماڻهو جن کي اسان سون جھڙا ٿا سمجهون، اهي به وڏو عھدو ملڻ تي کوٽا ثابت ٿيو پون.

جپان جھڙن ملڪن ۾ ’ليکڪ‘ سيد پير آهي

ڪراچيءَ کان دبئي عرب امارات جي هوائي جھاز ۾ آيس ۽ هاڻ جپان پھچڻ لاءِ مون کي دبئيءَ مان وري Emirate جي اڏام وٺڻي هئي، جيڪا بنا ڪنھن هنڌ ترسڻ جي ڏهن ڪلاڪن جي لڳاتار اڏام بعد اوساڪا وٺي آئي. هي پھريون دفعو هو جو اوساڪا ۾ آئون هوائي جھاز رستي اچي رهيو هوس.
جپان جي مختلف بندرگاهن مان اسان جو سڀ کان گهڻو اچڻ ڪو بي ۽ اوساڪا جي بندرگاهن ۾ ٿيندو هو ۽ ٻئي نمبر تي يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو هوندو هو. ڪوبي۽ اوساڪا ائين آهن جيئن سکر کان لاڙڪاڻو. سمنڊ رستي کڻي ڊگهو رستو ٿو ٿئي جو ور وڪڙ ڏئي وڃڻو پوي ٿو، پر هتي جي تيز رفتار ريل گاڏي ڪوبي کان اوساڪا ڪلاڪ اندر پھچايو ڇڏي. يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو اڃا به ويجها آهن ۽ اهي سمنڊ رستي ته اڃا به ويجهو. ٽن چئن ڪلاڪن ۾ پاڻيءَ جو جھاز ٽوڪيو کانيوڪوهاما پھچيو وڃي. هڪ دفعي ٽوڪيو ۾ اسان جي جھاز تي اتي رهندڙ منھنجا دوست ظفر شيخ، اشفاق ميمڻ ۽ اقبال سولنگي ان وقت گهمڻ لاءِ آيا، جنھن وقت جھاز جا يوڪوهاما وڃڻ لاءِ رسا کلي رهيا هئا. مون مٿان بيھي کين پنھنجي جھاز جو پروگرام ٻڌايو ته ڪو ڏورانھين ڏيھه يا بندرگاه ڏي نه پيو وڃي پر اتي ڀر واري بندرگاهه يوڪوهاما ڏي وڃي پيو. هو اتي ئي ڪار ۾ ويھي رهيا ۽ اشارو ڪيائون ته اسان اتي ٿا اچون. اسان جو جهاز ان ئي وقت هلڻ شروع ٿيو ۽ ٽوڪيو جي بندرگاهه مان نڪرڻ بعد ڪلاڪ ٻه ڪو مس فل اسپيڊ تي هلي يوڪوهاما بندرگاهه ۾ گهڙي ويو پر هوڏانھن منھنجن دوستن کي خشڪي رستي پھچڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳو جو ٻنهي شھرن (ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما) ۾ کين ٽريفڪ به ڪافي جئم ملي. سو اهي شھر يا کڻي چئجي ته بندرگاهه ايڏا ويجها آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاگرافيائي بيھڪن ڪري ڪي سمنڊ رستي ويجها آهن ته ڪي خشڪيءَ رستي، جيئن هالا پراڻا کان ڄامشوري ٻيڙيءَ رستي وڃجي ته اهو درياهه جي ٻئي پاسي آهي، باقي خشڪيءَ رستي هالا کان ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ پوءِ حيدرآباد مان ڦرندو ڄامشوري پھچجي ٿو.
اسان جو هوائي جهاز جپاني وقت مطابق منجهند جو ٻارهين بجي ڌاري اوساڪا لٿو. ڪراچيءَ ۾ صبح جا اٺ ۽ دبئيءَ ۾ ست ٿيا هئا، جو پاڪستان جو وقت جپان کان چار ڪلاڪ پٺتي آهي ۽ دبئي کان ڪلاڪ اڳيان آهي. يعني پاڪستان ۾ سج جپان ۾ اڀرڻ کان چار ڪلاڪ رکي پوءِ ٿو اڀري ۽ دبئيءَ ۾ اسان کان اڃا به ڪلاڪ کن دير سان ٿو اڀري.
جھاز اوساڪا پھچي جيئن ئي هيٺ ڀرو ٿيو ته اوساڪا جي شھر جون عمارتون ماچيس جيدٻين وانگر نظر اچڻ لڳيون ۽ بلو نيري سمنڊ ۾ پاڻيءَ جا جھاز راند جي ننڍڙين ٻيڙين جيان نظر اچڻ لڳا. هي اوساڪا جو بندرگاهه هو، جنھن ۾ ڪجهه جھاز جيٽين (ڌڪن) وٽ قطار ۾ ٻڌل نظر اچي رهيا هئا، ته ڪجهه پري کلئي سمنڊ ۾ لنگرڪيرائي بندرگاهه ۾ وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. اسان ڪيترائي دفعا پنھنجو جھاز هن بندرگاهه ۾ وٺي آيا هئاسين. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان ايندي يا ڪوريا مان موٽندي هتي آيا هونداسين. گهڻو تڻو سامان هتي لاهيندا ۽ هتان ئي چاڙهيندا هئاسين. جھاز جي وڏي مرمت کڻي يوڪوهاما يا ڪوبي مان ڪرائيندا هئاسين، پر هلڪي ڦلڪي رپيئر ۽ جھاز جو راشن پاڻي اوساڪا جي هن بندرگاهه (Osaka-Ku) مان وٺندا هئاسين. جپان جي مختلف بندرگاهن مان ڦري گري به هتي ايندا هئاسين. انهن ڏينھن ۾ جھاز کڻي اڄ جھڙا ئي تيز رفتار هئا پر بندرگاهن ۾ ڪم آهستي آهستي هليو ٿي ۽ نه وري اڃا Container سروس شروع ٿي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جو جھاز اوساڪا جھڙن بندرگاهن ۾ ٻن هفتن کان مھينو به بيٺو هوندو هو ۽ اسان کي ريلن ۽ بسين ذريعي نه فقط سڄي اوساڪا جا چڪر هڻڻ جو موقعو ملي ويندو هو پر ڀر وارن شھرن ڪوبي، نارا ۽ ڪيوٽو تائين به وڃي نڪرندا هئاسين ۽ اڄ ان شھر اوساڪا جو هوائي جھاز جي دريءَ مان نظارو ڏسي اڄ کان چوٿو صدي کن اڳ جون گهٽيون، رستا، رلڻ پنڻ، دوستيون ياريون، آواز ۽کاڌا، خوشبوئون ۽ ڇھاءُ سڀني حواسن تي طاري ٿي رهيا هئا. اوساڪا ڪُو، اساشي باشي، بينٽين چو، تينوجي، هوماچي، نامبا، اميدا... اوساڪا جي بندرگاهه (اوساڪا_ڪو) کان اوساڪا شھر جي ٻي پوڇڙ Umedaتائين ريل رستي وڃڻ لاءِ رستي تي اهي مختلف اسٽيشنون اچن ٿيون، اڄ هيترن سالن بعد انهن علائقن (اسٽيشنن جا نالا) صحيح Sequence ۾ دماغ ۾ اوچتو هُري آيا، ڄڻ ڪراچيءَ جا بس اسٽاپ هجن، ماريپور، گريڪس، گل بائي، بنارس ڪالوني، کارادر، ٽاور، بولٽنمارڪيٽ، پاڪستان چوڪ، برنس روڊ، ريگل چوڪ، ايمپريس مارڪيٽ... جيسين جھاز کي هيٺ لھڻ جي اجازت ملي، پائليٽ هن کي ٿورو هيٺين Altitude تي آڻي اوساڪا جي چوڌاري چڪر هڻائي ٿو ۽ آئون هڪ دفعو وري خيالن جي دنيا ۾ هن شھر جي گهٽين گهوٽين ۾ گم ٿي وڃان ٿهو. ستر وارو تقريباً سڄو ڏهاڪو آئون جنھن به جھاز تي رهيس، اهو هن پاسي ايندو هو ۽ هن شھر جي ڪھڙي گهٽي، ڪھڙو رستو ۽ پارڪ آهي، جتان پيرين پنڌ، ريل يا بس ۾ نه لنگهيو هوندس. ان وقت جپان مھانگو نه هو. ان وقت اسان جو سڪو اڄ وانگر کدڙو نه پر مڙس ماڻهو هو. اٺين نائين رپئي ڊالر ملندو هو ۽ آخري ٽرپ ۾ به ڊالر ۾ 300 يين مليا ٿي. يعني ڏهين رپين ۾ ٽي سئو يين مليا ٿي ۽ هينئر ڏهن رپين ۾ فقط ويھه يين ملن ٿا. اسان جو پگهار کڻي گهڻو نه هو پر جپاني سڪو ايترو مليو ٿي جوٽئڪسين ۾ چڙهندا هئاسين، جھاز تي مفت جي ماني کائڻ بدران شھر جي هوٽلن ۾ اچي کائيندا هئاسين. اڄ جو جھازي پگهار گهڻو هجڻ جي باوجود جپان جي بس ۾ چڙهندي به ٻه دفعا سوچي ٿو. اڄ اسان نه پر جپان ۽ يورپ جا ماڻهو يا ملائيشيا ۽ عرب جا ماڻهو سندن ناڻي جي ساک مٿاهين هجڻ ڪري ٿوري پئسي ۾ به گهڻو گهمي ڦري سگهن ٿا.
هوائي جھاز پنھنجا ڦيٿا ٻاهر ڪڍي ٿو، جنھن جي گڙ گڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هو دنيا جي ان واحد ۽ نرالي هوائي اڏي ”ڪنسائي ايئرپورٽ“ تي لھي ٿو، جيڪو سمنڊ تي ٺاهيو ويوآهي. هن هوائي اڏي جو رن وي ساڍا ٽي ڪلوميٽر آهي، جيڪو سمنڊ ۾ ٺھيل پنج ڪلوميٽر ڊگهي ٻيٽ تي آهي ۽ هي ٻيٽ قدرتي طرح ٺھيل نه آهي پر سمنڊ ۾ مٽي ڀري هي ٻيٽ ٺاهڻ لاءِ جپانين کي ست سال لڳي ويا ۽ هاڻي 1994ع کان وٺي جھاز هن ايئرپورٽ تي لھي رهيا آهن.
اوساڪا جي هن هوائي اڏي (Kansaie International) تي لھڻ سان مسافرن کي اتي بيٺل اليڪٽرڪ ٽرين کڻيو اڳيان ان بلڊنگ ۾ اچي لاهي ٿي جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم جي چڪاس ٿئي ٿي. اڄ ڪلهه سارس (Sars) بيماريءَ جي ڪري مسافرن کان اهو به پڇاڻو ٿيو_ بلڪ جھاز مان ئي فارم ڀرڻو پيو هو، جنھن ۾ اهو پڇيو ويو هو ته توهان کي بخار، کنگهه، سلهه، مليريا، ٽائيفائيڊ وغيره جھڙي بيماري هفتو ٻه اڳ تائين ته نه ٿي هئي... وغيره.
اميگريشن واري پاسپورٽ وٺي مون کان رهائش جو پڇيو.
”هتي منھنجي ڌيءَ ستن سالن کان رهي ٿي، ان وٽ رهندس.“ ٻڌايومانس.
Anatawa Nohon-wa Hajimeti Desuka (تنھنجو جپان ۾ هي پھريون دفعو آهي؟) هن پاسپورٽ تي مختلف ٺپا هڻندي مون کان پڇيو.
”ها جي ميتي ديس“ (ها پھريون دفعو آهي اوساڪا ۾) مون وراڻيو ۽ پوءِ سندس منھن ڏي ڏسي چيومانس، ”هيڪو اُوڪي دَيڪي ماشتا“ هوائي جھاز رستي.
”اي مي وانان ديسڪا.“ (ڇا مطلب)؟
هن پريشان ٿيندي پڇيو.
Fune ni Nihon ni Kita Kotowa eepairaimas (پاڻي واري جھاز رستي ڪيترائي دفعا آيو آهيان). هو سمجهي ويو ته کڙکڙ تاڙي.
ڪنھنجو ماڻهو؟
پنھنجو ماڻهو.
ان بعد اڳتي ڪسٽم آفيس جي پھچڻ تي کيس انڊس پبليڪيشن طرفان منھنجو جپان بابت تازو ڇپيل ڪتاب ” ڳالهيون جپان جون“ جو پٺيون پاسو ڏيکاريومانس، جنھن تي منھنجي تصوير ۽ انگريزيءَ ۾ تعارف هو. هن شريف ماڻهوءَ مون کي وڏو اشراف سمجهي، منھنجي بئگ ئي نه کولرائي. بلڪ ٻاهرين دل سان مون کولڻ جو اشارو ڪيومانس ته منھنجا هٿ جهلي روڪيائين. هاءِ دومو اري گاتو (مھرباني) چوڻ لڳو. سٺو ٿيو هن کولي نه ڏٺي نه ته منھنجي آندل مٺائي، آچار، نمڪو ۽ ٻين کاڌي جي شين تي ضرور گھوپي ڪري ها_ پر ٺھيو اڃا ڪي آهن، ڪل جڳ منجهه ڪاپڙي! اميگريشن واري کي ڀلي ٻڌايم ته پاڻيءَ جي جھاز جو چيف انجنيئر آهيان پر چڱو جو هن ڪسٽم آفيسر کي جهازران هجڻ بدران اديب ٻڌايم. نه ته اسان ٻنهي کي ڄاڻ آهي ته جھازي ڪھڙا چڱا مڙس ٿين ٿا. پنھنجي ملڪ ۾ پاڻ اديب (خاص ڪري سنڌي اديب) ته هيڪاندي ڌوڙ پيا پايون. ليکڪ جو ڪو قدر نه آهي، پر جپان، سئيڊن ۽ ناروي جھڙن ملڪن ۾ هڪ ليکڪ باگڙي ڀيل نه پر سيد پير سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري ملڪ کان ٻاهر ٻين ملڪن کي متاثر ڪرڻ لاءِ مئرين انجنيئر، زميندار، ڪئپٽن يا ڊي آءِ جي پوليس ٻڌائڻ مان ڪو فائدو نه آهي. اهو اسان جو ملڪ آهي جتي فلاڻي فوجي يا صوبيدار، سپاهيءَ جو چاچو، مامو يا ڀائيٽيو ڀاڻيجو ٻڌائڻ سان ئي جان جي آزادي ماڻي سگهي ٿي.

دبئي ايئرپورٽ تي آمنا سان ملاقات

دبئي ايئرپورٽ تان اسان جي اوساڪا (جپان) لاءِ اُڏام گيٽ نمبر 30 تان رواني ٿيڻي هئي، جيڪو ايئرپورٽ جي ڊگهي عمارت جي بلڪل آخر ۾ هو. هلندو ويس، هلندو ويس_ ڪٿي پنڌ ته ڪٿي هلندڙ پٽي تان. سؤ ٻه سئو قدمن بعد وريڪنھن نه ڪنھن کان پڪ ٿي ڪيم ته ٽيھون نمبر گيٽ ڪٿي آهي؟ سڀني اڳيان اشارو ڪيو ٿي. ڪٿي گيٽ نمبر جو پڇڻ بدران اهو پڇيم ٿي ته اوساڪا لاءِ اُڏام ڪٿان وڃي ٿي؟ ڇو ته ائين نه ٿئي جو آئون گيٽ نمبر 30 تي پھچي، اتي جي Waiting Lounge ۾ بالم ٿي ويٺو ٽي وي ڏسان يا اخبار پڙهان ۽ پوءِ اڳتي هلي خبر پوي ته اتان ته ڪابل يا ڪولمبو جي فلائيٽ وڃڻي آهي ۽ اوساڪا (جپان) لاءِ اُڏام ته ڪنھن ٻئي گيٽ تان اڌ ڪلاڪ کن اڳي رواني ٿي ويئي. ان ڪري وري واپس ڪنھن ٻئي گيٽ ڏي ڊوڙڻ بدران هڪ ئي وقت ڪم پڪو ڪري صحيح جاءِ تي پھچڻ چاهيم ٿي. رستي تي ٻين دروازن جا نمبر پڙهندو ويس، جن جي انتطارگاهن جي ڪرسين تي ويٺل ماڻهن مان گهڻي ڀاڱي Ideaٿي ٿي ته انهن جو جھاز ڪھڙي ملڪ ڏي وڃي پيو. جيئن هڪ هنڌ سوڊاني شيدين جي گهڻائي ڏسي سمجهي ويس ته ان دروازي وٽان خارطوم ڏي جھاز وڃڻو آهي. هڪ هنڌ شلوار قميص ۾ پاڪستاني مرد، عورتون، ٻار ڏسي سمجهي ويس ته اهي ڪراچي يا لاهور وڃڻا آهن. هڪ هنڌ شايد ڪوالالمپور ڏي فلائيٽ وڃي رهي هئي، جو ڪافي ملئي ماڻهو اتي نظر اچي رهيا هئا. لائونج جي ان گيٽ وٽ ٽي ملئي نوجوان عورتون آئيسڪريم ڪون چٽي رهيون هيون. مون هنن کي ڄاڻي واڻي چتائي ڏٺو ته هو شڪي ٿي شرمائڻ لڳيون جو چرين وانگر آئيسڪريم کائي رهيون هيون. زور سان پڇيومان Pergi Mana. ڪيڏانھن وڃڻيون آهيو؟
دبئي جھڙو عرب دنيا جو ايئرپورٽ جتي هرڪو عربي يا انگريزي ڳالهائي ٿو ۽ ڪنھن ڌارئين کي ڪھڙي خبر ته ملئي زبان ڇا ٿيندي آهي، اتي هي منھنجي واتان سندن لب و لھجي واري ملئي زبان ٻڌي وائڙيون ٿي ويون ته هي مڙسالو ڪير جو سندن Privacy ۾ دخل اندازي ڪرڻ سان گڏ ساڻن هجائتو پيو ٿئي. ڪون کي چٽڻ ته ان ئي وقت بند ڪري ڇڏيو هئائون. هاڻ ڏند ڪڍي کلڻ لڳيون. منھنجي سوال جي جواب ڏيڻ بدران هنن ويتر مون کان سوال ڪيو: Darimana Encik Datang _ سائين جن ڪٿان پيا اچن؟ هو ته هڪ هنڌ بيٺيون هيون پر آئون اڳتي وڌي رهيو هوس، ان ڪري انهن کان ٿورو پري نڪري ويس پر منھن ورائي چيومان:
”Dari Kuala Sungai Baru_ ڪئالا سنگائي باروءَ کان“
’ڪئالا سنگائي بارو‘ ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي، جيئن پاڻ وٽ چوهڙ جمالي يا ٽنڊو ٺوڙهو. اهو ٻڌي ويتر حيران پريشان ٿي ويون ۽ ساڳي وقت کلڻ به لڳيون ته سٺو چرچائي ٿو لڳان. مون به سندن کل Enjoyڪئي پر ساڳئي وقت دل ۾ اهو به سوچيم ته جيئن هرهڪ پنھنجي صحيح ماڳ تي پھچي سڪون سان پنھنجي اڏام جو انتظار ڪري رهيو آهي، آئون به پنھنجي صحيح انتظار گاهه تائين پھچان، پوءِ ڀلي پيو چرچا ڀوڳ ڪريان. هيءَ فلائيٽ جي Missٿي وئي ته ٻي فلائيٽ اوساڪا لاءِ ڪا ڪلاڪ ڏيڍ بعد نه ويندي، پر پورن ٽن ڏينھن بعد آهي. گيٽ نمبر 27 ۽ 28 کانپوءِ 32 ۽ 33 نظر آيو. آئون في الحال ته پريشان ٿي ويس، پر پوءِ 32 تائين پھچڻ تي 30 ۽ 35 نمبر دروازا هڪ ٻئي جي ويجهو نظر آيا. 30 نمبر جي انتظار گاهه ۾ ليئو پاتم ته ڪو به نه هو. گيٽ جي ٻاهران ڳاڙهي پڳڙي ٻڌل (عرب امارات هوائي ڪمپنيءَ جي ڊريس پھريل) هوسٽس کان پڇيم ته فلائيٽ نڪري وئي ڇا؟
”نه، توهان اڃان پھريان آهيو.“ هن وراڻيو.
بورڊنگ ڪارڊ ڏيکاري انتظار گاهه ۾ هڪ اهڙي ڪنڊ کان اچي ويٺس، جتان دروازي کان ايندڙ هر هڪ نظر اچي سگهي. مون اهو ڏسڻ ٿي چاهيو ته هيڏي وڏي جھاز ۾ جپان لاءِ اهي ڪھڙا ٽي چار سؤ ماڻهو هتان ٿا چڙهن. پاڪستاني، عرب، يورپي يا جپاني به؟ دبئي پاسي ايترا جپاني ته نه هوندا. گهڻو ڪري اسان جا پاڪستاني يا عرب هجن پر جپان جھڙي مھانگي ۽ عجيب زبان واري ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ گهمڻ لاءِ ڪو پاڪستاني يا عرب ته نه ويندو، جو اسان پاڪستانين لاءِ جپان ويزا ڏکي ڪري ڇڏي آهي ۽ عربن جو زور رڳو مصر ۽ وڌ ۾ وڌ ترڪي ڏي آهي، جو هنن کي انگريزي زبان وارن ملڪن ۾ اوپرائپ ٿي محسوس ٿئي ۽ هاڻ نائن اليون کانپوءِ ته عرب پاڻ به آمريڪا توڙي يورپ ڏي وڃڻ کان ڪيٻائين ٿا.
دبئي ايئرپورٽ تان اوساڪا (جپان) ڏي وڃڻ لاءِ آئون جھاز جي اڏام لاءِ انتظار ڪرڻ دوران اهو سوچي رهيو هوس ته، هڪ هڪ ٿي مسافر گهڙڻ لڳا ۽ تعجب جي ڳالهه ته انهن ۾ گهڻائي جپانين جي هئي. ڪو اڪيلو اچي رهيو هو ته ڪو ٻارن ٻچن سان ته ڪي ٻه ٻه ٽي ٽي مرد يا عورتون اچي رهيون هيون. هڪ جپاني عورت سٿڻ قميص ۾ ٽن ڌيئرن ۽ هڪ پٽن سان هئي، جيڪي سڀ جينز ۽ بشرٽ ۾ هئا. ظاهر هو ته ان جپانڻ جو مڙس ڪو ايشيا جو هجي پر ضروري ناهي ته پاڪستاني هجي. هوءَ ڪنھن سک جي زال به ٿي سگهي ٿي، ڇو جو سکن جون ولائتي زالون به شلوار قميص ۽ دوپٽو اوڍين ٿيون. سندس اچڻ مھل سوچيو هوم ته موقعو ملڻ تي کانئس پڇندس ته سندس مڙس جي قوميت ڪھڙي آهي؟ پر پوءِ ان کي شايد اهم نه سمجهيم، جيتوڻيڪ ايئرپورٽ کان هوائي جھاز ڏي بس ۾ ويندي هوءَ منھنجي ڀرسان بيٺي هئي ۽ ٻارن سان انگريزي ۽ جپاني ۾ ڳالهائي رهي هئي ۽ ڪجهه ڪجهه لفظ اردو يا پنجابيءَ جا به ڳالهائي رهي هئي، پر آئون اهو چڱي طرح جهٽي نه سگهيس ته ٺيٽ پنجابي جا هئا يا اڙدوءَ جا. پر جي پنجابيءَ جا هجن ها ته به خاطري سان چئي نه سگهجي ها ته ڪنھن سک جي زال آهي. هوءَ اسان جي ڪنھن مسلمان پنجابيءَ جي به زال ٿي سگهي ٿي ته هندو پنجابيءَ جي به. هونءَ به دبئيءَ ۾ ڪھڙي قوم ۽ زبان جا ماڻهو آهن جيڪي نٿا رهن. اوساڪا جي ايئرپورٽ تان ٻي ڊوميسٽڪ فلائيٽ جو بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ مھل پڻ هوءَ منھنجي پويان هئي. اتي هوءَ مون کان اوساڪا جي ريل سسٽم جو پڇڻ لڳي ته ڪھڙي سولي ٿيندي.
”تون جپان جي ٿي ڪري توکي خبر ناهي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”آئون جپان جي ضرور آهيان، پر اوساڪا ۾ ڪڏهن نه آئي آهيان. هميشه پنھنجي ڳوٺ چيبا (ٽوڪيو ڀرسان هڪ شھر) لاءِ ٽوڪيو ۾ لھندي آهيان.“
آئون سمجهي ويس ته هوءَ ٽوڪيو پاسي جي آهي پر مون وانگر پئسو بچائڻ لاءِ عرب امارات جي هن جھاز ۾ اوساڪا آئي آهي، جن ايندڙ مھيني جي آخر تائين پنھنجي اوساڪا واري نئين سروس شروع ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ ذري گهٽ اڌ ڪري ڇڏي آهي، نه ته مون کي جپان جي هڪ ڪنڊ فڪوڪا وڃڻو هو ۽ هن کي ٻي ڪنڊ ٽوڪيو ڏي.
دبئي ايئرپورٽ تي اسان کي ڪلاڪ کن وهڻو پيو جو اُڏام ۾ دير ٿي وئي هئي. ڪو ڪم ڪار نه هجڻ ڪري پڙهڻ شروع ڪيو ٿي يا ڪنن ۾ بٽڻ وجهي ريڊيو ٻڌو ٿي. پاڻ سان گڏ آيل دوستن يا ٻارن ٻچن سان به نٿي ڳالهايو، جيئن ٻيا ويٺل ڊسٽرب نه ٿين. جپانين جي اها پراڻي عادت آهي، چاهي بس ۾ هجن يا ريل ۾، پنھنجي منھن ويٺا هوندا. پيھه پيھان ۾ به ڪتاب پيا پڙهندا يا اکيون ٻوٽي پنھنجي منھن سوچيندا رهندا. هڪ ٻئي سان زور سان ته ڇا آهستي به نه ڳالهائيندا ۽ هينئر هيترن ڄڻن هوندي به انتظار گاهه ۾ اهڙي ئي ماٺ هئي، جنھن لاءِ انگريزيءَ ۾ Pin drop خاموشي چيو ويندو آهي. ۽ اتي ان ماٺ ۾ ٽيھه سالن جو سٿڻ قميص ۽ وڏي ڏاڙهيءَ سان هڪ ٺاهوڪو افغان اندر گهڙيو. هن کي به اسان سان گڏ اوساڪا هلڻو هو جو هن جي هٿ ۾ به ساڳي رنگ جو بورڊنگ ڪارڊ هو (جنھن تي هوائي جھاز ۾ ويھڻ لاءِ سيٽ جي ريزرويشن ۽ نمبر لکيل ٿئي ٿو).
هو ڪنھن ڪرسيءَ تي ويھڻ بدران پنھنجي بئگ واري ٽرالي سان سڀني اڳيان وچ تي بيٺو رهيو. هر هڪ ڪا نواڻ چاهي ٿي ۽ هاڻ هي افغان سامهون اچي ويو ته هر هڪ جون نظرون هن ۾ کپي ويون. پر هو پنھنجيءَ ۾ مست رهيو. ڪا دير قميص ۽ ان مٿان پھريل ڪاري جئڪيٽ جو هڪ هڪ ڪري کيسو ڦوليندو رهيو. پنا، ڪارڊ، ڊائري، رومال، چاٻين جا ڇلا، جپاني نوٽن جي ٿپي، دبئي يا شايد ڪنھن ٻئي ملڪ جا نوٽ... وغيره. هو ويو هڪ هڪ کيسي جي چڪاس ڪندو. جپاني به عادت جي خلاف هن کي ڏسڻ لڳا ۽ مون وانگر هو اهو ئي سوچي رهيا هوندا ته هي ڇا پيو ڳولهي. آخر هن کي اهو پني ڀور هٿ اچي ويو جنھن تي ڪو ٽيليفون نمبر لکيل هو. نمبر ئي لکيل هوندو جو ان بعد هن اهو پنو هٿ ۾ کڻي اتي ٽيبل تي رکيل ٽيليفون ۾ هٿ وڌو. هو ڪا دير نمبر ملائيندو رهيو پر هر دفعي نمبر نٿي لڳو يا انگيج هو ۽ هن همراهه فون جو رسيور رکي ڪاوڙ مان زور سان گار ڏني ٿي. ٿي سگهي ٿو ته گار نه ڪجهه ٻيا ئي لفظ چئي سندس نمبر واري دوست يا فون ڪمپنيءَ تي چڙ جو اظھار ڪيو ٿي. هال ۾ ويٺل سڀني جون اکيون هن ۾ کتل هيون. ان وقت اٽڪل ڏيڍ سؤ کن جپاني گڏ ٿي چڪا هئا ۽ اهڙو ڏهاڪو کن ٻين ماڻهن جو، جن ۾ فقط ٻه ٽي پاڪستاني ۽ ٻيا يورپي لڳا ٿي. جپاني جيڪي گوڙ گهمسان ۽ ماڻهن جي ميلي ۾ به پاڻ کي ذهني طرح الڳ ٿلڳ ڪري پنھنجي ڪم_ پڙهڻ، ميوزڪ ٻڌڻ، ننڊ ڪرڻ ۾ ماهر هوندا آهن، انهن جي به هن موقعي تي Concentration ٽٽي پئي ۽ ڪتاب بند ڪري، ريڊيو بند ڪري، ننڊن مان سجاڳ ٿي، هن همراهه جي شڪل ۽ سندس زور زو سان ڪاوڙ مان ڳالهايل لفظ ٻڌڻ لڳا. سمجي ته اسان مان ڪو به نٿي سگهيو جو هو خبر ناهي نج افغاني يا افغانستان جي ڪا ٻي ٻولي ڳالهائي رهيو هو. آخر فون نه لڳڻ ڪري ان جي پچر ڇڏي اڳين قطار مان هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو. پر ٻه منٽ ويھي وري ٽپ ڏئي اٿيو ۽ هڪ دفعو وري فون نمبر ملائين ۽ هن دفعي يڪدم لڳي ويو ۽ پوءِ ته بس همراهه نان اسٽاپ شروع ٿي ويو. لڳو ٿي ڪو Long Distance ڪال ڪري رهيو هو ۽ ٻئي پاسي وارو يقيناً سندس آهستي ڳالهائڻ به ٻڌي رهيو هوندو پر هي نمبر ملڻ جي خوشيءَ ۾ هيڪاندو Excite ٿي زور زور سان ڳالهائي رهيو هو. ان انتظار گاهه جي آخري وارا ته ڇا ٻاهران لنگهندڙ به ٻڌي رهيا هئا ۽ هال ۾ ويٺل سڀ، هڪ دفعو وري پنھنجا ڪم ڇڏي هن درويش کي ڏسڻ لڳا، جيڪو زور زور سان ڳالهائڻ سان گڏ ڪڏهن خوشيءَ وچان ٽھڪ ڏئي رهيو هو ته ڪڏهن مرڪندي فون جي ٻي طرف واري همراهه کي دڙڪا ڏئي رهيو هو. هن کي اهو هوش به نه هو ته اسان سڀ کيس ڏسي رهيا آهيون. اهو جي هوش هجيس ها ته ڳالهائڻ دوران نڪ جي کوٽ کوٽ ڪرڻ ۽ پچيون ڪڍي فون واري ٽيبل کي ڇو هڻي، اسان جي دل ڪچي ڪري ها. يا ته هن کي انهن Mannersجي ئي خبر نه هوندي. اسان جا ڪيترا Action اهڙا هوندا آهن جن جي اسان ڪا پرواهه نه ڪندا آهيون. اسان جي سوسائٽي ۾ انهن کي قبول ڪيو وڃي ٿو، بلڪ قبول نه ڪرڻ جھڙا هجڻ جي باوجود هلندڙ چلندڙ انهن ڳالهين کي ڏسي عادي ٿي ويا آهن ۽ ان کي روز مره جي Routuine سمجهن ٿا. پر هڪ بين الاقوامي هنڌ تي ان کي ڪيڏو ننديو وڃي ٿو. اها ئي ڳالهه آئون پنھنجي شاگرد کي ٻڌائيندو آهيان ته ضروري ناهي ته توهان کي ڪنھن پاڪستاني جھاز تي نوڪري ملي، جتي سڀ ماڻهو اسان جھڙا هجن. ڌارئين جھاز تي ڪيترن ملڪن، مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو ٿين ٿا ۽ اتي ڪا به اهڙي ڳالهه يا Action اسان جي ملڪ ۽ مذهب کي بدنام ڪري وجهي ٿو ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي اسان کي خراب نٿيون لڳن پر دنيا ته ان کي خراب سمجهي ٿي. اسان وٽ ته بس اسٽاپ وٽ به ڀت جي اوٽ ۾ مرد حضرات پيشاب ڪن ٿا. ڀلي عورتون پيون لنگهن، ڀلي ڀتين تي منع ناما لکيا پيا هجن.
هن وقت هي همراهه جيڪو زور زور سان ڳالهائي، ٽھڪ ڏئي نڪ مان گينگا ڪڍي رهيو هو، اهو منھنجين نظرن ۾ ته کڻي افغاني هو، پر اتي ويٺل جپانين يا يورپي ماڻهن لاءِ هن جي شناخت مسلمان هئي. جيئن هڪ سک جي قوميت کڻي انڊيا هجي يا ڪئناڊا يا آمريڪا پر اسان لاءِ هن جي شناخت مذهب جي معرفت آهي. ان ڪري ٻاهر جي دنيا ۾ اسان کي ترجيترو به بدافعالو نه ٿيڻ کپي جو اسان جي مذهب تي ڪو آڱر کڻي. پنھنجي ڳوٺ يا گهٽي ۾ ته هرڪو پنھنجي نالي يا فئمليءَ سان سڃاتو وڃي ٿو، پر ٻاهر جي دنيا ۾ ملڪ ۽ مذهب جي ذريعي سڃاڻپ رهي ٿي.
هي افغان جيڪڏهن هن وقت جپان يا ڪنھن ٻئي ڌارئين ملڪ ۾ ڳالهائي رهيو آهي ته وڏو امير چئبو جو ايڏي دير کان يڪو پيو ڳالهائي. جي دبئي ۾ ئي پيو ڳالهائي ته شايد سنگاپور وانگر دبئيءَ ۾ به لوڪل ڪال مفت آهي. ٺھيو شڪر ٿيو نڪ صاف ٿي ويو ۽ هن پچين ڪڍڻ جي پچر ڇڏي.... پر هي وري ڇا! عجيب ماڻهو آهي ڳالهائڻ وقت مڙيئي سندس هٿ مشغول هئڻ کپي. سٺو ٿئي ها سندس نڪ جون پچيون اڃا ختم نه ٿين ها ۽ اڳيان کنهڻ بدران نڪ جي ئي کوٽ کوٽان ڪندو رهي ها. توڙي جو کڻي سٿڻ اندر هٿ وجهي نه کنهي رهيو هو پر ماڻهن جي ميڙ ۾ سٿڻ مٿان کنهڻ به ته صحيح نه آهي. ڪيترائي جپاني مرد توڙي عورتون عجيب محسوس ڪري رهيا هئا پر هن همراهه کي ڪا پرواهه نه هئي. هو پنھنجي دوست يا مائٽ سان زور زور سان ڳالهائيندورهيو، ٽھڪ ڏيندو رهيو ۽ کنهندو رهيو. پوءِ مس مس فون جي جان ڇڏڻ بعد جنھن ڪرسيءَ تي اچي ويٺو، ان جي سامهون هڪ جپاني زال مڙس ويٺل هئا. هن ويھڻ سان جپاني عورت کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ شروع ڪيو ته سندس اکين Angle نه بدليو. اهي زال مڙس پنھنجي سيٽ بدلائي ٻئي هنڌ وڃي ويٺا.
آئون چانھه پيئڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتس. هوٽلن کان علاوه هڪ ننڍڙي چانھه ۽ ڪافيءَ جي پيڊي (ڪاٺ جي ڪئبن) هئي. مون اتان چانھه وٺي پيئڻ بھتر سمجهيو جو هوٽل جي ڀيٽ ۾ هتي وڌيڪ سستي ٿئي ٿي ۽ سيلف سروس ڪري وقت بچيو پوي. دڪان جو مالڪ ته ڪو دبئي جو مڪاني عرب ئي هوندو. فلپينو ڇوڪريءَ پني جي گلاس ۾ چانھه جي پتي ۽ کير جو چمچو وجهي نلڪو کولي گرم پاڻيءَ سان ڀري ڏنو ته کنڊ پاڻهي وڃي وجهه.
” پئسا گهڻا؟“ مون پڇيو. جواب ۾ هن دبئيءَ جو سڪو ٻڌايو، جيڪو مون وٽ نه هو ۽ نه سمجهه ۾ آيو. مون کيس پنج ڊالرن جو نوٽ ڪڍي ڏنو ۽ هن مون کي فقط ٽي ڊالر واپس ڪيا، يعني چانھن جي ڪوپ جي قيمت ٻه ڊالر (115 رپيا!) ايڏي مھنگي چانھه ته اسٽاڪھوم ۽ ڪوپن هيگن جي هوائي اڏن تي به نه آهي ۽ هي اسان جي ملڪ جا درويش ماڻهو دبئي جي ڊيوٽي فري ايئرپورٽ جي ويٺا تعريف ڪن. ”ڏاڍو سٺو آهي، تمام سستو آهي، واهه جو شيون آهن..“ سٺو ضرور آهي پر شيءِ ت ڪا به سستي ناهي. خبر ناهي اهي ڪھڙي قسم جا ماڻهو آهن، جن وٽ بي انتھا دولت هجڻ سان گڏ Easy moneyآهي جو ائين وتن وڃائيندا.
آئون چانھه پي واپس انتظار لائونج ۾ آيس ته مسافرن سان کچا کچ ڀريو پيو هو. ٽن حصن کان مٿي جپاني هئا. منھنجو جتي ٿيلهو رکيل هو، ان جي ڀر واري ڪرسيءَ تي هڪ حجاب سان ڇوڪري ويٺي هئي، جنھن کي پري کان ته سمجهيم ته عرب آهي پر پوءِ پنھنجي ڪرسيءَ ويجهو پھتس ته ڏٺم ته هوءَ جپاني هئي۽ ڀر ۾ اسڪرٽ ۾ ويٺل ٻي جپاني ڇوڪريءَ سان ڳالهائي رهي هئي. ڪمال آهي! ڪڏهن ڪڏهن قدرت ڪيئن دل جون سوچون پوريون ڪري ٿي. جپاني ماڻهن کي مذهب لاءِ ڪو خاص لاڙو ناهي. ڪئين سالن کان هزارين عيسائي پادري جپان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪندا رهيا پر جيڪي ڪجهه جپاني عيسائي ٿيندا رهيا، انهن ۾ گهڻا فقط نالي ماتر. جپانين جي دماغ ۾ فقط پئسو ۽ پورهيو آهي. مذهب يا سوشل سائنس جھڙن سبجيڪٽن ڏي هنن جو ڌيان گهٽ ٿو وڃي. ستر واري ڏهاڪي ۾ جپان ۾ چڱا تبليغي مولوي اسلام جي پرچار لاءِ ايندا هئا پر ڪنھن جپانيءَ جو مسلمان ٿيندي نه ٻڌوسين. اسان جي ملڪ جي ڪجهه همراهن جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪري هنن جو اسلامي نالو ضرور رکيو ۽ کانئن ڪلمو پڙهائي مسلمان هجڻ جو اعلان ڪيو، پر ڪا جپاني عورت يا مرد اسلام جو صحيح معنيٰ ۾ پابند نظر نٿي آيو، جنھن مان متاثرٿي سگهجي. هاڻ چوٿو صديءَ بعد جڏهن آئون وري جپان وڃي رهيو آهيان ته ڪيترن هنڌن تي خبر پيئي اٿم ته اڄڪلهه جپاني اسلام بابت ڪافي معلومات وٺن ٿا ۽ ڪيترائي جپاني مرد مسلمان ٿيا آهن. باقي عورتن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي عرب يا پاڪستاني مردن سان شادي ڪن ٿيون. يعني هڪ مسلمان سان شادي ڪرڻ تي هنن کي مسلمان ٿيڻو پوي ٿو. انٽرنيٽ تي به ڪجهه جپاني مرد مسلمانن جا اسلام تي مضمون پڙهي ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ هاڻ ملڪ ڇڏڻ وقت پڪو پھه ڪيم ته ڇا به ٿي پوي ته ڪجهه وقت ڪڍي اهڙن مسلمان جپاني مردن ۽ عورتن سان ضرور ملندس. مون ته جپان پھچي جپان جي مختلف شھرن ۾ (جتي مسجدون آهن) وڃي، اتان ڪجهه جپاني مسلمانن جو معلوم ڪري انهن سان ملڻ جو سوچيو هو ته قدرت هتي ئي هڪ مسلمان جپانيءَ سان ملرايو آهي سو به عورت سان. جيڪڏهن هيءَ ڇوڪري شادي شده نه آهي ته اڃا به بھتر. ڇوجو ان جو مطلب اهو ٿيو ته هوءَ مڙس جي ڪري مجبور ٿي مسلمان نه ٿي آهي، پر هن واقعي صحيح معني ۾ اسلام کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو آهي... وغيره. آئون اهي ڳالهيون سوچيندو رهيس پر ڀر ۾ ويٺل هن جپاني ڇوڪريءَ سان ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيم جو جپاني ماڻهوءَ سان ائين ڳالهائي کانئس مذهب جو پڇڻ هڪ Privacy ۾ دخل اندازي ڪرڻ برابر آهي. ڪراچيءَ جي جپان قونصليٽ ۾ جپاني آفيسر مسٽر اتاڪا منھنجو 22 سالن کان سڃاڻو آهي. ڪجهه سال اڳ هو مسلمان ٿيو ۽ هاڻ عظمت الله نالو اٿس پر اڄ تائين چاهيندي به هن کان مذهب بدلائڻ جو نه پڇيو اٿم. گذريل سال حج ڪري آيو ته ان جي به رستي هلندي کيس مبارڪ ڏنم. سو هن ڌارئين عورت سان ائين ڳالهائڻ اوپرو ليکبو. اهو ئي سوچيم ته ٿي سگهي ٿو ته جھاز ۾ ڪٿي ويجهو سيٽ هجڻ ڪري ڳالهائڻ جو موقعو ملي وڃي. آئون اهو ئي سوچي رهيو هوسته هن ڀر واري جپاني عورت سان ڳالهائڻبدران مون کي ڪجهه چيو پر آئون سندس ڳالهائڻ بنھه جهٽي نه سگهيس ته آيا هن جپانيءَ ۾ ڪجهه پڇيو يا انگريزيءَ ۾.
مون ڪنڌ ويجهو ڪيو يعني ٻڌڻ ۾ نه آيو وري چئه. هن ڪجهه پڇڻ تي چاهيو پر هوءَ عربيءَ ۾ ڳالهائي رهي هئي. هڪ جپاني عورت کي عربيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي مون کي تعجب لڳو ۽ شرم به ٿيو ته هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ اسان کي عربي نٿي اچي ۽ هوءَ پئي Expect ڪري ته شايد آئون عربي سمجهان ٿو.
”ساري! مون کي ته عربي نٿي اچي. توکي انگريزي اچي ٿي؟“ مون اهو جملو انگريزيءَ ۽ جپاني ۾ ورجايو.
”ها انگريزي به اچيم ٿي.“ هن چيو. ”مون اهو ٿي پڇڻ چاهيو ته پنھنجي اڏام ٿوري دير کانپوءِ اڍائي بجي ٿيڻي آهي، فجر نماز جو ڇا ٿيندو؟“
”ڇا مطلب؟ جي تون طرف جون پڇين ٿي ته ڪھڙي طرف پڙهجي ته جھاز ۾ پنھنجي سيٽ تي ويھي پڙهي سگهين ٿي، چاهي کڻي جھاز ڪھڙي به طرف وڃي رهيو هجي. يا ڀلي ڪنهن طرف مڙي به رهيو هجي.“ مون ٻڌايومانس.
”نه اها ته مونکي به ڄاڻ آهي ۽ اهو به سمجهان ٿي ته قصر نماز پڙهبي، يعني فقط ٻه رڪعتون. آئون وقت جو ٿي پڇان، جيئن هتي دبئي ۾ فجر نماز ته 5 وڳي صبح جو پڙهجي ٿي.“ هن چيو.
”در اصل اڍائي بجي جھاز ۾ چڙهڻ بعد فجر نماز اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ بعد يعني دبئي جي وقت مطابق چئين ڌاري پڙهڻي پوندي جو ان وقت جھاز راجستان به ٽپي ويندو ۽ اتي جو مڪاني وقت ساڍا پنج هوندو. يعني سج اڀرڻ وارو هوندو. بھتر آهيته ان کان به ڪجهه اڳ پڙهجي يا ايئرهوسٽس کان پڇجانءِ ته هوءَ پائليٽ کان پڇي ٻڌائيندي ته هاڻ رات جي اوندهه بريڪ ٿي آهي.“
”مھرباني، تنھنجي مھرباني.“ هن چيو، پوءِ سندس ڀر ۾ ويٺل جپاني ڇوڪريءَ سان ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي وئي. مون کي خوشي ٿي ته هاڻ آئون هن کان سندس بابت پڇي سگهان ٿو. ٻه منٽ کن ترسي پوءِ سُمي ماسين (ايڪسڪيوزمي) چئي سندس ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايم، ۽ هن منھنجي ڳالهه ٻڌڻ جي قبوليت ۾ مُرڪي اظھار ڪيو. ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ،“ مون انگريزي ۾ پڇڻ شروع ڪيو. ”تون مسلمان ڪيئن ٿئينءَ؟ ڇا تنھنجو مڙس مسلمان آهي، ان ڪري توکي ٿيڻو پيو؟“
”نه نه، منھنجي اڃا شادي به نه ٿي آهي.“ هن وراڻيو.
”پوءِ ته ويتر ڪمال جي ڳالهه آهي ۽ جي تون دل ۾ نه ڪرين ته توکان مسلمان ٿيڻ بابت ڪجهه پڇان ۽ ٿي سگهي ٿو ته اخبار ۾ به ان بابت لکان.“ مون پنھنجو ڪارڊ کيس ڏيندي پڇيو.
”او نو پرابلم. منھنجو اسلامي نالو آمنا آهي ۽ هي منھنجي ڀيڻ آهي.“ هن ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ سان پڻ تعارف ڪرايو، جيڪا سندس ڊريس مان ۽ پڻ شڪل مان لڳو پئي ته جپاني آهي. آمنا ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جو اڃا ٻڌ ڌرم سان واسطو آهي، جيڪو سندن وڏن جو مذهب آهي. بھرحال هن جپاني مسلمان ڇوڪريءَ سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي، ان جو مختصر احوال هن ريت آهي ته، هوءَ ويھن سالن جي عمر ۾ موراڪو گهمڻ وئي، جتي هن جو رهڻ هڪ مسلمان عورت جي گهر ۾ ٿيو، جنھن جي اخلاق مان هوءَ ڏاڍي متاثر ٿي ۽ هن کان کيس اسلام جي خبر پيئي.
”ايتري قدر جو هن سان گڏ آئون به نماز پڙهڻ لڳيس، پر مسلمان ٻن سالن بعد ٿيس.“ آمنا ٻڌايو.
آمنا گذريل ٻن سالن کان شام ملڪ جي شھر دمشق ۾ رهي ٿي جتي هڪ مدرسي ۾ اسلامي تعليم سان گڏ عربي به سکي رهي آهي. هينئر ٻن هفتن جي موڪل تي هوءَ پنھنجي ڀيڻ (جيڪا هن وٽ گهمڻ لاءِ هفتو کن اڳ دمشق آئي هئي)، سان گڏ پنھنجي ڳوٺ نگويا (جپان) وڃي رهي هئي. اوساڪا جي هوائي اڏي تي لھڻ مھل آمنا نگويا (گهر) ۽ دمشق (مدرسي جي) ائڊريس ۽ پنھنجي تصوير ڏيندي وڌيڪ تفصيل ٻي ملاقات تائين رکيائين. نگويا وڃڻ ٿيو ته وڌيڪ خبرن جو احوال ٻئي هنڌ ضرور ڪبو.

جپان ۾ اسلام جي آمد جي تاريخ

لکت ۾ يا ماڻهن جي واتان جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي آهي، ان موجب هنن ٻيٽن (يعني جيڪي سڀ گڏجي جپان ٺاهين ٿا) جي ماڻهن کي اسلام بابت پھريون دفعو ڄاڻ 1877ع ۾ مغربي مذهبن جي معلومات حاصل ڪرڻ سان پئي. تقريباً ان ئي سال جي لڳ ڀڳ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جن جي زندگيءَ جو احوال جپانيءَ زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان وقت تائين ڪو به جپاني مسلمان نه ٿيو هو، بس هڪ تعليم يافته طبقي کي معلومات خاطر اسلام جي ڄاڻ حاصل ٿي هئي، جيئن اسان جي يونيورسٽين ۾ پوليٽيڪل سائنس جا شاگرد ڪجهه اهم ملڪن جي Constitution پڙهن ٿا يا اسلامڪ آئيڊيالاجي يا اسلامڪ هسٽري جھڙن سبجيڪٽن ۾ Comparative Studyطور يھودين، عيسائين، ٻڌن، آتش پرستن ۽ سکن وغيره جي مذهبنجي پڻ ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.
جپانين کي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ٻيو اهم موقعو 1880ع ۾ مليو، جڏهن ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت (Ottoman Empire) جپان سان سفارتي تعلقات شروع ڪرڻ ۽ جپانين ۽ ترڪ مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ملائڻ لاءِسندس نيويءَ جو هڪ جھاز جپان موڪليو. ” ارتغرل“ نالي هي جھاز واپسيءَ تي ٻڏي ويو ۽ 609 ماڻهن مان 540 سمنڊ حوالي ٿي ويا.
هونءَ چون ٿا ته ميتسو تارو جيڪو ”تاڪا اوڪا“ ذات جو هو، پھريون جپاني مسلمان هو، جنھن 1909ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ حج ڪرڻ بعد پنھنجو نالو عمر ياما اوڪا رکيو ۽ ٻيو جپاني مسلمان بوم پاچيرو آريگا هو، جيڪو پڻ انهن ئي ڏينھن ۾ واپار جي سلسلي ۾ هندستان ويو هو، جتي جي مسلمانن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي پنھنجو نالو احمد رکيو، باقي ذات ساڳي آريگا رهڻ ڏنائين.
اڄڪلهه جپان ۾ اسلام ۽ جپاني مسلمانن تي وڌيڪ Studiesٿيڻ تي معلوم ٿيو آهي، تراجيرويامادا (Tarajiro Yamada) گهڻو ڪري پهريون جپاني مسلمان هو، جيڪو ترڪيءَ وارن جو جھاز ”ارتغرل“ ٻڏڻ بعد ترڪ مسلمانن جي مرڻ جي همدردي ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو هو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنھنجو نالو عبدالخليل رکيو ۽ حج ڪري وطن موٽيو.
پھرين وڏي لڙائيءَ دوران (بولشيوڪ انقلاب ۾) وچ ايشيا ۽ روس کان ڪيترائي ترڪومن، ازبڪ، تاجڪ، ڪرغيز، ڪراخ ۽ تاتار مسلمان جتي ايران ۽ انڊياپاسي لڏي ويا، اتي انهن جا ڪيترائي ڪٽنب جپان پڻ آيا جو روس (USSR) جو اڀرندو حصو جپان سان وڃيو لڳي. جپان جي حڪومت طرفان کين جپان ۾ پناهه ڏنو ويو. مسلمان قبيلا جپان جي مختلف شھرن ۾ Settle ٿيا ۽ جپاني جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي، انهن جي وچ ۾ مسلمانن جون هي ننڍيون ننڍيون ڪميونٽيون قائم ٿيون ۽ جتي جتي گهڻا مسلمان هئا، اتي مسجدون پڻ ٺھڻ لڳيون. ڪوبي بندرگاهه جتي اسان جي پاڪستاني جھازن جو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو، اتي جي پراڻي مسجد ”ڪوبي مسجد“ 1935ع جي ٺھيل آهي، جيڪا اڃا موجود آهي. ان دؤر جي ٻي مسجد ٽوڪيو ۾ هوندي هئي، جيڪا 1938ع ۾ ٺھي.
ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني حڪومت جپانين جا ڪجهه ادارا ٺاهي انهن کي اسلام جي معلومات ڏني ۽ ان د‍ؤر ۾ اسلام تي هڪ سؤ کان مٿي ڪتاب ۽ جرنل جپان ۾ ڇپيا ويا. پر هي سڀ ڪجهه جپان ۾ رهندڙ ڌارين مسلمانن طرفان نه هو. جپاني حڪومت پنھنجن ماڻهن کي اسلام جي تعليم ان ڪري ڏئي رهي هئي، جيئن جپان طرفان فتح ڪيل ملڪ (ملايا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ چين وغيره) جن ۾ ڪيترائي مسلمان رهياٿي، انهن کي چڱي طرح سمجهي سگهن ۽ مٿن ڪنٽرول رکڻ ۾ سھولت رهي. ايتري قدر جو ٻي وڏي جنگ ۾ ملايا ۽ سنگاپور ۾ جپانين جو ڪو هوائي جھاز ڪِريو ٿي ته جپاني پائليٽ ڪلمو پڙهي پاڻ لاءِ مسلمان ٻڌايو ٿي ۽ مڪاني مسلمان عوام کيس واقعي مسلمان سمجهي نه فقط سندس جان بخشي ٿي، پر شان مان پڻ ڏنو ٿي. 1945ع ۾ جيئن ئي جنگ ختم ٿي ته اهي سڀ جپاني ادارا ۽ فوجي جن اسلام جي هام هنئي ٿي، سي ايئن غائب ٿي ويا، جيئن اڙدو چواڻيءَ جي ”گڏهه جي مٿي تان سڱ“.
اسلام هوڏانھن اتر آفريڪا ۽ ويندي اسپين ۽ فرانس تائين پکڙيو ته هيڏانھن اوڀر ۾ سنڌ، هند برما، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ چين تائين ٿيندو ڏکڻ فلپين ۾ اچي بلاڪ ٿي ويو، جو اتي فلپين پاسي وارا اسپين جي ڪالوني هئا ۽ اتان اسپيني پادري مٿي هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ جپان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ اسلام جي تعليم جپان تائين نه پھچي سگهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ چين فتح ڪرڻ تي جپانين جو چيني مسلمانن سان ميل ميلاپ ٿيو ۽ ڪيترائي جپاني مسلمانٿيا. انهن نو مسلم جپانين 1953ع ۾ پھرين جپاني مسلم آرگنائزيشن ٺاهي، جنھن جو نالو ”دي جپان مسلم ايسوسيئيشن“ رکيو ۽ ان جو معاون مرحوم صادق ايمائي زومي ٿيو. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته انهن ڏينھن ۾ هو 1989ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ان ايسوسيئيشن جو صدر مرحوم عمر ميتا ٿيو، جيڪو پڻ سچو مسلمان ۽ اسلام جو خدمتگار ماڻهو هو. مرحوم عمر ميتا جپان طرفان چين واري قبضي ٿيل حصي ۾ منشور ريلوي ڪمپنيءَ جو آفيسر هو. اتي چيني مسلمانن کان متاثر ٿي پيڪنگ ۾ مسلمان ٿيو. هن قرآن مجيد جو جپاني ۾ ترجمو پڻڪيو.
جپانين کي اسلام بابت 1973ع بعد به گهڻي ڄاڻ ٿي، جڏهن تيل جا اگهه چڙهي ويا ۽ ڏسڻا وائسڻا ملڪ عربن جي چمچاگيري ڪرڻ لڳا. انهن ڏينھن ۾ جپاني ٽي ويءَ تي اسان پھريون دفعو عرب دنيا جا ملڪ، عربن جي رهڻي ڪھڻي، مڪي ۽ مديني جا نظارا ۽ حج وغيره ڏٺو. ان کان علاوه جپان جي ٽي ويءَ تي ٻانگ ۽ قرآن جي تلاوت پڻ اچڻ لڳي. ڪيترن جپانين اسلام ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا.
هڪ جپاني نو مسلم نور دين موريءَ چيو: ”اسلام علم جو مذهب آهي ۽ بنا علم حاصل ڪرڻ جي صحيح مسلمان ٿي نٿا سگهون.“ نور دين ويجهڙائيءَ ۾ مڪي جي يونيورسٽيءَ مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ گريجيوئيشن ڪري آيو آهي. ساڻس گڏ ٻيا به چار کن جپاني ٻاهران اسلام جي تعليم حاصل ڪري آيا آهن، جيڪي هاڻ پنھنجي زبان ۾ ماڻهن کي اسلام جي تعليم ڏيئي سگهن ٿا. نه ته بقول نور دين موريءَ جي گذريل چاليھه سالن ۾ ٻڌن جي هن ملڪ جپان ۾ جيڪي به تبليغ لاءِ آيا اهي ڌارين ملڪن جاهئا.
هن وقت ڏٺو وڃي ته جيتوڻيڪ جپان ۾ مسلمانن جو في سيڪڙو گهڻو ناهي، پر بقول نوردين جي ”جپان جي نئين ٽھيءَ کي اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي وڏي جستجو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينھن ائين ٻڌڻ ۾ اچي ته اسلام جپان جو پاپيولر مذهب آهي.“

جپان لاءِ ويزا ۽ جھاز جو سفر

1980ع تائين به جپان وڃڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. جپان ۾ آخري دفعو By Air هڪ مسافر جي حيثيت سان آئون 1979ع ۾ ويو هوس. فلائيٽ شام جو هئي۽ پنجين بجي تائين ڪراچي آفيس ۾ مشغول هوس. نئون جھاز جيڪو ٽوڪيو IHI شپ يارڊ ۾ ٺھي رهيو هو، جنھن جي ٺھڻ دوران نظرداري۽ بعد ۾ چيف انجنيئر جي حيثيت سان مون کي اهو جهاز مختلف ملڪن ۾ وٺي وڃڻو هو. ان سلسلي ۾ آفيس ۾ پنھنجي باس ۽ واسطيدار عملدارن سان خيالن جي ڏي وٺ هلندي رهي ته جھاز ڪھڙي قسم جو تيار ٿئي۽ اهو پڻ ته تيار ٿيڻ بعد ان کي هلائڻ لاءِڪراچي کان ڪھڙو اسٽاف ٽوڪيو ايندو. في الحال ٻه انجنيئر وٺي وڃي رهيو هوس. ٽريول ايجنٽ اڃا ٽڪيٽون نه موڪليون هيون. اسان کي چيو ويو ته رستي تان ان جي دڪان تان ٽڪيٽونکڻڻدا ڪراچي ايئرپورٽ هليا وڃجو. پنجين بجي اسان سڀ آفيس جي گاڏيءَ ۾ نڪتاسين، ميٽروپول هوٽل وٽ ٽريول ايجنٽ جي آفيس هئي، جنھن اسان جي گاڏي ڏسي ڊوڙ پائي گاڏيءَ ۾ اچي ٽڪيٽُون ڏنيون جو اسان کي اڳھين دير ٿي رهي هئي. انهن ڏينھن ۾ ايئرپورٽ تي ٻه ڪلاڪ اڳ اچڻ لاءِ چيو ويندو هو پر اڪثر ڪلاڪ کن اڳ اچبو هو. اسين پھتاسين ته فلائيٽ ۾ باقي منو ڪلاڪ هو. سامان تورائي، بورڊنگ ڪارڊ وٺي، جھاز لاءِ اچي انتطار گاهه ۾ ويٺاسين. نه گهڻي ڪراچي ايئرپورٽ تي چڪاس نه ٻيا کٽراڳ ته ويزا آهي يا نه. واپسيءَ جي ٽڪيٽ آهي يا نه؟... ڪجهه به نه. ٽوڪيو ايئرپورٽ تي پھچي پاسپورٽ ڏبو هو ۽ اتي جو اميگريشن آفيسر اکيون پوري ويزا جو ٽن مھينن لاءِ ٺپو هڻندو هو.
۽ پوءِ آهستي آهستي ٻين ملڪن سان گڏ جپان ۾ به اسان پاڪستانين لاءِ گهڙڻ مشڪل ٿيندو ويو ۽ ويون Formalities وڌنديون. هاڻ ته ويزا به پنھنجي ملڪ مان وٺي پوءِ ٿو ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏڻو پوي ۽ اهاويزا ڪراچيءَ جي جپاني قونصل خاني يا اسلام آباد جي سفارتخاني مان وٺڻ لاءِ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪاغذ پٽ جمع ڪرائڻا پون ٿا، جيئن ته اسپانسر جو گئرنٽي ليٽر يعني جپان ۾ رهندڙ توهان جو ڪو مائٽ، ڀاءُ، ڀيڻ، پٽ، ڌيءُ وغيره جيڪو مقرر فارم تي لکي ڏئي ته هو توهان کي گهرائي ٿو ۽ توهان جي جوابداري کڻندو ۽ توهان جي ڪنھن به غلط قدم کڻڻ تي يعني جهيڙي جهٽي ڪرڻ، ويزا ختم ٿيڻ تي واپس نه موٽڻ وغيره تي اسپانسر کي جهليو ويندو. اسپانسر جي نوڪريءَ جو سرٽيفڪيٽ ته هن جي سٺي پگهار واري نوڪري يا بزنس آهي ۽ هو توهان جي جپان ۾ رهڻ دوران خرچ پکو برداشت ڪري سگهندو. اسپانسر جي پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي. توهان جو پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ ۽ ’ب‘ فارم جنھن مان خبر پوي ته توهان جي هن سان ويجهي مائٽي آهي ۽ جي ’اسپانسر‘ پاڻ نوڪري نٿو ڪري پر هن جي زال يا مڙس نوڪري ڪري ٿو ته اوريجنل نڪاح نامو ته هو واقعي زال مڙس آهن. توهان جي بئنڪ جي ڇھن مھينن جي بئلنس شيٽ ۽ جي توهان سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهيو ته آفيس طرفان Ex-Pakistan موڪل جو اجازت نامو، پنھنجي پگهار جي سلپ جي اوريجنل ڪاپي وغيره.
اهي سڀ ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد مون سمجهيو ته هفتي بعد ويزا ملي ويندي، خاص ڪري منھنجا ته هنن جپان وارن سان گذريل 25 سالن کان هڪ قسم جا تعلقات رهيا آهن. پر مون کي تڏهن تعجب لڳو جڏهن هفتي بعد ويزا بدران جپان قونصل خاني وٽان منھنجي باس ڏي خط آيو ته، هي واقعي توهان جي آفيس ۾ آهي يا نه ۽ سندس پگهار۽ ڄم جي تاريخ اهائي آهي، جيڪا هن لکي آهي يا نه؟ ان جي تصديق ڪرڻ سان گڏ فوٽو پڻ موڪلجو.
ان تحقيقات جي خبرٻڌي پنھنجي باس وٽ موڪل ڪئنسل ڪرائڻ ٿي ويس ته هيءَ بي عزتي آهي. ڇا جپان قونصل خاني وارن کي خبرناهي ته آئون هتي آهيان. اڃا گذريل مھيني ته هتي اسان جي اڪيڊمي ۾ مون وٽ گهمي ويا آهن.
پر پوءِ باس مون کي ٿڌو ڪيو ته اهيFormalities پوريون ڪرڻ خاطر هنن کي ائين ڪرڻو پوي ٿو. نه ته جپاني عوام اخبارن ذريعي گوڙ ڪندي ته ڌارين ملڪن م سندن سفارتخانن وارا چڱي طرح چڪاس ڇو نٿا ڪن ۽ پوءِ هفتي کن کانپوءِويزا وٺڻ لاءِ ويس ته اتي ويٺل ڪيترن پاڪستانين ٻڌايو ته هنن کي ويزا ملڻ ۾ ٻه ٻه مھينا لڳيو وڃن ۽ جپاني قونصل خاني جا خبر ناهي ڪيترا چڪر هڻڻا پون ٿا. بھرحال مون اندازو لڳايو ته جپان وارن پاڪستانين جو جپان ۾ اچڻ بلڪل بند نه ڪيو آهي، هنن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ وارن کي ويزا مليو وڃي،جيئن ڪنھن شاگرد کي جپان جي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالر ملي آهي ته هن کي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ اهو داخلا يا اسڪالر جو ليٽر ڏيکارڻ ئي ڪافي آهي، جنهن جيemail يا فون ذريعي جپان مان به ان جي پڪ ڪري سگهن ٿا. يا ڪنھن کي جپان ۾ نوڪري ملي ٿي يا ڪو واقعي جپان مان امپورٽ ايڪسپورٽ ڪري ٿو ته اِن جا ڪاغذ ڏيکاري يڪدم ويزا حاصل ڪري سگهي ٿو. باقي هونءَ جيڪو جپان جي ويزا جو خيرات پئي هليو ۽ هر هڪ گهمڻ جو بھانو ڪري جپان پھچي ويو ٿي ۽ موٽڻ جو نالو وٺڻ بدران ان تي غير قانوني طرح رهي پيو ٿي يا غلط حرڪتون پئي ڪيائين، ان کي ٻنجو اچي ويو آهي. هاڻ بنا مقصد جيجپان يا ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ وڃڻ آسان نه رهيو آهي. هڪ خيال کان سٺو به ٿيو آهي جو ڌارين ملڪن ۾ ڪنھن هڪ يا ٻن جي غيرقانوني حرڪتن ڪري ان سان واسطو رکندڙ ان ملڪ جا پرديس ۾ رهندڙ باقي ماڻهو بدنام ٿيو وڃن.
اوساڪا ڏي ويندڙ هن جھاز ۾ ڏهاڪو کن پاڪستاني به هئا. ٽي چار ڄڻا ته پنجاب پاسي جا نوجوان بزنيس مين هئا. هڪ اسلام آباد جو انجنيئر هو، کيس Ph.D لاءِ ٽوڪيو جي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالرشپ ملي هئي. منھنجي ڀر وارين چئن وچين سيٽن تي هڪ ماءُ پنھنجن ٽن پٽن سان هئي، جن مان وڏي جي عمر ڏهه سال کن هئي۽ ننڍي جي پنج سال. اوساڪا جو هوائي اڏو ويجهو ٿيڻ تي جپان اميگريشن طرفان مليل فارم ايئرهوسٽس اسان ڌارين (غير جپانين)کي ڀرڻ لاءِ ورهائي ڏنا ته هن خاتون سندس ۽ سندس ٻارن جا اهي فارم ڀرڻ لاءِ مون کي ڏنا، جو کيس ايتري انگريزي نٿي آئي. انهن فارمن تي سندن ٻڌايل Particulars لکڻ تي معلوم ٿيو ته، هو لاهور ۾ رهن ٿا. سندس مڙس جپان جي هڪ تواريخي شھر نارا ۾ ٻن سالن کان نوڪري ڪري ٿو، جنھن سان ملڻ لاءِ هي پھريون دفعو جپان وڃي رهيا آهن. نارا ۽ ڪيوٽو (جپان جو هڪ ٻيو تواريخي شھر ۽ ٽوڪيو کان اڳ جپان جي گاديءَ جو هنڌ) اوساڪاکي ڪافي ويجهو آهي. اوساڪا ۾ سندس مڙس کين وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ آيو هو، جتان پوءِ ريل يا بس ذريعي کين نارا وٺي ويو هوندو.
اوساڪا پھچڻ کان ڪلاڪ ٻه اڳ، رکي رکي اسان جو جھاز ڪافي لوڏن ۾ ايندو رهيو ۽ پائليٽ هر هر بيلٽ ٻڌڻ لاءِ چيو ٿي. سگريٽ ڇڪڻ کان منع جي بتي ته دبئيءَ کان ئي ٻري رهي هئي. سموڪنگ وارن جو ته سر هليو ويو هوندو، جو دبئي کان اوساڪا اٽڪل يارهن ڪلاڪ سگريٽ ڇڪڻ کان صبر ڪيو هوندائون. هونءَ فقط انهن اڏامن تي سگريٽ کان جهل هوندي هئي، جيڪي ڊوميسٽڪ هجن ۽ ٻن ڪلاڪ اندر هجن. هاڻ ته بين الاقوامي اڏامن تي به Smoking جي بندش وڌي وئي آهي، چاهي کڻي لنڊن کان نيويارڪ هجي يا ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن. ساڳيءَ طرح سڌريل ملڪن جي بسين ۽ آفيسن ۾ سگريٽ نوشي بند ڪئي وئي آهي. آفيسن يا هوائي جھازن جي ٽوائليٽن ۾ لڪي به نٿي ڪري سگهجي جو اتي باهه لڳڻ کان آگاهه ڪرڻ لاءِ Fire-Detector بدران سموڪ ڊڪٽيٽر لڳل آهن ۽ سگريٽ جو پھريون ڪش هڻي وات مان دونھون ڪڍڻ سان اهو ڊٽيڪٽر Activate ٿيو وڃي ۽ سڄي جهاز يا بلڊنگ ۾ باهه جي خطري جو الارم وڄڻ تي سگريٽ ڇڪڻ وارو وڏي خواريءَ ۾ اچيو وڃي. ان ڪري سگريٽ ڇڪڻ جي نون شوقينن لاءِ سھڻي صلاح اها آهي ته ان عادت کان ڪچيءَ ۾ ئي پرهيز ڪن. اهو زمانو ويو هليو جنھن ۾ سگريٽ ڇڪڻ وارو فيملي ۾ هيرو تصور ڪيو ويندو هو ۽ ان کي مردانگي سمجهيو ويندو هو. سگريٽ ڇڪڻ بعد به سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ ماچيس وڏي شان سان هٿ ۾ جهلي هلندو هو، پر هاڻ ڪيترو ته ماحول بدلجي ويو آهي! ڪو سگريٽ ڇڪڻ وارو نظر نٿو اچي. ڪنھن پبلڪ پارڪ يا بس اسٽاپ تي جتي سگريٽ نوشي جي اجازت ڏني وئي آهي، اتيبه ڪو سگريٽ ٿو ڇڪي ته ٻيا ڀر ۾ بيٺل ماڻهو ائين کڻيو منھن ٻئي پاسي ڪن يا دونھين کان بچڻ لاءِ پنھنجي نڪ تي رومال رکن، ڄڻ هو سگريٽ نه ڇڪي رهيو آهي پر سڀني اڳيان اگهاڙو ٿي هنگي رهيو آهي. اسان جو هڪ دوست ڊاڪٽر (Chest Specialist) ته چوندو آهي ته ٽوائليٽ جي ڌپ کان اهو دونھون خطرناڪ آهي، جيڪوسگريٽ ڇڪيندڙ ٻاهر ڪڍي ٿو.
جپان زلزلن ۽ طوفانن جو ديس آهي. جڏهن پاڻيءَ جي جھاز کي جپان وٺي ايندا هئاسين ته فلپين ۽ هانگ ڪانگ کان وٺي جپان تائين شايد ڪو اهڙو سفر هجي، جنھن ۾ ڪو طوفان، Cyclone يا ٽائفون نه مليو هجي جنھن جھاز ۽ اسان جي ستيا ناس نه ڪئي هجي. رستي تي نه ته جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ ضرور مليو هوندو. پوءِ اسان جي ڪوشش اها هوندي هئي ته جھاز کي کلئي سمنڊ مان هلائڻ بدران جپان جي اندروني سمنڊن (رستن) تان هلائي هڪ بندرگاهه کان ٻئي ڏي وڃون جو Inland سمنڊ ۾ پاسن کان ٻيٽ هجڻ ڪري طوفان جو اثر گهٽ ٿو ٿئي. پر آفيس طرفان هر وقت اهي آرڊر پيا ملندا هئا ته ڪوشش ڪري کليو سمنڊ استعمال ڪريو ۽ خرچ جو خيال ڪريو. ڇو ته جپان جي Inland_ Sea استعمال ڪرڻ تي مڪاني پائليٽ (ڪئپٽن) کڻڻو پوي ٿو، جيڪو سوڙهن سامونڊي لنگهن جي رهنمائي ڪري، ان جي في کان علاوه اندرين سمنڊ ۾ رهنمائي لاءِ لڳل بتين Navigational Lights جي به ڳري في جپان حڪومت کي ڏيڻي پوي ٿي. تنھن جي باوجود ڪڏهن هن پاسي اهڙا سخت قسم جا طوفان Typhoon لڳن ٿا، جو هڪ دفعي اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ جھاز جيڪو بندرگاهه ۾ جيٽي (ڌڪي) سان ٿلهن رسن سان ٻڌل هو، ان جا رسا ٽٽي پيا ۽ هڪ ٻئي جھاز ۽ جيٽيءَ سان زور سان لڳڻ ڪري سندس اڳيون حصو دٻجي ويو، ڄڻ ڪوڪا ڪولا جو سنهو ٽين جو دٻو هجي. خراب موسم ۾ هوائي جھاز هجي يا پاڻيءَ وارو جھاز_ هلائڻ وارن جو سِر هليو وڃي. هن وقت هوائي جھاز ڪنھن ٻئي پئي هلايو. اسين ”مان وارا“ مسافر هئاسين. ڪھڙي Altitude تي جھاز تي رکجي، اصل سڌي رستي کان ڪيترو Deviate ٿي هلجي، جيئن طوفان جو اثر جھاز تي گهٽ کان گهٽ ٿئي، ڪيتري رفتار Safe رهندي، اهو پائليٽ جي مٿي جو سور هو. مون وڌ ۾ وڌ ٻين مسافرن وانگر پائليٽ جي Instruction مطابق کڻي بيلٽ ٻڌو هو ۽ ڪنڌ کي پٺيان لاڙي ننڊ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. پر منھنجي پٺيان ويٺل هڪ پاڪستاني بزنيس مئن جيڪو مون سان اڌ سفر بعد مانيءَ وقت مليو هو، تنھن جي اجائي فڪر مون کي اوساڪا تائين باقي سفر نه ننڊ ڪرڻ ڏني نه لکڻ ڏنو.
”بار بار بيلٽ ٻڌڻ لاءِ ڇو چيو پيو وڃي.“ هن منھنجي ڪلهي کي لوڏي پڇييو.
”شايد موسم خراب ٿي پئي آهي، ان ڪري.“ وراڻيومانس.
”پوءِ ڀلا پائليٽ ڇا ڪندو؟“ ڪجهه سوچي هن وري پڇيو.
”جيڪي وڻيس اهو ڪري، آخر ڪو نه ڪو Alternative ته رکندو جيئن اسان آرام سان سفر ڪري سگهون.“
”جيڪڏهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آيس ۽ ائين ئي خراب موسم ۾ ڇڪيندو هليو ته پوءِ؟“
”اها سندس مرضي. هو پنھنجي ڪمپنيءَ جو جھاز اوساڪا جھڙي مھانگي هوائي اڏي تي ڌئارڻ نه چاهيندو.“ مون کلندي چيو مانس.
”اهو ڪيئن؟“
”ظاهر آهي جھاز کي لوڏا ڏياريندو ته اسان الٽيون ڪري ڪري سندس جھازجون ڪنڊون پاسا ۽ ڪرسيون ڀري ڇڏينداسين.“ مون چيومانس. جنھن تي هو کلي، خوش ٿي سڪون سان پنھنجي ڪنڌ کي ڪرسيءَ تي لاڙي سمهي رهيو.
پر ٿوري دير به نه گذري ته هن وري پڇيو.
”ڀلا سائين هھڙي خراب موسم ۾ جھاز جي انجڻ به خراب ٿي سگهي ٿي، پوءِ ڇا ڪندو؟“
”خبر ناهي“ مون کي واقعي خبر نه هئي ۽ نه ئي ان باري ۾ سوچيو هوم.
”پر توهان به جھاز جي نوڪري ڪئي آهي، توهان کي به وچ سمنڊ تي طوفان ملندا هوندا، پوءِ توهان ڇا ڪندا آهيو؟“
”اسان ٻي ڌوڙ پائيندا آهيون، ۽ هن هوائي جھاز جو ڪئپٽن به ضرور ڪجهه ڪندو.“ مون ٻڌايومانس.
”پر سائين تڏهن به؟“ هن ضدي ٻار وانگر وري پڇيو. مون سندس چھري ڏي ڏٺو، جنھن مان سندس معصوميت ۽ پريشاني صاف ظاهر ٿي رهي هئي. هن تي اجايو خوف طاري ٿي رهيو هو.
”ڪا فڪر جي ڳالهه نه آهي. حالتن مطابق ڪيترائي Alternatives ۽ سالن جو تجربو ٿئي ٿو پر پوءِ به ان قسم جو طوفان زور ٿئي ٿو ته اسان ويجهو بندرگاهه Call ڪريون ٿا. هن جھاز جو پائليٽ به ڏسندو ته هو، جيڪڏهن سلامتيءَ سان اڳتي وڌي نٿو سگهي ته ڪنھن ويجهي ايئرپورٽ تي لھي پوندو، پوءِ چاهي اهو بين الاقوامي هوائي اڏو هجي يا ڊوميسٽڪ. فوجي اڏي جو رن وي هجي يا ڪو ڊٺل پٺل رستو.“ مون چيومانس. هو هڪ دفعو وري سڪون ۾ اچي ويو. پر آئون مٿي لکي چڪو آهيان ته هو مون کان اوساڪا تائين سوال پڇندو رهيو. جھاز به ته لوڏا کائڻ نٿي ڇڏيا.
”سائين هتي جي جھاز لھڻ چاهي ته ڪھڙي شھر ۾ لھندو؟“ هن ڪجهه دير سوچڻ بعد سوال ڪيو. ان وقت اوساڪا پھچڻ ۾ اڃا ڏيڍ ڪلاڪ هو. ڪراچيءَ جي هن امير بزنيس-مئن جي جاگرافي ڪمزور ٿي لڳي. جھاز اڃان پئسفڪ سمنڊ مٿان هو. ”پاڻ هن وقت سمنڊ مٿان آهيون.“ مون چيومانس ۽ هو ڏڪي ويو.
”گهٽ ۾ گهٽ زمين مٿان هجي ها ته جھاز ڦاٽڻ سان زمين تي ڪرڻ سان بچي ته سگهجي ها. سمنڊ ۾ ته ڪِرڻ ساڻ ٻڏي وڃبو.“ هن پنھنجي پريشانيءَ جو اظھار ڪيو.
”الله خير ڪندو.“ مون چيومانس. جيتوڻيڪ دل ۾ آيوته سامهون لڳل ٽي وي اسڪرين تي ٻاهر جي ڏنل ٽيمپريچر ڏي اشارو ڪري ٻڌايانس ته جنھن بلنديءَ تي جھاز اڏامي رهيو آهي، اتيجو ٽيمپريچر 45C _(ڪاٽو پنجيتاليھه ڊگريون سيلسيس آهي.) هيءَ اها ٿڌ آهي جنھن ۾ هوا ۾ موجود گئسون به Freeze ٿيو وڃن. هن بلنديءَ تان انسان جي ڪري ته زمين يا سمنڊ تي پھچڻ کان اڳ ريفريجريٽر جي مٿئين خاني (فريزر) ۾ رکيل گوشت جھڙو ٿي پوندو.
بھرحال ٽائفون جي ڪري جھاز ۾ سو معمولي لوڏا آيا جو ٽائفون جو وچ (Eye) پري هو پر ان جو اهو فائدو ٿيو جو ايندڙ هفتو کن سڄي جپان ۾ بارش ۽ ٿڌيون هوائون لڳنديون رهيون، جيتوڻيڪ جپان ۾ هي ڏينھن گرمي جا هوندا آهن.

ڪجهه دلچسپ غلطيون

جپان ۾ ڪو پڙهڻ يا نوڪري لاءِ اچي ته هن لاءِ بھتر آهي ته شروع وارا ڏينھن گهڻي کان گهڻو وقت ڪڍي جپاني سکي وٺي. جپاني سکڻ سان جپان ۾ رهڻ آسان ٿيو پوي ۽ جي ڪو ٿورو گهڻو لکڻ سکي وڃي ته اڃا به بھتر. جپاني زبان اوسي پاسي وارن ملڪن جي زبانن: ڪورين، چيني، روسي وغيره کان سکڻ ۾ آسان ۽ مِٺي آهي.
جپاني زبان ڳالهائڻ ۾ (۽ لکڻ ۾ ڪاٽاڪانا ۽ هراگاناجپاني لکڻي) ڏکي نه آهي. ڪو به جپاني نالو يا لفظ رومن (انگريزي الفابيٽ) ۾ لکيل ته اچارڻ تمامسولو آهي جو جپاني لفظ جي هر Consonant اکر پويان ڪونه ڪو Vowel ضرور آهي، جيئن ته TOYOTA, SUZUKI, YAMADA وغيره. هڪ لفظ آهي MITSUBISHI ان ۾ توهان کي T بعدVowel نظر نٿو اچي پر دراصل TS جپانيءَ جو هڪ اکر آهي، جنهن پويان Vowel’يو‘ لڳي ٿو، جيئن جپانيءَ ۾ هڪ ٻيو اکر SH (ش) آهي، جيڪو اسان وٽ به سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ آهي. جپانيءَ ۾ ڪيترا لفظ انگريزي ۽ ٻين زبانن جا به عام ٿي ويا آهن، پر انهن ۾ به ڪو اکر بنا Vowel جي آهي ته جپانءَ ۾ ان کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ Vowel لڳايو ويو آهي. جيئن جپاني لفظ ڪيڪي، بارو، هوتيرو، ڊانسو، انگريزي لفظن ڪيڪ، بال، هوٽل ۽ ڊانس وغيره مان ٺاهيا ويا آهن. جپاني زبان ۾’ٽ‘ ۽ ’ل‘ نه آهن، ان ڪري انهن بدران ’ت‘ ۽ ’ر‘ اکر استعمال ٿين ٿا. ان ڪري هوٽل هوتيرو ٿي وئي ۽ منھنجو نالوالطاف به جپاني اچارڻ مھل يا لکڻ مھل ”اري طافو“ سڏين، ڇو جو ’ل‘ بدران نه فقط ’ر‘ اچارين پر ان پويان I يا U جو Vowel هڻي ARI يا ARU لکن ۽ ساڳي طرح ’ف‘ پويان U هڻي FU پڙهن، ڇو جو جپانيءَ ۾ ڪو به اکر بنا Vowel جي ٿي نٿو سگهي. منھنجي ان جملي تي جپان ۾ رهي آيل يا جپاني زبان جي ٿوري گهڻي واقفيت رکندڙ ضرور چوندا ته جپاني هڪ اکر اهڙو آهي، جيڪو بنا Vowel جي آهي. جي ها. بلڪل صحيح ٿا چئو ۽ اهو اکر آهي ’ن‘. ڪنھن به لفظ جي اخر ۾ “N” (نون) اچڻ تي ان پويان Vowel ضروري نه آهي. پر جي نون به شروع ۾ يا وچ ۾ ايندو ته پوءِ ان پويان Vowel ضروري آهي. ان ڪري اهي پاڪستاني يا ڌاريان نالا جن جي آخر ۾ ’ن‘ اچي ٿو، اهي ائين ئي رهندا يا انهن جوآخري اکر N ائين ئي رهندو، جيئن ته ’ميمن‘ ميمونه نه ٿيندو، فقط ميمون ٿيندو. جيئن انگريزي ۾ Memon لکيو وڃي ٿو.اهڙيءَ طرح پاڪستان “Pakistan” رهندو ۽ فرحان فاراحان رهندو، پر ڀارت ڀاراتو ٿي ويندو۽ خالد (Khalid) خالدُو يا خالدي جيئن ڪيڪ ڪيڪي ٿيو آهي.
*
جپاني زبان ۾ فقط پنج Vowel آهن، جيڪي رومن ۾ a,e,i,o,u لکيا وڃن ٿا. انگريزيءَ ۾ به اهي Vowel آهن (۽ ڪڏهن ڪڏهن y به) پر جپاني Vowels جي هڪ ڳالهه آهي (جيڪا منھنجي خيال ۾ سٺي به آهي) ته انهن جا اُچار مقرر آهن ۽ اهي هر صورت ۾ اهي رهن ٿا. مثال طور: U جو اُچار ’اُو‘ آهي ته جپاني زبان ۾ هر جڳھهاهو رهندو جيئنSUZUKI ۾ سُو ۽ زُو، يا SUWARU (معنيٰ ويھڻ) ۾ سُو ۽ رُو يا BUSU (معنيٰ ڪوجهي ڇوڪري) ۾ بُو ۽ سُو يا انگريزيءَ مان جپانيءَ ۾ اڌارو ورتل لفظ Basu (بس، لاري) ۾ سُو. پر انگريزيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته مونجهارو آهي ۽ هڪ ئي Vowel جا مختلف اُچار ٿين ٿا، جيئن هيٺئين لفظن ۾ U جو اُچار ڏسو ته هر هنڌ مختلف آهي. CUCKOO, CUT, CUTE, CURT وغيره. تڏهن ته حق تي جپاني صحيح چون ٿا ته انگريزي به ڪا ٻولي آهي؟ بين الاقوامي هجڻ ڪري پڙهون ٿا نهته پڇون به نه. اسين به ننڍي هوندي کان Spellings ياد ڪري ڪري هاڻ اسان کي انگريزي جا لفظ سولا ٿا لڳن، نه ته ڌارين لاءِ ڏکيا ٿيا. ٻي مزي جيڳالهه اها ته جپاني هر لفظ جو هر Vowel اُچاريو وڃي ٿو. پر انگريزيءَ ۾ ڪٿي ٻه Vowel آهن، ته به هڪ پڙهيو وڃي ٿو، بلڪ ان جو اُچار ئي ٻيو ڪڍيو وڃي ٿو. جيئن انگريزيءَ جو لفظ LOOK جيڪو دراصل LUK پڙهون ٿا يا KITE (لغڙ) لفظ جو آخري Vowel اُچاريون ئي ڪونه ٿا ۽ پھريون Vowel آئي (i)جو اُچار اِي هُجڻ کپي ته هتي ماڳھين ٻه Vowel پيا اچارجن. آءِ اي! تڏهن ته ٿيو ڪ آ اي ٽ (ڪائيٽ). اسان جپانين کي چريو ۽ سندن زبان کي ڏکيو چئون ٿا، پر حقيقت اها آهي ته هو اسان ڌارين، ويندي يورپين ۽ آمريڪين جي ڪلچر، زبان ۽ Manners کي ڄٽڪو، اڻ سڌريل ۽ جاهل سمجهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ظاهريءَ طرح هو ڪڇن ڪونه ٿا پر دل ئي دل ۾ ضرور چون ٿا. توهان جپاني ناولن جا ترجما پڙهي کڻي ڏسو ته هنن جون اسان ڌارين بابت Feeling ڪھڙيون آهن. خاص ڪري اهڙن موقعن تي. بھرحال kite لفظ جپانيءَ ۾ به لکيو وڃي ٿو، جنھن جي معنيٰ ”اچڻ“ آهي پر ان کي ’ڪِي ٽَي‘ اُچاريو وڃي ٿو ۽ صحيح معنيٰ ۾ هئڻ به ائين کپي ۽ اهي ان لفظ ۾ آيل Vowels (يعني I ۽ E) نه فقط هتي پر هر لفظ ۾ ائين اُچاريا وڃن ٿا، جيئن ته Kobe (ڪوبي) جيڪو هتي جو شھر ۽ بندرگاهه آهي. ڪو ڌاريون اهو لفظ ڏسي چوندو ”ڪوب“ پر نه، صحيح لفظ ’ڪوبي‘ آهي. اهڙيءَ طرح Karate (ڪاراٽي) لفظ آهي ۽ ٻيا. انگريزي لفظ Note يا Take کي جپاني نوٽ يا ٽيڪ نه پڙهندو، پر نوٽي ۽ ٽاڪي پڙهندو، جو هن جي حساب سان ‘O’ ۽ ‘E’ جو اُچار ائين ئي هئڻ کپي.
انگريزي لفظ Meat ۽ Meet کي انگريزيءَ ۾ ميٽ ئي اچاريون ٿا، پر جپاني الفابيٽ مطابق اهي لفظ مِي اَي ٽو ۽ مي اِي ٽو اچاريا ويندا. جپاني هڪ لفظ آهي SHIITAKE (椎茸)جنھن جي معنيٰ کنڀي (Mushroom) آهي. ان ۾ ڊبل آءِI آهي. پھرين آئيSH _(I) سان اچاري ويندي، ٻي آئي اڪيلي اُچاري ويندي يعني اهو لفظٿيندو ”شِي اِي تاڪي“. اهڙيءَ طرح ٻيو جپاني لفظ آهي SHITAGI(下着)معني انڊرويئر، جنھن ۾ ڪڇو به اچي وڃي ٿو ته عورتن جي باڊي بريئزر به ۽ اهو جپاني لفظ ”شي تاگِي“ اچاريو وڃي ٿو. هاڻ جيڪڏهن پھرين لفظ (کنڀين) جي ٻي I نه اچاربي ته اهو شيتاگي وانگر شيتاڪي ٿي پوندو، جيڪو جپانيءَ ۾ لفظ نه آهي.
هڪ همراهه شايد چرچي طور ٻڌايو، جيڪو سچ به هجي، جو اسين ڌاريان ماڻهو جپاني سکڻ جي چڪر ۾ غلط سلط جپاني به ڳالهائيندا رهون ٿا. هڪ انگريز عورت هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ آئي. هن بئري کي سڏي کنڀبيون آڻڻ لاءِ چيو پر ’شي اِي تاڪي‘ بدران ’شيتاڪي‘ چوندي رهي ۽ بئرو ان کي شيتاگي (بريزئر، ڪَڇو) سمجهي تعجب کائيندو رهيو تههيءَ عورت آهي يا مسخري، جيڪا هوٽل ۾ اچي مڇي، گوشت ڀاڄي گهرائڻ بدران باڊي ۽ ڪڇو گهري رهي آهي.
بھرحال ان قسم جاسوين لطيفا اسان غير جپانين کان هن اڀرندڙ سج جي ملڪ ۾ ٿيندا رهن ٿا ۽ پوءِ هتي جا ماڻهو به سمجهي ويا آهن ته اسان چرين جو ڇا مطلب آهي. اسان کڻي پاڻ کي بيوقوف نه سمجهون، پر جپانين لاءِ اسين سڀ (جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ويندي چيني، ملئي، انگريز، آمريڪن) اڻ آريا آهيون.
شروع جي ڏينھن ۾ يعني ان کي ٽيھه سال کن اچي ٿيا، جڏهن پھريون دفعو هن ديس ۾ آيو هوس، ته مون جپاني سکڻ تي سڀني کان گهڻو زور ڏنو هو. شھر گهمڻ وقت به ڪاٽا ڪانا (جپاني الفابيٽ) جو چارٽ کڻي هلندو هوس ۽ هوٽلن ۽ عمارتن تي آسان جپانيءَ ۾ لکيل نالا پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. منھنجا جھازي دوست جپاني ڳالهائيندي شرمائيندا هئا، پر آئون پيو غلط سلط ڳالهائيندو هوس. هڪ دفعي اسان جي جھاز تي گوڙ شور واري مرمت هلي ته اسان کي هفتي کن لاءِ جھاز بدران مختلف هوٽلن ۽ مسافرخانن ۾ رهايو ويو. صبح جي وقت مسافرخاني جي مالڪڻ جي ننڍي ڌيءَ اسڪول ويندي هئي ته آئون سندس تعريف ڪرڻ لاءِ سھڻي (Cute) چوڻ لاءِ جپانيءَ ۾ Kawaii چوندو هوس. پر آئون ڏسندو هوس ته ساڻس گڏ بيٺل ٻار ان تي کلڻ لڳندا هئا ۽ پاڻ به خارون کائيندي رهي ٿي. مون کي خبر ئي نه ته آئون ڪھڙي غلطي پيو ڪريان ۽ ان معاملي ۾ جپاني ايڏو شرميلا يا پُرتڪلف آهن جو هو ٻئي کي منھن تي چئي Embarrass (شرمسار) نه ڪندا آهن. بھرحال ٽئين يا چوٿين ڏينھن منھنجي زور ڀرڻ تي ڇوڪريءَ جي ماءُ ٻڌايو ته آئون ڪاوائي (Kawaii) دلڪش چوڻ بدران ڪووائي Kowai ٿو چوان، جنھن جو مطلب ٿيو ڊيڄاريندڙ، هيبتناڪ! هاڻ سوچيو ته معمولي اُچار جي چُڪ ڪري ڪيڏي نه غلطي ٿي. بھرحال وري به مون پاڻ کي درست ڪري ورتو، پر مون سان گڏ رهندڙ بنگالي انجنيئر آخر تائين ڪووائي چوندو رهيو جو هڪ بنگاليءَ لاءِ ”ڪو“ اُچارڻ سولو آهي ’ڪا‘ ڏکيو.
هونءَ ڌارين کان سڀ کان گهڻي غلطيOtera ۽ Oterai_مندر ۽ ٽوائليٽ جي ٿيندي آهي. جپاني ماڻهو خاص ڪري پوڙهن ۽ نوجوان ڇوڪرين جي ڊوڙ مندر(お寺) ڏي هوندي آهي۽ هنن جي دماغ ۾ هر وقت مندر سوار هوندو آهي ۽ اسان ڌاريان نئين شھر يا جاءِ تي وڃڻ تي ٽوائليٽ (お手洗い) ’اوتي رائي‘جوپڇائيندا آهيون. پوءِ ڪڏهن اسان غلطيءَ۾ ٽوائليٽ بدران مندر چئي ويندا آهيون، ته ڪڏهن ٻڌڻ وارا پوڙها غلط سمجهي ويندا آهن.
جپان ۾ اوتيرا مندر به ڪئين آهن. ٻيو نه ته گهٽين ۾ ڳڙکين جھڙيون دريون ٺھيون پيون آهن، جن ۾ تيل جو ٻرندڙ ڏيئو ۽ هڪ اڌ بت ۽ گل پن رکيا هوندا. ڪالهه ڪوڪورا شھر جي هڪ گهٽيءَ مان لنگي رهيو هوس ته هڪ مندر ۾ رکيل گوتم ٻڌ جو Statue پري کان نظر آيو. فوٽو ڪڍڻ لاءِ اندرگهڙي ويس. ڪيتريون ئي پوڙهيون ۽ جوان عورتون بت اڳيان هٿ ٻڌي جهڪي جهڪي پنھنجي حساب سان عبادت ڪري رهيون هيون. آئون فوٽي بعد نڪرڻ وارو هوس ته هڪ پوڙهيءَ ٻانھن ۾ هٿ وجهي چيو ”ڪٿي جو آهين؟ انڊيا جو؟“
هاڻ هن کي ڇا ويھي سمجهايان ته ان جي ڀر ۾ هڪ ٻيو ملڪ پاڪستان آهي، ان جو. هتي هن شھر ۾ انڊين ڪافي رهن ٿا ۽ سندن هوٽلون ۽ دڪان پڻ آهن. جپاني وڏن اسٽورن ۾ به نه فقط انڊيا جو سامان ملي ٿو پر کين وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو.
”ها اتي جو ئي آهيان.“ مون وراڻيومانس.
”ته پوءِ تون بنا عبادت جي ڪيئن پيو وڃين؟ انڊيا جي ماڻهن کي ته هن اڳيان تمام گهڻو جهڪڻ کپي...“ پوڙهي شايد چرچائڻ ٿي لڳي يا حد کان وڌيڪ معصوم، جو وڌيڪ چيائين،”يا توهان فقط اسان جي چيلهه چٻي ڪرڻ لاءِ هن کي اسان ڏي ايڪسپورٽ ڪيو آهي.“
ياد رهي ته ٻڌ ڌرم جپان جو مذهب ناهي، اهو هندستان کان هتي آيو. پر جنھن ملڪ (انڊيا) ۾ گوتم ٻڌ ڄائو ۽ جيڪو ملڪ هن مذهب جو Origin هو، اتي ٻڌ ڌرم هلي نه سگهيو. اڄ ٻڌ ڌرم مختلف نالن ۽ ٿوري ڦير ڦار سان سريلنڪا، ٿائلنڊ ۽ جپان جھڙن ملڪن جو سرڪاري مذهب آهي.
جپان ۾ رهندڙ غير جپانين کان جپانيءَ ۾ ڳالهائڻ جون ڪيتريون ڀُلون ٿين ٿيون، جن مان هتي جا مڪاني ماڻهو ۽ اسان ڌاريان پڻ لطف وٺندا رهون ٿا.
جپاني زبان ۾ ڪيترا فعل (Verbs) آهن، جن جي پويان لفظ Mono لڳائڻ سان اسم ٿيو پون، جيئن Taberu (معنيٰ کائڻ) جي پويان مونو لڳائڻ سان Tabe_mono(تابي مونو) ٿئي ٿو، جنھن جي معنيٰ آهي ’کاڌو‘. اهڙيءَ طرح Nomu جنھن جي معنيٰ آهي پيئڻ، ان جي پويان مونو لڳائڻ سان Nomimono لفظ جڙي ٿو، جنھن جي معنيٰ آهي ڪو به مشروب (Drink) . ڪنھن يورپي عورت کي (جنھن کي جپان ۾ سال کن ٿي ويو هو ۽ ٿوري ٿوري جپاني ڳالهائين ٿي) ان کي لفافي تي هڻڻ لاءِ By Air اسٽيڪر جي ضرورت هئي، جيئن هن جو خط سندس ملڪ هوائي جھاز رستي وڃي سگهي.
”مھرباني ڪري مون کي ايئرميل تسڪيمونو Tsukemono ته ڏجو.“ هن پوسٽ آفيس ۾ ڊگهي قطار اڳيان پنھنجي واري اچڻ تي زور زور سان ڪلارڪ کي چيو. اهو ٻڌي ڪلارڪ ۽ قطار ۾ بيٺل جپاني وائڙا ٿي ويا ته هيءَ مائي پوسٽ آفيس کي غلطيءَ ۾ سپر مارڪيٽ سمجهي آئي آهي.
در اصل چنبڙائڻ (To Stick) جو جپاني لفظ Tsukeru آهي ۽ هن مائيءَ To Stick مان اسم Sticker ٺاهڻ لاءِ تُسڪيرو لفظ جي پويان Mono لڳائي Tuskemono لاءِ گهر ڪئي. هن پنھنجي حساب سان ته صحيح سوچ ڪئي پر در اصل ان لفظ جي معنيٰ ”آچار“ آهي. (مٿيون اصول Mono لڳائڻ وارو هر لفظ سان روا ناهي. فقط ڪجهه لفظ ئي مونو لڳائڻ سان ان جا اسم ٿيو پون.)
ان قسم جي غلطين کي عام طرح Bloops سڏجي ٿو ۽ جپان ۾ ڌارين ماڻهن (غير جپانين) کي گائيجن (Gaijin) سڏين. ڪڏهن گائيجن بلوپس(ڌارين جون مزيدار غلطيون) هتي جي اخبارن ۽ رسالن ۾ به اچن. هڪ دفعي هتي جي هڪ مزاحيه ٽي وي چئنل TBS تان ان قسم جو Bloops ٻڌايائون، جيڪو هن ريت آهي.
جپاني زبان ۾ بوٽ کي ڪوتسو (Kutsu) چئبو آهي ۽ Takai معنيٰ بلند مٿاهون،Tall. هڪ گائيجن (ڌاريون همراهه) هڪ مِني اسڪرٽ پھريل خوبصورت جپاني ڇوڪريءَ جي ڪڍ پئي ويو. ڇوڪريءَ کي تمام ٿلهي سول (تَري) وارو سئنڊل پاتل هو. هڪ هنڌ اڪيلائيءَ ۾ موقعو ڏسي هن ڳالهائڻ جي بھاني ڇوڪريءَ جي سئنڊل (Kutsu) جي تعريف ڪرڻ چاهي ٿي ته اهي ڪيترو ته مٿي آهن. پر هو وائڙو ٿي ويو، جڏهن ڇوڪريءَ ان تعريف جي بدلي ۾ کيس مھرباني (Ari Gato) چوڻ بدران ٺوڪي ٿڦڙ وهائي ڪڍي.
در اصل هي انگريز همراهه “Kutsu Ga Takai Ni” (تنھنجا سئنڊل ڪيترو ته مٿي آهن) چوڻ بدران چئي ويو “Ketsu Ga Takai Ni) جنھن جو مطلب اهو ٿيو ته تنھنجون دڏيون (Buttocks) ڪيتريون ته مٿاهيون آهن. ڇو جو Ketsu معنيٰ Buttocks .

