جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ, مصنف : الطاف شيخ

جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ
مصنف : الطاف شيخ
ڪيٽيگري : الطاف شيخ ڪارنر
ڇپيندڙ : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
شايع ٿيڻ جو سال : 2005
شامل ڪيو ويو : 2023-02-16
ڏِٺو ويو : 918 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 191 ڀيرا

الطاف شيخ جپان بابت کوڙ سفرناما لکيا آھن. ھي سفرنامو 25 سالن کانپوءِ سندس جپان گهمڻ کانپوءِ جو لکيل آھي. مزاحيہ مھاڳ ۾ امتياز ابڙو لکي ٿو: ”الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين بہ ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا تہ لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ تہ باقاعدہ الطاف کي خط لکيو تہ ”اسان آخر توهان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري الطاف شيخ ڪارنر مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