جپان ويندي دبئيءَ ۾
اسان بحر اسود (Black Sea) جتي، رومانيه ۽ بلغاريه جا بندرگاهه ڪانستنزا ۽ ورنا آهن، لتاڙي ان بعد ڀوئنچ سمنڊ (Mediterranean) اُڪري جبرالٽر وٽان آفريڪا جي کنڊ جو ڦيرو شروع ڪيو ۽ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ جهاڳي اٽڪل 25 کن ڏينھن بعد ايراني نار جي هن بندرگاهه دبئيءَ ۾ پھتاسين. ايترا ڏينھن سمنڊ تي رهڻ بعد ڪناري تي پير رکڻ لاءِ دل ماندي ٿي رهي هئي. پر دبئي پھچڻ تي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته دبئيءَ جو بندرگاهه جھڙو تھڙو آهي، جتي رڳو اوسي پاسي جا ٻيڙا، بتيلا ۽ ڪاٺاڻا جھاز بيھي سگهن ٿا ۽ نه وري ڪراچي يا سنگاپور وانگر ڪا Boat Service آهي جو جيسين سامان بارجن ذريعي جھاز تان لھي، تيسين اسين جھآز هلائيندڙ انهن مسواڙ تي هلندڙ ٻيڙين ذريعي ڪناري جو چڪر هڻندا رهون. اسان کي انهن ڏينھن ۾ ڏاڍي اڻ تڻ هئي ته ايراني نار جون هي عرب رياستون ڏسون جن مان تيل نڪرڻ ۽ دولت جي اچڻ جي هاڪ ٻڌي رهيا هئاسين. ٻئي ڏينھن پنھنجي جھاز جي لائيف بوٽ لاهي اسين بندرگاهه ڏي روانا ٿياسين. اسان ۾ هڪ درٻيلو جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به هو، جنھن لائيف بوٽ جو اسٽيئرنگ ويل سنڀاليو. هو انهن ڏينھن ۾ جھاز جو ٿرڊ آفيسر هو ۽ آئون ففٿ انجنيئر هوس ۽ لائيف بوٽ جي انجڻ جو ڪم منھنجي حوالي هو. اسان ۾ هڪ منھنجو جھازي دوست ۽ ساڳي ڪئبن ۾ مون سان گڏ رهندڙ ڪئڊٽ غضنفر خان به هو. هو به اڳتي هلي جھازن جو ڪئپٽن ٿيو ۽ ڪيترائي سال جھاز جي ڪمانڊ سنڀالڻ بعد گذريل ڏهن سالن کان دنيا جي مختلف جھاز ران ڪمپنين جي ڪراچيءَ ۾ ويھي مئنيجمينٽ سنڀالي ٿو. کيس اڄ جو هر پاڪستاني جھازي ڪئپٽن جي يو خان (G. U. Khan) جي نالي سان سڃاڻي ٿو ۽ سندس ڪمپنيءَ جو نالو ”جيوپيٽر مئرين سروسز“ آهي. بندرگاهه ۾ پھچي پنھنجي جھاز جي ٻيڙيءَ(Life Boat) کي ڪنھن ڪلي سان ٻڌي شھر ڏي روانا ٿياسين. دبئي شھر جون بازاريون ڀٽ شاهه ۾ لڳندڙ ميلي جي ڪچن دڪانن جھڙيون هيون. پر ڇا ولائتي مال هو. واچن، رومالن، ريڊين، ڪپڙن سان دڪان اٿليا ٿي. انهن دڪانن، ايئرڪنڊيشنڊ وڏين ڪارين ۽ هوٽلن مان هنن وارياسين ملڪن ۾ آيل بي انتھا دولت جو جائزو ٿيو ٿي. آئون ۽ منھنجو روم ميٽ جھازي ساٿي غضنفر (G.U. Khan) دبئي ۾ ٻه هفتا کن رهڻ دوران (۽ ان بعد سمنڊ تي) هر وقت اهي ڳالهيون ڪندا رهياسين ته هنن ملڪن ۾ بي انتھا دولت اچڻ ڪري اسان جو ملڪ به امير ٿي ويندو. اسان جي شپنگ وڌندي، اسان جو ملڪ پاڙيسري هجڻ ڪري گلف جا سڀ عرب اسان جي ملڪ مان ڀاڄيون، ميوا، اناج ۽ گوشت وغيره گهرائيندا، سندن جھازن جي مرمت توڙي هلائڻ لاءِ ماڻهو ۽ راشن پاڻي اسان جي ملڪ مان وٺندا. ان وقت هن سڄي تر ۾_ ويندي ايران ۽ سعودي عرب تائين جھازراني توڙي هوائي سروس ۾ اسان جو ملڪ مٿاهون هو. 1968ع تائين ته اسان جي پي. آءِ. اي جي سروس نيويارڪ ۽ آمريڪا جي ٻين شھرن تائين عام ٿي چڪي هئي. (ملائيشيا کي پورن 20 سالن بعد 1988ع ۾ سندس هوائي ڪمپني MAS کي پهريون دفعو آمريڪا ۾ جهاز لاحڻ جي اجازت ملي، سا به آمريڪا جي فقط هڪ شھر ۾!) غضنفر چوندو هو ته الطاف ڏسجان ويٺو، ڏهن سالن بعد ڪراچيءَ ۾ هڪ بدران ٽي نه ته ٻه شپ يارڊ ضرور هوندا، جتي هنن عربن جا جھاز ٺھندا ۽ هلڻ بعد مرمت ٿيندا... وغيره وغيره.