جپان مختصر طور

جپان چئن وڏن ٻيٽن جو مجموعو آهي. اتر ۾ هڪيدو ٻيٽ آهي ته ڏکڻ ۾ ڪيوشو جيڪو بلڪل ڏکڻ ڪوريا جي ڀرسان آهي، جنھن جي هڪ شھر فڪوئوڪا ۾ اڄ ڪلهه آئون رهان ٿو ۽ هي لکي رهيو آهيان. موجي ۽ شمونو سيڪي ڀر وارا بندرگاهه آهن. بھرحال مٿين ٻن ٻيٽن کان علاوه انهن جي وچ ۾ سڀ کان وڏو ۽ اهم ٻيٽ هونشو ۽ ننڍو ٻيٽ شڪاڪو آهي. ان کان علاوه ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ ڏکڻ طرف ائين هليا وڃن ٿا، جيئن لغڙ جي هڪ ڪنڊ کان هن جو اڳڙين جو پڇ هوندو آهي. جپان جي ڪل ايراضي پوڻا چار لک کن چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اڄڪلهه آدمشماري تيرهن ڪروڙ آهي.
جپان ۾ 99 سيڪڙو سندن جپاني آهن، باقي هڪ سيڪڙو ۾ چيني، ڪورين ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا اچي وڃن ٿا. جپان ۾ 85 سيڪڙو جبل ئي جبل آهن، باقي ڪو 15 سيڪڙو کن زمين تي ماڻهو به رهن ٿا ته ٿوري گهڻي پوک به ٿئي ٿي. يعني عوام تمام گهڻو آهي پر پوک لاءِ ڌرتي نه برابر هجڻ ڪري هنن کي کاڌي پيتي لاءِ ٻين ملڪن ڏي نھارڻو پوي ٿو. جڏهن ٻين ملڪن سان آمد رفت نه هئي ته هنن کاڌي پيتي لاءِ سمنڊ جي هر شيءِ، گاهه ۽ گانگٽن کان وٺي زهريلي پفر مڇيءَ کي کائڻ جوڳو بنائي پيٽ ڀريو ٿي. اڄ به سامونڊي گاهه مان ڪيتريون ئي شيون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ مڇي ۽ گانگٽن جا خبر ناهي ڪھڙا قسم سپر مارڪيٽن ۾ نظر اچن ٿا.
جپان زلزلن، طوفانن ۽ آتش فشان جبلن (Volcanoes) جو ملڪ آهي. سال ۾ ڏيڍ هزار کن ننڍا وڏا زلزلا اچن ٿا. زلزلن ۽ آتشفشان جبلن ڪري جپان ۾ ڪيترائي گرم پاڻيءَ جا چشما آهن، جن مان هتي جا ماڻهو لطف اندوز ٿين ٿا، جو هت سال جو وڏو حصو ٿڌ رهي ٿي ۽ هنن کي مفت ۾ گرم پاڻي مليو وڃي. هڪيدو ۽ هونشو ٻيٽ (جنھن ۾ ٽوڪيو۽ يوڪوهاما، اوساڪا ۽ ڪوبي جھڙا شھر اچي وڃن ٿا) تي سياري ۾ برفباري به ٿئي ٿي. سال جو وڏو حصو مينھوڳي ۽ طوفان رهن ٿا ۽ سمنڊ پڻ تمام خراب رهي ٿو. هڪ اهو به سبب آهي جو هتي جا ماڻهو سٺا Sea-farers آهن. گهڻا ۽ وڏا طوفان (Typhoons) هن ڏاکڻي ٻيٽ ڪيوشو کي Hit ڪن ٿا. هن ملڪ جي پنھنجي پنھنجي موسم آهي، ڪٿي سيءَ آهن ته ڪٿي مينھن ۽ گرميون. نوڪري يا تعليم لاءِ ڌارئين ملڪ ۾ ويندڙ کي هر موسم ۽ ماحول کي منھن ڏيڻ کپي. ملائيشيا جي هڪ دوست جو پٽ گهڻو اڳ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي موٽي ويو ته ”ڪراچيءَ ۾ سيءُ آهي“. هاڻ ڪراچيءَ جو سيءُ ڇا هوندو، ان کان وڌيڪ ته لاهور، پنڊي ۽ اسلام آباد ڏي ٿئي ٿو ۽ اڃا به گهڻو انگلينڊ ۽ يورپ پاسي. پر جيئن ته ملائيشيا ۾ ٻارهو ئي گرم موسم، گهم، گهُٽ، گرمي ۽ مينھوڳي رهي ٿي، ان ڪري هن کي ڪراچيءَ جو سيءَ به گهڻو لڳو. ان ڪري ملائيشيا جا ماڻهو ننڍي کنڊ جي ماڻهن وانگر موسم جي مقابلي ۾ سخت نه هجڻ ڪري يورپ جي ٿڌن ملڪن ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. آسٽريليا ڏي گهڻو ويندا خاص ڪري انهن صوبن وارين يونيورسٽين ۾ جتي سيءَ جو نالو نه آهي. بھرحال هاڻ ته هننکي پرديس وڃڻ جي ضرورت ناهي جو پنھنجي ئي ملڪ ۾ هنن وٽ هر قسم جا ۽ اعليٰ معيار جا تعليمي ادارا ٿي پيا آهن، نه ته 1980ع تائين انٽر ڪري مئرين انجنيئرنگ جي بنيادي (Pre-Sea) تعليم لاءِ به هو پاڪستان يا انڊيا آيا ٿي.
هونءَ اسان جي ملڪ جا به ڪي ڪي اهڙا نازڪ ۽ نخريلا ثابت ٿيا آهن جو تعجب ٿو لڳي. هن بيروزگاري۽ سخت مقابلي جي دؤر ۾ هڪ همراهه کي ملائيشيا ۾ سٺي پگهار سان نوڪري ملي. هر ڳالهه ۾ پاڻ خوش هجڻ جي باوجود هن کي اها ڇڏي ملڪ موٽڻو پيو جو هن جي زال کي ملائيشيا جي روزاني مينھن ۽ ان ۾ ٿيندڙ کنوڻ جي ٺڪائن کان ڊپ ٿي لڳو_شايدمائٽ ۽ انهن جون ڪچھريون ٿي ياد آيس ۽ غريب مڙس جو سونھري موقعو وڃائي ڇڏيائين. اهڙن ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ اهوسوچڻ کپي ته ملائيشيا انڊونيشيا جي سخت مينھن ۽ اتر يورپ (ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ) جي منفي ٽيمپريچر ۽ برف باريءَ ۾، سعودي عرب ۽ ڪويت جي گرمين ۾، آفريڪا جي ريتيءَ سان ڀريل هوائن ۾، آخر اتي جا مڪاني ماڻهو ۽ ٻيا ڪيترائي آمريڪن ۽ يورپين جھڙا ڌاريان به ته رهيا پيا آهن.
بھرحال جپان جي موسم جيڪا بھار ۾ واقعي بھار ٿيو پوي، اها سياري ۾ تمام سخت تڪليف واري رهي ٿي ۽ آگسٽ سيپٽمبر ۾ سخت طوفان (Typhoons ۽ Cyclones) به لڳن ٿا ۽ زلزلا ته سڄو سال هلندڙ رهن ٿا. پر ان هوندي به ٻارهوئي مارڪيٽ، بازارين، آفيسن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي هل چل پھل لڳي پئي آهي ۽ ماڻهو مرڪندي نظر اچن ٿا ۽ هر ڳالهه_ موسم توڙي ماحول مان Enjoy ڪن ٿا.

تواريخي Recap

660 BC_شھنشاهه جموءَ جي جپان تي حڪمراني شروع ٿي.
1542 AD_ جپان ۾ پورچوگالي آيا.
1637 AD_ جپانين سندن ملڪ ۾ رهندڙ سڀني ڌارين کي لوڌي ڪڍيو.
1854 AD _ USA نيويءَ جو ڪموڊور مئٿيو پيري ڪَلَ وارو جھاز بنا موڪل جي ٽوڪيو Bay (سمنڊ) ۾ ڪاهي آيو ۽ جپانين تي آمريڪا سان واپار شروع ڪرڻ لاءِ زور ڏنو.
1868 AD _شھنشاهه ميئجيءَ (Meiji) پنھنجي ملڪ ۾ مغربي پروگرام (Westernization) جي همٿ افزائي ڪئي.
1894 AD _ چين سان جنگ بعد جپان پنھنجي فوجي طاقت کي وڌائڻ لڳو.
1941 AD _ ڊسمبر ۾ جپانين پرل هاربر ۾ آمريڪن تي حملو ڪيو.
1945 AD_ آگسٽ جي مھيني ۾ آمريڪن جپان جي شھر هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪيرايو ۽ وڏي لڙائي ختم ٿي.
1952 AD _ جپان کي حڪومت ڪرڻ جي خودمختياري ڏني وئي.
1960 AD _ جپان ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جي بچاءَ ۽ Cooperation جي معاهدن تي صحيح ڪئي.

جپاني حڪومت جا پنھنجي ملڪجي حڪومت وانگر ٽي ٿنڀا آهن: ليجسليٽو يعني قانونسازيءَ جو ادارو، جنھن کي Diet سڏين ٿا، ٻيو انتطاميا (Executive) ، جيڪو ڪابينا(Cabinet) جي هٿ هيٺ ڪم ڪري ٿو، ۽ ٽيون عدليه (Judiciary) جيڪو ڪورٽن جي هٿ ۾ آهي.
قومي Diet ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: نمائندن جي اسيمبلي ۽ ڪائونسلرن جي اسيمبلي، جن جي ميمبرن کي عوام ووٽ ذريعي چونڊي ٿو. ملڪ جي وزيراعظم جي چونڊ ڪابينا ڪري ٿي ۽ ملڪ جو شھنشاهه جيڪو قوم جو Symbolic Head آهي، اجازت ڏئي ٿو. 1955ع کان وٺي 1993ع تائين فقط هڪ سياسي پارٽي LDP (لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي) کٽيندي ٿي آئي ۽ هاڻ ملڪ جون واڳون Coalition گڏيل حڪومت جي هٿ ۾ آهن.
جپان 47 حصن (ضلعن) ۾ ورهايل آهي، جن کي Prefectures سڏجي ٿو. جپان دنيا جي انڊسٽرل طاقت سڏجي ٿو ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ هن ملڪ جي ايڪانامي وڃي بھتر ٿيندي، جيتوڻيڪ جپان کي قدرتي وسيلا تمام ٿورا آهن. مينھن ضرور پوي ٿو پر پوک لاءِ ڌرتي ناهي، چوڌاري جبل ئي جبل آهن. ماڻهن کي رهڻ لاءِ گهر ئي ننڍڙا آهن. آفيسون ننڍڙيون، اسڪولن جا ڪمرا ننڍڙا، جاءِ بچائڻ لاءِ انجيسن (Hinges) وارن دروازن بدران سلاڊنگ دروازا آهن. جبلن ۾ به نه لوهه نه ٽامون، نه گئس، نه پئٽرول، هن ملڪ جي ترقيءَ جو راز هتي جا سخت جان ۽ باضمير ماڻهو آهن. هتي جا مرد ظالم (جنھن جو ثبوت ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ سندن ڌارين سان خراب سلوڪ مان ملي ٿو)، ڏنگا ۽ ويندي پنھنجين زالن سان وڙهڻ وارا ضرور آهن. زال ڪوجهي ٿي وئي آهي، پنھنجي ٺاهه جوڙ نٿي ڪري، سٺي خدمت نٿي ڪري يا ڪو ٻيو بھانو بنائي هڪ جپاني مرد زال کي ڇڏي سگهي ٿو پر هڪ دفعو ڪنھن آفيس يا فئڪٽريءَ ۾ ڪم ملڻ بعد، هن لاءِ اها ڇڏڻ بي عزتي، بي حيائي ۽ اصول جي خلاف آهي _ چاهي اها آفيس، ڪمپني يا فئڪٽري نقصان ۾ وڃي هلي، کُٽجي ننڍي ٿي وڃي. بونس ۽ ٻيا فائدا ته ٺھيو پر پگهار به وقت تي نه مليس ته به هو بنا ڪنھن پرواهه جي ان سان لڳا رهندا ۽ ويتر وڌيڪ محنت ڪندا ته شل اها وري پنھنجن پيرن تي اچي وڃي. جپانين جون اهي ئي ڳالهيون آهن جن هن ملڪ کي اتاهون بنايو آهي. هنن کي وقت جو قدر آهي. خود يورپي به چوندا آهن ته هو ڪلاڪ ڪلاڪ جو حساب رکن ٿا پر جپاني منٽ به نه پر سيڪنڊن جو به حساب رکن ٿا ۽ ترقي جا اهي جي معيار سوچجن ته اسان ته ڏينھن جو نه پر مھينن جو حساب نٿا ڪريون. ٻيو ته ٺھيو پر اسان جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڪارخانا ۽ فئڪٽريون مھينن جي حساب سان بند پيون هونديون ته به پرواهه ناهي. جپاني منٽ منٽ، سيڪنڊ سيڪنڊ جو حساب ڪيڏي خيال سان رکن ٿا، ان جو احوال جپان بابت هڪ سفرنامي ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۾ ڪري چڪو آهيان.
جپان کاڌي جي شين کان علاوه تيل، ڪپھه، سڻي ۽ ٻيو ڪچو مال ٻاهرين ملڪن کان گهرائي ٿو ۽ پاڻ موٽر ڪارون، اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جو سامان ايڪسپورٽ ڪري ٿو. جپان نه فقط وي سي آر، ڪئميرائون، ڪمپيوٽر، موبائل ٽيليفون، (جنھن ذريعي هلندي چلندي Email به ڪري سگهجي، تصوير به ڪڍي سگهجي، ڳالهائي به سگهجي)، اوون، ريفريجريٽر ۽ ايئرڪنڊيشنر هلڪا، سٺا ۽ سستا ٺاهي ٿو پر هر سال انهن جا ماڊل به بدلائي ٿو، جيئن هنن جي شين جو وڪرو هلندو رهي. ائين نه ٿئي ته خريدار هڪ دفعو شيءِ خريد ڪرڻ بعد سڄي زندگي اهائي ساڳي شيءِ: واچ، ڪئميرا، موبائل فون رکيو ويٺو هجي ۽ وڌيڪ خريداري نه ڪري. ائين ته پوءِ هنن جپانين جا ڪارخانا بيھي ويندا ۽ پوءِ هنن جي ڪمائي ڪٿان ٿيندي جو ڌارين ملڪن مان اناج گهرائين. انسان ته جيستائين جيئرو آهي هن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ اَنُ کپي، جنھن جي جپانين وٽ کوٽ آهي. مينھن نه پوڻ ڪري اناج جي کوٽ عرب ملڪن ۾ به آهي پر اهو ان جو پورائو قدرت طرفان مليل تيل سان ڪري سگهن ٿا. هو گهر ويٺي ڌرتيءَ مان نڪتل تيل وڪڻي دنيا جي هر شيءِ گهرائي سگهن ٿا ۽ هر عياشي ڪري سگهن ٿا پر جپانين کي نه عربن وارو تيل آهي ۽ نه اسان جي ملڪ واري سئي گئس. نه ڏکڻ آفريڪا واريون هيرن جون کاڻيون آهن ۽ نه نيو ڪئسٽل وارو ڪوئلو. هنن لاءِ فقط هڪ ئي Alternative آهي ۽ اهو آهي سخت پورهيو ۽ پورهيو. جپاني هڪ روبوٽ وانگر سڄو ڏينھن محنت مزدوريءَ ۾ لڳل رهي ٿو. هتي جي ڪن ڪن آفيسن ۾ فقط صبح جو پھچڻ جو وقت هوندوآهي، جنھن تي هو پابنديءَ سان پھچي ٿو ۽ پوءِ اٺ ڪلاڪن بدران هن کي ٻارهن ڪلاڪ به ڪم ڪندي ٿيو وڃن. يا ڪن آفيسن ۾ موڪل جو وقت چار يا پنج آهي ته به هي تيستائين آفيس يا فئڪٽري نٿا ڇڏين جيسين ڪم پورو نه ٿئي. هنن کي گهر ٻار، زال، راند روند، گهمڻ ڦرڻ، ڪچھريءَ کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري پورهيو آهي. ان ڪري دنيا جا ماڻهو هنن (جپانين) کي Workaholic ٿا سڏين ۽ پورهئي سان اهڙن چرين پنھنجي ملڪ کي دنيا جو امير ترين ۽ سھڻو ملڪ بنائي ڇڏيو آهي.

ڪجهه تعليم بابت

جپان ۾ هر ٻار لاءِ ڇھه سال ايليمينٽري اسڪول جي ۽ ٽي سال جونيئر هاءِ اسڪول جي تعليم ضروري آهي. ان کان اڳ گهڻو ڪري هر ٻار نرسري اسڪول ۽ ڪنڊرگارٽن ۾ به وڃي ٿو.
جونيئر هاءِ اسڪولبعد اٽڪل 95 سيڪڙو ٻار سينئر هاءِ اسڪول ۾ وڃن ٿا ۽ اتان پوءِ 30 سيڪڙو ٻار وڌيڪ تعليم لاءِ ٻه سال يا چار سال ڪاليج جا پڙهن ٿا ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا. سختمقابلي ۽ مھانگي تعليم هجڻ ڪري جپاني ٻارن کي سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي. جپاني الفابيٽ ئي ايڏي وڏي آهي جو فقط ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي توڙي يورپ جي پرائمري تعليم ڪجهه به نه آهي، جتي ٻارن کي انگريزيءَ جا فقط 26 اکر ۽ اسان وٽ اڙدو عربي يا گهڻي ۾ گهڻا ته سنڌيءَ جا 52 اکر سکڻا پون ٿا ۽ زير، پيش ۽ زبر لاءِ فقط ٽي آسان نشانيون آهن. هتي جپان ۾ ٻارن کي ٽي الفابيٽون سکڻيون پون ٿيون. جونيئر هاءِ اسڪول کان انهن ٽنهي ۾ هڪ ئي وقت لکڻو پوي ٿو. انهن ٽن الفابيٽن مان ٻه ڪاٽا ڪانا ۽ هيرا گانا اسان جي الف بي (ABCD) وانگر آوازن واريون آهن ۽ ٽي ڪانجي جيڪا چيني زبان تان ورتي وئي آهي، اها شڪلين واري آهي. ڪاٽا ڪانا۽ هيراگانا مان هرهڪ ۾ 76 اکر آهن ۽ شڪلين واري ڪانجيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ پنجن کان اٺ هزارن تائين شڪليون ياد ڪرڻيون پون ٿيون.
مٿين اسڪولن کان علاوه اڄڪلهه ڪيترائي شاگرد اڳتي جي داخلا لاءِ ٽيوشن ٽائيپ (Prepatory Schools) ۾ پڙهن ٿا، جن کي جپانيءَ ۾ جُوڪو (Juku) سڏجي ٿو.
سال جي موڪلن ۾ نئين سال جي موڪل پهرين جنوريءَ تي ۽ قومي ڏينھن جي موڪل يارهين فيبروريءَ تي ٿئي _جنهن ڏينھن تي چون ٿا ته جپان جو پھريون شھنشاهه سج تان لھي دنيا جي هن حصي (جپان) تي آيو ۽ تخت تي ويٺو.
جپان ۾ هر پندرهين جنوريءَ تي موڪل انهن ٻارن جي شان ۾ ٿيندي آهي، جيڪي ويھه سال جا ٿيندا آهن.جپان ۾ بالغ ٿيڻ جي سرڪاري عمر 20 سال آهي. (اسان وٽ يا يورپ ۾ 18 سال آهي) ان عمر کي پھچڻ وارا ٻار سال جي 15 جنوريءِ کان وٺي پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪري سگهن ٿا. هو سگريٽ توڙي شراب پي سگهن ٿا ۽ ووٽ ڏيڻ جو پڻ حق رکن ٿا.
هنن کي سگريٽ توڙي شراب جي اجازت ملي ويندي آهي، ان جو ڪو اهو مطلب نه آهي ته جتي منع هجي اتي به سگريٽ پي سگهن ٿا يا شراب پي گاڏي هلائين يا دنگو فساد ڪن. قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوءِ هنن کي سزائون به وڏن واريون ملن ٿيون. باقي 20 سالن کان گهٽ عمر ۾ هو ٻار ليکيا وڃن ٿا ۽ هنن جي ناپسنديده حرڪت جي مائٽ شڪايت ڪري سگهن ٿا ۽ جپان اهو ملڪ آهي، جنھن ۾ وڏا ته وڏا پر ٻار به پوليس کان ڊڄن ٿا. هرهڪ کي خبر آهي ته هتي جي پوليس وڏي همدرد ۽ مددگار آهي پر ڏوهه ڪرڻ تي اها سختي به ڪري ٿي ۽ ڪنھن جي به اثر ۾ نٿي اچي.
اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو خاص ڪري يورپي گورا، جيئن وڻندو اٿن تيئن پيا ڪندا آهن. پوليس به کين غلط ڪم لاءِ ڇينڀيندي نه آهي پر ڏوهن ۽ قانون جي ڀڇڪڙيءَ تي جپان ۾ پوليس گورن کي به نٿي بخشي. منھنجي هتي هجڻ دوران ٽوڪيو جي ڪنھن پارڪنگ لاٽ ۾ نيوزيلينڊ جي هڪ 25 سالن جي خاتون پنھنجي گاڏي ٻي جي مقرر ٿيل هنڌ تي پارڪ ڪئي. ڊيوٽيءَ تي بيٺل سنتريءَ منع ڪئيس پر هن ڪا پرواهه نه ڪئي. جنھن تي سنتريءَ يڪدم پنھنجي انچارج کي وائرليس ذريعي نياپو ڪيو۽ بقول ان نيوزيلينڊر مس ڊيليا جي کيس پنڌرهن پوليس وارن هٿ پير ٻڌي کڻي چورن جي گاڏيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ هفتو کن جيل جون هوائون کائيندي رهي. اخبار وارن کي به اهڙي قسم جون خبرون کپن تن ٺوڪي سندس ڪھاڻي فوٽو سميت اخبار ۾ ڏئي ڇڏي ته ڀلي ٻيا ڌاريان به سبق سکن ۽ سندن ملڪ جي ماڻهن کي اهو احساس نه ٿئي ته سندن پوليس رڳو پنھنجي ملڪ جي ماڻهن کي سزائون ڏئي ٿي.
اسڪول ۽ آفيسن جي ساليانين موڪلن ۾ هڪ دلچسپ موڪل جو ڏينھن 15 سيپٽمبر پڻ آهي، جيڪو ”پوڙهن لاءِ عزت جو ڏينھن“ سڏجي ٿو. جپان ۽ يورپ ۾ اهو فرق آهي جو هن پاسي پوڙهن جي عزت ۽ خيال رکيو وڃي ٿو. پوڙهن جي عزت نه فقط سندن اولاد پر پاڙي وارا سڀ ڪن. ننڍي هوندي ئي ٻارن ۾ وڏن جي عزت ڪرڻ جي عادت وجهڻ لاءِ اسڪول جون ماسترياڻيون ٻارن کي پاڻ سان وٺي گهرن ۽ اسپتالن ۾ پوڙهن سان ملائين ۽ کين سندن هٿ چُمڻ لاءِ چون. ٻارن کي مائٽ تحفا ڏئي موڪلين، جيڪي هو انهن پوڙهن کي ڏين.
جپان ۾ 5 مئي ٻارن جو ڏينھن ملهايو وڃي ٿو. ان ڏينهن تي ٻار پنھنجن گهرن مٿان جهنڊي جي ڏنڊي ۾ پني جون ٺھيل ڊگهيون مڇيون لڙڪائين.مڇي همٿ ۽ مشڪل کي منھن ڏيڻ جي علامت سمجهي وڃي ٿي، جيڪا خاصيت ٻارن ۾ هئڻ کپي.
موجوده شھنشاهه اخيتو جي جنم ڏينھن (23 ڊسمبر) تي پڻ سڄي جپان ۾ موڪل ٿئي.
ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر هتي جپان ۾ پڻ جيڪڏهن ڪو موڪل جو ڏينھن ڇنڇر يا آچر تي اچي ٿو ته پوءِ ان جي بدلي ۾ سومر جو ڏينھن موڪل ڪيو وڃي ٿو. هتي اسڪول توڙي آفيسون هفتي جا ٻه ڏينھن ڇنڇر ۽ آچر بند رهن. هفتي جا باقي پنج ڏينھن ماڻهو ڍور وانگر پورهيو ڪن.

جپان ۾ مذهب جي حيثيت

جپاني ماڻهو محبتي ضرور آهن، هو واپاري قسم جا ۽ ٽيڪنيڪل مائينڊ پڻ آهن پر مذهبي نه آهن، جيتوڻيڪ پراڻين ريتن رسمن ۽ وهمن وسوسن کي هو اڄ به زنده رکندا اچن. هونءَ مذهب جي کاتي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هتي ٻه مذهب آهن: هڪ شنتو ۽ ٻيو ٻڌ ڌرم.
چيو وڃي ٿو ته سڄي جپان ۾ هڪ في صد يعني ڏهه لک کن عيسائي آهن. ڪيترن هنڌن تي عيسائين جا گرجا گهر آهن، عيسائيت جي تبليغ ڪندڙ ادارا ۽ YMCA ٽائيپ سوسائٽيون آهن، جيڪي جپانين کي عيسائي بنائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهن ٿيون پر اڳ به ۽ هاڻ به ڏسان پيو ته جپانين جو پنھنجو ئي اسٽائيل آهي. ڪيترن جو عيسائيت سان واسطو فقط نئين سال ۽ ڪرسمس ڊي ملهائڻ تائين محدود آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترائي نوجوان جپاني ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مغرب مان متاثر هجڻ ڪري اتي جي ڪيترين ئي شين کي پسند ڪن ٿا، جھڙوڪ: پاپ ميوزڪ، بيس بال، ريسلنگ کان سئنٽا ڪلاز ۽ ڪرسمس ڊي ملهائڻ تائين.
جپان جي مذهب شنتو (Shinto) ۾ مري ويلن جي روحن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي. هن مذهب جو لکت ۾ ڪو ڪتاب يا Doctrine نه آهي. جنھن مندر ۾ شنتو مذهب جا پوئلڳ عبادت لاءِ وڃن ٿا، اهو جپاني زبان ۾ جنجا (Jinja) سڏجي ٿو. شنتو مندر (جِنجا) جي داخلا واري در وٽ پٿر جا ٺھيل ٻه ڪتا ويٺل هوندا آهن، جيڪي ڪوما_اينو سڏجن ٿا. هڪ جو وات پٽيل هوندو آهي (جيڪو آ سڏبو آهي) ۽ ٻئي جو وات بند هوندو آهي (۽ اهو اُن UN سڏجي ٿو). هن مندر جي نشاني هالا جي باب نوح جھڙو پر ڪاٺ جو دروازو هوندو آهي، جيڪو ’توري ئي‘(Torii) سڏجي ٿو. منھنجي جپان تي لکيل ٻن ڪتابن ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۽ ”ڳالهيون جپان جون“ جي ٽائيٽل تي هڪ مشھور شنتو مندر جو’توري ئي‘ (دروازو) آهي. اهو دروازو، جپانين جي عقيدي مطابق، روزمره جي زندگي ۽ پوءِ جي روحاني زندگيءَ جي وچ ۾ بائونڊري لائين جو ڪم ڏئي ٿو. مندر جي وڏي هال ۾ هڪ پاڻيءَ جي نادي هوندي آهي جنھن ۾ رکيل ڪَرين سان پوڄاري پنھنجا هٿ ڌوئين ۽ گرڙيون ڪري، پوءِ اندر مندر ۾ گهِڙن. اها وضوءَ جي نادي چوزُويا يا تيمِيزويا Chōzu-ya or temizu-ya (手水舎) سڏجي ٿي. اهو هنن جو هڪ قسم جو ڄڻ وضو ڪرڻ آهي.
مندر ۾ جيڪا چندو يا نذرانو رکڻ جي ڪاٺ جي پيتي ٿئي، جھڙي اسان وٽ درگاهن ۽ اوليائن جي مزارن تي ٿئي ٿي ان ۾ ٺھيل سير (Slot)ذريعي سِڪا ۽ نوٽ وجهن. اها پيتي Saisen bako سڏجي. مندر ۾ گهنڊ به ٿئي، جيڪو مندر جي پادري چواڻي، پوڄاريءَ جي وڄائڻ سان، ديوتا هوشيار ٿيو وڃي ته ڪو پوڄا پاٺ لاءِ آيو آهي ۽ بقول ظفر شيخ جي جيڪي ديوتا گهنڊن بنا سجاڳ نٿا ٿيو سگهن، اهي ٻي جي مشڪل وقت ۾ ڪھڙي مدد ڪندا. اهو گهنڊ Suzu سڏجي ٿو ۽ مندر جو ٻائو ”ڪان نوشي“(Kannushi)سڏجي ٿو، جيڪو سڄي مندر جي روزمره جي ڪاروبار جو جوابدار هوندو آهي. مندر جي ڪم ڪار لاءِ نوجوان ڇوڪريون پڻ هونديون آهن، جيڪي Miko سڏجن.
ٻڌن جي مندر ۾ ننڍو يا وڏو فقط گوتم ٻڌ جو Statue ٿئي، جنھن جي اڳيان پوڄاري هٿ ٻڌي جهڪي جهڪي پوڄا ڪن. خير جهڪڻ ۾ ته جپاني ماهر آهن. کيڪار کڙي هجي يا معافي _ هر ڳالهه تي جپاني جهڪندا رهن ٿا. ڪالهه جي جپان ٽائيمز (هتي جي انگريزي اخبار) ۾ هو ته هر جپاني روزانو سراسري 250 کان 300 دفعا جهڪي ٿو.
ٻڌ ڌرم جي هر مندر ۾ ڪجهه ڪتاب رکيل ٿين، جن مان ڪڏهن ڪڏهن ٻائو پوڄارين کي پڙهي ٻڌائي. ٻڌن جي مندرن ۾ ڊگها منارا Pagoda ٿين، جن کي جپاني Goju-No-To سڏين. هندستان ۾ جتان ٻڌ ڌرم شروع ٿيو، اتي ٻڌن جي مندر جو اهو منارو فقط هڪ حصي ۾ ٿئي ۽ اسٽوپا سڏجي. چين ۽ ڪوريا کان ٿيندو ٻڌ ڌرم جپان پھتو ۽ منجهس ڪيتري ئي ڦيرگير آئي. اهو اسٽوپا جيڪو هتي Goju-No-To ٿو سڏجي، پنج ماڙ ٿئي. قبرستان ۾ جيڪو نشاني خاطر پٿر رکن ٿا اهو به پنجن حصن ۾ ٿئي، جيڪو ٻڌن جي ڪائنات جي نمائندگي ڪري ٿو. سڀ کان هيٺيون پٿر ڌرتي، ان بعد پاڻي، پوءِ باهه، پوءِ هوا ۽ آخري ۽ مٿيون پٿر آسمان جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. اهو پنجن حصن وارو پٿر جپانيءَ ۾ گورنٽو سڏجي ٿو.
ٻڌن جي مندر ۾ به گهنڊ ٿئي، جيڪو Bonsho سڏجي ٿو. ٻڌن جي عقيدي مطابق نئين سال جي شام جو اهو بيل انسان جون 108 خراب خواهشون ڀڄائڻ لاءِ 108 دفعا وڄايو ويندو آهي.

هڪ جپاني فئمليءَ سان ملاقات

ڪالهه اسان وٽ ’ياسو چيڪا سَانُ‘ ۽ سندس زال ’نائوڪوسَانُ‘ گهمڻ لاءِ آيا. هو فڪوڪا ايئرپورٽ جي ڀرسان رهن ٿا ۽ اسان واري شھر ڪوڪورا کان ڪلاڪ کن جيپنڌ تي آهن. ياسو جيڪو هتي جي هڪ ڪاليج ۾ پرنسپال آهي ۽ سندس زال ڪنھن آفيس ۾ ڪلارڪ آهي. کين ٻه پٽ 24 ۽ 22 سالن جا آهن. وڏو ميوزڪ ٽيچر آهي ۽ ننڍو اڃا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي پيو. هنن کي جيئن ئي خبر پيئي ته اسان پاڪستان کان آيا آهيون ته هنن يڪدم فون ڪيو ته ملاقات ٿيڻ کپي.
”جڏهن چئو ته اسان اچون.“ مون چيومان.
”چڱو ڀلا اسان اچون ٿا، ڇو جو اسان توهان جو گهر ڳولهي وينداسين پر توهان لاءِ اسان جو گهر ڳولهڻ ڏکيو ٿيندو.“
”اهو به صحيح آهي.“
”اسان پوري ٽين بجي توهان وٽ اينداسين.“ ياسوچيڪا سَان ٻڌايو. جپانيءَ ۾ مرد توڙي عورت جي نالي پٺيان عزت خاطر San لڳايو وڃي ٿو، جيئن پاڻ وٽ محترمه يا محترم فلاڻو، يا فلاڻو صاحب... وغيره.
هتي جي رواج موجب ٽين بجي منجهند جو اچڻ معنيٰ مانيءَ جي تڪليف نه ڪجو. هونءَ جپاني اسان پاڪستاني، انڊين ، ڪشميرين ۽ ملئي ماڻهن جي گهر ۾ ماني کائڻ پسند ڪن ٿا جو هنن کي اسان جي کاڌي جو ٽيسٽ وڻي ٿو. خاص ڪري ڪنھن به قسم جو ٻوڙ (Curry) ۽ برياني وغيره. ان کان علاوه چپاتي، اڦراٽا، دال، پڪوڙا ۽ ڪواب وغيره پڻ. چينين، ويٽنامين، فلپينين ۽ ٿائي ماڻهن جو کاڌو اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ کائڻ يا پسند ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي، جو هو عجيب کاڌن کان علاوه عجيب ڌپ وارا مرچ مصالا، جڙيون ٻوٽيون ۽ Cooking oil استعمال ڪن ٿا. ان خيال کان جپانين جو کاڌو صاف سٿرو ۽ سٺين خوشبوئن وارو ٿئي ٿو. جپان جي ننڍي کان ننڍي ڳوٺ جي ڪنھن هوٽل اڳيان لنگهبو ته به کاڌي جي رڌجڻ يا پچڻ جي سٺي خوشبوءِ پئي ايندي، يعني اسان جي پاسي جي ماڻهن جو نڪ ان خوشبوءِ سان Adjust ٿيو وڃي. بس رڳو مسئلو حلال جو آهي. ڪيترن جپاني مسافر خانن يا هاسٽلن ۾ رهڻ دوران هو اسان جي ڪري ڪچن ۾ حلال گوشت ۽ ويجيٽيبل آئل استعمال ڪري، رڌيندا آهن ته اسان کي سندن هر ڊش پسند ايندو هو. مڇيون ۽ گانگٽ به جپان جي مارڪيٽ ۾ وڪامڻ لاءِ اچن ٿا يا هوٽلن تي پچايا وڃن ٿا ته بيحد صاف سٿرا ۽ بنا ڪنھن ککي ڌپ جي ٿين. سو هتي جپان ۾ اسين توڙي ٻيا پاڪستاني پنھنجي جپاني مھمانن کي ماني ضرور کارائيندا آهيون، پر اسين هنن وٽ کائڻ کان نٽائڻ جي ڪوشش ڪريون، جيسين هنن سان اسين ايترو فري ٿي وڃون جو پنھنجي مذهب جيRestriction بابت کين سمجهائي سگهون.
مٿي چيني کاڌن بابت لکيو اٿم. هي اهي چيني کاڌا نه آهن، جيڪي اسان پاڪستان ۾ چيني هوٽلن تي کائون ٿا. پاڪستان ۾ چيني ڊش اسان جي ٽيسٽ مطابق مصالا وجهي ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ان ۾ ٻڪري، ڍڳي، ڪڪڙ جو گوشت ٿئي، يا ڀاڄيون ۽ مڇيون گانگٽ. پر ٻين ملڪن ۾ خاص ڪري چين ۾ يا سنگاپور، هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ ۾ يا ويندي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ چيني کاڌو کائڻ ته پري چيني هوٽلن اڳيان لنگهڻ تي به توهان جي دل نه چوندي، جو هو هر جيت جانور ڪوئي ٻلي کان ڪتو ڪاڪروچ رڌيو تريو ويٺا آهن ۽ سارس جي ڦھلجڻ بعد جپاني به چينين جي ان کاڌي جي عادت مان خوش نه آهن.
اسان جي جپاني مھمان گهر اچڻ جو ٽائيم ٽي ٻڌايو ۽ جپاني وقت جا ايڏا پابند رهن ٿا، جو چاهي کڻي اسان جي گهٽيءَ تائين اڳ پھچي وڃن ته به هيڏانھن هوڏانھن چڪر ڏئي پوري وقت تي گهر ۾ گهڙندا. ان ڪري اسين به گهر ۾ ئي بي اونا ٿي پنھنجي ڪم ڪار کي ۽ هنن لاءِ ڪجهه ڪواب ۽ پڪوڙن جھڙيون شيون ٺاهڻ ۾ لڳا رهياسين ۽ پوءِ پوڻي ٽين بجي ڌاري جپاني اسٽائيل جو ننڍن پيرن وارو ٽيبل صاف ڪري چوڌاري پٽ تي ويھڻ لاءِ گديون رکي هنن جو انتظار ڪيوسين ته پوري ٽين بجي گهر جو بيل وڳو ۽ منھنجي ڌيءَ مريم ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ کين در تان وٺي اندر آيا.
در اصل ياسوچيڪا سان منھنجي هيءَ پھرين ملاقات هئي. ان کان اڳ مون هن جو فقط نالو ٻڌو هو. هو ڊاڪٽر مشتاق جو به پوءِ سڃاڻو ٿيو جو ياسوچيڪا جو پٽ هيروشيما جي ان يونيورسٽيءَ پڙهندو هو، جنھن مان مشتاق پي ايڇ ڊي ڪئي. هن سان اسان جي توڙي مشتاق وارن جي واقفيت اسان جي ڀائيٽي عبدالمتين ڪري ٿي. عبدالمتين هينئر ويھن سالن جو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ B.Sc. ڪري رهيو آهي. هو اڄ کان ڏهه سال کن اڳ، جڏهن پنجين ڪلاس ۾ هو ته هو هن جپاني فئمليءَ وٽ اچي رهيو هو. ان وقت جپان جي مختلف شھرن جي ٽيھارو کن فئملين دنيا جي مختلف ملڪن جي ٻارن کي موڪلن ۾ پاڻ وٽ جپان گهرايو هو. پاڪستان مان به ڪجهه ٻار وڃڻا هئا۽ جيئن ته عبدالمتين ڪلاس ۾ پھريون نمبر آيو هو، سو سندس اسڪول ”ڊفينس اٿارٽي اسڪول ڪراچي“ وارن هن جو نالو پڻ موڪليو ۽ چونڊجي ويو.
عبدالمتين اونهاري جي موڪل جپان ۾ هن جپاني فئمليءَ وٽ گذارڻ لاءِ چونڊجي ته ويو پر اسان سڀني لاءِ، خاص ڪري سندس ماءُ پيءُ (اشفاق) وارن لاءِ مسئلو ٿي پيو ته هو ڪڏهن ٻاهر نه نڪتو آهي ۽ جپان ته پري ٿيو، هو ته پنھنجي ڳوٺ هالا ۾ پُڦين وٽ به اڪيلو نه رهي سگهندو ان کان علاوه کائڻ تي به جيسين مڇيءَ مان ڪنڊو نه ڪڍي ڏي ته کائي نه سگهندو ۽ جپان ۾ ته رڳو مڇي هلي ٿي. جپاني وهنجڻ جا شوقين _ بلڪ عبادت جي حد تائين پابنديءَ سان وهنجن، ڪنھن ڏينھن صبح جو جلدي ۾ هجڻ ڪري نه وهنجن، پر رات جو سمهڻ کان اڳ ضرور وهنجن، چاهي کڻي سيارو هجي، طوفان هجي يا برف باري. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه پاڻيءَ جي بچاءَ خاطر ته ڪجهه هتي جي ڪلچر مطابق سڄي گهر جا ڀاتي توڙي پاڙي جا هڪ ئي محلي ۾ تالاب ۾ گڏ وهنجن ۽ هي اسان وارو ڇوڪرو اونهاري ۾ راند ڪري اچڻ بعد جڏهن مٽي ۽ ڌوڙ سان ڀريو پيو هوندو آهي ته به وهنجڻ جي نه ڪندو آهي.
بھرحال چونڊ جو فارم ڀرڻ ۽ پاسپورٽ ٺھرائڻ تائين ته هر هڪ خوش هو پر هاڻ عبدالمتين جي بئگ ٺاهڻ وقت هر ڪو اهو سوچڻ لڳو ته هو ننڍو آهي ۽ اڃان اچيس انگريزي به پوري پني ٿي، جپان ۾ هڪ ڌارئين زبان ڳالهائڻ وارن جي گهر ۾ ايڏو وڏو عرصو ڪيئن رهي سگهندو ۽ ايڏو وڏو سفر اڪيلي ڪيئن ڪندو. هن کي جپان ايئر لائين جي ٽڪيٽ موڪلي وئي هئي، جنھن مطابق ڪراچيءَ کان بئنڪاڪ وڃڻو هو، جتي ٽي چار ڪلاڪ ترسڻ بعد ٻئي جھاز ۾ ٽوڪيو وڃڻو هو ۽ جتان پوءِ ڊوميسٽڪ فلائيٽ ۾ ٽوڪيو کان فڪوڪا ايئرپورٽ تي لھڻو هو، جتي سندس ميزبان انتظار ڪرڻ لاءِ لکيو هو.
بھرحال ڪجهه مائٽن ۽ ڪجهه اسڪول جي پرنسپال همت ٻڌرائي ۽ عبدالمتين وڃي جپان کان نڪتو. جڏهن موٽيو ته ڍير ڳالهين جو کڻي آيو ۽ جپاني ميزبانن هن جو تمام گهڻو خيال رکيو ۽ گهمايو ڦيرايو ۽ اڄ تائين هن کي پنھنجي گهر جو ڀاتي سمجهن ٿا.
جپاني مھمان مسٽر ياسوچيڪا (هاڻ San نٿو لکان جو ’سَانَ‘ بدران انگريزيءَ ۾ ’مسٽر‘ لکيو اٿم) ۽ سندس زال نائوڪو Naoko عبدالمتين جا انهن ڏينھن جا فوٽو کڻي آيا، جڏهن هو هنن وٽ جپان ۾ مھمان هو. سندس پٽ نوبويوشي ۽ ماساهيرو به تن ڏينھن ۾ تمام ننڍا هئا، هو عبدالمتين کان سال ٻه وڏا ٿيندا، ٻئي ڄڻا زال مڙس ور ور ڏئي عبدالمتين جو پڇڻ لڳا. هنن ٻڌايو ته هنن عبدالمتين جو هڪ فوٽو وڏو ڪرائي ڊرائينگ روم جي ڀت تي هڻي ڇڏيو آهي. هو ڪراچيءَ جون خبرون پڇندا رهيا ۽ وچ وچ ۾ عبدالمتين جون ڳالهيون ٻڌائي کلائيندا رهيا.
”عبدالمتين هر وقت خوشبوءِ (عطر) هڻندو هو. توهان وٽ پاڪستان ۾ ٻار به هڻن ڇا، اسان وٽ عورتون ۽ ڇوڪريون هڻن.“ ياسوچيڪا ٻڌايو. دل ۾ چيم ته هن غريب کي مائٽن چيو هوندو ته جپان ۾ ڌارين وٽ گدلو ٿي نه هلجانءِ. ان ڪري هو هر وقت Spray هڻندو رهيو ٿي، جيئن هن کي پڙهائي موڪليو ويو هو.
در اصل مسٽر ياسوچيڪا جو نالو امائي زومي (Imaizumi) آهي. ياسوچيڪا سندس ذات (Family Name) آهي.
ٿوري دير بعد امائي زوميءَ جي زال نائوڪو کلندي چيو: ”عبدالمتين ڏاڍو شرمائيندو هو. هر وقت اڪيلو وهنجندو هو ته به باٿ روم ۽ ڪمري جا دروازا بند ڪري پوءِ وهنجندو هو.“
دل ۾ مون چيو اهو به شڪر آهي، سندس ماءُ پيءُ کي ته انهن ڏينھن ۾ ڊپ هو ته جپان ۾ الائي وهنجي به ٿو يا نه.
هنن همراهن وري ٻه ٽي سٽون ”جيوي پاڪستان...“ ڳائي ٻڌايون، جيڪي هو عبدالمتين کان سکيا هئا.
بھرحال هن جپاني جوڙي سان ملي، اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ته هو اڃا تائين عبدالمتين کي ياد ڪن ٿا ۽ عبدالمتين جو هنن جي گهر ۾ هجڻ هڪ اهڙي ڳالهه هئي، جنھن جي ياد هنن کي هر وقت تازي رهي ٿي. ان بعد هن جپاني فئمليءَ جو وڏو پٽ مشتاق سان گڏ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ڪري ۽ هاڻ ڀر وارن شھرن ۾ اسان جي هجڻ ڪري ڪافي پنھنجائپ ٿي پيئي آهي، نه ته جپاني ماڻهو ايڏو جلد فري نٿا ٿين.
هنن ڪجهه کائڻ پيئڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ بعد هلڻ جي تياري ڪئي. هو اسان وٽ ٻه اڍائي ڪلاڪ کن هئا. هونءَ جپانين کي وقت جو وڏو فڪر رهي ٿو ۽ سيڪنڊن ۽ منٽن جو حساب ڪندا پر جڏهن ڪنھن وٽ گهمڻ ويندا آهن ته پوءِ ٽي چار ڪلاڪ پٽ تي پٿل ماري ويھي خبرون چارون ڪرڻ هتي جي ريتن ۾ شمار آهي. اسان کين ماربل جا ٻه ننڍا سووينيئر ۽ ڪراچيءَ جي زينب مارڪيٽ مان ورتل هڪ ٿري هار ڏنو. هو اسان لاءِ تحفي ۾ هڪ بونسائي (Bonsai) ۽ چاڪليٽن جو دٻو کڻي آيا هئا.
بونسائي ڄامڙو وڻ (Miniature Tree) ٿئي ٿو، جيڪو ننڍڙي ڪونڍيءَ ۾ رکيل ٽيبل يا شوڪيس مٿان رکي سگهجي ٿو. جپان بونسائي ۽ اڪيبانا کان دنيا ۾ مشھور آهي. اڪيبانا ٽارين سوڌو ڪٽيل گلن ۽ پنن کي گلدستي ۾ سھڻي نموني سينگارڻ جو آرٽ (Floral Art) آهي.
تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هو اسان وٽ ٻه اڍائي ڪلاڪ کن جيڪو وقت هئا، پورو ٽائيم جپانيءَ ۾ ڳالهائيندا رهيا. کين هڪ لفظ به انگريزيءَ جو نٿي آيو. اسان کي ڪو جپاني لفظ نٿي آيو ته مريم جي ٻارن احسن ۽ ايمان کان ترجمو ڪرائي کين ٻڌايو ٿي. احسن جيڪو 9 سالن جو آهي ۽ ايمان 8 سالن جي آهي، ننڍي هوندي کان (ست اٺ سالن کان) هتي هجڻ ڪري ۽ هتي جي اسڪولن ۾ وڃڻ ڪري جپاني Fluent ڳالهائين ٿا ۽ گهر ۾ سنڌي.
ياسوچيڪا سَانَ کان نيٺ اٿڻ مھل پڇيم ته توهان کي انگريزيءَ جو ۽ اسان جي ڀائيٽي عبدالمتين کي جپانيءَ جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ نٿو اچي، پوءِ هڪ ٻئي جي ڳالهه ڪيئن ٻڌندا ۽ سمجهندا هئائو؟
”بس اهو ئي ته وڏو مسئلو هو. پر پيا هڪ ٻئي سان مٿو هڻندا هئاسين. آخري ڏينھن تائين ڪجهه هو جپاني جا لفظ سکي ويو، ڪجهه اسان هن جا لفظ سمجهي ويا هئاسين، جيڪي خبر ناهي انگريزي جا آهن يا اڙدو سنڌيءَ جا. ڪجهه اشارن ذريعي سمجهائيندا هئاسين ڪجهه ڪوشش جي باوجود سمجهي نه سگهندا هئاسين. بھرحال هن کي اسان جتي به وٺي ويندا هئاسين ته اتي جو Toilet پھرين ڏيکاريندا هئاسين ۽ ڪچن ۾ رکيل کاڌي پيتي جون شيون ڏيکاريندا هئاسين ته بنا پڇڻ جي جيڪا وڻيس اها کڻي کائي ۽ سمهڻ جو ڪمرو پڻ ته جيئن سوير ننڊ اچيس ته اتي سمهي سگهي.“

ٽويوٽا معنيٰ ڀلي زمين

ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ هڪ دفعي اسان جو جھاز مرمت لاءِ آيو ته شپ يارڊ جي هڪ فورمئن جنھن کي مرمت دوران مون سان واسطو رکڻو هو، پنھنجو تعارفي ڪارڊ (Meishi) ميئيشي ڏيندي چيو “وتاشينو نومائي وا سوزوڪي.”
اهو ٻڌي ته هن جو نالو سوزوڪي آهي مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ته هن همراهه جو نالو پڪ اپ گاڏي آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته جپاني ماڻهن جي ذات جو نالو گاڏي ناهي پر گاڏيءَ جو نالو ان جي ٺاهيندڙ جي ذات تان آهي. ڪجهه ڏينھن بعد خبرون چارون ڪندي مسٽر سوزوڪي ٻڌايو ته، جپان ۾ سوزوڪي ذات جا ٻئي نمبر تي گهڻا ماڻهو آهن ۽ جپاني هر ذات جي ڪا نه ڪا معنيٰ آهي. اهڙيءَ طرح سوزوڪي جي معنيٰ گهنڊ جھڙو وڻ (Bell-Tree) آهي.
ان بعد هر ملندڙ جپاني جي ذات جي معنيٰ ضرور پڇڻ لڳس، جنھن سان ڪيترائي جپاني لفظ ياد ٿيڻ لڳا. جيئن Kena-ka معنيٰ سونو ٻار، Sen-ga هزار مبارڪون، Futagami صاحب جي ذات جي معنيٰ ٻه ديوتا، ڇو جو فوتا معنيٰ ٻه ۽ ڪامي (يا ’گامي‘) معنيٰ ديوتا. اسان جي اوساڪا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ ڇوڪريءَ جو نالو ”مس مسالي وارو ٻيٽ“(Karashima) هو. ڪارا معنيٰ مسالي وارو ۽ شِيما جي معنيٰ ٻيٽ آهي، جيئن هيروشيما (وڏو ٻيٽ)، ڪاگوشيما (ڇٻيءَ جھڙو ٻيٽ) وغيره. اهي شھرن جا نالا آهن. يوڪوهاما ۾ اسان جي ڪمپنيءَ جي ڊاڪٽر جو نالو Dr.Kitou هو. ڪي معنيٰ شيطان تائو معنيٰ مٿو، يعني ”ڊاڪٽر شيطان جو مٿو“ _ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر فرشتو صفت انسان هو. منھنجي هڪ مسواڙي گهر جي مالڪڻ جو نالو ”مسٽر ڏهه خوشبوئون“(Gomi) هو ۽ هڪ جو نالو ”مسز کڏ“(Hori) هو. بھرحال ان قسم جون کل جھڙيون ذاتيون هرهنڌ آهن. بگهڙ، ڪنهار، مرچ ۽ متقي ذاتيون ته اسان جي ڳوٺ ۾ به آهن. ٻيو ته ٺھيو انگريزن وٽ به آهن، جيئن ته Wood, Wolf، لئمب، ڄاهو (Hog) گولڊ سمٿ وغيره وغيره. جپان ۾ سالن تائين جاگيرداري نظام رهيو. ملڪ جي 96 سيڪڙو عوام ائين ڪت خلق تصور ڪئي وئي ٿي. باقي ٽي چار سيڪڙو پير مرشد سمجهي وئي ٿي، ۽ فقط انهن جي ئي ذات هئي.Meiji د‍ؤر جي شروعات تائين (يعني 1860ع تائين) عام پبلڪ جي ڪا ذات نه هئي. ان بعد قانون ڪڍيو ويو ته هر جپانيءَ کي پنھنجي ذات (Family Name) رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو. حڪومت طرفان ڪا ذات رکڻ ضروري ٿيڻ تي ڪيترن پنھنجون ذاتيون ڀر وارن شھرن، ندين، جبلن ۽ وڻن ٻوٽن تان کڻي رکيون. جپان جون اڄ ٽيھارو کن ذاتين ۾’ياما‘ (جبل) اچي ٿو يا ’تا‘ (ٻني) اچي ٿي. جيئن ته ياما گچي، ياما دا، فوجي ياما وغيره. ڪيترين ذاتين ۾ وڻ (Ki) يا ٻيلو (Mori) اچي ٿو، جيئن Morishima (وڻن جو ٻيٽ)، ندين ۽ جبلن تي به ڪيترن ئي ماڻهن جون ذاتيون آهن، جيئن ته Ishikawa (پٿرائين ندي) يا Kawamura (نديءَ وارو ڳوٺ).
ڪيترن جپانين جون ذاتيون پاڻي ۽ چشمن تي به آهن، جيئن ته ڪَوئي زومي (Koizumi) معنيٰ پاڻيءَ جو ننڍڙو ڦوهارو. اڄڪلهه جي جپاني پرائيم منسٽر جي اها ذات آهي. جانورن ۽ ماٿرين تي به ڪيتريون ئي ذاتيون آهن، جيئن ته Kumagai معنيٰ رڇن جي ماٿري، Kamemura معنيٰ ڪُمين جي ڳوٺ. گلن جي نالن سان به ذاتيون آهن پر ڪچن چانورن ۽ رڌل چانورن (ڀت) تي ته ڪيتريون ئي ذاتيون آهن. چانور جپاني ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو اهم حصو آهن. چانور جپانين جو Staple کاڌو آهي، جيئن اسان وٽ ڪڻڪ. جپانين جو وڏو ‘اَن نور’ ڀت (Gohan) آهي. پاڻ وٽ ”ماني“ لفظ جي معنيٰ چپاتي، اڦراٽو، نان به آهي ته سڄي ماني Full Meal به آهي. چونداسين ماني کاڌئي؟ معنيٰ ٻوڙ ماني، دال ڀت وغيره کاڌئي. اهڙي طرح جپان ۾ ڀت (Gohan) فقط رڌل چانور (ڀت) به آهي ته سڄي ماني به. ميزبان پڇندو:
Asa gohan-o tabe mashitaka
تو ڀت کاڌو آهي_ يعني پوري نيرن جنھن ۾ چانھه، ڊبل روٽي، ڀت، مڇي سڀ ڪجهه اچي ويو. Asa معنيٰ صبح ۽ ’اسا گوهان‘ معنيٰ صبح وارو ڀت يعني ”نيرن“ اهڙي طرح Hiru Gohan معنيٰ ”منجهند وارو ڀت“ ، جيئن پاڻ وٽ چون ”منجهند جي ماني“.
جپان ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون ڌنڌن تان آهن، جيئن انگريزن جون Blacksmith ، گولڊ سمٿ وغيره آهن ۽ اسان وٽ لوهار، ڀوڳڙي (ڀڳڙا ٺاهڻ وارو)، سونارو وغيره. (ڀرڳڙي الڳ ذات آهي).
منو صدي کن اڳ 1930ع ۾ شوجيرو نالي هڪ جپانيءَ جنھن جي ذات Ishi-Bashi هئي، معنيٰ پٿر جي پُل (Bridgestone) ، تنھن همراهه ٽائر ٺاهڻ جي هڪ فئڪٽري لڳائي، جنھن جو نالو اشي باشي ڪمپني رکڻ بدران انگريزي ترجمي وارو نالو “برج اسٽون” رکيو. اڳتي هلي ان ڪمپنيءَ جا ٽائر ۽ سائيڪلون ايڏو ته سٺيون ثابت ٿيون، جو سڄي دنيا ۾ “Bridgestone” جي نالي کان هر هڪ واقف ٿي ويو. ذرا سوچيو ته مسٽر اشي باشي وانگر ٻيا جپاني به پنھنجي ڪمپنيءَ جو نالو جپاني ذات بدران انگريزي ترجمي وارو رکن ها ته دنيا جي رستن تي هلندڙ لکين ڊرائيور ٽويوٽا ۽ متسوبشي نالي وارين گاڏين بدران Rich Field ۽ Triple Diamonds نالي وارين گاڏين ۾ هلن ها، ڇو ته ٽويوٽا معنيٰ ڀلي زمين ۽ متسوبشي معنيٰ ٽي هيرا.

سارس ڪري ڏور اوڀر ۾ ٿرٿلو

جپان اچڻ جو پروگرام ٻه ٽي مھينا اڳواٽ ٺاھيم. آفيس مان هڪ ٻه ڏينھن موڪل ته ڪنھن وقت به ڪري سگهجي ٿي پر ٽن چئن مھينن جي موڪل سا به Ex-Pakistan Leave(ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي) تنھن لاءِ اڳواٽ بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هاڻ اسان مسلمانن لاءِ خاص ڪري پاڪستانين لاءِ اهي سٺا ڏينھن في الحال غائب ٿي ويا آهن، جڏهن ٻئي ملڪ وڃڻ لاءِ رڳو ٽڪيٽ خريد ڪرڻي پوندي هئي. هاڻ ته ويزا لاءِ به ڏهه Formalties پوريون ڪرڻيون پون ٿيون. (۽ پوءِ ويزا ملڻ بعد به اهو شرط هوندو آهي ته ڪنھن به سبب جي ڪري، جيڪو ٻڌائڻ ضروري ناهي، مسافر کي جپان هوائي اڏي تان ئي موٽائي سگهجي ٿو، جيئن USAآمريڪا جي چئن سال ويزا ملڻ سان گڏ اتي شرط هوندو آهي) سو ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن مھينن جي ڊوڙ ڊڪ جو ضرور سوچڻ کپي.
مون جيئن ئي جپان وڃڻ جو سوچيو ته انهن ڏينھن ۾ بم جي ڌماڪي وانگر اخبارن ۽ ٽي وي خبرن ۾ اچي ويو ته چين ۽ هانگ ڪانگ پاسي سارس (SARS)نالي هڪ وبا پيدا ٿي آهي، جيڪا ايندڙ ويندڙ مسافرن ذريعي تيزيءَ سان ٻين ملڪن ۾ پکڙجي رهي آهي، جن ۾ ڪئناڊا به شامل ٿي ويو آهي. بيماريءَ جو ڪو علاج ناهي ۽ چين ۽ هانگ ڪانگ توڙي ڪئناڊا ۾ ان بيماريءَ جا ڪيترائي مريض مري رهيا آهن.
هرڪو دوست ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مون کي جپان نه وڃڻ جي صلاح ڏيڻ لڳو. منھنجو اهو ئي جواب هو ته پھرين ڳالهه ته بيمارين کان يورپي گورا يا آمريڪن ڀلي ڊڄن، اسان جھڙا ماڻهو جن جي ملڪن جي صحت ۽ هائيجن جو معيار ايترو ته ڪريل آهي جو ڳوٺ هجن يا ڪراچيءَ جھڙو وڏو شھر مليريا، ٽائيفائيڊ کان وٺي خبر ناهي ڪھڙيون ڪھڙيون وائرس ۽ بئڪٽيريا واريون بيماريون ٻارهو ئي لڳيون پيون آهن، جن جي ملڪ ۾ پاڻيءَ سان گڏ هوا۾ به آلودگي آهي، ان ملڪ جي ماڻهن کي ٻئي ملڪ جي ڪنھن بيماريءَ جو ٻڌي ڊڄڻ ۽ منھن مٿو پٽڻ ائين آهي، جيئن مينھن جو ڍڳيءَ کي پڇ ڪارو چوڻ. ٻي ڳالهه ته منھنجي وڃڻ ۾ اڃا ٽي مھينا کن آهن، تيستائين ٻين بيمارين وانگر سارس تي به ڪنٽرول ٿي ويندو يا هانگ ڪانگ جي ”چڪن فِلو“ يا انگلينڊ جي “Mad Cow” جھڙين بيمارين وانگر هيءَ بيماري به ختم ٿي ويندي.
ڄاڻي ٻجهي يا بي خياليءَ ۾ هن نئين وبا SARS جو اخبارن ۽ ٽي وي جي خبرن ۾ معلوم ڪرڻ لڳس ته خبر پيئي ته گهٽجڻ بدران روز بروز ڪم وڌي رهيو آهي. چين ۽ هانگ ڪانگ جھڙن اهم ڳڙهن ۾ جتان هيءَ بيماري شروع ٿي، اتي ته روزانو بيمارن ۽ انهن جي موت جو تعداد وڌي رهيو آهي، پر مسافرن جي اچ وڃ ڪري ٻيا ملڪ به ان وبا جي لپيٽ ۾اچي رهيا آهن. جتي ڪٿي هن بيماري سارس جي پکڙجڻ سان گڏ بيماريءَ لڳڻ ۽ ان کان بچاءُ جون خبرون سامهون اچڻ لڳيون.

• سارس (SARS) ڇا آهي؟
سارس ساهه ۾ تڪليف جي نمونيا ٽائيپ بيماري آهي جيڪا هلڪي بخار مٿي ۽ جسم جي سور سان شروع ٿئي ٿي. ٻن کان ستن ڏينھن اندر مريض کي سڪل کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف شروع ٿئي ٿي. بيماريءَ جو ڪو علاج اڃا تائين نه نڪري سگهيو آهي ۽ مريض ڪجهه ڏينھن جي تڪليف بعد موت جي منھن ۾ هليو وڃي يا بچڻ جي صورت ۾ به هو سخت ڪمزور رهي ٿو ۽ هن جي چر پر بند ٿيو وڃي. سارس Severe Acute Respiratory Syndrome جو شارٽ فارم آهي. مريض کي ڇُھڻ سان هيءَ بيماري لڳي ٿي يا انهن شين کي ڇُھڻ سان به لڳي ٿي جن تي مريض طرفان کنگهڻ دوران ڦڙا لڳا هجن. هونءَ عام کنگهه جي مريض جا جراثيم سامهون ويٺل جي ڦڦڙن تائين پھچڻ کان اڳ مريو وڃن ۽ انهن جراثيمن جي حياتي ڪي چند سيڪنڊ به مس ٿئي ٿي، پر سارس بيماريءَ جا جراثيم چئن پنجڏينھن تائين جيئرا رهن ٿا. هڪ اهو سبب به آهي هن بيماريءَ جو سولائيءِ سان پکڙجڻ جو. هڪڙو مريض مسافر ڪنھن هوٽل جي ڪمري ۾ رهي موٽيو وڃي ۽ پوءِ ان ڪمري ۾ ٻئي ڪنھن ملڪ جو مسافر اچڻ سان هن کي بيماري لڳيو وڃي. هڪ ماڻهوءَ جي هوٽل ۾ يا ٻئي هنڌ رهڻ سان ڪمري ۾ موجود شين ۽ دروازي کان وٺي هوٽل جي لفٽ، ريسٽورنٽ جون ڪرسيون ٽيبل ۽ گهمڻ دوران بسين، ٽئڪسين ۽ مختلف دڪانن جي شين ۾ هن جا جراثيم رهجيو وڃن ۽ چئن پنجن ڏينھن تائين اهي جراثيم ٻين ماڻهن لاءِ خطرو رهن ٿا. اهڙيءَ طرح هيءَ بيماري ڏينھون ڏينھن وئي ٻين ملڪن ۾ پکڙبي. ماڻهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ ته ڇڏي ڏنو پر ضروري بزنيس ميٽنگون ۽ ڪانفرنسون به ختم ڪري ڇڏيون. چين ۾ ته وڏي واويلا شروع ٿي وئي جو اتي بيماريءَ کي ٻنجو اچڻ بدران هر روز مرڻ وارن جو تعداد وڌندو ويو، ايتريقدر جو ٻارن جا امتحان به ڪئنسل ڪيا ويا. چين جي وڏن ۽ ڳتيل شھرن ۾ رهندڙ ماڻهو شھر ڇڏي ٻھراڙيءَ ڏي ڀڄڻ لڳا. هر هڪ ڌارين جي اچڻ تي سخت چڪاس رکي ڇڏي، جيئن ڪو به سارس جو مريض سندن ملڪ ۾ نه اچي ٻين کي مريض بنائي.
هوڏانھن مسافري ڪرڻ وارا به ڊڄڻ لڳا. ڪنھن کي مجبوريءَ جي حالت ۾ ٻئي ملڪ ۾ وڃڻو پيو ٿي ته پنھنجي ملڪ جي هوائي اڏي کان وٺي منھن تي ڪپڙي جو ماسڪ چاڙهيو ٿي، ته متان نه ڪنھن جا جراثيم ساهه ذريعي هن ۾ اچن. هرهڪ هٿن تي جوراب چاڙهي رهيو هو ۽ کائڻ پيئڻ مھل اهي لاٿائين ٿي.Aids جھڙي بيماريءَ ۾ جيترا ويھن سالن ۾ ماڻهو مئا، اوترا هن بيماري سارس ۾ ويھن ڏينھن ۾ مري ويا. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جھڙا ملڪ، جن جو گذارو Tourismتي هليو ٿي، انهن جي ايڪانامي وڃي پٽ سان لڳي. هوائي جھاز خالي، ايئرپورٽ خالي، دڪان خالي، هوٽلون خالي، ڪنھن کي زندگي ارهي آهي جو هھڙي وقت انهن ملڪن ڏي نڪري. ڪھڙي خبر ته ڪھڙي شيءِ تي سارس جا جراثيم ويٺا هجن ۽ ان کي هٿ لڳڻ سان جسم ۾ داخل ٿي وڃن. هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ چين سان گڏ ماڻهن ڊپ کان ٿائلينڊ جھڙن ملڪن کي به ڇڏي ڏنو، جيتوڻيڪ اتي اڃا سارس جو هڪ به مريض نه ٿيو هو_ ان هوندي به هر هڪ ڏور اوڀر جي سڄي علائقي کان ڏور ئي رهڻ چاهيو ٿي.
آئون انتظار ڪندو رهيس جو اڃا به منھنجي وڃڻ ۾ مھينو کن هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون کي اچي اچي کنگهه به انهن ڏينھن ۾ ٿي. سارس جي وبا بند ٿئي يا نه پر منھنجي کنگهه ته بند ٿيڻ کپي نه ته هھڙي وڳوڙ ۾ (جيسين ثابت ٿئي) هرڪو سارس جو مريض سمجهندو ۽ ”کايا پيا ڪڇ نھين گلاس توڙا باره آنا“ وارو حساب ٿيندو. مھيني کان ٿورو گهڻو کنگهه هلندي رهي ٿي. ڊاڪٽرن جي چوڻ تي دوائون بدلائيندو رهيس، تڏهن به رکي رکي، ڪلاڪ ڏيڍ بعد سھي پر ٿوري دير لاءِ کنئون کنئون شروع ڪيم ٿي ۽ اها ٿوري کنئونکنئون هڪ دفعو به هوائي جھاز ۾ ٿي ته سڀ مسافر مون کي اڇوت سمجهي پاسو ڪندا۽ ڊڄي ويندا. ڀلي سڄو سفر کنگهه نه ٿئي پر جي اوساڪا جي هوائي اڏي تي اميگريشن مھل کنگهه اچي وئي ته اهاحالت ٿيندي، جيڪا ڪنھن زماني ۾ منھنجي بنگالي دوست انجنيئر فخر زمان سان ٿي. هو چٽگانگ بندر گاهه مان ولايت مان آندل ٻه ٽي الارم ڪلارڪ ٿيلهي ۾ لڪائي جھاز تان ٻاهر ڪڍي رهيو هو. جھاز تان بندرگاهه جي گيٽ تائين ميل کن جي پنڌ تي ڪنھن به انٽيلجنس جي سپاهيءَ نه روڪيس نه چڪاس ڪيس. گيٽ وٽ (آخري مرحلي تي) ڪسٽم آفيسر پڇيس ته ”ٿيلهي ۾ ڪا شيءِ ته نه اٿئي؟“
”نه ميرا ڪپڙا آهن. ڌوئارڻ لاءِ کڻيو پيو وڃان.“ فخرزمان جواب ڏنس. جنھن تي ڪسٽم آفيسر بنگاليءَ ۾ چيس ته پوءِ ’جينٽل مئن‘ ڀلي وڃ.
۽ جينٽل مئن (فخرو) جھڙي ٿيلهي جي زپ بند ڪري ٻاهر ٿي نڪتو ته سندس هڪ ’الارم ڪلاڪ‘ جي گهنٽي وڄي وئي. ڪسٽم آفيسر ٿيلهو وٺي وري کوليس ۽ اندر لڪل ٽئي الارم ڪلاڪ ضبط ڪيس ۽ گهمڻ لاءِ بندرگاهه کان ٻاهر وڃڻ بدران واپس جھاز تي موڪليائينس.
سو ان ٿوري کنگهه جي حالت ۾ به Risk کڻڻ صحيح نه هو، جو جپان جھڙن هوائي اڏن تي جنھن به مسافر ۾ شڪ ٿين ته ان کي هفتو ڏيڍ ڪئارنٽائين ۾ بند رکيو ٿي، يعني اڪيلو رکي ڏٺو ٿي ته هن کي واقعي اها بيماري آهي ۽ کيس واپس سندس ملڪ موڪلجي يا صحيح آهي ۽ جپان جھڙي ملڪ ۾ گهڙڻ ڏجيس.
منھنجي فلائيٽ جي تاريخ ۾ ڪي ڏهه ڏينھن کن بچيا ته کنگهه بنھه ختم ٿي وئي، پر سارس جي چڪر ۾ جپان ۾ هڪ ٻي ڳالهه Develop ٿي پئي ۽ انقسم جون خبرون جپان پھچڻ کان اڳ انٽرنيٽ تي جپاني اخبار Asahiمارونچي، يوموروي وغيره ۾ پڙهندو رهيس ٿي. ٿيو هيئن جو تائيوان کان جپان ۾ گهمڻ لاءِ ڏهن ڄڻن جو هڪ گروهه هفتي کن لاءِ آيو. گهمي ڦري جڏهن موٽيو ته آخري ڏينھن خبر پيئي ته انهن ۾ هڪ سارس جو مريض هو جيڪو تائيوان پھچڻ سان اسپتال حوالي وڃي ٿيو. هن جو ته جيڪو حشر ٿيو سو ٿيو پر پٺيان جپان جي ماڻهن کي پريشان ڪري ويو ڇو جو ظاهر آهي هن جا پٺيان ڇڏيل جراثيم اڃا جيئرا هئا جو اهي چئن پنجن ڏينھن تائين ٻين تي اثرانداز ٿي سگهيا ٿي. تائيوان کان آيل ان ٽولي جو گذريل چئن ڏينھن جو ٽريڪ رکيو ويو ۽ جن جن هوٽلن ۾ هو رهيا جن جن دڪانن ۽ بازارين مان هو لنگهيا، جن جن ٽئڪسين ۽ بسن ۾ هو چڙهيا، انهن جي هڪ هڪ شيءِ کي ڌوتو ويو. ان دوران ماڻهو (جپان جي عوام) وڏو گوڙ مچايو ۽ ڪي ڏينھن اخبارن ۾ ايندو رهيو ته هوائي اڏي تي ڪم ڪندڙ اميگريشن ۽ هيلٿ جي آفيسرن صحيح طرح چڪاس ڇو نه ڪئي. آخر هو پگهار ڇاجي لاءِ ٿا وٺن. عوام طرفان مليل ٽئڪس حڪومت ائين ڇو ضايع ڪري رهي آهي... وغيره وغيره. نتيجي ۾ هاڻ جپان جي هر هڪ ايئرپورٽ تي سختي ٿيڻ لڳي، خاص ڪري انهن ملڪن جي ماڻهن تي جن جي ملڪ ۾ سارس پکڙجي چڪي هئي.
منھنجي پھرين فلائيٽ ملائيشيا جي MAS هوائي جھاز ۾ هئي، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور ۽ ڪوالالمپور کان سڌي فڪوڪا (جپان) وڃي رهي هئي. ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏينھن جو Waitهو، جنھن لاءِ هوائي ڪمپنيءَ وارا هوٽل ۾ مفت رهائش ڏئي رهيا هئا، پر پوءِ جيئن ئي جپان جھڙن ملڪن مٿين قسم جو اعلان ڪيو ۽ ملائيشيا ۾ سارس ڦھلجڻ جي خبر پيئي ته هر هڪ MASجي ٽڪيٽ رد ڪري، عرب امارات وارن جي هوائي ڪمپني Emirates جي ٽڪيٽ ٺاهي، جنھن ۾ ڪراچيءَ کان پھرين دبئي وڃڻو پيو ٿي ۽ پوءِ اتان جپان جي شھر اوساڪا ۽ هڪ ٻئي جھاز ۾ ”فڪوڪا“ اچڻو پيو ٿي. پر سٺي ڳالهه اها هئي ته هنن عرب امارات وارن پنھنجن جھازن جي ٽڪيٽ ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ تائيوان جي هوائي ڪمپنين جي هوائي ٽڪيٽن کان به گهڻي سستي ڪري ڇڏي هئي. ان هوائي ڪمپني ۾ سفر ڪرڻ ۾اهو فائدو ٿيو جو جپان جي هوائي اڏن تي اسان جي گهڻي پڇا يا خواري نه ٿي، جيڪا ٻين هوائي ڪمپنين ۽ ملڪن کان آيل مسافرن جي ٿي رهي هئي.

مڱيلڌي جي ڳالهه ڪير ٻڌندو

اها سڀني کي خبر پئجي وئي ته سارس بيماري چين جي ڏکڻ واري علائقي مان شروع ٿي. چين خواريءَ کان بچڻ لاءِ ان ڳالهه کي جيترو لڪايو، اوترو اها بيماري وڌي وئي ۽ اها پاڻ دنيا کي خبر پئجي وئي ته اها بيماري چينين جي ڪتن، ٻلن ۽ سوئرن جي گهڻائيءَ ۾ گڏوگڏ رهڻ ڪري پيداٿي ۽ سڄي دنيا کي پريشان ڪيو.
جيڪي مون جھڙا جھازي يا ٻيا، چين جي هوائي اڏن واري صوبي جي ڪنھن به شھر ۾ ويا هوندا، انهن کي محسوس ٿيو هوندو ته هي پرل نديءَ جي ڊيلٽا وارو حصو ماڻهن سان ڦاٽي ٿو. اٽڪل چار ڪروڙ آدمشماري ٿيندي ۽ ان کان گهڻا سوئر، ڪڪڙيون ۽ بدڪون هونديون، جيڪي ماڻهن سان گڏ گڏ پيون هلن ۽ گهرن ۾ رهن. ميڊيڪل جا ڄاڻو جڏهن به ڪنھن فلو يا اهڙي وچڙندڙ بيماريءَ جو سوچين ٿا ته هنن کي هميشه اهو خدشو رهي ٿو ته اهڙي بيماري هتان_ يعني چين جي هن علائقي مان ئي شروع ٿي هوندي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اڄ کان ٻه اڍائي هزار سال اڳ پڻ چين مان انفلوئنزا نموني جي وبا شروع ٿي هئي، جنھن جو اثر پري پري تائين رهيو. اها بدڪن مان شروع ٿي هئي، جن کي چينين پاڻ سان گڏ رکڻ شروع ڪيو هو. دنيا جي سڀ کان مشھور وبا (پکڙندڙ بيماري) Bubonic Plague آهي، جيڪا 1347ع کان 1362ع جي وچ ۾ چين کان شروع ٿي ۽ ان وگهي اڌ يورپ ختم ٿي ويو. چون ٿا ته اها بيماري ڪوئن ۽ ڪتن تي وِهندڙ ٻگيهن مان ماڻهن کي لڳي ۽ بحر اسود جي بندرگاهن کان وٺي سسلي (اٽلي) تائين پاڻيءَ جي جھازن ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن ذريعي پکڙجي وئي. ماڻهو هن بيماريءَ ۾ ائين تکو مرڻ لڳا جو ان وقت جي تاريخ نويس Boccaccioهڪ هنڌ لکيو آهي ته :
”Eating lunch with their friends and dinner with their ancestors in paradise.”
يعني: ماڻهو جيڪي صبح جو کلندي ڪڏندي نظر آيا ٿي، اهي شام تائين قبر حوالي ٿي ويا ٿي. هن بيماريءَ ۾ اٽڪل 40 ملين ماڻهو مري ويا هئا.
1918ع ڌاري چين جي ان ڏاکڻي علائقي مان هڪ ٻي وچڙندڙ فلو Spanish Fluجي نالي سان انسان ذات کي سوئرن مان لڳي. ان زماني ۾ هن علائقي جو غريب طبقو نوڪري مزدوري لاءِ مختلف ديسن ڏي وڃي رهيو هو ۽ هيءَ هسپانوي فلو ايتري ته پکڙي جو ٻه ملين ماڻهو مري ويا هئا. ياد رهي ته چين جي ڏاکڻن صوبن ۾ ٻن صدين کان آدمشماريءَ جي گهڻائي هڪ طرف آهي ته غربت ٻئي طرف، اهو ئي سبب آهي سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا کان پئسفڪ ۽ هندي سمنڊن جي ٻيٽن ڏي جيڪي چيني ويا سي غربت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي ڏاکڻن علائقن مان ويا. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي سفرنامن ۾ مون اهڙن ڪيترن چيني وڏن ماڻهن جي زندگيءَ جو احوال لکيو آهي، جن کي مائٽڻ ڏکڻ چين جي اباڻن ڳوٺن مان ان ڪري ڪڍي ڇڏيو، جو هنن وٽ ايترا اَن ڪڻا نه هئا، جو هو پنھنجن معصوم ٻارن کي کارائي سگهن. هو پيرين اگهاڙي گهران نڪتا، سڙهن تي هلندڙ جھازن (يا بعد ۾ ٻاڦ تي هلندڙ آگبوٽن) ۾ هو ڀاڙي نه هجڻ ڪري رستي تي ٻين خلاصين سان گڏ مزدوري ڪري سنگاپور ۽ ملائيشيا جھڙن ڌارين پٽن تي پھتا.
چين جي گهڻي آدمشماريءَ کان علاوه ٻي ڳالهه جيڪا دنيا پسند نٿي ڪري، اها آهي چينين جو جانورن جي ويجهو رهڻ ۽ تقريباً هر قسم جو جيت جڻيو ۽ جانور کائڻ. پرل نديءَ جي ڊيلٽا جنھن بابت مٿي به لکي آيو آهيان، اتي ڪروڙين ماڻهن جي ڳتيل آدمشماريءَ سان گڏ اها پڻ مڃيل حقيقت آهي ته دنيا جون سڀ کان گهڻيون ڪڪڙيون، بدڪون ۽ سوئر نظر اچن ٿا.
1968ع کان 1972ع تائين اسان جو هانگ ڪانگ کان ڏکڻ چين جي مختلف بندرگاهن ۾ ڪيترائي دفعا اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. اهو مائوزي تنگ جو دؤر هو. هونءَ ئي سڄي چين ۾ سخت غربت جو عالم هو، پر چين جي هنن ڏاکڻن صوبن ۾ بيحد غربت هئي. ڪجهه غربت ڪري ۽ ڪجهه هتي جي ڪلچر ڪري ٻار ته هميشه بنا ڪڇن ۽ چڍين جي اگهاڙا نظر آيا ٿي ۽ هر گهٽي ۾ سوئر ۽ ڪتا ليٽيل نظر آيا ٿي ،جن جي وچ ۾ ٻار، ڪڪڙيون ۽ بدڪون!
سئم ڪانگ جھڙن بندرگاهن جي مارڪيٽن ۾ ڀولڙن ۽ ڪتن جو گوشت ته وڪاميو ٿي، پر نور، نوريئڙا، نانگ، ڪُميون، خبر ناهي ڪھڙا ڪھڙا جانور کاڌا ويا ٿي. پر اهو آهي ته ان قسم جا جيت جڻيا ۽ جانور کائڻ جو وڏو سبب غربت ۽ پيٽ جي باهه اجهائڻ هو، پر اڄ جو چين پنھنجي اميري ۽ دولت جو اظھار ڪرڻ لاءِ اهي عجيب قسم جا جانور کائڻ جو شوق پورو ڪري ٿو. انهن مان ڪيترا جانور مختلف ملڪن ۾ سرڪاري طرح حفاظت هيٺ هجڻ ڪري (انهن جي بچاءَ تي سخت پھرو هجڻ ڪري) يا ڪيترا جانور جيڪي چينين جي خيال ۾ مٿ مطابق مرد جي شھوت وڌائين ٿا، انهن جو ملڻ مشڪل هجڻ ڪري تمام گهڻي قيمت تي وڪامن ٿا. يا ڪيترا جانور جھڙوڪ ڪتو وغيره جيڪو ڪوريا ۾ رڌڻ پچائڻ تي جهل ناهي، (جيتوڻيڪ هاڻ مون ٻڌو آهي ته ڪوريا وارا به قانون پاس ڪري سختي ڪري رهيا آهن ته ڪتي کي رڌيو پچايو نه وڃي) ان کي ڪُھڻ بدران ڏنڊي سان ڌڪ هڻي ماريو وڃي ٿو، جنھن جو ڪوڪڙاٽ هوٽل ٻاهران پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته ڪتي کي مارڻ سان هن جي رت ۾ گرمائش اچي ٿي ۽ گوشت لذيذ ۽ نرم (Tender)ٿئي ٿو. ملائيشيا جھڙا ملڪ جتي ظاهريءَ طرح ڪتي جھڙن جانورن جي هوٽل ۾ رڌڻ تي پابندي ٿيل آهي، پر امير چيني شوقينن جو اهڙن جانورن کائڻ جي سڌ پوري ڪرڻ لاءِ هوٽلن وارا پوليس ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي وڏيون رشوتون ڏئي پنھنجن مانوارن گراهڪن کي خوش ڪن ٿا. ظاهر آهي ته اهڙي طرح شيءِ مھيا ڪرڻ جو وڏو اگهه ٿيو وڃي پر اڄ جا چيني خاص ڪري جيڪي امير ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ وڏا ڪاروبار اٿن، اهي ان کي Status Symbol سمجهي، ان تي خوب پئسي جو خرچ ڪن ٿا.
هاڻ هڪ پنگولن (ماڪوڙيون کائيندڙ) سيڙهه جھڙي جانور جي گوشت مان ڇا سواد ٿي سگهي ٿو! بقول هڪ چينيءَ جي ان جو گوشت جھڙو رٻڙ ۽ ڪاٺ جو ٻورو. يا بقول هن جي ”ڪيترين ٻلين ۽ چچين مٿان ڪھڙي به اوچي ساس ۽ڪيچپ هڻي کاءُ ته به کائڻ ۾ مزو نٿو اچي. پر رڳو هڪ ٻئي تي لئه رکڻ خاطر تها سان هي شيون ٽيسٽ ڪيون آهن، کائين ٿا.“
ملائيشيا جي شھر ”جوهور بارو“ جي هڪ هوٽل جي مالڪ جي چواڻي جيڪو پاڻ واسينگ نانگ (Cobra Snakes)رڌڻ پچائڻ جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو، ”ڪيترا چيني ماڻهو ان قسم جا جانور سواد يا بک ڪري نٿا کائين، پر شوبازي ۽ ڏيکاءُ لاءِ ته اسان وٽ ڌن دولت آهي.“
“Chinese businessmen come here to prove their wealth”
اهڙيءَ طرح کاڌي جي شوقينن کي ڪجهه هوٽل وارا پنھنجن اشتھارن ذريعي چريو ٿا بنائين، جيئن’ڪئنٽڪي چڪن فرائيڊ‘ وارن جو هڪ خاص جملو Finger Licking Good آهي، تيئن هنن هوٽل وارن جو چاهي تريل ڪوئو هجي يا رڌل ڪتو، بقول هنن جي ايڏو سوادي جو آڱريون چٽيندا وتندائو. يا وري هي هوٽل وارا پنھنجي گراهڪ کي هر وقت اها ڳالهه دماغ ۾ ويھاريندا رهن ٿا ته سندن فلاڻي يا فلاڻي رڌل جانور ۾ يا ان مٿان ٻرڪيل فلاڻي پائوڊر ۾ مردانگي وڌائڻ جي طاقت آهي.
بھرحال هن سارس بيماريءَ گهڻن چيني شوقينن جو دماغ ٺڪاڻي لڳايو آهي ته ان قسم جي جيت جڻين ۽ جانورن کي کائڻ توڙي انهن کي ڀاڪرن ۾ کڻي چميون ڏيڻ ۾ بي سوادي هڪ طرف آهي ته بيماري ٻئي طرف. هاڻ دنيا ايڏي ڳنڍجي وئي آهي جو چين جي ڳوٺ ۾ پيداٿيندڙ سارس ڪئناڊا جھڙي ڏورانھين ملڪ تائين يڪدم پھچيو وڃي. چين جي حڪومت به بدناميءَ کان بچڻ لاءِ ڏنڊو کنيو آهي ۽ جانورن جي ويجهو رهڻ يا ڪتا، ٻِلا، نانگ بلائون، ڪوئا ڪاڪروچ جھڙيون شيون هوٽلن ۾ رڌڻ تي سختي شروع ڪئي آهي_ خاص ڪري چين ۽ ڪوريا جون اهي غلط حرڪتون سندن پاڙيسري صاف سٿري ملڪ جپان لاءِ به مٿي جو سور ثابت ٿين ٿيون. ان ڪري هن ڀيري يورپ ۽ آمريڪا سان گڏ جپان به چين تي خوب ڇوهه ڇنڊيا آهن. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته جپان پنھنجي پر تڪلف فطرت ڪري چين کي اهي لعنتون ۽ بُجا ظاهري طرح نه پر هٿ تي رومال ويڙهي ڏنا آهن. ڪيترن ئي ملڪن جي اخبارن ۽ رسالن ته چين جي انهن هوٽلن جا مينيو ۽ فوٽو به ڏنا آهن، جن ۾ ان قسم جون شيون رڌيون پچايون وڃن ٿيون. پر اها ٻي ڳالهه آهي تهڪيتريون ئي اهڙيون شيون، جيڪي چينين لاءِ ڇڏڻ نا ممڪن آهن جو هو انهن شين کي بيماريءَ جي پاڙ نه پر علاج سمجهن ٿا. ڪجهه ڏينھن اڳ چين جي هڪ صوبي Jiangsu جو هيلٿ ڊائريڪٽر سارس بيماريءَ کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي نصيحت ڪري رهيو هو ته گهڻي کان گهڻا ڪوبرا نانگ کائو، جيئن توهان جي جسم ۾ گرمائش پيد اٿئي ۽ سارس جھڙين وبائن جو مقابلو ڪري سگهو.
هي ائين آهي جيئن لياقت جتوئيءَ جھڙو فيڊرل منسٽر اسلام آباد ۾ ويھي عوام کي تتر کائڻ جا فائدا ٻڌائي. اهڙي حالت ۾ تترن جي بچاءَ واري کاتي جي سپاهيمڱيلڌي شارباڻيءَ جي خيرپور ناٿن شاهه۾ ڇا هلندي جو اتي جي وڏيرن کي تترن جي شڪار کان منع ڪري.

“تماماچان” لڌڙو

گذريل پنج ڇھه مھينن کان جپان ۾ رهندڙ جپانين توڙي ڌارين لاءِ تاماچان نالي هڪ لڌڙو (Seal Fish)اهم بڻيل آهي، جنھن جون خبرون رکي رکي اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي به اينديون رهن ٿيون ۽ ماڻهو نه فقط شوق سان ٻڌن ۽ ڏسن ٿا، پر تفريح به وٺي رهيا آهن.
هي اڻ ڪوڙيل ڏاڙهي ۽ ڊگهين مُڇن وارو سامونڊي جانور ”لُڌڙو“ جنھن کي انگريزيءَ ۾ Sealسڏجي ٿو (لئٽن ۽ سائنسي نالو Erignathus Barbatus اٿس)، جپان جي اتر واري بحرِ آرڪٽڪ جي برگ سمنڊ کان خبر ناهي ڪيئن ڀُلجي يا رُلي پني يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو جي پسگردائيءَ ۾ جتي تاما TAMA ندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪري، اتي اچي نڪتو آهي ته هاڻ واپس وڃڻ جي نٿو ڪري. ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما بندرگاهن وارن علائقن۾ جتان تاما ندي لنگهي ٿي، اتي سامونڊي نظاري لاءِ آيل ماڻهن کي رکي رکي هي لڌڙو ڏيکائي ڏئي ٿو. هڪ طرف عام ماڻهو ۽ ٻار کيس پاڻيءَ مان منھن ڪڍندو ڏسي خوش ٿين ٿا ته ٻئي پاسي جانورن جي بچاءَ واريون ڪميٽيون پاڻيءَ ۾ ڄاريون وجهي کيس ڦاسائڻ جي چڪر ۾ آهن ته هي ڦاسي ته کيس هن محدود پاڻيءَ مان ڪڍي جھاز ۾ چاڙهي اتر جپان واري برنگ سمنڊ ۾ ڇڏجي، جتي پنھنجن ٻين لڌڙن سان گڏ ويڪري ۽ صاف سمنڊ ۾ هو خوش رهي. هتي تاما نديءَواري هن حصي ۾ جتي نديءَ ذريعي يوڪوهاما شھر جو گند ڪچرو اچيو ٿو لنگهي، اتي هو ماڳھين بيمار نه ٿي پوي. پر هي لڌڙو اڃا ڪنھن کي وٺ نٿو ڏئي ۽ عام پبلڪ ته اهو ئي چاهي ٿي ته هو هتي ئي رهي ۽ کيس ٻار ٻچا ڏسي پيا خوش ٿين.
جيئن ته هي لڌڙو (Seal) تاما نديءَ ۾ نظر آيو، ان ڪري هن جو پيار مان نالو ئي ’تاما_چان‘ رکيو ويو آهي. اخبارن يا ٽي ويءَ جي ڪا خبر ايندي ته خبر جو عنوان ئي هوندو ”تاماچان اڄ فلاڻي هنڌ نظر آيو“. تاماچان کي ڏسڻ لاءِ اڄ فلاڻي فلاڻي اسڪول جا ٻار ويا، جن هن کي پنھنجي خرچيءَ مان فلاڻيون فلاڻيون شيون وٺي کارايون... وغيره وغيره.
جپان ۾ مرد، عورت توڙي ست اٺ سال جي ٻار جي نالي پويان SAN(سان) ملايو وڃي ٿو، جھن جو مطلب صاحب يا صاحبه آهي. پر نئين ڄاول ٻار يا سال ٻن جي ٻار کي جپاني ’سان‘ بدران ’چان‘ سڏين، جيڪو پيار جو لفظ آهي. پر ٻڪر جھڙي ڏاڙهيءَ ۽ ٻلي جھڙين مڇن وارو هي پوڙهو کڳو لڌڙو جپان جي ٻارن ۽ وڏن کي اهڙو وڻي ويو آهي جو هن کي پيار مان ’چان‘ سڏڻ لڳا آهن، جيتوڻيڪ هن جھڙا ٻيا ڪئين لڌڙا ٽوڪيو جي ائينو ۽ اوساڪا جي چڙيا گهرن ۾ ڌوڙ پيا پائين ۽ ’چان‘ ته ڇا پر ’سان‘ سڏجڻ جا به لائق نه آهن پر هن لڌڙي جي ڀاڳ سان ڪھڙي ريس.
ايستائين ڪم پيو هلي ها ته به ڳالهه آئي وئي ٿي وڃي ها ۽ وڌ ۾ وڌ چيبا، سائتاما، ڪانا گاوا يا نگاتا ۽ فڪوشيما ۽ ٻين ويجهن ضلعن (پريفيڪچرن) تائين اها ڳالهه ماڻهن جي وات تائين هجي ها، سا به فقط جپانين تائين. جپان ۾ رهندڙ ڌاريان ته بلڪل ئي نوٽيس نه وٺن ها، پر پوءِ يوڪوهاما جي ”نشي وارڊ“ (جتان شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ وغيره Issueٿين ٿا) تن مڙئي ڪجهه مزي خاطر ۽ ڪجهه سستي مشھوريءَ خاطر تاما چان (ان لڌڙي) کي ”جيو من هيو“Certificate of Residence جاري ڪيو. جپان ۾ هن سرٽيفڪيٽ (جنھن کي جپانيءَ ۾ Jyuminhyo سڏجي ٿو)، جي اڳيانآمريڪا جو ’گرين ڪارڊ‘ به ڪجهه ناهي. هن کي هڪ قسم جو جپاني پاسپورٽ چئي سگهو ٿا، جيڪو ورلي ڪنھن غير جپاني يعني ڌارئين کي ملي ٿو. جپان ۾ ڪيترا اهڙا ڪورين ۽ چيني جيڪي Zainichi سڏجن ٿا، سالن کان رهيا پيا آهن، جن جا پيءَ يا ڏاڏا ٻي وڏي لڙائيءَ کان به پھرين اچي رهيا پر انهن مان به ڪيترن کي اڃا ”جيو منھيو“Certificate of Residence نه مليو آهي. ڪيترن جپاني مردن يا عورتن جون ڌارين ملڪن جون زالون يا مڙس هتي سالن کان رهيا پيا آهن يا ڪيترا فارينر هتي سالن کان نوڪريون ۽ بزنيس پيا ڪن ۽ جيتوڻيڪ هو Residency ٽئڪس (Juminzei) به ڏين ٿا، پر انهن کي به اهو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان جپاني حڪومت لنوايو وڃي.
۽ هاڻ جڏهن هن جانور (لڌڙي) کي اهو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، Publicity Stunt خاطر ئي سھي، ته باقي ٻين جانورن يعني جپان ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن کي بي عزتيءَ جي حد تائين اهو عجب لڳو ته هنن کي به “جيو منھيو” Certificate of Residence ڇو نه ملڻ کپي. جپان ۾ رهندڙ ڪيترا فارينر هڪ ڏينھن ته لڌڙي جي شڪل جا چوغا پائي پنھنجي منھن تي هن جھڙيون مڇون ۽ کاڏيءَ تي کنڀ وارن جو هڻي جلوس جي صورت ۾ يوڪوهاما جي هڪ پارڪ ۾ اچي گڏ ٿيا ته جيئن جپاني ماڻهن ۽ حڪومت کي خبر پوي ته سالن کان رهڻ جي باوجود هنن کي جپانين جھڙو ڇو نٿو سمجهيو وڃي، يعني اهو سرٽيفڪيٽ کينڇو نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته هو هيڏو ٽئڪس ڏين ٿا ۽ جپان جي ترقيءَ ۾ Contribute ڪن ٿا ۽ هوڏانھن هڪ ککي لڌڙي کي اهو سرٽيفڪيٽ ملي ويو، جيڪو بنا ويزا جي هن ملڪ ۾ گهڙيو، هن کي ڪا مقرر پوسٽل ائڊريس ڪانهي، ڪو ٽئڪس نٿو ڏئي، جپاني ڳالهائڻ جي قابليت نه برابر اٿس ۽ هن ان سرٽيفڪيٽ (جيو منهيو) لاءِ جپان حڪومت کي درخواست نه ڏني ۽ هيڏانھن ڪيترا اسين انسان آهيون جيڪي ان Status جي لائق آهيون، پر سرٽيفڪيٽ نٿو ملي. بھرحال ڪجهه چرچي ۽ ڪجهه نموني نموني سان، جپان ۾ رهندڙ ڌارين جپان حڪومت اڳيان آواز اٿاريو آهي ته اسان کي ريزيڊينسي سرٽيفڪيٽ ۽ فئملي رجسٽري سرٽيفڪيٽ ڇو نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته جپان OECD (آرگنائزيشن آف ايڪانامڪ ڪو آپريشن ائنڊ ڊولپمينٽ) ملڪن مان آهي. ياد رهي ته جپان ۾ ڌارين (يعني غير جپانين) کي مٿين سرٽيفڪيٽ بدران Certificate of Alien Registration ڏنو وڃي ٿو، جنھن جي گرين ڪارڊ جيتري به Value ناهي، جيڪو آمريڪا ۾ پاسپورٽ کان اڳ ڏنو وڃي ٿو.
هن لڌڙي نه فقط جپان ۾ رهندڙن جي موڊ خوشگوار ڪئي آهي پر ٽائيم، نيوز ويڪ جھڙن ڌارين رسالن ۽ اخبارن ۽ BBCجھڙن T.V چئنل تان پڻ خبرن ۾ دلچسپ مضمونن جو عنوان رهيو آهي. جپان مان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار Japan Timesجيڪا جپان ۾ سڀ کان گهڻي پڙهي وڃي ٿي، هن لڌڙي لاءِ email سروس به شروع ڪئي آهي ۽ ماڻهو هن Seal لاءِ جيڪي به دلچسپ نياپا tama-chan20@hotmail.com ائڊريس تي موڪلي رهيا آهن، اهي ڇپي پڻ رهيا آهن. هڪ ٻه مزاحيه نياپا جيڪي گذريل هفتي جي اخبارن مان نوٽ ڪيا ٿم.
• واهه واهه! تاماچان جي لئه! کيس يوڪو هاما جي ’نشي_ڪو‘ وارڊ آفيس بنا گهُرَ جي سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو. چئبو ته اهو لڌڙو جيڪو Bering Sea ۾ ڄائو ان کي ملڻ صحيح آهي، باقي جپان ۾ رهندڙ ٻين ڌارين لاءِ نه، جيڪي ڳرا ڳرا ٽئڪس ڏين ٿا ۽ هن ملڪ ۽ قوم جي خذمت ڪن ٿا.
• آئون به Seal (لڌڙو) ٿيڻ چاهيان ٿو (ٽوڪيو ۾ رهندڙ هڪ ترڪ).
• هڪ لڌڙي کي بنا درخواست ڏيڻ جي جپان جو ريزيڊنسي سرٽيفڪيٽ ملڻ اسان ڌارين لاءِ وڏي بي عزتي آهي، جيڪي سالن کان هتي جپان ۾ ڌوڙ پيا پايون (جپاني زال جو جرمن مڙس).
• ڀلا تاماچان لڌڙي سان شادي ڪرڻ سان مون کي پڻ ان سرٽفڪيٽ جو آسرو ٿي سگهندو؟ (جپان ۾ پنجن سالن کان رهندڙ هالينڊ جي هڪ ڇوڪري).
• جلدي ڪر. وارو ڪر جيئن تون لڌڙي سان شادي ڪرڻ واري پھرين ڇوڪري قرار ڏني وڃين. جي تون ان موقعي جي تاڙ ۾ نه آهين ته پوءِ ٻئي نمبر تي آئون تيار آهيان پر تاماچان ته نَر Seal آهي هن ملڪ ۾ هڪ نر جو ٻئي نر کي شاديءَ لاءِ Proposal ڏيڻ خبر ناهي ڪيئن لڳندو؟ (هڪ انگريز مرد)
• شاديءَ لاءِ Proposal جي ڪھڙي ضرورت آهي. ڊچ ڇوڪري! هڪ لڌڙو ته بالٽي ڀريل مڇين مان ئي خوش ٿي ويندو (هڪ جپانيءَ جو خط)
• تاماچان کي ته سرٽيفڪيٽ ملي ويو، مبارڪ هجيس، پر هن جھڙا ٻيا ڪيترا لڌڙا_جيڪي ٽوڪيو جي Ueno چڙيا گهر ۾ آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟ انهن کي تاماچان کان به وڏو عرصو جپان ۾ ٿي ويو آهي. لڳي ٿو ته اهيEntertainer ويزا تي ئي رهندا.
• جيڪڏهن توهان تاماچان لڌڙي سان شادي ڪندائو ته به توهان کي جپان حڪومت ريزيڊنسي سرٽفڪيٽ نه ڏيندي. وڌ ۾ وڌ تاماچان جي سرٽفڪيٽ ۾ ڏنل Pets(پالتو جانور) جي ڪالم ۾ توهان جو نالو لکندي سو به هٿ سان. (ياد رهي ته جپان جي آدمشماري وٺڻ مھل هر گهر ۾ رهندڙ پالتو جانورن جو تعداد به معلوم ڪيو وڃي ٿو ۽ جانور جي ڳچي يا ٽنگ ۾ ميونسپالٽي طرفان ڏنل نمبر هجڻ ضروري آهي. هتي جي جپاني شھرين جي ان سرٽيفڪيٽ تي انهن وٽ موجود پالتو جانور هٿ سان لکيا وڃن ٿا، جن جي مري وڃڻ يا ٻئي کي ڏيڻ يا وڪڻي ڇڏڻ تي رٻڙ سان اهو جانور سرٽيفڪيٽ تان ڊاهيو وڃي ٿو.)
• هن خط کي انگريزيءَ ۾ لکڻ سان ئي ان پويان موجود طنز مزاح سمجهه ۾ اچي سگهندو:
Concerning the consummation of the marriage- you’ve heard of “Sealed with a kiss” so I suppose this would be “kissed with a seal.”
• منھنجي خيال ۾ جپان ۾ رهندڙ اسان فارينرن کي تاماچان لڌڙي وانگر مڇون وڌائي، اگهاڙو ٿي تاما نديءَ ۾ ترڻو پوندو، پوءِ شايد يوڪوهاما جي نِشي وارڊ وارا اسان کي به ”جيو منھيو“ (ريزيڊنسي سرٽيفڪيٽ) ڏيڻ جو سوچين. (هڪ ڪورين جو خط جنھن جو پيءُ به جپان ۾ ڄائو پر سرٽيفڪيٽ اڃا نه مليو اٿس).
• منھنجي خيال ۾ تاماچان (جپانين هڪ ککي کي ڇا ته پيارو نالو ڏنو آهي!) هاڻ گائيجن (Gaijin)نه سڏبو، ڇو ته هاڻ هن وٽ ”جيو مِنھيو“ (هتي جي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ) آهي.
ياد رهي ته جپان ۾ رهندڙ ڌاريون ”گائجين“ سڏجي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي، بلڪه آئون ته اهو چوندس ته گهڻو تڻو، جپانين لاءِ گائيجن معنيٰ ”ڄٽ“ پوءِ کڻي اهو آمريڪن هجي يا يورپي! ۽ ڏٺو وڃي ته جپانين جي حد کان وڌيڪ آداب ۽ تڪلفات جي مقابلي ۾ اسان هنن لاءِ ڄٽ ئي ٿياسين. اسان وٽ ڪو گلم تي جتيءَ سوڌو اچي ٿو ته ان کي ڄٽ ٿا چئون. جپاني ته اهي آهن جيڪي گهر جي اڱڻ تي به بوٽ سان نٿا اچن. بوٽ در ٻاهران لاهيندا، پوءِ ڪپڙي جي چپل ۾ هيڏانھن هوڏانھن هلندا پر ڪمرن ۾ ته اهي به نه پائيندا. پيرين اُگهاڙا هلندا ويندي اسڪولن ۾ به ٻار پنھنجا بوٽ لاهي پوءِ ڪلاسن ۾ وڃن. سو ان قسم جي سوين آدابن جو اسين ڪٿي ٿا مقابلو ڪري سگهون.
بھرحال ڀلا ڀاڳ کِکي (لڌڙي) جا جيڪو سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد گائيجين نه سڏائيندو ۽ هو رات اندر اڻ آريي مان آري ڄام ٿي ويندو.

جپان جون ڪجهه مسجدون ۽ اسلامي ادارا

1980ع تائين ٽوڪيو ۾ فقط هڪ مسجد هئي ۽ هڪ اسلامي سينٽر، جنھن جو ڪرتا ڌرتا عبدالارحمان صديقي نالي ڪراچيءَ جو هڪ ننڍڙي ڏاڙهيءَ سان هو. ڪو پاڪستاني ڪنھن جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو هو ته عبدالرحمان صاحب هن کي مسلمان بنائڻ ۽ نڪاح پڙهائڻ لاءِ اچي نڪرندو هو. اسان جو نئون جھاز ٽوڪيو جي شپ يارڊ I.H.I۾ ٺھيو ته سرڪاري دعوت ۾،جناب عبدالرحمان صاحب کي دعا گهرڻ لاءِ وٺي آيا. ٽوڪيو ۾ ڪجهه ترڪ مسلمان نظر ايندا هئا يا وري ڪوبي ۾ (جتي پڻ هڪ مسجد آهي)، جيڪا جپان جي پراڻي مسجد چئي وڃي ٿي.
ساڳي طرح فرانس ۽ انگلنڊ جھڙن ملڪن ۾ اڄ کان ٽيھارو سال کن اڳ سؤ کن مسجدون مس هيون ۽ هاڻ انهن جو تعداد هزارن کان مٿي آهي. ٻين ملڪن ۾ ته ٺھيو پر اسٽاڪھوم، مالمو (سئيڊن)، هيلنسڪي (فنلئنڊ) جھڙن هنڌن تي مسجدون ڏسي تعجب لڳي ٿو. اهو ئي حال اڄ جي جپان جو آهي. اڄ جپان جي ڪيترن ئي شھرن ۾ مسجد ۽ اسلامي تعليم ڏيڻ جا ادارا آهن. بقول هڪ يورپي ڏاهي جي: “Islam is the fastest growing religion” . هن اهو چوٿون صدي کن اڳ چيو هو، پراڄ چوڌاري نظر ٿي ڊوڙائجي ته مڃڻو پوي ٿو ته ان ۾ واقعي سچائي آهي. اڄ کان ويھارو سال کن اڳ تائين مون سان گڏ جھاز هلائيندڙ ساٿي اڄ جپان ۾ مسجدن جو وڌيل تعداد ڏسن ته تعجب کائين. ڪجهه مسجدون جيڪي هن وقت جپان ۾ ڏسي رهيو آهيان يا جن جون ائڊريسون/ فون نمبر نوٽ ڪيا اٿم، هتي ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.

* ٽوڪيو جامع مسجد
ڪوبي مسجد وانگر هيءَ پڻ جپان جي پراڻي مسجد آهي ۽ 1938ع ۾ ٺھي، پر پوءِ ڊگهي عرصي ۽ لڳاتار زلزلن ڪري هيءَ شھيد ٿيڻ لڳي ۽ 1986ع ۾ هن کي ڊاهي اڄ واري نئين مسجد ٺاهي وئي آهي. هن مسجد ۾ روز جي پنج وقت نماز کان علاوه جمعي نماز به پڙهائي وڃي ٿي. هيءَ مسجد ٽوڪيو جي يويوگي اُئي هارا اسٽريٽ تي آهي، جتي پھچڻ لاءِ توهان ‘اوداڪيو’ يا ’چيودا‘ ريل لائين وٺي سگهو ٿا.
Address: Tokyo 151,0065 Shibuya-Ky, Ooyamamachi 1_16.
Tel: No: 03-5790-0760

*”هِيرواو“ مسجد ۽ عربي اسلامي انسٽيٽيوٽ
هيءَ مسجد ٽوڪيو جي خوبصورت علائقي گنزا جي ڀرسان Hirooگهٽيءَ ۾ آهي، جتي سب وي Hibiya لائين ذريعي پھچي سگهجي ٿو. هتي فقط جمعي نماز ٿئي ٿي. هونءِ هيءَ مسجد ۽ ادارو ڏسڻ وٽان آهي_ خاص ڪري رمضان ۾.
Address: Tokyo 106-0046 Minato-ku, Moto Azabu 3-4-18
Tel: / Fax: 03-3404-6622; 03-3404-8622

* اسلامڪ سينٽر آف جپان
هي ٽوڪيو جي شيمو ڪيٽازاوا گهٽي ۾ آهي، جتي روزانو پنج وقت نماز ۽ جمعي نماز کان علاوه مسلمانن ۽ غير مسلمانن کي اسلامي ڄاڻ مھيا ڪئي وڃي ٿي.
Address: Tokyo 156-001 Steagaya-ku Oohara 1-16-11
Tel: 03-3460-6169, 03-3460-6105

* اوتُسوڪا مسجد
هيءَ مسجد پڻ ٽوڪيو ۾ آهي ۽ اڪِيبُو ڪُورو ڀرسان Otuska گهٽيءَ ۾ آهي. هيءَ مسجد هاڻ ويجهڙئيءَ ۾ (ڊسمبر 1999ع) ۾ ٺھي آهي. پنج وقت نماز ۽ جمعي نماز کان علاوه تبليغ جي ڪمن ۾ هيءَ مسجد تمام گهڻو Active آهي. ڪيترائي هتي جا مڪاني ماڻهو (جپاني) اسلام بابت ڄاڻ هتان حاصل ڪن ٿا. هن مسجد جي نگھباني ۽ خدمت Japan Islamic Trust پاران دين جو ڀاءُ هارون ڪري ٿو. هن مسجد ۾ پھچڻ لاءِ يامانوتي يا مارُونائوچي ريلوي لائين وٺي سگهجي ٿي.
Address: Tokyo 170-005, Toshim-Ky, Minami Otsuka 3-24-7
Tel: 03-3971-5631, 03-5950-6310

* اِڪي بُو ڪُورو موشالا
هتي جمعي نماز پڙهڻ جو بندوبست آهي ۽ سب وي مارونائوچي يا يوراڪوچو ريل گاڏيون پھچن ٿيون.
Address: Tokyo Toshima-Ky.Nishi Ikebukuro 1-2-3-401
Tel: 03-3985-4669

* شِن اوڪُوبو موشالا
هتي جمعي جي ۽ روز جي نماز ٿئي ٿي. هيءَ مسجد ٽوڪيو جي خوبصورت علائقي ”شنجوڪو“ جي شِن اوڪو بو گهٽيءَ ۾ آهي، جتي ياما نوتي لائين ذريعي ڀر واري گهٽي ۾ اوڪوبو ۾ لَھي سگهجي ٿو. هن جا آرگنائيزر ميانمار (برما) جا مسلمان ڀائر آهن. هن ۾ عورتن کي اچڻ لاءِ جهل آهي.
Address: Shinjuku-ku-Hayakunicho- 2-10

* شِي بُويا مُوشالا
جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ هيءَ عبادت جي جاءِ شي بويا گهٽي ۾ آهي ۽ ٽوڪيو جي مين شاپنگ سينٽر گنزا کي تمام ويجهو آهي. هتي پھچڻ لاءِ يامانوتي يا هان زو مون ريل ذريعي پھچي سگهجي ٿو.
: Shibuyaku Dougenazaka, Sagas_Bldg. 11FR 1107 Address

* دارالارقام (اساڪسا مسجد)
هتي جمعي ۽ روز جي نماز کان علاوه واعظ به هلي ٿو. هيءَ مسجد ۽ ادارو ICOJ (اسلامڪ سرڪل آف جپان) طرفان اوئي نو ۽ مينامي سينجو جي ڀرسان اساڪسا گهٽيءَ ۾ آهي. پھچڻ لاءِ سب وي اساڪسا لائين يا گنزا لائين ذريعي پھچي سگهجي ٿو.
Address: Tokyo 111-0025 Daitou-ku Higashi Askausa 1-9-12
Tel: 03-387-6061

* مڪي مسجد (اوهيانا جايا)
هيءَ مسجد پڻ ٽوڪيو جي علائقي ۾ اوهانا جايا گهٽي ۽ تاتيئشي گهٽي ءَ جي ڪراسنگ تي آهي ۽ Keisei ريل ذريعي پھچي سگهجي ٿو. هن مسجد جا آرگنائيزر ”مرڪز تبليغ“ وارا آهن. مسجد ۾ روز جي نماز ۽ جمعي نماز پڻ ٿئي.
Address: Tokyo 124_001 Katsu Shikha_Ku: Yotusgi 5_22-14

* بالائي انڊونيشيا، SRIT(ميگورو)
هي جپان ۾ رهندڙ انڊونيشي مسلم ڪميونٽي وارن جو ادارو آهي، جتي فقط جمعي نماز جو بندوبست آهي. هتي پھچڻ لاءِ يامانوتي ريل ذريعي ميگورو گهٽيءَ واري اسٽاپ تي لھجي.
Address: Tokyo 152-0063 Meguro-Ku- Meguro 4-6-6
Tel: 03-3715-6459.

مٿيون سڀ مسجدون ٽوڪيو جي مختلف علائقن جون آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽوڪيو وڏو شھر هجڻ ڪري ڪا مسجد ڪھڙي ڪنڊ ۾ آهي ته ڪا ڪھڙيءَ ۾، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪا ملير ۾ هجي ته ڪا ڪلفٽن ۾ ۽ ڪا نارٿ ناظم آباد ۾. ’موشلا‘ اهي جايون آهن، جيڪي نماز لاءِ مسواڙ تي ورتل آهن.
مسجد اوتسوڪا جيڪا ٽوڪيو جي منامي اوتسوڪا واري علائقي ۾ آهي، جنھن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته ڊسمبر 1999ع ۾ ھيءَ ٺهي راس ٿي، جي ٺھڻ تي ٽي ڪروڙ رپيا خرچ آيو، جنھن مان اڌ کن پئسا جپان ۾ رهندڙ مسلمانن ڏنا ۽ باقي پئسا ٻاهرن ملڪن کان آيل چندي مان پورا ڪيا ويا.ان ۾ وڏو حصو سعودي عرب جي شھزادي سلطان بن عبدالعزيز ڏنو ۽ ڪجهه ”رابطه عالمِ اسلامي، مڪه مڪرمه“ کان مليو.
مسجد جي Opening Cermony چوٿين فيبروري 2000ع تي خانه ڪعبه جي خطيب ۽ امام مرحوم ڊاڪٽر عمر بن محمد اسبيل ڪئي.
هيءَ مسجد اَوتُسوڪا گهمڻ لاءِ غير مذهب جي ماڻهن، خاص ڪري جپانين جي همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي. مسجد جا خدمتگار نه فقط هيءَ مسجد گهمائين ٿا پر توحيد تي ليڪچر ڏين ٿا ۽ نماز پڙهڻ سيکارين ٿا. مسجد جي آرگنائيزرن ٻڌايو ته هن مسجد کي ڏسڻ ۽ اسلام بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي جپاني اڪيلي سر يا گروپن جي شڪل ۾ ايندا رهن ٿا. اسان طرفان کين فقط هي ڪجهه گذارشون آهن.
* ڪوشش ڪريو ته هن مسجد جي پاڙي ۾ رهندڙن جي آرام يا ڪم ڪار ۾ ڪو رخنُو نه پوي.
* مسجد وٽ پارڪنگ ملڻ ڏکي آهي. پاڙيسرين جي گهر اڳيان گاڏي بيھاري، هنن کي ڊسٽرب ڪرڻ کان بھتر آهي ته ڀر واري بس اسٽاپ يا سب وي تي ريل رستي اچو، جتان مسجد تائين ٽن چئن منٽن جو پنڌ آهي.
* گرائونڊ فلور تي ليڊيز سيڪشن ۾ مردن کي وڃڻ جي اجازت ناهي.
* مسجد ۾ گهڙڻ کان اڳ عورتن لاءِ ضروري آهي ته هو ڪپڙي (Scarf) سان مٿو ڍڪين.
* مسجد ۾ سگريٽ نوشي منع آهي.
* پاڻ سان گڏ ڪا به خطري واري شيءِ (گاسليٽ، پيٽرول وغيره) آڻڻ جي منع آهي.
* مسجد ۾ سمهڻ جي اجازت ناهي.
* مسجد ڇڏڻ وقت پاڻ سان آندل شيون ياد ڪري واپس کڻي وڃو.
* مسجد اندر پنھنجا موبائيل فون بند رکو.
* غير مسلم مسجد ۾ لڳل انٽرڪام ذريعي مسجد جي آفيس وارن سان ضرور Contactڪن.

* ٽوڪيو کان ٻاهر واريون مسجدون

*”اِچي نوواري“ مسجد
اها مسجد سندس نالي سان پيل گهٽي Inchinowari ۾ يوڪوهاما شھر جي ڀر واري علائقي سائيتاما ۾ آهي، جتي روز جي نماز کان علاوه جمعي نماز به پڙهائي وڃي ٿي. هتي Tobu-Isesaki ريل ذريعي پھچي سگهجي ٿو. مسجد جي آرگنائيزر Markaz I Shlaho Tarbiya (تبليغ جماعت) آهن ۽ ائڊيس هن ريت آهي:
Address: Satiama 344-0033, Kasukabe, Shi Bingo Nishi 1-16
Tel: 048-736-2767

* چيبا شھر ۾ گيتوڪُو گهٽيءَ ۾ روز جي نماز ۽ جمعي نماز لاءِ هيرا مشالا نالي مسجد
Tel: 047-395-8449, 047-398-0261.
* ياما تاچي شھر ۾ مسجد جتي پڻ روز جي پنج وقتن کان علاوه جمعي نماز پڙهائي وڃي ٿي.
*تودا مسجد
هيءَ مسجد سائيتاما ۾ آهي ۽ پنج وقت روز جينماز کان علاوه جمعي نماز به پڙهائي وڃي ٿي.
Tel: 048-343-8350, 048-434-8351
*ياشينو مسجد، سائيتاما
هيءَ مسجد پڻ سائيتاما ۾ آهي ۽ مٿين مسجدن وانگر هن جو به فقط فون نمبر لکڻ ڪافي سمجهان ٿو.
Tel:090-4920-6502

* تسو ڪوبا مُوشالا، اباراڪي
هيءَ مسجد اباراڪي شھر ۾ آهي، جيڪا Tsumra (تُسوڪوبا مسلم ريزيڊنٽس ايسوسئيشن) وارن طرفان آهي. هتي پڻ رو ز جون پنج نمازون ۽ جمعي نماز پڙهائي وڃي ٿي، هتي جو فون نمبر ته ملي نه سگهيو پر ائڊريس هن ريت آهي:
Address: Ibaraki 305-0821 Tsukuba-shi
Kuasuga 2-31-1 Bella Kasuga 113.

* تسوموا ضلعي ۾ هڪ مسجد آئي سيساڪي، گنما ۾ آهي. گنما جي ساڪائي ماچي اسٽريٽ تي هڪ ”ساڪائي ماچي“ نالي مسجد پڻ آهي. (فون نمبر 2258-47-0270) جتي پڻ پنج وقت روز جي ۽ _ جمعي نماز پڙهائي وڃي ٿي. ڪاناگاوا ضلعي ۾ ماچيدا واري مسجد، ايبينا واري مسجد ۽ فوجي ساوا واري مسجد_ جن سڀني ۾ روز جون ۽ جمعي نمازون پڙهايون وڃن ٿيون.
ان کان علاوه جپان جي ٻين شھرن ۽ ٻيٽن تي ڪيتريون ئي مسجدون آهن، جيئن جپان جي اتراهين ٻيٽ Hokkaido جي گاديءَ واري شھر ساپورو ۾ ”هوڪائيدو اسلامڪ سوسائٽي“(HIS) جي نگهباني هيٺ ٺھيل مسجد.
* سينڊائي شھر ۾ (ICCS) اسلامڪ ڪلچر سينٽر سينڊائي جي بندوبست هيٺ هلندڙ مسجد (فون: 2820-268-022) جتي رڳو جمعي نماز ٿئي.
* ناگوڪا شھر ۾ ناگا اوڪا مسلم ايوسيئيشن(NAMASS)طرفان.
* نگاتا ضلعي جي Iwata شھر ۾ ايواتا مرڪز طرفان (فون: 1370-33-0538)
* نگويا شھر ۾ ٻه مشھور مسجدون: شن انجائو مسجد ۽ نگويا مسجد_ جن جا فون نمبر هن ريت آهن: 7678-74-0566 ۽ 2380-486-052
* ڪيوٽو (جپان جي پراڻي گاديءَ واري شھر) ۾ ڪيوٽو مسلم ايسوسيئيشن وارن جي مسجد.
* ڪوبي شهر ۾ هتي جي سڀ کان پراڻي مسجد ڪوبي مسجد جيڪا 1935ع ۾ ٺھي ۽ ڪوبي شھر جي ”سن نومِيا“ اسٽيشن وٽ آهي (فون: 6060-231-078)
* ڪيوشو ٻيٽ جي شھر فڪوئوڪا ۾ ”ڪيوشو يونيورسٽي مسلم اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن“KUMSAطرفان هتي رهندڙ مسلمانن لاءِ نماز روزي جو بندوبست آهي.

ٻئي جي ڪلچر جي سڃاڻپ لاءِ

جپان ۾ هيڏي Modernization اچڻ باوجود پراڻيون رسمون رواج، ريتون وهنوار ۽ وهم وسوسا اڄ به ڪيترن ئي هنڌن تي ساڳيا هلندا اچن.
ڪيترين ئي جپاني فئملين ۾ اڄ به اهو وڏي پٽ تي فرض آهي ته هو ۽ هن جي زال ماءُ پيءُ جي مرڻ گهڙي تائين خدمت ڪن. ان ڪري ڪيتريون ئي جپاني ڇوڪريون ڪنھن به خاندان جي وڏي پٽ سان شادي ڪرڻ کان لنوائين ٿيون، ڇو جو هنن کي مڙس جي ته خدمت ڪرڻي پوندي پر سس سھري جي پڻ. بھرحال اها ٻي ڳالهه آهي ته، ماءُ پيءُ پنھنجي سموري ملڪيت يا ان جو وڏو حصو پنھنجي وڏي پٽ جي ئي حوالي ڪن.
ڪنھن خاندان ۾ پٽ نه هوندو آهي ته وڏي ڌيءُ جو مڙس پنھنجي سھري جي خدمت توڙي ڪاروبار هلائڻ جي جوابداري کڻندو آهي ۽ ڪيترا ته پنھنجي ذات به مٽائي زال جي يعني سھري جي رکن. ان صورت ۾ به عورت کي يعني ڌيءَ کي گهڻي خدمت ڪرڻي پوي ٿي. هونءَ ئي جپاني معاشري ۾ عورت جو سر هليو وڃي. نوڪر چاڪر رکڻ جو ته رواج ئي ڪونهي، گهر جي صفائي، ڪپڙا گنديون ڌوئڻ ۽ استريءَ کان وٺي مڙس ۽ ٻارن جي خدمت چاڪري ڪرڻ هن لاءِ ضروري آهي. سڄو ڏينھن ڏسبو ته جپاني عورتون پيون گهر ٻھارينديون ۽ پوچا ڏينديون. سندن مڙس هر وقت سونڊيا ڦُوڪيا هلندا ۽ زالون هر وقت راڻي کي ريجهائڻ ۾ پوريون هونديون. جپاني عورت سُک جو ساهه تڏهن کڻي ٿي، جڏهن مڙس جو ساهه نڪري ٿو.
آئون هڪ جپاني فئمليءَ کي سڃاڻان ۽ هينئر به منھنجي ساڻن ملاقات ٿيندي رهي ٿي. زال مڙس ٻئي پوڙها آهن پر تڏهن به مڙس جو هر ڪم سندس زال ڪندي رهي ٿي. اولاد ۾ پٽ نه اٿن سو سندن اڪيلي ڌيءَ پنھنجي مڙس سان گڏ هنن سان گڏ رهي ٿي. ڌيءَ وڏي شوقين ۽ مغرب جي آزاد سوسائٽيءَ کان متاثر آهي، جنھن معاشري ۾ عورت به ڏندين ڏاند آهي. هن جي وڏي خواهش هئي ته ڪنھن آمريڪن سان جيڪر شادي ٿئي ها پر هاڻ جپانيءَ سان شادي ڪري، سڄو ڏينھن ويٺي هن جي خدمت ڪري. پاڻ الڳ ۽ سندس ماءُ الڳ پنھنجن مڙسن جون شڪايتون ڪنديون رهن ٿيون. وري ماءُ ڌيءَ پنھنجن مڙسن جون هڪ ٻئي سان دانھون ڪنديون ته وهنجي نڪرن ٿا ته باٿ روم کي پوچو به نٿا ڏين. سڄي گهر جا ڪپڙا ڌوئي سڪايون ٿيون پر کانئن پنھنجا ڪپڙا به استري نٿا ٿين. پٽاٽا بصر به خود مارڪيٽ مان وٺي ڳريون ٿيلهيون کڻي گهر اچي رڌ پچاءُ ڪريون پر کانئن پنھنجا ٿانوَ به نٿا ڌوپن. در اصل جپاني سوسائٽي اهڙي آهي جو اِهي سڀ ڪم عورت جا ليکيا وڃن ٿا. ڪو مرد جيڪڏهن گهر ۾ استري ڪندو يا ٿانوَ ڌوئيندو يا بوٽ پالش ڪندو ته عورت خود ئي ڪرڻ نه ڏيندس جو ٻيو ڪو ڏسي وٺندو ته هن تي (زال تي) کلندو ته، ڪھڙي ڪاهل ۽ بي وفا آهي. بھرحال مٿين فئمليءَ جي ڇوڪري انگريزي فلمون ۽ آمريڪن ناول پڙهي پڙهي پنھنجي جپاني سوسائٽيءَ مان سخت بيزار ٿي پئي آهي ۽ وري اهڙي وات ڦاٽي آهي جو هڪ ڏينھن کلندي چوي ٿي ته خبر ناهي ڪڏهن اسان (ماءُ ڌيءُ) جا مڙس مرندا جو اسين عيش ڪنديونسين.
جپاني ڇوڪريون پنھنجا جپاني يا ڌارين ملڪن جا بواءِ فرينڊ ٺاهينديون پر هو شاديءَ کان اڳ ڌار فليٽ ۾ نه رهنديون، جيئن يورپ پاسي عام آهي. هتي جپاني ڇوڪرو ڇوڪري ملندا ضرور پر رهندا ماءُ پيءَ سان، جيسين شادي ٿئين. هر بلڊنگ جي هر فليٽ ۾ سادي شده فئملي نظر ايندي.
اڄڪلهه هڪ جپاني ناول ’ماڪِي اوڪا‘ (Makioka) ڀيڻيون تمام ٽاپ تي پيو وڃي. ان ۾ وڏي ڀيڻ يوڪيڪو شادي نٿي ڪري، ان ڪري ننڍي ڀيڻ تائيڪو جي شادي نٿي ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ هن لاءِ رشتا ايندا رهن ٿا. آخر ننڍي ڀيڻ اهو سوچي ته وڏي ڀيڻ يوڪيڪو شادي نٿي ڪري، ان ڪري منھنجي به عمر هلي ويندي، هوءَ پاڙي جي هڪ ڇوڪري سان (جنھن سان هن جو عشق هلي رهيو هو ۽ جي وڏي ڀيڻ شاديءَ لاءِ راصي ٿئي ها ته تائيڪو جي شادي سندس پسند جي هن ڇوڪري سان هونءَ به ٿي وڃي ها)ڀڄي ٿي وڃي. اها ڳالهه نه ڇوڪر جا نه ڇوڪريءَ جا مائٽ پسند ڪن ٿا ۽ ٻنهي کي آخر ڳولي ڳولي پنھنجي پنھنجي گهر وٺي اچن ٿا.
هونءَ جپاني يا ڪنھن ٻي قوم جي ڪلچرل اسٽڊي ڪرڻي آهي ته ان کي ان جي ملڪ ۾ وڃي ڏسجي، ان جي سوسائٽي ۾ رلي ملي وڃجي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي ته انهن جي زبان جي واقفيت رکجي. ملائيشيا توڙي جپان منھنجو ڏهه سال کن جھاز ايندو رهيو. بندرگاهه ۾ ايندو هو ته ملائيشيا يا جپان جا ماڻهو جھاز تان سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ، جهاز جي مرمت لاءِ يا اسان وٽ جھاز جي ڊائيننگ هال ۾ ويھي ماني ٽڪي کائڻ لاءِ ايندا رهيا ٿي پر صحيح معنيٰ ۾ سندن يا سندن ڪلچر جي سڃاڻپ ۽ سمجهه تڏهن ٿي، جڏهن انهن ٻنهي ملڪن ۾ جھاز ڇڏي سندن شھرن، محلن ۽ گهٽين ۾ رهڻ لڳاسين ۽ پوءِ اسان کي نه فقط انهن ماڻهن جون ريتون رسمون ۽ عادتون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون پر ڪلچر پڻ. ساڳي طرح سئيڊن ۾ پڻ ٿيو. ڪيترا دفعا يورپي_خاص ڪري Scandinavia جا ماڻهو ٻين ملڪن ۾ مليا هوندا، ڪيترا دفعا اسان جو جھاز ناروي، ڊئنمارڪ توڙي سئيڊن جي بندرگاهن ۾ ويو هوندو پر هنن جي ڪلچر جي صحيح تصوير دماغ ۾ تڏهن ويٺي، جڏهن لڳاتار ٻن سالن لاءِ اتي جي ماڻهن سانگڏ اتي جي گهٽين ۾ رهڻ ٿيو. ڪنھن به ماڻهوءَ کي هن جي پنھنجي ماحول ۽ معاشري مان ڪڍي ٻئي هنڌ هن کي يا هن جي ڪلچر کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندائو ته توهان کي مختلف روپ نظر ايندو. جيئن اسان جا ڪيترا قومي اخبارن جا جرنلسٽ اسلام آباد ۾ ويھي سنڌ بابت لکن ٿا يا ڪيترا گورا (آمريڪن توڙي يورپي) واشنگٽن ۽ جنيواجي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ويھي اسان تي ۽ اسان جي مذهب بابت لکن ٿا. ان ڪري انهن جون ڪيتريون ڳالهيون حقيقت کان ڏُور ثابت ٿين ٿيون.
سئيڊن ۾ هڪ جرنلسٽ ايران ۾ رهندڙ عورتن بابت عجيب ظلمن جون ڳالهيون ٻڌايون. مون کانئس پڇيو توکي ڪيئن خبر پيئي؟
”هتي هڪ ايراني عورت پنھنجو ملڪ ڇڏڻ ۽ اسان جي ملڪ سئيڊن جي قوميت وٺڻ دوران اهي ڳالهيون ٻڌايون.“ هن ٻڌايو. هن جي دماغ ۾ ايراني مرد ۽ اسلام بابت ڪيڏو ته غلط Image هو. ڪاش هوءَ ايران وڃي خود تحقيق ڪري ها ته مختلف روپ نظر اچيس ها.
آمريڪن مشھور ناول Moby Dick ۾ ان قسم جي غلط ڪلچر جي کوجنا بابت ناول جو هڪ ڪردار اشماعيل(Ismael) واهه جو مثال ڏئي ٿو. اشماعيل وهيل مڇين جي کوجنا پوري محنت سان ڪري ٿو. هڪ مڇي ڪناري تي اچڻ تي هن جي ڪو تصوير چٽي ٿو، جنھن کي ڏسي هو تعجب کائي ٿو۽ سوچي ٿو ته، هن قسم جي پياري جانور جي ڪناري تي ويھي ڪو به هوبھو شڪل چٽي نٿو سگهي. هو جڏهن اونهي سمنڊ ۾ ترن ٿيون ته، هنن جي جسم جي Shape ڪجهه ٻي ٿيو وڃي. ڇو جو هڪ دفعو هنن جانورن کي اونهانين مان، جتي چوڌاري سمنڊ جو وڏو پريشر آهي، ٻاهر ڪناري تي آڻڻ سان هنن جي بدن جي صورت ئي بدلجيو وڃي. وهيل مڇيءَ کي وهيل مڇيءَ جي صورت ۾ ڪو ڏسڻ چاهي ٿو، اشماعيل کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن کي اونهي سمنڊ ۾وڃي ڏسڻ کپي.
اهڙيءَ طرح ڪنھن بابت اسان صحيح ڄاڻ رکڻ گهرون ٿا ته، ان جي ئي ملڪ ۽ ماحول ۾ وڃڻ کپي. بقول موبي ڊڪ جي اشماعيل جي:
“We must be prepared to become deep-divers.”

جپاني_ چاڪين جا ڍڳا

جپانين کي غور سان ڏسڻ سان هنن جا ڪيترا ڪم (Actions) روبوٽ وانگر لڳندا. صبح جو گهران نڪري پنھنجو فوٽ پاٿ ڏئي بس اسٽاپ تائين پھچندا. فوٽ پاٿ تي ڪنھن جي ڪا شيءِ ڪِري پوڻ تي هڪدم بيھي رهندا، جيسين هو اها کڻي هلڻ لاءِ فوٽ پاٿ خالي ڪري. ان وقت کڻي ٽريفڪ نه هجي پر فوٽ پاٿ تان قدم هيٺ لاهي ٻه چار وکون ان رستي تان نه هلندا، جيڪو لارين موٽرن لاءِ آهي. بس م به چڙهڻ بعد پٺيان هليا ويندا، جيئن ٻين جي چڙهڻ لاءِ جاءِ ٿئي. اهڙي طرح سندن ٻيا سوين ائڪشن. اسان ائين ئي پيا هلنداسين ۽ اهڙا قاعدا جن جي ڀڃڪڙي ڏوهه جو ڪم ناهي آرام سان پورا ٿي سگهيا ته واهواه نه ته مڙيئي خير آهي ۽ اها ئي ڳالهه اسان کي جپانين کان ڌار ڪري ٿي. هنن لاءِ هڪڙا ”پاڻ“ آهن، يعني جپاني ۽ ٻيا مڙيئي ”گائيجن“ جن ۾ يورپي، آفريڪي اسين ايشين _ مطلب ته سڀ گرا گنجا اچي وڃن ٿا.
رستي هلندي شل نه ڪنھن جپانيءَ کان_ مرد توڙي عورت کان، ڪنھن بس اسٽاپ، دڪان يا آفيس وغيره جو ڏس پڇو. بس روبوٽ (صاحب/ صاحبه) پريشان ٿي ويندا. اسان وٽ يا ٻين ملڪن ۾ ڪنھن کي معلوم نه هوندو ته چوندو مون کي ڪھڙي خبر. يا فضيلت سان جواب ڏيندو ته به وڌ ۾ وڌ چوندو ”آءِ ايم ساري! مون کي خبر ناهي ياآئون پاڻ هتي نئون آهيان.“
پر جپانيءَ کي ڀلي خبر نه هجي، ڀلي نئون هجي، هو توهان جي مشڪل آسان ڪرڻ لاءِ پيو زور لڳائيندو. هيڏانھن هوڏانھن ڊوڙندو، ٻين کان پڇندو.... ايتريقدر جو توهان بيزار ٿي پوندا ته توهان اجايو پڇيو، هاڻ رڳو جان ڇڏي. کيس پريشانيءَ جي حالت ۾ ڏسي توهان کي هن تي قياس پيو ايندو.
هڪ دفعي ڪيٽا ڪيوشو شھر جي ڪَوڪُورا (Kokura) ريلوي اسٽيشن وٽ، هتي جي هڪ مارڪيٽ ۾ بيٺو هوس. جيئن آمريڪا ۾ One Dollar شاپ ٿين ٿا، جن ۾ هر شيءِ ڊالر جي ملي ٿي يا مڪي ۽ مديني ۾ به ڪيترا اهڙا دڪان آهن، جن ۾ هر شيءِ ٻن يا ٽن ريالن جي ملي. اهڙي طرح جپان ۾ هر شھر ۾ ”سؤ يين“ وارا دڪان به ٿين، جن ۾ تمام گهڻيون شيون ۽ قيمت جي حساب سان سستيون ٿين ۽ ماڻهن جي انهن دڪانن ۾ پيھه پيھان هوندي آهي. هتي ڪيٽاڪيوشو شھر ۾ اهڙو هڪ تمام وڏو دڪان ”چاچاچا ٽائون“ ۾ آهي، جيڪو مارڪيٽ نما ٽائون ”سناتسو“ بس اسٽاپ وٽ آهي. احسن ۽ ايمان وارن (منھنجي ڏوهٽن) جو اسڪول پڻ اتي ئي آهي، سو شام جي وقت ڪڏهن کين وٺڻ ويندو آهيان ته وقت هجڻ جي حالت ۾ اتي چاچاچا ٽائون ۾ چڪر هڻندو آهيان ، خاص ڪري ان سؤ يين واري دڪان ۾.
ڪنھن ٻڌايو ته اهڙا ٻه دڪان ڪَوڪُورا ريلوي اسٽيشن کان ”هاءِ وا دوري“ ڏي ويندي اچن ٿا. مون ڪَوڪُورا کان هاءِ وا دوري بس اسٽاپ تائين چڪر هنيا، پر جنھن ڊگهي مارڪيٽ ۾ مون چڪر هنيا ان ۾ مون کي نظر نه آيا. ٿڪجي گهر موٽڻ لاءِ ’هائي وا_دوري‘ بس اسٽاپ تي بس لاءِ اچي بيٺس ته هڪ بس ان وقت نڪري وئي. جيسين ٻي بس اچي. مون کي کٽيءَ کنيو جو ڀر ۾ بيٺل هڪ عورت کان پڇي ويٺس ته هتي ”سؤ يين“ وارو دڪان آهي، پر مون کي ملي ڪونه ٿو. بس منھنجو پڇڻ ۽ هن جو وڏي اعتماد سان ’ها‘ ڪرڻ، جنھن کي مون اهو سمجهيو ته هن کي ڪا دڪان جي خبر آهي، جنھن لاءِ ”ها“ ڪيو اٿس. جيتوڻيڪ هن جو ’ها‘ مان مطلب اهو هو ته هوءَ ڳولي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هوءَ هڪ گهٽيءَ مان ڦيرائي مون کي ٻيءَ ۾ وٺي ٿي آئي، آئون ٿڪل ته اڳھين هوس، هن ويتر ٿڪائي رکيو. وري پنهنجي منهن ڪنهن دڪاندار کان پڇيو اچي، جنهن کي پڻ ڪا خبر نه هجي ۽ هيءَ مون کي وري ٻي گهٽي ۾ وٺيو هلي ۽ آئون ان سوچ ۾ ته اجهو اهو ملي ويو. آخر جان ڇڏائڻ لاءِ چيومانس ته ائين ئي پڇيم ٿي، شايد اهو دڪان نه هجي.
”نه آهي، مون کي خبر آهي.“ هن چيو.
”ڪٿي آهي؟“ مون روبوٽ کان پڇيو. روبوٽ چيو، ”اچ“، پوءِ هوءَ تکو سامهون واري بس اسٽاپ ڏي وڌڻ لڳي، جتان بس ”آسانو“ ۽ ”سناتسو“ بس اسٽاپ ڏي وڃي ٿي، جتي چاچاچا ٽائون آهي. رستي تي مون کي يڪدم خيال اچي ويو ته، هيءَ مون کي ساڳي چاچاچا ٽائون واري ”سؤيين“ واري دڪان ڏي بس ۾ وٺي هلڻ ٿي چاهي.
”ڪٿي تون چاچاچا واري دڪان ۾ وٺي ته نه پئي هلين؟“ مون پڇيومانس. هن هائوڪار ۾ ورندي ڏني ۽ مون ٻڌايومانس ته ان دڪان جي خبر آهي. بھرحال ان ڀڄ ڊڪ بعد موٽي پنھنجي بس اسٽاپ تي پھتاسين ته، ٽي چار بسون لنگهي چڪيون هيون. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته آئون ته واندو ٿيس پر هن کي شاباش هجي، جو پنھنجو وقت ويھي وڃايائين. پر جيئن ته هن جي دماغ ۾ اها ڳالهه Programmedآهي ته ڪنھن جي پڇڻ تي هن کي دڳ لاهڻو آهي ته هوءَ اهو ئي طريقو اختيار ڪري رهي هئي.
صبح جي وقت دڪاندار مرد توڙي عورتون پنھنجي دڪان جو شٽر مٿي ڪري پھرين دڪان اڳيان فوٽ پاٿ تي ٻھاري ڏئي ڪچرو کڻي، پوءِ دڪان کي صاف ڪنديون (اسان وٽ پھرين دڪان کي ٻھاري ڏئي صاف ڪري، ڪچرو کڻي، دڪان جي اڳيان واري رستي کي صاف ڪرڻ بدران ان جي مٿان دڪان وارو ڪچرو اڇلائي وڌيڪ گندو ڪن) بھرحال هتي جي ماڻهن ۾ رستي صاف ڪرڻ جي اهڙي عادت آهي، جو اهو صاف هوندو ته به پيا ٻھاري ڏيندا، ڇو جو هنن جي دماغ ۾ اهو ئي طريقو ڀريل آهي، جيڪو هنن جي دماغ لاءِ قابل قبول آهي. هتي جپان ۾ ان ڳالهه کي شِڪاتا (Shikata) سڏجي ٿو. يعني ڪنھن به شيءِ کي ڪرڻ جو مڃيل طريقو. ڊڪشنري مطابق جپاني لفظ شِڪاتا جي معني آهي: Accepted ways of doing things ۽ جپان ۾ شِڪاتا جي رول کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. شِڪاتا جو هڪ فائدو آهي ته ماڻهن کي ڪو به ڪم ڪرڻ جو هر دفعي نئون نئون طريقو ڳولڻو نٿو پوي. هڪ طريقو سڀني جي ذهن ۾ رهي ٿو ۽پوءِ ڪم هڪ کان وڌيڪ ماڻهو ڪن ٿا، تڏهن به آرام سان ٿيو وڃي جو هر هڪ کي خبر آهي تهڇا ڪرڻ کپي يا اڳلو ڇا ٿو Expectڪري ٿو.
شِڪاتا جو نقصان اهو آهي ته، ڪو اهڙو نئون ڪم نڪريو پوي جنھن جي ڪرڻ جو طريقو پھرين کان مقرر ٿيل نه آهي، ته پوءِ هي جپاني همراهه مُنجهيو پون ته ڇا ڪرڻ کپي. هتي جي سوسائٽي ۾اها Creativityنه آهي جو هي فقط روبوٽ وانگر ڪم ڪن ٿا. بقول هتي جي هڪ انگريز پروفيسر جي:
“The Japanese culture has its set way of doing things”
هڪ اسان جھڙو ڌاريون ماڻهو جڏهن هتي اچي ٿو ته هن کي هر ڪم ڪرڻ جا پنھنجا طريقا ٿين ٿا. هو هتي جي جپاني طريقن کان اڻ واقف ئي ٿئي ٿو.
مون کي شروع جي ڏينھن جو هڪ مثال ياد ٿو اچي، جڏهن آئون ٽوڪيو آيو هوس. اسان جي جھاز جي انجن ”سلزر“ جپان جي هڪ ٻئي بنھه ننڍڙي شھر ”آيوئي“ ۾ ٺھي هئي. جپانين کي جھازن جي ان انجڻ (Sulzer) ٺاهڻ جي سئٽزرلينڊ وارن هاڻ اجازت ڏني هئي، نه ته اها انجڻ پولينڊ، اسپين ۽ يوگوسلاويه ۾ ڪافي سالن کان ٺھي رهي هئي ۽ منھنجو فقط انهن ملڪن جي انجڻ وارن جھاز کي هلائڻ ٿيو هو. جپانين مون کي ’آيوئي شهر‘ واري فئڪٽري ڏسڻ لاءِ چيو، جيئن آئون سندن ڪم ڏسي سگهان. اتي پھرين ڏينھن منجهند جي ماني فئڪٽريءَ ۾ ماڻهن سان کائڻ دوران هي واقعو درپيش آيو. اتي جي ميس جي خدمتگار عورت مانيءَ بعد ٿانو کڻي سڀني اڳيان فروٽ ۾ ڪينو جھڙو سنگتڙو (Orange) رکيو، جنھن کي کائڻ لاءِ جڏهن اسين سڀ ان جون کلون لاهڻ لڳاسين ته، اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته منھنجا جپاني ڪليگ ٽيڏي اک سان مون کي غور سان ڏسي رهيا هئا. پھرين مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو. هو به هٿ سان ڇلي رهيا هئا۽ آئون به ائين ڪري رهيو هوس. ڪپ يا پليٽ به ڪنھن جي اڳيان نه هئي جو منھنجا جپاني چون ته هي بي افعالو ڪپ سان ڇلڻ يا اڌ ڪرڻ بدران هٿ سان ڇلي رهيو آهي.
ايتري ۾ خدمتگار عورت نئون سنگتڙو کڻي منھنجي ٽپائي وٽ آئي ۽ منھنجي لاءِ اهو سنگتڙو آهستي آهستي ڪري ائين ڇلڻ لڳي، جيئن کل ٽڪرا ٽڪرا نه ٿئي. هن هڪ پيس ۾ کل کي لاهي ان کي ٽپائيءَ تي رومال وانگر رکيو ۽ مون کي سنگتڙي جو وات مان ٻاهر ڪڍيل ٻج ۽ گودي جو ڦوڳ ان تي رکڻ لاءِ اشارو ڪيو. مون چوڌاري پنھنجن ساٿين ڏي نظر ڪئي ۽ مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته جنھن وقت آئون سنگتڙيتان ٽڪرا ٽڪرا ڪري کلون لاهي رهيو هوس ته ٻيا مڙيئي هڪ پيس ۾ کل لاهي رومال يا ٽري جي ڪم لاءِ رکي رهيا هئا. کائي اٿڻ مهل هرڪو پنھنجي رومال جھڙي کل ٻجن ۽ Discardڪيل گودي جي چوڌاري ويڙهي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائيندو ويو. پويان نظر ڪيم ته سڀني جون ٽپائيون (ننڍڙا ٽيبل)اهڙا صاف هئا جھڙا اچڻ مھل.
آئون دل ۾ اهو ئي سوچڻ لڳس ته اها ڪيڏي معمولي ڳالهه آهي پر ان قسم جون معمولي ڳالهيون اسان ڌارين کي هنن جپانين کان ڌار ڪن ٿيون. هنن وٽ جيڪي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڳالهيون درپيش اچن ٿيون، انهن کي ڪرڻ جو هنن وٽ هڪ خاص طريقو مقرر (Shikata) آهي. جنھن کي هو Robot وانگر سر انجام ڏين ٿا. ڪنھن به قسم جي ڦير ڦار هنن کي منجهايو رکي يا مقرر روٽين يا روز مره جي شين کان علاوه ڪا نئين شيءِ سامهون اچڻ تي هو يڪدم Confuse ٿيو وڃن. هو فئڪٽريءَ ۾ اسيمبلي ورڪ ڪندڙ ڇوڪرين وانگر پنھنجو مقرر ٿيل ڪم فرسٽ ڪلاس نموني سان ڪندا رهن ٿا، ڪندا رهن ٿا. بقول اسان جي هڪ سنڌي دوست اقبال ترڪ جي، جيڪو هتي جپان ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه ڏينھن لاءِ آيو هو پر ماڻهن کي پرکڻ ۾ هوشيار ۽ ڳالهائڻ ۾ کرو هجڻ ڪري، جپانين جي ”شڪاتا“ واري ڳالهه نوٽ ڪري چيو: ”يار جپانين ۽ چاڪين جي ڍڳن ۾ ڪو ٿورو ئي فرق آهي.“

جپانين جون ڪجهه عجيب عادتون

* هڪ جپاني ٽيچر چيو: ”اسين جپاني ماڻهو ڌارين جي پڇڻ تي عام طرح پنھنجي نالي جو آخري حصو يعني (ذات) ٻڌايون ٿا. مغرب (يورپ، آمريڪا) توڙي توهان (ايشيا) جا ماڻهو گهڻو ڪري پھريون نالو ٻڌايو ٿا.“ (يعني مون کان ڪو نالو پڇندو ته الطاف ٻڌائيندس. اهڙي طرح قمر شھباز پنھنجو نالو قمر ٻڌائيندو ۽ نه ٻگهيو. اهو ئي حال انگريزن، يورپين ۽ آمريڪن جو آهي.)
جپاني ٽيچر چيو ته اهو ان ڪري جو توهان سڀ ڌارين سان يڪدم فري ٿيو وڃو ۽ اسان جپانين جي مقابلي ۾ وڌيڪ Open ۽ Friendly آهيو. اسان جپاني ڌارين کان ڪجهه فاصلو رکڻ چاهيون ٿا ۽ اسين ڪجهه Shy ۽ Reservedطبيعت جا آهيون.
* جپاني پنھنجي ڳالههڪرڻ وقت پنھنجي شاهد آڱر نڪ تي رکن يا نڪ ڏي اشارو ڪن. مغرب جا ماڻهو پنھنجي آڱوٺي ساندل ڏي اشارو ڪن. اها ڳالهه هڪ جپانيءَ ٻڌائي. پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو: What a big difference .
* هڪ جپاني توهان جي ڳالهه ٻڌي ڪنڌ کي هيٺ مٿي هائوڪار واري اسٽائيل ۾ ڌوڻي ته معنيٰ هو توهان جي ڳالهه ٻڌي رهيو آهي. ضروري ناهي ته، هو توهان جي ڳالهه سان سھمت آهي يا توهان جيڪي هن کي چئو پيا ائين ڪندو.
* پنھنجو هٿ منھن اڳيان هٿ جي پکي کي لوڏڻ وانگر اڳيان پويان ڪرڻ سان جپانين جو مطلب انڪار آهي.
* پنھنجي وات کي هٿ سان ڍڪڻ جيڪو اڪثر عورتون ڪن ٿيون، حياء يا شرمندگيءَ جو اظھار آهي.
* پنھنجي ڏسڻي آڱر کي ڪن مٿان نرڙ وٽ جهلي سڱن وانگر شيطان جو نقل ڪرڻ جو مطلب ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ آهي.
* آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر کي ملائي گولو ٺاهڻ ’پئسي‘ جي نشاني آهي. يعني ڇا قيمت آهي يا ڇا پگهار آهي، ڪيترو ناڻو ملندو، وغيره. مغرب ۾ اها نشاني O.k يعني ”ٺيڪ آهيان“ جي آهي.
* کاٻي هٿ سان خيالي پيالو ٺاهي ساڄي هٿ سان چاپ اسٽڪ سان پيالي مان چانور ڪڍي وات ۾ وجهڻ جي نقل ڪرڻ مان مطلب ’کائڻ‘ آهي.
* خيالي گلاس کي هٿ ۾ جهلي چپن اڳيان ان هٿ کي ساڄي يا کاٻي ڪرڻ مان مطلب پيئڻ جو آهي. جيئن پاڻ وٽ وات اڳيان ساڄي هٿ جو ٻُڪ ٺاهڻ اڃ جي نشاني آهي، يعني پاڻي پيار.
*جپان ۾ جڏهن پھريون دفعو اچي رهيو هوس، ته جپان بابت آرٽ جي ڪتابن ۾ ڏنل تصويرن مطابق جپان منھنجي ذهن ۾ هو. مون سمجهيو ته گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گڏين جھڙيون جپاني ڇوڪريون سندن مخصوص جپاني لباس ’ڪمونو‘ ۾ نظر اينديون. ان قسم جون ڳالهيون جيڪي هڪ مسافر اڳواٽ پنھنجي دماغ ۾ ويھاري، جڏهن هتي پھچي ٿو ته هن کي ڪيتريون ڳالهيون مختلف لڳن ٿيون. جيئن مون کي مس مس ڪنھن ڏينھن ڪا ڪموني ۾ ڇوڪري نظر اچي ٿي. هر جپاني مرد توڙي عورت مغربي ڊريس پينٽ بشرٽ يا اسڪرٽ پائي پيو هلي.
گذريل صديءَ جي شروع وارن سالن يعني 1905ع ۾ آسڪر وائلڊ “The Decay of Lying” ۾ واهه جي ڳالهه لکي آهي:
… The whole of Japan (as depicted in Japanese art) is a pure invention. There is no such country,there are no such people…. If you desire to see a Japanese effect, you will not behave like a tourist and go to Tokyo- you will stay at home and sleep yourself in the work of certain Japanese artists…
جپان ۾ پھچڻ بعد ڪيتريون ئي غلط فھميون ۽ دماغ ۾ پاليل غلط سوچون پڃري جي در مان اڏاميو وڃن. آسڪروائلڊ به پڪ ان قسم جي Delusions جو شڪار ٿيو هوندو.
فڪوئڪا کان ڪيوٽو ويندي ٻن ڪلاڪن جي سفر ۾ منھنجي ٽن جپاني ساٿين مان هڪ ننڊ ڪندو هليو، ٻئي کي ڪنڊ ۾ اڪيلي سيٽ ملي، اهو سڄي واٽ سامهون واري دريءَ مان ڏسڻ کان وڌيڪ ڪجهه سوچيندو رهيو، جو ان دريءَ ۽ سندس سيٽ جي وچ ۾ منھنجي جاءِ هئي ۽ مون هڪ ٻه دفعو پنھنجو هٿ سندس گهورڻ واري ليول تي آڻي هيٺ مٿي ڪيو، جيئن هن جو View ڊسٽرب ٿيڻ تي مون ڏي نھاري، پر هن ان جو ڪو Reaction نه ڏيکاريو، ڄڻ ڪنھن گھري ننڊ ۾ ستل اڌ اکيون کليل ماڻهوءَ جي اکين اڳيان هٿ گهمائي پڪ ڪجي ته، هو ستل آهي يا جاڳي پيو ۽ ٽيون ساٿي ريل ۾ ويٺل اڌ کان وڌيڪ ماڻهن وانگر سڄو سفر ناول پڙهڻ ۾ مشغول رهيو. مون به ريل ۾ ڪجهه پڙهڻ ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ رستي تان هيروشيما اسٽيشن تان ٽائيم مئگزين جو تازو پرچو ورتو هو_ پر ڪيترا دفعا ڪوشش ڪرڻ جي باوجود ڪي چند منٽ مس پڙهي سگهيس. ”رش اور“ هو_ يعني آفيسن مان موڪل جو وقت، سو ريل ۾ اهڙي پيھه پيھان هئي، جو هر ريلوي اسٽيشن تي ريل جي پوليس گارڊن مسافرن کي ريل جي دٻن ۾ ڌڪا ڏئي اندر ٿي ڪيو. جپان ۾ صبح جي وقت به ريلن جو اهو حال هوندو آهي. گارڊ يا پوليس وارا ائين نه ڪن ته، ريل جي دٻن جا Sliding دروازا بند ٿي نه سگهن ۽ ريل هلي نه سگهي، جو هتي جي ريلن ۽ بسين ۾ اهو سيفٽي فئڪٽر آهي. جيسين دروازا بند نه ٿيندا تيسين گاڏي اسٽارٽ ٿيڻ لاءِ ڪرنٽ پاس نه ٿيندو. ائين نه هجي ته تيز رفتار گاڏين مان ماڻهو ڪِري پون_ خاص ڪري اهي جيڪي اڌ گابرا چڙهيل ٿين ٿا. سو بھرحال اسان کي ويھڻ جي جاءِ ته ملي وئي پر ماڻهن جي ٿيلهه ٿيلهان ۾ ڪتاب پڙهڻ ۾ ذهن نٿي لڳو. يعني منھنجو نٿي لڳو. پڙهڻ کي ته ٻيا سڀ پڙهي رهيا هئا. مون وانگر ويٺل ته ڇا پر بيٺل به سڪون سان پڙهي رهيا هئا. ٿيلهو ڳچيءَ ۾ هئن، هڪ هٿ ريل جي ڇت ۾ لڳل ڏنڊي ۾ ۽ ٻيو هٿ ڪتاب ۾.
ريل هڪاتا، ڪَوڪُورا، شِمونو سيڪي ۽ هيرشيما کان پوءِ فوڪوياما، اوڪاياما، هيميجي، ڪوبي ۽ اوساڪا جون اسٽيشنون لتاڙي اسان جي منزل ڪِيوٽو پھتي. آئون سڄو سفر پاسا ورائيندي، ماڻهن جي ڌڪ ڌڪان ۾ پريشان ٿيندي، هڪ منٽ به ننڊ نه ڪندي ڪيوٽو اسٽيشن تي ٿڪل لٿس. منھنجا ٽئي جپاني ساٿي ايڏو فريش ۽ تاز ا توانا لڳي رهيا هئا، جو بس. هڪ ته سمهندو يعني ننڊون ڪندو آيو، ٻئي کان پڇيم ته سڄي واٽ دريءَ مان ڇا پئي ڏٺئي؟
”آئون افق Enjoyڪندو آيس ته پري پري آسمان ڌرتيءَ سان ملي ڪيڏي خوبصورتي پيداڪري ٿو ۽ مون ان تي هڪ ٻه هائڪو (ٽن سٽن جا شعر) به ٺاهي ورتا آهن! ٻڌندين؟“
”في الحال هينئر نه. سڀاڻي سيمينار اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ.“ جواب ڏنومانس ۽ ٽئين کان پڇيم ته هھڙي گهمسان، ڌڪ ڌڪان ۾ توکان ڪتاب ڪيئن پڙهيو ٿيو ٿي؟“
”آئون ٽرين ۾ ويھڻ بدران اهو سوچيندو ئي نه آهيان ته، گاڏيءَ ۾ توڙي ٻاهر ڪا شيءِ آهي.“ هن وراڻيو، ”ان ڪري ڪتاب پڙهڻ، توڙي سوچڻ يا ننڊ ڪرڻ ۾ ڪنھن به قسم جو رخنو پيدانه ٿيندو اٿم.“
اهو حال سڀني جپانين جو آهي. جپانين جي ڪنھن به ريل گاڏي يا بس ۾ چڙهڻ سان توهان کي احساس ٿي ويندو ته هو گوڙ گهمسان هوندي به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري سگهن ٿا. هو جيڪي شيون چاهين (اهي کڻي سندن سامهون موجود نه هجن ته بههو) انهن کي ڏسي۽ محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪي شيون_ شڪليون، آواز وغيره هو نه چاهين، سامهون هجڻ جي باوجود Discardڪري سگهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن جپان ۾ اهڙا فنڪشن ٿيندا آهن، جن ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شھر جي هر ڳٽ تي چار چار وڏا نغارا ۽ دهل رکي ويھي ڪُٽيندا آهن، جن جو آواز پري پري تائين پيو ٻڌبو آهي، پر توهان ڏسندئو ته ڀر ۾ ڪنھن بئنچ تي يا پارڪ جي ڪنڊ ۾ ڪو پوڙهو جپاني، وڏي سڪون سان ويٺو اخبار پڙهندو يا ڪا نوجوان ڇوڪِري پنھنجي محبوب جي شڪل تصور ۾ آڻي ويٺي مُرڪندي، ويٺي مُرڪندي.!
اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکندي مصر جي منھنجي هڪ ڪليگ ڪئپٽن حنفيءَ هڪ ڏينھن مون کي چيو، ”اسان ڪھڙا مسلمان آهيون جو نماز پڙهندي به (جنهن ۾ اتاهين قسم جي Concentration جي ضرورت آهي جو پنھنجي اپائڻھار جي اڳيان بيٺا آهيون)، اسان جو ڌيان معمولي آواز يا ڪنھن جي لنگهڻ تي هيڏانھن هوڏانھن هليو وڃي ۽ هي جپاني هيڏي ڌماچوڪڙيءَ ۾ به پنھنجي ذهن کي ڪنٽرول ۾ رکيو ويٺا آهن. جپانين جي ان عجيب عادت جو جائزو وٺندي، هڪ جھازي دوست خوب چيو :
Japanese are very good at filtering what they do not wish to see or hear.
مٿي هڪ هنڌ ريل ۾ چڙهڻ جو لکيو اٿم ته ريل جا گارڊ مسافرن کي دٻي ۾ گهڙڻ لاءِ ڌڪا ڏيئي اندر هڪ ٻئي جي ڀرسان سَٿين ٿا.
جپان ۾ صبح جي وقت ۽ شام جو آفيسون بند ٿيڻ وقت ريل ۾ چڙهڻ لاءِ وڏي پيھه پيھان رهي ٿي. هر ڪو ڀانئي ته دٻي ۾ چڙهي در وٽ ئي بيٺو رهان، جيئن ٻي اسٽيشن تي لھڻ ۾ آساني رهي. پر ائين ڪرڻ سان ٻين مسافرن جو اندر وڃڻ لاءِ رستو رڪجيو وڃي. ريل وارا اهو ئي چاهين ٿا ته گهڻي کان گهڻا مسافر هنن جي ريل ۾ چڙهن ۽ هر آيل مسافر وقت تي آفيس پھچي. سو ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي گهڻي رش وارن وقتن (Rush Hours) تي هر ريلوي اسٽيشن تي ريل جو عملو ماڻهن کي ريل جي دٻي ۾ ڌڪي اندر ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ لت ڏيئي ٻوري ڀريندا آهن.
هن مضمون سان گڏ هي ڪارٽون به ان سلسلي جا آهن ته ريل جو عملو مسافرن کي ريل جي دٻي ۾ اندر ڌڪي رهيو آهي، جيئن گهڻي کان گهڻا اندر وڃن ۽ ساڳي وقت بند ٿي سگهن، ڇو جو اليڪٽرڪ پاور تي هلندڙ هتي جون ريلون تيستائين اسٽارٽ ٿي نه سگهنديون، جيسين سڀ در بند ٿي اليڪٽرڪ Contacts هڪ ٻئي سان ملائين. بھرحال ڪارٽونسٽ ان بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهين ڏي ڌيان ڇڪايو آهي. عام ماڻهن کي ته ريل جي دٻي ۾ ڌڪڻ يعني ٿيلها ڏيڻ (Push ڪرڻ) سولو ڪم آهي پر جي اهو مسافر هڪ عام جپاني (بندري قد جو هلڪڙو ڦلڪڙو) هجڻ بدران هڪ قداور ۽ ٿلهو متارو سومو (Sumo) پھلوان آهي يا رغبي (ساڪر) جو فل گيئر ۾ راند جو گول ڪيپر آه ته پوءِ ته غريب ريلوي گارڊ جو سر ويو.
پر ڪڏهن ڪڏهن هن لاءِ موج مزا به ٿيو وڃن، يعني ڪارٽونسٽ جي خيال مطابق، جڏهن مسافر نازڪ جنس آهن. هڪ ڪارٽون ۾ هڪ شوقين گارڊ اهڙي نوجوان ڇوڪريءَ کي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪا مسافر هجڻ بدران ڪنھن مسافر کي سايو نارا (گڊ باءِ) ڪرڻ لاءِ هيٺ بيٺي آهي. ان گارڊ جا ٻياساٿي جن کي ڀر واري دٻي ۾ نر مسافرن کي اندر ڌڪڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو آهي، سي هن کي ائين عيش ڪندو ڏسي رڙ ٿا ڪنته ”پٽيا هيڏانھن اچي مدد ڪراءِ، ايڏانھن اهو ڇا پيو ڪرين؟“ دٻي ۾ چڙهيل مسافر پڻ هن کي حيرت مان ڏسي رهيا آهن.
ريلوي گارڊ جي نهپڄي سگهڻ ڪري هڪ ڪارٽون ۾ ڪارٽونسٽ ڏيکاريو آهي ته، هڪ ريلوي اسٽيشن تي مسافرن کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ خاص (Specialist) رکيو آهي ۽ اهو ماڻهو ٻيو نه پر سمورائي (Samurai) پھلوان يعني “جنگجو جوڌو” آهي، جنھن جو ڪم مقابلي ۾ مرڻ يا دشمن جو سِر قلم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪونه آهي.