اڄ اهو غضنفر جيڪو مون وانگر اچي سٺ ورهين جي ويجهو پھتو آهي، جڏهن ملندو آهي ته اهي 35 سال اڳ وارن خوابن کي ياد ڪري افسوس ڪندا آهيون ته اسان جي ملڪ جي اڳواڻن (سياستدانن توڙي ادارن جي ليڊرن) جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ ان جا ڪيترائي ادارا ترقيءَ بدران تباهه ٿي ويا آهن. اڄ اسان وٽ نه پر دبئيءَ ۾ شپ يارڊ آهن، جت اسان جا پنھنجا جھاز مرمت (Dry Docking) ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪريون ٿا. اڄ عرب ملڪن جا جھاز اسان جي گوشت کي Unhygienic سمجهي نٿا وٺن. پاڻي ٻين کي وڪڻڻ ته ڇا پاڻ لاءِ به کوٽ آهي، ۽ اسان جا ڪيترا جھاز مھانگي هجڻ جي باوجود دبئي ۽ سعودي عرب مان پاڻي خريد ڪن ٿا جو هر دفعي جھاز وارن کي پڪ ناهي ته ڪراچيءَ مان ملي به يا نه. اهو ئي حال هوائي جھازن جو وڃي ٿيو آهي. مختلف ملڪن جون Services هڪ ٻئي پويان بند رهيون آهن ۽ جيڪي PIA جا جھاز هلن پيا، انهن جي سڃاڻپ Great People to Fly with بدران بدبودار ڪاڪوس ۽ معيار کان ڪريل مسافرن لاءِ ماني آهي ۽ هينئر دبئي وارن جي هوائي ڪمپني Emirate جي هن هوائي جھاز ۾ اوساڪا ڏي ويندي مون کي ڪا خوشي نه ٿي رهي آهي. هن کان اڳ 1980ع تائين جڏهن جپان By Air اچڻ ٿيو ته PIA ۾ ئي آيس. ڪڏهن منيلا (فلپين) کان ڦري ته ڪڏهن بيجنگ (چين) وٽان ٿيندو. ڪيڏو افسوس ٿو ٿئي، پنھنجي قومي هوائي ڪمپني ۽ پنھنجي ٻين ادارن کي ڏينھون ڏينھن پٺتي ويندو ڏسي ۽ هوڏانھن ملائيشيا جھڙا ملڪ به خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتا آهن. بيا ادارا ته ٺھيو پر ملائيشيا جو سنڌي ادبي بورڊ جھڙو ادارو ”ديوان بهاسا پستڪا“ به خبر ناهي ڪٿي وڃي پھتو آهي. هر سال ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا ڇپرائي ٿو. جيتوڻيڪ سالياني بجيٽ ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد اسان جي اداري کان گهٽ آهي، پر خبر ناهي ڇو اسان وٽ اهڙي باهه پئي ٻري جو ڪو به ادارو سڌري نٿو. کڻي ڪھڙو به ماڻهو ان اداري جو هيڊ ڪري رکو. ويتر اهو ماڻهو به کريو پوي۽ افسوس ٿو ٿئي ته اهي ماڻهو جن کي اسان سون جھڙا ٿا سمجهون، اهي به وڏو عھدو ملڻ تي کوٽا ثابت ٿيو پون.