گهر جي بالڪنيءَ مان

1973ع ۾ ئي ان وقت جي جپاني حڪومت پنھنجي اسيمبليءَ ۾ اهو قانون پاس ڪيو ته، ڪارخانا، فئڪٽريون، يونيورسٽيون، ڪاليج يا ٻيا وڏا ادارا فقط وڏن شھرن ۾ ٺاهڻا نه آهن، پر ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ پڻ بنائڻا آهن، جيئن ڳوٺن کان ماڻهن جي شھر ڏي لڏپلاڻ بند ٿئي ۽ ساڳئي وقت ڳوٺ به ترقي ڪن ۽ ڪيترين ڳالهين_ تعليمي ادارن، ميلن ملاکڙن، جلسن نمائشن ڪري شھرن جا ماڻهو ڳوٺن ڏي وڃن. بھرحال چوڻ سولو آهي پر جپاني حڪومت توڙي عوام ان تي عمل ڪري ڏيکاريو ۽ ڇو نه ڪن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ امن امان ساڳيو، رستا ۽ ڪميونيڪيشن جو بھترين طريقو، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جو ساڳيو معيار_ جھڙو ٽوڪيو ۽ اوساڪا جھڙن شھرن ۾ بجلي سال ۾ هڪ دفعو به نٿي وڃي، اهڙو حال هوڪئدو ۽ شڪوڪو جھڙن ٻيٽن جي ڏورانھن ۽ ننڍن ڳوٺن جو آهي. جھڙي بهترLaw & Orderجي حالت هيروشيما، ڪيوٽو ۽ڪوبي جھڙن وڏن شھرن جي آهي، اهڙي اهڙي اوڪو شري ۽ اوشيما جھڙن ڏورانھن ۽ ننڍن ٻيٽن جي آهي، جتي ريل يابس ته نه آهي پر پاڻيءَ جو وڏو جھاز به لنگر انداز ٿي نٿو سگهي. ننڍڙين ٻيڙين ۾ ئي پھچڻو پوي ٿو. ان مقابلي ۾ اسان جي ملڪن ۽ ماڻهن جي اها بدقسمتي آهي جو نوري آباد جھڙي هاءِ وي تي ٺھيل ڳوٺ کي به آباد ڪري نه سگهيا آهيون، جنھن جي رٿ اڄ کان ويھه سال اڳ شروع ٿي. اڄ هي شھر ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي حساب سان انگلئنڊ جو نيوڪنسل ۽ آمريڪا جو هيوسٽن هجي ها پر افسوس جو ان ئي حالت ۾ ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي. جھڙيءَ ۾ شروع کان هو. ملڪ جي امير ڪارخانيدارن پنھنجي حيثيت مطابق قرباني ڏني۽ هڪ نئين هنڌ تي پئسو لڳائي پلاٽ خريد ڪري ڪارخانا لڳائڻ شروع ڪيا، پر هنن کي جيئڻ نه مڪاني چورن ۽ ڌاڙيلن ڏنو ۽ نه سندن مال ملڪيت جي حفاظت پوليس ڪري سگهي. نوري آباد سنڌ جي قانون، مڪاني ماڻهن جي مدد ۽ تحفظي ادارن جو هڪ ڦٽ ٿي پيو آهي. ٻاهر ملڪن ۾ رهندڙ امير پاڪستاني جڏهن پنھنجي وطن ۾ ڪارخانو يا فئڪٽري هڻڻ لاءِ ڪنھن شھر جي چونڊ ڪندا آهن ته دل چوندي آهي ته جيڪر هو اها فئڪٽري سجاول، ٺٽي، راڻيپور، گمبٽ يا قمبر ۽ گهوٽڪي پاسي هڻن. ظاهر آهي ڪارخانا لڳڻ ڪري مڪاني ماڻهن لاءِ پڪو روزگار مھيا ٿي سگهي ٿو . ڇو جو ان بعد هنن کي بٽئي لاءِ سڄو سال انتظار ڪرڻو نٿو پوي. هنن کي زميندار ۽ وڏيري جي whims تي جيئڻو نٿو پوي. هنن کي هر مھيني پگهار مليو وڃي، چاهي ڪارخانيدار کي سندس مال جي وڪري ۾ فائدو ٿئي يا نقصان. افسوس جو ڪنھن به ڪارخانيدار کي سنڌ ۾ ڪارخانو کولڻ لاءِ کڻي چئو ته ٺھه پھه نوري آباد جو مثال ڏيندو. مڪاني ماڻهن جي چورين، وڏيرن جي ساڙ ۽ دشمنيءَ جا مثال ڏيندو. پوليس جي بيجا مصيبتن ۽ مڪاني واسطيدار ادارن جي ڪامورن جي هر نارمل ڪم ۾ رنڊڪون وجهي رشوتون اوڳاڙڻ جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو. ايڪانامڪس ۽ انڊسٽريءَ جو هر شاگرد ڄاڻي ٿو ته ڪارخانيدار اتي پئسو لڳائيندو، جتي پھرين نمبر تي امن امان هجي ۽ ٻئي نمبر تي رستا، بجلي، پاڻي ۽ ڪميونيڪيشن جي بھتر سھوليت هجي. شايد ان ڪري ڪراچيءَ جا ئي ڪيترا ڪارخانيدار پنھنجيون فئڪٽريون سنڌ مان پٽرائي پنجاب جي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ کڻائي ويا آهن، جتي هنن کي بھتر سھولتون ملن ٿيون.
پر هتي جپان ۾ مختلف حال آهي. هتي هر ورڪر ۽ حڪومت طرفان ڪارخانيدار توڙي ڪارخاني جي عزت عبادت جي حد تائين ڪئي وڃي ٿي، جيئن هڪ واڍو رازو پنھنجن اوزارن جي ڪريٿو، جو اهي هن لاءِ ۽ هن جي ٻچن لاءِ پيٽ قوت مھيا ڪن ٿا. هتي جا سياستدان توڙي سرڪاري ڪامورا پڻ نيڪ نيتيءَ سان پنھنجي علائقي جي خدمت ڪن ٿا. هي شھر ڪيٽا ڪيوشو (Kita- Kyushu) جنھن مان هي لکي رهيو آهيان ۽ جتي اڄڪلهه رهان ٿو، ڀان سعيد آباد ۽ هوسڙي جھڙن پنجن ڳوٺن جو مجموعو هو. ستر واريڏهاڪي ۾ جڏهن اسان ڀر وارن بندرگاهن، موجي ۽ شيمونو سيڪيءَ ۾ جھاز وٺي ايندا هئاسين ته اهي شھر هئا پر ڪيٽا ڪيوشو 1980ع تائين ڳوٺ هئا، جن جي وچ مان ’موراساڪي گاوا‘(ندي) وهي ٿي. اڄ 22 سالن بعد هنن ڳوٺن جي قسمت چمڪي وئي آهي. ان جھڙي تھڙي نديءَ مٿان ڇھه کن پليون آهن. جتي ڪٿي پبلڪ پارڪ، پبلڪ لائبريريون، اعليٰ درجي جا ٻارن لاءِ سھڻا اسڪول ۽ جمنازيم، پڪا ۽ ويڪرا رستا، صحت لاءِ هر سھوليت سان ڀرپور اسپتالون، بسون، ٽرينون، ڪارخانا، فئڪٽريون_ سڀ ڪجهه عوام جي ڀلي ۽ بھتريءَ لاءِ ۽ ان جو Credit هتي جي سياستدانن کي آهي، خاص طور هتي جي ميئر ڪوئچي صاحب (Koichi Sueyoshi) کي جيڪو سول انجنيئر هجڻ ڪري عمارت سازي ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو، خاص ڪري هتي جي پُلين جي گهڻي Idea هن جي آهي. شھر کي صاف سٿرو ۽ عوام لاءِ سھوليت وارو رکڻ ڪري هن کي ٻه سال اڳ (2002ع) ۾ جھانسبرگ (سائوٿ آفريڪا) ۾ ٿيل Environment تي ڪانفرنس ۾ ايوارڊ ڏنو ويو هو. آئون کيس ان جي مبارڪ ڏيڻ ويس.
“It is part of my duty” هن کلندي سٺي انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو. سندس اهو جملو هن وقت به منھنجي دماغ ۾ ٻُري رهيو آهي. ڪاش اسان جا سياستدان، ناظم ۽ سرڪاري ڪامورا پنھنجي عھدي جي زور تيفقط پنھنجي بنگلي تائين پڪو رستو ٺھرائي پاڻ کي اهم سمجهڻ بدران عوام لاءِ ڪجهه ڪن ۽ هو هتي جي ميئر وانگر پنھنجي فرض کي فرض سمجهن. اسان جو هڪ اهڙو ناظم ضرور آهي، جيڪو ڪراچيءَ کي دل سان ٺاهي رهيو آهي. اهو آهي نعمت الله صاحب جيڪو پنھنجي خرچ تي، هتيجي ناظم سان صلاح مشوري لاءِ ايندو آهي ۽ ڪوشش ڪري ماني به پاڻ سان کڻي اچي ٿو. هن وڏي مشڪل سان اسان وٽ فقط هڪ ويلو ماني کاڌي.
هن کان پھرين به لکي چڪو آهيان ته، ”جپان“ پاڪستان، ايران، برما يا عراق، افغانستان وانگر هڪ چَڪُ_ يعني زمين جو يڪو ٽڪرو ناهي، پر فلپين ۽ انڊونيشيا وانگر ٻيٽن جو جهڳٽو آهي. ننڍا ننڍا ٻيٽ (ڪي ته فوٽ بال يا اڃا به ننڍا والي بال گرائونڊ جيڏا) ملائجن ته پنجٽيھه هزار کن ٿيو وڃن، پر چار وڏا ٻيٽ آهن، جيڪي اتر ۾ هوڪائيدو کان وٺي ڏکڻ ۾ سائوٿ ڪوريا جي ڀر ۾ ڪيوشو ٻيٽ تائين آهن. وچ ۾ هونشو سڀ ۾ وڏو آهي ۽ چوٿون شڪوڪو آهي. هونءَ ته جپان جي انهن چئني ٻيٽن جي مختلف بندرگاهن ۾ اسان کي جھاز وٺي وڃڻو پيو ٿي، پر هن وقت منھنجي رهائشگاهه ڪيوشو ٻيٽ جي بلڪل اتراهين ٽِپ واري علائقي ڪيٽا ڪيوشو ۾ آهي. ڪيٽا معنيٰ اتر ۽ ڪيوشو ٻيٽ تان هن شھر تي Kita-Kyushu نالو پيو آهي، جيئن سنڌڙي سنڌ صوبي تان پيو آهي. هن شھر جي ڀر ۾ موجي ۽ شيمونو سيڪي مشھور بندر گاهه آهن، جن کان هر پاڪستاني جھازي جيڪو جپان روٽ تي رهيو هوندو، ضرور واقف هوندو.
ڪيٽاڪيوشو جيڪو ماتلي ۽ تلهار جھڙن پنجن ڳوٺن کي ملائي هڪ شھر ۽ هڪ ميونسپالٽي ٺاهيو ويو آهي، تنھن جو مرڪزي شھر ڪوڪُورا (Kokura) آهي، جتي آئون ترسيل آهيان ۽ ٻيا ڳوٺ موجي، توباتان، ياهاتا ۽ اڪامتسو آهن. آدمشماري گهڻي ۽ رهائش جي زمين گهٽ هجڻ ڪري هر هڪ شھر ٻئي شھرسان مليو پيو آهي. اسان وارو Concept هتي ناهي ته شھر کانپوءِ ٻھراڙي ۽ ٻھراڙيءَ جي معنيٰ کيتيون، فصل ۽ غير آباد زمينون ۽ جهنگل. هتي اها خبر ئي نٿي پوي ته هڪ شھر ڪٿي ختم ٿيو، ٻيو ڪٿان شروع ٿيو. ائين جيئن ڪياماڙي کان ڪو نيو ڪراچيءَ تائين سفر ڪري ته رڳو رستا، عمارتون ۽ دڪان نظر ايندس. ستر جي شروع وارن سالن ۾ ئي اهو محسوس ڪري مون کي تعجب لڳو هو، اڃا ته مونو ريل ۽ بليٽ ٽرينون شروع نه ٿيون هيون، ڪارين ۽ مشينن جا ايڏا ڪارخانا نه لڳا هئا. هاڻ ته رهيل کھيل ٻيٽ به انهن شين والاري ڇڏيو آهي. ڪارين، بسين ۽ مختلف رفتار جي گاڏين جا پڪا رستا۽ ريل جا پٽا هيٺ، مٿي ۽ اڃا مٿي نانگن وانگر وڃي رهيا آهن. ڪارخانن، دڪانن، سئنيمائن ۽ وندر جي جاين جون بتيون ۽ انهن جي اشتھارن جو چمڪاٽ جتي ڪٿي آهي. ٻھراڙيءَ ته نظر ئي نٿي اچي. ستر جي شروع وارن سالن ۾ ته ٽوڪيو جي گنزا ۾ به سڪون هوندو هو، خاص ڪري ڇنڇر آچر (موڪلن وارن ڏينھن) تي، جڏهن بندرگاهه کان واڪ ڪري يا بس ۾ چڙهي اچي گنزا جي گهٽين ۾ پبلڪ لاءِ رکيل ڪرسين تي ويھبو هو. پاڪستان کان آيل ۽ ٻين ملڪن جي جھازن جا آفيسر ۽ خلاصي اتي اچي ساهه پٽينداهئا ۽ آئيسڪريم کائيندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوسي پاسي جي ملڪن (ڪوريا، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا) جي ڇوڪرين کان جپاني ڇوڪريون خاص ڪري ٽُڪيو۽ يوڪوهاما جون وڌيڪ سھڻيون ۽ ڪپڙي گنديءَ ۾ وڌيڪ ماڊرن لڳنديون هيون پر اڄ ته هتي جي ڳوٺن جون ڇوڪريون به مغربي فلمون ۽ ڌاريان ٽي وي چئنل ڏسي عجيب چرين واريون حرڪتون ڪون ٿيون. ويندي چپ ۽ زبان ٽوپائي مختلف رنگن جي ٻُڙن ۽ پٿرن جو جڙاءُ ڪن ٿيون. نوجوان ڇوڪرا به ڪڏهن ڪڏهن رات جو ٽولا ٺاهي گهڻي آواز سان موٽر سائيڪلون هلائيندي نظر اچن ٿا، پر پوليس به سندن پٺيان هوندي آهي. اسان جو فليٽ 12 ماڙ بلڊنگ جي اٺين فلور تي آهي، جيڪا بلڊنگ مين روڊ تي ڪمرشل سينٽر ۾ آهي، هيٺان بسين ۽ ڪارين جا چار چار رستا اچن وڃن ٿا ۽ مٿان مونو ريل. جنھن وقت به بور ٿيندو آهيان ته بالڪنيءَ ۾ ڪرسي رکي اچي ويھندو آهيان. اڄ ڪلهه صبح جي روشني پنجين بجي ئي ٿيو وڃي. ان وقت وڏي عمر جا جپاني مرد ۽ عورتون فوٽ پاٿ تي تکو تکو هلندي يا جاگنگ ڪندي نظر ايندا آهن ۽ ٻيا اهي نوجوان هوندا آهن جن ڪتا پاليا آهن. آفيس وڃڻ کان اڳ هو پنھنجن ڪتن کي واڪ ڪرائڻ ۽ هنگائڻ مٽائڻ لاءِ نڪرندا آهن. بقول هڪ جپانيءَ جي ”هي ملڪ ڪتن جو نه پر ٻلين جو آهي، پر اڄ جون نڀاڳيون ڇوريون يورپ ۽ آمريڪا گهمي پاڻ کي ماڊرن مڃائڻ لاءِ ڪتا ٿيون پالين. انهن کي ڀاڪر ۽ چميون ٿيون ڏين!“
وڏي عمر جا جپاني پنھنجي نوجوان ٽھيءَ کي ان قسم جون حرڪتون ڪندو ڏسي ڏاڍا جڪ ٿا کائين. هو نٿا چاهين ته سندن پراڻين رسمن ريتن جي تباهي ٿئي. هو ڳالهه ڳالهه ۾ نوجوانن جي اهڙين ڳالهين جو روئڻ رئن ٿا، جيتوڻيڪ اهڙا نوجوان اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ جپان جي مقابلي ۾ ٻين ملڪن ۾ ته الائي ڇا حالتون ٿي ويون آهن.
جپان ۾ آفيسون اسڪول وغيره ساڍي اٺين يا نائين کلن، ان ڪري پوڻي اٺين کان رستن تي ماڻهن ۽ لارين بسين جي پيھه پيھان شروع ٿي وڃي ٿي. صبح جي وقت واڪ ڪندي هرهڪ ڍرن ڍارن ڪپڙن ۾ نظر ايندو آهي پر اٺين بجي بالڪنيءَ ۾ اچي بيھندو آهيان ته چوڌاري هر گهٽيءَ مان مختلف عمرين ۽ مختلف گريڊ جي اسڪولن جا ٻار مختلف اسڪول يونيفارمن ۾ بس اسٽاپن تي تکو تکو ويندي نظر ايندا آهن. چاهي جهڙ هجي، اُس هجي يا گوڙ جي ٺڪائن ۽ کنوڻ جي چمڪن سان تيز بارش_ هنن لاءِ گهڙيال جون سيون اهم آهن، جن مطابق هنن کي گهر ڇڏي اسڪول ڏي روانو ٿيڻو آهي. اٺي وڳي کان نه فقط بسين جو تعداد وڌي ويندو آهي پر هرهڪ بس مسافرن سان ٽُٻ هوندي آهي. مٿان هلندڙ مونو ريل جيڪا اسان جي بالڪنيءَ جي سنوت ۾ هلي ٿي، اها پڻ ان وقت ماڻهن سان ڀريل هوندي آهي. ڪجهه دير بعد آفيسن ڏي ويندڙ مرد لائيٽ بلو يا ڪاري سوٽ ۾ ۽ عورتون مختلف ڊريسن ۾ نظر اينديون آهن ۽ پوءِ ساڍي نائين ڏهين کان هائوس وائيف گهر جي سيڌي سامان خريد ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ شروع ڪنديون آهن.
بسين، لارين ۽ ريل جو سڄو ڏينھن مسافر ڍوئڻ جو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ پوءِ رات جا نَو ٿيڻ سان چرپر يڪدم جهڪي ٿيو وڃي، ڇو جو جپان شايد دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي سڄي رات بسيون يا ريل گاڏيون نٿيون هلن. مون سمجهيو هاڻ اهو پراڻو رواج ختم ٿي ويو هوندو پر ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبي هجي يا جپان جو ڪو ننڍو ڳوٺ _ رات جو ساڍي ڏهين کانپوءِ ڪڪڙو ڪون ٿيو وڃي. ان ڊپ کان هرڪو گهڻو اڳ گهر پھچيو وڃي. ڇو جو پوءِ ٽئڪسي ملڻ به ڏکيو ڪم ٿيو پوي ۽ جپان ۾ هونءَ ئي ٽئڪسي مھانگي آهي ۽ رات جو ڏهين کان پوءِ اڃا مھانگي ٿيو وڃي. مون کي ياد آهي ته جھاز وارن ڏينھن ۾ جڏهن اسان ڪجهه وڌيڪ ئي بي پرواهه بادشاهه هوندا هئاسين، ريلوي اسٽيشن تي پھچڻ ۾ هميشه دير ٿي ويندي هئي ۽ آخري گاڏي مِس ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ ٻين جپانين وانگر ريلوي اسٽيشن جي بئنچ تي يا ڪاٺ جي ڏاڪڻين تي سمهي رهندا هئاسين. پر مزي جي ڳالهه ته ڪو به سنئون سڌو جپاني ورلي گاڏي مِس ڪندو هو، گهڻو ڪري اهي هوندا هئا جيڪي ڪلبن ۽ مئخانن مان ڪجهه گهڻو پي نڪرندا هئا ۽ کڻي هو صحيح وقت تي پھچڻ لاءِ ڪلب ڇڏينداهئا پر شايد پيئڻ بعد هنن جون ٽنگون ساٿ نه ڏينديون هونديون. اهو به چڱو جو ڪوبي ۽ اوساڪا شھرن جون ”سَن نَو مِيا“ (جنھن کي اسين ’سُنو ميان‘ چوندا هئاسين) ۽ ”اميدا“ جھڙين ريلوي اسٽيشنن تي ڊگهيون بئنچون هيون، جن تي سوٽ پھريل جپاني آفيسر به سمهي سگهيا ٿي. اسين ته هئاسين ٽي شرٽ ۽ جينز ۾ سو لت کوڙي سمهي رهندا هئاسين، پر جپاني اصولن جا پڪا سو گهڻا تڻا سمهڻ بدران انهن بئنچن ۽ ڪرسين تي ويھي اڇو صبح ڪندا هئا. چي بئنچون وھڻ لاءِ رکيون ويون آهن ۽ نه سمهڻ لاءِ. نشي ۾ ڌت هوندي به هو اصول جي ڳالهه تي پڪا هوندا هئا ۽ اسان پنھنجي منھن، مٿن کِلندا رهندا هئاسين. اهڙي ئي هڪ رات جي ڳالهه ڪنھن هنڌ تي لکي چڪو آهيان يا شايد زباني دوستن کي ٻڌائي هوندم ته ٻه جپاني نشي ۾ آخري گاڏيءَ ۾ چڙهي نه سگهيا. هڪ جو ٻئي کي ٿيلهو لڳي ويو ۽ هو ٿاٻڙجي ڪري پيو. پھرين هن کي ڀاڪر ۾ کڻي اٿاريو، ايتري ۾ ٽرين جا دروازا بند ٿي ويا ۽ اها ڇٽي وئي. ڪريل ماڻهو جنھن کان نشي جي حالت ۾ صحيح بيٺو نٿي ٿيو، اهو ٻئي تي اچي بگڙيو. اسين به ان وقت ڊوڙندا ٽرين لاءِ اچي پليٽ فارم تي پھتاسين ته خبر پيئي گاڏي اها پئي وڃي. يڪدم پنھنجي قسمت تي ڳوڙها ڳاڙي ته اسٽيشن جي ڪاٺائين پليٽ فارم تي سمهڻو پوندو، حالتن سان يڪدم سمجهوتو ڪري هنن ٻن جپانين جي زباني جهيڙي کي ٻڌڻ لڳاسين. جيڪو ڪِري پيو هو اهو ٻئي کي چئي رهيو هو ته تو مون کي ڌڪو ڏنو، مون کي پنھنجو ٽيليفون نمبر ڏي ته سڀاڻي پوليس کي ٻڌايان. ۽ اڳلو اها ئي ورندي ڏيندو رهيو ته مون توکي ڪونه ڪيرايو، تون پاڻهي ٿاٻڙجي ڪِري پئين. آئون توکي فون نمبر نه ڏيندس.
اسان کي ويجهو بيٺل ڏسي هو اسان کي چوڻ لڳو ته توهان هن جو فون نمبر مون کي وٺي ڏيو. پر اڳلي جو اهو ئي ضد ته جڏهن منھنجو ڏوهه ئي نه آهي ته نمبر ڇو ڏيانءِ...۽ اسان پنھنجي منھن کلندا رهياسين ته جپاني پنھنجي اصول تي ڪيڏو اٽل آهن. هن کي نمبر نه ڏيڻو آهي سو نٿو ڏئي. اتي اسان پارو هجي ته ٻئي کي ويتر خوار خراب ڪرڻ لاءِ غلط نمبر ڏئي ڇڏي ها، پر هي جپاني ڪوڙ به نٿا ڳالهائين.
هڪ دفعي ٽرين ڇڏائي وڃڻ ڪري صبح جو پھرين ٽرين ۾ چڙهياسين. ٻه جپاني ڪمپليٽ سوٽن ۾ جيڪي اسان وانگر سڄي رات پليٽ فارم تي ويٺا هئا، انهن مان هڪ ساڳي پاسي ويندڙ ٽرين ڏي وڌڻ لڳو، جنھن پاسي کان رات هتي پھتو هو. منھنجي ياد ڏيارڻ تي هو شايد غلط پاسي ڏي پيو وڃي جو رات جو گهر وڃڻ لاءِ هن پاسي جي ٽرين لاءِ آيو هو ته وراڻيائين:
”گهر ته هونءَ ئي نه ويس سو نه ويس، هاڻ گهر وڃي ڪھڙي ڌوڙ پايان، گهٽ ۾ گهٽ آفيس ته وقت تي وڃي پھچان...“ ۽ آفيس ڏي ويندڙ ٽرين ۾ هليو ويو.
بھرحال اسين ڌاريان سڌرياسين يا نه پر رات جو ٽرينون ۽ بسيون بند ڪري جپان جي حڪومت پنھنجي ملڪ جي ماڻهن کي رات جو دير تائين رلڻ پنڻ کان دلشڪستو ضرور ڪيو آهي. هرڪو آخري ٽرين ڇٽڻ جي ڊپ کان ان کان اڳ وارين گاڏين ۾ گهر پھچيو وڃي ۽ رات جا ڪافي ڪلاڪ ننڊ ڪري صبح جو فريش ۽ چست ٿي آفيس يا فئڪٽري پھچي ٿو ۽ پنھنجو پنھنجو ڪم صحيح طرح سر انجام ڏئي ٿو.
هتي جي هڪ ٻي ڳالهه قابل غور ۽ نوٽ ڪرڻ جي اها آهي ته اونهارو هجي يا سيارو، هر ڪو ٻار ٻچو پنھنجي گهر يا فليٽ ۾ سکيو ويٺو آهي. ٻارن جا اسڪول ساڍي اٺين کان پنجين تائين آهن، ان ۾ جيڪا ڪجهه ڊوڙ ڊڪ ڪرڻي پوي ٿي اها ڪن ٿا، ان بعد گهر جي دريءَ تي به نٿا بيھن. ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪري رستن تي کيڏڻ يا دانھون ڪرڻ ته ٿي پري جي ڳالهه. اسان جي ٻارهن ماڙ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 120 کن فليٽ هوندا ۽ ايڏيون ڏهه ٻارهن عمارتون اسان جي بلڊنگ جي چوڌاري آهن، پر مجال آهي جو هيٺ رستي تي يا پنھنجي پنھنجي عمارت جي هيٺان ٻارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن. هتي جو ڪلچر ڪجهه اهڙو آهي جو اسڪول کان اچڻ بعد ٻار وهنجي ٿوري دير هوم ورڪ ۽ ٽي وي ڏسي ماني کايو اٺين نائين تائين سمهيو رهن ۽ پوءِ صبح جو ڇھين ساڍي ڇھين پاڻهي اُٿيو تيار ٿين، ڇو جو هنن جي ننڊ پوري ٿيو وڃي ۽ صبح جو نه فقط پاڻهي اٿن پر فريش به محسوس ڪن. اسان وٽ ڪيترا ٻار اسڪول ويندي پنڪيون کائيندا نظر ايندا. هو به ڇا ڪن؟ مائٽن سان گڏ رات جو ٻي تائين ٽي وي يا وي سي آر تي فلمون ڏسن، پوءِ ننڊ پوري ڪيئن ٿئين. مائٽ ته کين اسڪول موڪلي، بلڪ تڙي پاڻ وري سمهي ننڊ پوري ڪن. ٻار گهٽ ننڊ جي ڪري وڃن موڳا ۽ نٺر ٿيندا.
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا هرڪو ڌاريون هتي جپان ۾ اچي نوٽ ڪري ٿو ته رستي تي گاڏين جا هارن نه برابر وڄن ٿا. مڃيان ٿو ته سڌريل ملڪن ۾ گاڏين وارا اجايو سجايو هارن وڄائي اڳين گاڏين وارن ۽ ان پاڙي ۾ رهندڙ ڀاتين کي ڊسٽرب نٿا ڪرڻ چاهين، پر جپاني ٻين ڳالهين سان گڏ گاڏي هلائڻ ۾ ايڏا Polite ۽ ٻئي جو خيال رکڻ وارا آهن جو ڪڏهن ڪڏهن سڄو ڏينھن گذري ويندو آهي پر هارن جو آواز ڪن تي نه پوندو آهي.
اڄڪلهه هتي سج پوري ساڍي ستين وڳي لھي ٿو. ساڍي نائين بجي ڌاري سومهڻي (عشاء) جي نماز پوري ڪري پنج ڇھه منٽ بالڪنيءَ ۾ اچي بيھندو آهيان ته رستن تان گاڏين جي اڃا چڱي اچ وڃ هوندي آهي، پر فوٽ پاٿ تقريباً ويران ٿي چڪا هوندا آهن. ڪو رکي رکي ماڻهو لنگهي ويندو آهي يا ڪڏهن پوري فئملي (زال مڙس) پنھنجي ننڍي ٻار ۽ پوڙهي ماءُ پيءُ سان گڏ پسار ڪندي نظر ايندا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي ته هيڏي وڏي شھر جي هن چھل پھل واري علائقي ۾ به جلدي ماٺ ٿيو وڃي. ڏهين تائين ته بنھه ماٺ لڳيو وڃي. جيتوڻيڪ يورپ وارا به ڪم ۽ آرام کي پنھنجي پنھنجي وقت تي ترجيح ڏين ٿا پر اهي به ايڏو جهٽ گهرن ۾ داخل نٿا ٿين، جتي خاص ڪري اونهاري ۾ ته يارهين بجي تائين رستن ۽ گهٽين ۾ نه فقط ماڻهن جي هلچل پر جوان ڇوڪرن ڇوڪرين جون دانھون ڪوڪون ۽ ٽھڪ ويندي ٻارن جون رڙيون لڳيون رهنٿيون. پر جپاني سڄي دنيا کان مختلف آهن. سنگاپور جي ماڻهن کي حڪومت جي ڏنڊي ۽ ڳرن ڏنڊن Disciplined بنايو آهي پر جپانين جو ڪلچر ئي اهو آهي. سندن اها Built-in عادت آهي ته سوير سمهجي، سوير اٿجي ۽ اوڙي پاڙي جو خيال ڪجي. زور سان ڳالهائڻ يا بلڊنگ جي اندر توڙي ٻاهر دانھون ڪرڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو. ڇنڇر يا آچر ڏينھن ٻارن کي ڊوڙڻ ڊڪڻ، اسڪيٽ يا اسڪوٽر (موٽر سائيڪل نه پر Skates ۽ Skiing جھڙيون ڦيٿن لڳل تختيون) هلائڻ لاءِ موڪل ڏيندا پر بلڊنگ جي ٻاهران نه. جيتوڻيڪ هر بلڊنگ جي ٻاهران ان بلڊنگ جي اڌ جيترو پٽ خالي ڇڏيل رهي ٿو پر هو پاڙي اوڙي جو سک ڦٽائڻ بدران پنھنجي ٻارن کي ڪنھن پارڪ يا ميدان ۾ وٺي ويندا. اهڙين ڳالهين لاءِ هو پاڻ کي تڪليف ڏيندا پر پاڙي جي ماڻهن کي ڊسٽرب نه ڪندا. سنگاپور وانگر جيتوڻيڪ هتي ڪو اهڙو قاعدو ٺھيل نه آهي پر ان قسم جا اخلاقي قاعدا هتي جي ماڻهن جي دلين تي سالن کان اڪريل آهن، جن تي هو سختيءَ سان عمل ڪن ٿا. گذريل ٻن مهينن ۾ مون فقط هڪ دفعو ڇوڪرن ڇوڪرين جي کلڻ ۽ ٻارن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو . ڊوڙ پائي بالڪنيءَ مان ڏسڻ آيس ته اسان جي بلڊنگ يا ڀر واري بلڊنگ جون چار پنج ڇوڪريون ۽ هڪ ٻه ڇوڪرا پنھنجي ننڍنڀائرن ڀينرن سان گڏ دارون(ڦٽاڪا) ساڙي رهيا هئا. هنن پاڻ سان هڪ پليٽ آندي هئي، ان تي ميڻ بتي ٻاري ان مان پنھنجيون دارونءَ جون شيون ٻاري خوش ٿي رهيا هئا. پر انهن ۾ ڪا به ٺڪاءُ ڏيڻ واري يا پري اڏامي وڃڻ واري نه هئي. سڀ شيون جل ڦل نموني جون هٿ ۾ جهلي ٻارڻ واريون هيون يا هڪ ئي هنڌ ٻري رنگين روشني ڪڍڻواريون هيون. پاڻ سان گڏ هڪننڍو دٻو آندو هئائون، جنھن ۾ انهن ٻرندڙ شين جون لوهي تارون يا بچيل کوپا وڌا ٿي، متان سندن مان ڪنھن جو هٿ انهن گرم تارن کي لڳي وڃي. آخر ۾ هو ان سموري ڪچري سميت، سڀ سامان کڻي گهر ڏي روانا ٿيا.
ان واقعي بعد ڪالهه هڪ اٺ ڏهه سالن جو ٻار هڪ ڦيٿي واري سائيڪل هلائي رهيو هو. مون يڪدم احسن ۽ ايمان کي سڏ ڪيو ته ڏسو هي هلائي پيو، توهان به پنھنجي سائيڪل هيٺ وڃي هلايو، پر ٻنهي اهو چيو ته اهو ٻار غلط ڪم ٿو ڪري.
”اسان کي مِس چيو آهي ته بلڊنگس اڳيان ڇڏيل ميدان ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ناهي.“ هنن ٻڌايو.
جپان جي ٻارن جي ننڍي هوندي کان وٺي سٺيون ڳالهيون سيکارڻ ۾ ماءُ پيءُ کان وڌيڪ ٽيچر (ماسترياڻي) جو وڏو هٿ آهي، جيڪا ڪنڊرگارٽن ۽ نرسريءَ کان وٺي ٻارن کي اها سُتي وجهندي رهي ٿي ته هيئن هلجي، هيئنوهجي، هيئنکائجي، هيئن بس ۾ لھجي چڙهجي، هي ڳالهيون سٺيون آهن، هي خراب آهن .... وغيره.
اسان ڏهه سال جپان ۾ ايندا ويندا رهياسين ۽ پنھنجو پاڻکي هنن جي اصولن مطابق رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسين، پر هينئر ٿو ڏسجي ته اڃا دهلي دُور آهي. احسن ۽ ايمان کان روز نئين ڳالهه جي خبر پوندي رهي ٿي. ڪنھن سان ڳالهائڻ يا بس ٽئڪسي لاءِ بيھڻ وقت بند ٿيل ڇٽي اڳيان سڌي ڪري جهلي بيھجي (جيئن بندوق جو منھن هيٺ ڪري بيھجي ٿو) ٿوري به Angle تي جهلڻ هتي خراب سمجهيو وڃي ٿو، جوان تان ٽميل پاڻي ٻي تي ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ چوڌاري نظر ڪيم ته سڀني جپانينکي ائين ڏٺم ۽ اسان هميشه غلط ڪم ڪندا رهياسين.
هڪ ڏينھن هڪ جپانيءَ کان هتيجي هڪ مشھور ڪتابن جي دڪان ‘Quest’ جو پڇيم. هن ڪجهه رستو ٻڌائڻ شروع ڪيو ته آئون سمجهي ويس ته هو ان دڪان بدران ڪنھن ٻئي دڪان يا لئبريريءَ جو ٻڌائي رهيو آهي، سو سندس ڳالهه کي يڪدم ڪٽي چيم ته اهو نه پرجيڪو ’مارووا‘ شاپنگ سينٽر ڀرسان آهي. هو سمجهي ويو ۽ پوءِ هن اهو رستو ٻڌايو. پر مون ڏٺو ته مون سان گڏ بيٺل احسن Uneasy محسوس ڪري رهيو هو، منھنجي پڇڻ تي چيائين:
”نانا ٻئي جي ڳالهه اڌ ۾ نه ٽوڙيو.“
”ڇو؟ اجايو هن کي غلط دڪان جو رستو ٻڌائڻ ۾ وقت لڳي ها.“ مون وراڻيومانس.
”ها، اهو صحيح آهي. پر هتي ان کي خراب ٿا سمجهن، ڳالهه پوري ڪرڻ بعد چئجيس.“ هن چيو ۽ آئون سمجهي ويس ته هن جو مطلب ڇا آهي. جپان ۾ ڳالهائڻ جي ڌيرج واري Polite ٽون سان گڏ ننڍي وڏي لاءِ تون، توهان، توهان _ جن وغيره قسم جي آدابن سان گڏ، ان قسم جون ڪئين ڳالهيون خيال ۾ رکڻيون پونٿيون. يعني مٿين Case ۾ هن جي ڳالهه Interrupt ڪرڻ بدران کيس سڄي ڳالهه پوري ڪرڻ بعد چئجي ته ”اها ڳالهه ته تنھنجي صحيح آهي پر آئون فلاڻي دڪانجو پيو پڇان.“ هونءَ به ڪنھن جپاني جي ڳالهه ڪٽڻ سان هن جو مونجهارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. اهي ته نارمل ڳالهيون ٿيون، پر سياستدان يا ڪتابن جا نقاد ٻئي جي ڳالهه نه مڃڻ وقت به شروعات Polite نموني سان ڪندا، ته توهان جي ڳالهه ٿي سگهي ٿو پنھنجي جاءِ تي درست هجي، تمام سٺو خيال ٿو لڳي، پر منھنجي خيال ۾ هيئن هجڻ گهرجي...“
هتي پنھنجي گهر جي بالڪنيءَ جي ڳالهه ڪري رهيو هوس، جتي بيھي هو اکائڻ، چوڌاري جو نظارو ڪرڻ سان گڏ گذريل وقت ۾ جهاتيون پائڻ لاءِ خوبصورت Outlet ملندو اٿم. ڪڏهن ڪڏهن سامهون جا جبل ۽ اتي ننڍڙا ننڍڙا هارين نارين جا گهر ڏسي جپاني ليکڪن مشيما يوڪيو، تڪاشي((Takashi Atoda، نڪاگامي، (Kenji Nakagami)، ڪاواباتو ياسو ناري ۽ ڪينزابورو (Oe Kenzburo) جھڙن جي ناولن جا بئڪ گرائونڊ ياد اچي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هتي جونچوڌاري ٺھيل گهڻ ماڙ عمارتن جي عمارت سازيءَ تي غور ڪندو آهيان ته ڪڏهن انهن جي مٿان وڏن اکرن ۾انهن جا جپانيءَ ۾ لکيل نالا پڙهڻ جي ڪوشش ڪندوآهيان. ڪن ڪن عمارتن جا انگريزي ءَ ۾ به نالا لکيل آهن، جيئن Koeo, Sky-Mansion, Best Kosan, Toto وغيره. Toto فليٽن واري عمارت هتي جي مشھور ٽوٽو ڪمپنيءَ ٺاھي آهي، جنھن جا ٺھيل ڪموڊ دنيا ۾ مشھور آهن، جن ۾ ميوزڪ ۽ خوشبوءِ جي اسپري اچڻ کان علاوه اليڪٽريڪلي بلڊپريشر، ٽيمپريچر ۽ هاڻ شگر ليول پڻ چيڪ ڪرڻ جو بندوست رکيل آهي. پنھنجي بالڪنيءَ مان چوڌاري نظر ايندڙ اوچين بلڊنگن، مونو ريل جي پٽن ۽ رنگين بتين وارن Sign Boards جي وچ وچ ۾ هيٺ زمين سان مليل پراڻي زماني جا ڪنڊائتين ڇتين وارا گهر پڻ آهن. اڄ کان 22 سال اڳ هي سڄو شھر هھڙين جهوپڙين جھڙن گهرن جو ڳوٺڙو هو، جن جي وچ مان نانگ وانگر ڪو پڪو رستو لنگهيو ٿي. هنن وڏين بلڊنگن ۽ مٿان هلندڙ مونو ريل مان ڪا به اهڙي شيءِ ناهي، جيڪا پنڌرهن سالن کان مٿي پراڻي هجي ۽ اهو ئي حال هنن جي ڀر وارن بندرگاهن، موجي ۽ شيمونو سيڪيءَ جو هو ۽ اهو ئي حال اوساڪا ۽ ڪوبي شھرن جي ٻھراڙيءَ جو هو. اڄ کان پاءُ صدي اڳ جو اهو زمانو اڄ به منھنجي اکين اڳيان ڦري رهيو آهي.

جپانين جي سڀاڳي ٻلي

جپان جي کڻي ڪھڙي به شھر ۾ اچو_ توهان کي اڌ ڪلاڪ کن مارڪيٽ يا بازار جي چڪر ۾ هڪ ٻندڪانن اڳيان پٿر، پلاسٽڪ يا ڪنھن ٻئي مٽيريل جي هٿ مٿي کڻي ويٺل ٻلي ضرور نظر ايندي. اها ٻلي اليڪٽرڪ ڪرنٽ يا بيٽري سيلن ذريعي پنھنجو هٿ (چنبو) هيٺ مٿي پئي ڪندي. هيءَ ٻلي Maneki neko سڏجي ٿي ۽ هتي جي ماڻهن جي عقيدي موجب اها دڪاندار (هوٽل واري) لاءِ ڀاڳ (پئسو ) ۽ گراهڪ آڻي ٿي. ان ڪري هن قسم جي ٻلي جيڪا مانيڪي نَيڪَو سڏجي ٿي، توهان کي جپان جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ملندي، جيڪا ڪٿي پنھنجي اڳين ٻانھن مٿي ڪري (سندس چنبي جو منھن توهان ڏي ڪري) ويٺي هوندي يا چنبو ائين پئي هيٺ مٿي ڪندي ڄڻ توهان کي دڪان يا هوٽل ڏي سڏي رهي هجي.
ڪو زمانو هو جو جپانين جو اهو خيال هو ته، ٻليون پنھنجو روپ بدلائي جن ڀوت پڻ ٿيو وڃن. هونءَ به جپاني عقيدي موجب سندن لوڪ ڪھاڻين ۾ ڪيترائي ڀوت (Monsters) آهن، جن ۾ هڪ ’باڪي نيڪو‘ ٻلي وارو ڀوت تمام گهڻو مشھور آهي. جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته Neko O Koroseba nanadai tataru (ٻلي نه مارجو نه ته هن جي پِٽَ توهان جي ستن پيڙهين تائين لڳندي).
هونءَ جپان سھڻين ٻلين (Neko) ۽ ڪتن (Inu) جو ملڪ آهي. ڪتا گهڻو ڪري ننڍا ڌاريا وڃن ٿا ۽ انهن کي واڪ ڪرائڻ ۽ وقت تي هنگائڻ مُٽائڻ جي کٽراڳ کان علاوه سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ سنگاپور فرانس وانگر جپان جي حڪومت به ڏينھون ڏينهن ڪتن پالڻ وارن تي سختي ڪندي وڃي ته رستي تي جنھن جي به ڪتي گند ڪيو ته اهو ان ڪتي جي مالڪ يا مالڪڻ کي کڻڻو آهي. ڪتن جي مالڪن کي ان حڪم کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي خاص ڪري پارڪن ۽ باغيچن ۾ بورڊ لڳل آهن. سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو آهي ته هر گهٽيءَ جي موڙ وٽ، بس اسٽاپ وٽ، دڪانن پويان عام ڪچري جي دٻن سان گڏ گڏ ڪتي جي ڪاڪوس جو دٻو به رکيل ٿئي ٿو. ڪتي جي رستي خراب ڪرڻ تي مالڪ کيسي مان پلاسٽڪ جي ٿيلهي ڪڍي، هٿ تي چاڙهي ڊوڙ پائي ان دٻي ۾ وجهندو آهي . پر هتي جپان ۾ ڪتن لاءِ بلڪ انهن جي مالڪن جي سھولت لاءِ (يا ٻين لفظن ۾ خواريءَ کان بچڻ لاءِ) ڪو اهڙو دٻو نظر نٿو اچي. پوءِ ڪتن جو مالڪ يا مالڪڻ ان کي ڪٿي اڇلڻ بدران پنھنجي ٿيلهي يا پرس ۾ وجهن ۽ گهر پھچي ان کان آجيون ٿين.
ٻلين سان اهو مسئلو ناهي. هنن کي پاڻ ئي خيال ٿئي ٿو ۽ کڏ کوٽي هنگي پوءِ مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏين. کين نه ميونسپالٽي ۾ رجسٽرڊ ڪرڻو پوي ٿو ۽ نه کين رسو ٻڌي هلڻو پوي ٿو. هو گهرن اڳيان مالڪياڻين سان گڏ ڌڪين تي ويٺيون هونديون يا گهٽين ۾ ناز نخري سان واڪ پيون ڪنديون.
هونءَ هتي جي رواج مطابق ماڻهن ڪوئن کي مارڻ لاءِ ٻليون پاليون ٿي. ان ڪري گدامن، سيڌي جي دڪانن ۽ هوٽلن ۾ ٻلين جو هجڻ هڪ عام ڳالهه سمجهي وئي ٿي پر هاڻ اڄ جون امن پسند يا کڻي چئجي ته سست ۽ ڊڄڻيون ٻليون ڪوئن کي ڦاسائڻ يا مارڻ جي چڪر کان پاڻ کي پري رکن ٿيون. بس هاڻ سڄي جپان ۾ دڪانن، خاص ڪري هوٽلن اڳيان جپاني ٻي ڪا ٻلي رکڻ بدران چيني، ڪاشي، ڪانچ، پٿر يا پلاسٽڪ مان ٺھيل هيءَ ڀاڳ واري ٻلي Maneki-neko رکن ٿا.
چيني ٻارهن سالن واري چڪر Zodiac ۾ ٻلي ڪوئي لاءِ خطرو آهي. ٻلي جپاني لوڪ ڪھاڻين، پھاڪن ۽ شاعريءَ ۾ ته آهي پر کيس جپاني Zodiac ۾ جاءِ نه ڏني وئي آهي. پراڻي مصر ۾ ري ديوتا جي ٻلي ڌيءَ (جنھن جو نالو باسطيت هو) کي ديويءَ جو رتبو مليل هو. جپاني پنھنجي نيڪو (ٻليءَ) کي ديويءَ جو رتبو ته نه ڏئي سگهيا آهن پر ٻلي (Neko) جپاني ادب ۽ ڪلچر ۾ اهم جاءِ ضرور والاري سگهي آهي. جپان جي مشھور ناول نويس سوسيڪِي (Soseki) جي هڪ مشھور ناول Wagahai we neko de aru (آءٌ ٻلي آهيان) ۾ ته ٻليءَ کي ڪھاڻي جي هيرو جو درجو مليل آهي ۽ اڄ ڏينھن تائين اها ٻلي جپان جي مشھور ترين ٻلي مڃي وڃي ٿي. ائين ته هڪ ٻئي مشھور جپاني ليکڪ تاني زاڪيءَ به پنھنجيناول Neko to shozo to futari no omna (ٻلي، مرد ۽ ٻه عورتون) ۾ هڪ ٻليءَ کي مرڪزي ڪردار ڏنو آهي.
جپان جو مٿيون ليکڪ سَو سَيڪِي ذات جو ناتسو مَي 1867ع ۾ ڄائو ۽ سندس مرڻ جو سال 1916ع آهي. جپان جي نه فقطن وڏن ۽ مشھور ليکڪن مان آهي پر جپان جي مَي ئيجي (Meiji) دؤر جو آخري ۽ تائيشو (Taisho) دؤر جي شروع وارن ڏينھن جو وڏو اثر رسوخ وارو ماڻهو ٿي گذريو آهي. پاڻ ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو.سندس پھريون 800 کن صفحن جو ناول “I am a cat” سن 1905ع ۾ ڇپيو. ان بعد 1907ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي سڄو وقت لکڻ ۾ لڳائين. سندس ٻيون مشھور لکڻيون هي آهن: The Three Cornered World جيڪو ڪتاب 1906ع ۾ ڇپيو، ڪوڪورو 1914ع ۾ The Frass on Wayside سن 1915ع ۾ ڇپيو.
1984ع ۾جپاني نوٽ بدلايا ويا ته هڪ هزار يين جي نوٽ تي (جيڪو روز مره جي زندگيءَ ۾ سڀ کان گهڻو استعمال ٿئي ٿو، جيئن پاڻ وٽ پنجين ۽ ڏهين جو نوٽ) هن جپاني ليکڪ جي تصوير ڏئي کيس وڏي عزت بخشي وئي آهي، نه ته جپاني نوٽن تي اسان هميشه شھزادي شوتوڪو (574-622 Shotoku) ۽ واءِ ڪائونٽ اِتو هِيرو بومي (1868ع _ 1912ع) جھڙن جون تصويرون ڏٺيون. شھزادو شوتوڪو اهو پھريون وڏي رتبي جو ڪامورو آهي، جنھن نارا دؤر (710ع _797ع) کان اڳ ٻڌ ڌرم کي جپان ۾ پير کوڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو.
بھرحال هتي پاڻ اديبن ۽ شھزادن جي نه پر ٻلين جي ڳالهه پيا ڪريون. پاڻ وٽ ڪُئي ٻلي جي ڊوڙ (دشمني، جهيڙو) مشھور آهي ۽ ٻلي ڪتي جي پڻ. يورپ پاسي ته ڪنھن جي دشمنيءَ لاءِ اهو ئي چوندا آهن ته هنن جو ڪتي ٻليءَ وارو وير يا جهيڙو لڳو رهي ٿو، يعني ڪٿي به اهي ٻه جانور سڪون سان ويھي نٿا سگهن، پر توهان کي تعجب لڳندو ته جپان ۾ ان معاملي ۾ ٻليءَ کي ذليل ڪرڻ کان بچايو ويو آهي. جپان ۾ اها دشمني ڪتي ۽ ڀولڙي جي وچ ۾ مشھور آهي. ٻه ماڻهو هڪ ٻئي سان صحيح نه هلندا ته جپانيءَ ۾ انهن لاءِ “Kenen no Naka”يعني ’ڪتي ۽ ڀولڙي وارو تعلق اٿن‘ چوندا. هڪ سنڌي دوست کي چيم ته دنيا ۾ فقط جپاني آهن، جيڪي ڪتي ٻلي جي دشمني واري عام اصطلاح بدران پنھنجو ٺاهيل ڏين ٿا ته هن ٺھه پھه چيو: ”ٻيا پاڻ سنڌي.“
”اهو وري ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”پاڻ وٽ ڪنھن جي دشمني يا نه ٺھڻ لاءِ چوندا آهيون ته هنن جي چانڊين مگسين واري لڳل آهي.“
مٿين مثال (يعني ٻلين جي_ ۽ نه چانڊين مگسين جي) مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جپان ۾ ٻلين جو نه فقط اهم درجو آهي، پر مغرب کان مختلف ۽ نرالو پڻ. يورپ توڙي آمريڪا پاسي ٻليءَ کي کير ۽ ملائي ڏني وڃي ٿي، پر جپان ۾ ٻلين جو دلپسند کاڌو سڪل مڇيءَ جون سنهيون ڪٽيل چپس (Flakes) آهي، جنھن کي جپانيءَ ۾ ڪاتسو اوبوشي (Katsu Bushi) سڏين ۽ ان تان ئي جپاني هڪ اصطلاح ٺھيو آهي_ Neko ni Katsuobushi جيڪو چتاءُ آهي ته ’ڪنھن کي گهڻي عياشيءَ جي عادت نه وجهو‘ يا ڪنھن کي عمدي شيءِ ڏيکاري نه هرکايو.
ٻليءَ جي آواز کي يورپ توڙي آمريڪا ۾ Meow سڏين، اسان وٽ مياؤن مياؤن، پر جپان ۾ نِيا نِيا (Nyaa Nyaa) يا ڪڏهن ڪڏهن Nyan-Nyan جنھن ۾ آخري N (نون) گهنو آهي.
جپاني زبان ۾ ٻليءَ تان ٻيا به ڪيترائي پھاڪا ۽ اصطلاح ٺھيل آهن، جيڪي روزمره جي ڳالهائڻ ۾ استعمال ٿين ٿا.
ڪو ماڻهو يا ٻار پنھنجي ڏنگي ۽ جهيڙاڪ طبيعت جي ابتڙ ماٺ ۽ فضيلت ڪري وهي، جيئن ٻلي نئين ماڻهوءَ جي گهر ۾ ڪندي آهي ته ان کي جپاني Karite Kita Neko معنيٰ ”اُڌاري آندل ٻلي“ چون.
اهو ماڻهو جيڪو گهڻو گرم کاڌو يا گرم چانھه، کير وغيره نه پي سگهي ته ان کي Neko Jita يعني ٻليءَ جي ڄڀ چون. جپانيءَ ۾ هڪ ٻي چوڻي آهي، Neko Ni Koban ٻليءَ کي گِنيون (سونا سڪا) ڏيڻ. يعني ڪنھن کي اها شيءِ ڏيڻ جنھن جو هن وٽ قدر نه هجي. جيئن پاڻ وٽ رڍ اڳيان رباب وڄائڻ. اڙدوءَ ۾ مينھن اڳيان مرلي وڄائڻ يا انگريزيءَ ۾ ”سوئر اڳيان هيرا اڇلڻ“ آهي. ڪٿي ڪا شيءِ رکڻ جي ٿوري جاءِ هوندي ته ان جو اظھار ڪرڻ لاءِ جپاني چوندا Neko no hitai معنيٰٻليءَ جي نِرڙ جيتري جاءِ آهي. ڪٿي ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هوندو يعني ماٺ مٺوڙ لڳو پيو هوندو آهي ته پاڻ چوندا آهيون ته ”ڪڪڙون تون“ لڳي پيئي آهي پر جپاني ان جاءِ لاءِ جتي زندگيءَ جو ڪو آثار نه هجي ان لاءِ چون Neko no ko ippiki inai _ اهڙو ويران هنڌ جتي ٻليءَ جو پونگڙو به نظر نه پئي آيو. ڪا شيءِ جلدي بدلجندي رهي ته ان لاءِ چوندا Neko no me no you ni kawaru _ معنيٰ ٻليءَ جي اک وانگر بدلجڻ.
جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: Neko no to me karitai ٻليءَ کان سندس چنبو (پنجو) اڌارو وٺڻ. ان کان علاوه ٻليءَ تي ٻيا به ڪيترائي اصطلاح آهن، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ مون کي سمجهه ۾ نه اچي سگهيا آهن، جھڙوڪ Neko Okaburu جيڪو منافق ماڻهوءَ لاءِ چيو ويندو آهي، Nekoze (ٻليءَ جي پٺيءَ جو ڪنڊو) وغيره.
ٽوڪيو جي هڪ علائقي تاماگاوا ۾ هڪ جاءِ Nekotama دنيا جي ٻلين کان مشھور آهي. ٻلين جا شوقين هتي اچي نه فقط اهي ٻليون ڏسندا آهن پر انهن کي ڪڇ۾ کڻي فوٽو به ڪڍرائين.

• ٻليءَ بابت ڪجهه ٻيون دلچسپ چوڻيون
* ٻلي توهان جي دوست ته ضرور ٿي سگهي ٿي پر غلام هرگز نه.
* ڪير آهي جنھن کي ٻليءَ کان به بھتر دوست آهي.
انگريزيءَ جي مشھور ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي به هڪ هنڌ ٻليءَ لاءِ لکيو آهي ته “A Cat has abasolute honesty”
* هر ٻليءَ جو مالڪ ان ڳالهه کان چڱيءَ طرح واقف آهي ته ٻلي هن جي ملڪيت ٿي نه سگهندي.
ٻلين جي ڳالهه تان هڪ جپاني عورت کلندي ٻڌايو_ خبر ناهي واقعي سچ پچ يا چرچي ۾ ”مون مڙس کي ڀڄائي ڇڏيو، ڇو جو منھنجي پاليل ٻلي هن کان الرجڪ هئي...“
ٻليءَ کي دل سان چاهڻ واري هڪ انگريز عورت جي به ان قسم جي ڳالهه مشھور آهي.
“My husband said it was him or the cat…”
۽ هاڻ “I miis him some times…” هن ٻڌايو.

جپان ۾ پاڻ جھڙا ايشين ۽ ٻيا

جپان ۾ نوڪرين يا پڙهائيءَ لاءِ ايترا يورپي يا ايشين ۽ آفريڪن نظر نٿا اچن، جيترا آمريڪا ۾ آهن يا جيترا يورپ جي شھرن ۾ آهن. پوءِ اهو شھر چاهي انگريزي ڳالهائڻ وارن جو لنڊن ۽ مانچسٽر هجي يا فرينچ ۽ جرمن ڳالهائڻ وارن جو پئرس ۽ برلن هجي. بھرحال آئون به ٻن مھينن کان جپان جي مختلف شھرن جي مختلف گهٽين ۽ بازارين جا چڪر هڻان پيو، پوءِ ڪٿي ڪو ايشين يا آفريڪن نظر ايندو اٿم ته هن سان ملڻ تي دل ايڏي ته ماندي ٿيندي آهي جو بس مان لھي به هن کي هيلو! هاءِ! ڪندو آهيان ۽ پوءِ ڏسندو آهيان ته هو به وڏي حب مان ملي ٿو. پر اهو سڀ ڪجهه ٽوڪيو، يوڪوهاما ۽ ڪوبي اوساڪا جھڙن وڏن شھرن کان علاوه. ٽوڪيو يا اوساڪا جھڙن شھرن ۾ هونءَ به هر ملڪ جي ايمبسي ۽ قونصل خانو هجڻ ڪري هر ملڪ جا ماڻهو جام نظر اچن ٿا.
هڪ دفعي هڪ انگريز_ ٽيھن سالن کن جو مليو. هو سامهون کان اچي رهيو هو. ويجهو ٿيڻ تي پڇيومانس ”واٽ ڪنٽري؟“
”انگلينڊ.“ هو به بيھي رهيو.
”هتي ڇا ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
”هتي ٻه مھينا اڳ آيو آهيان. هڪ فئڪٽريءَ م جپاني مزدورن کي انگريزي پڙهائيندو آهيان.“
اڄڪلهه سڄي جپان ۾ انگريزي سکڻ جو وڏو Craze ٿي پيو آهي. خاص ڪي نوجوانن کي ۽ هو انگريزي سکڻ به انگريزن کان چاهين ٿا. هو سمجهن ٿا ته جيئن جپاني لفظ فقط جپان جو باشندو سيکاري سگهي ٿو، چيني چين جو تھڙي طرح انگريزي به فقط انگلينڊ جو سيکاري سگهي ٿو. جيتوڻيڪ انگريزي ته هڪ پاڪستاني،انڊين، سنگاپورين ۽ نائجيرين يا ڪينين به ايتري ئي سٺي سيکاري سگهي ٿو جيتري هڪ انگريز _ جو انهن ملڪن ۾ ٻه سؤ سالن کان مٿي انگريزن راڄ ڪيو آهي ۽ انهن ملڪن جو هر پڙهيل ماڻهو انگريزيءَ کان واقف آهي. جپاني جيڪي ڪجهه ڏينھن شوق ڪري ”واٽ مني ڪياماڙي گوز؟ _ ٽو آنا ڪمس ٽو آنا گوز!“ جھڙي ڪراچي جي مڪراني ٽانگن واري انگريزي سکن ٿا، اها ته هڪ نان انگلش ملڪ انڊونيشيا، سينيگال ۽ چاڊ جو ڊچ، فرينچ ۽ پورچوگالي ڳالهائڻ وارو به پڙهائي ويندو. پر جپاني اخبار يامختلف لئبررين ۾ لڳل اشتھار ۽ نوٽس پڙهبا ته تقريباً هر هڪ ۾ اهو هوندو ته ”انگريزي پڙهائڻ لاءِ پارٽ ٽائيم يا پرمنٽ Native ٽيچر کپي. يعني انگلينڊ جو کپي.“ پوءِ هتي رهندڙ ڪنگلن انگريزن جو ته عيش آهي، پر کوٽ ٿيڻ تي انگلينڊ جو سياڻو سفارتخانو جهٽ پٽ انگلينڊ مان ٻيا بيروزگار به گهرائي وٺي ٿو،جيئن مٿيون همراهه اسان کي مليو، جيڪو هاڻ آيو هو ۽ جپان ۾ ڪو ڇو نه اچي جڏهن جھڙي تھڙي پڙهائڻ جا ڪلاڪن جي حساب سان پئسا ملن ٿا. ڪلاڪ جو هزار رپيا کن ته معمولي ڳالهه آهي.
هڪ دفعي ساسيبو شھر جي ڀر واري ڳوٺ ۾ ڇهه ست آفريڪا جا ۽ هڪ ايشيا جو (جيڪو انڊونيشيا جو هو) مليا. هو مختلف ملڪن جا شاگرد هئا، جيڪي ياماگچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا هئا ۽ هينئر يونيورسٽيءَ طرفان آرگنائيز ٿيل ٽوئر تي ساسيبو گهمڻ آيا هئا.اهڙي طرح هيروشيما ۾ هڪ ٻيو شاگردن جو ٽولو مليو، جيڪي انجنيئرنگ ۾ B.E پنھنجي ملڪ مان ڪري هاڻ وڌيڪ تعليم لاءِ هتي آيا هئا. منجهن آفريڪا جي ملڪن جا گهڻا هئا، جيڪي ايشيا جا هئا انهن ۾ هڪ به پاڪستاني نه هو. اڄڪلهه جپان ۾ پاڪستان جا اعليٰ تعليم توڙي ننڍا ڪورس ڪرڻ لاءِ تمام گهٽ اچن ٿا. جپان ايڏو مھانگو ملڪ آهي جتي ظاهر آهي ڪنھن جو مٿو خراب نه ٿيو آهي جو پنھنجو خرچ ڪري پڙهڻ لاءِ ايندو. هو جپان حڪومت جي ئي اسڪالرشپ تي اچي سگهي ٿو. جپان کان وڌيڪ اسڪالرون يا تعليمي سھولتون حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت يا اسان جو هتي جپان ۾ موجود سفارتخانوئي ڪوشش ڪري سگهي ٿو.
ڪوبي ۽ اوساڪا جي وچ ۾ هڪ شھر نشينومِيا جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ٻه ڇوڪريون پھرين ئي نظر ۾ جپاني نه لڳيون، جيتوڻيڪ برما کان وٺي ڪوريا تائين هن سڄي ريجن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان گهڻو ملن ٿا، جيئن بنگلاديش، انڊيا، سريلنڪا ۽ پاڪستان جا پر هن پاسي جي ملڪن ۾ ڪجهه عرصو رهڻ سان سمجهيو وڃجي ته هي چيني آهي، هي جپاني آهي ۽ هي ڪورين يا ٿائي، ڪمبوڊين وغيره. بھرحال مون کين سنئون سڌو چوڻ بدران ته ”توهان فلپينو آهيو“ جي، اهو ئي پڇيو ته جپاني آهيو؟ ڇو جو غلطيءَ ۾ هڪ فلپينو کي چوڻ ته تون جپاني آهين، اها هن جي عزت افزائي آهي پر هڪ جپاني ڇوڪريءَ کي فلپينو يا چيني چوڻ هن جي بي عزتي آهي. ڪٿي جپاني ڪلچرڊ ۽ سلجهيل ماڻهو (اسان کڻي نه چئون پر جپاني ته پنھنجو پاڻ کي سمجهن ٿا) ۽ ڪٿي چينييا فلپينو! اڃا به جي ڪنھن جپاني ڇوڪريءَ کي گار ڏيڻي هجي ته چئجيس ته تون ڪورين لڳي رهي آهين. ڇو جو جپانين لاءِ ڪورين باگڙي ڀيل آهن. منھنجي پڇڻ تي ڇوڪرين صاف انگريزيءَ ۾ وراڻيو ”نه، اسين فلپينو آهيون.“
فلپينو ڇوڪريون دنيا جي امير ملڪن ۾ جتي آيا، بورچياڻي يا نوڪرياڻي رکڻ جي حڪومت طرفان اجازت آهي (جيئن ته سڀ عرب ملڪ، سنگاپور،ملائيشيا، برونائي وغيره) اتي گهرن ۾ ڪم ڪن ٿيون. پر جيئن ته سئيڊن ۽ ناروي وانگر جپان ۾ به نوڪرياڻي رکڻ تي بندش آهي يا خراب سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري هتي فلپينو ڇوڪرين جو هجڻ عجيب لڳي ٿو. پڙهائيءَ لاءِ به هو هتي نه آيون هونديون جو فلپين اهو ملڪ آهي جتي صحيح تعليم سان گڏ هر سبجيڪٽ جون ٺڳ يونيورسٽيون به آهن، جتي اسان جي ملڪ جا موڳا مٽر، کريل ۽ امير مائٽن جا پٽ به بنا پڙهڻ جي ڊگريون وٺيو اچن. سڀ کان وڌيڪ هنن ڇوڪرين جا نماڻا چھرا سندن خوشحاليءَ جي ڪھاڻي نه پر غم جو داستان ٻڌائي رهيا هئا.
”هتي جپان ۾ خير مان آيون آهيو؟“ مون پڇيومان.
”اسين هتي ڪم لاءِ آيون آهيون.“ هنن ٻڌايو ۽ مون تعجب مان يڪدم پڇيو: ”ڇا! ڪنھن جي گهر ۾؟“
”نه آفيس ۾.“ اهو چئي هڪ ڏک ڀري لھجي مان شڪايت واري نموني ۾ ٻڌايو،”فقط ڇھن مھينن لاء.“
”ڇا مطلب؟“
”اسان هتي ورڪنگ ويزا تي نه آهيون.“
”Oh! Very sad!“ آئون هن جي ڳالهه سمجهي ويس. ڪيتريون فلپين جون بيروزگار ڇوڪريون ڪٿي (عرب ملڪن يا ٻين ۾) جاب نٿو ملي ته پوءِ Risk کڻي پنھنجي کيسي مان ٽڪيٽ ڀري ملائيشيا۽ جپان جھڙن امير ملڪن ۾ گهمڻ جي ويزا (Visit Visa) تي اچي پوءِ نوڪريءَ لاءِ هٿ پير هڻن ٿيون. هنن کي وڌ ۾ وڌ ڇھن مھينن جي ويزا ملي ٿي ۽ پوءِ هنن جي اهائي ڪوشش رهي ٿي ته کين جهٽ ڪنھن آفيس يا دڪان، ڪارخاني ۾ جاب ملي وڃي ته هو چار پئسا ڪمائي پنھنجي سفر جو به خرچ ڪڍن، رهائش دوران پيٽ گذر به ڪن ۽ چار پئسا بچائي پنھنجي ملڪ به کڻي وڃن، جن مان هو پنھنجي شاديءَ جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه گڏ ڪري سگهن يا پنھنجي غريب ڀاءُ ڀيڻن جي پڙهائيءَ لاءِ مدد ڏيئي سگهن ۽ ان سان گڏ ايترو پاڇي ڪري سگهن جو وري ٻئي هنڌ هٿ پير هڻڻ لاءِ ان ملڪ جي ڀاڙيلاءِ نوڪري هٿ ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيئي سگهن. پوءِ ڪيترين ڇوڪرين کي جلد نوڪري مليو وڃي، ڪن کي ايڏو دير سان يا گهٽ پگهار تي جو خرچ لٿي هنن وٽ پائي به نٿي بچي.
ڪيتريون اهڙيون ڪھاڻيون اخبارن م اينديون رهن ٿيون جن ۾ ان قسم جون غريب ڇوڪريون صحيح نوڪري ملڻ بدران غلط ماڻهن جي ور چڙهيو وڃن، جيڪي هنن کي ڀنڀلايو، ظاهريءَ طرح سٺين نوڪرين جا ڏٽا ڏيو، کين مئخانن، مساج پارلرن ۽ چڪلن ۾ آڻيو ڪڍن ۽ ويزا مطابق مقرر ڏينھن کان وڌيڪ رهائي کين قانوني ڏوهاري ڪريو وجهن ۽ پوءِ سندن ان ڪمزوري ۽ پوليس جي پڪڙجڻ جي ڊپ ۾ هو ڪنھن به ڳالهه کان انڪار نٿيون ڪن. ملائيشيا ۽ جپان ۾ کڻي قانون قاعدو آهي، ماڻهو سٺا ۽ شريف آهن، پر انهن ملڪن ۾ به ٺڳ، ظالم ۽ ڪرمنل قسم جا ماڻهو ۽ غلط ڪم هلندا رهن ٿا ۽ پوءِ انهن لاءِ سولو شڪار هن قسم جون غريب ملڪن جون غريب پريشان حال ۽ مجبور ڇوڪريون ٿين ٿيون، جن جا سفارتخانا به بي حس ۽ بي پرواهه رهن ٿا. بھرحال هي وري به ٻين کان وڌيڪ خوشنصيب فلپيني ڇوڪريون هيون جن کي ڪنھن آفيس ۾ ڪم ملي ويو هو جو يقيناً بھتر آهي ۽ هو اونداهي راتين ۾ لڪ چوري ڪٿي ڪم ڪرڻ بدران آزاد گمهي ڦري رهيون هيون.
جنھن شھر ۾ هن وقت آئون رهان ٿو، ان جي ڀر واري شھر فڪوئوڪا ۾ خيرپورناٿن شاهه جو عامر بلوچ به رهي ٿو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فزڪس ۾ M.Sc. ڪئي، ان بعد هاڪس بي تي ڪئنوپ ۾ نوڪري ڪيائين پئي ته ڪيوشو يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرونڪس ۾ پي. ايڇ ڊي ڪري ورتي. اڄڪلهه هو فڪوئوڪا ۾ ئي رهي ٿو ۽ اتي جي هڪ جپاني فرم ۾ نوڪري ڪري ٿو، جيڪو فرم مختلف قسم جا روبوٽ ٺاهي ٿو. عامر چڱو يار ويس ماڻهو آهي. سندس پاڙي ۾ هڪ نئون مسلمان جپاني فئملي عبدالواحد ساتوشي ۽ سندس زال حِڪما چيڪاڪو رهن ٿا. انهن سان عامر اسان کي به ملايو ۽ هو (جپاني مسلمان) اسان جي گهر مانيءَ تي پڻ هڪ ڏينھن آيا، جن جو ذڪر ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين.
هڪ سنڌي ڊاڪٽر ٺري ميرواهه (نوابشاهه پاسي) جو پڻ جپان ۾ رهي ٿو. سندس نالو ڊاڪٽر نور محمد خاصخيلي آهي. پاڻ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ۽ ماڊل اسڪول يونيورسٽيءَ مان انٽر ڪرڻ بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان MBBS ڪئي. ان بعد ٻه ٽي سال نوڪري ڪري، جپان آيو ۽ هتان جي مشھور يونيورسٽي ريوڪيو (Ryukyu) جيڪا اوڪيناوا ٻيٽن تي آهي، مان ڊرموٽولاجي (Skin Disease) ۾ پي. ايڇ ڊي ڪيائين ۽ ٽن سالن کان ان ئي يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندس ڄم جي تاريخ پھرين فيبروري 1967ع آهي۽ اِي ميل ائڊريس هيءَ آهي: khaskhelis@hotmail.com ڊاڪٽر خاصخيلي جو هڪ ٻيو ساٿي ڊاڪٽر عبدالمنان ڀٽو آهي جيڪو اڄڪلهه چانڊڪا ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر عبدالمنان به جپان ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ آيو هو ۽ ناگاساڪي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ حاصل ڪرڻ بعد ڊاڪٽر خاصخيليءَ سان گڏ اوڪينوا ٻيٽن تي ٻه سال کن نوڪري ڪيائين.
هڪ ٻيو ڊاڪٽر ظفر ميمڻ صاحب ٽوڪيو ۾ نوڪري ڪري ٿو. هو جپان اچڻ کان اڳ بقائي اسپتال ڪراچيءَ ۾ هو. سندس ڳوٺ ٺارو شاهه آهي.
ائين هڪ اسان جي ڳوٺ جو نويد ميمڻ پڻ اٺن سالن کان هتي جپان م آهي. پاڻ هالا جي مشھور شخصيت جمعي ٽيڪي جو پوٽو ۽ اسان جي ڪلاس ميٽ ۽ PIA جي مشھور آرٽسٽ علي محمد ميمڻ جو ڀائٽيو آهي. نويد ڪڏهن نگويا ۾ رهي ٿو ته ڪڏهن فڪوئوڪا ۾. پاڻ هتي هميشه رهڻ جي ڪوشش ۾ آهي جو هتي لڳاتار ڪم ڪري رهيو آهي.
گذريل سال ملائيشيا ۾ هوس ته اتي خيرپور ناٿن شاهه پاسي جو قاري غلام سرور ڏهر صاحب مليو. هن کي جپان اچڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن ٻڌايو ته جپان ۾ (شايد ٽوڪيو جي ڀر ۾) لاڙڪاڻي پاسي جا ڪيترائي چنا رهن ٿا ۽ اسان کلندا رهياسين ته جپان سعودي عرب آهي ڇا جتي هڪ ئي ڪٽنب ۽ ذات جا ڪيترائي سنڌي رهيا پيا هجن پر هاڻ مون جڏهن اها ڳالهه ڊاڪٽر خاصخيليءَ سان ڪئي ته هن کلندي چييو ته اهو صحيح به ٿي سگهي ٿو جو ٽوڪيو پاسي ڪيترائي اتر سنڌ جا جتوئي ۽ ٻيا غيرقانوني رهيا پيا آهن. ٿي سگهي ٿو چنا ۽ ٻين زاتين جا به هجن. پوءِ جپان ۾ غيرقانوني هجڻ ڪري، هتي جا بدمعاش ڪارخانيدار انهن ماڻهن کان گهٽ پگهار تي پورهيو وٺن ٿا ته به پنھنجي ملڪ يا عرب ۽ يورپ جي ملڪن کان هتي جپان ۾ چڱو خاصو پئسو بچيو وڃي. جپان ۾ جتي کاڌي پيتي جون شيون ۽ ڀاڙا ڀتا وڏا آهن اتي پگهار به دل وٽان ملن ٿا.
اڄ ڪَوڪُورا اسٽيشن جي چار ماڙ شاپنگ سينٽر AMU-Plaza ۾ چڪر هڻندي هڪ پاڻ جھڙو ايشين يعني ننڍي کنڊ جو ٽيھن سالن جو نوجوان ملي ويو. قد بت ۾ بندرو ۽ رنگ ۾ ٿورو وڌيڪ پڪو ڏسي سمجهيم ته بنگالي هوندو. مون هن کي ڏسي مرڪيو ۽ هن مونکي. چوڌاري سوين هزارين جپانين جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو پاڻ جھڙو ماڻهو نظر ٿو اچي ته ڏسڻ سان خوشيءَ جي هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿئيٿي، ڄڻ فلمن ۾ وڇڙيل ڀائر سالن بعد ملن جيڪي ننڍي هوندي ميلي ۾ گم ٿي ويا هجن.
”Hello! Are you from Bangladesh?“ مون هن سان ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي.
”نه آئون سريلنڪا جو آهيان.“ هن ٻڌايو. ”منھنجو نالو امل آهي.“
”او. ويري گڊ!“ مون يڪدم خوشيءَ جو اظھار ڪري کيس اهو احساس ڏياريو ته مون ڪنھن بنگلاديشيءَ کي نه پئي ڳوليو. مون لاءِ تون به اهم آهين ۽ پوءِ کانئس سندس ڳوٺ پڇيو.
”آئون ڪولمبو جو آهيان.“ هن ٻڌايو.
” واه سائين واه! زبردست هنڌ جو آهين. ڪولمبو سان ته منھنجو گهڻو واسطو رهيو آهي پر سمجهه سڄي سري لنڪا کان واقف آهيان. منھنجا ڪولمبو ۾ تمام گهڻا دوست ۽ ڪليگ آهن جن سان گڏ مون جھاز هلايا آهن، جن مان ڪيترا مون سان گڏ M.Sc دوران ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ هئا. ڀلا اهو ٻڌايو ته توهان هتي ڪيئن؟“
”آئون Sony اليڪٽرانڪس ۾ نوڪري ٿو ڪريان. آئون به توهان وانگر انجنيئر آهيان.“
”ڀلا هن وٺ وٺان جي دؤر ۾ جڏهن يورپي به پيا ڌڪا کائين، توهان ڪيئن هتي پير ڄمايو؟“ مون کلندي چرچي طور چيومانس.
”مون هتان جي يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرانڪس ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪري ختم ڪئي ته منھنجي سٺي رزلٽ ڏسي سونيءَ وارن نوڪريءَ جي آفر ڏني.“ امل ٻڌايو.
”ڀلا ڪولمبو مان هتي پھچڻ لاءِ اسڪالر ڪيئن هٿ ڪيانوَ. پنھنجي مڙسيءَ سان يا حڪومت ۾ اثررسوخ هجڻ ڪري؟“
”در اصل آئون غريب گهر جو آهيان. منھنجو نه مائٽ مٽ سري لنڪا حڪومت ۾ آهي ۽ نه سياست ۾. مون اسڪول ۾ به ٽاپ ڪيو ۽ ڪاليج ۾ به. ان تي جپان حڪومت مون کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ جپان گهرايو ۽ هتي به مون هنن کي پنھنجو Worth ثابت ڪري ڏيکاريو.“
”ڏاڍي خوشي ٿي. آئون انجنيئر ضرور آهيان پر منھنجي هابي اخبارن ۾ لکڻ آهي. آئون اڄ ئي تنھنجي ڪھاڻي جيڪا محنت ۽ همت جي آهي، ان تي ٻه سٽون لکندس، جيئن منھنجا پڙهندڙ ان مان ڪجهه اتساهه حاصل ڪري سگهن ته اڄ به ڪنھن جي محنت ضايع نٿي وڃي. There is always a place on top اميد ته هڪ ٻئي جي خبر چار رکندا رهنداسين.“ مون سندس فوٽو ڪڍڻ ٿي چاهيو ته پاڻ مون کي به ڀر ۾ بيھاري سندس آفيس ۾ ڪم ڪندڙ جپاني ڇوڪرين کي اسان جو گڏ فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا ڏني.
”در اصل پاڻ ٻه ته سريلنڪا ۾ به فوٽو ڪڍرائي سگهون ٿا. تون جپانين سان ٿي بيھه ته خبر پوي ته تون واقعي جپان ۾ آهين.“ ۽ پوءِ مون ساڻس ڪم ڪندڙ جپاني ڇوڪرين سان گڏ فوٽو ڪڍيو. موڪلائڻ وقت امل پنھنجو فون نمبر 11091222-090 ۽ اي ميل ائڊريس: amal-pr@yahoo.com ڏني.
هتي هن شھر ۾ هڪ نيپالي به رهي ٿو، بلڪ اسان واري بلڊنگ ۾ ئي رهي ٿو. اسان واري ٻارنھن ماڙ عمارت جي هر فلور تي ڏهاڪو کن فليٽ آهن جن مان ٻن فليٽن ۾ اسين ايشيائي رهون ٿا ۽ اهڙيون اٺ کن انگلينڊ، جرمني ۽ نيوزيلينڊ جون فئمليون آهن. باقي فليٽن ۾ هتي جا مڪاني ماڻهو، يعني جپاني رهن ٿا. پنھنجي ملڪ ۾ رهي ڪري سياسي طرح ڀلي انڊيا ۽ پاڪستان نه ٺھن پر ملڪ کان ٻاهر انڊين ۽ پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ پنھنجائي محسوس ڪن ٿا ۽ ڇو نه ڪن جڏهن ته هو هڪ ئي زبان اڙدو/ هندي ۾ Communicate ڪري سگهن ٿا، ساڳيون شڪليون اٿن. ايتري ويجهڙائي ته سيوهڻ تعلقي جيڏي ملڪ سنگاپور ۾ به نه ملندي، جتي رهندڙ چيني، ملئي ۽ تاملن جي زبان، پوشاڪ، کاڌا پيتا ۽ شڪليون وغيره مختلف آهن. ملڪ کان ٻاهر انڊيا وارا اسان پاڪستانين سان ۽ اسان پاڪستاني پڻ هنن سان وڌيڪ قرب محسوس ڪريون ٿا ۽ پرديس ۾ جيڪڏهن انڊين نه آهن ته ٻئي نمبر تي پنھنجا بنگالي، سريلنڪن ۽ نيپالي لڳن ٿا، جيڪي مڙيئي ٽٽل ڦٽل اڙدو ڳالهايو ۽ سمجهيو وڃن ۽ انهن جا کاڌا پيتا ۽ ڪپڙا گنديون ساڳيون نه ئي سھي پر مسئلا ساڳيا ئي آهن جيڪو وڏو ڪامن فئڪٽر ۾ آهي.
نيپال جو 33 سالن جو شوڀاڪر ڍڪال پنھنجي زال باسودا ۽ هڪ سال جي پٽ سان گڏ گذريل ٻن سالن کان هن بلڊنگ جي ٻئي فلور تي رهي ٿو ۽ هي ڪَوڪُورا ۾ ئي نوڪري ڪري ٿو. پاڻ شوڀاڪر (ڍڪال سندس ذات آهي) جيئن ته انڊيا مان پڙهيو، ان ڪري هن کي ٿوري گهڻي اڙدو (جنھن کي هو هندي چون ٿا) پڻ اچي ٿي، باقي سندس زال باسودا جيڪا جيتوڻيڪ سندس پري جي ڪزن به ٿئي پر جيئن ته هن جو ننڍپڻ آفريڪا جي ملڪ گئمبيا ۽ سينيگال ۾ گذريو، جتي سندس پيءُ جي نوڪري هئي، ان کي فقط پنھنجي نيپالي ۽ فرينچ اچي ٿي ۽ ڳالهائڻ لائق انگريزي ۽ جپاني.
هن نيپالي فئمليءَ جو هر وقت اسان وٽ اچڻ وڃڻ رهي ٿو ۽ ڪم ڪار جو پڇندا رهندا آهن. هيءَ فئملي نيپال جي بيحد پڙهيل لکيل ۽ مٿاهين درجي واري سڏجي ٿي. ڍڪال جو پيءُ پروشوتم پڻ پڙهيل لکيل آهي ۽ نيپالي حڪومت جو سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو. اڄڪلهه هو پنھنجي Memoris (يادگيرين) جو ڪتاب لکي رهيو آهي. ڍڪال جي زال”باسودا“ جو پيءُ مورائي پرساد گوتم پڻ اعليٰ تعليم يافته آهي. پاڻ قانون جو ڄاڻو آهي ۽ نيپال ۾ ڪيترائي سال حڪومت ۾ رهڻ بعد سال کن گئمبيا (اولھه آفريڪا) ۾ ۽ ڏهه سال کن سينيگال ۾ اتي جي حڪومتن جو قانوني صلاحڪار ٿيڻ سان گڏ پنھنجو ذاتي بزنس به ڪندو رهيو. اڄڪلهه هو نيپال ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.
شوڀاڪر ڍڪال ڏهين ڊسمبر 1970ع تي کٽمنڊو (نيپال) ۾ ڄائو، جتي جي مختلف شھرن ۾ هن هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪئي. ڍڪال ٻڌايو ته نيپال جي قانون مطابق سندس پيءُ جي هر سال ڏيڍ بعد بدلي ٿيندي هئي ۽ کيس اسڪول بدلائڻو پوندو هو. ننڍپڻ جي گذاريل انهن ڏينھن جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌائڻ ڍڪال جو ۽ ٻڌڻ منھنجو فئوريٽ ڪم رهي ٿو. گس پنڌ، بس يا ٽرين ۾ ۽ هڪ ٻئي جي گهر اچڻ تي آئون کانئس نيپال جون ڳالهيون پڇندو آهيان.
”ڍڪال! ڪاش توهان جي ملڪ کي سمنڊ هجي ها.“ آئون کلندي چوندو آهيانس. ”هاڻ مون کي پنھنجا پئسا خرچ ڪري باءِ ايئر تنھنجو خوبصورت ملڪ نيپال ڏسڻو پوندو.“
ڍڪال سول انجنيئرنگ جي ڊگري انڊيا مان حاصل ڪرڻ لاءِ سورت شھر جي ايس وي انجنيئرنگ ڪاليج مان چارسال پڙهيو (هي ڪاليج سردارولڀ ڀائي پٽيل نالي آهي.) انجنيئرنگ ۾ B.E حاصل ڪرڻ بعد هن وڌيڪ تعليم (ماسٽر آف انجنيئرنگ جي ڊگري) ٿائلينڊ جي ”ايشين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“، بئنڪاڪ مان حاصل ڪئي ۽ ان بعد ٽوڪيو يونيورسٽيءَ جپان مان پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ تي هن کي هتي جپان ۾ ئي نوڪري ملي وئي.

جپانين کي انگريزي سکڻ جو شوق

وقت گذارڻ لاءِ جپان جي هن شھر ڪوڪورا (Kokura) جون ٻه جايون منھنجون دلپسند آهن. هڪ هن شھر جي عوام لاءِ ميونسپل طرفان تمام وڏي سينٽرل لائبريري ۽ ٻي ايم (Aim) بلڊنگ، جنھن جو سڄو نالو Asia-Pacific Import Mart آهي. هن چار ماڙ عمارت ۾ ڪيترائي دڪان، هوٽلون، ٻارن جي کيڏڻ لاءِ پليلئنڊ ٽائيپ رانديون، ٻاهرين ملڪن، خاص ڪري ايشيا ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ملڪن ۽ ٻيٽن جو وڪري لاءِ سامان آهي، جيڪو شھر جي دڪانن کان ڪافي سستو آهي ۽ سڄو ڏينھن جپاني توڙي ڌارين ملڪن جا ماڻهو ايندا رهن ٿا. ان کان علاوه هن ايم بلڊنگ ۾ جپانين توڙي اسان جھڙن ڌارين لاءِ هڪ انفارميشن سينٽر ٺھيل آهي جنھن ۾ سڄو ڏينھن CNN ۽ BBC جھڙا سڀ انگريزي چئنل هلندا رهن ٿا. جپان بابت ڪيترائي انگريزيءَ ۾ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون آهن. انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جا ڪيترائي ڊيلي نيوز پيپر آهن، ايشيا ۽ پئسفڪ جي ڪيترن ئي ملڪن جون ٽوئرسٽ گائيڊس، رنگين تصويرن جا ڪتاب آهن. ويندي نيپال، بنگلاديش، مالديپ، فجي، ٽونگا ۽ سموئا ٻيٽنجا آهن، سواءِ پاڪستان جي.
آئون هن انفارميشن سينٽر ۾ مختلف ملڪن جون اخبارون ۽ ٽائيم ۽ نيوزويڪ جھڙا رسالا پڙهڻ کان علاوه گهر پڙهڻ لاءِ مختلف ناول ۽ آتم ڪھاڻيون وٺي ايندو آهيان. اتي ٻه نوٽس بورڊ به لڳل آهن جن تي ڪو به جپاني يا ڌاريون هن آفيس مان مھيا ڪيل مقرر سائيز جي پني تي ڪو به پيغام لکي هڻي سگهي ٿو. هڪ ڏينھن هڪ هڪ ڪري سڀ پنا پڙهيم. گهڻي ڀاڱي جپاني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا لکيل هئا ته هو انگريزي پڙهڻ لاءِ ڪنھن Native انگلش ٽيچر جي ڳولا ۾ آهن. ”ڪو به Intersted هجي ته اسان جي فلاڻي فون نمبر يا اِي ميل ائڊرس تي Contact ڪري ته ڪلاڪ پڙهائڻ جو گهڻو وٺندو.“
ڪن پنن تي اهو نياپو به لکيل هو ته ”آئون (يا اسين) انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ گرامر صحيح ڪرڻ چاهيون ٿا.“ ڪي اشتھار يا Message هتي جي ٽيوشن سينٽرن جا هئا ته اسان کي عارضي طور ڪلاڪن جي حساب سان يا مھيني جي پگهار تي انگلش ٽيچر کپي. ڪي جپاني يا ڌارين خاص ڪري انگريزن ۽ آسٽريلين جا انگريزي پڙهائڻ لاءِ هئا ته ”اسان وڏا تجربيڪار ۽ Native آهيون(يعني اصل ان ملڪ جا آهيون، جتي انگريزي زبان جنم ورتو) ۽ جپانين کي پيرائيويٽ ٽيوشن پڙهائڻ چاهيون ٿا.“ سندن تجربي جي خبر سندس لکيل غلط انگريزي ۽ Spellings جي چُڪن مان صاف ظاهر ٿي رهي هئي پر هھڙن اٻوجهه ۽ درويش جپانين کي ته مئٽرڪ فيل فلپينيو ۽ انڊونيشين به پڙهائي سگهي ٿو. تڏهن ته انگريزي پڙهائڻ جا جيترا نوٽيس (پيغام يا اشتھار) انگريزن ۽ آسٽريلين طرفان هئا، ان کان وڌيڪ فلپينيو، انڊونيشي، ويندي چينين ۽ انڊين جا هئا. انڊين جا ته ويتر گهڻا هئا۽ نالن مان لڳو پئي ته هو سائوٿ انڊيا جا تامل آهن.
نوٽيس بورڊ تي اهي پيغام پڙهي اچي ٽي وي اڳيان ويٺس ته هن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ٻن جپاني ڪلارڪ ڇوڪرين توئي ڪانيساڪي ۽ يوڪو اچيدا مان هڪ مون وٽ اهڙو پيغام لکڻ وارو پنو کڻي آئي ته آئون به لکان ”تو ٻڌايو ته تون ٽيچر آهين تون به پنھنجو فون نمبر ۽ اِي ميل ايڊريس لکي ڇڏ.“ يوڪو Yoko Uchida چيو.
دل ۾ سوچيم ته ٽيچر ضرور آهيان، پر انگريزيءَ بدران ”نيول آرڪيٽيڪچر“ ۽ ”شپ ڪنسٽرڪشن“ جھڙا سبجيڪٽ پڙهايان ٿو پر سئيڊن يونيورسٽيءَ جي منھنجي هڪ پروفيسر چواڻي هڪ سٺو ٽيچر ايمرجنسيءَ ۾ ڪجهه به پڙهائي سگهي ٿو ۽ هتي ڏسان پيو ته هر ٽوئرسٽ چاهي هو کڻي پنھنجي ملڪ ۾ واڍو رازو آهي پر هتي جپان ۾ انگلش ٽيچر ٿيو پيو هلي.
”يوڪو! سٺو تجربو ٿيندو پر اڳھين هيترا پڙهائڻ وارا موجود آهن، آئون ڇا پنھنجو نالو لکان.“ مون جپاني ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي چيو.
”پر انهن مان اڌ ته هفتي کن بعد شھر ڇڏي ويا هوندا، توهان ته هتي رهيا پيا آهيو.“
مون کي آئيڊيا وڻي. پني تي پنھنجي ائڊريس ۽ فون نمبر لکيم ۽ پڙهائڻ جو پڻ ته”ڪنھن به Age Group جو پڙهي سگهي ٿو، پنھنجي آسانيءَ واري وقت ۾.“
نوٽيس هڻي ماڳھين پڙهائڻ لاءِ ذهني طرح تيار ٿي ويس. گهر پھچڻ سان پڇڻ لڳس ته ڪنھن پڙهڻ واري جو فون ته نه آيو ۽ روز صبح شام ڪمپيوٽر کولي اِي ميل ڏسڻ لڳس. پوءِ ڏينھن ٻن بعد فون به آيا ته اِي ميل به. هڪ ته ڪِيڪو ڪاٽيمتسو نالي هڪ جپاني عورت جو فون آيو ۽ ان سان گڏ اِي ميل به ته ڪڏهن پڙهائي سگهندين.
”آئون واندو آهيان، جڏهن چئين.“ مون وراڻيومانس ۽ پوءِ ٻن ڏينھن کانپوءِ اِي ميل ڪيائين،”آئون اڳ ۾ پاڻ پڙهائيندي هئس.“ هن خط ۾ لکيو ”هاڻ مون پنھنجو ٽيوشن سينٽر کوليو آهي جنھن ۾ جپاني ٻارن ۽ وڏن کي انگريزي پڙهائڻ چاهيان ٿي. هن وقت ٻه چار شاگرد گڏ ڪيا اٿم ۽ وڌيڪ لاءِ اخبارن ۾ اشتھار ڏنو اٿم. روز ڇھه ڪلاڪ صبح جو پڙهائڻ جو سلسلو رهندو. توهان ٻڌايو ته مھيني جو پگهار گهڻو وٺندائو؟“
آئيڊيا ته سٺي هئي پر هڪ ته آئون مھينو کن موڪلن جو گذاري چڪو هوس ۽ هاڻ باقي ڪي ٻه اڍائي مھينا هتي رهڻو هوم. ٻيو ته ان قسم جي روز واري پابنديءَ جي نوڪري نٿي ڪرڻ چاهيم. اهڙي نوڪريءَ کان آرام ڪرڻ لاءِ چار مھينا کن موڪل ڪري هتي آيو هوس. مون کيس جواب لکيو ته، ”آئون ائين نوڪري ڪرڻ نٿو چاهيان. توکي ڪنھن شاگرد کي پڙهائڻ ۾ مسئلو هجي ته ان کي هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا ڪلاڪ ٻه پڙهائي سگهان ٿو، جيئن توکي به ڪجهه مدد ٿي سگهي.“
”اهو ته تمام سٺو. آئون توسان وري رابطو رکنديس.“ هن اِيميل ڪيو.
هڪ توباتا مان نگاسي نالي يونيورسٽيءَ جي ڇوڪري فون ڪيو ته، هو پڙهڻ جي سلسلي ۾ مون سان ملڻ چاهي ٿو. هڪ ماسا نالي ڪنھن فئڪٽريءَ جي مئنيجر ڀر واري شھر شيمونو سيڪيءَ مان فون ڪيو ته ”آيا آئون هن کي هر آچر تي ڪلاڪ ٻه پڙهائي سگهان ٿو؟“
وندر لاءِ اها هلڪي ڦلڪي ڊيوٽي سٺي هئي ۽ ان سان گڏ هتي جي مڪاني ماڻهن سان هنن جي رسم و رواج ۽ ڪلچر بابت به گفتگو ٿي سگهندي. ”پر شمونو سيڪي نه نه، ته به پري آهي. تون هيڏانھن اسان واري شھر ڪوڪُورا اچي سگهين ٿو يامون کي چڱي طرح پار پتا سمجهاءِ ته پوءِ تو تائين اچان.“ مون جتي ٻئي شهر ڏي وڃڻ نٿي چاهيو، اُتي دل ۾ اهو به خيال آيو ته ان بھاني ٻئي شھر جوبه چڪر ٿي ويندو _ خاص ڪري شمونو سيڪي جو، جتي اسان جھاز کي وٺي سامان لاهڻ چاڙهڻ، جھاز جي مرمت يا سائوٿ ڪوريا جي بندرگاهن: انچان ۽ پوسان ڏي وڃڻ لاءِ (جيڪي شمونوسيڪيءَ کان ائين آهن جيئن موري کان دادو سيوهڻ) ويندا هئاسين.
”چڱو ڀلا ايندڙ آچر تي آئون تنھنجي شھر ڪوڪورا ۾ اچي طئه ٿو ڪريان ته ڇا ڪرڻ کپي.“ ماسا چيو.
جيسين مٿئين سان ملاقات ٿئي ۽ پڙهائيءَ جوپروگرام ٺھي، تنھن کان اڳ ’موتوڪو سَان‘ هنن وٽ هفتي ۾ هڪ دفعو پڙهائڻ جو طئه ٿيو. “اسين ٽيھن کان ڇٽيھن سالن جون چار عورتون انگريزي پڙهڻ چاهيون ٿيون. اسين ڪوڪورا کان سؤ ڪلوميٽر کن پري Orio (اوري او) شھر ۾ رهون ٿيون.“
منھنجي هائوڪار لکڻ تي موتوڪو جو يڪدم فون آيو ته ”اسين يارهين بجي پڙهڻ چاهيون ٿيون، توهان پرينءَ اربع ڏينھن اچي سگهندائو؟“ موتوڪو انگريزي ته تمام سٺي ڳالهائي پئي، شايد ان ڪري هوءَ پنھنجين ٻين ساهيڙين پاران پاڻ ڳالهائي رهي هئي، پر جي سندس ٽولي جي ٻين عورتن جي به اهڙي سٺي انگريزي آهي ته پوءِ منھنجو سِر ويو_ کين اسان جو پيٽارو جو انگلش ٽيچر ”مسٽر سيد شھداعظيم“ ئي پڙهائي سگهندو، جيڪو اسان جھڙا، جيڪي جھازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٿي ويا، پرويز شاهد ۽ انيس الرحمان جھڙا جيڪي ليفٽيننٽ جنرل ۽ ريئر ائڊمرل ٿي ويا_ اهي ته ڇا لياقت جتوئي ۽ ايئرڪموڊور خيام دراني جھڙا جن M. A ئي انگلش ۾ ڪئي، انهن کي به اڄ ڏينھن تائين دڙڪا ڏيندو وتي ته، پنھنجي انگريزي سڌاريو ۽ گرامر جو خيال ڪريو.
بھرحال موتوڪو جنھن پنھنجي ذات ڪاوابارا ٻڌائي، تنھن کي وڏي دل سان چيم ته بلڪل اچي سگهان ٿو، آئون هفتي جا ست ئي ڏينھن واندو آهيان.
”ڀلا مسٽر الطاف اهو ٻڌايو ته، توهان جي ڪلاڪ جي ڇا Payment ٿيندي؟“ موتوڪو پڇيو.
نيول انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻو هجيم ها يا ان سان واسطو رکندڙ ڪو سبجيڪٽ ته وڏي اعتماد سان پنھنجي محنت جي اجوري جو ٻڌايانس ها. پر هن معاملي ۾ سوچڻ جي ڳالهه اها هئي ته آئون فقط انگريزي ڳالهائڻ جي بنياد تي رات اندر ”انگريزيءَ جو ماستر“ ٿي ويو هوس ۽ مثال طور آئون کڻي هنن کي ٻه هزار يين (تقريباً رپيا)ٻڌايان، جيڪا هتي گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ جي ٽيوشن جي في آهي پر آئون هنن جي معيار تي نه لھان ته ماڳھين بي عزتي. ان ڪري پاڻ کي High Spirits ۾ رکڻ خاطر کين چيم:
”موتوڪو سانِ! ڏس پڙهائڻ جي في کي في الحال ڇڏي ڏي. ڪڏهن توهان کي گهڻو وقت پڙهڻو پيو ته پوءِ ڏسنداسين، باقي اسان جي گهر کان ڪوڪورا اسٽيشن تائين بس جي ۽ ڪوڪورا اسٽيشن کان توهان جي شھر “ اوري او” تائين ريل جي ٽڪيٽ جو بندوبست توهان کي ڪرڻو پوندو، ڇو جو توهان جي جپان جي بسين ۽ ريلن جا ڀاڙا دنيا ۾ مھانگي ۾ مھانگا آهن.“
موتوڪو ٽھڪ ڏيندي چيو،”ظاهر آهي، اهو ته هر صورت ۾ اسان کي ڏيڻو آهي. بھرحال اچڻ لاءِ راضپو ڏيکارڻ لاءِ مھرباني.“
هتي مھرباني شھرباني فقط هڪ دفعو لکي رهيو آهيان نه ته هونءِ جپانين سان ڳالهائڻ لاءِ ۽ ادب آداب ۾ مقابلو لکنوي به نه ڪري سگهن. جملي جملي ۾هاءِ اري گاتو، هاءِ دومو! (سائين مھرباني، سائين لک ٿورا)، گومي نسائي.(معاف ڪجو، تڪليف لاءِ معافي) ۽ پوءِ آخرڪار باءِ باءِ ۽ سايو نارا جو ڦھڪو هوندو آهي.
’موتوڪو سَانَ‘ سان پڙهائڻ جو پروگرام پڪو رکي، پوءِ ڊوڙ پائي سينٽرل لئبريريءَ مان انگريزي پڙهائڻ جا هڪ ٻه ڪتاب کڻي آيس. هنن وٽ ٻيا ڪي ڪتاب نه هئا پر آڪسفورڊ ڪاليج انگلينڊ جي ‘A’ ليول جا هئا، جيڪي مليا ۽ انهن کي لڳي ويس. سندن انگريزي سڌرڻ ته ٿي پوءِ جي ڳالهه منھنجي سڌرڻ لڳي. منھنجي ڌيءَ جيجل (مريم) مون کي گهڻو ئي سمجهايو ته مون کي فڪر نه ڪرڻ کپي، هتي جي جپانين جي پڙهڻ معنيٰ رڳو انگريزيءَ ۾ڳالهيون ڪرڻ. سال پڙهائڻ بعد به هو اتي جو اتي رهنديون، ڇو جو هوءَ جڏهن هيروشيما ۾ رهندي هئي ته هن ڪيترين ئي جپانين کي ٽي چار سال کن انگريزي پڙهائي هئي.
پر مون Risk نٿي کڻڻ چاهيو. ڪڏهن گرامر تي غور ڪيان ته ڪڏهن ڪمپوزيشن جو سوچيان. ايتري ۾ موتوڪو جو فون آيو. هوءَ پنھنجين ساهيڙين کي فون ڪري ٻڌائي چڪي هئي ۽ هنن سڀني اهو سوچيو ته آئون ساڻن ماني گڏ کان، سو مونکي لنچ کائڻ ۽ ان ۾ پسند جا جپاني ڊش پڇڻ لڳي. مون بھرحال هن کي ان ضد تان لاٿو.”ان ڪري نه ته جپاني کاڌا پسند نه اٿم، پر آئون نيرن ئي دير سان ڪندو آهيان ۽ لنچ بدران چانھه پيئندو آهيان. سو توهان ڀلي لنچ ڪجو، آئون چانھن پيئندس.“ مون کيس پنھنجي پَر ۾ مطمئن ڪيو. فون رکڻ بعد جيجل، جيڪا منھنجي ڳالهه ٻڌي رهي هئي، تنھن جو خيال هو ته مانيءَ لاءِ انڪار نه ڪجي ڇو جو هتي اهو هڪ قسم جو Set Trend آهي، چاهي آئون کانئن پڙهائڻ جا پئسا وٺان يا نه. بلڪه هاڻ منھنجي انڪار تي هي مُنجهي پيون هونديون.
اها ڳالهه مون کي به دل سان لڳي بلڪ هڪ هنڌ جپانين جي ان عادت مطابق لکي چڪوآهيان ته هو هر ڪم روبوٽن وانگر ڪن ٿا. پھرين پروگرام ٺاهي ان مطابق پاڻ کي نفسياتي طرحSet ڪن ٿا ۽ پوءِ چاهي جهڙ مينھن هجي يا طوفان، انSchedule کي فالو ڪن ٿا. سو هنن به ڪو پروگرام اهڙو سوچيو هوندو جنھن ۾ ڪجهه پڙهائيءَ بعد لنچ ۽ ان بعد وري پڙهائي... وغيره رکيو هوندو. هاڻ ان مان هڪ بلاڪ ”مانيءَ کائڻ جو“ نڪرڻ سان باقي بلاڪ ڪرڻ جو ڊپ آهي... بلڪه وڏي چانس ڪِرڻ جي آهي. جپانين جي ان عادت جو مثال پنھنجن پاڪستاني جھازي دوستن کي جپان جي شپ يارڊن ۾ جھازن جي مرمت دوران هن ريت ڏيندو آهيان ته جپاني ماڪوڙين مثل آهن. ماڪوڙيون هڪ ئي ليڪ ۾ هڪ ٻئي کي فالو ڪنديون پيون وينديون. انهن جي وچ ۾ توهان آڱر سان گھڪو ڏيندائو ته ان بعد اتان لنگهندڙ ماڪوڙيون ڪا دير اتي بيھي رهنديون ۽ منجهي پونديون ته اڳتي وڌون يا نه ۽ ڪھڙي طرف؟ پوءِ مس مس هڪ ٻه همت ڪري اڳتي وڌنديون، جن کي باقي رهيل ماڪوڙيون پيڇو ڪري پھرين ٽولي سان وڃي ملنديون. سو جپانين کي به سندن ڪم ۾ ڊسٽرب نه ڪجي جو هو واٽ ڀلجيو وڃن.
هونءَ نئين هنڌ تي کائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته هو خرچ ڪري پنھنجي حساب سان سٺي ماني ٺاهين، پر هنن کي ڪھڙي خبر ته اسان لاءِ پورڪ (سوئر) حرام آهي ۽ ساڳي سبب ڪري اسان ٻڪري ۽ ڍڳي وغيره به تيسين نٿا کائي سگهون جيسين ڪو مسلمان يا يھودي ذبح ڪري. يھودي پڻ رب پاڪ جو نالو وٺي جانور کي ڪُھن ٿا ۽ هنن جي هٿ جي ڪٺل کي ڪوشر سڏين. آمريڪا ۽ يورپ پاسي مسلمان ڪوشر وٺن. اها ڳالهه اڪثر زير بحث رهندي آهي ته ڪو جانور ڄاڻي واڻي ڪنھن ديوتا ڪنھن پير بزرگ يا ڪنھن ديوي يا روح جي نالي تي ڪُٺل ناهي، بلڪ کائڻ لاءِ صاف سٿري نموني سان ڪُٺل آهي ته بسم الله پڙهي کائي سگهجي ٿو يا نه. موتوڪو شام جو وري فون ڪري پڇيو ته سندن شھر اوريو (جپاني اچار‘اوري او’) ڪھڙي وقت پھچندس.
”جنھن وقت چئو، پھچي ويندس.“ مون وراڻيو.
”توهان اتان ڏهين بجي ڇٽندڙ گاڏيءَ ۾ چڙهندؤ ته هتي ساڍي ڏهين پھچي ويندؤ پر اسٽيشن مان نڪرڻ وقت هڪ ڪم ڪجو، ايسٽ واري دروازي مان نڪرجو. ٻيو ويسٽ وارو ٻئي پاسي کان وڃيو نڪري. آئون ايسٽ گيٽ وٽ انتظار ڪنديس.“
”بس بس سمجهيم هگاشي ديگوچي.“ (اوڀر وارو Exit) مون کيس جپاني ۾ ٻڌائي ڊبل خاطري ڏياري. ظاهر آهي دروازي تي ته جپانيءَ ۾ لکيل هوندو يا اتي پھچي ٿي سگهي ٿو انگريزي سمجهڻ وارو جپاني نه هجي ته به آئون پاڻ سان لھندڙ ڪنھن به مڪاني مسافر کان ”هگاشي نو ديگوچي واڊوڪوني اري ماسڪا“ چئي صحيح هنڌ تي پھچي سگهان.
”پر موتوڪوسان،“ مون کي اوچتو ڌيان ۾ آيو، ”مون کي ڪيئن سڃاڻيندينءَ؟ آئون ڊگهي قد جو آهيان ۽ منھنجو مٿو وارن کان آجو آهي.“
منھنجي پوئين ڳالهه شايد وڻيس جو ٽھڪ نڪري ويس. ”الطاف سانَ، فڪر نه ڪريو. اسان جي ڳوٺ جي اسٽيشن تي لھندڙ مسافرن ۾ ٿي سگهي ٿو توهان ئي واحد مسافر هجو، پر جي گهڻا به هوندا ته توهان فارينر ٿيائو.“
جپانين جو فارنير چوڻ سان مطلب نه فقط قد بت جي ڳالهه هوندي آهي، ڇو ته جپاني بندري قد جا ٿين ٿا ۽ ڌاريان (فارينر) قد جا ڊگها ۽ نقش ۽ صاروفن جا چٽا ٿين ٿا، پر هنن وٽ فارينر مان مطلب هن جا افعال به آهن، جيڪي پڻ جپانين جھڙا ٿي نٿا سگهن. جپانين مطابق (۽ ڪنھن حد تائين هو صحيح به آهن) هو پاڻ هلڻ جا فضيلت وارا، کائڻ پيئڻ ۽ ڳالهائڻ جا فضيلت وارا. اسان ڌاريان (ڀلي کڻي اسان ۾ آمريڪن، يورپي هجن) هر ڳالهه جا سخت بد افعالا! بھرحال موتوڪو جو مون کي فارينر چوڻ کي مون بلڪل دل ۾ نه ڪيو، جو هوءَ نيڪ نيتيءَ سان اسان جي جسماني بيھڪ (Physical appearance) کي ڌيان ۾ رکي چئي رهي هئي.
اربع ڏينھن پنهنجن ڏوهٽن: احسن ۽ ايمان سان گڏ ساڳي بس ۾ نڪتس ۽ کين ساڍي اٺين بجي اسڪول ۾ ڇڏي ڪوڪورا اسٽيشن ڏي ويندڙ بس ذريعي اسٽيشن پھتس. گاڏين جو معلوم ڪيم ته خبر پيئي ته ساڍي نائين تائين ڏهن ڏهن منٽن جي گئپ تي گاڏي نڪري ٿي. ان بعد ڏهين تائين 15 منٽن جي گئپ تي ۽ پوءِ ويھه منٽ ۽ بعد ۾ اڌ ڪلاڪ بعد نڪر يٿي. مون پوڻي ڏهين واري گاڏيءَ ۾ نڪرڻ بھتر سمجهيو، جيئن اها ڇٽي وڃي ته ٻي ڏهين واريءَ ۾ وڃڻ سان به ساڍي ڏهين اوريئو پڄي سگهجي. ٽڪيٽ آفيس مان ٽڪيٽ خريد ڪري ريلوي پليٽ فارم تي پھچڻ لاءِ دروازي وٽ ٺھيل چير (Slot) ۾ ٽڪيٽ داخل ڪيم ته دروازي اڳيان لوهي آڏ هٽي وئي ۽ اتان لنگهي ٻئي پاسي پھچي ان ٽڪيٽ کي کنيم، جيڪا مون کي وري ”اوريئو“ اسٽيشن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻي هئي.
پوري پوڻي ڏهين وڳي گاڏي اسٽيشن ڇڏي، وقت تي گاڏيون ۽ بسون هلڻ کان جپان مشھور آهي، پر مينھوڳيءَ جي موسم ۾ رستن تي ٿوري گهڻي ٽريفڪ وڌڻ ڪري هي بسين کي شيڊول جو پابند نه بنائي سگهيا آهن. ان معاملي ۾ گذريل ڏهاڪو سالن کان سئيڊن جپان کي ملهه ماريو ويٺو آهي.
گاڏيءَ ۾ چڙهڻ کان اڳ سامهون بيٺل گارڊ کان هڪ دفعو پڪ ڪيم ته هيءَ گاڏي اوريئو اسٽيشن ڏي ئي ويندي. هن شاهد آڱر ۽ آڱوٺي کي ملائي گول ڇلو ٺاهيو، جيڪا جپان ۾ O.K جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. هونءَ به مون جھڙي نئين ماڻهو لاءِ پڇڻ ضروري هو. ائين نه ته بعد ۾ خبر پوي ته گاڏي ملتان کان روهڙي وڃي نڪتي ۽ مون کي لاهور ڏي وڃڻو هو ۽ ٻيو ته اها اسٽيشن اچڻ تي ڪو اڳواٽ اطلاع ڪري سگهيم، ان لاءِ گاڏيءَ ۾ ويھڻ سان سامهون ويٺل همراهه کان به اوريئو اسٽيشن جي پڪ ڪيم. ٻئي ڪنھن ملڪ۾ ڪو خيال ڪري نه پر جپانين جو سک ڦٽي پوندو. هو پنھنجو پاڻ تي اخلاقي ڊيوٽي مڙهي ڇڏيندو ته صحيح اسٽيشن اچڻ تي هن جو ڪم مون کي دڳ لاهڻ آهي۽ منھنجي سامهون ويٺل هي همراهه ته ڪجهه وڌيڪ ئي شريف هو جو هر اسٽيشن تي مون کي ٻڌائيندو هليو ته هاڻ باقي هي اسٽيشنون آهن.
ڪوڪورا کان پوءِ ڪودائي مائي، توباتا، اسپيس ورلڊ (اهو هن شهر جو انگريزي نالو رکيو اٿن، شايد هتي ٻارن جي لاءِ اصل سائيز جا راڪيٽ وغيره آهن)، راهاتا، ڪُوروساڪي، جينو هارو جھڙين وڏين اسٽيشنن تان ٽرين ٿيندي ٻڍا پور جھڙي اسٽيشن تي اچي بيٺي، جتي هڪ عدد بسڪيٽ ۽ ٽڪين جي ڪئبن هئي، هڪ باٿ روم، هڪ Orio اسٽيشن جي نالي جو بورڊ ۽ چار پيلي رنگ جون پلاسٽڪ جون ڪرسيون، جنھن تي ويٺل ڪو به نه هو. جيڪڏهن ڪو هو به ته ان ٽرين ۾ چڙهي اڳتي هليو ويو جنھن مان آئون لٿس. ٽرين مان مون سان گڏ جيڪي چار پنج لٿا، انهن کان هگاشي ديگوچي (East Exit) پڇيم. هنن سامهون اشارو ڪيو ۽ پاڻ اولھه واري Exit مان ٻاهر نڪري ويا.
آئون ڏاڪڻيون لھي هيٺ آيس ته ورانڊي جھڙي هال ٻاهران مين روڊ تي ٽي چار ٽئڪسيون بيٺل هيون ۽ پريان بس اسٽاپ هو. ورانڊي جي وچ ۾ هڪ ٿنڀ هو جنھن جي چوڌاري ڪاٺ جي گول بئنچ تي ٻلي ويٺل هئي. آئون به چپڙي ڪري ان بئنچ تي ويھي رهيس. ٻليءَ نه منھنجي ويھڻ تي اعتراض ڪيو ۽ نه پاڻ ڀڳي. ٿوري دير لاءِ اکيون کولي وري ساڳي سڪون سان سمهي رهي. ”هي عجيب ريلوي اسٽيشن آهي.“ مون دل ئي دل ۾ چيو ۽ سامهون ايندڙ عورت ڏي نھاري زبردستيءَ مرڪڻ جي ائڪٽنگ ڪئي. پر هن ڪو React نه ڪيو ۽ ٽڪيٽ خريد ڪري مٿي پليٽ فارم ڏي هلي وئي. مطلب ته اها موتوڪو نه چئبي. هونءَ به هوءَ ته هڪ ٻھراڙيءَ جي هارياڻي ٽائيپ لڳي رهي هئي. ساڍا ڏهه ٿي ويا آهن، ٿي سگهي ٿو موتوڪو کي ڳالهه وسري وئي هجي ۽ ڪنھن جي نه اچڻ کان ڪاش اها جپاني هارياڻي ئي موتوڪو هجي ها ۽ وڌيڪ انتظار ڪرڻ جي ٽارچر کان بچي وڃان ها.
ان بعد هڪ ٻه ٻيون عورتون سامهون بس اسٽاپ کان يا ڀر واري ڊپارٽمينٽل اسٽور مان نڪري اسٽيشن جي هن کلئي عمارت ڏي جيئن وڌيون ته مون مرڪڻ جي ائڪٽنگ ڪئي. پر هنن منھنجو نوٽيس وٺڻ بنا اسٽيشن جي ٻمڀ وٽ پھچي اندر گهڙي، مون ڏي وڌڻ بدران ساڄي يا کاٻي مڙي ويون ۽ پوءِ ته مون شڪل چٻي ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني ۽ سمجهي ويس ته پروگرام فڪس ڪرڻ ۾ ڏينھن يا وقت جي ڪا ڦيرڦار ٿي وئي آهي نه ته جپاني ماڻهو هڪ منٽ جي دير نه ڪن، هتي ڏهه منٽ مٿي ٿي ويا هئا. هاڻ مون ڏهه منٽ وڌيڪ ترسڻ جو Limit ٺاهي ان بعد موٽڻ جو پڪو پهه ڪيو ته اتي ’ٽئڪسي اسٽينڊ‘ جي ڀر واري ’ڪار سٽينڊ‘ ۾ هڪ ڪار پارڪ ٿي ۽ اڳين سيٽ تي پينٽ بشرٽ ۾ ويٺل ٻن ڄڻين ٻاهر نڪري اسٽيشن ڏي منھن ڪري هٿ لوڏيو . جواب ۾ مون به لوڏيو جو اسٽيشن جي ان کلئي هال ۾ مون ۽ ننڊن جي شوقين ٻليءَ کان سواءِ ته ٻيو ڪير به نه هو. دل ۾ سوچيم ته شل اها پارٽي مون کي وٺڻ لاءِ آئي هجي، جو هن ٻڍاپور جھڙي ويران اسٽيشن تي منٽ منٽ مشڪل سان ٿي گذريو.
منھنجي ڳالهه صحيح ثابت ٿي، بلڪ سوچيل ڳالهه پوري ٿي. هو مون کي ئي وٺڻ لاءِ آيون هيون ۽ ملڻ سان معافي جي تسبيح شروع ڪري ڏنائون ته آيوسين پئي ته ٻار پاٽي ڪري ڏني تنھن ڪري صاف ڪرڻ ۽ ٻيا ڪپڙا پائڻ ۾ دير ٿي وئي.
”مڙيئي خير آهي.“ هيترو وقت جو مون سوچيو پئي ته هاڻ واپسي ٽرين ڪھڙي پليٽ فارم تان ۽ ڪڏهن ويندي سو هاڻ يڪدم پنھنجي منھن تي سڪون جا تاثر آڻي هڪ ڪمپوزڊ قسم جو ماڻهو ٿي ويس.
”باءِ دي وي! وتاشيوا موتوڪو ديس_آئون موتوڪو آهيان، منھنجو انگريزي نالو وينڊي آهي ۽ هيءَ منھنجي ساهيڙي Twiggy آهي.“
”توهان سان ملي خوشي ٿي.“ مون ساڻن هٿ ملائيندي چيو ۽ يڪدم سمجهي ويس ته هي انگريزن مان ايڏو متاثر آهن جو انگريزي ڊريس سان گڏ انگريزي نالا به رکيا اٿن. اسان وٽ پاڪستان ۾ اڃان انگريزي نالن رکڻ جي پِٽ ناهي. هونءَ به مسلمان پنھنجو نالو بدلائي ڪنھن غير مسلم جو ڪيئن رکي. پر ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ ته اهو شوق وڏي پيماني تي آهي ته پنھنجي اصلي نالي سان گڏ انگريزي نالو به رکجي، جيئن ته رچرڊ، جارج، وليم... وغيره پر اتي به اهو فئشن چينين ۾ گهڻو آهي. مون نٿي سمجهيو ته ڪي اهڙا به جپاني آهن جيڪي پنھنجا سٺا نالا (جن تي ٻين کي هجي يا نه پر کين وڏو ناز آهي) ڇڏي وينڊي (Wendy) سينڊي يا ٽِوگي Tiwggy رکن. ٽوگي جا وينڊي (موتوڪو) جي مقابلي ۾ بيحد سنهي هئي، تنھن ٻڌايو ته سندس جپاني نالو مِي يُوڪي (Miyuki) آهي. دل ۾ آيو ته چوانس اهو نالو ته واهه جو آهي پر جڏهن پاڻ انگريزي نالو پسند ڪري ويٺي آهي ته جپاني نالي تي آئون ڇا تعريف ڪريانس.
بھرحال موتوڪو (وينڊيءَ) پنھنجي ڪار جي چاٻي ٽِوگيءَ کي ڏني ته گاڏي هلائي۽ پاڻ ٻار کي کڻي پوئين سيٽ تي ٿي ويٺي. مون کي اڳيان ويھڻ لاءِ چيائون، جو ٻن دروازن واري ڪار هئي ۽ پٺيان ويھڻ لاءِ گڪو ٿي سيٽ پويان گهڙڻو پيو ٿي. سندن گهر اسٽيشن کان ست اٺ ميل پري هڪ پھاڙيءَ وٽ ڏهاڪو کن ماڙين جي بلڊنگ ۾ فليٽ هو. اوريئو شھر جي جھڙي ريلوي اسٽيشن ڀوت بنگلو لڳي ٿي ان جي ابتڙ سھڻي نظاري وارو هي شھر آهي. جبل جي قدمن ۾ ٻه چار هاءِ رائيز بلڊنگون هيون. باقي سڄي ماٿري پراڻي زماني جي ڪاٺ جي ڪنڊائتن گهرن سان ڀري پئي هئي. انهن گهرڙن جي وچ وچ ۾ ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جا مندر صاف نمايان نظر اچي رهيا هئا. چوڌاري وڻن ۽ خوبصورت ٻوٽن جي ساوڪ هئي.
موتوڪو جي فليٽ واري عمارت هيٺيان ڪار پارڪ ڪري ٻاهر نڪتاسين. موتوڪو ٻڌايو ته سندس ٻي ماڙ تي فليٽ آهي ۽ مِيوڪي جو ستين تي آهي. ”پر پاڻ ڀر واري بلڊنگ ۾ هلنداسين، جتي اسان جي ٽي ساهيڙي ساچيڪو ٿي رهي ۽ جنھن جي گهر ۾ اڄ ملڻ جو پروگرام رکيو اٿئون.“ موتوڪو گهڻي ڀاڱي صاف انگريزيءَ ۾ ٻڌايو. ٿورو گهڻو ڪنھن انگريزي لفظ سوچڻ ڪري هوءَ هٻڪي ٿي پر ٻيءَ جي مقابلي ۾ سٺو ڳالهائيندي رهي. ميوڪيءَ ڪا ڳالهه پڇڻ تي جواب ڏنو ٿي پر پڇڻ مھل پھرين جپانيءَ ۾ موتوڪو سان ڳالهائي پڪ ڪري پوءِ پڇيو ٿي.
”چئبو ته توهان سڀ هڪ ئي پاڙي ۾ رهڻ ڪري دوست ٿي ويون آهيو.“ مون چيو.
”نه اسان هڪ ٻئي جي ڀر ۾ آفيسون هجڻ ڪري دوست ٿيون آهيون. اسان جي چوٿين دوست نائوڪو (Naoko) اسان کان پري ٿي رهي. هوءَ دير سان ايندي.“ موتوڪو ٻڌايو.
اسان رستو ٽپي ٻئي پاسي ساچيڪو جي فليٽ واري بلڊنگ ۾ آياسين. هن بلڊنگ جي Entrance ۾ گهڙڻ لاءِ موتوڪو کيسي مان چاٻي ڪڍي گهمائي. ڀر ۾ اسڪرين تي ان چاٻيءَ جو نمبر اچي ويو ۽ شايد موتوڪو جي منھن جي تصوير پڻ جو چاٻي هڻڻ وقت هوءَ ان سوراخ ۽ مٿان ٻرندڙ بتي جي سڌائي ۾ ٿي بيٺي. آئون سمجهي ويس ته هن بلڊنگ جي فليٽن جي سڪيورٽيءَ لاءِ بلڊنگ جي انتظاميه طرفان هر فليٽ واري کي Main entrance ۾ گهڙڻ جي دروازي جون ڪجهه چاٻيون آهن_ ٻه، ٽي يا چار به_ ته هو هڪ پاڻ رکن ۽ ٻيون پنھنجي ويجهي مائٽ يا ملاقاتين کي ڏين. يعني هن بلڊنگ ۾ فليٽن جا مالڪ ۽ انهن طرفان مقرر ٿيل مھمان اچي سگهن ٿا جن کان مالڪ واقف آهن جو چاٻيون ئي انهن ڏنيون آهن ۽ ان کان علاوه ٻٽي چيڪ رکڻ لاءِ ڪمپيوٽر ذريعي ان مھمان جي تصوير نڪريو وڃي ۽ ان سانگڏ چاٻيءَ جو نمبر پڻ، جيئن ان نمبر واري چاٻيءَ جو مالڪ ڪنھن وقت به پنھنجي PC تي سندس چاٻين معرفت آيل ماڻهو چيڪ ڪري سگهي ٿو ته اهي ماڻهو اچن پيا يا ان چاٻي کي ڪو ٻيو استعمال ته نه پيو ڪري. هتي جپان ۾ ته چوري نه برابر آهي پر احتياطاً ڪو چور ڪنھن جي چورايل چاٻيءَ سان فقط اندر لفٽ تائين پھچي سگهي ٿو. فليٽ ۾ گهڙڻ لاءِ هن کي فليٽ جو ڊور بيل وڄائڻو پوندو ۽ فليٽ جو مالڪ در جي اندرين پاسي لڳل اسڪرين تي سندس تصوير ڏسي پوءِ دروازو کولي سگهي ٿو. سڪيورٽي جو اهو سسٽم ڪراچيءَ جي به ڪيترن ئي فليٽن ۽ گهرن ۾ گذريل ٻن ٽن سالن کان عام ٿي چڪو آهي. ساچيڪو جو فليٽ نائين فلور تي هو. اسان جي پھچڻ کان اڳ هوءَ دروازو کولي اسان جي انتظار ۾ بيٺي هئي. شايد سندس ڏنل چاٻي گهمائڻ وقت کيسAudio (بيل ذريعي) ياVisual (بتي ٻرڻ) جي طريقي سان اطلاع ٿي ويو هجي ۽ هن اسان کيExpect ته اڳھين ڪيو پئي سو هوءَ اڳواٽ ٻاهر اچي بيٺي. اسان بوٽ ۽ ڇٽيون ٻاهر رکي اندر گهڙياسين.
ساچيڪو جو فليٽ جپان جي حساب سان تمام وڏو هو. ٽي وي لائونج ۽ ٻه وڏا ڪمرا هئا. هڪ ۾ سمهڻ لاءِ فوتان (جپاني بسترا) وڇايل هئا ۽ ٻئي ڪمري ۾ جپاني تونئري (جنھن کي تاتامي سڏين) وڇايل هئي جنھن مٿان ڪيترائي ساچيڪو جي ٻارن جا ننڍا وڏا رانديڪا رکيل هئا. جتي موتوڪو گهرڻ سان پنھنجي پٽ ”اخروٽ“ کي ڪڇ تان لاهي ان ڪمري ۾ ڇڏيو ۽ هو ساچيڪو جي اڳھين اتي موجود پٽ سان کيڏڻ ۾ لڳي ويو. موتوڪو ٻڌايو ته سندس ان هڪ سال جي پٽ جو نالو ’ڪورومي‘ آهي ۽ جپاني لفظ ڪورومي جي معنيٰ اخروٽ آهي. جپان ۾ ٻارن جا نالا ميون ۽ گلن تي به آهن، جيڪي پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به عام آهن. ٽوهه، انب، اڪ، ڦوٽو وغيره. درٻيلي جي خالد مخدوم جي ٻارن جا نالا ڪشمش، بادام، اخروٽ، ڊراءِ فروٽ تي آهن.
ٽي وي لائونج جو پٽ ڪاٺ جو ٺھيل هو. هڪ ڪنڊ ۾ ڪچن هئي، يعني Cooking Range لڳل هئي، جنھن تي رڌ پچاءُ ڪري سگهجي، ڀر ۾ فرج، ٽي وي، ڪمپيوٽر وغيره. ان بعد چئن ڪرسين واري ڊائيننگ ٽيبل هئي. يعني هيءَ جپاني خاتون ۽ ٻيون ڪجهه ڪجهه مغربي ٽائيپ آهن يا آمريڪا يا يورپ ۾ رهڻ ڪري اتي جو ڪلچر ۽ رهڻ ڪرڻ کي به پسند ڪن ٿيون، نه ته عام جپاني گهر ۾ (غريب توڙي امير جي گهر ۾) کائڻ توڙي ويھڻ ۽ سمهڻ سڀ ڪجهه ڪاٺ جي پٽ تي ٿئي ٿو. وڌ ۾ وڌ ٽي وي لائونج ۾ هڪ ننڍن پيرن واري ٽيبل ٿئي جنھن مٿان کاڌو رکي کائين پر پاڻ ان جي چوڌاري پٽ تي ويھن. ساچيڪو جي هن ٽي وي لائونج ۾ ٽن ماڻهن جي ويھڻ وارو بلو رنگ جو هڪ صوفا به رکيل هو، جنھن تي مون کي ويھڻ لاءِ چيو ويو ۽ پاڻ ڪاٺ جي پٽ تي ٿي ويٺيون.
”ساچيڪو جو انگريزي نالو ’جيسي‘ آهي.“ وھڻ بعد موتوڪو ٻڌايو ۽ جيسيءَ هٿ وڌائي هڪ دفعو وري کيڪاريو. دل ۾ سوچيم ته ڏاڍي ڳالهه ٿي هي چار ڄڻيو نه پر اٺ ٿيون جو چار جپاني نالا ياد ڪرڻا پيا ۽ چار انگريزي جا ۽ في الحال سندين ذاتين کي ته هڻ کڏ ۾، جيڪي پڻ سندن نالن وانگر اوتريون ئي اهم ٿين ٿيون. موتوڪو کان پڇيم ته هوءَ جيڪا چوٿين اڃا پھتي ناهي ان جو نالو ڇا آهي؟
”انگريزي يا جپاني؟“
”ٻئي؟“
”انگريزي نالو ڊيبي (Debby) ۽ جپاني نائوڪو (Naoko) اٿس.“
مِيوڪي بنا ٻارن جي هئي، جو سندس ٻئي ٻار (هڪ ڇھن جو ۽ ٻيو ٽن جو) ڪنڊرگارٽن (ٻاراڻي اسڪول) ۾ هئا. موتوڪو جا به ٻه ٻار جيڪي پڻ ساڳي عمر جا ٻڌائين، اسڪول ۾ هئا.
پاڻ هِتان هُتان جون خبرون ٻڌائينديون ۽ پڇنديون رهيون. مون کين ٻڌايو ته بنيادي طرح آئون جھازن جو انجنيئر آهيان پر گذريل ويھن سالن کان مختلف هنڌن تي جھاز سازيءَ جا سبجيڪٽ پڙهائيندواچان. کين اهو ٻڌي عجب لڳو ته اسان ڪيترائي جھاز جپان جي مختلف شپ يارڊن کان نه صرف نوان ٺھرايا پر ٻين ملڪن مان ورتل جھازن جي به اڄ تائين مرمت هتي ڪرائيندا اچون ۽ هتي جي ڀر وارن بندرگاهن ۾ اسان جو اچڻ عام ٿيندو رهيو آهي.
”ڀلا جپاني گهر ۾ پھرين به وڃڻ ٿيو؟“ ساچيڪو پڇيو. سندس انگريزي بنھه پوري ساري هئي. ورجائي ورجائي جڏهن پڇيائين ٿي تڏهن سمجهه ۾ آيو ٿي. اها ٻي ڳالهه هئي ته سڀني ۾ گهڻو اها چرچائڻ لڳي ٿي ۽ رکي رکي جپانيءَ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه يا چرچو ڪيائين ٿي جو سڀ کِل ۾ اونڌيون ٿي ويون ٿي ۽ جنھن Accent (لھجي) ۽ اڌ کِل ۾ ڳالهه ڪيائين ٿي، مون کي تڏهن سمجهه ۾ آئي ٿي جڏهن موتوڪو ان کي سليس انگريزي ۽ جپانيءَ ۾ سمجهايو ٿي ۽ پوءِ مون سان گڏ وري ٻيو دفعو هنن ٽھڪ ڏنا ٿي. ”ڇا ڪريان! ايگوگا سڪوشي وَڪاري ماشتا“ (انگريزي تمام ٿوري اچيم ٿي)، ساچيڪو رکي رکي چيو ٿي ۽ هڪ ٻه دفعو ٻئي هٿ مون ڏي ڪري پاڻ ڏي ڪيا ٿي ۽ ان سان گڏ چيو ٿي ”يو ڪم ٽ مي پرائيويٽلي.“ (تون مون وٽ پرائيويٽلي اچ). آئون سمجهي ويس ته جيڪا ڳالهه هيءَ ڪرڻ چاهي ٿي ان جا هن کي انگريزيءَ جا صحيح لفظ هٿ نٿا اچن، ان ڪري مطلب غلط نڪري رهيو آهي. نيٺ هڪ دفعو ساڳيو جملو وري چوڻ تي مون ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري موتوڪو ڏي نھاريو ته پنھنجو ڌيان ڇڪڻ لاءِ سڏ ڪري چيو: ”مسٽر الطاف Yes or No?.“
موتوڪو کي چيم ته توهان جي هيءَ جپاني دوست ڇا پئي چوي.
”اسان سڀني جي انگريزي ته گذاري لائق آهي ان ڪري اسين ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ چاهيون ٿيون پر ساچيڪو جي انگريزي بنھه ڪمزور آهي. اها ريگيولر بنياد تي پڙهڻ چاهي ٿي ۽ هوءَ اڪيلي سر توکي Travel جا ۽ پڙهائڻ جا پئسا ڏيندي، تون هن اڪيلي کي پڙهائڻ لاءِ هتي ايندين؟“
”ها آئون هفتي ۾ ٻه دفعا اچي سگهان ٿو، باقي ڪھڙا ڏينھن ۽ ٽائيم هوءَ سوچي مون کي ٻڌائي.“
ايتري ۾ سندس چوٿين دوست نائڪو (ڊيبي) پنھنجي ٻن سالن جي پٽ ڪوسوڪي سان گهر ۾ داخل ٿي. هنن منھنجو غلط سلط نالو اچاري هن سان تعارف ڪرايو. ”هيلو ڊيبي. اسان تنھنجو ئي انتظار ڪري رهيا هئاسين.“ مون ساڻس هٿ ملائيندي چيو.
”Oh! You know my name!“. هن تعجب مان مون کان پڇيو.
”اڌ ڪلاڪ کان اهي ئي ته ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته ڪنھنجو ڪھڙو نالو آهي ۽ ٻارن جا نالا ڇا آهن. هي ڏس.“ مون اهو پنو نائوڪو ڏي وڌائيندي چيو، جنھن ۾ سڀني جا جپاني ۽ انگريزي نالا ميوڪو (جيسيءَ) کان لکائي اڳيان رکيو ويٺو هوس.
اتي مون پنھنجي بئگ مان اسٽيشن تان ورتل پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي ٻه چار ڍُڪ پاڻي پيتو.
”او آءِ ايم ساري. مون توهان جي لاءِ چانھه ٺاهي رکي آهي. وينڊيءَ (موتوڪو) مون کي ٻڌايو هو ته توهان کي چانھه پسند آهي.“ گهر جي مالڪڻ ساچيڪو چيو ۽ فرج مان سليماني چانھه سان ڀريل ٺونٺ جيڏو جڳ اچي ٽيبل تي رکيو. مون جو چانھه جي ڳالهه ڪئي سو هنن مون لاءِ Cold Tea ٺاهي رکي هئي جنھن جو گلاس ڀري مون کي ڏنائون ۽ پاڻ ليمنيڊ ٽائيپ ڊرنڪ پيئڻ لڳيون.يعني، مطلب صاف ظاهر هو ته اها سڀ چانھه هاڻ مون کي ڏوگهڻي پوندي ۽ هاڻ مون سان you asked for it وارو حساب ٿيو. در اصل اها پڻ آئون غلطي ڪري ويٺو هوس. هن پاسي، يعني اوڀر جي ملڪن ۾، خاص ڪري جپان ۽ ڪوريا ۾(وينديهيٺسائوٿايسٽايشياجيملڪن۾)ڪافي(Coffee) تهعامهليٿي، پر چانھه (Tea) جيڪا اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو پيون ٿا، ورلي ڪو پيئي ٿو. ويندي ملائيشيا ۾ پڻ، جتي جيتوڻيڪ اسان وانگر انگريزن جي وڏو عرصو حڪومت رهي. جپان پاسي چانھه پيئندا ته به ’گرين ٽي‘ يا ان قسم جي مسالي واري چانھه ۽ ساڳيو حال ڪوريا جو آهي. هنن درويشياڻين کي مون کي ’ڪافي‘ چوڻ کتو ٿي. هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته جپانين وٽ هڪ پُرتڪلف چانھن جي رسم ضرور ٿئي ٿي، جنهن کي هو چادو)Chadō (茶道سڏين، پر ڪافيءَ جي نه. ڪافيءَ جا هي ماڻهو عادي آمريڪن مان متاثر ٿي ٿيا آهن، جيئن اسان انگريزن کان چانھه جا عادي ٿياسين.
اتي گهر جي مالڪڻ ساچيڪو سامهون واري ڪٻٽ مان ڪجهه هوٽلن جا رنگين Menu بروشر کڻي آئي، جنھن مان لڳو ته هي نوابزاديون بلڪ انگريزياڻيون ٿيڻ جون شوقين، هوٽلن تان ماني گهرائي کائڻ جون عادي آهن. هونءِ به جپاني ماڻهو گهر ۾ رڌڻ بدران هوٽلن ۾ کائيندا. بقول هڪ پاڪستاني جھازيءَ جي (جنھن هتان شادي به ڪئي) ”جپانين کي اها هوٽلن ۾ کائڻ جي عادت نه هجي ته هر هڪ وٽ خبر ناهي ڇا ملڪيت هجي.“
اها حقيقت آهي. هر هڪ _ خاص ڪري ڇوڪريون چونديون رهنديون ته اسين غريب آهيون، پر مانيءَ لاءِ هوٽل پويان سڀ ڪجهه ڀينگ ڪري ڇڏينديون. هونءَئي جپان کاڌي پيتي جي شين ۾ ايڏو مھانگو آهي جو گهر ۾ رڌڻ پچائڻ وارن جون به دانھونهونديون آهن. جنھن ملڪ ۾ هڪ لٽر کير 220 يين يعني 110 رپين جو ملي، (اسان وٽ اڄ ڪلهه کير 15 رپئي ڪلو آهي ۽ انڊيا ۾ 10 رپئي ڪلو آهي)، ٽي ٽماٽا يا ٽي بصر 50 رپين ۾ ملن، ڪوڪاڪولا يا سيون اپ جي ننڍي بوتل 50 رپئي ۽ ملڪ شيڪ جو منو گلاس سؤ رپئي، ان کان علاوه رڌ پچاءُ لاءِ گئس مھانگي، پاڻي پيئڻ توڙي وهنجڻ لاءِ مھانگو (واشنگ مشين سڀني گهرن ۾ پر زالون هٿ سان ڪپڙا ڌوئڻ جي ڪوشش ڪنديون، جيئن پاڻي بچي!) بجلي مھانگي، بسين جي ٽڪيٽ مھانگي ... جپان ۾ ڪھڙي شيءِ آهي جيڪا سستي آهي، سواءِ آمريڪا فون ڪرڻ جي! عام سنبوسن ۽ پيٽيزن جھڙيون ”اوني گريون“ به ٽيھه رپين کان گهٽ ناهن. پليٽ چانورن جي ۽ ٿوري پٽاٽن جي ڀاڄي يا چار ڪڪڙ جا ننڍڙا ٽڪر ۽ پاڻيءَ جو گلاس ست سؤ يين يعني ساڍا ٽي سؤ رپيا. (هتي پٽاٽن، واڱڻن، گوبي يا ٻي ڀاڄيءَ جي قيمت به ڪڪڙ برابر آهي.) ۽جنهوٽلنجامينوهننوٽهئا،انهن۾مختلف Set Lunch جي قيمت ٽن کان چار هزار رپيھ هئي. لنچ ۾ پيالو ڀت جو، اڌ ڪوپ سوپ، پيالڙي سلاد جي، ڪجهه مڇي ۽ بيف يا مڇي ۽ بيف بدران ڇھه کن گانگٽ يا چڪن فراءِ پيس.
ميموڪيءَ مينو مون ڏي وڌائي مون کي ڪنھن هوٽل جي ڪا لنچ پسند ڪرڻ لاءِ چيو. مون موتو ڪو کي آهستي چيو ته آئون هينئر هينئر نيرن ڪري آيو آهيان، توهان ڀلي لنچ ڪريو.
”نه اسان توهان سان گڏجي کائڻ چاهيون ٿيون.“ موتوڪو چيو.
”ته چڱو ڀلا مون لاءِ ملڪ شيڪ کڻي گهراءِ.“ مون چيو.
”اهو ته ٺيڪ آهي پر ماني ڇو نه؟ تون مائينڊ نه ڪرين ته آئون پڇي سگهان ٿي ته Religious Reason ته نه آهي. جي اهو هجي ته پوءِ ٺھيو.“
مون مذهب کيIssue نٿي بڻايو ۽ ساڳي وقت ڪوڙ به نٿي ڳالهايو، سو Lightly وراڻيومانس: ”ها ٿورو مذهب جي ڪري به جو اسان کي پورڪ کائڻ جي منع آهي. ان کان علاوه مڇي گانگٽ هر سامونڊي شيءِ کان الرجڪ آهيان.“
”اوه!“ سڀني تعجب کاڌو. ”سمنڊ تي رهي ڪري مڇيون گانگٽ نه کائجن، ڪيڏي افسوسناڪ آهي.“ نائوڪو چيو.
”آهي نه واقعي!“ مون دل جو حال اوريومان. ”ڪنھن کي گانگٽ مڇي نه وڻي ۽ هو نه کائي ته اهڙي ڳالهه ناهي. پر مون کي ته وڻي ٿي پر کائي نٿو سگهان. ايتري قدر جو جپان ۾ هتي جا مشھور فراءِ ٿيل پيز (مٽر) کائيندو هوس ته به تڪليف ٿيندي هئي. پھرين سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو پر پوءِ خبرپئي ته اسان جي ملڪ پاڪستان يا يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان جي مٿان ڪارن فلور (مڪئي جي اٽي) جو تھه چاڙهي فراءِ ڪن ٿا، پر توهان وٽ Sea Weeds (سامونڊي گاهه) جي چُوري سان يعني نه رڳو مڇي گانگٽ پر هر سامونڊي شيءِ کان الرجڪ آهيان.“
”۽ مون انهنشين جي ڪري پاڻي واري جھاز تي هوسٽس ٿي نوڪري شروع ڪئي پر هتان جي بندرگاهه شمونو سيڪيءَ کان ڪوريا جي سامهون واري بندرگاهه پوسان تائين هڪ ڏينھن جي سفر ۾ توبھه ڪري ٻئي ڏينھن باءِ ايئر ڳوٺ موٽي آيس.“ موتوڪو چيو.
”ڇو ڀلا؟“ مون تعجب مان پڇيو. موتوڪو هٿ جي اشاري سان پيٽ ۾ پيل شيءِ وات مان نڪرڻ جو اشارو ڪندي چيو: ”ڏاڍي سي سڪنيس ٿيم.“ يعني الٽين ۽ اٻڙاڪن اڌمئو ڪري ڇڏيو.
”اها مون لاءِ تعجب جي ڳالهه آهي جو هڪ جپاني يا انگريز کي سي سڪنيس ٿئي! توهان جي ملڪ جو ڪنارو ايڏو کاڌل آهي جو چوڌاري سمنڊ توهان کي گهيريو ويٺو آهي. توهان جي ته جنم جنم کان سمنڊ سان ويڙهاند هلندي اچي. بھرحال Sea Sickness اهڙي شيءِ آهي جو ڪنھن کي به ٿي سگهي ٿي.“ مون چيو.
الرجي جي ڳالهه دوران نائوڪو_ جيڪا سڀ ۾ گهڻو اخبار، رسالا ۽ ناول پڙهڻ جي شوقين لڳي ٿي، تنھن گذريل ڏينھن جي اخبار ۾ آيل هڪ ڪارٽون جي ياد ڏياري، جنھن ۾ هڪ جپاني مرد يورپي عورت سان شادي ڪري اچي ڦاٿو آهي (جو مزاج ۾ يورپي عورتون جپاني عورتن جي بلڪل ابتڙ آهن. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪن، يورپي ۽ ٻيا جپان ۾ رهندڙ ڌاريان مرد هتي جي جپاني عورتن سان شادي ڪري موج مزي ۾ اچيو وڃن، جو جپاني عورتون دنيا ۾ چئيوان، محنتياڻيون ۽ سادگي پسند آهن ۽ مڙس جون ڄڻ غلام ٿي رهن ٿيون. ويندي هڪ ٽاپ جي فلم ائڪٽريس شاديءَ بعد پاڻهي پنھنجو Career ڇڏي ڏنو. اخبار ۽ ٽي وي وارن جي سبب پڇڻ تي وراڻيائين ته هاڻ آئون پنھنجي مڙس جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي. پر شل نه ڪو جپاني مرد گوريءَ يعني يورپي عورت سان شادي ڪري. سورن ۾ پئجي ويندو. پھرين هوش نه رهندس پر پوءِ هني مون دوران ئي وايون بتال ٿي ويندس.) سو هي بيوقوف جپاني به (ظاهر آهي بيوقوف ئي ٿيو) جلدي پنھنجي گوري زال مان بيزار ٿي پيو جنهن سندس خدمت ڪرڻ بدران اها ٿي اميد رکي ته سندس مڙس سندس ٻڌو ٻانهو ٿي هلي. نتيجي ۾ هو هر وقت گهر ۾ زال اڳيان بيمارن جي شڪل ٺاهي ويٺو ٿي. زال پڇيس ٿي ته ظاهري طرح ته ڪا بيماري نظر ڪانه ٿي اچي. ڇا ٿيو اٿئي؟
”الرجي اٿم.“ جپاني مڙس وراڻيو ٿي.
”ڇا مان الرجڪ ٿي پيو آهين؟“ يورپي زال پڇيس ٿي.
”تو مان الرجڪ ٿي پيو آهيان.“ هن ٺھه پھه وراڻيس ٿي.
اها ڳالهه ٻڌي موتوڪو چيو ته ان کي چرچو نه سمجهو پر حقيقت اها آهي ته ساسيبو شھر ۾ منھنجي هڪ ساهيڙي رهي ٿي، اها پنھنجي مڙس کان الرجڪ هئي.
”ڪيئن؟“ ظاهر آهي اسان کي تعجب لڳو.
”هوءَ پنھنجي مڙس سان سمهندي هئي ته کيس خارش ٿي پوندي هئي.“ موتوڪو ٻڌائڻ لڳي، ”ڊاڪٽر چيو ته هن جي مڙس جي کل ڪجهه اهڙي کھري آهي جو هن مان سندس زال کي Irritation ٿي ٿئي.“
”پوءِ ڇا ٿيو؟ اڃا گڏ رهن يا ڇڏي ڏنائون؟“ ميوڪيءَ پڇيو.
”گڏ آهن. هڪ ٻئي کي ڇڏيائون ڪونه. ڪجهه سالن کان پوءِ زال جي اها الرجي ختم ٿي وئي، پر تيسين هوءَ ڊاڪٽر کان مليل هڪ خاص قسم جي ڪريم جسم تي مَلي پوءِ مڙس جي ويجهو ايندي هئي.“ موتوڪو ٻڌايو.
بھرحال منھنجي مانيءَ جو آخر اهو فيصلو ٿيو ته هوٽل طرفان مقرر قسم جي مانيءَ بدران منھنجي مرضيءَ تي فرينچ فرائيز، چانور، سلاد ۽ ڪارن سوپ جو فون ذريعي آرڊر ڏنو وڃي.
اسان کي ڳالهين ڪندي ڪلاڪ گذري ويو. پڙهائيءَ جو ڪو نالو نشان نه هو. آخر مون سوچيو ته پڙهڻ جي ڳالهه آئون ئي ڪڍان. پاڻ_ جن کي پڙهڻو آهي، اهي ته ڪُڇن ئي ڪونه ٿيون. پنھنجي حساب سان آئون انگريزي گرامر ۽ ڪمپوزيشن جون مختلف Exercises ڪرائڻ لاءِ هر هڪ لاءِ ڏهه ٻارهن صفحن جا چار سيٽ فوٽو ڪاپي ڪرائي آيو هوس، جو مون ته سوچيو هو ته هي به ملائيشيا ۽ سنگاپور جي چيني شاگردن وانگر پڙهائڻ واري ٽيچر کي منٽ به سک ڪرڻ نه ڏينديون. سو موتوڪو کي چيم ته هو ڇا پڙهڻ پسند ڪنديون. هنن وٽ ڪو ڪتاب آهي جو پڙهڻ چاهينديون يا جيڪو ڪجهه مٽيريل مون آندو آهي اهو پڙهنديون؟
”بس ماني بعد پڙهائي شروع ٿا ڪريون. اسيندراصل تقريرون لکي آيون آهيون، جيڪي پڙهنديونسين. هينئر انگريزي ڳالهائڻ جي پريڪٽس پيا ڪريون.“ موتوڪو ٻڌايو ۽ دل ۾ چيم ان جھڙو سولو ڪم ته آهي ئي ڪونه. ان ۾ مون کي نه گهر ۾ تياري ڪرڻ جي محنت ڪرڻي پوي ۽ نه هتي مغز ماري! هونءَ به پھرين اِي ميل ۾ ئي موتوڪو لکيو هو ته :
`We want to brush up our English`
سو هي مون سان ۽ هڪ ٻئي سان انگريزيءَ ۾ خبرون چارون ڪري پنھنجي انگريزي سڌاري رهيون آهن. يعني `Brush up`ڪري رهيون آهن.
هو مون کان پاڪستان جون خبرون پڻ پڇڻ لڳيون ته اتي ميوا يا ڀاڄيون ٿين. ان مان اندازو لڳايم ته هنن کي جاگرافيڪل ناليج ايتري ناهي، بلڪ بنھه گهٽ آهي, نه ته پاڪستان جي اتر اولھه واري بيھڪ مان ئي اندازو لڳائي سگهن ها ته پاڪستان ۾ هر قسم جو ميوو ٿيڻ کپي ۽ پاڪستان ته آهي ئي ايگريڪلچرل ملڪ ۽ هي جو سندن ۽ اسان جا جھاز پاڪستان مان ڀرجيو جپان ٿا اچن، سو ڪپھه، ڌاڳو، ڪپڙا (سادي قسم جو لَٺي ۽ پڻئي وارو، جنھن کي هو Process ڪري اوچو، لسو، چمڪدار، نرم بنائي سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن کي مھانگو ڪري وڪڻن ٿا)، ڪڻڪ ۽ چانورن سان ڀرجيو پھچن ٿا، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان ايگريڪلچرل ملڪ آهي. ڳالهيون ته ڪيتريون ئي ٿينديون رهيون جيڪي سڀ هن وقت (ٻن ڏينھن بعد) ياد رهڻ ته مشڪل آهن. هڪ پڇيو ته ”پاڪستان جي نيشنل راند ڪھڙي آهي؟“ جپاني ويهندا ته ان قسم جا سوال ضرور ڪندا. توهان جي ملڪ جو قومي گل، قومي کاڌو، قومي راند، جانور، پکي....وغيره وغيره ڪھڙو آهي ۽ سندن ته ملڪ جو ڇا ڪيترن ئي شھرن جو نشاني طور ٻيو نه ته گل جدا جدا آهن، نيشنل Emblem جدا آهن... وغيره. اسان وٽ انهن ڳالهين جي ڪا اهميت ئي ڪانهي. پنھنجي ملڪ جي گل يا پکي، جانور (جيڪڏهن آهي ته) جي ته مون کي به خبر ناهي پر چڱو جو راند جو پڇيائون. سا به الائي هاڪي آهي يا ڪرڪيٽ پر مون ڪرڪيٽ چئي. اهو ٻڌي هو وائڙيون ٿي ويون ۽ ميوڪيءَ يڪدم چيو ”اها ته انگلينڊ جي به قومي راند آهي. توهان جي به اها آهي_ زبردست!“ هنن لاءِ اها به وڏي ڳالهه_ هو ايڏو گورن مان Impress لڳيون ٿي، خاص ڪري انگريزن ۽ آمريڪن مان! ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ هر وقت مينھوڳيءَ ڪري ڪرڪيٽ ايتري هلي ئي ڪانه_ ويندي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نه برابر کيڏي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ اتي به ننڍي کنڊ وانگر انگريز سؤ سال کان مٿي رهيا پر اهي به پنھنجي وقت ۾ ڪرڪيٽ هنن ملڪن ۾ ايڏي مزي سان نه کيڏي سگهيا.
هنن منهنجين So-called شاگردياڻين کي ٻڌايم ته ”ڪرڪيٽ جھڙيون شيون اسان جي ملڪ ۾ انگريزن جي ئي ڪري مشھور ٿيون. ان ڪري ئي اسان وٽ اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ انگريزي هلي ٿي. انگريزن پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ٻه سؤ سالن کان مٿي حڪومت ڪئي، ان وقت ٻئي ملڪ هڪ هئا.“
”انڊيا بابت اسان ڏاڍو ٻڌو آهي. انڊين کاڌا، انڊين ڪپڙا، انڊين مندر ۽ پراڻيون جايون.“ ساچيڪو چيو.
”پاڪستان ۾ به آهن. موهن جو دڙو ٻڌو اٿانوَ؟“
”ها. ها.ته اهو پاڪستان ۾ آهي؟ هڙاپاپڻ. انڊيا کان پاڪستان ڪيترو پري آهي؟“ موتوڪو پڇيو.
مون کين ٻڌايو ته 1947ع کان اڳ اهي ٻئي ۽ بنگلاديش هڪ ئي ملڪ هئا۽ ساڳي وقت اهو به اندازو لڳايم ته موتوڪو جيڪا هنن سڀني ۾ سياڻي آهي (گهٽ ۾ گهٽ هوءَ پاڻ ۽ هن جون سھيليون کيس سمجهن ٿيون)، ان جو ئي اهو حال آهي ته هن کي پاڪستان ۽ انڊيا جي نقشي ۾ بيھڪ جي خبر ناهي. بھرحال اسان جي ملڪن جي سٺو آهي جو خبر نه اٿن نه ته اڄڪلهه جي مغربي پريس توڙي اسان جي ايشيائي ملڪن جي پريس (جنھن ۾ جتي ڪٿي انڊين ڀريا پيا آهن) اسان جي ملڪ جي خلاف ايڏي غلط پر Organised نموني جي پروپيگنڊا ڪئي آهي جو پڙهندڙ ن ان جو لفظ لفظ سچ سمجهي اسان لاءِ غلط تاثر پيدا ڪيو آهي ۽ اسان مان خوفزده ٿيو وڃن ته دنيا ۾ دهشتگرد به اسين آهيون، ڪارو ڪاريءَ جو چڪر به اسان وٽ، ڪرپشن ۾ به اسان سرِفھرست آهيون، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان اوڌر وٺي به اسين کايو وڃون، يعني پھرين نمبر جا چور آهيون ۽ غيرقانوني طرح ٻين ملڪن ۾ گهڙيو غلط ڪم به اسين ڪريون ٿا. مذهب جي آڙ ۾ ڪٽرپڻو ۽ قتل عام به اسين ڪريون ٿا، وغيره.
هڪ ڏينھن ٽوڪيو جي اساڪسا سب وي ريلوي اسٽيشن وٽ (متسويا ڊپارٽمينٽ اسٽور واري روڊ تي) هڪ ٽريول ايجنسيءَ ۾ پنھنجي واپسيءَ جي ٽڪيٽ لاءِ ويس. ماڻهن جي رش گهڻي هئي پر منھنجي عمر جو هڪ جپاني سوٽ ڪوٽ ۾ جيڪو بزنيس مئن لڳو ٿي، بيٺو هو. هن وڌي مون کي کيڪاريو.
”Oh you are an Indian“
۽ آئون جيسين جواب ڏيانس هو انڊيا جي تعريف ۾ شروع ٿي ويو جتي هن جو سال ۾ ٻه دفعا بزنيس ۽ گهمڻ لاءِ وڃڻ ٿئي ٿو. جيئن ئي ڳالهائڻ ۾ ساهي پٽيائين ته مون ٻڌايومانس ته آئون پاڪستاني آهيان. اهو ٻڌي هن کي ڄڻ بريڪ لڳي وئي. سندس سڄي بيٽري ڊسچارج ٿي وئي. چاٻي هڻ ته انجڻ اسٽارٽ ئي نه ٿئي. جپاني عام طرح ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وڏا اخلاق وارا ٿين ٿا. توڙي کڻي هن کي پاڪستان لاءِ نفرت هئي ته به هن جي جاءِ تي ٻيو ڪو جپاني هجي ها ته به في الحال ڳالهه ٺاهي چوي ها ته ”اوهه! پاڪستان به ڏاڍو سٺو آهي، جيتوڻيڪ مون ڏٺو ناهي... وغيره“ پر هي ڪو اهڙو ڀريو ويٺو هو جو پاڪستان جو نالو ٻڌي موڊ آف ٿي ويس. اسان اڌ ڪلاڪ کن ان آفيس ۾ هئاسين. رکي رکي وري ڪا ڳالهه ڪئي سين ٿي ۽ پوءِ سندس ڳالهين مان سمجهي ويس ته هو پاڪستان ۾ هلندڙ خونريزيءَ جون خبرون پرهي سخت ڊسٽرب ٿيو آهي، خاص ڪري ڪوئٽيا ۾ تازو شيعن جي قتل جي افسوس ناڪ خبر پڙهي_ جيڪا خبر ان ڏينھن جي سڀني جپاني اخبارن ۾ وڏين سرخين سان آئي هئي. هو مون کان ان بابت تعجب مان پڇندو رهيو. هن جي سوال ۽ حيرت جو سبب اهو ئي هو (جيڪو اڪثر ماڻهن کي رهي ٿو ۽ اها حقيقت به آهي) ته اسان ڪھڙا مسلمان آهيون. اسين پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي ته ماريندا مڃائيندا رهون ٿا (يعني چوري چڪاريءَ کان علاوه هندن ۽ عيسائين جا ٻار اغوا ڪريو وڃون، عورتون ريپ ڪندا وتون، باگڙي ۽ ڪولهين جي سڄي سڄي آڪھه پنھنجي نجي جيلن ۾ بند ڪندا وتون) پر پنھنجي مسلمانن (شيعن، سنين) کي به نٿا بخشيون.
بھرحال هتي هنن جپاني عورتن کي نقشي ۾ اسان جي ملڪ جي ڄاڻ نه هجڻ وڏي ڳالهه نه آهي. اسان جون ڪيتريون ئي پڙهيل لکيل زالون بلڪ مرد به هوندا، جن کي ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام جي بيھڪ جي ڇا صحيح خبر هوندي؟ چاڊ ۽ گئمبيا جي ڇا ڄاڻ هوندي؟ گئٽامالا ۽ پاناما جي ڪھڙي معلومات هوندي؟ سو هي ماڻهو جن جو سڄو ڏينھن نوڪري، گهر جي صفائي ۽ مڙس ۽ ٻارن جي خدمت ۾ ئي خرچ ٿيو وڃي انهن لاءِ اسان جھڙا ملڪ ائين آهن، جيئن اسان لاءِ البانيا، مقدونيا، ملاوي ۽ گئمبيا، سينيگال. باقي انگريز بنجڻ جي چڪر ۾ آمريڪا جي ڪجهه اهم رياستن ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن فرانس، اسپين، جرمني، هالينڊ، انگلينڊ وغيره جي چڱي ڄاڻ هين. پنھنجي هھڙي سھڻي ملڪ کان وڌيڪ انهن ملڪن مان Impress هيون. گهر ۾ ڊسٽلڊ واٽر به فرانس جو استعمال ڪيائون ٿي، ڪڪنگ آئل اسپين جو ۽ Cookies (بسڪيٽ) انگلينڊ جا امپورٽڊ کاڌائون ٿي.هاڻ بسڪيٽ، گيھه، گاسليٽ يا گدرو يا گوبي ته ڀلي ڌارين ملڪن جو استعمال ڪريو جو توهان جي ملڪ ۾ ڪجهه نٿو ٿئي، پر بقول جپان ۾ رهندڙ ڊاڪٽر خاصخيليءَ جي، ڇوريون پاڻي ته پنھنجي ملڪ جو استعمال ڪريو، جو توهان جي جپان ۾ بارش ۽ قدرتي چشمن (منرل واٽر) جي کوٽ ناهي، جتي Tap water (عام نل جو پاڻي) به بيحد هائيجينڪ آهي. گذريل سال هن اسپين ۽ پورچوگال جا ڪيترائي شھر گهميا.
ساچيڪو، سٺي انگريزي نه اچڻ ڪري گهٽ ڳالهائي رهي هئي، تنھن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ پڇيومانس ته هوءَ به ٻاهر وئي آهي يا نه.
”آئون هني مون تي مڙس سان گڏ فلوريڊا وئي هئس.“ هن جواب ڏنو، جنھن تي ٻين کلندي چيس ته چري رڳو ”هني مون تي فلوريڊا وئي هئيس“ چوڻ ڪافي آهي. ”مڙس سان وئي هئس“ چوڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، ڇو ته هني مون معنيٰ شاديءَ بعد مڙس سان گڏ گهمڻ لاءِ نڪرڻ. شادي مڙس سان ڪري ڪنھن بواءِ فرينڊ سان هني مون لاءِ نه نڪربو آهي.
هن مون ڏي نھاريو ۽ مون سندس ساهيڙين جي تائيد ڪندي چيو:
”ساچيڪو هي صحيح ٿيون چون.“
”ڇا ڪريان منھنجي انگلش ڪمزور آهي تڏهن ته چوان ٿي ته تون هنن کي ڇڏي رڳو مون کي پرائيويٽلي پڙهاءِ.“ ساچيڪو مسڪين شڪل ٺاهي ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ چيو. جيتوڻيڪ جپانيءَ ۾ هوءَ سڀني ۾ زور هئي ۽ اسان جي مرحوم دوست نجم قاضي، ڪمانڊر ڳوراهي ۽ نثار وسطڙو وانگر چرچن ۾ کانئس ڪير نٿي پڄي سگهيو. ساچيڪو چيو ته هن جي وري انگريزي سڌري ته هوءَ ٻارن سان گڏ يڪا ٽي سال آمريڪا ۾ وڃي رهي. نائوڪو به ٻه ٽي دفعا گروپ ٽوئرتي آمريڪا مان ٿي آئي هئي. سڀ آمريڪا جون ڳالهيون ڪري ٺريون پئي ٺريون.
”مسٽر الطاف تون پھريون دفعو USA ڪڏهن ويو هئين؟“ ميوڪيءَ پڇيو جيڪا هن ٽولي جي اڪيلي ڄڻي هئي جيڪا اڃا آمريڪا مان نه ٿي آئي هئي، جنھن جو هن کي ڏاڍو ڏک هو.
”آئون پھريون دفعو 1969ع ۾ نيويارڪ ويو هوس.“ مون ٻڌايومانس.
”ان وقت آئون ٻن سالن جي هيس.“ موتوڪو چيو.
”۽ آئون اڃا ڄائي نه هيس.“ ميوڪي جيڪا ٽيھن سالن جي آهي، چيو.
ايتري ۾ هوٽل جو بئرو هتي جي رواج موجب مانيءَ جون پنج رنگين پيتيون کڻي آيو، جيڪي A3 ڪاغذ جي سائيز جون هيون. گهر جي مالڪياڻيءَ اٿي کانئس ماني ۽ بل ورتو ۽ پنھنجي پرس مان نوٽن جي ٿڦي ڪڍي ٻه پنج پنج هزار جا نوٽ ۽ چار هڪ هڪ هزار وارا نوٽ بئري جي هٿ تي رکيا. يعني اسان سڀني جي لنچ جو خرچ چوڏهن هزار يين (يعني ست هزا رپيا) ساچيڪو ڏنو. اسان سڀ پٽ تان اٿي ٽيبل تان پنھنجو پنھنجو دٻو کڻي کائڻ لڳاسين. موتوڪو، ساچيڪو ۽ نائوڪو پنھنجي ٻار ڪورومي، ناتسو ۽ ڪَوسُوڪي کي ڪڇ ۾ ويھاري هنن کي به ۽ پاڻ به ماني کاڌي.پيئڻ لاءِ ساچيڪو فرج مان ايپل ۽ آرينج جي فريش جوس جا دٻا ڪڍيا. دٻن کي گهمائي ڏٺم ته هر هڪ تي 500 يين (يعني اڍائي سئو رپيا قيمت) جو اسٽيڪر لڳل هو ۽ دٻي جي هيٺان “Fresh from USA” ۽ Expiry Date آڪٽوبر 2007 لکيل هو.
منھنجي ڀرسان موتوڪو ويٺي هئي تنھن کي آهستي چيم ته جپاني مرد ايترو نه پر توهان عورتون آمريڪا مان ڏاڍيون Impress آهيو.
هن کلندي پنهنجو منھن منھنجي ڪن ويجهو آڻي راز واري انداز ۾ آهستي چيو، ”مسٽر الطاف توکي شايد خبر نه هجي، ڪيتريون نوجوان جپاني ڇوڪريون آمريڪن پٺيان ايڏو Crazy آهن، جو انهن جي اها حسرت آهي ته ڪنھن آمريڪن سان شادي ٿئي. پر جي شادي پنھنجي جپانيءَ سان ٿي ٿئي ته شاديءَ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو آمريڪن سان Sex ٿئي.“
”هوندو.“ مون وراڻيومانس.
آئون جڏهن 1972ع ڌاري پھريون دفعو جپان آيو هوس ته جپانين جي دل تي ٻي وڏي لڙائي ذليل طريقي سان هارائڻ جو زخم اڃا تازو هو. مردتوڙي عورتون ۽ ٻار آمريڪن کي گاريون ڏيندا وتندا هئا. پر هاڻ ڪارون، ڪئميرائون ۽ ڪمپيوٽر ٺاهي توهان هنن مان ڪمايو آهي، جو توهان جي شين جي وڪري لاءِ دنيا ۾ سڀ کان وڏي مارڪيٽ آمريڪا آهي ۽ هنن (آمريڪن) جي بيس بال، چال ڍال، ميوزڪ ،ناچ توهانجي دل چري ڪئي آهي. انهن شين ننڍي ٽھيءَ کي مدهوش ڪري رکيو آهي. بھرحال اهي ڳالهيون مون دل ۾ ئي سوچيون. ويندي موتوڪو کي به چئي نٿي سگهيس جو آمريڪا پويان گهٽ چري پاڻ ۽ سندس ساهيڙيون به ته نه هيون. هنن هن قسم جو هي گروپ يا ڪلب ٺاهي، ڪجهه گهڙين لاءِ پاڻ کي ٻيو نه ته اڌ آمريڪن ضرور سمجهيو ٿي.
مون کي هنن وٽ آئي ٻه اڍائي ڪلاڪ ٿي ويا هئا. موتوڪو جنھن هن سڄي پروگرام جو بندوبست ڪيو هو (’پروگرام‘ ئي ٿيو بلڪ ’پڪنڪ‘_ پڙهائي ته نه ٿي) ان کي آهستي چيم ته ”مون کي چئين بجي موٽڻو آهي.“
“Oh yes. Don’t worry” هن وراڻيو. بس مانيءَ جي ڪم کانپوءِ دير نه لڳندي.
۽ واقعي پوءِ دير نه ٿي. هن باقي ساهيڙين کي ڊائننگ ٽيبل تان اٿاري پٽ تي ويھاريو ۽ تقريرون شروع ڪرڻ لاءِ چيو. آئون اچڻ مھل ٿوري دير هنن سان گڏ پٽ تي ويٺس پر ڪاٺ جي پٽ تي گهڻي دير ويھي نه سگهيس. ڪجهه ته پينٽ هجڻ ڪري به. خير پتلونون ته سواءِ نائوڪو جي ٽنهي کي هيون. بلڪه تمام ٽائيٽ پتلونون هين پر جپاني ماڻهن کي سنڌ جي چڱن مڙسن وانگر پٽ تي پٿل ماري ويھڻ جي پرئڪٽس ننڍي هوندي کان ڪرائي وڃي ٿي. هنن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ گهرن ۾ ته ڪو ٻيو Alternative آهي ئي ڪونه_صندلي نه سر. غريب توڙي امير جپانيءَ جي گهر ۾ پٽ تي تونئري (Tatami) وڇايل ٿئي جنھن تي ڪيترن ئي قسمن جي Positions ۽ Postures ۾ ويھي سگهن. چڱو جو هنن منھنجي شاگردياڻين کي آمريڪن ٿيڻ جو شوق آهي ۽ گهر ۾ ڊائيننگ ٽيبل کان علاوه صوفا سيٽ_ هڪ ئي سھي، رکيو اٿن جنھن تي ٽپ ڏيئي آئون ويھي ٿي رهيس. پھرين مون کي لڳو ته هي دل ۾ نه ڪن پر پوءِ يڪدم محسوس ڪيم ته سڀ مست ملنگ آهن. هنن تي رڳو انگريزي ڳالهائڻ ۽ آمريڪنبڻجڻ جو ڀوت سوار آهي. هونءَ به هن وقت منھنجي حيثيت Sensei (ماستر صاحب) جي هئي ۽ دنيا ۾ ماستر کي کڻي ڇا به سمجهيو وڃي، پر جپان ۽ سئيڊن انهن چند ملڪن مان آهن جتي ماستر ’مائي باپ‘ سمجهيو وڃي ٿو. هن جي عزت ۽ پگهار جو خيال ڪيو وڃي ٿو. سو مانيءَ بعد آءُ وري صوفي تي وڃي ويٺس. ”آئون مٿي ويھان؟“ مون موتوڪو، جيڪاڄڻ ته منھنجي مئنيجر ٿي پئي هلي، تنھن کي ويھڻ جو اشارو ڪري پڇيم.
”هاءِ دوزو!“ (ڀلي ڀلي اکين تي) موتوڪو کان اڳ ساچيڪو جواب ڏنو. هوءَ جپاني ڳالهائڻ ۾ ته هوشيار لڳي ٿي، پر انگريزي ڳالهائڻ ۾ رڍ ٿيو ٿي پئي ۽ وري تقرير ڪرڻ لاءِ به پھرين ان کي چيو ويو جو منھنجي چوڌاري پٽ تي اڌ گول ٺاهي ويھڻ وارين هنن چئن So called شاگردياڻين ۾ ساڄي هٿ تي ساچيڪو ئي هئي ۽ جپانين جا ڪتاب توڙي ڪم گهڻو ڪري ساڄي کان شروع ٿين.
مون سمجهيو ته ڪنھن ٽيبل اڳيان بيھي، ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ يا جپان ۾ سارس کي منھن ڏيڻ_يا اڃا به موقعي مان فائدو وٺي (جو ڪو به جپاني مرد موجود نه هو) عورتن جي حقن تي ڳالهائينديون ته دنيا جي عورتن (خاص ڪري آمريڪن عورتن) جي مقابلي ۾ اسين جپاني زالون هر وقت موچڙن جي منھن ۾ رهون ٿيون. سڄو ڏينھن گهر ۽ ٻارن کي ڏسون، انبعد مڙسن جي خدمت ڪريون پر ڪو قدر ناهي... پر اهڙي ڪنھن ٻرندڙ ٽاپڪ بدران هنن جا لائيٽ ٽاپڪ هئا۽ بنا ڏسڻ جي تقرير ڪرڻبدران پني تي لکي آيون هيون. در اصل هو تقرير ته نه پر مضمون ئي لکي آيون هيون جنھن کي پڙهي ٻڌايائون. ساچيڪو ڪنھن بيمار ساهيڙيءَ کي پڇڻ جو احوال لکيو هو. سندس اٺن سٽن جي احوال ۾ ايتريون ته چڪون هيون جو سمجهه ۾ نه آيو ته هن لکڻ ڇا چاهيو ٿي. بھرحال هن جپانيءَ ۾ اسان کي ڪجهه ڪجهه سمجهايو. گرامر جي چڪن کان علاوه هن ڪنھن ڪوئي جي ڳالهه به وچ وچ ۾ آندي پئي ته هن مان رت پئي نڪتو. بعد ۾ خبر پئي ته هن جو ”ساهيڙيءَ جي ڪوئي مان مطلب ساهيڙيءَ جو وات هو.“ جنھن غلطيءَ جو اڌ ڏوهه ميوڪيءَ جو هو جنھن کان جڏهن فون تي ساچيڪو پڇيو ته وات جي انگريزي ڇا آهي ته هن شايد جلديءَ ۾ چيو (يا ڪنھن جي فون ۾ کِر کِر گهڻي هئي) جو ساچيڪو کي Mouth بدران Mouse سمجهه ۾ آيو. سندس ساهيڙي اسپتال مان ڏاٺ ڪڍائي گهر موٽي چڪي هوندي، جنھن جو احوال ساچيڪو لکيو هو. ان بعد موتوڪو ’سومو‘ (جپاني ٿلهن پھلوانن جي ملهه) تي لکيل صفحو کن پڙهيو. هن جو لھجو توڙي لکڻي صحيح هئي. بلڪ مون کي ته لڳو ته ڪنھن ڪتاب تان اکر به اکر ڪاپي ڪري لکي آئي هجي جو ڳالهائڻ مان سندس اهڙي به سٺي انگريزي نٿي لڳي_ پر ظاهر آهي هوءَ سڀني ۾ پڏڻ ٿي ته ٻين تي ليڊري جي ڪجهه ته لئه رکي.
سومو پھلوان تي مضمون پڙهي بس ڪيائين ته ساچيڪو جپانيءَ ۾ پڇي ويٺس ته کيس ڪھڙو سومو پھلوان (ملهه) وڻي ٿو. پوءِ ته بس بحث شروع ٿي ويو. ڪا چوي ته فلاڻو ملهه وڻي ٿو ته ٻي چوي ان کان ته فلاڻو سٺو آهي.
”نه اهو مون کي پھرين وڻندو هو.“
”شاديءَ کانپوءِ انهن ٿلهن (سومو پھلوانن) بابت سوچڻ ڇڏي ڏنو اٿم...“ وغيره وغيره.
مس مس سومو پهلوانن مان جان ڇٽي ۽ ٽي ڄڻيءَ (نائوڪو) جپاني مندرن تي لکيل ڪجهه سٽون پڙهيون ۽ پوءِ آخر ۾ ميوڪو مسٽر موري (سابق وزيراعظم) جي انهن رمارڪن تي لکيل پنھنجي راءِ پڙهي ٻڌائي. ڪجهه ڏينھن اڳ عورتن جي هڪ فنڪشن ۾ مسٽر موريءَ چيو هو ته اهي جپاني زالون، جيڪي شادي نٿيون ڪن يا شاديءَ بعد ٻار نٿيون ڄڻين، انهن کي Old age (پيريءَ وارو) الائونس هرگز نه ملڻ کپي، جو هو مڙس جي خدمت ۽ ٻار جي نيپاج کان ڀڄڻ چاهين ٿيون. هو جوانيءَ جا ڏينھن عيش ۾ گذارڻ چاهين ٿيون. انهن جي پوڙهي ٿيڻ تي حڪومت کي هنن جو خاص خيال نه رکڻ کپي يا ٻي صورت ۾ هنن کان گهڻو ٽئڪس ورتو وڃي.“ مزي جي ڳالهه اها ته بعد ۾ عورتن گوڙ ڪيو هو ته ”مسٽر موري ان بڪواس لاءِ معافي وٺي.“ پر جوان جي پٽ آخر تائين معافي نه ورتي.
۽ هاڻ ان تي ميوڪي پنھنجي راءِ پڙهي رهي هئيته شڪر آهي جو کيس ۽ سندس ٻين ساهيڙين کي ٻه ٻه ٽي ٽي ٻار آهن. انهن ويچارين جو ڇا ٿيندو جن کي ڪوشش جي باوجود ٻار نٿو ٿئي... وغيره وغيره. دل ۾ سوچيم ته آئون به گذريل ٽيھن سالن کان جپان ۽ جپانين تي نظر رکندو اچان. ڳالهه اها آهي ته توهان جا جپاني مرد عورتن کي ڪڏهن به سُک پٽڻ نه ڏيندا. نوڪر چاڪر هو نه رکڻ ڏين. گهر جي ڪم ۾ زالن جي مدد هو نه ڪن، ٻارن کي گهمائڻ ڦيرائڻ ته پري، ريفريجريٽر مان کير جي بوتل ڪڍي ٻار جي وات تائين نه رکن. چوندا اهي ڪم رنن جا آهن!
ڏٺو وڃي ته جپان ۾ گهر جو هر پورهيو عورت ڪري ٿي، مرد جو ڪم رڳو زال تي رعب رکڻ آهي. هي صحيح ناهي، هو صحيح ناهي. قميص جو ڪالر صحيح طرح استري نه ڪيو اٿئي، مانيءَ ۾ ڇو دير آهي، ٻھاري سٺي ڇو نه ڏني اٿئي، آهستي آهستي زور ڇو پئي ڏين. مطلب ته جپاني عورت جو صبح کان رات تائين پورهئي ۾ هليو وڃي. مرد کي خاص ڪري جي هن جو پگهار سٺو آهي ته هن کي آخر اهو به فڪر نه آهي ته گرمي ۽ سخت سيءَ ۾ گهر جا فرش کرڙي کرڙي جوڻس جي شڪل ئي ڦري وئي آهي. هن کي ڪھڙي پرواهه! پگهار وڌڻ تي وتندو بھتر کان بھتر محبوبا ڳوليندو. تڏهن ته هي نڀاڳيون وتن آمريڪن، يورپي ويندي ايشين مرد ڳولينديون، جن جي گهٽ خدمت ڪرڻ تي به هو خوش رهن ٿا ۽ سندن به ڪجهه هلي سگهي ٿي.
بھرحال مِيوڪي جي ”تقرير“ بعد ”پڙهائي“ اختتام تي پھتي ۽ ٻي ملاقات جيڪا هفتي بعد ميوڪو جي گهر رکي وئي، ان لاءِ موتوڪو اهو فيصلو ڪيوته هر هڪ کي ٻه ”تقريرون“ لکي اچڻيون پونديون. هڪ ”جپاني کاڌي“ تي ۽ ٻي ”پاڪستان“ تي. اٿڻ ۽ موڪلائڻ بعد نائوڪو جيڪا اسٽيشن ڏي وڃي رهي هئي، مون کي پنھنجي ڪار ۾ اسٽيشن تي اچي لاٿو. ۽ هُن هِن دفعي ۽ آئيندي سندن گهر اچڻ لاءِ، ريل گاڏيءَ جي پاس ٺھرائي ڏني. يعني هي سڄو مھينو سندن شھر ’اوريو‘ تائين ريل گاڏيءَ ۾ مفت ڪيترا دفعا به اچي وڃي سگهان ٿو.

ياماني ساتوشي هاڻ عبدالواحد آهي

ڇھين بجي جپاني همراهه عبدالواحد کي اچڻو هو. اسان کيس رات جي مانيءَ لاءِ گهرايو هو. هو پنھنجي ڀر واري شھر فڪوئوڪا کان اسان واري شھر ڪوڪُورا صحيح ٽائيم تي پھچي ويو پر کيس اسان واري بلڊنگ وٽ پارڪنگ جي جاءِ نه پئي ملي، سو اسان کي فون ڪيائين. مشتاق هيٺ وڃي کيس ڀر واري بلاڪ جي سپر مارڪيٽ Maruwa جن کان اڪثر اسين ڀاڄي ڀتي وٺون، جي پارڪنگ لاٽ ۾ سندس ڪار بيھاري آيو.
عبدالواحد سان منھنجي پھريون دفعو هتي ملاقات ٿي. هن جي اچڻ کان اڳ منھنجي تصور ۾ اهو هو ته هو هڪ ڏاڙهيءَ سان پوڙهو ماڻهو هوندو. گهر ۾ ٻن ٽن ڏينھن کان ڳالهه هلي پئي ته هڪ جپاني مسلمان جوڙوعبدالواحد ۽ سندس زال حِڪمه اچي رهيون آهن. انهن بابت وڌيڪ پڇي نه سگهيس. اهو ئي سوچيم ته جڏهن ايندا ته ڏسندس ۽ معلوم ڪندس ته ڪير آهن ۽ ڪيئن مسلمان ٿيا. هاڻ عبدالواحد جي سامهون اچڻ تي معلوم ٿيو ته مشتاق کان به گهڻو ننڍو آهي. پاڻ ٻڌائين ته سندس ڄم جي تاريخ 15 مارچ 1975ع آهي، يعني هو 29 سالن کن جو ٿيو ۽ مسلمان ته اڃا به ننڍي عمر ۾ اڄ کان پنج سال اڳ ٿيو، جيڪا ڳالهه وڌيڪ Credit واري آهي. هڪ اعليٰ تعليم يافته، سھڻي نوجوان جو جپان جھڙي ملڪ ۾ رهي ڪري پنھنجي آسپاس جي ظاهري عياشي کي ڇڏي هڪ اهڙي مذهب کي پنھنجو ڪرڻ، جيڪو نماز روزي جھڙين شين جي پابندي مڙهڻ ڪري، ماڻهن جو Life style بدلايو ڇڏي، ان مذهب ۾ عبدالواحد ساتوشيءَ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڏٺو هوندو جو هو مسلمان ٿيو آهي.
عبدالواحد جي جپاني ذات ’ساتوشي‘ آهي، جيڪا هتي جا جپاني، مسلمان ٿيڻ بعد به سڃاڻپ لاءِ قائم رکن ٿا جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪرسچن يا يھودي مسلمان ٿيڻ بعد پنھنجي ڪٽنب جو نالو يعني ذات ساڳي رهڻ ڏين ٿا. جيئن محمد مارماڊيوڪ پڪٿال (جنھن قرآن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي) جي ذات اهائي آهي، جيڪا پھرين هئي.
عبدالواحد ساتوشيءَ جو اصل جپاني نالو ياماني ساتوشي (Yamane Satoshi) ۽ سندس زال حِڪمه جو جپاني نالو چڪاڪو (Chikako) آهي. سندس زال اسان وٽ اچي نه سگهي جو عبدالواحد ٻڌايو ته مٿيان مھينا پيٽ سان هجڻ ڪري هن جي طبيعت خراب ٿي پئي ۽ هوءَ ڏينھن ٻن تي ٻار ڄڻڻ واري آهي، جيڪو سندن ٽي سال اڳ رچايل شاديءَ بعد پھريون ٻار ٿيندو. حِڪمه پڻ پنھنجي منھن شاديءَ کان اڳ ئي مسلمان ٿي چڪي هئي.
عبدالواحد پڻ آمنا وانگر (”نگويا“ جپان جي جپاني ڇوڪري، جيڪا مون کي دبئي ايئرپورٽ تي ملي ۽ دبئيءَ کان اوساڪا تائين ساڳئي جھاز ۾ سفر ڪري) عربيءَ جا صاف لفظ استعمال ڪري رهيو هو. اچڻ سان السلام عليڪم چوڻ ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ الحمد الله چوڻ يا ڪا شيءِ_ چانھه وغيره سندس اڳيان رکڻ تي ’ٿئنڪ يو‘ يا جپانيءَ ۾ ’اري گاتو گوذائي ماشتا‘ چوڻ بدران ’جزاڪ الله‘ چوڻ وغيره_ هڪ جپانيءَ جي واتان اهي لفظ جن سان اسان مانوس آهيون، ٻڌي عجيب ٿي لڳو.
اڄڪلهه هتي ساڍي ستين وڳي سج لھي ٿو ۽ نماز لاءِ آئون اٿيس ته پاڻ وضوءَ جو پڇي نل ڏي ويو ۽ وضوءَ جو لفظ اسان کان به بھتر لھجي_عربي اسٽائيل ۾ چيائين. وضو ڪري، منھنجي ڀر سان ٻيو مصلو وڇائي نماز لاءِ بيٺو ته آئون ٽي رڪعتون فرض پڙهي چڪو هوس. هن نماز شروع ڪرڻ کان اڳ تڪبير زور سان پڙهي ۽ آئون سندس لفظ لفظ غور سان ٻڌندو رهيس ۽ اهو ئي سوچيندو رهيس ته انگريزي ڳالهائڻ وارن کان جپانين لاءِ عربي اُچارڻ ڏکيوآهي پر تنھن هوندي به هنن ماڻهن کي شاباش هجي ۽ کين داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي. جنھن محنت ۽ لڳاءُ سان هي عربيءَ جا لفظ سکن ۽ پڙهن ٿا، جيئن قرآن ۽ نماز وغيره پڙهي سگهن.
مانيءَ دوران آئون عبدالواحد (يامانيساتوشي) سان سندس مسلمان ٿيڻ جون خبرون پڇندو رهيس.
”آئون هڪ ٻئي مسلمان جپاني ڊاڪٽر حسن ڪوناڪاٽاجي ڳالهين مان متاثر ٿي مسلمان ٿيس.“ عبدالواحد ٻڌايو. ”ڊاڪٽر حسن ’ياماگچي يونيورسٽيءَ‘ ۾ پروفيسر هو، جتي مون فلاسافي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي هئي.“
”هو ڪڏهن مسلمان ٿيو هو؟“ مون پڇيو.
”اها مون کي خبر ناهي، آئون يونيورسٽي آيس ته هو گهڻو اڳ مسلمان ٿي چڪو هو ۽ سندس جپاني زال جنھن جو جپاني نالو ڪائوري ناڪاتا هو ۽ هاڻ اسلامي نالو حبيبه آهي، اها سندس شاديءَ کان ڪجهه سال اڳ 1995ع ۾ مسلمان ٿي هئي.“
”ڊاڪٽر حسن توهان کي ڇا پڙهائيندو هو؟“ مون پڇيومانس.
”هو ياماگچي يونيورسٽيءَ ۾ اسلامڪ پوليٽڪس پڙهائيندو هو پر هو منھنجو پروفيسر نه هو. آئون هن وٽ فرصت جي گهڙين ۾ سياست ۽ مذهب تي بحث ڪرڻ لاءِ ويندو هوس. هن جو خيال هو ته:
”Politics & Religion can not be separated.“
پر آئون جپان جي حوالي سان اهو ئي چوندو هوس ته جپان ۾ ائين ڪري نٿو سگهجي. جپان ۾ سياست الڳ ئي رهندي. جيتوڻيڪ جپان جي ميئيجي دؤر کان اڳ هتي به سياست ۽ مذهب گڏ هئا.“ عبدالواحد ٻڌايو.
”پوءِ توهان اسلام ڪڏهن قبول ڪيو؟“ مون پڇيومانس.
”آئون مسلمان قاهره جي مسجدالاظھر ۾ ٿيس.“
“ اتي پڙهڻ لاءِ يا نوڪريءَ لاءَ توهان جو وڃڻ ٿيو يا گهمڻ لاءِ”
” در اصل انهن ڳالهين ڪري آئون مصر نه ويس، پر مون کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر حسن اتي گهرايو. ڊاڪٽر حسن 1997ع ۾ هڪ سال جي ريسرچ ورڪ لاءِ قاهره (Cairo) مصر روانو ٿيو. هن جي وڃڻ بعد آئون اٻاڻڪو ٿي پيس. اسلام تي هن جي ٻڌايل ڳالهين منھنجي دل تي وڏو اثر ڪيو. آئون سمجهندو هوس ته انسان جي اتم ٿيڻ لاءِ هن لاءِ وڏي نوڪري ضروري آهي، پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته پورهيو يا نوڪري انسان پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿو ڪري. جسم جي Nourishment لاءِ ٿو ڪري. روحاني ترقي ۽ سڪون لاءِ عبادت ضروري آهي_ ان هڪ رب جي جيڪو اسان جو اپائڻھار آهي ۽ جنھن وٽ اسان کي موٽڻو آهي. انهن سڀني ڳالهين جا دليلي جواب مون کي اسلام ۾ نظر آيا. مون نيٺ اسلام قبول ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيو ۽ ڊاڪٽر حسن کي فون تي ٻڌايو. هن مون کي سمر وئڪيشن ۾ قاهره ۾ مسلمان ٿيڻ لاءِ گهرايو. اهڙيءَ طرح منھنجو قاهره (مصر) وڃڻ ٿيو۽ اتي جي مشھور مسجد الاظھر ۾ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيس.“
مون کلندي عبدالواحد کي چيو ته ”جپانين لاءِ مسلمان ٿيڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. اسلام جيڪي چوي ٿو ان جي ڪيترن ئي ڳالهين تي هو پھرين ئي فٽ آهي. هو نه چوري ڪن، نه ڪوڙ ڳالهائين، نه جوا کيڏن (Pachinko پَچنڪو کان سواءِ، جيڪڏهن پچنڪو جوا آهي ته) نه پاڙي وارن کي رنجائين، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏين، صبح جو سوير اٿن، رات جو سوير سمهن. بس رڳو ڪلمو پڙهڻ جي دير اٿن ۽ بُوتا (سوئر) ۽ ساڪي (جپاني چانورن جو شراب) پيئڻ ڇڏي ڏين.
”ڪيتراجپاني هوندا جيڪي ساڪي پيئڻ افورڊڪري سگهن ٿا؟ مھانگي ايڏي ٿي وئي آهي جو پاڻيءَ جي بوتل به هڪ سؤ يين ٿي وئي آهي. ڏسڻا وائسڻا ميونسپالٽيءَ جي نلن تي وات رکي پاڻي پيا پيئن.“ عبدالواحد به کلندي منھنجي ڳالهه جو سر وٺرايو ۽ پوءِ سنجيده ٿي چيو: ”اسلام جي سڀ کان اهم ڳالهه/ پرچار ڇا آهي؟“
”توهان ئي ٻڌائڻ چاهيندؤ؟“ مون چيومانس.
”توحيد_الله کي هڪ مڃڻ ۽ ڪنھن کي به هن سان شريڪ نه ڪرڻ. ڊاڪٽر حسن مون کي توحيد تي گهڻا ليڪچر ڏيندو هو. ڪو به جپاني ڊاڪٽر حسن کان پڇندو هو يا پاڻ مون کان پڇي ته آخر اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ ڪھڙو فرق آهي ته اسين کين توحيد بابت ئي ٻڌايون ٿا. اسان ٻئي جي ديوتا ۾ فرق تڏهن نه آڻيون جڏهن هو رب پاڪ طرفان مقرر ٿيل Paramater تي پورو اچي ۽ اها ساهمي آهي ”قل هو الله احد..“ جي سورت، جنھن مطابق فقط الله ئي آهي، جيڪو اسان جو اپائڻھار ۽ مالڪ آهي.“
عبدالواحد 1998ع ۾ ياماگچي يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪري سال کن ”ڪيوٽو يونيورسٽيءَ“ ۾ ريسرچ ورڪ ڪيو. ان بعد هتي جي مقابلي وارن امتحانن لاءِ تياري ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. هي امتحان اسان جي سِول سروس CSS ٽائيپ امتحان وانگر ٿين، جنھن بعد کين مڪاني، پروونشل ۽ ملڪي حڪومت ۾ نوڪريون ملن. عبدالواحد اڄڪلهه فڪوئوڪا پريفيڪچر (صوبائي ٽائيپ) حڪومت (Fukuoka Kencho) ۾ سي ايس پي ٽائيپ آفيسر آهي.
عبدالواحد ٻڌايو ته جپان جي هن ٻيٽ ڪيوشو تي (ياد رهي ته جپان چئن وڏن ٻيٽن، هوڪئدو، هونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو ۽ هزارين ننڍن ٻيٽن جو گلدستو آهي) اٽڪل ڏهه هزار جپاني مسلمان آهن. سڀ کان گهڻا هونشو ۾ آهن. صرف فڪوئڪا شھر ۾ جپاني مسلمانن جون ٽيھه کن فئمليون آهن. ”اسان وٽ هر مھيني جي ٽي آچر تي جپاني مسلمانن جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون جن ۾ ڌارين ملڪن جا هتي رهندڙ مسلمان پڻ اچن. هن مھيني جي ويھين تاريخ تي ٿيندڙ Get_Together ۾ توهان ضرور اچجو.“ عبدالواحد چيو.
”عبدالواحد ڪجهه اهم جپاني مسلمانن جي اِي ميل ائڊريس يا فون نمبر ملي سگهندو جيئن ساڻن ڪڏهن خبر چار ڪري سگهجي.“ مون پڇيو.
”مون وٽ ٻن ٽن جون ائڊريسون گهر تي آهن پر ٻئي کي ڏيڻ لاءِ مون کي تڪلف طور هنن کان پڇڻو پوندو. بھتر ٿيندو ويھين تاريخ توهان ئي اچي کانئن وٺو..“
”اها به صحيح ڳالهه آهي.“
هڪ جپاني نو مسلم عورت پنھنجي ويب سائيٽ Hirunnisa جي نالي سان ٺاهي آهي. صحيح طرح مون کي انگريزيءَ ۾ Spellings نٿيون اچن، جو اها جپانيءَ ۾ آهي، جنھن ذريعي هوءَ جپانين کي اسلام بابت ڄاڻ مھيا ڪري ٿي.“
عبدالواحد اسان وٽ ٽي چار ڪلاڪ هو. ان وچ ۾ سندس زال جا ٻه دفعا فون به آيو، جنھن هڪ دفعو سندس لاءِ ٻوڙ آڻڻ لاءِ چيس. دال ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ رڌو هئوسين، جيڪو هن کي سندس زال حڪمه لاءِ ٻارن جي لنچ باڪس (O-Bento) ۾ وجهي ڏنوسين.
اٿڻ مھل سندس دوست پروفيسر جو پڇيومانس ته ڊاڪٽر حسن ڪونا ڪاٽا اڃا مصر ۾ آهي يا ياماگچي يونيورسٽي (جپان) ۾.
”هو اڄڪلهه ڪيوٽو جي Dshi Isha يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي.“
ڪيوٽو شهر _ڪوبي، اوساڪا۽ نارا شھرن جي ڀرسان، هونشو ٻيٽ تي آهي. ڪيوٽو مندرن، پراڻين عمارتن ۽ تعليمي ادارن کان مشھور آهي.

ٽوڪيو ۾ چوڏهين جي چنڊ کي...

ملائيشيا جي پيٽروناس جھاز ران ڪمپنيءَ جا ڪيترائي جھازي آفيسر اڄڪلهه ٽوڪيو جي برانچ آفيس ۾ ويھي، هن علائقي ۾ سندن هلندڙ جھازن تي نظر رکن ٿا. هي سڀ آفيسر ڪنھن زماني ۾، خاص ڪري اسي جي آخر اڌ ڏهاڪي ۾، ميريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ منھنجا شاگرد هئا. هنن جي ڪم جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ هنن مون کي فڪوڪا کان پاڻ وٽ ٽوڪيو گهرايو.
ٽوڪيو ۾ رهائش دوران هڪ ڏينھن ڪئپٽن علي ۽ ڪئپٽن ذاڪر سان گڏ اَساڪوسا علائقي جو هڪ پراڻو مندر Sensoji نالي ڏسڻ وياسين. اسان اولھه واري علائقي شِيبويا (Shibuya) کان، جتي سندن آفيس هئي، ڪار ۾ نڪتاسين ۽ آئوياما، روپونگي، شمباشي ۽ اڪيھابارا کان ٿيندا اساڪوسا (Asakusa) پھتاسين. رستي تان ويندي کين اهو ٻڌائيندو هليس ته چوٿو صدي کن اڳ، اهي علائقا ڪيئن هئا، جڏهن اسان جو جھاز هتي ايندو هو يا نئون جھاز ٺھرائڻ دوران گِنزا ۽ تسوڪجي جي وچ علائقي ۾ سال کن پيئنگ گيسٽ هائوس ۾ اچي رهيو هوس. شِيبويا، روپنگي ۽ شمباشي ۾ پاڪستان ايمبسي، ظفر شيخ جو گهر ۽ PIA جي مئنيجر اقبال جو گهر هو. جان محمد ڪيريو ۽ اقبال سولنگي به اتي ئي اوسي پاسي ۾ رهندا هئا. اڄ جي ماڊرن علائقي ’شنجوڪو‘ جو ته نالو نِشان به نه هو. ڪھڙا سٺا ڏينھن هئا! ڪھڙو سانت ڀريو ماحول هو. ٿي سگهي ٿو ماحول ۾ ڪا گهڻي تبديلي نه آئي هجي. تبديلي اسان ۾ آئي هجي، يعني هاڻ پوڙهو ٿيڻ ڪري گاڏين لارين جو گوڙ ۽ ماڻهن جي پيھه پيھان مُنجهائي ٿي. اساڪوسا کين آئون وٺي آيو هوس، مشھور ’سينسوجي مندر‘ ڏيکارڻ لاءِ جيڪو مندر ٽوڪيو جو پراڻي ۾ پراڻو مندر آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو سن 628ع ۾ ٺاهيو ويو هو. هتي جي ماڻهنجي عقيدي مطابق ٻن مڪاني مھاڻن کي هڪ ڏينھن ڄار ۾ مڇين سان گڏ ’ڪانون‘ ديويءَ جو پتلو سمنڊ مان مليو هو، جنھن بعد هنن هي مندر ٺاهي، ان ۾ اهو پتلو رکيو. Kan-non جپانين جي ’رحم جي ديويءَ‘ جو نالو آهي. مندر ڏسڻ بعد ’هوزومن گيٽ‘ وٽان ڦرندا اسان ناڪاميسي شاپنگ اسٽريٽ ۾ آياسين، جتان پنڌ ڪندا اساڪوسا اسٽريٽ ۾ پھتاسين. ساڄي پاسي ڪَاڪُوسائي (Kakusai) اسٽريٽ هئي. پوءِ اسين کاٻي پاسي ”اساڪوسا“ اسٽيشن ڏي روانا ٿياسين. جهڙالو ڏينھن هو ۽ ٿڌڪار لڳو پيو هو. منھنجي ملئي دوستن جي خبر نه اٿم پر مون کي واڪ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو. اساڪوسا ريلوي اسٽيشن تي پھچي منھنجي نظر ازوما پل تي پيئي ته مون پنھنجن ملئي دوستن کان موڪلايو. .
”توهان ڀلي پارڪنگ لاٽ مان ڪار ڪڍي گهر روانا ٿيو، آئون شام ڌاري باءِ ٽرين يا باءِ بس پھچي ويندس.“
ازوما پُل(Azuma Bridge) ٽوڪيو جي سُميدا نديءَ مٿان ٺھيل ڪيترين ئي پلين مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ ٽوڪيو جي ڪمرشل سينٽر وٽان گذرندڙ هن ندي (Sumida-gawa) ۽ لنڊن جي ٿيمس نديءَ ۾ وڏو فرق چئي سگهجي ٿو، پر هي نديون مون کي هميشه هڪٻئي جي ياد ڏيارين ٿيون. لنڊن ۾ IMO آفيس ويندي يا ٽوڪيو ۾ گنزا ايندي من کي هنن ندين جي ڪناري تي هلندي ڏاڍو مزو ايندو آهي. هڪ پينگهه ۾ لڏندي ۽ هڪ هنن ندين جي ڪپر تي واڪ ڪندي مھل لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون دماغ ۾ Pour ٿيڻ لڳنديون آهن. پنھنجي يا پرائي گهر ۾ پينگهو ڏسي منهنجي دل ان ۾ لُڏڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي آهي. اهو ئي حال هينئر ٽوڪيو جي هن نديءَ تي نظر پوڻ سان واڪ ڪرڻ تي ٿيو. مون کي پڪ هئي ته چرين وانگر واڪ ڪرڻ يا ڪٿي ڪنھن بئنچ يا پٿر تي ويھي ساهه پٽڻ ۽ سوچڻ ۾ منھنجا ملئي شاگرد دوست ساٿ نه ڏيندا، سو آئون اڪيلو ئي ازوما پُل ٽپي تسوڪودا جيما (Tsukuda Jima) پاسي وڃڻ بدران مٿي ’ريو گوڪو‘ ڏي وڌڻ لڳس.
ٽوڪيو ۾ رهڻ دوران مون کي روزانو گنزا سب وي اسٽيشن تي ٽرين ۾ اچڻو پوندو هو ۽ پوءِ چُوئو (Chuo) اسٽريٽ تي متسوڪوشي ۽ ماتسويا ڊپارٽمينٽل اسٽورن وٽان ٿيندو سُميدا نديءَ تي پھچندو هوس، جنھن جي هيءَ پل Azuma يا ان کان پوءِ واري ڪوتو توئي يا ان کان اڳ واري ڪوماگاتا تان ندي ٽپي ٽوڪيو جي بندرگاهه ۾ هارومي (Harumi-Pier) پاسي ايندو هوس، جتي اسان جي نئين ٺھندڙ جھاز جو منھن (Bow) اهڙي ڪنڊ کان هو جو پري کان ئي ان تي اڪريل نالو پڙهڻ ۾ آيو ٿي.
ايڊو (Edo) دؤر کان هن نديءَ (Sumida) سُميدا عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي. هن نديءَ جي پس منظر ۾ جپاني ادب جا ڪيترائي ناول ۽ خوبصورت افسانا ۽ ڪھاڻيون آهن جن مان هڪ ڪھاڻي ”جپان رس“ ڪتاب ۾ به ڏني اٿم. اڄڪلهه هن نديءَ تي 27 کن پليون آهن، جن مان تيرهن تان بسون ۽ گاڏيون پڻ هلن ٿيون. هن نديءَ جي ڪپر تي مون آخري دفعو واڪ 1981ع ۾ پاڻ سان گڏ جھاز هلائيندڙ اليڪٽريڪل انجنيئر اڪبر سان ڪئي هئي. اڪبر جو ذڪر مون ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۾ پڻ ڪيوآهي، جيڪو انهن ڏينھن جو سفر نامو آهي. اڪبر وڏي عمر جو ٿي ويو هو پر شادي نه ٿي ڪيائين. پڇڻ تي نٽائي ويندو هو. هڪ دفعي گنزا مان بصر پٽاٽا وٺي شپ يارڊ واري هوٽل نما مسافرخاني (Tokyo Ryo) ڏي موٽندي هن پل وٽ اچي ويٺا هئاسين. هُن هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندي سندس شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌايو:
”چيف صاحب اسان ڀائر ڀينر ننڍا هئاسين ته اسان جو والد گذاري ويو. ظاهر آهي گهر جي خرچ جو بار مون تي اچي ويو. الله جي فضل سان سڀني ڀيڻن ۽ ننڍڙي ڀاءُ کي جيڪي تڪليفون سھي مون پڙهايو، اها مون کي خبر آهي. هاڻ منھنجيون ڀيڻيون نوڪريون به ڪن پيون ۽ گهر جي خرچ ۾ مدد به ڪن ٿيون. گهر مسواڙ جو ئي سھي پر سک سھنج جي هن ۾ هر شيءِ موجود آهي. ٽي وي ۽ ڊيڪ، فرج ۽ واشنگ مشين، وغيره وغيره ۽ هن دفعي سنگاپور مان ايئرڪنڊيشنر به وٺي ويندس. منھنجي شادي ڪرڻ تي دل چوي ٿي پر سمجهان ٿو ته ان بعد منھنجيون ڀيڻيون رلي وينديون.ان ڪري پھرين انهن کي گهر وسائيندو ڏسڻ چاهيان ٿو...“
ڪجهه سالن بعد پاڪستان ۾هوس ته انهن ئي ڏينھن ۾ اڪبر پنھنجين ٻن ڀيڻين جي شاديءَ جو دعوت نامو اچي ڏنو ۽ پوءِ ملائيشيا وڃي رهيس ته ڪجهه سالن بعد اڪبر جي پنھنجي شاديءَ جو دعوت نامو مليو، جيڪو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ٻن ٽن مھينن کان پوءِ سندس جھاز ملائيشيا جي پينانگ بندرگاهه ۾ آيو ته آئون ملاڪا کان هَلي مَلي ساڻس ملڻ پينگانگ ويو هوس. ٽوڪيو ۾ اسان ٽن جھازين (ٽيون اسلم زبيري) جي ماني هو ٺاهيندو هو. سندس رڌل ٻوڙ واقعي سوادي هوندو هو يا شايد سڄو هفتو جپاني ريسٽورنٽن تان کائي کائي تبديلي خاطر اڪبر جو پاڪستاني اسٽائيل جو جھڙو تھڙو رڌل ٻوڙ به ”پريان سندي پار جي مٺائي“ لڳندو هو. اسان جڏهن شپ يارڊ کان بس ۾ نڪرڻ بدران سُميدا نديءَ جو ڪنارو وٺي گنزا جي متوسزاڪايا هئنڪيو ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ ڇنڇر ڏينھن لڳل Sale مان مڇيون، گانگٽ ۽ کنڊ، لوڻ، ڪيچپ، گوبي، مرچن جھڙو رڌ پچاءُ جو سامان وٺڻ لاءِ نڪرندا هئاسين ته سُميدا نديءَ تي ٺھيل هن پل ازوما وٽ ڪجهه دير ويھي فرحت وٺندا هئاسين. اڪبر سگريٽ دکائي ان جا ننڍا ڪش هڻندو هو. آئون هن جي معصوم چھري ۽ دونھين مان ڇڏيل سڄن ۽ ڀڳل ڇلن کي غور سان ڏسندو هوس.
”ڇا پيا سوچيو؟“ هڪ دفعي اڪبر پڇيو.
”ڪجهه به نه. ۽ تون؟“ مون کانئس پڇيو.
”آئون به ڪجهه نه، سواءِ ان جي ته شايد توهان سوچي رهيا هجو ته هيءَ دنيا به سگريٽ جي ڇلن وانگر فاني آهي. هڪ گهڙيءَ ۾ آهن ته ٻيءَ ۾ هن ٿڌي هير ۾ غائب ٿيو وڃن، يا شايد پنھنجو وجود وڃايو ڇڏين...“ هن چيو هو.
۽ هن وقت مون کي اڪبر ياد اچي رهيو هو. اچڻ به گهرجي خاص ڪري هن هنڌ تي ته ضرور اچڻ کپي. هو محنت ۽ پورهئي جي علامت هو، هو نمي کمي نھارڻ ۽ قربانيون ڏيڻ جي نشاني هو. هڪ ڏينھن اڳ اوساڪا کان ٽوڪيو ايندي وقت گل احمد پاور پلانٽ ڪراچيءَ کان اسلم زبيريءَ جو فون آيو ته مون يڪدم کيس ٽوڪيو وڃڻ جو ٻڌايو.
”ڪاش تون ۽ اڪبر به هجو ها.“ مون اسلم کي چيو.
”اڪبر جي توکي خبر ناهي؟“
”نه ڇو؟ خير ته آهي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”اڪبر ڪڏهوڪو گذاري ويو. کيس سال کن اچي ٿيو آهي. هن کي ڪولمبو ۾، يا شايد ڪنھن ٻئي پورٽ ۾، هارٽ اٽيڪ ٿي پيو ۽ پوءِ باءِ ايئر لاش هتي ڪراچيءَ پھتو هو...“
آئون سُميدا نديءَ جو ساڳيو ڪپر وٺي اڳيان وڌان ٿو. هتي ئي هن ندي جي ڪناري تي، ڪنھن هنڌ جپان جي مشھور شاعر، عالم، پير درويش ماتسوئو باشو (Matsuo Basho) جو گهر هو. پاڻ 1644ع ۾ ڄائو هو. هن هڪ مشھور هائيڪو هِن سُميدا نديءَ جي ڪناري واري هن گهر مان ئي لکيو هو.
ٽڙيل گلن جو ڪڪر
شام جو وڄندڙ گهنڊ
ائينو ؟ اساڪسا؟

Hana no kumo
Kane wa
Uneo ka Asaksua ka
ائينو (Uneo) ٽوڪيو جو هڪ ٻيو مشھور علائقو آهي، جيڪو اساڪُسا سان مليو پيو آهي ۽ هتان سُميدا ندي جي هن ڪناري کان ميل کن جي فاصلي تي آهي. در اصل اڄ اسان گهران نڪرڻ وقت اساڪسا جي ”سينسوجي“ مندر ڏسڻ بدران ائينو ۾ ٽوڪيو جو چڙيا گهر ۽ ڪانئيجي (Kaneiji) مندر ڏسڻ جو ارادو ڪيو هو، پر پوءِ اساڪُسا جي سينسوجي اوتيرا (Temple) ۾ هليا وياسين.
ائينو جو هي مشھور ’ڪانئيجي‘ مندر هڪ ٻڌ ڌرم جي جپاني ٻائي سن 1625ع ۾ ٺھرايو هو. مٿئين هائيڪو جو شاعر باشو هن مندر ٺھڻ کان ويھه سال کن پوءِ ڄائو هو. هن پنھنجي هائيڪو ۾ جن گهنڊن (Kane wa) جو ذڪر ڪيو آهي، اهي ائينو جي هن مندر ”ڪانئيجي“ جا آهن يا شايد ڀر واري علائقي اساڪوسا جي مندر ”سينسوجي“ جا آهن. جن جي بھرحال کيس به خبر نٿي پوي، تڏهن ته هو اساڪُسا ۽ ائينو جي پويان Ka لڳائي ٿو. جپانيءَ ٻوليءَ ۾ سوال پڇڻ لاءِ سوال جي نشاني ڏيڻ بدران، اسم جي پويان ’ڪا‘(KA) لڳايو وڃي ٿو، جيئن Ueno ka۽ Asakusa ka يعني Ueno يا Asakusa ؟
ظاهر آهي سُميدا نديءَ جي ڪناري تي بيھڻ واري کي ٻنهي مندرن جي گهنڊ جو آواز_ هلڪو ئي سھي ساڳي ليول ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو، جو سميدانديءَ کان سينسوجي مندر ۽ ڪانئيجي مندر مختلف درن ڏي پر هڪ ئي فاصلي تي آهن.
جپاني ٽن سٽن جو شعر_ هائيڪو هڪ مختصر شعر ٿئي ٿو، جنھن ۾ عام وڏي شعر وانگر هر ڳالهه واضح نٿي ٿئي. هونءَ ئي نثر جي مقابلي ۾ نظم هڪ مختصر شيءِ آهي ۽ هائيڪو ته وري هيڪاندو مختصر ٿيو! ان ڪري جپاني ڪلچر ۾ هائيڪو نه فقط لکڻ آرٽ آهي، پر پڙهڻ ۽ سمجهڻ پڻ هڪ وڏو آرٽ آهي. هائيڪو (شايد سنڌيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي هائڪو سڏجي ٿو، پر صحيح جپاني لفظ ٽن اکرن تي ٻڌل آهي: ها_ ئي_ ڪُو.هائڪو هڪ مختصر شعر هجڻ ڪري، هو ڪڏهن به ڪنهن شيءِ جي تصوير تفصيل سان پيش ڪري نٿو سگهي. هائيڪو ۾ اصل ڳالهه يا قصي جون فقط ٻاهريون لائينون ۽ اهم حصا ڏنا وڃن ٿا_ سمجهو ته منور ابڙو يا بڪيرائي شاهه جو ٺھيل اسڪيچ ورڪ هجي، جنھن کي غور سان ڏسي اندازو لڳائڻ ته ڪھڙي سياستدان جو ٿي سگهي ٿو يا هن ۾ ڪھڙو طنز و مزاح آهي، اهو ڏسندڙ جي معلومات ۽ ذهن تي مدار رکي ٿو. اهو ئي حال هائيڪو جو آهي ۽ ان لاءِ هائيڪو جي عظيم استاد باشو جو مٿيون هائيڪو بھترين مثال آهي. چي:
ٽڙيل گلن جو هڪ ڪڪر
شام جو وڄندڙ گهنڊ
ائينو؟ اساڪُسا؟
شعر مان لڳي ٿو ته بھار جي مند آهي جو چوڌاري چيري بلاسم جا گل آهن. هائيڪو ۾ صرف Hana (بلاسم) يا ٽڙيل گل لکيل آهن معنيٰ چيريءَ جا_ ۽ جپان ۾ بھار جي رُت دنيا جي بھترين مندن مان سمجهي وڃي ٿي. توهان ڪنھن جپاني دوست کي چوندؤ ته آئون اونهاري ۾ (يا سياري ۾) جپان ايندس ته يڪدم چوندو ته بھار ۾ اچ_ ۽ پوءِ يڪدم چوندو ته جڏهن چيريءَ جا گل کڙن ٿا. مٿين هائيڪو جي پھرين سٽ ۾ فقط ٽي لفظ آهن:
هنا نو ڪُومو Hana No Kumo (هنا جو ڪڪر ) لکيل آهي، يعني کڙيل گلن جو جهڳٽو ۽ هر جپانيءَ کي خبر آهي ته گهنڊن جو آواز شام جو اچي ٿو ۽ ڪنھن مندر مان ئي اچي ٿو. هتي نه اسڪول ۾ موڪل جو بيل وڄي ۽ نه ڍڳي جي ڳچيءَ ۾ بيل ٻڌل ...سو بيل جي آواز تي ڪنھن جو مندر کان علاوه ڪنھن ٻئي طرف ڌيان وڃي. ۽ اهي شام جي وقت ئي وڄن ٿا، جنھن جي هر جپانيءَ کي ڄاڻ آهي. هتي ”شام جو وڄندڙ“ لفظن جو واڌارو به مون ڪيو آهي، نه ته اصل جپاني هائيڪو ۾ فقط Kane Wa معنيٰ ’گهنڊ‘ لکيل آهي. اهو گهنڊ جو آواز ائينو کان ڪانئيجي مندر مان اچي رهيو آهي يا اساڪسا جي مندر سينسوجيءَ کان، پر ٻنهي طرف چيري بلاسم جي گلن جا ڪڪر ڇانيا پيا آهن ۽ شاعر آواز جو طرف نه سڃاڻي پڇي ٿو ته اهي ائينو علائقي واري مندر جا گهنڊ آهن يا اسڪاسا علائقي واري مندر جا؟
ان ئي ڪري جپان ۾ هائيڪو پڙهڻ يعني سمجهڻ به آرٽ ۾ شمار آهي. لکڻ ته آهي ئي آهي.
جيئن هڪ ٻيو مزيدار هائيڪو موري تاڪي نالي هڪ شنتو ڌرم جي ٻائي جو آهي، جيڪو 1452ع ۾ ڄائو ۽ 97 سالن جي عمر ۾ سن 1549ع ۾ وفات ڪيائين.
Rakka eda ni
Keru to mireba
Kochokana
گلن جون ڪرندڙ پتيون مٿي وڃن پيون
واپس وڻ جي ٽاريءَ ڏي. آئون ڏسان پيو
اوه! هي ته پوپت آهن!
پاڻ وٽ چوندا آهن ته ڇٽل تير وري نه موٽي يا ڏڌل کير وري ٿڻن ۾ نه وڃي. تنھن وانگر جپانيءَ ۾ اها چوڻي عام آهي جيڪا سوال طور پڇي ويندي آهي ته ڪڏهن چيري گل جون ڇڻيل پتيون واپس ٽارين ۾ لڳيون؟ هن هائيڪو جو شاعر، جيڪو پوپٽن کي پٽ تان اڏري مٿي وڻ جي ٽارين ڏي ويندو ڏسي رهيو هو، اهو پھرين سٽ ۾ چوي ٿو ته ها” گلن جون ڪرندڙ پتيون واپس ٽارين ڏي وڃن پيون، آئون پنھنجي اکين سان ويٺو ڏسان... پر پوءِ حقيقت جي خبر پوڻ سان يڪدم چوي ٿو ”اوه! هي ته پوپٽ آهن!“
جپان ۾ اونهاري ۾، سنڌ جھڙي نه ته به چڱي خاصي گرمي ٿئي ٿي. خاص ڪري اهو ملڪ جتي سيارو بيحد سخت ٿڌو، طوفاني ۽ بارشن وارو آهي، اتي اونهاري جي هھڙي گرمي ماڻهن جو سِر ٿي ڪڍي، ۽ پوءِ آفيسن توري بس اسٽاپن تي ماڻهن کي پلاسٽڪ جي ڳن وارا گول پکا ٿين. جيڪڏهن توهان اهو جپاني وِڃڻو ڏٺو آهي يا ذهن ۾ آڻي سگهو ٿا ته پوءِ پنڌرهين صديءَ جي هن جپاني شاعر ’سوڪان‘ جي سوچ کي ضرور داد ڏيندائو:
جيڪڏهن چوڏهين جي چنڊ کي
ڪو هٿو وجهي ڏئي.
ته ڇا خوبصورت وڃڻو ٿي پوي.
منھنجي خيال ۾ هتي ڪجهه وڌيڪ ئي شعر و شاعري ٿي وئي آهي پر سنڌو نديءَ وانگر هيءَ سُميدا ندي هر ماڻهوءَ کي ڪجهه زياده ئي شاعر ۽ رومانٽڪ بنايو ڇڏي. ٽوڪيو ۽ گنزا جي گوڙ ۾ هيءَ هڪ سُميدا ئي سانت واري شيءِ آهي.
منجهند جا ٻه ٿي رهيا هئا. دوستن جي آفيس ۾ مون لاءِ رکيل منجهند جي ماني رات جو کائڻ جو سوچي آئون سوتو بوري اسٽريٽ ڏي وڌيس. رستي تي هڪ پارڪ جي ٽڪريءَ ۾ ڪجهه ايراني دڪاندار اوبينتو (لنچ باڪس) ٺاهي وڪڻندا هئا. پر اها 81_1980ع جي ڳالهه آهي. هينئر مون کين گهڻو ئي ڳوليو خاص ڪري نِي چومي (2-Chome) گهٽيءَ وٽ، پر نه مليا. آخر هڪ افغاني شڪل جي همراهه کان پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هنن جا غير قانوني دڪان هجڻ ڪري سرڪار کين ڪڏهوڪو اٿاري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته هنن مان ڪجهه ۽ ڪجهه ٻين ايرانين هاڻ هارا جوڪو يا ڪاسو ميگاسيڪي ڏي وڃي پڪا دڪان ورتا آهن. هارا جوڪو ۽ ڪاسوميگاسيڪي پڻ ٽوڪيو جي وچ وارا علائقا آهن، جن جي ڀرسان روپونگي ۽ شمباشي آهي.
آئون هڪ عام جپاني دڪان تان ميري بسڪيٽن جو پئڪيٽ ۽ گرم ڪافيءَ جو گلاس وٺي گنزا سب وي اسٽيشن ۾ اچي کائڻ ۽ مارنوئچي ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳس، جيڪا مون کي دوستن جي گهر شنجوڪو وٺي هلڻي هئي.

ٽوڪيو تنھنجا ٽيٽيھه رنگ

پاڻيءَ واري جھاز ۾ ٽوڪيو پھچڻ کان اڳ جھاز هلائڻ وارو فرحت ۾ اچيو وڃي. جپان جي چوڌاري ٻارهوئي طوفان لڳا پيا آهن جيڪي جھازن کي بندرگاهن ۾ به سٽين ٿا يعني جھاز بندرگاهه ۾ ڌڪي سان ٻڌو پيو آهي ته به جھازي سُک جي ننڊ نٿو سمهي سگهي. پرٽوڪيو جي بندرگاهه جي ڳالهه ئي ٻي آهي. بندرگاهه جي چوڌاري ڌرتيءَ جو بند هجڻ ڪري پئسفڪ سمنڊ جڪون ڇوليون يا سامونڊي واچوڙا اندر تائين پھچڻ ۾ پنھنجو زور وڃايو وهن. ٽوڪيو قدرتي طرح هڪ سٺي هنڌ تي آهي. توهان پنھنجيون ٻانهون ڀاڪر وانگر گول ڪري ڦيرائي هٿن کي ملائڻ بدران ٿورو فاصلو ڇڏيو. ان مان سمجهو ته جھاز اندر اچن ٿا ۽ ٻانهن جي ٻاهران پئسفڪ سمنڊ آهي ۽ ٽوڪيو بندرگاهه ائين آهي، جيئن توهان جي دل ۽ انھيءَ دل جي ساڄي پاسي ڦڦڙ وغيره ائين آهن، جيئن ٽوڪيو جا ڀر وارا ڪواساڪي ۽ يوڪوهاما بندرگاهه ۽ ٻئي پاسي چيبا بندرگاهه آهي ۽ ساڄي هٿ جي اندرين پاسي يعني جھازن جي گهڙڻ سان يوڪو سوڪا بندرگاهه آهي. يعني هي سمنڊ جو حصو جنھن ۾ مٿيان ٽي چار مشھور ۽ اهم بندرگاهه آهن، هڪ ڍنڍ مثل ماٺو سمنڊ آهي، ڍنڍ جي چوڌاري زمين ٿئي ٿي پر هتي هڪ پاسي کليل آهي جيڪو پئسفڪ جھڙي اٿاهه سمنڊ سان ملي، ان جو حصو سڏرائي ٿو. ان قسم جي سمنڊ کي اسان خليج يعني Bayسڏيون ٿا. جيئن خليج بنگال (Bay of Bengal) آهي. پر خليج بنگال تمام وڏو آهي ۽ ان ۾ ايڏا ڪُن Cyclonesلڳن ٿا جو الله ڏئي ۽ بندو سھي وارو حساب آهي پر هي ٽوڪيو بندرگاهه وارو خليج جيڪو سڏجي ئي Tokyo Bay (خليجِ ٽوڪيو) ٿو، ايڏو وڏو ناهي. هوڏانھن چٽگانگ کان ڀر واري بندرگاهه ڪولڪتا (ڪلڪتي) تائين ڏيڍ ڏينھن لڳيو وڃي ۽ هيڏانھن ٽوڪيو کان ڪواساڪي ٽي ڪلاڪ ۽ يوڪوهاما تائين ڪلاڪ کن وڌيڪ.
ٽوڪيو بندرگاهه تي قدرت ايڏي مھربان آهي، جو اهو بندرگاهه اصل خليج اندر خليج ۾ آهي. خليج ٽوڪيو کان اڳ هڪ ٻيو خليج ساگامي (Sagami Bay) ۾ گهڙڻو پوي ٿو. بھرحال ٽوڪيو شھر آباد ڪرڻ مھل ڪنھن ان اهميت کي نظر ۾ رکي ٽوڪيو ۾ ڳوٺ نه ٻڌو هو. اهو ته بعد ۾ جيئن ئي ٽوڪيو جي آدمشماري، اهميت ۽ شان شوڪت وڌندو ويو ته جپانين کي ٽوڪيو جي بچاءَ لاءِ گهڻي محنت نه ڪرڻي پيئي. ائين نه هو ته ڪو گرو گنجو بندرگاهه ۾ ڪاهي اچي. بندرگاهه جي چوڌاري ڌرتيءَ جي آڏ هجڻ ڪري هن خليج ۾ گهڙڻ واري هر جھاز تي، خليج جي منھن وٽ ئي نظر رکي وئي ٿي ۽ ساڳي وقت پنھنجن جھازن خليج جي بندرگاهن ۾ طوفاني راتين ۾ به سڪون سان سفر پئي ڪيو. جپانين هونءَ ئي ڪنھن ڌارئين کي پنھنجي ڌرتيءَ تي قدم نٿي رکڻ ڏنو. يورپ ۽ اسان جي پاسي جي ايشيا جي ڪنھن ملڪ جي ته همٿ نٿي ٿي پر اوسي پاسي جي ملڪن چين ۽ ڪوريا جو به ڪو پھلوان جپان ۾ نٿي پھچي سگهيو. تن ڏينھن ۾ هوائي جھاز ته ايجاد نه ٿيا هئا، پاڻيءَ جا جھاز هئا پر اهي به چَپُن ۽ سڙهن تي هلندا هئا. ڪو چيني يا پاڙي جو ڪورين ڀلجي هتي ’ٽوڪيو بي‘ وٽ يا جپان جي ڪنھن ٻئي بندرگاهه وٽ اچي نڪرندو هو ته جپانين جا موچڙا کائي موٽندو هو. يورپ وارن توڙي آمريڪا وارن جپانين کي سندن ملڪ ۾ اچڻ ۽ واپار وڙي شروع ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيون پر جپاني سڀني کي آڱوٺو ڏيکاريندا رهيا. ڏاڍا مڙس جو ٿيا_ ۽ سندن پنھنجي پاڻ ۾ ٻڌي به هئي.
۽ پوءِ اتي ڪَل جا آگبوٽ (ٻاڦ وارا جھاز) ايجاد ٿيا پر فقط آمريڪا ۾. اڃا ٻين کي ته ڪا خبر ئي نه هئي جپاني جيڪي کوهه جا ڏيڏر ٿيو ويٺا هئا، انهن جي ته خواب خيال ۾ به نه هو. آمريڪا کان ڪموڊور پيري اهڙي هڪ ڪل واري جھاز ۾ جپان تائين نه رڳو ڪھي آيو پر بنا ڪنھن موڪل جي ٽوڪيو بي ۾ گهڙي پيو ۽ اچي ٽوڪيو جي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائين. جپاني انجڻ واري جهاز ۽ جهاز جي هلڻ جا هي آواز، هي رفتار ۽ رعب تاب ڏسي حيرتزده ٿي آمريڪن جي هر ڳالهه مڃڻ لڳا (اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ آمريڪن کان جھاز سازيءَ جو هنر سکي هنن کان به ٻه رتيون اڳيان نڪري ويا.)
اوائلي دؤر ۾ ٽوڪيو شھر ۾ رهائش لاءِ جڏهن ماڻهو آيا ٿي ته اهو سنگاپور ۽ پينانگ وانگر مھاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. ٻي ڳالهه ته ان وقت سندس نالو ٽوڪيو نه هو. اهو ته پوءِ رکيو ويو. شروع شروع ۾ هي ڳوٺ جيڪو پوءِ هلي شھر ٿيو Edoنالي هو.
تاريخي رڪارڊ موجب 1180ع جي ڳالهه آهي (يعني محمود غزنوي سومناٿ مندر فتح ڪري، ان کان به ڏيڍ سؤ سال پوءِ ۽ Exactly انهن سالن ۾ جڏهن صلاح الدين ايوبي فاطمي خلافت جو اختتام آڻي شام ۽ مصر ۾ ايوبيه گهراڻو قائم ڪري)، مناموتو نالي پھرين ڪاماڪورا جي شوگن، ٽوڪيو جي علائقي اساڪوسا واري مندر جي چوڌري نوي ايڪڙ زمين حاصل ڪئي. هي اڄ جي وچ ٽوڪيو وارو علائقو آهي، جنھن جي مندر بابت پھرين لکي چڪو آهيان. ان کان پوءِ هن گمنام ڳوٺڙي بابت اڍائي صدين تائين ڪو خاص احوال تاريخ ۾ نه آهي. هتي جي سامونڊي ڪناري تي مھاڻا رهيا ٿي جن پنھنجو گذر سفر مڇيءَ تي ڪيو ٿي. هي ڳوٺ (يعني اڄ وارو ٽوڪيو) جيڪو ”ايڊو“ جي نالي سان سڏيو ويو ٿي، معنيٰ درياهه جو ڇوڙ. دراصل هن ’ٽوڪيو بي‘ ۾ ڪيتريون ئي چڱيون موچاريون نديون اچيو ٿيون ڇوڙ ڪن، جن مان ڪجهه نالي چڱيون هي آهن:
توني، ناڪامو آرا، تاما (جنھن مان مليل لڌڙو تاماچان اڄڪلهه جو عام چرچو آهي ۽ جنھن جو احوال ٻئي ڪنھن باب ۾ ڪيو ويو آهي)، ساگامي وغيره.
ٽوڪيو جي هن اصلي شھر Edoجو هڪ واقعو 1456ع جو آهي جڏهن هتي ايڊو جو قلعو (Edo Castle)ان هنڌ تي ٺاهيو ويو جتي اڄ شھنشاھي محل آهي. اهو ”اوتا ڊوڪو ان“ نالي همراهه ٺھرايو. اوتا ٽيھن سالن بعد قتل ٿي ويو ۽ ايڊو جيڪو مشھور ٿي ويو هو، اهو وري خاموشين ڏي هليو ويو.
ٻين شھرن جي مقابلي ۾ ايڊو ۾ يڪي ڏيڍ صدي ماٺ ۽ ڌيرج وارو واڌارو رهيو. ٻين شھرن مان منھنجو مطلب ڪيوٽو شھر آهي، جيڪو ان وقت جپان جي گاديءَ جو هنڌ هو. ان وقت ڪيوٽو بلي بلي شھرهو جن ڏينھن جا مندر، درگاهون، خانقاه ۽ اوتارا اڄ به ان وقت جي شان جي شاهدي ڏين ٿا.
سترهين صديءَ جي شروع ٿيڻ تي اهو ايڊو شھر آهستي آهستي وڌڻ لڳو. سمجهو ته هي اهي ڏينھن هئا، جڏهن هندستان ۾ مغل بادشاهه اڪبر جي وفات ٿي ۽ جھانگير تخت تي ويٺو. يعني حساب لڳايو ته جڏهن ننڍي کنڊ جا شھر ان وقت جا پئرس ۽ روم هئا ته هي اڄ وارو ٽوڪيو چوهڙ جمالي ۽ ڌڱاڻو بوزدار هو.
1868ع ۾ ايڊو جو نالو بدلائي ٽوڪيو رکيو ويو. ٽوڪيو لفظ جي معنيٰ آهي اوڀر وارو علائقو_ گاديءَ وارو هنڌ. يعني هي ڳالهه ننڍي کنڊ ۾ 1857ع واري بلوي کان ڏهه سال پوءِ جي آهي. ايڊو جيڪو هاڻي ٽوڪيو هو، اوڻھين صديءَ جي آخر ۾ تمام جلدي جلدي وڌيو ويجهيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٽوڪيو جي آدمشماري پنج لکن مان ويھه لک ٿي وئي، يعني لنڊن بعد ٽوڪيو ٻئي نمبر تي دنيا جو وڏو شھر ٿي ويو.
ٽوڪيو جي آدمشماري رڳو وڌندي ئي نه رهي، سڄي جپان سان گڏ ٽوڪيو ۾ به مصيبتون اينديون رهيون. هونءِ به جپان جي حصي ۾ قدرت طرفان طوفان، زلزلا، ڦاٽندڙ جبل، باهيون ڪجهه وڌيڪ مليون آهن.
1885ع _ سڄي علائقي ۾ وڏو زلزلو آيو.
1889ع_ هڪ ٻيو وڏو زلزلو، جنھن ۾ پڻ هزارين ماڻهو مري ويا.
1917ع _ سخت قسم جو ٽائيفون (سامونڊي طوفان)، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ته مري به ويا.
1923ع_ تمام وڏو زلزلو جنھن جو مرڪز يوڪوهاما هو. هن زلزلي لاءِ چون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک جانيون ختم ٿي ويون.
بھرحال پراڻيون ڳالهيون ڇڏي اچون اڄ جي ٽوڪيو تي_ دنيا جي سڀ کان گهڻي آدمشماريءَ وارو شھر جنھن جو پٽ سڀ کان مھانگي ۾ مھانگو وڪامي ٿو. دنيا جو ماڊرن ۽ سھڻو شھر_ ڪٿي ڪٿي صاف کڻي نه هجي پر سھڻو ضرور آهي. سالن جا سال هن شھر جي گهٽين ۾ ڦرڻ بعد به لڳي ٿو ته اڃا ڪيتريون ئي ڪھاڻيون اڌوريون رهيل آهن، اڃا ڪئين گهٽيون گهميل نه آهن، اڃا ڪئين ماڻهن سان ملاقاتون ۽ نئين ۽ جهونين عمارتن جو ديدار رهيل آهي.
ٽوڪيو ڪو اهڙو شھر ناهي جنھن لاءِ ڪو کيسي مان خرچ ڪري گهمڻ لاءِ اچي. هن ڏورانھين ۽ مھانگي ملڪ جي، مھانگي ترين شھر ۾ ائين اچڻ وارو وڏو بيوقوف ئي هوندو ۽ هو گهمڻ لاءِ اچي اچي به ڪيترن ڏينھن لاءِ رهي سگهي ٿو. جپاني زبان کان غير واقف هن ملڪ جو فقط مٿاڇرو ئي View وٺي سگهي ٿو. باقي جپان ۾ تعليم لاءِ ايندڙ هزارين وطني شاگردن ۽ هتي نوڪريون ۽ بزنيس ڪرڻ وارن لاءِ جپان ۾ جيترو معلومات ۽ ڏسڻ وائسڻ جو موقعو آهي، اوترو ڪنھن به ملڪ ۾ نه آهي، ڪنھن ۾ به نه! هتي جو ڪلچر، رسم و رواج، پراڻيون ريتون ۽ نيون ڳالهيون، شاندار عمارتون ۽ مانوارا ماڻهو ۽ انهن جون دوستيون، هتي جو ادب ۽ هتي جي شاعري، هتي جي اٿڻي ويھڻي ۽ وڏن لاءِ عزت، مونو ريل ۽ بليٽ ٽرين جي دنيا ۾ هڪ پوڙهي گوتم ٻڌ جي مورتي اڳيان اگربتي ٻاري رهي آهي، روبوٽن ۽ ڪمپيوٽرن جي دنيا ۾ هڪ ناري جوتشيءَ کي هٿ ڏيکاري رهي آهي، سومو ۽ جوڊي ڪراٽي جي دنيا، اڪيبانا ۽ اوريگامي جي دنيا، پاچنڪو، اونسين ۽ ٻرندڙ جبلن جي هن دنيا کي پسڻ لاءِ جنھن کي جيترو به وقت آهي، اهو گهٽ آهي.
اساڪسا، شيبويا (Shibuya) ۽ شنجوڪو ٽوڪيو جا مرڪزي علائقا آهن، جن لاءِ آمريڪن ڊائون ٽائون جو لفظ استعمال ڪن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه ته جپاني به اهو ئي لفظ Shitamachi استعمال ڪن ٿا. شيتا معنيٰ هيٺ (Down) ۽ ماچي معنيٰ شھر! ٽوڪيو جو مغرب جي حساب سان صحيح معنيٰ ۾ ڊائون ٽائون گنزا هجڻ کپي پر اسان ڌاريان گنزا کي وري Up-town سڏيون ٿا.
اساڪسا ۽ ائينو علائقن لاءِ ٻئي هنڌ لکي چڪو آهيان، جتي جا مندر، چڙياگهر (Ueno Zoo)، ميوزيم اڄ کان ٽيھاررو سال اڳ پھريون دفعو ڏٺا هئم. ٽوڪيو ۾ رهندڙ هم وطني دوستن ۽ سڃاڻن کي هيڏانھن هوڏانھنوقت وڃائڻ بدران، اهي ڏسڻ لاءِ چوندو آهيان.
ائينو جي اسٽيشن کان سڏ پنڌ تي ٽوڪيو يونيورسٽي آهي، جنھن جي ڀر واري گهٽي هونگو سان چومي (Hongo 3- Chome) لاءِ چون ٿا ته ٽوڪيو جي پراڻي نالي ايڊو جو حصو آهي. ٽوڪيو جي هيءَ يونيورسٽي يورپ جي هيڊل برگ يا ايڊنبرو جھڙي ناهي جتي ملڪ جا شھزادا ۽ شاهي خاندان جا ٻار نظر اچن. جپان جي شھنشاهي خاندان جا ٻار ميجيرو جي Gakushuin ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا. بھرحال ملڪ جا ڪيترائي ناميارا سياستدان ۽ ڪجهه سابق وزيراعظم تودائي جا شاگرد رهيا آهن. ٽوڪيو يونيورسٽيءَ لاءِ شارٽ فارم تودائي استعمال ٿئي ٿو. هيءَ يونيورسٽي Meiji Restoration جي ڏينھن ۾ ٺھي هئي. تن ڏينھن ۾ اها ”ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽي“ سڏبي هئي.
ٽوڪيو جي ڪنھن علائقي کي ان جي دل چئجي ته اهو گنزا آهي جتي هن ملڪ جي هر وڏي ڊپارٽمينٽ اسٽور ۽ سپر مارڪيٽ جي برانچ آهي، جتي دنيا جا سڀ کان وڏا فئشن وارا دڪان آهن ۽ سڀ کان مھانگيون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون آهن جيڪي ڏسڻ، گهمڻ ۽ جن جي لابي ۾ ويھڻ مفت آهي ۽ اسان به گنزا هميشه ائين ڪندا رهيا آهيون. وڌ ۾ وڌ مئڪڊونالڊ جو ملڪ شيڪ پي پنھنجي جھاز تي يا ٽوڪيو ۾ رهائش وارن ڏينھن ۾ پنھنجي شپ يارڊ واري هوٽل ۾ ماني کائي خوش ٿي سمهي رهندا هئاسين. گنزا جون هي شيون وڏن وڏن خرچائو پٽن ۽ هالي ووڊ جي فلمي ائڪٽرن جي ٽڪر جي ماڻهن لاءِ آهن.
گنزا جي ڀر ۾ ئي ’مارونو اُچي‘ علائقو آهي، جيڪو نيويارڪ جي وال اسٽريٽ يا ڪراچي جي ميڪلوڊ روڊ (چندريگر روڊ) سمجهو ۽ اتي ئي ٽوڪيو جو شھنشاھي محل آهي. هن محل ۾ 2 جنوري ۽ 23 اپريل تي اندر وڃي سگهجي ٿو جيڪي نئين سال ۽ شھنشاهه جي جنم جي ڏينھن جون تاريخون آهن.
ٽوڪيو جو شنجوڪو وارو علائقو وڏين عمارتن وارو نئون ۽ خوبصورت علائقو آهي، جيئن ڪراچيءَ جو ڪلفٽن. روپونگي وارو علائقو راندين جي ميدان کان مشھور آهي ۽ ٽي وي ۽ فلمي دنيا کان پڻ. هتي ڪيترائي ڳائڻ وڄائڻ جا ڊسڪو هال، بار ۽ هر قسم جون ريسٽورنٽون پڻ آهن، جن ۾ شاگردن کان وٺي ڪروڙ پتي ماڻهو پنھنجي حيثيت آهر نظر اچن ٿا. يعني روپونگي امير توڙي غريب ماڻهن جو علائقو آهي.
روپونگي (Roppongi) شھر ۾ هلندڙ ”هيبايا ريل ڪمپنيءَ“ جي گاڏي اچي ٿي. هي سڀ گاڏيون گهڻو ڪري زمين دوز (Subway) آهن. يعني زمين جي هيٺان ٺھيل سرنگن مان هلن ٿيون ۽ ريلوي اسٽيشنون به زمين هيٺ آهن. ڪٿان ڪٿان اهي زمين تي به هلن ٿيون ته زمين مٿان پلين ۽ ٿنڀن تي ٺھيل پٽن (Rails) تان به لنگهن ٿيون. Roppongi جپاني لفظ جي معنيٰ آهي ’ڇھه وڻ‘. خبر ناهي هن علائقي جو اهو نالو ڪيئن پيو! شايد ان وقت هتي جي ڪنھن گهٽيءَ ۾ ڇھه وڻ هجن، پر گهڻي مشھور اها ڳالهه آهي ته اهو نالو هتي جي ڇھه طاقتور ساموري گهراڻن تان پيو، جن جون هن علائقي ۾ ڪيتريون ئي جايون جڳھيون هيون. اهي گهراڻا هي چيا وڃن ٿا: ائي سوگي، ڪوتسوڪي، تاڪاگي، آئوڪي، ڪاٽاگيري ۽ اچيريو_ هنن سڀني جي نالن ۾ وڻ جي ڪانجي اچي ٿي. ڪانجي ٽن جپاني لکڻين مان هڪ آهي، جنھن ۾ شين جا نالا اچارن ۾ نه (جيئن اسان اڙدو، سنڌي، انگريزي يا عربي ۾ لکون ٿا) پر شڪلين ذريعي لکيا وڃن ٿا. پوءِ مٿين ڇھن ذاتين مان ڪنھن نالي ۾ ٻه شڪليون ته ڪنھن ۾ ٽي شڪليون آهن، پر انهن مان هرهڪ ۾ هڪ شڪل اهڙي به اچي ٿي جيڪا اڪيلي ٺاهي ڪنھن جپانيءَ کان پڇ ته هيءَ ڇا آهي ته هو چوندو ته تو ’وڻ‘ لکيو آهي. جيئن ڪنھن جي ”ياماگچي“ ذات لکڻ لاءِ ٻه شڪليون ٺاهيون وڃن ٿيون. هڪ جبل جي ۽ ٻي وات جي. ٻئي شڪليون گڏ ٺاهڻ سان يعني هڪ ٻئي جي ويجهو ٺاهڻ سان ڪو به جپاني ان کي ’ياماگچي‘ پڙهندو. ان شڪلين واري لکڻِيءَ کي ڪانجي يا (کانجي) سڏجي ٿو جيڪا ٽن چئن ڪلاسن بعد ٻارن کي سيکاري وڃي ٿي. بلڪ هيئن چئجي ته ٻارن کان ٿوريون ٿوريون ڪري شڪليون ٺاهڻ جي پرئڪٽس ڪرائي وڃي ٿي. نه ته شروع وارا سال هو هراگانا ۽ ڪاٽا ڪانا ۾ لکن ٿا_ جيڪي جپاني لکڻيون دنيا جي ٻين ملڪن جي لکڻين سان ڪافي ملن ٿيون جو اهي اچارن واريون آهن.
ٽوڪيو جو هڪ علائقو آهي اوچانو مِيزو (Ochanomizu) ! هتي 1884ع ۾ روس جي عيسائين جي هڪ ڪليسا گهر (چرچ) ٺھرايو هو جنھن جو بصر جي ڳنڍ جھڙو گنبذ پري کان پڌرو آهي. هن علائقي جو به هي لالوکيت ۽ شانتي نگر وانگر عجيب نالو آهي جتي هينئر نه ڪو کيت (باغ بستان) آهي ۽ نه شانت (خاموشي). اوچانو ميزو در اصل ٽي لفظ آهن، اوچا (چانھه)، نو (جو) ميزو (پاڻي)، يعني چانھن جو پاڻي! پر هتي جو پاڻي ته چانھه ٺاهڻ جھڙو ناهي. چون ٿا ته پراڻي زماني ۾ شوگنن (Shoguns) جي محلات ۾ ٿيندڙ چانھه جي دعوت لاءِ پاڻي هن علائقي مان ڇڪيو ويندو هو. اوچانو ميزو هڪ اهڙو علائقو ناهي جنھن کي ڏسڻ لاءِ توهان گنزا، اساڪسا، ناڪانو يا شنجوڪو کان هلي اچو. بس جيڪڏهن ڀرپاسي ۾ رهو ٿا ته هي Nikolaido (روسي چرچ) ڏسي سگهو ٿا. هن علائقي ۾ ڪيترا ننڍا ننڍا ڪافي شاپ آهن جن ۾ ۽ جن جي ٻاهران توهان کي ميئجي، هوسيئي ۽ ٻين ڀرپاسي وارين يونيورسٽين جا جپاني شاگرد نظر ايندا، جيڪي پنھنجي انگريزي ۽ فرينچ سڌارڻ لاءِ توهان سان زوري زوريءَ پيا ڳالهائيندا ۽ مٿو هڻندا.
اوچانو ميزو (Ocha No Mizu) ريلوي اسٽيشن جي ويجهو Kanda Jinjaنالي ٽوڪيو جي بھترين درگاهن (Shrine) مان هڪ آهي، جيڪا هتي جي باغي جرنيل Tairo no Masakado (تائيرو جي مساڪادو) لاءِ وقف آهي. (جپاني لفظ No جي معنيٰ ’نه‘ ناهي پر ’جو‘ يا ’جي‘ آهي.) پاڻ 947ع ۾ وفات ڪيائين. هو هتي جي عوام جي حقن لاءِ شھنشاهي سپاهين سان ويڙهاند ڪندو رهيو ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ انگريزيءَ جو مشھور ڪردار رابن هڊ هو. هو هڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو ۽ سندس سر ڪيوٽو (تن ڏينھن جي گاديءَ جو هنڌ) درٻار ۾ پھچايو ويو. ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو سر ڪيوٽو مان پنھنجي طاقت تي اڏامي واپس پنھنجي مڙهه سان اچي مليو. مساڪادو جي نالي سان هن مندر ۾ هڪ ڊرم وڄائڻ واري بئنڊ پڻ آهي، جيڪا مساڪادو دائيڪو سڏجي ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته هن بئنڊ ۾ سڀ عورتون آهن ۽ هنن ٻه ٽي رڪارڊ به ڀريا آهن جن جو چڱو وڪرو ٿيو آهي.
گنزا بعد جپان جو ڪو علائقو هلي ملي ڏسڻوآهي ته، منھنجي نظرن ۾ اهو اڪي هابارا (Akihabara) آهي جيڪو اسان ڌارين لاءِ ائين آهي جيئن پاڪستان جي ڳوٺاڻن لاءِ ڪراچيءَ جو صدر، بلڪ صدر جو به ڪو آپريٽو مارڪيٽ وارو حصو، جتان اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جو سامان ملي ٿو. اڪيھابارا (يا ڪي هن کي اخيھابارا به چون ٿا) ۾ ڇا ٽي وي، وڊيو، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان جا دڪان آهن! سوين نه پر هزارين آهن ۽ ڪي وڏا ته ڪي ڀت ۾ جھڙا ڳڙکا ٿيا پيا آهن. ڪن دڪانن ۾ اليڪٽرانڪ جي هر شيءِ مليٿي ته ڪي فقط ٽرانسفارمر، اسٽيبلائيزر، ميٽر... وغيره جھڙي ڪنھن هڪ شيءِ جو وڪرو ڪن ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن، رنگن ۽ زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهن توڙي مڪاني جپاني خريدارن جا هتي انبوهه نظر ايندا. دڪانن ٻاهران ۽ اندر جڳ مڳ ڪندر اشتھاري بتيون ۽ پوسٽرن سان گڏ ٽي وي ۽ وڊيو گيمن مان نڪرندڙ آواز ۽ ڪڙڪا هوندا. چاهي توهان کي اليڪٽرڪ يا اليڪٽرانڪ جو ڪو سامان وٺڻو هجي يا نه پر ”اڪيھابارا“ جو هڪ دفعو چڪر ڏيڻ لاءِ آئون ضرور صلاح ڏيندس. اڪيھا بارا وڃڻ لاءِ توهان Akihabara جي ريلوي اسٽيشن تي لھي سگهو ٿا.
ٽوڪيو جو هڪ ٻيو علائقو آهي ايڪي بُوڪُورو!(Ikebukuro).. توهان جي ٽوڪيو ۾ رهو ٿا ۽ يامانوتي ريل ۾ سفر ڪريو ٿا ته پوءِ توهان جو هن علائقي مان ضرور گذر ٿيندو هوندو، جيڪو سٺ ماڙ سن شائين بلڊنگ ۽ ايشيا جي ٻين وڏين عمارتن کان مشھور آهي، جيڪي ضرور توهان جو ڌيان ڇڪائينديون. ايڪي بوڪورو جو اسٽاپ شنجوڪو کان ٻن ٽن اسٽاپن بعد آهي. هي علائقو ٿيٽرن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن کان به مشھور آهي. دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽور Ikebukuro-Seibu پڻ هتي آهي.
مٿين سٺ ماڙ ’سن شائين‘ عمارت هتي جي سوگامو جبل (جيڪو پھرين ٽوڪيو جبل به سڏيو ويو) واري سائيٽ تي آهي جتي ٻي وڏي لڙائيءَ بعد آمريڪن فوجين توڙي ’توجو هيڊيڪي‘ ۽ ٻين جپاني جنگي ڏوهارين جو ڪورٽ مارشل ڪيو ۽ کين هتي ئي ڦاهي ڏني ويئي.
هميشه وانگر آئون پنھنجن دوستن کي آفيس مان موٽڻ وقت مون سان ملڻ لاءِ شيبويا ريلوي اسٽيشن جو چوان ٿو. پر ٽوڪيو جي هن خوبصورت علائقي شيبويا (Shibuya) ، جتي ڪنھن زماني ۾ (اڄ کان 28_29 سال کن اڳ، 1970 واري ڏهاڪي ۾) اسان جو پيارو دوست ۽ پاڪستاني ايمبيسيءَ جو ٿرڊ سيڪريٽري (۽ هاڻي سفير صاحب) ظفر شيخ رهيو ٿي. ان جي ريلوي اسٽيشن Shibuya تي ڪھڙي هنڌ بيھي انتظار ڪجي؟
”هاچيڪو (Hachiko)وٽ“
هاچيڪو هڪ ميٽنگ جي جاءِ آهي، جتي مون جھڙا ڪيترائي پنھنجن دوستن ۽ عزيزن سان ملڻ لاءِ اچي انتظار ڪن ٿا. ٽوڪيو جي پيھه پيھان واري شھر ۾ ملڻ لاءِ ڪو هنڌ مقرر ڪرڻ به مٿي جو سور آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ٽوڪيو جي هن علائقي ۾ نه. اتي هاچيڪو وٽ ئي هر هڪ اچيو انتظار ڪري.
هاچيڪو ڇا آهي؟ هاچيڪو هڪ وفادار ڪتي جو براس جو Statue (مجسمو) آهي جيڪو شيبويا اسٽيشن وٽ کتل آهي. هي ڪتو هڪ تودائي (ٽوڪيو يونيورسٽي) جي پروفيسر جو هو. پروفيسر صاحب يونيورسٽيءَ کان موٽندو هو ته هاچيڪو نالي، هن جو وفادار ڪتو پنھنجي مالڪ جي انتظار ۾ شيبويا جي ريلوي اسٽيشن تي اچي بيھندو هو. هڪ ڏينھن پروفيسر صاحب کي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر دوران هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ مري ويو. هو ان ڏينھن ريلوي اسٽيشن تي نه پھتو. ڪتو مايوس ٿي موٽي ويو پر چون ٿا ته هو پنھنجي مالڪ لاءِ روز ان وقت هن ريلوي (Shibuya) تي ايندو رهيو. ڪي مھينن لاءِ چون ٿا ۽ ڪي ته ست سالن لاءِ چون ٿا (بھرحال يقين نٿو اچي. ڪھاڻي ٺاهڻ وارا به ته وڏا فنڪار ٿين ٿا.) هاچيڪو جي وفاداري هتي جي ماڻهن لاءِ Legend (روايت) ٿي وئي. جڏهن هي ڪتو پاڻ 1935ع ۾ مئو ته ماڻهن چندا گڏ ڪري هن ڪتي هاچيڪو جي ياد ۾ Bronze جو Statue ٺھرائي هتي لڳرايو.
هن علائقي شيبويا جي آئويا اسپتال، آئوياما گائو ڪوئن يونيورسٽيءَ ۾ آئوياما بوچي (ٽوڪيو جو پراڻو قبرستان)هن علائقي جون اهم شيون آهن.
بھرحال ٽوڪيو جو شھر فقط خوبصورت ٿيٽرن ۽ هوٽلن، ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۽ ڊسڪو ڪلبن کان مشھور ناهي. ٽوڪيو مندرن ۽ مسجدن کان به مشھور آهي، جن جو احوال ڪنھن ٻئي هنڌ ڪيو اٿم. اهڙين ڪجهه جاين ۾ ٿيندڙ عبادت جا وقت ۽ ائڊريسون هتي جي اخبارن ۾ هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا ايندا رهن ٿا.

چيڪ ۽ بئلنس لاءِ منھنجي ضرورت

جپان ۾ انگريزي پڙهڻ وارن ۾ نه فقط موتوڪو واريون منھنجيون اسٽوڊنٽ ٿي رهيون، پر ٻيا به ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شاگردياڻيون ٿيون_ ڪي ٿوري وقت لاءِ ڪي گهڻي لاءِ. پر سڀني جو پڙهڻ سان مطلب ڪچھري هو _ سواءِ مانابو (Manabu Nagase) نالي هڪ ويھن سالن جي ڇوڪري جي. هيءَ توباتا شھر ۾ ”ڪيوشو انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“۾ اليڪٽرو_ڪيميڪل انجنيئرنگ پڙهي رهيو هو. ٻئي سال اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا جي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ USA وڃڻو هو. جيتوڻيڪ دنيا جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ جپان اچن پر جپاني آمريڪا وڃن، پوءِ ڀلي اها ساڳي تعليم انگريزي زبان ۾ انگلينڊ يا فرانس جي ٻين ملڪن ۾ به موجود هجي، پر هنن لاءِ آمريڪا پيرو مرشد جي حيثيت رکي ٿو. ظاهر آهي بم ۽ بارود آمريڪا ايجاد ڪري ٿو، ڌن ۽ دولت آمريڪا وٽ آهي جنھن اڳيانانگلينڊ ۽ روس جھڙا ملڪ به وڏا فقير ۽ پُڇ لڙڪائو بڻجيو وڃن. جپان جھڙن مھانگن ملڪن ۾ جتي فرينچ ۽ عرب به ٻاهر نڪرڻ وقت پئسي بچائڻ لاءِ گهران سئنڊوچ ٺاهيو پاڻ سان کڻيو نڪرن، اتي آمريڪن ٽوئرسٽ وڏين کان وڏين هوٽلن ۾ نه فقط پاڻ کائين ٿا پر ٻين کي به کارائين ٿا. آمريڪا اهو ملڪ آهي جنھن جي ميوزڪ ۽ فلم انڊسٽري جپانين کي موهي رکيو آهي_ پوءِ ڇو نه جپاني ٻُڌا جي مورتين ۽ آمريڪن صورتن جي عزت ڪن ۽ اڪن ڇڪن ٿين. سو منھنجي هن شاگرد مانابو کي به آمريڪا وڃڻو هو، جتي هن کي پنھنجي لکيل ٿيسز جا ڪاغذ پيش ڪرڻ ۽ سيمنار ۾ پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻا هئا. هن جي آمريڪا وڃڻ ۾ باقي ڪو سال وڃي بچيو هو، پر کيس هِي، شِي ۽ اِٽ سان فعل (Verb) ۾ Sلڳائڻ جي خبر نٿي پيئي. صبح جو اٺين کان ٻي تائين توباتا ۾ پنھنجو ڪاليج اٽينڊ ڪري سڌو ڪوڪورا مون وٽ ڀڄندو هو ۽ ٻه ڪلاڪ کن چڱيءَ طرح لکندو پڙهندو هو. کيس ڪار هئي سو بسين ۽ گاڏين جي ٽائيمن پٺيان وقت وڃائڻ بدران اڌ ڪلاڪ۾ ڪوڪورا پھچي ويندو هو. پڙهائيءَ دوران وچ ۾ ڏهه پندرهن منٽ موڪل ڪري ڀر واري دڪان تان جپاني اسٽائيل جي شيءِ کائي لنچ ڪندو هو. هو هفتي ۾ ٻه دفعا مون وٽ پڙهندو هو. هردفعي مون کي پڙهائڻ جا پئسا ڏيڻ لاءِ چوندو هو.
”مسٽر الطاف توهان جي ڪلاڪ جي ڪيتري في هجڻ کپي؟“ هو هر دفعي پڇندو هو ۽ هن شاگرد (مانابو) کان ڪجهه به نه وٺڻ پويان منھنجي هيءَ Reasoning هئي ته هڪ ته آئون هن جي مرضيءَ واري ٽائيم ۾ نٿو پڙهايان. هن لاءِ صحيح ٽائيم 5 کان 7 شام جا هو، پر مون کيس اڍائي کان چار پڙهايو ٿي _ جيڪو ٽائيم آئون روز لئبريري ۾ پنھنجي مرضيءَ سان اچي ويٺس ٿي. ٻي ڳالهه ته سڄو هفتو نٿي پڙهايم، جو ڪنھن ٻئي شھر اوساڪا يا ٽوڪيو گهمڻ يا ڪنھن سان ملڻ هليو ويس ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ٻيا شاگرد جيڪي نوڪريءَ ۾ هئا، يعني جن ڪمايو ٿي، تن سان به پئسي جي ڳالهه وچ ۾ نه هئي. هي ته صحيح معنيٰ ۾ شاگرد هو. جيتوڻيڪ ان لئبريريءَ جي ڪلارڪ ڇوڪري مون کي هر وقت سمجهائيندي رهي ٿي ته جپان جي مٿين تعليمي ادارن جا ڪي ڪي شاگرد ڏاڍا امير ٿين ٿا. کين گهران ۽ گورنمينٽ طرفان وڏيون وڏيون اسڪالرون ملن ٿيون، سو آئون ٿورو پڙهائڻ جا به پئسا وٺان.
منھنجي هڪ ٻئي شاگرد جو نالو ماسا هو. ماسا اتراهين شھر ۽ بندرگاهه شيمونوسيڪي ۾ رهيو ۽ نوڪري ڪئي ٿي. هن تازو تازو گريجوئيشن ڪئي هئي ۽ هاڻ ڇھن مھينن لاءِ ڪنھن فرم ۾ ڪچي نوڪري ملي هيس. تعليم دوران پاڻ هڪ سال نيوزيلينڊ ۾ ۽ هڪسال آسٽريليا ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪري چڪو هو ۽ هاڻ هُن آمريڪا وڃڻ چاهيو ٿي. دراصل جپان ۽ ملائيشيا جھڙن ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪنھن به ملڪ وڃڻ ڪو مسئلو ناهي. هھڙن ملڪن جي دنيا ۾ ايڏي ساکآهي، جو اتي جي ماڻهوءَ کي ڪنھن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا جو مسئلو نٿو ٿئي _ خاص ڪري جپانين لاءِ ته دنيا جو هر ملڪ سستو ٿو پوي. ڪٿي به جپان جھڙي مھانگائي نه آهي. موڪل جو مھنو کن پنھنجي گهر ۾ گذارڻ ۾ هڪ جپانيءَ جو جيڪو گهر جي مسواڙ،گئس، بجلي، پاڻي ۽ کاڌي پيتي تي خرچ اچي ٿو، ان کان گهڻو گهٽ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ وڃي گهمڻ ۾ اچي ٿو. ان ڪري ڪيترا جپاني شاگرد موڪلن ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ يا يورپ جي ملڪن ڏي هليا وڃن ٿا، جيڪي ملڪ Safe پڻ آهن. يعني قاعدي قانون ۽ امن امان جي لحاظ کان تمام سٺا آهن. سو منھنجو هي شاگرد ماسا به اتان ٿي آيو هو. سندس انگريزي سٺي هئي. يعني آرام سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهياسين ٿي. ڪو لفظ نٿي آيس ته پاڻ سان آندل اليڪٽرانڪ ڊڪشنري کولي اهو لفظ ان ۾ ڏسي پوءِ پني تي نوٽ ڪيائين ٿي. هي به ڪچھريءَ وارو شاگرد هو. هر هفتي ڇنڇر يا آچر ڏينھن صبح جو ڏهين بجي ڌاري پنھنجي شھر شمونو سيڪيءَ کان پنھنجي ڪار ۾ نڪرندو هو ۽ پوءِ مون کي گهران کڻي هڪ ڏيڍ تائين ڪڏهن ڪھڙي پاسي ڊرائيو تي نڪري پوندو هو ته ڪڏهن ڪھڙي پاسي. سندس ڪار ۾ هر وقت انگريزي گانا پيا وڄندا هئا.
”ماسا جپاني به ته گانا هلاءِ.“ آئون چوندو هوسانس.
”سڄو هفتو آفيس ۽ گهر ۾ جپاني آواز (يعني هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻولهه) ۽ گانا ٻڌي ٿڪجي پيو آهيان. جيڪي ٻه چار ڪلاڪ توسان گذاريان ٿو، ان ۾ پاڻ کي آمريڪن ماحول ۾ سمجهان ٿو ۽ انگريزي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ چاهيان ٿو.“
دل ۾ مون سوچيو چڱو جو اسان جي ملڪ ۾ انگريزي پڙهائي ٿي وڃي ۽ اسان جي انگريزي ڳالهائڻ ڪري هھڙن ملڪن جا هي درويش ماڻهو اسان کي انگريز ٿا سمجهن. ننڍي کنڊ کي جڏهنانگريزن ڇڏيو ته انگريزن سان گڏ جرمنن به روئي ڏنو هو. ڪنھن جرمنن کان پڇيو ته توهان ڇو ٿا روئو، هندستان تي ته انگريزن جو راڄ هو. جرمنن وراڻيو ته راڄ ضرور انگريزن جو هو، پر هندستان جي ماڻهن اسان جو گورو رنگ ڏسي اسان کي به انگريز يعني پنهنجو صاحب سمجهي عزت ڪئي ٿي.
سو بين الاقوامي زبان انگريزي ڀلي کڻي انگريزن ۽ آمريڪن جي هجي پر اسان پاڪستانين، هندستانين، سريلنڪن ۽ بنگلاديشين جھڙن ماڻهن کي انگريزي زبان جي ڄاڻ هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو اسان کي به تعليم جي معاملي ۾ ايتري ئي حيثيت ڏين ٿا، جيتري انگريزن ۽ آمريڪن کي. ان ڪري جپاني تعليمي ادارن توڙي جپاني جرنلزم ۽ ميڊيا ۾ انڊين ته ڀريا پيا آهن، جيڪي يقيناً اسان پاڪستانين کان وڌيڪ ’چلتا ڦرتا‘، چالاڪ ۽ Organize آهن.
ماسا سان سڄو وقت هلندڙ ڪار ۾ يا ماني کائڻ وقت هوٽلن ۾ ڪچھري ٿيندي هئي، جنھن سان هن جي انگريزي سڌري يا نه، پر مون کي هڪ سؤ کن ميلن جيRadius ۾ هن علائقي جي هر ڪنڊ گهمڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ٿي ۽ ماسا جي انگريزي Workable هجڻ ڪري، آئون به کانئس جپان ۽ جپاني ڪلچر تي ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇندو ۽ Discuss ڪندو رهيس ٿي. ماسا به اهو ئي چاهيو ٿي ته ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. بس رڳو مانيءَ جو مسئلو ٿيندو هو جنھن کي آئون Avoid ڪرڻ چاهيندو هوس پر ماسا جو هر وقت اهو ضد هوندو هو ته منھنجي انگريزي برش اپ ڪرڻ لاءِ جيڪو ٽائيم ڏيان ٿو، ان جي کانئس في نٿو وٺان ته گهٽ ۾ گهٽ ماني ته کان. دل ۾ چوندو هوس ته توسان ڪچھري ڪرڻ ۾ آئون به پرايان ٿو ۽ گهمان ڦران ٿو. اڃا به ٽيبل ڪرسي تي ويھي پڙهڻ ۾ منھنجو مٿو کاءُ ته پوءِ ٽيوشن في توجھڙي کان ضرور وٺان ۽ ماسا جو آڪٽوبر کانپوءِ (سندس نوڪري جي ڇھن مھينن جي Contract ختم ٿيڻ کان پوءِ) ائين روز پڙهڻ جو ارادو (بلڪ پروگرام) هو پر ان لاءِ کيس اڳواٽ ٻڌايم ته ڪو ٻيو انگريزي پڙهائڻ وارو ڳولي جو منھنجي موڪل ان کان اڳ ختم ٿي ويندي ۽ آئون پاڪستان هليو ويندس.
انگريزي سکڻ جي شوقينن ۽ منھنجي اسٽوڊنٽس ۾ هڪ هئي مناڪو (Minako Takamoto). هڪ ڏينھن ڪوڪورا شھر جي سينٽرل لئبرري ۾ آيس ته هيءَ اڳھين موجود هئي. عمر ۾ ويھن سالن جي ٿيندي پر پوءِ پاڻ ٻڌائين ته هوءَ پنجويھن سالن جي آهي، جيڪا ڀُل جپانين جي باري ۾ اڪثر ٿئي ٿي جو هو پنھنجي عمر کان ننڍا لڳن ٿا. ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي لئبرريءَ جا ڪتاب واپس ڪريان ان کان اڳ هن مناڪو لاءِ ٻڌايو ته هوءَ ’جيٽرو‘ نالي هڪ بين الاقوامي شھرت جي ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪ آهي، جنھن جي آفيس بندرگاهه جي سامهون ايم اسڪائر بلڊنگ جي اٺين فلور تي آهي.
”هاءِ ڪوني چِيوا.“ مون جپانيءَ ۾ هن کي کيڪاريو. جواب ۾ هن سٺي لھجي ۾ ”گڊ آفٽرنون“ چئي پنهنجو مسئلو ٻڌايو ته هوءَ انگريزي سکڻ لاءِ ڪنھن انگريزي ڳالهائڻ واري جي ڳولا ۾ آهي پر ڪير به واندو نه آهي.“
”پر تون ته ٺيڪ ٺيڪ انگريزي ڳالهائي رهي آهين.“ مون چيومانس.
”تڏهن به آئون پنھنجي انگريزي ’برش اپ‘ ڪرڻ چاهيان ٿي. جنھن جپاني فرم ۾ آئون ڪم ڪريان ٿي، اهي Expect ڪن ٿا ته آئون اڃا به بنا هٻڪ جي ڳالهايان. ان لاءِ آئون توهان سان ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪ ٻه انگريزي ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“
”صحيح آهي، ڀلي.“ مون وراڻيومانس،”هن وقت آئون هتي لئبرري ۾ هوندو آهيان، تون پنھنجي ساهيڙي لئبرري ڪلارڪ يوڪو (سڄو نالو Yuko Uchida) يا تائي (سڄو نالو Tae Kanesaki) وٽ هتي اچي سگهين ٿي.“
”پر هي منھنجو آفيس جو ٽائيم آهي. اڄ ائين ٿوري دير لاءِ ڪم سان آئي آهيان. آفيس ساڍي ڇھين ختمٿي ٿئي. توهان مون سان سڀاڻي ستين بجي River walk (شھر مان لنگهندڙ نديءَ جو هڪ حصو جتي شام جي وقت ماڻهو واڪ لاءِ بئنچن تي ويھي شھر جو نظارو ڪرڻا اچن ٿا) تي ملي سگهندؤ؟“
”چڱو صحيح آهي.“ مون هائوڪار ڪئيمانس.
”پر ڏسو آئون مجبور آهيان، توهان کي پڙهائڻ لاءِ Pay نٿي ڪري سگهان. ان جي بدران توهان کي هر دفعي ڊنر کارائينديس.“ هن چيو ۽ مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جي تون مون کي هروڀرو کارائڻ چاهين ٿي ته ڊنر جو کٽراڳ ڪرڻ بدران بسڪيٽ يا Patato Chips جو پئڪيٽ وٺي اچجانءِ. پر لڳي ٿو ته هتي ماني (ڊنر) جو ايڏو پختو رواج آهي يا هوٽلنگ پٺيان پئسو ضايع ڪرڻ، هنن جپانين لاءِ هڪ اهڙي عام ڳالهه ٿي پئي آهي، جو هوءَ منھنجي بار بار Convince ڪرڻ جي به هر دفعي ڪلاڪ ڏيڍ ڪچھري ڪرڻ بعد ڊنر لاءِ نه فقط ڪنھن ريسٽورنٽ ۾، پر هر دفعي نئين ۽ مٿين درجي جي هوٽل ۾ وٺي هلي ٿي ۽ ٽي هزار يين سندس مانيءَ تي ۽ منھنجي فقط سلاد، ڀت ۽ ڪارن سُوپ تي به ٻه هزاريين يعني ٻنهي جي مانيءَ تي اٽڪل اڍائي هزار رپيا کن خرچ اچي ويس ٿي. مون کي ته سمجهه ۾ نٿي آيو ته هوءَ ڪھڙي حساب سان غريب هئي.
ڪجهه ڏينھن اڳ اسان جي سفير دوست ظفر شيخ جو فون آيو. ”يڪو وڃي جپان ۾ ويھي رهيو آهين. سڄو ڏينھن ڇا ڪرين؟“ هن پڇيو.
”ننڊون ڪريان، ڪتاب پڙهان ۽ ڪنھن ڪنھن ڏينھن جپانين کي انگريزي پڙهايان.“ مون ٻڌايومانس.
”اهو ٽيوشن وارو ڪم سڀ ۾ بھترين آهي. جپاني ڏاڍا امير آهن.“ ظفر چيو ۽ مون کان ٽھڪ نڪري ويو.
”يار اسان کي ته جپان ۾ به غريب ئي مليا آهن. سڀ مفت پيا پڙهن. ۽ پوءِ مون کيس خشونت سنگهه جو چرچو (بلڪ سچي ڳالهه) ٻڌائي ته جپان گهمڻ بعد جڏهن هو موٽيو ته دوستن چيس ته ايمانداريءَ ۾ جپان جھڙو ملڪ نه آهي. رستي تي پرس ڪِري پوي ته به ڪو ان کي هٿ نه لاهيندو. ان تي خشونت چيو،”ڪھڙيون پياڳالهيون ڪريو،منھنجو ته جپان ۾ به کيسو ڪٽجي ويو.“ ۽ پوءِ ساهه پٽي چيائين،”پر اهو آهي ته ڪنھن جپانيءَ چوري نه ڪئي، پنھنجي ئي انڊين، جنھن جي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهيس، ان لھڻ مھل پرس ڪڍي ورتو.“ سو اسان کي به جپان ۾ غريب ئي مليا _ سوبه ٻيا نه خود جپاني.
منھنجي هيءَ شاگردياڻي مِناڪو، جيڪو ڪلاڪ ڏيڍ مون سان انگريزيءَ ۾ Conversation ڪندي هئي، ان ۾ انگريزي ڳالهائڻ جي سندس ته پرئڪٽس ٿيندي هئي پر مون کي به جپاني سوسائٽي جي اندروني مسئلن، ويچارن، خوشين ۽ ماڻهنجي عجيب و غريب خوفن ۽ خواهشن جي خبر پئي ٿي. گهران تيار ٿي نڪرندي مونکي سستي ضرور ٿيندي هئي، پر پوءِ خبرن ۾ سٺو وقت گذري ويندو هو. هڪ ڏينھن درياهه جي ڪناري تي رکيل بئنچ تي خبرون ڪندي کيس چيم: ”مناڪو! سامهون ويٺل جوان ڇوڪرن ڇوڪرين کي ويٺل ڏسي مون کي ٽوڪيو جي سُميدا ندي يا ڪوبي بندرگاهه جو ڪلاڪ (گهڙيال) ياد ٿو اچي، جتي رکيل بئنچن تي اڄ کان ٽيھه ٻٽيھه سال اڳ تو جھڙين جوان جپاني ڇوڪرين سان ويھي ڪچھري ڪندو هوس. هنن کان جپاني سکندو هوس ۽ پوءِ گڏجي جھاز تي پاڪستاني ماني کائيندا هئاسين.“
”جپاني ڇوڪريون ڏاڍيون فرينڊلي ٿين ٿيون.“ مناڪو چيو.
”بلڪل صحيح ٿي چوين.“ مون يڪدم قبول ڪيو.
”پو ءِڀلا ڪنھن سان رومانس نه ٿيو؟“ مناڪو کلندي چيو، ”هن ملڪ جون ڇوڪريون ته ڌارئين سان ملڻ شرط ئي خوابن جي تاڃي پيٽو شروع ڪريو ڏين. اسانجا جپاني مرد جيترو شوخ ۽ بور آهن اوترو ئي اسين ڇوڪريون رومانٽڪ آهيون.“
”پر افسوس جو مون سان جيڪي مليون اهي رومانس بدران ادب۽ شعر و شاعريءَ جون شوقين نڪتيون. هو ٽوڪيو جي شمباشي ۽ اساڪوسا علائقي ۾ سيڪنڊ هئنڊ ڪتابن جا دڪان ڳولينديون وتنديون هيون ۽ مون کي پنھنجي سونھن جو متوالو بنائڻ بدران پاڻ وانگر جپاني لٽريچر ۽ ڪلچر جو عاشق بنائي ڇڏيائون. جپان ڇڏي ڏنم ته به جپاني ناول ۽ شاعري (خاص ڪري هائيڪو ۽ تنڪا) ۽ مونو گاتاري پڙهندو رهان ٿو. هينئر به جپان ۾ پھچڻ سان پھرين هتي جي لئبرري ۾ آيس. تون پنھنجي ساهيڙي يوڪو (ڪلارڪ ڇوڪريءَ) کان پڇ ته کانئس پھريون سوال اهو ئي ڪيم:
Nihon No Kotowaza Hon Wa Arimasenka.
(جپاني پھاڪن جو ڪتاب نه هوندءِ؟)
مناڪو کلڻ لڳو: ”ان وقت جي ساهيڙين مان ڪنھن جي ڪا خبر آهي ته اهي ڪٿي آهن ۽ ڇا آهن؟“ هن پڇيو.
”خبر ئي ناهي. هو به مون وانگر ڏاڏيون نانيون ٿي ويون هونديون ۽ پنھنجن يا مڙسن جي ڳوٺن ۾ رهنديون هونديون. ويھه پنجويھه سال جيڪو يڪو عرصو جپان ۾ نه آيس ان ۾ هر هڪ سان Out of Contact ٿي ويس. انهن ڏينھن ۾ پنجن نمبرن وارا فون نمبر هوندا هئا. هاڻ سڀ بدلجي ستن ۽ اٺن نمبرن وارا ٿي ويا آهن. هڪ سان آمريڪا ۾ ملاقات ٿي هئي. سندس شادي تڏهنئي اوڪيناوا ۾ رهندڙ هڪ آمريڪن مرينر (فوجي سپاهي) سان ٿي هئي. ٽوڪيو جهڙي ماڊرن شهر ۾ رهندڙ، هن نازڪ ڇوڪريءَ کي ڪئنساس رياست جي فارم هائوس ۾ ڪڪڙين ۽ ٽرڪين جا ولر پاليندو ۽ کير مکڻ جا حساب ڪندو ڏسي عجيب لڳو هوم. سندس وڏي ڌيءَ نيويارڪ ڀرسان اٿيڪا يونيورسٽيءَ ۾ گريجوئيشن ڪري رهي آهي.“
”ڪيئن هئي اها، آمريڪا ۾ واقعي خوش هئي؟“ مناڪو پڇيو، ”در اصل منھنجي به اها خواهش آهي ته آئون به جيڪر آمريڪا وڃي رهان. اها منھنجي ننڍي لاڪون تمنا آهي.. “America is such a great country
”منھنجي خيال ۾ اها خواهش تو جيان اڄ جي ٻين نوجوان جپاني ڇوڪرين جي به آهي.“ مون چيو.
”هوندو، ان ڪري آئون انگريزي به سکي رهي آهيان ته جيئن منھنجي ڪمپني، مون کي ڪنھن ٽريننگ يا سندن برانچ آفيس لاءِ اوڏانھن موڪلي ۽ پوءِ شادي به اتي ڪنھن آمريڪن سان ٿي وڃي. يا هتي به ڪيترائي آمريڪن رهن ٿا، جن پويان ڏاڍو پاڻ پتوڙيان ٿي ته ڪنھن سان شادي ٿي وڃي.“
منھنجي جپان ۾ رهائش جي آخري ڏينھن ۾ ڊنر لاءِ هن مون کي هڪ وڏي هوٽل جو نالو ٻڌائي چيو ته جيڪڏهن مون کي خراب نه لڳي ته هوءَ هڪ دوست کي به اڄ جي ڊنر تي گهرائي.
”ڀلي ڀلي، مون کي ڪھڙو اعتراض.“ مون چيو ۽ پوءِ پاڻ موبائل فون تي ڪا دير هن سان ڳالهائيندي رهي. اڌ ڪلاڪ بعد هن وري فون ڪيو ۽ مون کي چيو ته هاڻ هلو ته ”دائي اِچي“ هوٽل هلون. رستي تي هن سان ملاقات ٿي ويندي.
اسان هائيوادوري ءَ وٽان مڙياسين ته مارووا سپر پارڪيٽ وٽ هڪ آمريڪن همراهه مليو. مناڪو، ان جو، مون سانتعارف ڪرايو.
”منھنجي خيال ۾ پاڻ پھرين به مليا آهيون.“ مون هن کي چيو ۽ آئون ياد ڪرڻ لڳس.
”ها. توهان شايد رائيٽر به آهيو.“ هن چيو.
”بلڪل صحيح. پاڻ سٽي هال ۾ مليا هئاسين،“ مون کي ياد اچي ويو، ”مھينو کن اڳ آئون هن شھر جي ميئر مسٽر ڪوئيچي سوئيوشي سان ملڻ آيو هوس ته توهان مون کي هيٺان رسيپشن تان وٺڻ آيا هئائو.“
ٿوري دير هلڻ بعد مون کي بھتر اهو لڳو ته آئون هنن کي اڪيلو ملڻ ڏيان. منھنجو گڏ هجڻ سٺو نه رهندو. آمريڪن اڳيان اڳيان هو. مناڪو ٽي چار قدم پٺيان پٺيان مون سان گڏ هلي رهي هئي، سو آهستي چيومانس ته ائين نه ٿي سگهندو ته مون کي جيڪر Excuse ڪيو وڃي.
”نه. ڇو ڀلا؟“
”توکي ته هونءَ به خبر آهي ته آئونمذهبي خيال کان ڊنر ڪيڏو Avoid ٿو ڪريان ۽ اڄ ته توکي ڪمپني به آهي.“
ايتري ۾ هن آمريڪن به ٻڌو. ان سان به ساڳي ڳالهه ڪيم. هو يڪدم راضي ٿي ويو. بلڪ لڳو ٿي ته ان ۾ هو وڌيڪ خوش هو، پر مناڪو ڏاڍو زور ڀريندي رهي ته آئون به ساڻس گڏ هجان. بھرحال پوءِ مس مس مون کي هنن خوشيءَ سان ڇڏيو. پر مناڪو جو اهو هر هر مون کي زور ڀرڻ سمجهه ۾ نه آيو. هئڻ ته ائين ٿي کتو ته هوءَ پنھنجي هم عمر بواءِ فرينڊ سان وڌيڪ خوش ٿئيها. پر پوءِ ڪجهه ڏينھنبعد هن ٻڌايو ته هن آمريڪن سان دوستي به وڌائڻ چاهي ٿي پر ساڳي وقت Cautious به رهڻ چاهيو ٿي. منھنجي وڃڻ ڪري هوءَ هن سان آزاديءَ سان ڳالهائڻ بدران ويتر گهٻرائجي وئي ته ڪٿي هن جا يڪدم بي جا Advances هِن لاءِ هاڃيڪار نه ٿي پون. منھنجي موجودگي هن لاءِ Check ۽ Balance ثابت ٿئي ها.
مٿين ڳالهه مون هتي جپان جي هڪ شھر ساسيبو ۾ رهندڙ ملئي ڪئپٽن سان جڏهن ڪئي ته هن کلندي چيو ته هتي جون ڇوڪريون آمريڪا لاءِ ڪيڏو Crazy آهن. هت رهندڙويھارو کن آمريڪن مان هرهڪ جي پويان پنجاهه کن جپاني ڇوڪريون چريون آهن. هو اهو به نٿيون ڏسن ته هر آمريڪن پڙهيل ڳڙهيل ۽ اخلاق وارو نه آهي. هنن لاءِ بس آمريڪن هجي پوءِ ڀلي کڻي هنن کي دل سان چاهيندو هجي يا نه. پر هي جپاني ڇوڪريون آمريڪن پويان پاڻ تباهه ڪريو ڇڏين.

هڪ آرٽسٽ سان اوچتو ملاقات

هڪ دفعي احسن کي بئنڊ ڪلاس لاءِ، موڪل واري ڏينھن اسڪول وڃڻو پيو. کيس ڊرم وڄائڻ جي پرئڪٽس صبح جو اٺين کان ڏهين تائين ٻه ڪلاڪ ڪرڻي هئي. آئون کيس اسڪول وٺي هليس ۽ چيومانس ته ٻن ڪلاڪن لاءِ واپس گهر وڃي وري موٽڻ بدران اتي ڀر ۾ ”چا چا چا ٽائون“ ۾ ٽوئرسٽن ۽ خريدارن جي ويھڻ لاءِ رکيل بئنچن تي وقت گذاري، توکي ڏهين بجي گهر وٺي هلندس.
احسن ۽ ايمان وارن جو اسڪول گهر کان ڇھه ست اسٽاپ پري سُناتسو علائقي ۾ آهي، جتي وڃڻ لاءِ ڪڏهن ڊائريڪٽ بس ملي ٿي ته ڪڏهن ڪوڪورا ريلوي اسٽيشن تان ٻي بس وٺڻي پوي ٿي. اسڪول جي ڀرسان ڪلفٽن جھڙو هڪ وڏو شاپنگ سينٽر آهي، جيڪو ”Cha Cha Cha Town“سڏجي ٿو. (جپاني گهڻين شين جا نالا انگريزيءَ ۾ رکندي فخر محسوس ڪن ٿا). هن ۾ چار پنج سپر مارڪيٽون، ٻارن جي کيڏڻ لاءِ پلي لئنڊ، مئڪڊونلڊ ۽ KFC جھڙا آمريڪن ۽ يورپي ’چين ريسٽورنٽون‘ ۽ سؤ کن عام دڪان آهن، جيڪي ٽن ماڙين تي پکڙيل آهن. مٿين ماڙ تي چار کن سئنيما هال به آهن. جپاني ٽي وي ڏسڻ کان علاوه سئنيما ۾ فلم ڏسڻ جا به شوقين آهن، جيتوڻيڪ دنيا ۾ سئنيما جي سڀ کان ڳري ٽڪيٽ جپان ۾ آهي. اربع ڏينھن ٻارن ۽ زالن لاءِ اڌ ٽڪيٽ هڪ هزار يين ٿيندي آهي، يعني پنھنجا پنج سؤ رپيا نه ته سڄو هفتو ٻه هزار يين (هڪ هزار رپيا) آهي. چا چا چا ٽائون جي انتظاميه طرفان عام پبلڪ جي ويھڻ لاءِ ڪيتريون ئي بئنچون ۽ ڪرسيون رکيون ويون آهن، جيئن شاپنگ ڪري ٿڪجڻ بعد انهن تي ڪو ويھي آرام ڪري.
احسن کي اسڪول ۾ ڇڏي، وچ ۾ ايندڙ ’بارشي نالو‘، پُل تان ٽپي، ڀر ۾ ٺھيل ٻُڌن جي مندرن وٽان ٿي ’چا چا چا ٽائون‘ ۾ پھتس. اڳين قطار وارا سڀ دڪان بند هئا ۽ پوين جو به اهو حال هو. البت هڪ ٻن سپر مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون اچي رهيون هيون، جيڪي نئين آيل مال کي سيٽ ڪري رهيون هيون ۽ پوئين ڏينھن جي ڪجهه ڀاڄي، ميوي ۽ ڊبل روٽي ڪيڪن تي گهٽ قيمت جا Tag هڻي رهيون هيون، جيئن اهي شيون ٻئي ڏينھن تائين خراب ٿيڻ يا Date Expire ٿيڻ کان اڳ گهٽ قيمت تي ئي وڪامي وڃن نه ته ٻي صورت ۾ مفت ۾ اڇلڻيون پوندن، ڇو جو هتي هر کاڌي جي شيءِ تي Expiry Date لڳائي وڃي ٿي. ان بعد اها شيءِ ڀلي کڻي صحيح صورت ۾ هجي (ڪڻڪ جي ٺھيل شيءِ ته ضرور هلي سگهي ٿي) پر هتي جي قاعدي موجب اڇلڻي پوي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپاني اها شيءِ اڇلڻ بدران ڪنھن غريب غربي، فقير يا ڪنھن بي گهر ماڻهوءَ کي نه ڏيندا_ جن جو تعداد هن ملڪ ۾ به چڱو خاصو آهي. جپان امير ملڪ هجڻ جي باوجود هتي جو شاگرد طقبو ياننڍيون نوڪريون (گهٽ پگهار واريون) ڪرڻ وارو نوجوان طبقو کاڌي پيتي جي شين ۾ سخت غريب ۽ اڌ ڀريل پيٽ تي رهي ٿو. هي ڇا ڪن ڀلا! کاڌي پيتي جي ڪيڏي قلت آهي، هتي جپان ۾! جيڪي کائڻ پيئڻ جون شيون وڪامن ٿيون، اهي ڪيڏو مھانگيون آهن! پنجن سلائسن واري ڊبل روٽي 170 يين يعني 80 رپئي جي آهي. سادي ۾ سادي سئنڊوچ (ٻه سلائيس جنھن جي وچ ۾ بيضي ذرو يا پنير ۽ سلاد ذرو ٿئي) هڪ سؤ يين يعني 50 رپين کان گهٽ ناهي. کاڌي پيتي جي اهڙي مھانگائي ته سئيڊن ۽ ناروي ۾ به نه آهي.
ملائيشيا، سنگاپور توڙي آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ مئڪڊونالڊ ۽ ٻين کاڌن جي دڪانن ۾ جتي رات وارو بچيل کاڌو ٻئي ڏينھن هلائڻو ناهي، اتي رات جو يارهين بجي (يا هڪ) کانپوءِ اڌ قيمت يا اُن کان به گهٽ قيمت تي وڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترا اسان جھڙا جھازي ۽ شاگرد يا فئڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون، جيڪي رات واري شفٽ جي ٻي ڊيوٽي رات جو يارهين ٻارهين ڪري، شھر جي چڪر لاءِ نڪرن ٿا، انهن جا مزا ٿيو وڃن. پر هتي جپان ۾ رات وارو بچيل مال (برگر، ڪيڪ، سئنڊوچون... وغيره) اڇلي ڇڏيندا پر ڪنھن کي نه مفت ڏيندا ۽ نه سستو وڪڻندا. هنن جو لاجڪ اهو آهي ته مارڪيٽ جو اگهه ڪري ٿو پوي ۽ پوءِ هر گراهڪ اها ڪوشش ڪندو ته فل قيمت تي خريداري ڪرڻ بدران اڌ کان به گهٽ قيمت ۾ خريداريءَ جو انتظار ڪجي. ان مان دڪاندارن کي نقصان پوندو جيڪي سرڪار کي پوءِ گهٽ ٽئڪس ڏيندا. بي گهر ۽ فقيرن کي مفت ۾ ڏيڻ سان قوم پينو بڻجي ويندي.
رات جو ڏهين يارهين بجي توهان جپان جي ڪنھن به شھر جي وڏن شاپنگ سينٽرن مان لنگهنداؤ، خاص ڪري ڍڪيل مارڪيٽن مان ته توهان کي ڪيترائي مرد (۽ ڪجهه پوڙهيون عورتون پڻ) دڪانن مان ڦٽا ڪيل خالي کوکا ڦاڙي انهن کي بند ٿيل دڪانن جي ٻاهران تڏي طور وڇائي، سمهڻ جي تيارين ۾ هوندا آهن. هي گهڻو ڪري بي گهر، غريب ۽ بي اولاد (جيڪو سندن پيريءَ ۾ مدد ڪري) ۽ ڪجهه Drug Addicts هوندا. ڪنھن ٻڌايو ته جپان جي ڪجهه اتراهن علائقن (خاص ڪري هوڪئڊو پاسي) جا پڻ آهن، جيڪي اتان هيٺين خوشحال ڏاکڻن علائقن ۾ ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا ۽ پوءِ ڪجهه جوا ۽ ڪجهه شراب نوشِيءَ ۾، سڀ ڪمايل پئسو وڃائڻ بعد واپس موٽڻ جو نالو نٿا وٺن. هو پنھنجي بئگ ٿيلهو، (ڪي ته هنڌ بسترو به) فوٽ پاٿن تي رکي سڄو سال گذاريو ڇڏين. ڪيترا سگريٽ پيئڻ جا عادي موالي سڄو ڏينھن بس اسٽاپ تي بيٺا هوندا، جيئن ئي بس اچڻ تي مسافر اڌ ڇڪيل سگريٽ اڇلي بس ۾ چڙهندا ته هي اچي کڻندا ۽ پوءِ ڪنڊ پاسي ۾ ويھي مزي سان ڇڪيندا. هتي جي هڪ خوبصورت علائقي ”هاءِ وي دوري“ جي هڪ وڏي دڪان اڳيان هڪ جپاني فقيرياڻي پنھنجو هنڌ بسترو ۽ بئگون دٻا رکيو ويٺي آهي ته وڃڻ جو نالو نٿي وٺي. ٽن مھينن کان ته آئون کيس ڏسي رهيو آهيان. هتي جا فقير خبر ناهي کاڌي پيتي جو ڪيئن ٿا بندوبست ڪن. ماڻهن کي به مون کين ڏيندي ڪڏهن نه ڏٺو آهي.
منھنجي ڌيءَ جيجل (مريم) ٻڌايو ته هو جڏهن سائيجو (هيروشيما) ۾ رهندا هئا ته اتي هيٺ شاپنگ سينٽر اڳيان ٻه بي گهر پوڙها جپاني، دڪان بند ٿيڻ بعد فوٽ پاٿ تي دفتريون ۽ پنا وڇائي رات گذارڻ لاءِ اچي سمهندا هئا. ”هڪ ڏينھن مون پنھنجي پاڙي واري جپاني عورت کي چيو ته ڪنھن ڪنھن ڏينھن بچيل کاڌو هنن کي ڏيان“ ته هن مون کي سمجهائيندي چيو ته ”دل اسان جي به کين ڏيڻ تي چوي ٿي پر ائين ڪرڻ سان ڪجهه مھينن بعد هن جاءِ تي ٻن مان چار فقير نظر ايندا ۽ پوءِ ٻيا به وڌڻ شروع ٿي ويندا ۽ هو محنت مزوري ڪري ڪمائڻ بدران، آسانيءَ جي راهه اختيار ڪندا.“
مٿئين ڳالهه مان جپانين جي سٺي يا سخت سوچ جي Ideaلڳائي سگهجي ٿي. ان سوچ (شايد! پڪ نه اٿم.) هن قوم کي ايڏو محنتي بنائي ڇڏيو آهي. آئون جو ان ڏينھن اخبارون ۽ پنا پينسل کڻي آيس ته ”چا چا چا ٽائون“ جي ڪنھن بئنچ تي ويھي ٿو لکان ۽ ٻه ڪلاڪ اتي ئي ٿو پاس ڪريان ته اچي ڏسان ته سڀني بئنچن تي بي گهر ۽ موالي ٽائيپ جپاني ڊگها ٿيا ستا پيا آهن. انهن ۾ هڪ ٻه موالي اهي به هئا جن کي آئون گذريل ٻن ٽن مھينن کان سنتاسو بس اسٽاپ تي ماڻهن جا اڇليل سگريٽ ميڙيندو ڏسندو اچان. آئون اهو ئي سوچيندو هوس ته رات جو يارهين کان پوءِ جڏهن جپان ۾ بسون ۽ گاڏيون هلڻ بند ٿيو وڃن ته پوءِ هي ڪٿي ٿا سمهن؟ ڇو جو بس اسٽاپ تي ته فقط پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيل ٿين ٿيون، جن تي ڏينھن جا ڪجهه ڪلاڪ ته هو ويھي سگهن ٿا پر سمهي ته نٿا سگهن. سو هاڻ خبر پيئي ته هو سمهڻ لاءِ ڪيڏانھن پري نٿا وڃن، پر اتي ئي چا چا چا ٽائون جي بئنچن تي ليٽيو پون ٿا.
آئون هرهڪ بئنچ کي ڀريل ڏسي مٿي فلور تي پھتس ته سئنيما هال جي وڏي لائونج جي هوٽلن اڳيان رکيل ويھارو ٽيبل ڪرسين مان هڪ ٽيبل تي ٻه جپاني اخبار پڙهي رهيا هئا ۽ ٿورو پري هڪ ويھه پنجويھه سالن جو نوجوان جوڙو، ڪٿان ورتل پٽئٽو چپس به کائي رهيو هو ته ڪيڏانھن وڃڻ لاءِ واچ ۾ وقت به ڏسي رهيا هئا. هو مڪاني جپاني ياڪورين نٿي لڳا پر ڏور اوڀر يا ڏکڻ ايشيا پاسي جا هئا.
”Are You Japanese?“مون پڪ ڪرڻ لاءِ هنن وٽان لنگهندي پڇيو.
”No. Indonesian“هنن وراڻيو.
مون ٻه منٽ کن ساڻن ملئي زبان ۾ خوش خير عافيت ڪئي. هو اوساڪا کان آيا هئا ۽ پنھنجن ٻين ساٿين جو هتي انتظار ڪري رهيا هئا، جن کي فڪوئوڪا شھر کان اچڻو هو ۽ پوءِ گڏجي هيروشيما جي يونيورسٽيءَ وڃڻو هو، جتي جا هو شاگرد آهن.
هوٽلون بند هيون. ڏهين کانپوءِ کلنديون سو جيسين کلن آئون به هتي ويھي وقت پاس ڪري سگهان ٿو. هونءَ به ٻاهر سخت بارش هلي رهي هئي ۽ آئون شيشي جي ڀت وٽ ڪنڊ واري ٽيبل تي پنا پينون ۽ گذريل ڏينھن جي ”جپاني ٽائيمس“ اخبار رکي ويٺس. ٿوري دير شيشي مان جبلن جو نظارو ڪيم _ جيڪي هر هنڌ ڪامن آهن. جپان ۾ جيڏانھن ڪر نگاهه تيڏانھن جبل سامهون_ جپان جي سر زمين 85 سيڪڙو جبل آهي. جبل_ جبلن تي دل لڀائيندڙ ساوڪ.... چھچ ساوا وڻ ۽ گاهه ۽ ان جي Combination ۾ وڏ ڦڙو مينھن اسان صحرائن جي ’بارش سِڪايلن‘ لاءِ ڄڻ عيد ٿيو وڃي. هڪ دفعو وري اخبار ڇڏي شيشي جي صاف ڀت پويان پري پري تائين نظارو ڪرڻ لڳس. دڪان، گهر، گهرن اڳيان هلندڙ چلندڙ ماڻهو، روڊ، رستا، گهٽيون ۽ انهن مان رکي رکي لنگهندڙ لاريون، ڪاريون، ساون وڻن جون لمندڙ ٽاريون ڄڻ ڪنھن ڪاريگر ڪنھن ميلاپ جي سين لاءِ ڊرامه اسٽيج ٺاهي هجي ۽ اهڙي خوبصورت Set up ۾ رکي رکي اسلام آباد جھڙي وڏي ڪاري ڪانگ جي بي سري ڪان ڪان به دل کي وڻي رهي هئي ۽ هر شيءِ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي سيٽ لڳي رهي هئي.
مون نظاري پويان گهڻو وقت وڃائڻ بدران جلدي جلدي اخبار کولي پڙهڻ شروع ڪئي. اخبار پوري ڪرڻ ۽ سنڌي اخبار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه کن ڪالم لکڻ جو پڪو ارادو ڪري آيو هوس ۽ هھڙي ٿڌڪار ۽ ٽيبل ڪرسي تي هھڙي سڪون ۾ ايترو ڪم آرام سان ٿي سگهيو ٿي. اخبار جو اڃا پھريون صفحو ڪو مس پڙهيو هوندم ته منھنجي ڀر واري ٽيبل تي هڪ منھنجي عمر جو سٺ سالن کن جو جپاني اچي ويٺو. جپاني دنيا ۾ صاف سٿرا چيا وڃن ٿا پر هي عجيب ميرن ڪپڙن ۾ هو. سندس ڏاڙهي وڌيل ۽ وارن ۾ گر هجڻ ڪري لڳو ٿي ته شايد ڪو موالي ٽائپ هجي نه ته جپاني ۽ روز هڪ دفعو نه وهنجي. هن جي هٿن ۾ آفيس فائل هو ان کي ٽيبل تي رکي ٿيلهي مان ڀت جي “اونيگري” (سئنڊوچ) ڪڍي کائڻ لڳو ۽ ڪا دير مون کي ڏسندو رهيو. مون کي ڏاڍو تجسس ٿيو . آخر جپانيءَ ۾ پڇيومانس ته تون هتي (هن شھر) جو آهين؟
(Anantwa Kokono Machi No Hito Desuka)
ته هن ٺھه پھه صاف انگريزيءَ ۾ وراڻيو: I am from Fukuoka
هن ٻڌايو ته هو هتي ڪنھن ڪم سان آيو آهي پر جيئن ته اها آفيس ڏهين کان پوءِ کلندي، ان ڪري هتي انتظار لاءِ اچي ويٺو آهي. يعني هو به اسان وانگر هتي وقت پاس ڪرڻ آيو آهي. هونءَ ته جپاني ڪلچر مطابق ٻئي جي ذاتي ڳالهين ۾ پوڻ نه کپي ڀلي کڻي هو ٽيبل تي ڀولي پيو نچائي ته به نه پڇجي ته اهو تون ڇا پيو ڪرين يا اها ڀولي ڪٿان آندي اٿئي. پر اسان کڻي ٽيھه سال ولايتن ۾ رهون ۽ پنھنجو پاڻ کي سڌاريون، تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ته اصليت تي هليا اينداسين. سو نيٺ پڇيومانس ته اهو فائل (جنھن ۾ A-3سائيز جا پنا پيل هئا) ڇا جو اٿئي؟ (ڪيڏي غلط ڳالهه چئبي) ڇا جو به فائيل هجي، ڇو پڇجي. پر چڱو جو پڇي ويٺس نه ته ڪيئن خبر پوي ها ته هو هڪ عام ماڻهو نه پر جپان جو وڏو آرٽسٽ تسوروتا (Tsurruta Mamoru) هو. ۽ ان فائيل ۾ هن جون تازيون پيٽنگز هيون. مون کي ڏيکارڻ تي آئون هڪ هڪ ڪري اهي تصويرون ڏسڻ لڳس. ڪا گو شيما جي ٻرندڙ جبل جي، شمونو سيڪي بندرگاهه جي، موجي وٽ ڪيوشو ۽ هونشو ٻيٽ کي ملائڻ واري پل جي، ڪوڪورا جي محل (Castle) جي... وغيره وغيره. آئون پنھنجي ڪم کي ڇڏي هن سان ڳالهين ۾ لڳي ويس. کيس ٻڌايم ته لکڻ منھنجي هابي آهي۽ پنھنجي اوچتي ملاقات جو آئون پنھنجي سفرنامي ۾ ضرور ذڪر ڪندس.
پنھنجين انهن هٿ جي پينٽنگز Paintings کان علاوه هن هڪ فوٽن جو آلبم پڻ ڏيکاريو جنھن ۾ هن جي تصويرن جي نمائشن جا فوٽو هئا جيڪي هن پئرس ۾ به ڪيون آهن. ڪجهه تصويرون جپان جي اهم سياستدانن ۽ ٻين وڏين شخصيتن جون هيون، جن کي هو پنھنجيون تصويرون ڏئي هٿ ملائي رهيو هو يا پنھنجي ڪنھن تصوير تي مليل ايوارڊ وٺي رهيو هو.
موڪلائڻ مھل مون کي پنھنجو هڪ پيٽنگ جي اصل سائيز جيڏي رنگين فوٽو ڪاپي ڏنائين. مون کيس پنھنجو ڪارڊ ڏنو ۽ هن ايڊريس لکي ته مون فون نمبر لکڻ لاءِ پڻ چيومانس.
کيسي مان ٻه موبائل فون ڪڍي چيائين:”هنن ٻنهي جا نمبر ٿو لکان. هڪ عام موبائل فون آهي ۽ ٻيو ريڊيو سيٽلائيٽ وارو آهي.“
نمبر لکڻ وقت آئون هن ڏي غور سان ڏسي سوچيندو رهيس ته چڱو جو مون هن سان زوريءَ ڳالهايو. بس هاڻي رڳو هڪ فوٽو گڏ ٿي وڃي. مون هيڏانھن هوڏانھن جهاتيون هنيون ته ڪو جوان نظر اچي ته ان کي فوٽو لاءِ چوان پر پر سڀ اڌروٽ پئي هليا جن کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چوڻ معنيٰ پھرين عينڪ چاڙهين ۽ پوءِ منهنجي ڪئميرا جا بٽڻ سمجهن. آخر ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي ان وقت اسان وٽان لنگهندڙ هڪ پوڙهيءَ کي اسان جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ عرض ڪيو. آرٽسٽ تسوروتا ۽ آئون ڪرسيون ريڙهي ويجها ٿي ويٺاسين ۽ سندس پينٽنگز مان هڪ پنھنجي اڳيان جهلي ويٺاسين.
تصوير ڪڍڻ بعد ڪئميرا موٽائڻ وقت هوءَ پڇڻ لڳي ته ڪنھنجي پينٽنگ آهي؟
”تسوروتا مامورو جي! جنھن سان هي تصوير ويٺو ڪڍايان.“ جواب ڏنو مانس.
”او مامورو سان!“ هن زور سان چيو ۽ اوسي پاسي کان لنگهندڙ ٻيا همراهه به بيھي رهيا ۽ هن آرٽسٽ سان هٿ ملائڻ لڳا. ان بعد ٻيا ۽ ٻيا اچي مليا. هڪ جپاني جوڙو_ جيڪو خريداريءَ لاءِ هتي آيو هو، انهن اسان ٻنهي کي هيٺ هوٽل ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ چيو. آرٽسٽ تسوروتا هنن جي آفر قبول ڪئي. مون واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ڏهن ۾ ڪي پنج منٽ بچيا هئا. احسن کي اسڪول مان موڪل ٿيڻ واري هئي. مون معذرت ڪري موڪلايو ۽ ساڳيون واپسيءَ جون وکون کڻي اسڪول پھتس.

جپاني اخبارون، ٽي وي ۽ منگا

جپان ۾ ڪتابن وانگر اخبارون ۽ رسالا به ڏاڍا مھانگا ملن ٿا. 20 صفحن جي انگريزي اخبارJapan Times، جيڪا اسان جي بلڊنگ ۾ هيٺين ماڙ تي رهندڙ انگلش ٽيچر کان وٺي پڙهندو آهيان، ان جي قيمت 160 يين يعني 80 رپيا آهي ۽ اهو ئي حال ٻين اخبارن جو آهي، پر هتي جا ماڻهو اخبار ڏاڍي ٿا پڙهن. سڄي ملڪ ۾ 180 کن اخبارون ڇپڻ جون ڪمپنيون آهن ۽ هر ڪمپني مختلف ڊيلي، شام جي ۽ هفتيوار اخبار ڇپي، جيئن پاڻ وٽ عبرت، ڪاوش يا جنگ پبليڪيشن وارا مختلف اخبارون ڇپين ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل هڪ سروي مطابق جپان ۾ روزانو 60 ملين اخبارون وڪامن ٿيون.
جپان جي سڀ کان گهڻي مشھور اخبار Yomiuri Shimbun آهي، جنھن جي سرڪيوليشن نه فقط جپان ۾ پر سڄي دنيا۾ وڏي ۾ وڏي آهي ۽ تقريباً ڏهه ملين_ يعني هڪ ڪروڙ ڪاپيون ڏهاڙي وڪامن ٿيون. اها ئي اخباري ڪمپني انگريزيءَ ۾ Daily Yomiuri نالي اخبار ڪڍي ٿي پر جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ۾ جپان ٽائيمس وڌيڪ مشھور آهي.
انهن کان علاوه انگريزي اخبارن ۾ Mainchi Daily ۽ Asahi Evening News به چڱيون مشھور آهن. ٻاهر جي ملڪن جي رسالن ۾ نيوز ويڪ ۽ ٽائيم رسالا جتي ڪٿي نظر اچن ٿا ۽ منھنجي خيال ۾ انهن جي قيمت پڻ سڄي دنيا کان وڌيڪ هتي جپان ۾ آهي ۽ دڪانن تي انهن جو في پرچو ست سؤ يين ۾ ملي ٿو. سي ٿيا پنھنجا ساڍا ٽي سؤ رپيا جو اڄ ڪلهه جپاني هڪ سؤYenپاڪستاني پنجاهه رپين برابر آهن.
جپان ۾ انگريزي اخبارن وانگر ڪجهه انگريزي رسالا به ڇپجن ٿا، جن مان Tokyo Journal گهڻن ماڻهن جي هٿن ۾ نظر اچي ٿو. يعني جپان ۾ رهندڙ ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾. جپاني ماڻهو’ٽائيم‘ يا ’نيوز ويڪ‘ جھڙو رسالو ڇو خريد ڪن جڏهن هنن وٽ اهي سڀ رسالا ۽ ويندي ريڊرس ڊائجسٽ جھڙا سندن زبان (جپانيءَ) ۾ ڇپجن ٿا. ائين اوساڪا ۽ ڪوبي پاسي هتي جو انگريزي رسالو Kansai Times Out ۽ نگويا پاسي Eyes رسالو پڻ چڱو هلي ٿو.
جپان ۾ هلندڙ ٽي وي اسٽيشن (Networks) ۾ اين. ايڇ. ڪي.(Nihon Hoso Kyokai) يعني جپان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن سڀ ۾ وڏي آهي. NHK جي بجيٽ ملڪ جي اسيمبلي Dietمنظور ڪري ٿي پر مڪمل طرح خودمختيار آهي. يعني سرڪار جي واه واهه ڪرڻ لاءِ نه هلائي وئي آهي. NHK جا ڪل چار چئنل آهن. ٻه سيٽلائيٽ وارا ۽ ٻه Terrestrial جيڪي ملڪ جي ٽيھه ملين ٽي وين ذريعي ڏٺا وڃن ٿا ۽ جن جي يعني فقط NHK جا جي انهن چئن چئنلن ڏسڻ جي ماهوار في 1320 يين آهي. يعني ساڍا ڇھه سؤ رپيا کن.
پرائيويٽ چئنل ۾ NTV (نپان ٽيليويزن نيٽ ورڪ) سڀ ۾ گهڻو هلي ٿو ۽ NTV جو سڀ کان وڏو شيئر هولڊر يومي اوري شمين نيوز پيپلز گروپ آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اخباري گروپ ٽي وي چئنل هلائڻ ۾ حصيدار آهن. هن چئنل تان مختلف پروگرام اچن ٿا. ان کان علاوه ڊرامن جي لحاظ کان TBSچئنل مشھور آهي۽ خبرن کان T.V.Asahi آهي جيڪو لڳي ٿو ته Asahi اخبارن وارن جو آهي. ان کان علاوه Fuji TV پڻ مختلف Entertainment ڏئي ٿي. جپان ۾ هڪ ٻيو جپاني سيٽلائيٽ چئنل Wowow مشھور آهي جيڪو سال ۾ 500 کن فارين جون فلمون پڻ ڏئي ٿو. هن چئنل جي ماهوار في 2030 يين آهي.
نيشنل جاگرافڪ، ائنيمل پلينيٽ، ڊسڪوري، لالا جھڙا ڪيترائي ڌارين ملڪن جا چئنل ڪئبل ذريعي ملن ٿا، جن مان هر هڪ جي ٻڪ ٽڪن جي ماهوار في آهي.
منگا (Manga) _جپاني ڪامڪ (Comic)
جپان ۾ ڪامڪن جا ڪتاب ۽ رسالا ڏاڍو هلن ٿا. بلڪ ڪي ڪي ڪامڪن جا رسالا ته اهڙا ٿلها ٿا نڪرن جھڙا آلجبرا ۽ فزڪس جا ڪتاب، بلڪ ٽيلفون ڊئريڪٽري سمجهو. ڪامڪ نه فقط ٻار پڙهن ٿا پر وڏا پڻ.
هڪ يورپي همراهه هڪ ڏينھن هتي جي هڪ مشھور بوڪ اسٽال Quest ۾ ڪتابن جي Veriety جو جائزو وٺندي چيو:
مون کي اها ڄاڻ هئي ته جپاني ٻارن جي حسابن جي قابليت جو مقابلو دنيا جي ڪنھن ملڪ جو ٻار ڪري نٿو سگهي، پر مون کي اها هتي اچي خبر پيئي آهي ته جپاني ٻار توڙي وڏا جيترو ڪامڪس جا ڪتاب پڙهن ٿا يا انهن جي جپان ۾ جيتري کپت آهي، اوتري دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي.“
جپاني لفظ Manga در اصل هر قسم جي ڪارٽونن لاءِ آهي. چاهي ڪامڪ بوڪ هجن يا اخبار رسالن ۾ ڪارٽونن جون پٽيون، جيئن ڪنھن زماني ۾ جنگ اخبار جي مشھور ڪامڪ پٽي (Strip) ”ٽارزن ڪي واپسي“ هوندو هو.
جپان ۾ ڪتابن جي دڪانن ۾ گهڙبو ته سڀ کان گهڻي جاءِ هنن منگا جي والاريل هوندي. مزي جي ڳالهه اها ته هنن ڪامڪ ڪتابن(Manga) جا ٽائيٽل هميشه انگريزي ۾ ٿين.
جپان ۾ هي منگا (ڪارٽون) ٺاهڻ وارا هزارين آهن ۽ جيئن ته هنن رسالن/ ڪتابن (Manga) جو وڏو وڪرو آهي ان ڪري هي آرٽسٽ توڙي لکڻ ۽ ڇاپڻ وارا تمام گهڻو ڪمائين ٿا ۽ سندن شان شوڪت فلمي اداڪارن جھڙو آهي. جپان ۾ منگا جو وڏو بزنيس هجڻ جو اندازو فقط ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته منگا جي هڪ هفتيوار رسالي “شونين جمپ” (Shonen Jump) جون هر هفتي پنج ملين_ يعني اڌ ڪروڙ ڪاپيون ڇپجن ٿيون.
جپان هونءَ شريف ملڪ سمجهيو وڃي ٿو پر انهن ڪامڪن جا صفحا اٿلائيندي اسان ايشيائي ماڻهو ته ڇا پر يورپي به ڇرڪيو وڃن، جو انهن ۾ ڪي ڪي مار ڌاڙ جا ۽ ويندي اگهاڙا پوز ڏنا وڃن ٿا جو سئيڊن جا ماڻهو به تعجب کائين. هونءَ جپاني سينسر ٻاهر جي ملڪن جي رسالن تي ايڏو سخت آهي جو عورت جي اوگهڙ جا ٻيا حصا ته ڇا پر لڪيل جاين جي وارن (Pubic hair) تي به سخت اعتراض ڪري ٿو، پر منگا ۾ ڏنل اوگهڙ تي هتي جو سينسر بورڊ اکيون ٻوٽيو ڇڏي. ڪن ڪن Manga (ڪامڪن) ۾ خاص ڪري عورتن جي لاءِ ڇپيلن ۾، جنسي تعلقات (Sexual Activity) پڻ عام ڏيکاري وڃي ٿي. ساڳي وقت ڪي ڪي منگا شاگردن جي تعليم ۽ پڙهائڻ لاءِ پڻ ڇپجن ٿا ۽ ٻار پڙهي هوشيار پڻ ٿين ٿا. اهي فزڪس ۽ ڪيمسٽري جون شيون جيڪي هونءَ هڪ ٻار کي سمجهڻ ۾ ڏکيون لڳن، سي هنن Manga ذريعي سولي طرح سمجهيو وڃي ۽ ان لاءِ Benkuyo Manga (پڙهائيءَ جا ڪامڪ) ۽ Jitusma Manga (پريڪٽيڪل ڪامڪ) مشھور آهن جيڪي هاءِ اسڪول جي سبجيڪٽن کان وٺي انٽرنيشنل فائننس ۽ ڪامرس جھڙن عنوانن لاءِ فائديمند آهن.
ٻارن لاءِ اڄڪلهه سڀ کان گهڻو پسنديده منگا ”دورائيمن“ جو آهي. دورائيمن هڪ روبوٽ ٻلي آهي، جنھن جا پھرين 1970ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڪارٽُون شروع ٿيا. ان جي مختلف ڊزن کن ڪتابن جون اڄ تائين ڪروڙ کن ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن. هاڻ هو هن ٻلي (ڊورائمن) جي پاپولر ٽي وي سيريز پڻ آهي، جنھن کي پڻ ٻار وڏي شوق سان ڏسن ٿا. هن ڪردار جا ڪيترائي رانديڪا، اسٽيشنري جو سامان، گنجيون، ٽي شرٽون جپان ۾ وڪامن ٿيون.
منگا تي ٺھيل ڪجهه جپاني ٽي وي سيريل آمريڪا ۾ به مشھور آهن جيئن ته Astro_Boy(جنھن کي هتي جپان ۾ Testsuan سڏين ٿا) ۽ هن جو آرٽسٽ تيزوڪا اوسامو جي شھرت هالي ووڊ جي ٽاپ آرٽسٽن کان به وڌيڪ آهي.

مئڊم نتسوميءَ جي مھماني

جپان حڪومت جڏهن ڌارين ملڪن جي شاگردن کي اسڪالر تي جپان جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهرائي ٿي ته هنن کي خرچ پکي ۽ تعليمي سھوليتن سان گڏ هڪ Host Family (ميزبان فئملي) سان به تعارف ڪرائي ٿي، جيڪا هنن کي گهرو مسئلن ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪري سگهي. مثال طور، رهائش لاءِ مسواڙي گهر ڳولي ڏيڻ، ٻارن لاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏيڻ يا ڪو ٻيو مسئلو هجي، جيئن ته اسان جا ٻار اسڪول ۾ عام ملندڙ لنچ نٿا کائي سگهن جو انهن ۾ پورڪ (سوئر جو گوشت) ٿئي ٿو ته انهن لاءِ خاص مانيءَ جو بندوبست ڪرائڻ يا شروع جي ڏينھن ۾ جپاني نه اچڻ ڪري مترجم (Translator) جا فرض ادا ڪرڻ، وغيره.
هوسٽ فئمليون گهڻو ڪري تمام امير ٿين ٿيون ۽ هنن لاءِ انگريزي اچڻ به ضروري آهي جيئن ڌارئين ملڪ کان آيل مھمانن جي ڳالهه سمجهي سگهن. پئسي واريون هجڻ ڪري هو دنيا جي ڪيترن غمن ۽ فڪرن کان آزاد آهن ۽ واندڪائي هجڻ ڪري هو پنھنجو پاڻ کي ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ مشغول رکن ٿيون. هوسٽ فئمليءَ جا زال مڙس گهڻو ڪري وڏي عمر جا ٿين. سندن اولاد شاديون ڪري يا نوڪري خاطر ٻئي شھر ۾ رهي ۽ هي اڪيلا هجڻ ڪري ڪنھن ڌارئين جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي خبر چار لھڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا. ڪي ننڍي عمر جا چاليھه پنجاهه سالن جا به ٿين ، جن کي اولاد نه هجڻ ڪري يا هڪ ٻار هجڻ ڪري (جيڪو ٻئي شھر جي هاسٽل ۾ رهڻ ڪري) هو اڪيلائي محسوس ڪن ۽ پوءِ هنن مشغول ملڪن ۾ ڪنھن کي وقت آهي جو اچي هنن سان ڳالهائي. اهڙي صورت ۾ جپان ۾ پڙهائيءَ لاءِ ايندڙ ڌارين ملڪن جي شاگردن ۽ انهن جي فئملين لاءِ هن قسم جون ميزبان (Host) جپاني فئمليون وڏي مدد آهن ۽ ساڳي وقت اهي شاگرد ۽ انهن جا ٻار هنن جپاني هوسٽ فئملين لاءِ وندر آهن.
اسان جو ڀاڻيجو مشتاق ميمڻ به جڏهن هيروشيما يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ جپان اچي رهيو هو ته هن کي يونيورسٽيءَ طرفان ٻڌايو ويو ته هيروشيما ۾ چار سال رهڻ دوران سندن هوسٽ مدر (ميزبان ماءُ) توميڪو هارا هوندي. جپان پھچڻ تي ۽ هيروشيما ۾ چار سال رهڻ دوران ته هيءَ عورت سندس مدد ڪندي رهي پر هاڻ هيروشيما ڇڏي فڪوئوڪا ضلعي (Prefecture) جي شھر ڪَوڪُورا ۾ رهڻ تي به اها هوسٽ مدر ڪڏهن ڪڏهن هيروشيما کان هنن سان ملڻ لاءِ هليو اچي ۽ فون ته سدائين ڪندي رهي ٿي هي به هيروشيما هن جي گهر ائين وڃي رهن ڄڻ پنھنجو گهر هجين. بقول مشتاق جي ته جي هيءَ هوسٽ مدر توميڪو هارا (Tomiko)_ نه هجي ها ته هن لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ها ۽ هو ٻارن سان گڏ جپان ۾ رهي نه سگهي ها.
مشتاق جڏهن جپان آيو هو ته سندس ٻار تمام ننڍا هئا. وڏو پٽ احسن اڍائي سالن جو مس هو ۽ ڌيءَ ايمان سال کن جي هئي. ٻارن جي ماءُ مريم (جيجل) شاديءَ کان اڳ اسان سان گڏ جپان ۾ ڪافي وقت گذاريو هو ۽ هوءَ هتي جي ڪلچر ۽ زبان کان ڪجهه ڪجهه واقف ضرور هئي، پر ايترو نه هئي۽ ويتر پاڪستان اچي انگريزي پڙهڻ ۽ شاديءَ بعد انگلينڊ ۾ رهڻ ڪري هن لاءِ توڙي هن جي مڙس مشتاق لاءِ انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن ۾ رهڻ وڌيڪ آسان هو. سو اهڙي صورت ۾ هيروشيما جي هيءَ هوسٽ فئملي هنن لاءِ وڏي Blessing ثابت ٿي، جنھن سان گڏ ننڍا ٻار احسن ۽ ايمان رهي جلد ئي جپاني ڳالهائڻ سکي ويا ۽ پوءِ جپاني اسڪول ۾ داخلا ۽ پڙهائيءَ ۾ به کين تڪليف نه ٿي، نه ته هِن پاسي انگريزي اسڪول بنھه نه هجڻ ڪري ٻارن جي تعليم جو وڏو مسئلو رهي ٿو. جيسين جيجل جپاني زبان ۾ ڀڙ ٿئي تيسين ٻارن کي هوم ورڪ ڪرائڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ، هن هوسٽ مدر جي ذمي رهيو ۽ مشتاق پنھنجي پڙهائيءَ کي منھن ڏيندو رهيو.
تعليم بعد نوڪري لاءِ جڏهن مشتاق وارا هن شھر ڪوڪورا ۾ آيا ته هتي جيڪي مڪاني جپاني فئمليون هنن جون واقف ٿيون انهن ۾ هڪ پنجاهه پنجونجاهه سالن جي عورت نتسومي نالي پڻ سندن سڃاڻي ٿي وئي، جيڪا در اصل هتي رهندڙ ٻن پاڪستاني شاگردن جي هوسٽ مدر ٿي رهي هئي. اهي شاگرد جنھن سال تعليم مڪمل ڪري آسٽريليا ۽ USA هليا ويا هئا، ان ئي سال مشتاق وارن جي هتي اچڻ سان نتسومي هنن جي دوست گهٽ پر هوسٽ مدر وڌيڪ ٿي پئي ۽ تمام گهڻو قربائتي ۽ صابرين هجڻ ڪري، احسن ۽ ايمان جن کي به هن سان ايڏي ته Attachment ٿي پئي آهي جو هن سان گڏ گهمڻ يا هن جي گهر وڃي رهڻ ۾ وڌيڪ خوش ٿين ٿا جو هوءَ هنن جو هر انگل عارو کڻي ٿي. سندس گهر هتان وچ شھر (Central Kokura) کان ست اٺ ميل پري ٻھراڙيءَ پاسي آهي ۽ هن پاسي جي ٻھراڙي (Country side) ڏسڻ وٽان ٿئي ٿي. ڪارنر پلاٽ تي سندس وڏو گهر آهي جنھن جي هڪ ڪنڊ تي گهر جو دروازو آهي ته ٻي ڪنڊجيڪا مين روڊ تي آهي دڪان آهي. وچ ۾ ڪچن آهي. يعني دڪان ۾ ويھڻ بدران هوءَ ڪچن ۾ ويھي رڌ پچاءُ ڪندي آهي يا اتي رکيل ٽي وي ڏسي. دڪان ۾ گراهڪ جي گهڙڻ سان ٽيپ رڪارڊر ذريعي آٽوميٽيڪل ”اراسائي ماسي“ (ڀلي ڪري آئين) وڄڻ جي آواز تي هوءَ ڪچن مان اٿي آيل گراهڪ کي منھن ڏئي. هونءَ گهڻو تڻو دڪان تي سندس مڙس تڪايوشي (Takayoshi) ۽ اسي سالن جو سھرو Tuneji (تونيجي) ويھن ۽ پاڻ سڄو ڏينھن متسوبشي گاڏي کڻي چڪر هڻي. دڪان ڪمائيءَ کان وڌيڪ سندن وندر جو ذريعو آهي، جتي ان علائقي جا مڪاني ماڻهو ۽ هاءِ وي تان لنگهندڙ مسافر سگريٽ، ڊرنڪ يا ڪا سوکڙي پاکڙي وٺڻ لاءِ اچن ۽ جن سان ڪچھري مچي پئي هوندي آهي.
نتسومي (Natsumi)وارن کي هن دڪان کان علاوه ٻيون جايون جڳھيون مسواڙ تي آهن. کين يوجي (Yuji) نالي هڪڙو پٽ سورهن سالن جو آهي جيڪو سندن گهر کان چاليھه ميل کن پري ياهاتا (Yahata) شهر جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ آهي، جتي ملڪ جي اميرن، نوابن جا ٻار خاص خيال هيٺ پڙهن ٿا، جيئن پاڻ وٽ ڪنھن زماني ۾ لاهور جي ايچيسن اسڪول جو نمونو هو.
اسان جي پاڪستان کان اچڻ تي هڪ ڏينھن نتسومي اسان سان ملڻ آئي. هوءَ پاڻ سان ڪجهه تحفا به کڻي آئي. اسان کي پنھنجي گهر هلڻ جي دعوت ڏنائين ۽ ان بعد هڪ ٻه دفعو فون تي به چوندي رهي پر آئون Avoid ڪندو رهيس، جو ٻئي جي گهر ۾ رهڻ سان ماڻهو جھڙو ٻڌو ٻانهو ٿيو پوي. هر وقت ڏند ڪڍي ويھي ڪچھري ڪري يا ميزبان جي ساراهه ڪري ۽ مرضيءَ سان نه ليٽي سگهجي نه آزاديءَ سان هلي سگهجي. خاص ڪري جپاني گهرن جي Setting ۾ مون جھڙو ڊگهو ۽ بي افعالو ماڻهو ته مون ڏٺو آهي ته Total Failuare ٿيو پوي. اهو ان ڪري نه ته جپانين جا گهر ننڍا آهن. انهن کان ننڍا ڪمرا ته جھاز تي ٿين ٿا. ڪاٺ جي سنهي فرش يا تونئريءَ تي جنھن نموني سان هو ننڍڙيون وکون کڻي نزاڪت سان هلن ٿا، ان لاءِ پرئڪٽس کپي ۽ ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ايڏي پابندي رهي ٿي جو هو ذهني طرح پاڻ کي قيد سمجهي ٿو. جپاني گهرن ۾ فرش ۽ ڇتين کان ڀتيون نازڪ ٿين ٿيون ۽ نتسوميءَ جو گهر ته اهڙو نازڪ نموني جو هو جنھن جون ڀتيون ٽوڪيو جي مسافر خانن وانگر اهڙي سنهي پني جون آهن جو انهن مان ٻاهر جي روشني به آئي ٿي. معنيٰ ننڊ ۾ به ماڻهو خبردار رهي، ابتو سبتو پاسو ورائڻ سان ڪو گلاس يا گلدستو ته ڇا پر سڄي ڀت اچي پٽ تي پوي. جي پٽ تي نه پوي ته پنو ڦاٽڻ تي اها ڀت غائب ٿي وڃي. ان ڪري ڪنھن سڃاڻي جي گهر ۾ رهندي پنھنجو پاڻ کي ته تڪليف ۾ محسوس ڪندو آهيان پر لڳندو اٿم ته ميزبان کي به تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو اٿم. پر نتسوميءَ جي بار بار منٿون ڪرڻ ۽ احسن ۽ ايمان جن جي شوق ڪري مون کي ها ڪرڻي پئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته جيجل هر هر چوندي رهي ٿي ته اسان ڪو بهتڪلف نه ڪيون، جو هيءَ هوسٽ مدر ’نتسومي‘ تمام مست ملنگ قسم جي عورت آهي. گهر ۾ پيا هلجو چلجو. جنھن وقت ليٽڻ تي دل چوي ته ليٽي پئجو ۽ جيڪي وڻي فرج مان ڪڍي پيا کائجو. سندس مڙس ته ايڏو شرميلو آهي جو ڪڏهن ملڻ نه ايندو آهي ۽ مانيءَ تي به اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا آهن ۽ هو اسان جي مذهبي پابندين کان واقف آهن ۽ ڪا به اهڙي شيءِ کائڻ لاءِ توهان کي نه ڏيندا. نماز لاءِ به هن کي وڃڻ سان چئجو ته قطب نما ذريعي توهان کي قبلي جو Exact رخ ٻڌائي.
نتسومي پوري يارهين بجي اسان جي گهر پاڻ گاڏي ڪاهي آئي ۽ ساڻس گڏ منجهند جي ماني کائي پوري ٻي بجي گهران نڪتاسين ۽ لفٽ ذريعي اٺين فلور تان لھي هيٺ آياسين. گرائونڊ فلور تي ”آئيو اما“ نالي ڪپڙن جي هڪ وڏي ڊپارٽمينٽ اسٽور جي پارڪنگ ۾ نتسومي غير قانوني طور ڪار پارڪ ڪري آئي هئي. ان پارڪنگ ۾ رڳو اهي گراهڪ ڪار پارڪ ڪري سگهن ٿا جيڪي هن دڪان ۾ خريداريءَ لاءِ اچن ۽ جنھن لاءِ هنن کي ڪلاڪ کن گاڏي بيھارڻ جي اجازت جو ڪارڊ ملي ٿو.
نتسوميءَ جي غير موجودگيءَ ۾ غلط پارڪنگ جو نوٽيس دڪان وارن هن جي ڪار شيلڊ تي چنبڙائي ڇڏيو. ان کي ڏسي مون دل ۾ سوچيو ته شروعات ئي غلط ٿي. اهو نوٽيس ڏسي نتسوميءَ جو موڊ آف ٿي ويندو ۽ سندس طبيعت ۾ هاڻ اها خوش مزاجي نه رهندي ۽ نه کيس اسان کي گهمائڻ ۾ ڪو مزو ايندو. پر لڳي ٿو ته نتسومي اهو نه رڳو Expectٿي ڪيو پر ان جو فڪر به نه هوس. A-4 سائيز جيڏي پني تي جپانيءَ ۾ لکيل ان نوٽيس جي سِٽ اڌ پڙهي، سٽ ڏئي لاهي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
”او! نتسومي! آءِ ايم ساري.“ مون چيو ! يعني تو تي هيءِ مصيبت اسان جي ڪري آئي ۽ هاڻ پوليس اسٽيشن يا ڪورٽ جي معرفت توکي هن غيرقانوني ڪم لاءِ ڏنڊ هڪ طرف ڀرڻو پوندو ته آفيس جا چڪر ٻئي طرف هڻڻا پوندا.
”مڙيئي خير آهي. جيڪي ٿيڻو هوندو وڪيل پاڻهي منھن ڏيندو.“ نتسوميءَ بنا ڪنھن پرواهه جي چيو ۽ گاڏيءَ کي زور سان Reverse ڪري پارڪنگ مان ڪڍي مين روڊ تي وٺي آئي ۽ پنھنجي ساڳي خوش مزاجيءَ جو اظھار، خبر چار پڇڻ ۽ ٻارن سان چرچا ڪرڻ ۾ ڪندي آئي.
نتسوميءَ نالي ٻڌو هوم ته گاڏي تمام تکي ٿي هلائي پر گاڏيءَ ۾ ويھي ان کان وڌيڪ محسوس ڪيم ته واقعي ان معاملي ۾ ته هوءَ جپاني بنھه نٿي لڳي. جپاني ته هر ڳالهه ۾ (ويندي ڊرائيونگ ۾ به) عورتون ته ڇا پر مرد به ايڏا تحمل ۽ صبر وارا آهن، جو رستي تي سندن حق هوندو ته به ٻئي کي پيا آفر ڪندا ته جيڪڏهن تون جلدي ۾ هجين ۽ نڪرڻ چاهين ته ڀلي پھرين تون هل ۽ هن جي ’نه‘ ڪرڻ تي ڪا دير جهڪي جهڪي ’هاءِ! دومو ارِي گاتو‘ جي تسبيح پڙهندا ويندا. پر نتسومي ته ٽئي ڏينھن، (جيڪي اسان هن جي گهر ۾ گذاريا)، هڪ کريل ٻار وانگر گاڏي داداگيريءَ سان هلائيندي رهي ۽ رستي تي Right of way ٻئي جو ٿيو ٿي ته به پاڻ پنھنجي گاڏي ڪڍي وئي ٿي. هڪ دفعي ته ساڄي پاسي واري گهٽيءَ ۾ مڙڻ لاءِ، هڪ هنڌ تي ترسي سامهون ايندڙ گاڏيءَ کي پھرين وڃڻ بدران، پاڻ فل اسپيڊ تي هن جي اڳيان ساڄي ٽرن ڪري نڪري وئي ۽ غريب ڊرائيور جو ڊپ ۾ لڳايل بريڪن جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندورهيو. هڪ دفعي اهڙي غلطي وري ورجائڻ تي مون کلندي چيومانس:
”نتسومي تو بئنڪاڪ ۽ بمبئيءَ ۾ ڊرائيونگ ته نه ڪئي آهي؟“
”نه آئون آسٽريليا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ رهي آهيان ۽ گهمڻ لاءِ ايشيا جو فقط سنگاپور ڏٺو اٿم.“ هن چيو. کيس منھنجو چرچو يا ٽوڪ سمجهه ۾ نه آيو.
”نه نتسومي! مون کي ته لڳي ٿو ته تو اتي نه ته ڪراچيءَ يا ڪولڪتا جهڙي شھر ۾ ڪار ضرور هلائي آهي.“ منھنجي ٻيو دفعو چوڻ تي هوءَ چرچو سمجهي وئي. ۽ ڪا دير کلندي رهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هن ايندڙ ڪلاڪ اڌ آرام سان ڊرائيو ڪئي ان بعد وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.
هنن ملڪن ۾ بيلٽ ٻڌي گاڏي هلائڻ ضروري آهي. نه فقط ڊرائيور لاءِ ضروري آهي پر هر ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو اڳئين سيٽ تي ويھي ٿو. گاڏي هلائڻ مھل نتسوميءَ کي ڪڏهن احسن ۽ ايمان جن ته ڪڏهن مون بيلٽ ٻڌڻ لاءِ ياد ڏياريو ٿي. آخرڪار هڪ دفعي بيلٽ ٻڌڻ جي ياد ڏيارڻ بدران چيومانس:
“Natsumi! Omawari San Wa Anatano Tomodachi Desuka.”
(نتسومي! ڇا علائقي جو پوليس آفيسر تنھنجو دوست آهي؟)
منھنجي ڳالهه جو مطلب سمجهي يڪدم کڻي بيلٽ ۾ هٿ وڌائين.
مون کي رڳو اهو هوندو هو ته هيءَ ان معاملي ۾ ايڏي بي خيالڻ آهي، ڪٿي اسان کان به وسري وڃي ۽ پوليس وارو چيڪ ڪري وجهي ته ڪيئن ٿي منھن ڏئي يا شايد ان معاملي ۾ جپان ۾ قانون نرم آهي. پر پوءِ سگهو ئي هڪ اهڙو موقعو آيو جو جيئن ئي هڪ هنڌان گاڏي موڙيائين ته سامهون ٽريفڪ پوليس تي نظر پيس. مون سمجهيو ته مٿس ڪجهه اثر نه ٿيندو پر جپان جي قانون جي ڇا ڳالهه ڪجي! عادي مجرم ئي ڊڄيو وڃن، سو نتسوميءَ به ڇرڪ ڀري يڪدم کڻي ڪار جي بيلٽ ۾ هٿ وڌو ۽ کنوڻ وانگر ڪلهي تان ورائي ڪنڍي ۾ ڦاسائي ورتو. پوليس واري وٽان لنگهڻ مھل پوليس واري ڪار جي دريءَ مان ليئو پاتو ۽ هو مطمئن نظر آيو۽ ان کان وڌيڪ پرسڪون (گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح)اسان جي نتسومي لڳي رهي هئي. يا گهٽ ۾ گهٽ هوءِ پنھنجو پاڻ کي ڪمپوز ڏيکارڻ جي ائڪٽنگ ڪرڻ لڳي، جيئن ٽريفڪ پوليس کي شڪ نه پوي ته هن هاڻ بيلٽ ٻڌو آهي.
نتسومي جي گهر پھچي اسان_ خاص ڪري مون کي ڪو Uncomfaortable محسوس نه ٿيو. هن تقريباً سڄو گهر اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. گهر ۾ وٺي اچڻ مھل ڪنڊ تي سندس دڪان ۾ بيٺل سندس مڙس تاڪايوشي ۽ سھري تونيجي سان ملياسين. بلڪ جيئن ته مون کي اڳواٽ خبر هئي سو دڪان ۾ گهڙي هنن مڙسالن سان مليس تيسين ٻار جيڪي هن گهر ۾ هتي جي جپاني ماحول ۾ اڳ ئي هريل آهن سي در وٽ بوٽ لاهي اندرين ڪمري جا چپل پائي نتسومي وارن جا رانديڪا وغيره کڻي کيڏڻ لڳا. نتسوميڪار پارڪ ڪري پنھنجي ئي دڪان تان ٻه پليٽون ٽافين ۽ چاڪليٽن جون ڀري ۽ ڊزن کن مختلف ڊرنڪ جون بوتلون ۽ دٻا کڻي اچي اسان اڳيان رکيا.
”اناتاوا مادا اينو اوڪاتي ايماسڪا“ (توهان وٽ اڃا ڪتو آهي؟) ٻارن نتسوميءَ کان پڇيو.
”نه مون تڏهن کان ئي ڪڍي ڇڏيو.“ هن ٻارن کي ٻڌايو ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ مون کي چيو: ”مڙيئي اسان به فئشن ڪيو هو. اڄڪلهه ڏسين ٿو ته جپان۾ فيشن طور ڪتو پاليو وڃي ٿو.“
”اها ڳالهه هن ڀيري جپان ۾ مون اچڻ سان نوٽ ڪئي. اڄ کان ٽيھارو سال اڳ آئون جڏهن جپان ۾ آيو هوس ته جتي ڪٿي سھڻين ٻلين کي ڏسندو هوس، پر هاڻ شايد هي يورپ ۽ آمريڪا جي فلمن ۽ ڪلچر جو اثر آهي.“
نتسوميءَ ٻڌايو ته هن ڪتو پالڻ نٿي چاهيو پر هن جي هڪ ساهيڙيءَ ڪتي پالڻ جي حڪومت کان اجازت ۽ رجسٽريشن ڪارڊ ورتو جيڪو در اصل ڪتي جي قيمت کان به مھانگو اٽڪل ڏيڍ لک يين (پنجھتر هزار رپين جو) ملي ٿو. ”هن ساهيڙيءَ جو اچتو آمريڪا وڃڻ ٿي پيو ۽ اهي رجسٽريشن ڪارڊ مون کي گفٽ طور ڏئي وئي. هاڻ ظاهر آهي هن مون تي هيڏي مھرباني ڪئي، باقي چاليھه هزار يين (ويهه هزار رپيا) کن خرچ ڪري ڪتو وٺي آيس ۽ اهڙا ويھه هزار يين ڪتي جي پٽي، ننھن لاهڻ جي نيل ڪٽر، ڪاڪوس ميڙڻ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهين وغيره تي خرچ ڪيم.“ نتسوميءَ ٻڌايو.
”پوءِ ڪتي کي ڪڍي ڇو ڇڏيئي؟“ مون پڇيومانس.
”بس بيزار ٿي پيس. منھنجي سڄي آزادي ختم ٿي وئي. جھڙي ڪتي جي نوڪرياڻِي ٿي پيس. مڙس به چوي ته دڪان تو پاران هلايان پيو باقي ڪتي جو هنگائڻ مٽائڻ مون کان نه پڄندو، پنھنجو شوق پاڻ پورو ڪر. يقين ڪريو ڪتو رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هن جي بيمارين جي بچاءَ لاءِ يا هن جي جسم جي جراثيمن کي ختم ڪرڻ لاءِ خبر ناهي ڪھڙيون ڪھڙيون مھانگيون مھانگيون سُيون، دوائون ۽ شيمپو لوشن خريد ڪرڻا پيا ٿي. ان هوندي به ڪتو رکڻ Safe ناهي. ڪتو انسان جو دوست ڇا انسان ڪتي جو ٻڌو ٻانهو نظر اچي ٿو.“
”ان ڪري ته آئون جپانين کي چوندو آهيان، خاص ڪري عورتن کي ته توهان هڪ ته قد جون ننڍيون ۽ جسم جون ڪمزور، توهان يورپي عورتن وانگر رڇن جھڙا ڪتا ڇو ٿيون پاليو، جيڪي نه ڏهڻ جا نه ڪُھڻ جا. اڃا به توهان ٻليون پاليو جيڪو توهان جو پراڻو رواج آهي...“
”اهي به وڏيون نٽڪيون ۽ نخريليون ٿي پيون آهن.“ نتسومي چيو.
”آئون ته نٿو سمجهان. دنيا اڳتي وڌي وئي آهي، جپان ته الائي ڪٿان وڃي نڪتو آهي پر اڄ به هتي جي عورت ڄڻ اتي ئي بيٺي آهي _ اها ئي پورهيت ۽ محنتي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ نٽڪي ۽ نخريلي ضرور ٿي سگهي ٿي.“ مون وراڻيو مانس.
”الطاف_ سانَ (Mr. Altaf) توهان به ڏاڍي ٻڌائي! آئون جپاني عورتن جي نه پر جپاني ٻلين جي ڳالهه پئي ڪريان، جيڪي نخريليون ٿي پيون آهي. اسين جپانين_ خاص ڪري دڪاندارن، ڪوئن کاننجات حاصل ڪرڻ لاءِ ٻليون پاليون ٿي ۽ اهي ٻليون اڄ جي خاص کاڌن Katsuo (مڇي جون چپس Bonito) ۽ مکڻ ملائين تي نه هلنديون هيون. اهي پنھنجا ماريل ڪوئا کائي پيٽ ڀرينديون هيون. اڄ جون ٻليون سامهون ايندڙ ڪوئي کي به نٿيون مارين. منھن واريو ڇڏين ياپاسو ڏيئي لنگهيو وڃن.“
نتسومي پنھنجي پٽ يوجي کي سڏي اسان وٽ ويھاريو، جيڪو ويھڻ بدران پيرن ڀر بيٺو رهيو. ڪڏهن ايئرڪنڊيشن هلائي پئي ڏنائين ته ڪڏهن وهاڻا کڻي پئي آيو ته ڪڏهن ٻارن سان ’اي_گو‘ راند پئي ڪيائين ته ڪڏهن ’شوا وگي‘ پئي کيڏيائين، جيڪي جپاني رانديون شطرنج ۽ ليوڊو وانگر ڪارڊ بورڊ (گتي جي پني) تي کيڏيون وڃن ٿيون. منجهند جي ماني کائي اچڻ ڪري مون کي ننڊ اچي رهي هئي، سو نماز پڙهي آئون اتي ئي تاتامِي (جپاني تڏي) تي پٽ تي سمهي رهيس. يوجيءَ مون کي به ڪَکن جا وهاڻا آڻي ڏنا. ساڄي پاسي واري سلائڊنگ ڀت جو ڪاغذ هڪ هنڌ ڦاٽل هو جيڪو هوا ۾ ڦڙڪيو ٿي ته پري پري تائين جبلن جون قطارون نظر آيون ٿي ۽ گهر جي چوديواريءَ اندر ڪمري جي ڀت سان لڳ پنج سؤ والن جي پلاٽ تي پوکيل چانورن جو فصل ۽ ان مٿان مختلف قسم جي جهرڪين ۽ پوپٽن کي اڏامندو ڏسي هڪ نئين دنيا محسوس ٿي ٿي. پني جي ڀتين ۽ سلائڊنگ وارن وڏن دروازن تي جيڪو ميٽوڙي رنگ جو پنو چڙهيل هو، ان تي بانس (Bamboo) جا ننڍا ٻوٽا ۽ هتي جون خاص ڪونجون (Cranes) جنھن کي جپانيءَ ۾ Tsuru سڏين اڀريل (Embossed) هيون.
نماز لاءِ مون نتسومي يا سندس پٽ Yuji کي قطب نما يا D.F (Direction Finder) آڻڻ بدرانهگاشي (اوڀر) منامي (ڏکڻ) يا ڪيٽا (اتر) وغيره هڪ طرف معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي، جو مون کي اها ڄاڻ هئي ته اتان مڪو شريف ڏکڻ اولھه واري ڪنڊ ڏي ٿئي ٿو. پر نتسوميءَ مون کي ڪو طرف ٻڌائڻ بدران سنئون سڌو قبلي جو رُخ ڏيکاريو. پاڻ ٻڌائين ته پنج سال کن اڳ جڏهن هوءَ پاڪستاني شاگرد جي Host Mother هئي ته انهن مان هڪ پنج وقت نماز پڙهندو هو. ”ان بعد مون هر ڪمري ۾ تير ٺاهي مڪي شريف جو نشان ڪري ڇڏيو آهي.“ هن ٻڌايو.
نتسوميءَ ٻڌايو ته سندس مڙس کي پيئڻ جو شوق ناهي . ”پر آئون ڊرنڪ جي عادي ٿي وئي آهيان. انهن پاڪستاني شاگردن مان هڪ نه پيئندو هو. باقي ٻيو مون کي خوب ڪمپني ڏيندو هو. بيئر هجي يا ساڪي، هو هر قسم جي شراب پي ويندو هو.“
مون مرڪندي هڪ دفعو وري چيو: ”ان ڪري ته چوان ٿو ته تون مون کي جپاني گهٽ يورپي عورت وڌيڪ لڳين ٿي.“
”او ٿئنڪ يو! ٿئنڪ يو!“ هن خوش ٿيندي منھنجي ريمارڪ تي ورندي ڏني_ جيتوڻيڪ جپانين کي هڪ صدي کن اڳ ان قسم جو ريمارڪ ڏيڻ ته توهان يورپين (يا آمريڪن) جھڙا آهيو، هنن لاءِ گار برابر هو. ڇا جاهل ڄٽ يورپي ۽ ڇا دنيا جي اعليٰ قوم (جپانين جي خيال موجب گهٽ ۾ گهٽ) جپاني_ جيڪا اوڪياناوا کان هوڪئدو تائين Homogenous قوم آهي. جا اخلاق ۽ فضيلت ۾، پوشاڪ ۽ پھرڻ ۾، دنيا جي اعليٰ قوم مڃي وڃي ٿي. افسوس جو اڄ اها جپاني قوم مغربي ڪلچر مان ڏاڍو متاثر ٿيندي وڃي. هنن لاءِ آمريڪا، آمريڪن زبان سکڻ، آمريڪن ڪلچر اپنائڻ هڪ وڏي حيثيت رکي ٿو. اڄ هو آمريڪن کي گار ڏيڻ بدران پنھنجو پاڻ کي آمريڪن جھڙو سڏائيندي (يا سمجهندي به) فخر محسوس ڪن ٿا. زنده باد آمريڪا جي فلمي دنيا، بيس بال ۽ ساڪر رانديون ۽ آمريڪن ميوزڪ، جن شين رستي آمريڪا جپان تي ائين سوڀ حاصل ڪري رهيو آهي، جيئن انڊيا پنھنجي فلمي دنيا ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي پاڪستان تي. ڏاڏي جي مرڻ جو ٻڌي ولايت ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ٻار پنھنجي پيءُ کان ٿو پڇي ”ابو! دادا کا کريا کرم کب هوگا؟“
يعني هن جي لاش مٿان ڪاٺيون رکي ڪڏهن ساڙينداسين.
بھرحال ڀت، جتان ڦاٽل پنو هو، اتان ٻاهر جو نظارو ڏسندي ڏسندي اک لڳي وئي. نتسومي رکي رکي ڪڏهن ان ڊرائينگ روم ۾ (جتي ٻار پڻ کيڏي رهيا هئا ۽ پاسي تي آئون وهاڻو رکي ڊگهو ٿي سمهي رهيو هوس) ته ڪڏهن ڀر واري ڪمري ۾، ڪڏهن ڪا شيءِ کڻڻ يا رکڻ لاءِ پئي آئي وئي پر آئون لت کوڙي ستو رهيس. منجهند جو ڪجهه دير (ڏهه منٽ ئي) سمهڻ اڄ جي عادت نه اٿم پر منھنجي همعصر سنڌين جي مون وانگر سٺ سال کن پراڻي عادت آهي، جڏهن سنڌ ۾ اسڪولن جا ٽائيم اڄ وارا نه پر صبح جو اٺ کان ساڍا يارهن ۽ وري شام جو ٽي کان پنج هوندا هئا۽ اسان سنڌين جون مائرون يا ڏاڏيون پڦيون منجهند جي ماني کارائي سمهاري ڇڏينديون هيون ۽ پوءِ ٽي بجي اٿي وري اسڪول وڃبو هو.
اڌ ڪلاڪ کن سمهڻ بعد اک کلي ته يوجي (Yuji) کي چيم ”ڊرائيونگ اچئي ٿي؟“
”نه انڪل، آئون ته پندرهن سالن جو هاڻ ٿيو آهيان. جپان ۾ سرڪاري طرح بالغ ٿيڻ جي عمر ويھه سال آهي. ان بعد هو ڊرائيونگ ڪري سگهي ٿو. ڪجهه کپي ته امان کي چوان؟“ هن پڇيو.
ايندي وقت هڪ هنڌ ميدان تي ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد ٽيبل تي يا پٽ تي گهر جو مختلف سامان : ڪپڙا، جوراب، رانديڪن کان وٺي اليڪٽرڪ جو سامان ۽ ٿانو ٿپا وڪڻي رهيا هئا، جيئن يورپ پاسي پيني مارڪيٽ لڳندي آهي يا اسڪينڊينويا جي ملڪن ۾ Lopis (سئيڊش لفظ جنھن جي معنيٰ Low Price _سستي)مارڪيٽ لڳندي آهي، جتي نه فقط اسان جھڙن ڌارين ماڻهن کي پر مڪاني ماڻهن کي به شيون سستيون خريد ڪري خوشي ٿئي ٿي. شيءِ جو مالڪ موجود هوندو آهي، اها شيءِ هن جي ضرورت جي نه هوندي آهي( تڏهن ته نيڪال ڪرڻ لاءِ کڻي آيو آهي) ۽ وڪڻڻ لاءِ هن لاءِ وري ٻيو ڏينھن نه اچي سگهندوآهي. جي ايندو ته به هفتي بعد ڪٿي ته مھيني بعد. ان ڪري هن سان اگهه تي بحث ڪري قيمت به گهٽرائي سگهجي ٿي.
نتسوميءَ ان مارڪيٽ ڏي اشارو ڪري ٻڌايو هو ته اها ’فري مارڪيٽ‘ آهي ۽ هنن جي ڳوٺ ۾ اها هر مھيني هڪ دفعو لڳندي آهي ۽ هاڻ جڏهن منجهند جي ننڊ ڪري فريش ٿي ويس ۽ ٻاهر اُس ۾ گرمي بدران ڪڪر جهڙ ڪريو بيٺا هئا ته ان ميدان تي وڃي ان مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ ڪو خراب نه هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙين مارڪيٽن ۾ ڪي چريون امير مايون واهه جا Souvenior ۽ شيون آڻين ٿيون جن جي Worthجي کين به خبر نٿي پوي ۽ نه هنن کي پئسي ڪمائڻ جي ٿئي ٿي. اوڻي پوڻي ۾ شيون نيڪال ڪريو وڃن. پنھنجي ڪمري جو ڪٻٽ خالي ڪرڻ ۾ هنن جي خوشي سمايل هوندي آهي جيئن هو وري ٻئي سامان سان ان ڪٻٽ کي ڀري سگهن.
”يوجي! فري مارڪيٽو نِي اِي ڪو اُو.“ مون يوجي کي مارڪيٽ ۾ هلڻ لاءِ چيو، هن ڪچن مان ڦري دڪان تي ويٺل ماڻس کي چئي مون کي اچي ٻڌايو ته سندس ماءُ چوي ٿي ته بس اڌ ڪلاڪ بعد چڪر تي نڪرون ٿا.
”چڱو يوجي، تيسين پنا کڻ ۽ مون کي Origami جو ڪو سبق ڏي.“ مون چيو ۽ يوجي رنگين گلن وارن پنن جو پاڪيٽ کڻي پٿل ماري منھنجي اڳيان اچي ويٺو. هڪ چورس پنو پنھنجي اڳيان رکيو ۽ هڪ منھنجي اڳيان. ”انڪل ڇا ٺاهيان؟“ يوجيءَ پڇيو.
اوريگامي_ پني مان مختلف شيون ٺاهڻ، جپان جو هڪ پراڻو آرٽ آهي. چورس پني مان اسان به ننڍي هوندي ٻيڙيون، ٽوپي، ڏينھن رات ۽ ٻه ٽي شيون ٺاهيندا هئاسين پر جيتريون شيون جپاني ٺاهين ٿا، ان جو ڪو جواب ناهي. جپاني Origami تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيل آهن. ڪا ڏکي شيءِ ٺاهڻ يا سکڻ جو نه هينئر وقت هو ۽ نه عمر، پر جپاني ڪونج جنھن کي انگريزيءَ ۾ Crane ۽ جپانيءَ ۾ تسورو (Tsuru) سڏجي ٿو، اها اهڙي شيءِ آهي جيڪا جيترو آسان آهي اوترو سھڻي پڻ لڳي ٿي. ڪن خاص ڏينھن تي جپاني پنھنجي سُکا پوري ٿيڻ تي پني جون اهڙيون هڪ هزار تسوروئون ٺاهي اچي مندر ۾ رکندا آهن.
پني جي ڪا به شيءِ Origami سکڻ لاءِ بھترين طريقو آهي ته سيکارڻ وارو جيئن جيئن ٺاهيندو وڃي تيئن تيئن ان کي فالو ڪندو وڃجي ۽ پنھنجي پني مان ٺاهيندو وڃجي. ان بعد هڪ ٻه دفعا پاڻهي پرئڪٽس ڪجي. ان پرئڪٽس ۾ مون يوجي جا ڪيترائي رنگين خوبصورت پنا ضايع ڪيا.
”تنھنجي پنن جو مون چڱو خانو خراب ڪيو آهي. هاڻ يوجي ڪا اخبار کڻي اچ يا اڇا پنا ته ان جا چورس ٽڪرا ٺاهي ڪونجون ٺاهيون.“ مون يوجي کي چيو.
”توهان فڪر نه ڪريو. اوري گامي لاءِ اسان وٽ پنا کوڙ.“ هن چيو ۽ مون مرڪي سندس وڌيڪ پنا ضايع ڪرڻ شروع ڪيا. دل ۾ چيم ڳالهه سؤ سيڪڙو صحيح ٿو ڪرين. غريب کان غريب جپانيءَ وٽ به صفائي لاءِ ٽائليٽ پني جا رول ۽ ڊرائينگ روم ۾ اوريگامي لاءِ چورس پنن جا رنگين پاڪيٽ ضرور ملندا.
ٿوري ديربعد نتسومي مينھن واچ هڪ ڪندي آئي. ”هلو ته توهان کي چڪر ڏياري اچان.“
”نتسومي ڪجهه دير لاءِ فري مارڪيٽ به هلجانءِ.“ مون چيومانس.
”جي ها. اوڏانھن به هلون ٿا.“ هن وراڻيو ۽ اسان بوٽ پائي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺاسين. نتسومي هڪ دفعو وري اڇل مان گاڏي Reverse ڪري پنھنجي گهر جي گئراج مان ڪڍي پنھنجي گهٽيءَ وارو رستو پار ڪري مين روڊ تي وٺي آئي.
”هادي حفظ ۾ رکيج.“ گاڏي هلائڻ واري هوءِ هئي پر جيارڻ واري (رب) کي پنھنجي حفاظت لاءِ دل ئي دل ۾ ٻاڏائڻ جو حق ته اسان مسافرن کي به هو. هوءِ هاءِ وي تان ڪجهه دير هلي پوءِ ننڍن رستن ۽ پوءِ گهٽين ۾ آئي ۽ هڪ قبرستان وٽان ٿيندي، ڪنھن مندر وٽ اچي گاڏيءَ کي پارڪ ڪيو.
جيئن هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته جپان ۾ ٻه ڌرم مشھور آهن_ بلڪ عام آهن: ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم. هي شنتو ڌرم جو مندر هو جنھن جي اڳيان وڏو دلي دروازو ٽوري (Torii) ٺھيل هو. مندر اندر گوتم ٻڌ جي ڪا به ننڍي يا وڏي مورتي نه هئي جيڪا ٻڌ ڌرم جي مندرن جي عام نشاني ٿئيٿي.
مندر تمام پراڻو هو. فقط پراڻو چوڻ ته صحيح نه هو. اهو تمام گهڻو جهونو مندر هو ۽ ان جهوني مندر جي ٻن پاسن کان هن کي وڏو ڪرڻ جي رسم افتتاح ٿي رهي هئي. پلنٿ تائين RCC جو ڪم هو، ان مٿان چورس لسي ۽ اوچي ڪاٺ جون ڪامون رکيل هيون. چوڌاري ٿنڀا ۽ ڇت جون ڪامون پڻ اوچي ۽ ٿلهي ڪاٺ جا هئا. انهن تي مختلف وٽيل رسا، رسيون ۽ اڳڙين جون ٽڪريون ڦڙڪي رهيون هيون. هن علائقي جا عام ماڻهو (عورتون ۽ مرد) ٻين لفظن ۾ ڪت خلق، پراڻي مندر وٽ ٺھيل اسٽيج جي هيٺان انتظار ڪري رهيا هئا ۽ شھر جا معزز ماڻهو سوٽن ڪوٽن ۾، مندر ٺاهڻ وارا انجنيئر، فورمين ۽ اهم واڍا، رازا ۽ مستري پنھنجي ڪم جي نئين ڊريس (مٿي تي لوهي ٽوپلو ۽ ڪنڌ تي ننڍو ٽوال) ۾ مندر جي هڪ نئين ٺھندڙ وڏي هال ۾ ڪرسين تي ويٺا هئا. ٽي ٻاوا گلن جي ڪونڊين ۽ ديوتائن لاءِ رکيل ميوي اڳيان بيھي ڪجهه عجيب جپاني زبان ۾ (شايد سنسڪرت يا ڪنھن ٻي جهوني مذهبي زبان ۾) واري واري تي ڪجهه سترائون پڙهي، پنھنجي چوڌاري ٻڌل اڇي پَڙي (Skirt) جي اڳٺ ۾ ڦاٿل ڪاٺ جي خنجر کي ڪڍي هيڏانھن هوڏانھن الاريندا رهيا، جيڪو پڪ هنن جي حساب موجب خراب روحن يعني شيطانن کي ڀڄائڻ جو طريقو هو. ان بعد چار پنج جوان مزور وڏا مترڪا (جن کي اسان جھازي Gunسڏيون) کڻي ڪاٺ جي ٿنڀن تي لڳل وڏن ڪِلن تي پير رکي ڇت تي چڙهي ويا. ڇت ته اڃا نه هئي پر ڪاٺ جون سڌيون ۽ ڪنڊائتيون ڪامون هيون، جن تي چڙهي چوڌاري ڪنڊن تي ٿي بيٺا. وڏي ٻائي جنھن جي لوهي ڄاري واري ٽوپيءَ جي پويان پڇ هو، ان هاڻ ڪتاب کڻي ڪجهه سٽون جيئن ئي پڙهي مٿي هٿ سان اشارو ڪيو ٿي ته اتي موجود مزور لوهي مترڪو کڻي هڪ عجيب رڙ سان گڏ ڪام ۾ ٺڪاءُ ڪيو ٿي. نتسوميءَ منھنجي ويجهو اچي ڪن ۾ ڦسڪو ڪيو:
”هي ٻائو هاڻ هتي جي اوس پاس جا شيطان ڀڄائي رهيو آهي.“
”وڪاتا“ (سمجهيم). وراڻيومانس.
ان ڊگهي رسم بعد اسان سڀني آيلن کي مندر ڏي (يعني پراڻي پھرين ننڍي مندر وٽ) هلڻ لاءِ چيو ويو جتي اسٽيج ٺھيل هئي. نتسوميءَ چيو ته هاڻ موجوده ٽي ٻاوا، رٽائرڊ ٻاوا ۽ هڪ ٻه معزز شھري جن مندر جي Extention لاءِ خرچ برداشت ڪيو آهي، هن اسٽيج تي بيھي ڪيڪ ورهائيندا.
مون چوڌاري ڏٺو ته گڏ ٿيل ٻه سؤ ماڻهن (مرد، عورتن ۽ ٻارن) مان ڪيترن جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جون وڏيون ٿيلهيون هيون جيڪي هو ڪيڪن سان ڀرڻ لاءِ کڻي آيا هئا. هر هڪ اسان ڏي پئي ڏٺو ۽ جنھن سان به اسان مرڪي انگريزيءَ ۾ هيلو يا جپانيءَ ۾ ڪونچيوا چئي کيڪاريو ٿي ته هن وڏي حب سان آڌرڀاءُ ڪيو ٿي. لڳو ٿي ته هن پاسي ڪنھن غير جپانيءَ جو ورلي ڪو اچڻ ٿيو آهي، ويتر احسن ۽ ايمان کي لس (Fluent)جپاني ڳالهائيندو ٻڌي هنن کي حيرت ٿي رهي هئي. هو هنن کان خبرون چارون پڇڻ لڳا. خاص ڪري پوڙهيون عورتون.
ايتري ۾ منتر پڙهڻ وارا ٻاوا ۽ ٻيا اهم ماڻهو اسٽيج تي پھچي ويا ۽ پوءِ وڏن ٿيلهن مان نان ختائين جيڏا پيٺل چانورن جا ڪيڪ اڇلڻ لڳا. هر ٿيلهيءَ ۾ ٻه اڇي رنگ جا ڪيڪ هئا. ڪنھن ڪنھن ٿيلهيءَ ۾ هڪ گلابي رنگ جو ڪيڪ پڻ هو. اسان جي ڀر ۾ بيٺل هڪ ڪميڪو نالي چاليھه ورهيه کن جي عورت جيڪا شڪل ۾ جپاني نٿي لڳي، يعني سندس چھرو جپانين وانگر گول هجڻ بدران پاڪستانين جھڙو ڊگهو هو، تنھن ٻڌايو ته انهن ڪيڪن ٺاهڻ لاءِ چانورن کي اکري مھريءَ ۾ سڄو ڏينھن ويھي ڪٽٻو آهي، ان ڪري اهي تمام گهڻو لذيذ ٿين ٿا پر ان کان وڌيڪ هنن جي ڌرمي اهميت آهي ۽ اسان ان لاءِ هي گڏ ڪرڻ آيا آهيون جو جيڪو هي ڪيڪ کائيندو، ان تي ڪڏهن به ڀوت پريت جو اثر نه ٿيندو ۽ جنھن کي مندر طرفان اڇليل سڪا نصيب ٿيندا، ان کي سڄي عمر ڌن دولت حاصل ٿيندي.
اسٽيج تي بيٺل ٻاوا ڪيڪن جا ٻڪ ڀري اڇلائيندا ويا. انهن جي وچ ۾ پنج پنج يين جا سڪا به هئا. ڪنھن کي ڏهه ڪنھن کي ٻارهن کن ڪيڪ جهٽڻ ۾ مليا. ڪميڪو جو قد ننڍڙو هجڻ ڪري ٻه ٽي مس ڪي جهٽي سگهي ۽ مون سندس ڪيڪن جو انگ وڌائڻ لاءِ پنھنجن مان ٽي چار ڪيڪ ۽ پنج پنج يين جا چار کن سڪا (جن جي جملي قيمت ڏهه رپيا مس ٿي) کيس ڏنا، جنھن لاءِ هوءَ ڪا دير مھرباني چوندي رهي. بعد ۾ گهر پھچي پنھنجا ڪيڪ ڳڻياسين ته اسان جا چاليھه کن ٿيا. جن مان ويھه نتسوميءَ رکيا ۽ ويھه اسان کي ڏنائين. مون هڪ کائي ڏٺو بلڪل ڦڪو هو. ڪجهه ڪجهه ڪچي اٽي ۽ صابڻ جھڙو سواد هو. دل ۾ چيم اجايو ڀولڙن وانگر ٽپ ڏئي اهي پئي جهٽياسين ۽ جي سواد جي اڳواٽ خبر هجي ها ته اتي ئي ڀر ۾ بيٺل ان ڪميڪو کي ڏئي ڇڏجن ها، جيڪا ڪپڙن ۽ افعالن مان ته بنھه ڳوٺاڻي پئي لڳي، پر هلڻ مھل عام ڌاڳي ۾ ٻڌل موبائل فون ۽ ڪار جي چاٻي کڻي ڪار پارڪنگ ۾ پھتي ته سڀني ۾ اوچي ڪار نئين ماڊل جي بلو رنگ جي امپورٽيڊ مرسڊيز هن جي هئي. ڪميڪو ڪار ۾ ويھي پني تي پنھنجو نالو ۽ نمبر لکي اهو پنو مون کي ڏنو (آئون پنھنجو ڪارڊ کيس اڳواٽ ڏئي چڪو هوس)، ٻارن کي چاڪليٽ ڏنا ۽ نتسوميءَ کي پنھنجو گهر سمجهايو، جيڪو نتسوميءَ ٻڌايو ته سندس گهر کان ڏهن منٽن جي ڊرائيو تي آهي. “وقت مليو ته سڀاڻ يا پرينءَ هن وٽ سڀ هلنداسين جو هن پاڻ سڀني کي گهر گهرايو آهي.” نتسوميءَ ٻڌايو.
نتسوميءَ جي گهر ٽي ڏينھن رهڻ دوران سڄو ڏينھن رلڻ پنڻ ڪري اسان کي نه فرصت ملي ۽ نه همت ٿي سگهي جو کڻي ڪميڪو وٽ وڃي سگهجي، جيتوڻيڪ مون کي رکي رکي تجسس ٿيندو رهيو ٿي ته هن سان ملي خبر چار وٺجي ته هوءَ اصل ڪھڙي جپاني شھر جي آهي ۽ ڪھڙي نوڪري ٿي ڪري. ان ڪيڪ وٺڻ مھل ته فقط مندر ۽ ڪيڪن جون خبرون ڪندا رهياسين. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ مھيني نتسومي وٽ وري وڃڻ وقت ڪميڪو سان پڻ ملي سگهجي، جيڪا پڻ طبيعت ۾ نتسومي وانگر جپانين کان نرالي لڳي ٿي.
چانورن جا اهي گول صابڻ جھڙي شڪل ۽ سواد جا ڪيڪ جڏهن ٻن ڏينھن بعد گهر کڻي آياسين ته منھنجي ڌيءُ جيجل ٻڌايو ته پڪوڙن ۽ بجين وانگر اهي ڪيڪ هتي جي Delicacy آهن ۽ هڪ دفعو ٽيسٽ ڊيولپ ٿيڻ بعد وڻڻ لڳن ٿا ۽ هي جيئن ته مندر مان ملڻ ڪري جپانين لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا سو پاڙي وارن کي ڏيڻ سان خوش ٿيندا. احسن ۽ ايمان نه ڏيڻ لاءِ دانھون ڪندا رهيا جو هنن کي به وڻيا ٿي پر پوءِ انهن لاءِ ٻه ٽي ڪڍي باقي ڪيڪ اسان واري اٺين ماڙ ۽ هيٺين ستين ماڙ تي سڀني سڃاڻين جپاني فئملين کي موڪلي ڏناسين ۽ واقعي هنن جي خوشِيءَ جي انتھا نه رهي. هڪ ٻه فئمليون ته ان جي بدلي ۾ ٻئي ڏينھن اوچين بيڪرين جا ڪيڪ ۽ بسڪيٽ ڏئي ويون. پر افسوس جو اهي اسان جي کائڻ جا نه هئا. جپان ۾ ڪيتريون ئي مسلم آرگنائزيشنون آهن، جيڪي جپانين جي کاڌي پيتي جي هر شيءِ تي نظر رکن ٿيون ۽ پوءِ جپان ۾رهندڙ مسلمانن کي وقت بوقت اطلاع ڪنديون رهن ٿيون ته انهن مان اسان ڪھڙيون شيون کائي سگهون ٿا ۽ ڪھڙيون نه _ جن ۾ پورڪ (سوئر جو گوشت) يا Lard (چرٻي) مليل آهي. پوءِ اهڙيون مليل شيون وري ڪنھن جپاني فئملي کي گفٽ ڪرڻيو پون.
هونءَ به جپاني ڪلچر توڙي ادب ۾ چانور (ڀت) هڪ اهم شيءِ آهي، بلڪ صدين کان ’چانور‘ جپانين جي زندگيءَ جو جياپو رهيو آهي. لوڪ ڪھاڻيون هجن يا ميلاملاکڙا، خانداني ريتون رسمون هجن يا Status Symbol هر جڳھه تي، هر ڳالهه ۾، چانور مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. ان بابت تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪنھن ٻئي هنڌ ڪنداسين.
هونءَ ڪيتريون جپاني فئمليون (نتسومي سميت) سمجهن ٿيون ته اسان لاءِ ڇا حلال آهي ڇا حرام. ان ڪري نتسومي اسان لاءِ ڊبل روٽي به ڳولي ڳولي اها وٺي ايندي آهي جيڪا نج حلال هجي. سوئر جي چرٻيءَ واري مَکَ واريون ڊبل روٽيون ته جتي ڪٿي عام طرح ملن ٿيون ۽ سستيون پڻ آهن پر اسان کي صحيح قسم جي روٽين ۽ ڪيڪ پيسٽرين خريد ڪرڻ لاءِ ڪافي دڪان ڏسڻا پون ٿا.
مندر مان نڪرڻ بعد سڌو فري مارڪيٽ ۾ آياسين، جيڪا هڪ اسڪول جي گرائونڊ ۾ لڳل هئي. گهڻي ڀاڱي جپاني عورتون ۽ ڪجهه مرد گهر جو مختلف سامان وڪڻڻ لاءِ رکيو ويٺا هئا. ڪجهه ڪجهه سامان خاص ڪري جپاني ٿانوَ ۽ ٻارن جون ڪرسيون ٽيبل ۽ اسڪول جون بئگون ۽ وڏا رانديڪا تمام سستا پئي وڪيائون پر انهن کي پاڪستان کڻي وڃڻ لاءِ پاڻِيءَ جو جھاز ئي کپي. هوائي جھاز ۾ جيڪو ويھه ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت هوندي آهي ان ۾ پنھنجي پائڻ جا ڪپڙا ۽ ڪجهه ڪتاب وجهه ته پورا ٿيو وڃن. ٽيپ رڪارڊر، ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ فئڪس مشين به ڦلن مٺ ۾ وڪڻي رهيون هيون ۽ اڃا قيمت گهٽائڻ جي موڊ ۾ لڳيون ٿي. منھنجي دلچسپي فقط واڪ مئن ٽائيپ (پاڻ سان کڻي ٻڌڻ واري) CD پليئر ۾ هئي پر اهو ڪنھن وٽ به نه هو.
شام جا ڇھه ٿي چڪا هئا. نتسوميءَ چيو ته هلو ته گهر هلي ڪلاڪ کن آرام ڪري ڊنر کائون ۽ پوءِ ساڳيا رستا وٺي نتسومي موت جي کوهه ۾ گاڏي هلائيندي اچي پنھنجي گهران ڪڍيو.
نتسوميءَ جو گهر شھر جي گوڙ گهمسان کان نه رڳو پري هو پر ڪافي جهونو هو. اهو هر خيال کان جپاني گهر هو. ننڍڙي ڇت وارا ننڍڙا ڪمرا، دفتريءَ جا سنهڙا سلائيڊنگ دروازا، پٽ تي تونئريون وڇايل، ٽي وي ڪمپيوٽر کان وٺي شين سان ڀريل فرج، VCR _ هر سک ۽ سھولت جي شيءِ موجود هئي، پر هر شيءِ Dump ۽ بي ترتيب نموني سان هڪ ٻئي مٿان سٿيل هئي.
جپاني عورتون هر شيءِ سليقي سانرکڻ ۽ هر وقت ڇنڊ ڦوڪ رکڻ کان مشھور آهن، پر اها صفائي سٿرائي رکڻ وارن مان نتسومي نه هئي۽ هجي به ڪيئن؟ سڄو ڏينھن ته هن جو ڊوڙ ڊڪ، گاڏي هلائڻ ۽ دڪان جون ختم ٿي ويل شيون آڻڻ ۾گذري ٿو. گهر کي وقت ڌوڙ ڏئي!
ٿوري دير بعد ڏسون ته نتسومي مانيءِ لاءِ ٽيبل لڳائي ۽ ڪٻٽ مان پليٽون ۽ ٻارن لاءِ ۽ پنھنجي گهر جي ڀاتين لاءِ چاپ اسٽڪس ۽ مون لاءِ ڪانٽو چمچو پئي رکي. دل ۾ چيم ته نتسومي ٻاهر جي ڪمن جي ڀڙ ضرور آهي پر گهر جي ڪمن جي ناهي پر منٽن ۾ ماني تيار ڪري هن ڪمال ڪري ڇڏيو. پر پاڻ ۽ سندس مڙس ۽ سھرو مانيءَ تي اسان سان گڏ نه وهي ته سٺو ڇو جو توڙي کڻي هنن مون کي چمچوڪانٽو ڏنو آهي پر نوڊلز يا اسپاگهيٽي جھڙي شيءِ هنن اڳيان کائڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان کي مانيءَ لاءِ سڏ ڪيائين۽ اسان ننڍڙين ٽنگن (هڪ فٽ کن مٿاهين) ٽيبل جي چوڌاري وڇايل گاديلن تي اچي ويٺاسين. سامهون ڪِچن جو ڪجهه حصو نظر اچي رهيو هو جتي نتسوميءَ جو مڙس ۽ سھرو برياني ۽ ڪڙهائي گوشت کائي رهيا هئا جيڪو نتسومي منجهند جي ماني اسان جي گهر کائڻ بعد هنن لاءِ ديڳڙي ۾ کڻي آئيهئي. ’تنھن جي معنيٰ ته اهي اسان سان گڏ نه ويھندا.‘ مون سوچيو ۽ پوءِ اسان لاءِ مانيءَ جا پئڪ ٿيل ٻه دٻا کڻي آئي ۽ انهن مان مختلف شيون ڪڍي ٽيبل تي سجائڻ لڳي. يعني ماني هن پاڻ نه پچائي هئي، پر پئسا ڏئي هوٽل تان گهرائي هئي.
”بلڪل بي فڪر ٿي کائو. هن ۾ ڪا به اهڙي اعتراض جوڳي شيءِ ناهي. فڪوئوڪا مان مصريعرب جي هوٽل تان آرڊر تي گهرائي اٿم.“ نتسوميءَ اسان کي ۽ پنھنجي پٽ يوجي کي کائڻ لاءِ چيو. ڀت ۽ بن هئا ۽ ٻيون مختلف قسم جون فراءِ ٿيل مڇيون، گانگٽ، Squid مڇي ۽ آڪٽوپس مڇيءَ جا ٽڪرا هئا. ان کان علاوه اوٻاريل بيضا، پٽئٽو چپس ۽ سلاد هو.
فڪوئوڪا شھر جيڪو هتان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي ٿيندو، اتي مصري عرب جي ريسٽورنٽ ڪافي پراڻي ۽ مشھور آهي. هتي رهندڙ هڪ انڊونيشيمسلمان ٻڌايو ته هن مصريءَ پھرين کاڌي پيتي جي هوٽل کولي. هونءَ جپاني گهر کان ٻاهر کائڻ ۽ هوٽلنگ پٺيان پئسو وڃائڻ جا شوقين آهن. ان ڪري ڪا غير جپاني هوٽل کلي ٿي ته اها به هلي ٿي، خاص ڪري انڊين هوٽلون. ٽوڪيو پاسي ته ڪيتريون ئي انڊين هوٽلون آهن، ويندي پاڪستانين جون کوليل هوٽلون به انڊين هوٽلون يان انڊين فوڊ شاپ سڏجن ٿا پر هتي هن شھر ڪَوڪُورا ۾ به چڱيون خاصيون سچيون ڪوڙيون انڊين هوٽلون آهن، جھڙو نانڪ، جالان جالان... وغيره وغيره. سچيون ڪوڙيون ان ڪري جو ڪي هوٽلون جيئن ته مٿي جالان جالان انڊين هوٽل نه آهي پر جپانين جي پڇڻ تي ان هوٽل وارا ڪڏهن چون ته انڊين آهي، ڪڏهن انڊونيشي يا ملائيشين آهي. ‘جالان جالان’ ملئي نالو آهي ۽ ان چڪر ۾ هتي ايندڙ امير ملئي به بيوقوف بڻجي هن هوٽل ۾ ايندا آهن ۽ ڪن کي وري ٻڌائين ته چين، هانگ ڪانگ جي کاڌن جي آهي. هوٽل ٻاهران هڪ جپاني ڇوڪريءَ کي روايتي چيني لباس پارائي شام جي وقت بيھاري ڇڏيندا آهن ته لنگهندڙن کي هوٽل ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪري. هن هوٽل جي ٻاهران هندن جي هاٿيءَ واري گنيش ڀڳوان جي مورتي ڏسي هڪ رات آئون به بس مان اتي لھي هن هوٽل بابت معلوم ڪرڻ لاءِ آيس. پھرين چيائون انڊين آهي.
”پر نالو ته ملئي رکيو اٿانوَ؟“ مون چيومان. بھرحال هو به مُنجهي پيا ۽ ٻڌايائون ته اها گنيش جي مورتي کين اڌ قيمت تي ملي وئي، سو کڻي اچي هن هوٽل جي در ٻاهران پٽ تي رکي اٿن، جيئن انڊين هوٽلن جو شوقين هن کي انڊين هوٽل سمجهي هليو اچي.
بھرحال اسان مصري عرب جي ڳالهه پئيڪئي جنھن پھرين کاڌي پيتي جي هوٽل کولي پر هلي نه سگهيس. مسلمان سو ضرور ايندا هئا، پر هن شھر ۾ مسلماننجو تعداد ئي ڇا آهي ۽ هو ايترو نٿا خرچ ڪن جيترو جپاني، آمريڪن۽ يورپي.
”پوءِ ڇو نه هلي سگهيس؟“ مون حيرت مان هن انڊونيشي همراهه کان پڇيو.
”ان ڪري جو جپان ۾ ڪابه هوٽل بيئر ۽ ساڪي (شراب) رکڻ بنا هلي نه سگهندي. هوٽل ۾ ماني کائڻ جو عيش ڪرڻ وارو جپاني شراب به پيئڻ چاهي ٿو.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ ڇا ڪيائين؟ شراب رکيائين يا هوٽل بند ڪيائين؟“ مون پڇيومانس.
” نه شراب رکيائين ۽ نه دڪان بند ڪيائين. ريسٽورنٽ ۾ ماني هلائڻ بدران او_ بينتو (لنچ باڪس) ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيائين ۽ هاڻ هن وٽ هر وقت رش رهي ٿي.“ هن ٻڌايو. سو نتسوميءَ به اسان لاءِ ان مصري عرب جي هوٽل (دڪان) کان پئڪ ٿيل کاڌي جا گول ڪاٺ جا دٻا گهرايا هئا.
اسان کائڻ شروع ڪيو ته هن پنھنجي مڙس تاڪايوشي ۽ سھري تونيجي کي سڏ ڪيو، جيڪي ماني ختم ٿيڻ مھل اسان جي سامهون پٿل ماري کائڻ لاءِ ذرو پرزو ڪڍي اسان کي ساٿ ڏيڻ لاءِ ويٺا ۽ ساڻن هاڻ پھريون دفعو خبرون چارون ٿيون. تاڪايوشي_نتسوميءَ جي مڙس ٻڌايو ته هن ٽوڪيو جي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشنڪئي آهي۽ هاڻ پنھنجي ذاتي بزنيس کي ڏسي. تونيجيءَ مختلف سرڪاري نوڪريون ڪيون. پاڻ پنجھتر سالن جو ٿيندو. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪِريو هو ته ان وقت هو ڀر واري پريفيڪچر (ضلعي) ياماگچيءَ ۾ پڙهي رهيو هو ۽ يوجي جيڏو (پندرهن کن سالن جو هو). کيس ميوزڪ ٻڌڻ ۽ شعر و شاعريءَ جو شوق آهي.
”اڄڪلهه ڪنھن جا گانا ٽاپ تي آهن؟“ مون ’يوجي‘ جي ڏاڏي تونيجي کان پڇيو.
”توهان کي ميوزڪ وڻي؟“ هن مون کان پڇيو.
”ها. ٽي وي به وڻي پر ٽي وي ڏسڻ مھل ٻيو ڪو ڪم ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري گانا ٻڌڻ جو شوق اٿم. ڌارين زبانن ۾ توهان جا جپاني گانا ۽ ملئي گهڻو وڻن ٿا.“
”اهو ڪيئن ڀلا؟“ هنن حيرت مان پڇيو.
”شايد ٻڌي ٻڌي ياڪجهه سمجهڻ ڪري ڪنن کي ڀلا لڳن ٿا.“
”توهان جي دلپسند جپاني ڳائڻي ڪير آهي؟“ يوجيءَ مونکان پڇيو.
”تون به ڪمال ٿو ڪرين. تنھنجي عمر 15 سال آهي۽ آئون 22_23 سالن بعد جپان ۾ آيو آهيان. منهنجي ڪا فئوريٽ ڳائڻي هوندي ته به ان کي هينئر تون ڪيئن ٿو سڃاڻي سگهين؟ هوءَ ته ڳائڻ کان ڪڏهنڪو رٽائرڊ ٿي ڏاڏي ناني ٿي وئي هوندي.“
”تڏهن به...؟“
”هڪ ته ناڪا موري اڪينا (Nakamori Akina) جا گانا وڻندا هيم ۽ هينئر به سوچيو اٿم ته ان جا ڪئسٽ وٺي ويندس ۽ ٻي ڪا هيرومي نالي هئي. هينئر ٻيون ياد نه اٿم. ڪئسٽن واري جي دڪان تي چڙهي ان کان پراڻن گانن جو پڇندس.“ مون ٻڌايومان ۽ منھنجي ان ڳالهه تي هو حيرت کائڻ لڳا ته آئون سندن ئي ملڪ ۽ ماڻهن جي هڪ ويجهڙائيءَ ۾ گذري ويل دور جون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان. هنن کلندي ٻڌايو ته ناڪاموري اڃا به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهي. يعني جپاني فلم انڊسٽريءَ انڊيا وانگر ترقي ڪئي ته هوءَ لتا منگيشڪر به ٿي سگهي ٿي يا جپان ۽ ڪوريا جي هفتو ٻه جنگ لڳي ته ”ڪرنيل ني جرنيل ني“ جھڙا گانا ڳائي نورجھان وانگر ايوارڊ به حاصل ڪري سگهي ٿي. اهو منھنجو پنھنجو هڪ واٽھڙو خيال آهي. جپان ڪو ڪراچي ٽيليويزن يا ريڊيو پاڪستانحيدر آباد ناهي جو گهمائي ڦيرائي فقط اڍائي آرٽسٽن کي پيش ڪيو وڃي. منھنجي دلپسند_بلڪ جڳ جي فئوريٽ ناڪاموريءَ جھڙيون هتي سوين ڳائڻيون آهن، جو هتي هر سٺي آرٽسٽ کي ڳولي وارو ڏنو وڃي ٿو ۽ هن جي Talent کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو.
نتسومي ۽ سندس مڙس تڪايوشي ٻڌايو ته اڄڪلهه اِشي ڪاوا سايوري تمام ٽاپ تي آهي ۽ Ishikawa Sayori کان علاوه اڄڪلهه ٻيون مشھور ڳائڻيون آهن: ياما گچي موموئي، متسودا سيڪو، هماساڪي آيومي وغيره.
ياما گچي موموئي ته اسي واري ڏهاڪي کان مشھورر آهي ۽ سندس هڪ ائڪٽر مِيورا توموڪازو (Miura Tomokazu) سان شادي ايڏي مشھور ۽ ماڻهن لاءِ خوشيءَ جو باعث بڻي هئي جيئن شھزادي چارلس ۽ ڊائنا جي شادي. فلمي دنيا جو هي جوڙو_ يعني موموئي ۽ توموڪازو جپاني زبان ۾ Goruden Combi سڏبو هو، يعني انگريزي وارو Golden Combination .
موموئي شڪل جي سھڻي هڪ طرف هئي ته سٺي ڳائڻي ۽ ائڪٽريس ٻئي طرف. توموڪازو به اوترو ئي سھڻو هيرو هو. کيس پڻ سٺي ائڪٽنگ آئي ٿي، جيتوڻيڪ منجهس ٻيون قابليتون ڪي اتم درجي جون نه هيون. جوڙي جڏهن شاديءَ جو اوچتو اعلان ڪيو ته سڄي جپان ۾ ديوانگيءَ جي حد تائين خوشيءَ جي لھر ڇانئجي وئي هئي. انهن ڏينھن ۾ اهو ڪو ڏينھن خالي نه هو جو هنن بابت ٽي وي ۽ اخبارن ۾ خبرون، انٽرويو۽ فوٽو نٿي آيا. جپان ۾ هيءَ شادي صحيح معنيٰ ۾ عوام جي دلين جو ڌڙڪو هئي، جنھن لاءِ انگريزيءَ ۾ Royal Bubble-Gum Wedding چيو ويندو آهي.
ياماگچي موموئيءَ جو مون هتي ڪجهه تفصيل سان ذڪر ان ڪري شروع ڪيو جو شاديءَ بعد موموئي فلم انڊسٽريءَ مان يڪدم رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن ان لاءِ اهو سبب ڏنو ته ”آئون هاڻ پنھنجي مڙس توموڪازو جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي.“ اها ڳالهه ڪري هن پنھنجي پرستارن اڳيان پنھنجي عظمت جو قد ڪاٺ هيڪاندو وڏو ڪري ڇڏيو. موموئيءَ شاديءَ بعد هڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو جيتوڻيڪ تڙ تڪڙ ۾ ڇپيو ويو پر ان جو تمام گهڻو وڪرو ٿيو۽ هن جوڙي ان ڪتاب مان چڱو ناڻو ڪمايو. ان ڪتاب جي عنوان جو ترجمو: ”جپاني سوسائٽيءَ ۾ عورت جو صحيح ڪردار“ چئي سگهجي ٿو.
بقول ائمبسڊر ظفر شيخ جي (جنھن پنھنجي سفارتي Career جي شروعات جپان کان ڪئي)، موموئيءَ پاڻ ڪتاب مان ته پئسو ڪمايو پر ٻين جپاني ڇورين جو جيڪي دنيا جي مقابلي ۾ اڳھين ڏتڙيل ۽ خدمتگذار رهن ٿيون، انهن جو سِر وڃايو. اهو ان ڪري جو هاڻ هر مڙس پنھنجي زال کي موموئي جو مھڻو ڏئي سگهي ٿو ته جڏهن هھڙي سھڻي، هھڙي مان شان۽ اوج واري ڇوڪري مڙس جي خدمت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿي ته تون ڪھري کيت جي موري آهين.
نتسوميءَ جي سھري تونيجيءَ کي جپاني شاعري، خاص ڪري هائيڪو پسند آهي. هن اسان کي ٻڌايو ته شمونو سيڪي (هتي جو مشھور شھر ۽ بندرگاهه) جتي اسان ٻئي ڏينهن وڃي رهيا هئاسين، ان جي ڀر واري هڪ ڳوٺ ۾ هائيڪو جي مشھور جپاني شاعره ڪانيڪو مِي سُوزو (Kaneko Misuzu) جنم ورتو.
تونيجيءَ کي ماتسوئو باشو وڻيو ٿي، جيڪوجپانين لاءِ نه فقط شاعر آهي، پر فلاسافر ۽ ڌرمي ٻائو پڻ.
”بازن جون اکيون پڻ چوچيون ٿي وينديون
هاڻ اونداهي رات جو ٿيڻ واري آهي.“
تتر پنھنجي ٻچن جي ڪنن ۾ اهو سرٻاٽ ڪيو.“
اهو شعر ماتسوئو باشو جو آهي، جيڪو ان وقت تونيجيءَ ٻڌايو. جپانيءَ ۾ اهو هائڪو هن ريت آهي:
Take-No_Memo
هي لفظ انگريز وانگر ’ٽيڪ‘ نه پڙهڻ کپي پر ’تاڪي‘ پڙهڻ کپي جو جپانيءَ ۾ هر واول جو پنھنجو مقرر اچار آهي جيڪو ان ريت اچارڻ ضروري آهي. بھرحال ’تاڪي نو مونو‘ معنيٰ ”بازن جون اکيون پڻ.“ ان بعد آهي:
Ima Ya Kurenu To
(هاڻ؟ اونداهيون.اهو)
Naku Uzra
(تتر چُون چُون ڪيو)
ساڳي شاعر باشو جوهڪ ٻيو هائيڪو تونيجي کان ٻڌم:
Haru Mo Yaya
Keshiki Totonou
Tuski To Ume
بھار جي رت ڄاڻ آئي
ان جي سين تيار ڪري رهيا آهن
بادام جو وڻ ۽ چنڊ
ماتسوئو باشو ڪيترائي چيلا ۽ شاگرد پيدا ڪيا، جن مان جيڪي هائيڪو جا مشھور شاعر ٿيا انهن مان ڪجهه هي آهن: ڪيوروڪو، ڪاڪيئي، شوهاڪو، روگيتسو، جوسو، شِيڪو وغيره.
ڪيڪائو شاعر جو هڪ هائيڪو هي به آهي:
Yume ni kunu
Haha wo kaesu
Hototogisu
خواب ۾ مون وٽ هلي آئي
منھنجي امڙ_ ۽ تو هن کي موٽائي ڇڏيو؟
ڪوئل.
۽ هڪ ٻيو
Neko Ni Kuwareshi Wo
Korogi no Tsuma
Sudakuramu
ٻليءَ جي کائڻ کان پوءِ
شايد تڏ جو مڙس
پنھنجي تڏڙيءَ لاءِ پيو رڙي!
تونيجيءَ چيو ته جپاني شاعر باشو پنھنجي جاءِ تي اهم ضرور آهي پر عوام ۾ گهڻو مشھور اِس سا (Issa) آهي. اِس سا _(يا پاڻ کڻي اچارڻ جي سھولت کان عيسيٰ سڏيون) 1762ع ۾ ڄائو. باشو جي شاعري سمجهڻلاءِ گهڻي غور و فڪر جي ضرورت آهي پر عيسيٰ جي ٻي ڳالهه آهي ۽ بقول تونيجي جي:
“Issa, With all his frailties, wrote poetry that opens his soul to us.”
توهان ماڻهن لاءِ ٿا پڇو
مون کي ته اڄ ڪلهه
’ناڪاري‘ به سڌو بيٺل نظر ٿو اچي.
پکين کي اَنُ کائڻ کان ڀڄائڻ لاءِ هاري ڏنڊو اُڀو هڻي ان مٿان ٽوپي وغيره رکي ڇڏيندو آهي. بلڪ ان مٿان پراڻي قميص به چاڙهي ڇڏيندو آهي، جيئن پکي ان کي ڏسي، ڊڄي، ڀڄي وڃن ته ڪو ماڻهو بيٺو آهي. انگريزيءَ ۾ ان کيCrow Scare چون ۽ جپانيءَ ۾ Nakari . جپانيءَ ۾ مٿيون شعر هن ريت آهي:
Hito wa iza sugna
Kagashi mo
Nakari Keri
عيسيٰ (جپاني شاعر Issa) جي زندگيءَ بيحد ڏکويل گذري. هو اڃا سال ٻن جو ٻار هو ته سندس ماءُ گذاري وئي ۽ هن جو ننڍپڻ هڪ اهڙي ماٽيلي ماءُ وٽ گذريو، جيڪا پرين جي ڪھاڻين ۾اڪثر ظالم ڏيکاري ويندي آهي.
عيسيٰ جي ننڍپڻ جي اها ڳالهه مشھور آهي ته هو جڏهن نَون سالن جو هو ته ڳوٺ ۾ هڪميلو لڳو، جنھن ۾سڀ ٻار نوان ڪپڙا پائي آيا. عيسيٰ هڪڙو ٻار هو جيڪو ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ هو. هن سان گڏ ڪنھن ٻار نه کيڏيو نه گڏ ويھڻ پسند ڪيو ٿي. هو اڪيلو ڪنڊ پاسو وٺي ميلي جي رونق ۽ ماڻهن ۽ ٻارن جا کل ٽپڪا ڏسي رهيو هو ته هن کي هڪ زخميل پرن واري جهرڪيءَ جو ٻچو اڪيلي سر جهاتيون پائيندي نظر آيو. ڄڻ اهو پنھنجي آکيري مان وڻ تان هينئر هينئر ڪري پيو هجي. ان ڏي منھن ڪري عيسيٰ چيو:
Ore to kite
Asobe yo aoya no
Nai Suzume
اچ! گڏجي پاڻ ۾
راندمچايون_ ننڍڙا جهرڪ
مائرن بنا.
(مٿي جپاني اُچار “اوري تَو ڪيتي” ٿيندو ۽ نه انگريزيءَ وانگر “اور ٽُ ڪائيٽ”.)
عيسيٰ جو پنھنجي زال ڪِيڪُو سان ڏاڍو پيار هو پر افسوس جو هن به عيسيٰ جو ساٿ نه ڏنو، هوءَ هڪ ڊگهي بيماريءَ بعد گذاري وئي. عيسيٰ جو هڪ هائيڪو آهي:
Naku na mushi
Wakaruru Koi Wa
Ho shi ni sae
جيت! رڙيون نه ڪر.
ڪير ڪنھن کي ڪيتروبه چاهيندو هجي پر جدائي ضرور آهي؛
ويندي آسمانن تي.
عيسيٰ جي ڊائريءَ مان بعد ۾ معلوم ٿيو ته هن اهو شعر پنھنجي زال جي مرڻ وقت پنھنجو پاڻ کي دلداري ڏيڻ لاءِ لکيوهو. جپان جو هي شاعر Issa سن 1826ع ۾ گذاري ويو.
رات جي مانيءَ بعد نتسومي پنھنجي ماءُ پيءُ جي گهر وٺي هلي. اتي ڪجهه پاڙي جون سندس ماءُ جون هم عمر عورتون پٽ تي وڇايل تونئري جي وچ ۾ رکيل ننڍڙين ٽنگن واري جپاني ٽيبل (Kotatsu) جي چوڌاري ويھي ڪن راڳن جي پرئڪٽس ڪري رهيون هيون. ٻئي ڏينھن هنن جي علائقي ۾ ساليانو جشن ٿيڻوهو جنھن ۾ هنن کي اسٽيج تي ڳائڻو هو. اهو فنڪشن ٻئي ڏينھن اسان به ڏسڻ وياسين ۽ سج لٿي کان وٺي رات جو نائين تائين هلندو رهيو.
اسان جي پھچڻ تي اسان جو ساڻن تعارف ڪرايو ويو.
”اسان هن علائقي ’ڪيٽا ڪيوشو‘ جا راڳ ڳائي رهيون آهيون. توهان کي اچن؟“ هنن احسن ۽ ايمان کان پڇيو۽ اسان جي ايمان مائيڪ کڻي اهي جپاني راڳ يا کڻي چئجي ته ڳيچ ڳائڻ شروع ٿي وئي. سڀني مھمانن کي تعجب لڳو. نتسومي کين ٻڌايو ته هي ٻار ننڍي هوندي کان هتي جپان ۾ رهن ٿا ۽ شروع کان هتي ئي پڙهي رهيا آهن.
ٿوري دير کانپوءِ مھمانن موڪلايو ۽ اسان ڊرائينگ روم ۾ نتسوميءَ جي ماءُ پيءُ سان اچي ويٺاسين. جپاني گهرن جو ڊرائينگ روم، ٽي وي لائونج يا بيڊ روم اسان وانگر نه ٿئي جتي ڊرائينگ روم ۾ تابوت جيڏا وڏا صوفا سيٽ رکيل ٿين، جن کي ريڙهه ته چيلهه ڀڄي ۽ جن تي وهه ته چيلهه چٻي ٿئي ۽ نه اوترائي خطرناڪ ٿلهي فوم جا پلنگ جپاني استعمال ڪن، جيڪي اسان وٽ عام ٿين. ٿلها پڙدا ۽ ٿلهي Fur وارا غاليچا جن لاءِ هاڻ ثابت ٿي چڪو آهي ته انهن سانگندا هٿ اگهڻ سان يا کاڌي پيتي جا ذرا ڪِرڻ سان نه فقط جراثيم پر جوئن جھڙا پر سائيز ۾ انهن کان به تمام ننڍا ۽ خطرناڪ جيوڙا ٿين ٿا، جن سان ڪيتريون ئي بيماريون ٿين ٿيون_خاص ڪري ڦڦڙن ۽ ساهه کڻڻ واري نليءَ جون_ اهي هي سڌريل جپاني ته استعمال نٿا ڪن پر پاڙي جي ملڪ ڪوريا جا ماڻهو به پري ڀڄن ٿا، جيڪي جپانين جي نظرن ۾ اڃا تائين جاهل ۽ ڄٽ سمجهيا وڃن ٿا.
جپاني گهرن جا سڀ ڪمرا فرنيچر، ٿلهن پڙدن (جيڪي مغل شھنشاهن جي فلمن ۾ ڏيکاريا ويندا آهن ۽ اسان وٽ هر غريب غربو اهڙا ڇٽن ۽ جهالرن وارا پڙدا لڳرائڻ کي پنھنجي سوشل معيار جي بلندي ٿو سمجهي) ۽ ٿلهن غاليچن (جيڪي اڄ کان ٽيھارو سال اڳ تيل جو پئسو اچڻ ڪري عربن شروع ڪيا ۽ هاڻ انهن غاليچن مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو معلوم ڪري عرب ئي شرمائين ٿا)، بوٽن ٻھارن ۽ ٿڪن کانگهارن کان خالي ٿئي. جپاني گهر جي ڊرائينگ روم ۾ فقط ڪوتاتسو (ننڍڙين ٽنگن وارو ٽيبل) ٿئي، جنھن جي چوڌاري ويھي ڪا راند کيڏن، ماني کائين يالکن پڙهن. ويھڻ لاءِ ٽيڪ واريون بنا ٽنگنجي ڪرسيونٿين جن کي جپاني زبان ۾Zaisu سڏين يا وري بنا ٽيڪ واريون گديون (Zabution) ٿين. ٻنهي تي پٿل ماري ويھن يا ٽنگون پويان ڪري _ جيئن نماز ۾ التحيات پڙهڻ مھل ويھبو آهي. رات جو ڪو چاهي ته بيڊروم کان علاوه ڊرائينگ روم ۾ به سمهي سگهي ٿو. رات جو سمهڻ مھل سلائيڊنگ واري وڏي ڪٻٽ مان فوتان (سنهو نرم ۽ هلڪو گاديلو) ۽ ماڪُورا (وهاڻو) ڪڍي پٽ تي وڇيل (تونئريءَ) تي سمهي سگهي ٿو.
جپانين جا گهر، بلڪ گهرن جا ڪمرا سالن کان (اڃا به صدين کان) اهي ئي هلندا اچن. البت گهر جي رڌڻي ۽ ٽوائليٽ ۾ وڏو فرق آيو آهي.
رڌ پچاءُ لاءِ ڪاٺيون ڪري اچڻ بدران هاڻ رڌڻي ۾گئس جو چلهو ۽ اليڪٽرڪ تي ڪم ڪندڙ Rice Cooker ، ٽوسٽر، Microwave Oven، ريفريجريٽر آهي، جنھن هتي جي پورهيت عورت يا بقول اسان جي هڪ جھازي ڪئپٽن رشيد ابڙو جي، ”صدين کان مزوري ۽ موچڙا کائيندڙ جپاني عورت“ جي زندگي ۾ ماني پچائڻ جي معاملي ۾ سُک پيدا ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه جون ڪيتريون زالون (نتسومي سميت) اهڙيون آهن، خاص ڪري اهي جيڪي نوڪري ڪري مڙسن کان به وڌيڪ پئسو ڪمائين ٿيون، جيڪي هھڙي سک جي باوجود رڌ پچاءَ کان آڱوٺو ڪڍيو ويٺيون آهن. هنن جو سڄو زور هوٽلن تي کائڻ يا هوٽل تان ماني گهرائي اها گهر ۾ يا آفيس ۾ کائڻ تي آهي.
”جپاني گهر“ ۾ ٻي تبديلي ٽوائليٽ ۾ آئي آهي. مختلف جپاني ڪمپنيون خاص ڪريTot o ڪمپني_ جيڪا سڀ کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي، اهي هڪ کان هڪ ماڊرن ڪموڊ ٺاهي رهيون آهن، جن جو تفصيلي احوال گهڻو اڳ پنھنجي هڪ سفرنامي ”خبرون کيڙائن جون“ ۾ ڪري چڪو آهيان ته اهي ڪموڊ هنگڻ مٽڻ جون سيٽون گهٽ پر هوائي جهاز هلائڻواري پائليٽ جون ڪرسيون وڌيڪ لڳن ٿيون ۽ جيڪي ويھڻ ۾ آرامده هجڻ کان علاوه انهن جي چوڌاري ڪيترائي اليڪٽرانڪ بٽڻ لڳل ٿين ٿا. نتسوميءَ جو گهر کڻي جهونو هو، گهٽ ۾ گهٽ ٽيھه چاليھه سال اڳ ٺھيو هوندو، پر سندس Toilet ۾ ٽوٽو جو ماڊرن ڪموڊ لڳل هوجنھن جي پنجن بٽڻن مانهڪ کي دٻائڻ سان هيٺان پاڻيءَ جو ڦوهارو مٿي لڳو ٿي ۽ بنا هٿ يا پني جي استعمال جي جسم جي صفائي ٿي وئي ٿي. ٻي بٽڻ دٻائڻ سان ڪموڊ جي چوڌاري پريشر سان پاڻي نڪري ڪموڊ کي صاف ڪيو ٿي ۽ Suction واري اصول تي ٺھيل هو جيڪو هوائي جھازن ۾ٿئي ٿو ۽ جنھن ۾ سڄي ڪموڊ جو پاڻي وڏي ڇڪ (Suction) سان هيٺ ڊرين پائيپ ڏي هليو وڃي ۽ صاف نئين چلڪندڙ ڪموڊ جي تر ۾ صاف پاڻيءَ جي ليول Maintain ٿيو وڃي. اهڙي طرح ٽئين بٽڻ کي دٻائڻ سان ڪموڊ ۾ لڳل سنهن پائيپن مان خشڪ هوا نڪري ڪموڊ جي سيٽ ۽ ان تخت تي ويٺل همراهه جي اگهاڙي جسم ۽ ان جي ارد گرد جي قميص يا پتلون کي خشڪ ڪري ٿي. ائين نه ته ٻاهر نڪرڻ مھل پتلون ۽ قميص يا بشرٽ جي پٺ يا اڳ آلو ٿيو پيو هجي ۽ ٻاهر ويٺلن کي خبر پئجي وڃي ته همراهه هٿ ڌوئڻ نه پر وڏو معرڪو سر انجام ڏيڻ ويو هو. چوٿين بٽڻ دٻائڻ سان خوشبوءِ (Air Freshner) جو اسپري ٿيو ٿي جيئن ٻي ڪنھن کي ٽوائليٽ ۾ يڪدم وڃڻو پوي ته هن کي بدبوءِ نه اچي ۽ پنجون بٽڻ ايمرجنسيءَ جو هو. ايمرجنسيءَ مان منھنجو مطلب اهو ناهي ته ڪو باهه وسائڻ لاءِ يا چور جي اچڻ جو اطلاع ڏيڻ لاءِ هو، پر اهو ميوزڪ وڄائڻ لاءِ هو ۽ اها ميوزڪ ڪموڊ تي ويٺل جي Entertainment لاءِ نه هوندي آهي پر گئس جي عادي طرفان پيدا ڪيل بمبارڊمينٽ جي آواز تي حاوي ٿيڻ لاءِ هوندي آهي. جيئن ٻاهر ويٺل همراهن کي ائين نه لڳي ته هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي هڪ دفعو وري بم ڪِري رهيا آهن، هو اهو ئي سمجهن ته سوموپھلواننجي ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ واري Signature ميوزڪ هلي رهي آهي.
هونءَ ڪجهه ڏينھن اڳ ٽوٽو ڪمپنيءَ جا سندن شوروم ۾ Latest قسم جا ڪموڊ ڏٺم، جن جي قيمت ڏيڍ لک کان ٻه اڍائي لک يين تائين آهي(اڄڪلهه هڪ رپئي ۾ ٻه يين آهن). انهن ڪموڊن ۾ ويٺي ويٺي پنھنجو نه فقط ٽيمپريچر ۽ بلڊپريشر چيڪ ڪري سگهجي ٿو، پر Sugar Level پڻ. ان کان علاوه ويھڻ جي سيٽ يعني ڪموڊ کي سياري جي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ Heating System پڻ آهي. بھرحال پنھنجي مٿين سفرنامي ”خبرون کيڙائن جون“ ۾ به اهو ئي لکي آيو آهيان ۽ هينئر به اهو چوندس ته جپانين کي اها عياشي ڪرڻ ضرور جڳائي ٿي، جو انهن صديون غيبات جھڙن ڊٺل، بدبودار ۽ گندن ڪاڪوسن ۾ هنگيو مٽيو، جن لاءِ اڄ به چوندا آهن ته اهي چئن “K”وارا ڪاڪوس هئا: ڪيتا نائي (گدلا)، ڪوسائي (ڌپ وارا)، ڪورائي (ڊٺل)۽ ڪووائي (ڊپ وارا).
نتسوميءَ جي ماءُ پيءُ جي گهر ٿوري دير ويھي پوءِ ساڻن فوٽو ڪڍرائي واپس ورياسين. پاڻ گهر ۾ اڪيلا رهيا ٿي کين اولاد ۾ فقط ٻه ڌيئون آهن. هڪ نتسومي جيڪا سندن ئي ويجهو رهي ٿي ٻي ڌيءَ شايد ٻڌايائون ته اڄڪلهه اوساڪا ۾ آهي.
گهر پھچي سمهڻ جا ڪپڙا، ٽٿ برش وغيره کنياسين، جو اسان جي سمهڻ جو بندوبست ٻي گهر ۾ هو، جيڪو ٻن منٽن جي ڊرائيو تي مين روڊ جي ٻئي پاسي واري گهٽيءَ ۾ هو. نتسوميءَ جو مڙس ۽ سھرو به اتي آيا. هي گهر جيتوڻيڪ جپاني اسٽائيل جو هو پر بلڪل نئون ۽ تمام وڏو هيٺ مٿي هو. هيٺ ٽي ڪمرا ۽ آمريڪن اسٽائيل صوفن ۽ ڊرائينگ ٽيبل وارو ڊرائينگ روم ۽ ڊائننگ روم ۽ ان سان گڏ خوبصورت ڪچن، جنھن جي شوڪيس ۾ جپاني ۽ آمريڪن ڪراڪري ۽ ٻيو سامان هو. بيڊ روم سڀ جپاني اسٽائيل جا هئا. يعني منجهن ڪا کٽ پلنگ يا ڪرسي موڙو رکيل نه هو. هر ڪمري جي پٽ تي تاتامي وڇايل هئي. نتسوميءَ ٻڌايو ته هي گهر سندس سھري تونيجي جو آهي. ڏينھن جو دڪان ڪري هُن دڪان واري گهر ۾ گذارين، رات جو هتي اچي سمهن. هيٺيون سڄو گهر اسان جي حوالي ڪيو ويو، پاڻ مٿي وڃي ستا.
سمهڻ کان اڳ نتسومي ٽوال کڻي اسان پويان شاهي غلامن وانگر ڦرندي رهي ته جنھن وقت وهنجڻو هجي ته ٻڌايو ته گرم پاڻيءَ لاءِ هيٽر آن ڪيان. ٻاهر بارش ڪري ٿڌڪار ٿي وئي هئي ۽ رات جا ڏهه ٿيڻ وارا هئا. آئون صوفي تي ويھي تونيجي جون رکيل خوبصورت تصويرون مئگزينون ۽ ريڪارڊ ڏسڻ لڳس. وهنجڻ لاءِ نه ڪرڻ مان منھنجو مطلب اهو ئي هو ته مون کي وهنجڻو ناهي، پر نتسوميءَ اهو پئي سمجهيو ته ڪو منھنجو مطلب ”وهنجڻ لاءِ نه ڪرڻ مان، وهنجڻ جو آهي، پر اڃا نه.“ ظاهر آهي سمهڻ کان اڳ ”نه وهنجڻ“ ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ ئي نٿو ٿي سگهي، سو ڪوريا ۽ جپان ۾ ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهجي. پر مون کي اها هتي جي ڪلچر جي ڳالهه ان وقت بلڪل ڌيان ۾ نه پئي آئڙي، بلڪ مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ جپان ۾ نه پر پنھنجي ملڪ ۾ يا يورپ يا آمريڪا جي ڪنھن گهر ۾ هجان(جتي صبح جو ته ڪو وهنجي سگهي ٿو پر رات جو سمهڻ مھل جڏهن ٻاهر مينھن جا شپڪا پيا پون ۽ اندر موسم خوشگوار هوندي به ايئرڪنڊيشنر پيو هلي، ڪنھن جي وهنجڻ تي دل چوندي! بھرحال آئون پاڻي پيئڻ لاءِ يا ڪنھن ڪم لاءِ اٿيس ته نتسوميءَ وري پڇيو ته هيٽر آن ڪريان ۽ مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هيءَ نئون ٽوال ڪڇ ۾ رکي ڪنڊ ۾ ڇو ويٺي آهي. آخر احسن (جيڪو پاڻ ۽ ايمان وغيره ڪجهه دير اڳ وهنجي چڪا هئا) تنھن اچي مون کي سنڌيءَ ۾ چيو ته نانا جيسين آفورو (جپاني لفظ معنيٰ رات وارو سنان) نه ڪنداؤ تيسين ’نتسومي_ سان‘ (سان معنيٰ مسٽر به ته مئڊم به) هرگز جان نه ڇڏيندي.
مون کي يڪدم ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ گومي نساءِ گومي نساءِ (ساري ساري) ڪندو وهنجڻ جاءِ ۾ گهڙيس. هھڙي ٿڌ ۾ وهنجي مرڻو نه هو سو مڙيئي جھڙو تھڙو نالي ماتر ٺڪري شنان ڪري ٻاهر نڪتس ته جيئن ته هڪ طرف اسان جي ميزبان نتسومي جي اؤن ختم ٿئي ۽ ٻئي طرف کيس ائين محسوس نه ٿئي ته جپانين کان علاوه ٻيا سڀ جاهل آهن ۽ اسان جپان ۾ رهي به نٿا سڌرون. ۽ پوءِ بيڊروم ۾ اچي ڏسان ته ڇا ته فوتان (جپاني نرم گاديلا) انهنجون سنهيون کير جھڙيون اڇيون ڇَوون ۽ اهڙيون ئي چادرون اسان لاءِ ڪڍيون هئائين ۽ چڱو جو نموني خاطر پير ته ڌوئي آيس نه ته هنن اڇين Silky چادرن تي منھنجي داڦوڙن جھڙن پيرن جا نشان هجن ها.
بھرحال نتسومي جي مھمان نوازيءَ جو هڪ ڏينھن پورو ٿيو. ٻئي ڏينھن هن کي اسان جي چوڻ تي ڀر وارن شھرن، موجي ۽ شمونو سيڪي جيڪي بندرگاهه پڻ آهن، وٺي هلڻو پيو.

ڪوڪورا ۽ موجي کان شمونو سيڪي

جپاني هوسٽ مدر نتسومي جنھن وٽ اسان ٽي ڏينھن کن رهياسين، اها پھرين ڏينھن پنھنجي مرضيءَ سان هيڏانھن هوڏانھن گهمائڻ لاءِ وٺي هلي، ٻئي ڏينھن لاءِ مون کيس اڳواٽ موجي ۽ شمونوسيڪي هلڻ لاءِ چيو هو. اهي ٻئي بندرگاهه هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن ۽ وچ ۾ جيڪو سامونڊي وهڪرو آهي، ان کان ڄامشوري وٽ سنڌو درياهه جو پيٽ به وڏو ٿيندو. اسان جو جھاز سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ هميشه موجي بندرگاهه ۾ ايندو هو، جنھن کي جپانيءَ ۾ Mojiko سڏجي ٿو. جپانيءَ ۾ Ko (ڪو) جو مطلب ”بندرگاهه“ آهي، جيئن اوساڪا شھر ۽ ”اوساڪا ڪو“ يعني اوساڪا بندرگاهه.
ڪراچي يا واٽ تان ڪولمبو، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) يا ڪنھن ٻئي بندرگاهه مان موجيءَ لاءِ کنيل سامان، آخر ۾ موجيءَ ۾ لاهي جھاز کي خالي ڪري، پوءِ ورندڙ سفر لاءِ شمونوسيڪي ويندا هئاسين، جتي جھاز جي مرمت جا وڏا ڪارخانا (شپ يارڊ) آهن. اتي جھاز جي ضرورت مطابق مرمت ڪرائيندا هئاسين، يعني اها Repair جيڪا پوءِ سمنڊ تي ٿي نه سگهي يا مشين جا اهي حصا بدلرائيندا هئاسين، جن ۾ خطرو هوندو هو ته متان وڏي سفر تي ٽٽي پون ۽ ڪنھن وڏي حادثي جو سبب بڻجن.
شمونوسيڪيءَ جي بندرگاهه ۾ هفتو ڏيڍ مرمت مطابق ترسي پوءِ پنھنجي وطن ورڻ لاءِ جپان کي ڇڏڻ کان اڳ جپان جي ڪجهه بندرگاهن، ڪوبي، نگويا، ساسيبو، ٽوڪيو، يوڪوهاما وغيره مان ڪراچي لاءِ ۽ ڪڏهن ته واٽ جي بندرگاهن: هانگ ڪانگ، چين، سنگاپور وغيره لاءِ پڻ سامان کڻندا هئاسين. ڪڏهن ته شمونوسيڪي ۾ جھاز جي مرمت بعد سامان کڻڻ لاءِ جپان جي ٻين بندرگاهن ۾ وڃڻ کان اڳ ڏکڻ ڪوريا جي مشھور بندرگاهن: پُوسان ۽ اِنچان مان پھرين سامان کڻندا هئاسين جو ڏکڻ ڪوريا جا اهي بندرگاهه شمونوسيڪي ۽ موجي بندرگاهن کان سڏ پنڌ تي آهن. موجي جيڪڏهن مورو سمجهيو وڃي ته شمونو سيڪي دادو ٿيو ۽ شمونو سيڪي کان ڏکڻ ڪوريا جا مٿيان بندرگاهه پوسان ۽ انچان، سيوهڻ ۽ سَن جيترو پري آهن، باقي شمونوسيڪي کان جپان جا ٻيا بندرگاهه: هيروشيما، اوڪاياما، ڪوبي ۽ اوساڪا، نگويا، شيزوڪا، يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو، سيندائي، هاچي نوحي ۽ هڪوداتي وغيره ائين آهن جيئن دادوءَ کان لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ اڃا به مٿي بھاولپور ۽ ملتان وغيره آهن.
جپان جو سڀ کان وڏو ٻيٽ ’هونشو‘ جتي ختم ٿئي ٿو، اتي جپان جو ٽيون نمبر وڏو ٻيٽ ڪيوشو جو اتراهون حصو آهي. شمونوسيڪي هونشو ٻيٽ جو بندرگاهه آهي ۽ موجي ڪيوشو ٻيٽ جو. شروع ۾ بليٽ ٽرين وغيره فقط هونشو ٻيٽ تائين هئي. ماڻهو فيرين (پاڻيءَ جي ننڍن جھازن) ۾ سمنڊ جو هي درياهه جھڙو حصو ٽپي، هن ڪيوشو ٻيٽ تي ايندا هئا. اسان جو جھاز به موجي ۾ هوندو هو ته شمونوسيڪي فيريءَ يا ڪنھن ٻيڙيءَ ذريعي ويندا هئاسين يا شمونوسيڪي ۾ جھاز هوندو هو ته موجي به ايئن ايندا هئاسين. ٻنهي پاسي جھاز ويندو هو سو ٻنهي پاسي دوستيون ياريون ۽ سڃاڻپ هوندي هئي. پنھنجي ذاتي يا گهر جي خريداريءَ لاءِ پڻ ڪاشيءِ موجي بندرگاهه جي مارڪيٽن مان وٺندا هئاسين ته ڪا شيءِ شمونوسيڪيءَ جي جي شاپنگ سينٽرن مان. پر هاڻ حڪومت طرفان ڪانمون (Kan-Mon) پل ٺھڻ ڪري ڪنھن وقت به بس، ٽئڪسي يا ٽرين ذريعي پل ٽپي ٻئي شھر ۾ وڃي سگهجي ٿو. ٻنهي شھرن جي وچ ۾ سمنڊ جي سوڙهي پٽي (ڳچي سمنڊ)هجڻ ڪري هيءَ پل ڄامشوري واري پل جيڏي ٿيندي پر ڪراچي ايندڙ جھاز مٿي روهڙي ملتان نٿا وڃن جو ڄامشورو جي پل هيٺين (زميني) ليول تي آهي جنھن جي هيٺان فقط پاڻي ۽ ننڍيون ٻيڙيون لنگهي سگهن ٿيون پر هيءَ ”ڪان مون“ پل جيڪا شمونو سيڪيءَ ۾ موجي بندرگاهه کي ڳنڍي ٿي آرچ (ڪمان) وانگر تمام مٿاهين آهي جو ٻنهي پاسي ٿورو اڳيان هلي سمنڊ تمام ويڪرو ۽ اونهو ٿيو وڃي ۽ هن جي هيٺان هر قسم ۽ سائيز جا جھاز لنگهي سگهن ٿا.
اسان صبح جو نيرن ڪري گهمڻ لاءِ نڪتاسين. نيرن ۾ نتسومي وارن گهڻو ئي ڪجهه رکيو پر چانھه نه هئي. هنن جي حساب سان ته هنن بھترين نيرن سجائي رکي هئي، پر سڀ ڪجهه جپاني اسٽائيل جو هو. ڪاش رڳو فراءِ يا آمليٽ بيضي سان گڏ ٻه ٽي ڊبل روٽيءَ جون سلائيس رکي ها ته پاڻ به وڏي خرچ کان بچي وڃي ها ۽ اسان به کائي خوش ٿيون ها. گذريل ڏينھن کان چانھه جو ته نالو ئي نه هو. بھرحال ميزبان جو پئسو سجايو ڪرڻ ۽ منجهند تائين بک مرڻ کان بچڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه کائڻو پيو. ڳاڙهي رنگ جي مڇي (Sakana) هئي، جيڪا هتي ساڪي ٿي سڏجي. هتي جي چانورن مان ٺھيل شراب پڻ ساڪي سڏجي ٿو. يعني ڪيترن ئي جپاني لفظن وانگر هنن جا اُچار ساڳيا آهن پر ڪانجيون (شڪل واريون لکڻيون) مختلف آهن. ٻيو صبح ساڻ گوهان (ڀت) کائڻ اسان مڊل ايسٽ ۽ اولھه ايشيا (ايران، پاڪستان) وارن لاءِ ڪيڏو عجيب آهي! جيتوڻيڪ بنگلاديش، برما کان وٺي ڪمبوڊيا، ويٽنام ۽ هانگ ڪانگ، ڪوريا تائين نيرن تي ڀت ۽ مڇي عام ڳالهه آهي.
نيرن ۾ ان کان علاوه تماگو (بيضو)، توفو (پنير جھڙي شيءِ جيڪا سويابين مان ٺھي ٿي)، ڪابيتسو (سلاد جا پن) هئا. جپاني نيرن تي چانھه يا ڪافي بدران مِيسو شيرو (ڳڙ ۽ ٻين شين مان ٺھيل سُوپ) پيئن ۽ هن ۾ ڪَدو (Pumpkin) جا ٽڪر به پيل هئا. ڪدو جپان ۾ اوچي ۽ مان واري ڀاڄي سمجهي وڃي ٿي (۽ تمام مھانگي پڻ). مون کي ته ڀت تي ئي گذارو ڪرڻو پيو.
نتسومي مختلف لڪ ۽ لنگهه، هاءِ وي ۽ ٽنل پار ڪندي موجي شھر کان اچي نڪتي. جپان سڄو جبل آهي. اهو ڪھڙو طرف آهي، اهو ڪھڙو هنڌ آهي، جتي جبل نظر نٿا اچن. هڪ ٻئي جپاني دوست ياماناڪا سان هڪ ڏينھن وڏي سفر تي نڪتس (ان جو احوال ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين) صبح کان شام تائين اسان اٽڪل ڇھه سؤ ميل سفر ڪيو. فقط هڪ هنڌ ڪجهه ميل اهڙا آيا جو پٽ لسو ئي لسو هو، جيئن پاڻ وٽ ٿئي. اهو ٽڪرو مون کي به عجيب لڳو ۽ آئون ڪجهه چوان ان کان اڳ ياماناڪا چيو ”مسٽر الطاف، هتي پھچي لڳندو اٿم ڄڻ يورپ ۾ اچي ويو آهيان.“ آئون سندس ڳالهه جو مطلب سمجهي ويس ته يورپ مان هن جو مطلب سئٽزرلئنڊ، ناروي يا سئيڊن جھڙو جابلو ملڪ نه پر فرانس۽ اسپين (جتي هو گهمڻ لاءِ ويو هو) آهي ۽ اتي جي جن شھرن ۾ رهي آيو آهي اتي جا چراگاهه ۽ لسا پٽ هن کي ياد ٿا اچن. بھرحال ڪن رستن تان مفت ۾ ته ڪن رستن ۽ جبلن مان کوٽيل سرنگن مان ٽپڻ لاءِ مقرر ٿيل في (ٽال ٽيڪس) ڏيندا موجي ۾ پھچي وياسين.
ڊچ (هالينڊ جا رهاڪو) سمنڊ ڀرڻ جا هوشيار آهن ته جپاني جبلن مان لنگهڻ لاءِ سرنگهون ٺاهڻ ۾. جپان ۾ اهڙين سرنگهن (Tunnels) جو ڪو ڪاٿو ئي نه آهي. سعودي عرب ۾ به ڪيتريون ئي جابلو سرنگهون جپانين جون ٺھيل آهن. ٻڌو اٿم ته تازو يجهڙائيءَ ۾ جپانين (شايد ڪوهاٽ ۾) هڪ جابلو سرنگاسان کي دوستيءَ ۾ ٺاهي ڏني آهي.
موجي شھر جي وچ مان لنگهندي ڪجهه پراڻا رستا ۽ عمارتون ياد آيون. هانسن دوري اوينيو، تائشيو اوينيو، ”موجي“ جي ريلوي اسٽيشن، جيڪا 1914ع جي ٺھيل آهي. O.S.Kشپنگ ڪمپنيءَ جي عمارت، جيڪا ڪنھن زماني ۾ جھاز ۾ سفر ڪرڻ وارن مسافرن لاءِ انتظار گاهه لاءِ استعمال ٿيندي هئي ۽ ڪسٽم هائوس طور پڻ استعمال ٿي. اسان ياماشيرويا نالي هڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور وٽ گاڏي بيھاري ڪجهه کائڻ لاءِ شيون ورتيون ۽ پوءِ جيئن ’ڪان مون‘ پل اُڪرياسين ته ٻئي طرف شمونوسيڪي هو.
”پھرين ڪٿي هلون؟“ اسان جي ميزبان نتسوميءَ پڇيو.
”پھرين هيڏانھن کاٻي پاسي هل ته هتي جو بندرگاهه وارو علائقو ڏسون، جتي بيھي سمنڊ جي هن سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهندڙ جھازن کي ۽ پريان موجي جي شھر ۽ بندرگاهه کي ڏسون.“ مون چيو.
”اتي مڇيءَ جي وڏي مارڪيٽ به آهي، اها به توهان کي ڏيکاريان ٿي. اتان مون کي گهر لاءِ مڇي به وٺڻي آهي.“ نتسوميءَ چيو.
سمنڊ جي ڪناري تي ٺھيل هيءَ مڇي مارڪيٽ جيڪا هاڻ ڪجهه سال اڳ ئي نئين ڪئي وئي آهي، ڪافي وقت کان مشھور آهي. اڳ ۾ ڪاٺ جي ڪامن، ٿنڀن ۽ ڪکن جي ڇتين جي ٺھيل هئي. بندرگاهه يا شپ يارڊ مان نڪري شھر ڏي وڃبو هو ته هتان لنگهه ٿيندو هو. صبح هجي يا شام_ مھاڻن ۽ خريدارن جو گوڙ متو پيو هوندو هو. هينئر انهن سان گڏڪاسائين ۽ هوٽل وارن جو به ميڙو متل هو. هونءَ مھاڻا ٻيڙين مان مڇيون لاهي ڊئريڪٽ گراهڪن کي وڪڻي ڏيندا هئا، هاڻ ڪاسائي انهن کان سڄيون مڇيون وٺي انهن کي ڪَٽي صاف ڪري، مختلف Shapes ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري پلاسٽڪ جي ننڍڙن Trays ۾ پئڪ ڪري، گراهڪن کي وڪڻي رهيا هئا. هتي مڇي معنيٰ رڳو پاڻ واري شڪل جو پلو، ڏنڀرو، سرمائي، هيرو، پامفريٽ يا ڪرڙو مڇي نه پر ڪيترن ئي قسمن جي مڇي، جنھن کي اسان جي ملڪ جي سامونڊي ڪنارن تي رهڻ وارن به ڪڏهن کاڌو ته ڇا پر ڏٺو به نه هوندو_اها هتي جپان ۾ عام طرح دڪانن ۽ هوٽلن ۾ وڪامي ٿي. ڪيتريون مڇيو ن ته اسان وٽ عام نه هجڻ ڪري انهن جا سنڌيءَ ۾ ڪھڙا نالا ويھي لکجن. آڪٽوپس (جنھن کي جپاني Takoمڇي سڏين)، اسڪڊ مڇي (Eka) کان گانگٽ ۽ کيکڙن جا ڪيترائي قسم، جن جون شڪليون ئي وڇن ۽ ڪوريئڙن جھڙيون خطرناڪ ٿين ٿيون، هتي عام طرح کاڌيون وڃن ٿيون. ٻيون مڇيون ته ٺھيو پر ’پفر مڇي‘ جنھن کي جپاني فوگو (Fugo) سڏين، جيڪا ايڏي زهريلي ٿئي جو ان مڇيءَ کي ڪٽڻ ۾ ڪاسائي کان ٿوري به غلطي ٿي وڃي ۽ زهر رهجي وڃي ته ان جو هڪڙو ڀور به ماڻهوءَ کي اڦٽ مارڻ لاءِ ڪافي آهي. اها مڇي به هتي جپان ۾ شوق سان کاڌي وڃي ٿي ۽ اها مڇي سڀ ۾ گهڻي مھانگي به ٿئي ٿي. هن مارڪيٽ ۾ ان قسم جون ڪيتريون ئي مڇيون وڪامي رهيون هيون.
هونءَ هن مارڪيٽ واري جاءِ تي اڄ کان ٽيھارو سال کن اڳ تائين ايندو هوس ته هڪ پوڙهي مائي ڪڻڇي رکي ننڍڙا گانگٽ ۽ مڇيون فراءِ ڪري وڪڻندي هئي ۽ اسان جھاز تان لھي واڪ ڪرڻ مھل يا شھر مان موٽڻ مھل هن کان اهي گرم گرم تريل مڇيون وٺي، ڊبل روٽي يا بن ۾ وجهي کائيندا هئاسين. هاڻ ته هن نئين مارڪيٽ ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ريسٽورنٽون ٺھي ويون هيون، جتي گانگٽن ۽ مڇين جا ڪيترائي قسم ترجي رهيا هئا ۽ گراهڪ اهي پئڪ ڪرائي گهر لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا يا اتي ئي رکيل ٽيبل ڪرسين تي ويھي کائي رهيا هئا. دڪاندار ڇوڪريون هر لنگهندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پنھنجي مال جو هوڪو ڏئي سڏي رهيون هيون. نتسوميءَ گهڻو ئي چاهيو ته اسان هتي جي مڇي کائون، پر آئون پڙ ڪڍي بيٺس ته ان کان پٽئٽو چپس يا ڪو ڪيڪ بسڪيٽ کارائي پر مڇي نه. بھرحال پوءِ پاڻ ۽ ٻيا _ ويندي احسن ۽ ايمان وارا مڇي کائڻ لاءِ ويھي رهيا. آئون برف ۽ شربت جو ڳنڍو وٺي اچي ٻاهر سمنڊ جي ڪناري واري روڊ تي رکيل بئنچن مان هڪ تي ويٺس. جهڙالو ڏينھن هو پر درياهه جي هن پار يعني ڪان مون ڳچي سمنڊ جي ٻي پار موجي شھر ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جھاز چٽي طرح نظر اچي رهيا هئا. مون هڪ هڪ ڪري جھازن جون چمنيون (Funnel) ڏٺيون، جن تي جھازن جي ڪمپنين جا نشان (Logo) ٺھيل ٿين ٿا. انهن نشانن ۾ مون پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سڃاتل جھاز ران ڪمپنين جا نشان ڏسڻ چاهيا ٿي جن جھازن تي منھنجا دوست يا شاگرد ٿي سگهن ها، پر ان وقت ڪو به اهڙو جھاز نه هو.
منھنجي کاٻي پاسي ’ڪان مون‘ پل هئي، جنھن ذريعي اسان هُن پار (موجي شھر) کان هِن پار شمونوسيڪي پھتا هئاسين. هن پل جو نالو سمنڊ جي هن ڳچي سمنڊ (Kanmon Straits) تان رکيو ويو آهي. پل مٿان ڪارون، بسون ۽ وڏا وڏا ٽرالر لنگهي رهيا هئا۽ پل هيٺان موجي يا شمونوسيڪي جي بندرگاهه مان نڪرندڙ جھاز ۽ اهي جھاز لنگهي رهيا هئا جيڪي چين ۽ ڪوريا کان جپان جي اندرين بندرگاهن ڏي وڃڻا هئا. ساڄي پاسي شمونوسيڪي جي شپ يارڊ جون وڏيون وڏيون ڪرينون نظر اچي رهيون هيون. اتي اسان جا جھاز رپيئر ٿيندا هئا. منجهانئن وڏيون وڏيون مشينون هنن ڪرينن ذريعي جھاز مان ٻاهر ڪڍي شپ يارڊ ۾ ٺھڻ لاءِ کڄي وينديون هيون ۽ پوءِ ٺھي اچڻ بعد وري انهن ڪرينن ذريعي جھاز جي اندر مقرر هنڌ تي پھچائي، فِٽ ڪيون وينديون هيون.
آئون اٿي بيٺس ۽ باقي بچيل اڌ ٻُڪ جيڏو ڳنڍو ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي، واڪ ڪرڻ لڳس. عمر سٺ سالن جي ويجهو، شگر ليول بارڊر تي ۽ آفت جيڏو ڳنڍو، نج کنڊ جي شربت سان کائي رهيو هوس. شمونوسيڪيءَ جو سڄو علائقو ڀڃ ڊاهه بعد نئون ۽ ماڊرن ٿي چڪو هو. ٻاويهه سال وڏو عرصو آهي، جپان جھڙي Dynamic ملڪ لاءِ، جيڪو چڙهندڙ سج جو ملڪ هجي يا نه پر تمام گهڻو چڙهندڙ يين (ناڻي) جو ملڪ ضرور آهي. هتي جي محنتي ماڻهن، گهڻي ڀاڱي وطن لاءِ پيار رکندڙ سياستدانن ۽ ملڪ جي ناڻي يين جي وڏي ساک هجڻ ڪري هي ملڪ (جپان) قدرتي طرح نه برابر سھولتن ملڻ جي باوجود سکيو ستابو ٿيو آهي. واڪ ڪرڻ دوران آئون غور سان رستي جي ڪپرن تي ٺھيل گدام، آفيسون، ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏسڻ لڳس. هر شيءِ مون کي نئين نظر اچي رهي هئي. يعني منھنجي 25 سالن جي غير موجودگيءَ ۾ هر شيءِ بدلجي وئي، پر نه بدليو آهي ته هڪ ڪاٺ چيرڻ جو ڪارخانو جنھن کي در اصل ڳولڻ لاءِ آئون واجهائي رهيو هوس. ان ڪارخاني کي ڏسي مون کي خوشي محسوس ٿئي ٿي ۽ آئون چيلهه تي هٿ رکي ڪارخاني جي ٻاهرين شٽرن (لوهي دروازن) ۽ شھتيرن مٿان ۽ پاسي تي غور سان ڏسان ٿو ۽ ڏسندو ئي رهان ٿو. منھنجي پويان نتسومي وارا به اچي پھچن ٿا.
”ڇا ڏسي رهيو آهين؟“
”Atsuibame“ (آتسمو بامي)، آئون چپن تي آڱر رکي کين ماٺ ڪرايان ٿو.
نتسومي کلندي چيو، ”مون سمجهيو ته هتي ڪنھن سان پراڻيون يادون وابسته اٿئي، ان کي ليئا پائي ڏسي رهيو آهين.“
”ها صحيح سمجهيو تو.“ مون چيومانس.
منھنجو جھاز جڏهن شمونوسيڪي ايندو هو ته آئون هتان هن رستي تان لنگهندي هن ڪارخاني وٽ بيھي رهندو هوس ۽ ڪا دير هنن آتسو بامي پکين کي ڏسندو هوس. هو ڪارخاني جي مين گيٽ جي ڪامن مٿان ۽ ڪاٺ جي ڇت ۾ ٺھيل آکيرن مان نڪري ٻاهر آسمان ڏي اڏامي وري ان ئي گهڙي اچي پنھنجي گهرڙن ۾ ويھندا هئا.
نتسومي ۽ ٻار غور سان انهن پکين کي ڏسڻ لڳا. احسن انهن جو سنڌيءَ ۾ نالو پڇيو.
”ابابيل.“ مون ٻڌايومانس. ”آئون ۽ تنھنجي ڏاڏي (يعني منھنجي ڀيڻ نجمه) جڏهن توکان به ننڍا هئاسين ته پنھنجي ڳوٺ هالا ۾ شام جي وقت انهن پکين کي آسمان ڏي اڏامندو ڏسندا هئاسين ۽ پوءِ ڪجهه پکي لُوهه پائي اسان جي گهر سيراٽيل ڪامن ۽ ڪکن واري ڇت ۾ اچي لڪندا هئا.“
انهن ڏينھن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ نه بجلي هئي ۽ نه ڪار يا ريڊيو. ڪيڏو سانت ڀريو ڳوٺ هو، جنھن ۾ سج لھڻ سان اوندهه ٿي ويندي هئي ۽ ماني کائڻ بعد ننڊ اچڻ تائين اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽي ليٽي رڳو آسمان ۾ تارا۽ ڪَتيون ڏسبيون هيون. اسان جي مرحوم ڏاڏي سمهڻ مھل توڙي صبح جو سوير اٿي، مختلف مندن ۾ تارن جي چرپر ۽ انهن جا نالا ٻڌائيندي هئي ۽ اهي خيالي شڪليون پڻ جيڪي تارن جا گروپ ٿا ٺاهين. نيول (ميرين) اڪيڊميءَ ۾ سيکاريل (Astronomy) جو اڌ سبجيڪٽ ته ڄڻ ننڍي هوندي ئي اسان کي ڏاڏيءَ پڙهائي ڇڏيو هو. منھنجي ضد ڪرڻ تي مون کي ڀر واري گهٽيءَ ۾ خليفن (سُرهين) جي گهر وٺي هلندي هئي، جتي ڪنڊ واري ماسي ڏِنل جي گهر ۾ پڃري ۾ پاليل ابابيل ڏسڻ منھنجو وڏو انگل هوندو هو ۽ پوءِ شمونوسيڪيءَ ۾ پھرين دفعي ئي مون کي هرهنڌ ابابيل نظر اچي ويا جن کي ڏسڻ سان مون کي پنھنجي مرحوم ڏاڏي ياداچي وئي هئي ۽ پوءِ آئون هر دفعي هن هنڌ ابابيل ڏسي دل خوش ڪندو هوس، جن جي اڏام سان، منھنجي ڏاڏي چوندي هئي، ڪو به پکي پڄي نٿو سگهي. آءٌ ان ڳالهه تي کلندو هوس. ٿي سگهي ٿو هوءِ مون کي خوش ڪرڻ لاءِ ائين چوندي هجي، جو هن کي خبر هئي ته ابابيل مون کي وڻن ٿا ۽ پوءِ ڪيترن سالن بعد جڏهن جپان ”بليٽ ٽرين“ ٺاهي ته شايد ٽي ويءَ تي هڪ سائنسي پروگرام ۾ ڪنھن چيو ته هيءَ بليٽ ٽرين، هر جانور ۽ پکيءَ کان تکو ڊوڙي ٿي،ته هتي جي هڪ جپاني زولاجسٽ چيو ”ها. سواءِ هڪ پکي_ آتسوبامي جي!“ اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو تعجب لڳو هو.
”هاڻ هلڻ کپي.“ نتسومي جي آواز مون کي ماضيءَ مان ڪڍي وري حال ۾ ”ڪان مون“ پل وٽ شمونوسيڪي جي هن ميرين ڊرائيو واري روڊ تي آڻي بيھاريو.
”بلڪل هلڻ کپي.“ اسان ورڻ لڳاسين.
”معاف ڪجو! جي اڃا ڏسڻ چاهيو ته به توهان جي مرضي.“ نتسوميءَ چيو.
”نه. نتسومي سانَ (مئڊم نتسومي) هاڻ ابابيل آهن ئي ڪٿي. هيتري دير ۾ ڪي ٻه ٽي نظر آيا نه ته اڳ ۾ سوين هوندا هئا.“
”هيءَ سندن لڏي وڃڻ جي متان موسم هجي ۽ هتان ڪجهه وقت لاءِ هليا ويا هجن.“ نتسومي چيو.
”نه اها ڳالهه ناهي. هو هتان هميشه لاءِ هليا ويا آهن. هر ملڪ ۾ اسين انسان ايترو ماڊرن ٿيندا وڃون_ ان سان گڏ گاڏين، موٽرن، جھازن، ڪارخانن جو گوڙ ايڏو وڌندو وڃي، جو اسان ڏينھون ڏينھن وڃون نئچر کان ڏور ٿيندا. ڀلا هھڙي گوڙ گهمسان ۾ ڪھڙو پکي رهي سگهندو. رڳو هن ڪارخاني جو ئي گوڙ ايڏو آهي جو هتي ڪو رهي نه سگهي. هن سڄي قطار ۾ فقط هن ڪارخاني جي عمارت اها ساڳي آهي پر اڳ ۾ هتي گهڻو تڻو ڪم هٿ سان ٿيندو هو. هاڻ هر ڪم مشينن سان!“
جپان جو هي بندرگاهه شمونوسيڪي تمام گهڻي تاريخي اهميت رکي ٿو. جپان جي سڀ کان وڏي ٻيٽ ”هونشو“ جي بلڪل آخري ڪنڊ تي آهي جيڪو حصو باقي دنيا (ڪوريا، چين) وغيره جي بلڪل ويجهو آهي. سڄو جپان دنيا کان الڳ ٿلڳ ۽ پري رهيو، ڪجهه جاگرافي بيھڪ ڪري ڪجهه عوام ۽ حڪومتن جي مرضي ڪري به. پر جيڪي ڪجهه سندن ٻين ملڪن سانلاڳاپو رهيو ته سندس گهڻي ڀاڱي Contactهتان شمونوسيڪي واري پاسي کان رهيو، جيڪو ڏکڻ ڪوريا سان ته ڄڻ ڳنڍيو پيو آهي. اڄ به روزانو هڪ فيري جپان مان هِن بندرگاهه ’شمونوسيڪي‘ کان ڪورياجي ويجهي بندرگاهه ’پوسان‘ ڏي وڃي ۽ موٽي ٿي. ڪيترائي جپاني روزانو ڪوريا_ ڪجهه گهمڻ، ڪجهه عياشيءَ لاءِ ۽ ڪجهه سستي خريداريءَ لاءِ وڃن ٿا ۽ ڪوريا جا ماڻهو جپان ۾ نوڪري ۽ بزنيس لاءِ اچن ٿا. بلڪ ائين چئجي ته جپان جو بندرگاهه شمونوسيڪي ۽ ڏکڻ ڪوريا جو بندرگاهه پوسان ان جاگرافڪ پوزيشن ڪري وڌيا ويجهيا ۽ امير ٿيا آهن ۽ صدين کان هتي جپانين ۽ ڌارين جي اچ وڃ لڳي رهي آهي.
“هتي جو مشھور جِنجا (درگاهه) ’اڪاماجنگو جنجا‘ ڏسڻ هلون؟“ نتسوميءَ پڇيو.
جپان سڄو مندرن (جن کي جپانيءَ ۾ اوتيرا ۽ انگريزيءَ ۾ Temple چئجي ٿو) ۽ جنجا (Jinja) سان ڀريو پيو آهي. جنجا کي انگريزيءَ ۾ (Strine) سڏجي ٿو ۽ آئون في الحال درگاهه لکندو اچان، جيسين ڪو سنڌيءَ جو ماهر ان لاءِ ڪو لفظ ڳولي يا جيسين ڪو پڙهندڙ مون کي صحيح لفظ ٻڌائي، تيسين ستر جي شروع وارن سالن کان وٺي درگاهه لکندو اچان جو هتي جي جنجائن تي ڇوڪرا ڇوڪريون، پوڙها پوڙهيون وڻن ۾ اڳڙيون ٻڌي سُکائون ڪنديون، ننڍڙي ٺھيل کوهه ۾ خواهش پوري ٿيڻ لاءِ سِڪا اڇلينديون، جنجائن جي مجاورن ۽ انهن جي خوبصورت مددگار ڇوڪرين کان رولڊ گولڊ جا مھانگا مھانگا تعويذ خريد ڪنديون، چپل جتي لاهي هٿ ۾ جهلينديون، ان ۾ دفن ڌرمي رهنمائن ۽ ”سومورائي“ جنگجوئن جي قبرن تي وڻن جون ٽاريون رکنديون.... اهي حال ڏسي اسان جھازي دوست جنجا کي درگاهه سڏڻ لڳاسين ۽ اوتيرا کي مندر_ جيڪو ٻڌ ڌرم جو مندر به ٿي سگهي ٿو (جنھن ۾ رڳو گوتم جي مورتي ٿئي ٿي) ته شنتو ڌرم جو مندر به،(جنھن ۾ ٻاوا ۽ انهن جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ’مائڪو‘ ڇوڪريون ٿين) ۽ مندر کان وڌيڪ انهن خوبصورت جوان مائڪو ڇوڪرين کي ڏسي زائرين جي دل خوش ٿي ويندي هوندي. بھرحال جنجا ۽ اوتيرا ۾ اهو فرق آهي، جيتوڻيڪ ٿوري وقت لاءِ آيل هڪ ٽُوئرسٽ کي اهي سڀ هڪجھڙا مندر لڳندا.
شمونوسيڪيءَ ۾ به جپان جي ٻين شھرن وانگر ڪيترائي جنجا ۽ اوتيرا آهن. نتسومي اسان کي اڪوما جنگو جنجا (درگاهه) ۾ وٺي آئي جيڪو No Doubt خوبصورت هنڌ تي، سھڻي آرڪيٽڪٽ ۽ رنگن جو آهي. خوبصورت يا سھڻو هنڌ ته نه فقط هن مندر لاءِ چئي سگهجي ٿو پر هن قسم جا آڳاٽا مندر جبلن تي، جبلن جي غارن ۽ قدمن ۾ بيحد رومانوي هنڌن تي آهن جتي قدرتي باغ باغيچا ويندي آبشار وغيره آهن.
شمونوسيڪي جپان جي ياما گچي ضلعي ۾ آهي. انتظاميه جي لحاظ سان (جاگرافيڪلي ۽ ڪلچرلي) سڄي جپان کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنھن کي پاڻ صوبا يا ملائيشيا وانگر رياستون ته نٿا چئي سگهون، پر کڻي ضلعا سمجهون. جيتوڻيڪ پنھنجي حيدرآباد، نوابشاهه جھڙي ضلعي کان به وڏا ٿيندا. جپاني ان کي Kenسڏين ۽ انگريزيءَ ۾ Prefecture . هتي جپاني اڪثر پڇندا آهن ته تون ڪھڙي پريفيڪچر (Ken) کان آهين؟ ان مان ماڻهوءَ جي رسم رواج ۽ ڪلچر جي ڪافي خبرپوي ٿي. هونءَ کڻي جپان Homogenous ملڪ آهي، پر تڏهن به زبان جي لھجي ۽ رسم رواج ۾ هر ضلعي (Ken) مطابق فرق اچي ٿو. جيئن سنڌ ۾ هڪ ئي سنڌي زبان ڳالهائي وڃي ٿي، پر تڏهن به ٿر، شڪارپور، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي زبان ۾ ڪجهه فرق رهي ٿو.
جپان جي وڏي ۾ وڏي ٻيٽ هونشو (جنھن ۾ ٽوڪيو، يوڪوهاما، ڪوبي ۽ اوساڪا جھڙا شھر آهن) جو آخري پُڇڙي وارو پريفيڪچر (Ken)”ياما گچي“ آهي، جنھن جي آخري ڪنڊ تي هي بندرگاهه شمونوسيڪي آهي. ياما گچي ڪين جي ڀرسان شماني، يروشيما، اوڪاياما جھڙا پريفيڪچر آهن. ڪيترن ئي پريفيڪچرن جا نالا اتي جي وڏي شھر جا به نالا آهن. جيئن هيروشيما پريفيڪچر جو نالو آهي ته ان ضلعي جي وڏي شھر جو به. جيئن پاڻ وٽ دادو، ٺٽو ۽ ٻيا ضلعا به آهن ته شھر به، جيتوڻيڪ ڪي فقط ضلعن جا نالا آهن، جيئن پاڻ وٽ ٿرپارڪر ضلعو.
نتسوميءَ جو پيءُ جيتوڻيڪ ڪوڪورا شھر (فڪوئوڪا پريفيڪچر) جو آهي پر سندس ماءُ ياما گچي پريفيڪچر جي آهي. فڪوئوڪا جپان جي ٽي نمبر وڏي ٻيٽ ڪيوشو جو آخري ضلعو آهي، جنھن جي پڇڙيءَ وارو بندرگاهه ’موجي‘، شمونوسيڪي بندرگاهه جي آمهون سامهون آهي. نتسوميءَ ٻڌايو ته سندس ڏاڏي Yamaguchi ياماگچيءَ ۾ دفن ٿيل آهي ۽ هوءَ ٿورو وقت اتي به هلندي. ڏاڏيءَ جي قبر تي رکڻ لاءِ وڻن جون ٽاريون هن ان ئي وقت هڪ گلن واري جي دڪان تان ورتيون جنهن وقت مون ابابيل پئي ڏٺا.
جپاني مري ويلن جي لاش کي ساڙي پوءِ راک کي زمين ۾ دفن ڪن. ان جي مٿان ٻه يا ٽي فوٽ کن چورس يا مستطيل ڪٽ ورڪ جي مختلف جيوميٽريڪل Shapes جا پٿر رکن. اهي پٿر ان مري ويل جي پونئيرن جي سماجي ۽ معاشي پوزيشن ظاهر ڪن ٿا. قبرن مٿان رکڻ لاءِ انهن ڪٽ ورڪ وارن پٿرن جو اخبار ۾ ڪالهه ئي هڪ اشتهار پڙهي رهيو هوس، جن جي قيمت لکين يين ٿئي ٿي. اخبار ۾ جيڪي مختلف قبرن جا پٿر ڏنل هئا انهن ۾ هڪ اسي مَانَ يين جو آهي، يعني 800000 يين جو (هڪ ’مَانَ‘ ۾ ڏهه هزار يين ٿين)، هڪ 135 مانَ جو (يعني ساڍن تيرهن لک يين جو_ جيڪو پاڪستاني ست لک رپين جو ٿيو) ۽ هڪ ته 250 مانَ جوبه آهي، يعني پنجويھه لک يين (يعني ساڍن ٻارهن لک رپين) جو. هونءَ جپاني ماڻهو پئسي خرچڻ جي معاملي ۾ سياڻا آهن، پر مرڻي پرڻي جھڙين ٻن ٽن رسمن ۾ مار کايو وڃن ۽ جي ائين نٿا ڪن ته دوست يار کين ٿُڪون بُجا ٿا هڻن ۽ پاڻ به ٻين کي هڻندا رهنٿا. هو پنھنجو پاڻ کي اهڙين رسمن کان آجو ڪري نه سگهيا آهن ،جو يورپين وانگر هيڏانھن هوڏانھن به شفٽ نٿا ٿين. جپان ۾ رهائش جو مسئلو آهي ۽ سالن کان سڀ اتي ئي انهن گهٽين ۽ گهرن ۾ آچار ٿي رهيا پيا آهن. وڌ ۾ وڌ گهر ڊاهي يعني Horizontal جايون ختم ڪري Vertical (فليٽ) ٺاهيا اٿن ۽ سڀ اتي ئي ويٺا هڪ ٻئي جي غمين خوشين جا معرڪا اٽينڊ ڪن ۽ هڪ ٻئي تي ٽوڪون چٿرون ڪن.
ٻي ڳالهه ته جپاني پنھنجي مري ويل مائٽن جي قبرن تي گل رکڻ بدران هڪ خاص وڻ جون ٽاريون رکن، جيڪو هتي جي جابلو علائقن ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو.
اسان کي نتسومي شمونوسيڪي شھر جي مختلف هنڌن تان ڦيرائي اڪاما جنگو جنجا تي وٺي آئي، جيڪو ٿورو مٿاهين Altitude تي آهي جتان پري پري تائين سمنڊ ۽ ان ۾ هلندڙ جھاز ۽ ٻيڙيون نظر اچي رهيون هيون. سال ۾ هڪ دفعو هن درگاهه کي چڱيءَ طرح صاف ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ڏينھن صفائيءَ جو هو. شھر جا ڪافي والنٽيئر مرد ۽ عورتون صفائي لاءِ پھچي ويا هئا، جن مان ڪيترن بانس جا وڻ پٽي انهن جي ٽارين سان ٻھاري ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. هڪ انهن ۾ تمام پوڙهي عورت پڻ هئي. پوڙهيون ته ٻيون به ڪيتريون ئي هيون پر انهن پوڙهين ۾ هيءَ تمام جهور پوڙهي هئي. مون هن کان عمر نه پر اهو پڇيو ته هوءَ ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جڏهن آمريڪا هيروشيما تي بم ڪيرايو هو ته ڪيترن سالن جي هئي.
”چاليھه سالن جي هونديس.“ هن وراڻيو. تنھن جي معنيٰ ته هيءَ نوي سالن کان وڏي عمر جي چئبي. شاباس هجيس جو هن عمر ۾ اهڙي کڙي تڙي آهي، جو گهران هتي آرام لاءِ نه پر هن جنجا (Shrine) جي صفائي لاءِ آئي آهي. سندس هٿ ۾ ٻھارو هو. مون کيس فوٽو لاءِ منٿون ڪيون پر هوءَ شرمائيندي رهي. هن سان گڏٻيون (هن کان گهٽ پوڙهيون) فوٽو لاءِ پاڻهي ئي پئي آيون پر هيءَ نه مون سان گڏ ڪڍائڻ لاءِ راضي هئي ۽ نه اڪيلي سِر. پر پوءِ نتسوميءَ الائي ڪھڙو ڪن ۾ ڦسڪو هنيس جو هوءَ يڪدم راضي ٿي وئي. شايد اهو ئي چيو هوندائينس ته گائيجن (ڌاريون) آهي. هي فوٽو پنھنجي ملڪ وڃي ڏيکاريندو يا خبر نه آهي ڇا چيائينس.
اهڙي طرح هڪ فوٽو هن درگاهه جي وڏن مجاورن جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ وارين ڇوڪرين (جيڪي مائيڪو سڏجن ٿيون) مان هڪ سان ڪڍائڻ چاهيم ٿي. منھنجي ڀرسان لنگهندڙ هڪ کي چيم، پر هوءَ پير سڙيل ٻليءَ وانگر هيڏانھن هوڏانھن پئي وئي، ڄڻ سڄي مندر ۽ قبرستان جي صفائيءَ جو ڪم هن جي مٿي تي اچي ويو هجي. ان بعد وري نتسوميءَ خبر ناهي ڪھڙا Magic words چئي هڪ ٻي مائڪو کي مندر مان گھلي آئي ۽ منھنجي چوڻ تي مندر اڳيان روايتي رکيل پٿرن جي ڪتن مان هڪ جي اڳيان ٿي بيٺي ۽ نتسوميءَ فوٽو ڪڍيو. ڪُتن بابت شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته شنتو ڌرم جي مندر اڳيان ٻه ڪتا بيٺل هوندا آهن.
بھرحال هي تکي ڳاڙهي ۽ نارنگي رنگ جي جنجا (جپاني درگاهه) شھنشاهه انتوڪُو (Antoku) جي نالي وقف ٿيل آهي، جيڪو 1185ع ۾ Dan no Ura نالي نيول جنگ ۾ مارجي ويو هو. اها لڙائي اتي ئي سامهون ’ڪان مون‘ ڳچي سمنڊ ۾ لڳي هئي... اتي موجود هڪ ٻائوهي سڄو قصو ٻڌائي رهيو هو، پر مون ٻڌڻ ۾ گهڻي دلچسپي نه ڏيکاري.
اسان کي ته نتسومي پنھنجي ڪار ۾ هتي وٺي آئي پر هن پاسي بس ۾ به اچي سگهجي ٿو. هيءَ جنجا شمونوسيڪي جي ريلوي اسٽيشن کان ٽي ميل پري اوڀر ۾ آهي ۽ اتان هيءَ هينو اما جبل ڏي ويندڙ بس جي روٽ تي آهي۽ ”اڪاماجنگو مائي“ بس اسٽاپ تي لھي پئجي. ريلوي اسٽاپ کان ايندي رستي تي ياما گچي بئنڪ، هوٽل ٿرٽي ايٽ (جي ها! هن هوٽل جو نالو انگريزيءَ جو 38 آهي)، گرين هوٽل ۽ ڪائيڪيو يُومي نالي ٽاور نظر اچن ٿا. رستي تي گرانڊ هوٽل ۽ ڪاراٽو نالي بس اسٽاپ وٽ هن شھر جو ميوزيم (City Art Museumhino) آهي، جيڪو سومر کان علاوه باقي ڏينھن تي صبح جو ساڍي نائين کان شام جو ساڍي چئين تائين کلي ٿو. ميوزيم واري هيءَ عمارت ميئيجي دور ۾ برٽش قونصليٽ بلڊنگ هئي، جيڪا 1906ع ۾ کلي هئي.
مٿيون اڪاماجنگو درگاهه ۽ مندر ”اڪاماجنگو_مائي“ بس اسٽاپ کان ڪجهه وکون سامهون آهي. هڪ ٻي جنجا (درگاهه) سُمي يوشي (Sumy Yoshi- Jinja) نالي پڻ اتي ئي شھر ۾ شن شمونوسيڪي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هينو ياما جبل جي اتر ۾ آهي، جيڪا 1370ع جي آهي. هي جڳھيون جڏهن اسان جو جھاز هتي ايندو هو ته اسان جي جھاز ران ڪمپنيءَ جي مقامي آفيس جو جپاني مئنيجر جھاز جي خلاصين ۽ آفيسرن کي گهمائڻ لاءِ مائڪرو بس کڻي ايندو هو. پر انهن ڏينھن ۾ ههڙين تاريخي شين ڏسڻ لاءِ اسان کي نه دلچسپي هئي ۽ نه توفيق.
”اڪاما جنگو“ جنجا ڏيکارڻ بعد اسان جي ميزبان نتسومي اسان کي هن ياماگچي ضلي (پريفيڪچر) جي هڪ جهوني ۽ تاريخي شھر چوفو (Chofu)۾ وٺي آئي. گهران نڪرڻ مھل نتسوميءَ جي سھري تونيجيءَ نتسوميءَ کيچوفو شھر وٺي وڃڻ ۽ ”چوفو موري“ سمورائي جنگجوئن جو پراڻو جپاني اسٽائيل گهر ڏيکارڻ لاءِ چيو هو. سو هوءَ اسان کي چوفو وٺي آئي. هونءَ به چوندا آهن ته ڪو هن شھر_شمونوسيڪي ۾ اچي ته هن کي کپي ته چوفو جي گهٽين جو ضرور چڪر ڏئي ۽ هاڻ اسين هن تمام جهوني قلعي واري شھر جي پراڻي علائقي جوڪا ماچي (Joka Machi) جا چڪر هڻي رهيا هئاسين. هن سامونڊي ڪناري واري شھر جو قلعو ته سڄو ڀڄي ڀري ويو آهي، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ان جون نشانيون رهجي ويون آهن. ڪجهه ڪچين ڀتين وارا ۽ سامورائي دروازا اڃا تائين ياد گار طور ڇڏيل آهن. ان کان علاوه ميوزيم ۽ ڪجهه پراڻا مندر (اوتيرا) ۽ درگاهون (جنجا) پڻ هتي آهن. جيئن ته ”ڪوازن_جي“ جو مندر جتي اسان اچي ڪجهه فوٽو پڻ ڪڍيا ۽ ان ڏينھن چوفو ۾ رهندڙ ٻارن ۽ وڏن جي ڪراس ڪنٽري ڊوڙ ٿي رهيهئي جنھن جي شروعات هن Ko-zan-Ji مندر کان شروع ٿي رهي هئي. هڪ همراهه سمورائي (جنگجو جوڌي) جي ڊريس پائي هٿ ۾ تلوار کڻي آيو هو جنھن سان اتي جي جپاني ماڻهن فوٽو پئي ڪڍرايا. مون به ساڻس فوٽو ڪڍرايو. هي مندر 1327ع جو آهي ۽ جنھن سمورائي جوڌي جي ياد ۾ هي مندرآهي، ان جي براس جي ٺھيل چڱي وڏي مورتي اڱڻ ۾ رکيل آهي.
هن مندر کان علاوه ٻيا جيڪي ڏسڻ لائق آهن، اهي هي آهن:
ڪاڪُوئان_ جي(Kakuoan- Ji)جو مندر، امِينو ميا_جنجا (Iminomiya) جي درگاهه ۽ نَوگي_جنجا (Nogi_Jinja)جي درگاهه. شمونوسيڪي جي اسٽيشن کان هر وقت چوفو بس ايندي رهي ٿي، جنهن جي ٽڪيٽ 450 يين آهي. چوفو شھر ۾ ماتسوبارا (Matsubara) يا جوشيتا ماچي (Joshita Machi) بس اسٽاپ تي لھجي.
اسان ”ڪوزان جي“ مندر مان نڪري ٿورو اڳيان هلياسين ته هتي جي مشھور ”چوفو موري“ حويلي (Chofu Mori residence ) نظر آئي، پر ڪار پارڪنگ ڀريل هجڻ ڪري ڪافي پري پارڪ ڪري هتي آياسين. هي ڏهاڪو کن ڪمرن جو هڪ سؤ سال کن اڳ جو ٺھيل گهر آهي. تاريخي طرح هن خوبصورت ڪکاڻي حويليءَ جي وڏي اهميت آهي. هي گهر چوفو موري قبيلي جي چوڏهين سردار ٺھرايو. شھنشاهه ميئيجي هن حويليءَ کي ڪماموتو اچڻ وارن ڏينھن ۾ عارضي طرح محل طور استعمال ڪيو. وزير موتو توشي موري جي پوٽي مسز هنساڪو، جيڪا شھزادي هاناڪو جي ماءُ جي حيثيت سان وڌيڪ مشھور آهي، پنھنجي ننڍپڻ جا ڏينھن هتي گذاريا هئا وغيره وغيره. چوفو ۾ ڪنھن گائيڊ کان پڇڻ تي يا هن حويليءَ طرفان مليل بروشر پڙهڻ سان ان قسم جي ڪيترن ئي سامورائي قبيلن جي اهم ماڻهن ۽ هتي جي انيڪ جنگجو سردارن مان ڪيترن جي مٽن مائيٽن جي خبر پوي ٿي، جن هن حويليءَ تي قدم رکيا. جپان جي هرهڪ پريفيڪچر (ضلعي) بلڪ ڳوٺ ڳوٺ جي جنگي جوڌن ۽ سامورائي پھلوانن ۽ ڌرمي پئنچن_ يعني هتي جي جاگيردارن، نوابن ۽ ”سيدن پيرن“ جي ايڏي پيچيده ۽ مُنجهيل هسٽري آهي، جو هتي جا ماڻهو به انهن کوندن کان پري ڀڄن ٿا ۽ اسان جاهلن ۽ سست ماڻهن کي ته مغلن جي تاريخ ته پري پر ميرن ڪلهوڙن جي تاريخ جي ئي چڱي طرح خبرناهي. سو هن حويليءَ ۾ ڪھڙو سامورائي سردار يا ڪنھن جي پوٽي ڏوهٽي رهي وئي، ان سان ڪھڙي دلچسپي. اهو آهي ته هيءَ حويلي ڏسڻ سانجپانين جي دماغ جو قدر ڪرڻو پوي ٿو ته هنن ڪکن ۽ ڪاٺ مان ڪيئن خوبصورت گهر ٺاهيو آهي، جيڪوسياري ۾ گرم ۽ اونهاري ۾ هوادار آهي ۽ گهر جي ڪنھن به پاسي جو سلائڊنگ دروازو گسڪاءِ ته سامهون خوبصورت وڻن، ٻوٽن ۽ وڏن پٿرن وارو باغ نظر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ به ايترا وڻ ۽ ڪاٺ هجن ها ته سنڌ ۾ ان کان به خوبصورت ڪاٺ جا گهر هجن ها. پر سنڌ ۾ شروع کان ئي پاڻيءَ جو مسئلو رهيو آهي، جيڪو ماڻهن ۽ وهٽن جي پيئڻ لاءِ ئي حل نٿو ٿئي، اتي هڙين ۽ ٻيلن لاءِ پاڻي ڪٿان اچي. انگريز سرڪار بئراجون ٺھرائي رستن جي ڪناري تي وڻن جون جيڪي ڪجهه قطارون پوکرايون، آزادي ملڻ بعد اهي وڻ به اسان جي ڏاڍن مڙسن ڪٽرائي ڇڏيا، سو ڪٿان ڪاٺ اچي جنھن مان هھڙا گهر ٺھن. بس اهوئي شڪر آهي جو ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ڪجهه لاٽون ۽ اٽي ڏڪر ٺھيو پيا وڃن.
جپاني آرٽ جي هيءَ خوبصورت حويلي ۽ چوڌاري سھڻو ۽ سانت ڀريو باغ، جنھن ۾ چؤطرف ڀنڀوريون ۽ پوپٽ پئي ڦريا ۽ سھڻن ۽ رنگين پکين لاتيون پئي لنئيون، ڏسي دل خوش ضرور ٿيو وڃي، بشرطيڪ هتي اچڻ جون ڳريون ٽڪيٽون ۽ گاڏيءَ جي پيٽرول تي خرچ نتسوميءَ جھڙو ڪو سخي ماڻهو ڀري نه ته جپان يا سئيڊن جھڙا ملڪ ڀاڙا ڀري ڪي گهمڻ لائق نه آهن. ماٺ ڪري ٽوڪيو مان ئي موٽي وڃجي ’متان ڪا مري اڃ، ڏئي پاراتو پنهل کي‘ وارو حساب آهي. منجهند جو هڪ اچي ٿيو هو. رستي تان ۽ گهران کنيل بسڪيٽن، پٽاٽو چپس ۽ ٻين شين جا پاڪيٽ کولي کائيندا رهياسين، سو بک نه لڳي هئي. پر نتسوميءَ چيو ته هلو ته توهان کي هتي جي خاص ماني کارايان.
اسان کيس گهڻو ئي چيو ته مانيءَ جي ضرورت ناهي جو هاڻ سڀ ڪجهه ڏسي ڇيھه ڪيوسين ۽ مانيءَ لاءِ وري شمونوسيڪي شھر جي وچ ڏيهلجي ان کان بھتر آهي ته هتان ئي هيءَ Kanmon پل ٽپي موجيءَ هليو هلجي، جنھن کان پوءِ ڪوڪورا آهي _ جتي اسان رهيل هئاسين. پر نتسومي ذهني طرح اسان کي هتي جا ڪي خاص ڊش کارائڻ لاءِ آتي هئي، جيئن ڪنھن کي اڏيرو لعل گهمائي ٽنڊو آدم ۾ پڪل ران کارائجي.
”نوڊل توهان کي وڻن؟“ نتسوميءَ پڇيو.
نتسومي چڱيءَ طرح واقف آهي ته اسان لاءِ ڇا حلال آهي ۽ ڇا حرام. ان ڪري هوءَ اهو نه پڇندي ته هيءَ شيءِ توهان کي کائڻي آهي يا نه. هوءَ نئين شيءِ لاءِ فقط پڇندي آهي ته اها توهان کاڌي آهي؟ يا توهان کي پسند آهي؟
هونءَ جپاني دوست يا سڃاڻو پڇي ته توهان کي جپاني کاڌو پسند آهي يا نه ته يڪدم ”ها“ نه ڪجي. ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هن جي گهر وڃڻ تي هو توهان لاءِ ڪا اهڙي شيءِ تيار ڪرائي يا هوٽل تان گهرائي وٺي، جيڪا حلال نه هجڻ ڪري توهان کائڻ کان انڪار ڪريو ۽ هن جو پئسو هڪ طرف ضايع ٿئي ۽ Embarassment ٻئي طرف ٿئي.
بھرحال نتسوميءَ هتي نوڊلز جو پڇيو، جنھن لاءِ ڪنھن جي به پڇڻ تي ها ڪري سگهجي ٿي جو هر قسم جون نوڊلز يا اسپا گهيٽي وغيره ڪڻڪ يا چانورن جي اٽي مان ٺھن ٿيون. اهي ٻئي ٿلهي قسم جون سَويون ٿين، جھڙيون پاڻ وٽ عيد لاءِ هٿ جي مشين سان ٺاهين. ٻيون ان کان ٿورو ٿلهيون ٿين، انهن کي جپاني اودون چون. ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ پاسي بلڪ سڄي ڏور اوڀر ۾ (جپان ڪوريا سميت) هڪڙيون بيحد سنهيون سويون به عام طرح کاڌيون وڃن ٿيون، جن کي جپاني Soba سڏين ۽ ملائيشيا ۽ ان جي اوسي پاسي وارا ملڪ ان کي ”مِي“ سڏين جيڪو چيني لفظ آهي. بھرحال سَوِين واري شيءِ اهڙي آهي جيڪا رڌل، اوٻاريل يا تريل ملائيشيا، هتي جپان ۾ ۽ ٻين ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ کائڻ ڪري اسان مان ڪنھن به نتسوميءَ سان ضد نه ڪيو ۽ نتسومي ٽنڊو آدم جي اها ران کارائڻ لاءِ جنھن خاص ريسٽورنٽ جي ڳولا ۾ هئي، اها نه پئي ملي. هوءَ ڪڏهن نقشو ڏسي ڪڏهن ڪنھن واٽھڙوءَ کان پڇي ته ڪڏهن پوليس واري کان. آخر اها ريسٽورنٽ ملي وئي، جيڪا پاڻ ايڏي وڏي نه هئي، جيڏو منجهس خدمتگار ڇوڪرين جو تعداد ۽ آداب هو. قصو مختصر ته هن ريسٽورنٽ جي هر شيءِ بيحد مھانگي هئي ۽ نتسومي پنھنجي سخاوت ۽ مھمان نوازيءَ جو مظاهرو ڪري رهي هئي پر افسوس جو جڏهن انهن نوڊلز جا ٽي ٽي پيالا هر هڪ جي اڳيان رکيا ويا ته خبر ناهي هڪ هڪ پيالي مان ٻه ٻه ٽي ٽي چمچا ڪيئن زهر مار ڪياسين. آئون ته ٺھيو پر احسن ۽ ايمان جيڪي اٺن سالن کان هتي جي کاڌن سان هريل آهن اهي به نه کائي سگهيا.
اسان جا هي حال ڏسي نتسومي ڏاڍو پريشان ٿي وئي. هاڻ کيس ڇا ٻڌايون ته اسين پاڪستاني گرم ماني ۽ گرم چانھه پيئندا آهيون ۽ هن اسان لاءِ هڪ ته ٿڌو ڊش گهرايو ۽ ٻيو انهن ٽنهي ٿڌن ڊشن ۾ عجيب چٽڻيون ۽ Sauces پيل هيون، جن جي هِڱ جھڙي اُگري ڌپ اسان لاءِ بلڪل اوپري هئي، جيتوڻيڪ نتسوميءَ چٽ چٽ ۽ سُڙڪ سُڙڪ جا آواز ڪڍي پنھنجا ٽئي پيالا خالي ڪري وئي جيئن هالا جا ماڻهو صبح جو هوٽل ۾ ويھي پيالا (نان پاوا) کائين. اسان پوءِ ڀت ۽ پٽاٽا گهرائي کاڌا. اٿڻ مھل پنو گهرائي هوٽل جو نالو ”هاتو هانا“(Hatu Hana) لکيم ۽ نتسوميءَ کي چيم ته ان تو واري خاص ڊش جو نالو لکي ڏي جيڪو اڄ اسان کاڌو آهي (بلڪ نه کاڌو آهي).
”Zarusoba“ (زارو سوبا) نتسوميءَ لکيو ۽ اسان کان هڪ دفعو وري معافي ورتي ته هن اسان کي هڪ اهڙي شيءِ کارائي جيڪا اسان جي پسند جي نه هئي.
”نتسومي تون اجايو پريشان نه ٿي... آئون نالو ان ڪري ٿو لکان ته متان اسان جي ملڪ جو ڪو ڀلجي اچي نڪري ته هن ريسٽورنٽ جي (يعني ٽنڊي آدم جي هيءَ ران) يعني ’زارو سوبا‘ نه کائي.“
ٻاهر نڪري هن هوٽل ”هاتو هانا“ جي اڳيان فوٽو ڪڍرايوسين جو حق جي ڳالهه ڪبي ته جپاني گلن جي جوڙجڪ (Ikebana) وانگر خوبصورت لڳي رهي هئي. ان بعد گهر موٽڻ کان اڳ نتسومي پنھنجي ڏاڏيءَ جي قبرستان ۾ وٺي هلي. در وٽ ئي هٿ جي ڌمڻ جو نل هو جيڪو پنھنجي پٽ يوجيءَ کان ڌمرائي اتي رکيل پلاسٽڪ جي باردي ڀري ۽ ان سان گڏ بانس جي لڪڻ ۾ ٻڌل ڪاٺجي ڪَري کڻي هِتان هُتان ٻين قبرن جي قطارن مان ٿيندي پنھنجي ڏاڏيءَ جي قبر تي آئي. ان مٿان لڳل پٿر جو سھڻو ڪتبو ڏسي سمجهي ويس ته سندس ڏاڏي، بلڪ سندس پيءَ ڪافي مالدار ٿو لڳي. جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته انهن قبرن جي مٿان رکيل ڪٽ ورڪ جي ڪم وارن پٿرن جي لکن ۾ قيمت ٿئي ٿي. نتسومي، سندس پٽ ۽ اسان جي احسن ۽ ايمان گڏجي قبرن کي پاڻيءَ سان ڌوتو ۽ پوءِ ان ڪتبي ۾ لڳل لوهي گلاسن مان پراڻيون سڪل ٽاريون ڪڍي تازيون خريد ڪري آيل ٽاريون وڌيون ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ نتسوميءَ پنھنجي زبان ۾ يا شايد سنسڪرت ۾ گوتم ٻڌ کان (ٻڌ ڌرم جا جپاني ان کي ”ڪامي“ يعني ديوتا سڏين) يا پنھنجي مري ويل وڏن جي روح کان (جو جپان ۾ شنتو ڌرم جا پوڄاري روحن جي پوڄا ڪن)، يا ٿي سگهي ٿو پنھجي حقيقي اپائڻھار، جيڪو عالمن جو رب آهي دعا گهري. ان بعد اسان اچي سندس گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ۽ پنھنجي شھر ڪوڪورا جو رخ ڪيوسين.