الطاف شيخ ڪارنر

جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

الطاف شيخ جپان بابت کوڙ سفرناما لکيا آھن. ھي سفرنامو 25 سالن کانپوءِ سندس جپان گهمڻ کانپوءِ جو لکيل آھي. مزاحيہ مھاڳ ۾ امتياز ابڙو لکي ٿو: ”الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين بہ ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا تہ لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ تہ باقاعدہ الطاف کي خط لکيو تہ ”اسان آخر توهان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

جپان جھڙن ملڪن ۾ ’ليکڪ‘ سيد پير آهي

ڪراچيءَ کان دبئي عرب امارات جي هوائي جھاز ۾ آيس ۽ هاڻ جپان پھچڻ لاءِ مون کي دبئيءَ مان وري Emirate جي اڏام وٺڻي هئي، جيڪا بنا ڪنھن هنڌ ترسڻ جي ڏهن ڪلاڪن جي لڳاتار اڏام بعد اوساڪا وٺي آئي. هي پھريون دفعو هو جو اوساڪا ۾ آئون هوائي جھاز رستي اچي رهيو هوس.
جپان جي مختلف بندرگاهن مان اسان جو سڀ کان گهڻو اچڻ ڪو بي ۽ اوساڪا جي بندرگاهن ۾ ٿيندو هو ۽ ٻئي نمبر تي يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو هوندو هو. ڪوبي۽ اوساڪا ائين آهن جيئن سکر کان لاڙڪاڻو. سمنڊ رستي کڻي ڊگهو رستو ٿو ٿئي جو ور وڪڙ ڏئي وڃڻو پوي ٿو، پر هتي جي تيز رفتار ريل گاڏي ڪوبي کان اوساڪا ڪلاڪ اندر پھچايو ڇڏي. يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو اڃا به ويجها آهن ۽ اهي سمنڊ رستي ته اڃا به ويجهو. ٽن چئن ڪلاڪن ۾ پاڻيءَ جو جھاز ٽوڪيو کانيوڪوهاما پھچيو وڃي. هڪ دفعي ٽوڪيو ۾ اسان جي جھاز تي اتي رهندڙ منھنجا دوست ظفر شيخ، اشفاق ميمڻ ۽ اقبال سولنگي ان وقت گهمڻ لاءِ آيا، جنھن وقت جھاز جا يوڪوهاما وڃڻ لاءِ رسا کلي رهيا هئا. مون مٿان بيھي کين پنھنجي جھاز جو پروگرام ٻڌايو ته ڪو ڏورانھين ڏيھه يا بندرگاه ڏي نه پيو وڃي پر اتي ڀر واري بندرگاهه يوڪوهاما ڏي وڃي پيو. هو اتي ئي ڪار ۾ ويھي رهيا ۽ اشارو ڪيائون ته اسان اتي ٿا اچون. اسان جو جهاز ان ئي وقت هلڻ شروع ٿيو ۽ ٽوڪيو جي بندرگاهه مان نڪرڻ بعد ڪلاڪ ٻه ڪو مس فل اسپيڊ تي هلي يوڪوهاما بندرگاهه ۾ گهڙي ويو پر هوڏانھن منھنجن دوستن کي خشڪي رستي پھچڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳو جو ٻنهي شھرن (ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما) ۾ کين ٽريفڪ به ڪافي جئم ملي. سو اهي شھر يا کڻي چئجي ته بندرگاهه ايڏا ويجها آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاگرافيائي بيھڪن ڪري ڪي سمنڊ رستي ويجها آهن ته ڪي خشڪيءَ رستي، جيئن هالا پراڻا کان ڄامشوري ٻيڙيءَ رستي وڃجي ته اهو درياهه جي ٻئي پاسي آهي، باقي خشڪيءَ رستي هالا کان ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ پوءِ حيدرآباد مان ڦرندو ڄامشوري پھچجي ٿو.
اسان جو هوائي جهاز جپاني وقت مطابق منجهند جو ٻارهين بجي ڌاري اوساڪا لٿو. ڪراچيءَ ۾ صبح جا اٺ ۽ دبئيءَ ۾ ست ٿيا هئا، جو پاڪستان جو وقت جپان کان چار ڪلاڪ پٺتي آهي ۽ دبئي کان ڪلاڪ اڳيان آهي. يعني پاڪستان ۾ سج جپان ۾ اڀرڻ کان چار ڪلاڪ رکي پوءِ ٿو اڀري ۽ دبئيءَ ۾ اسان کان اڃا به ڪلاڪ کن دير سان ٿو اڀري.
جھاز اوساڪا پھچي جيئن ئي هيٺ ڀرو ٿيو ته اوساڪا جي شھر جون عمارتون ماچيس جيدٻين وانگر نظر اچڻ لڳيون ۽ بلو نيري سمنڊ ۾ پاڻيءَ جا جھاز راند جي ننڍڙين ٻيڙين جيان نظر اچڻ لڳا. هي اوساڪا جو بندرگاهه هو، جنھن ۾ ڪجهه جھاز جيٽين (ڌڪن) وٽ قطار ۾ ٻڌل نظر اچي رهيا هئا، ته ڪجهه پري کلئي سمنڊ ۾ لنگرڪيرائي بندرگاهه ۾ وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. اسان ڪيترائي دفعا پنھنجو جھاز هن بندرگاهه ۾ وٺي آيا هئاسين. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان ايندي يا ڪوريا مان موٽندي هتي آيا هونداسين. گهڻو تڻو سامان هتي لاهيندا ۽ هتان ئي چاڙهيندا هئاسين. جھاز جي وڏي مرمت کڻي يوڪوهاما يا ڪوبي مان ڪرائيندا هئاسين، پر هلڪي ڦلڪي رپيئر ۽ جھاز جو راشن پاڻي اوساڪا جي هن بندرگاهه (Osaka-Ku) مان وٺندا هئاسين. جپان جي مختلف بندرگاهن مان ڦري گري به هتي ايندا هئاسين. انهن ڏينھن ۾ جھاز کڻي اڄ جھڙا ئي تيز رفتار هئا پر بندرگاهن ۾ ڪم آهستي آهستي هليو ٿي ۽ نه وري اڃا Container سروس شروع ٿي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جو جھاز اوساڪا جھڙن بندرگاهن ۾ ٻن هفتن کان مھينو به بيٺو هوندو هو ۽ اسان کي ريلن ۽ بسين ذريعي نه فقط سڄي اوساڪا جا چڪر هڻڻ جو موقعو ملي ويندو هو پر ڀر وارن شھرن ڪوبي، نارا ۽ ڪيوٽو تائين به وڃي نڪرندا هئاسين ۽ اڄ ان شھر اوساڪا جو هوائي جھاز جي دريءَ مان نظارو ڏسي اڄ کان چوٿو صدي کن اڳ جون گهٽيون، رستا، رلڻ پنڻ، دوستيون ياريون، آواز ۽کاڌا، خوشبوئون ۽ ڇھاءُ سڀني حواسن تي طاري ٿي رهيا هئا. اوساڪا ڪُو، اساشي باشي، بينٽين چو، تينوجي، هوماچي، نامبا، اميدا... اوساڪا جي بندرگاهه (اوساڪا_ڪو) کان اوساڪا شھر جي ٻي پوڇڙ Umedaتائين ريل رستي وڃڻ لاءِ رستي تي اهي مختلف اسٽيشنون اچن ٿيون، اڄ هيترن سالن بعد انهن علائقن (اسٽيشنن جا نالا) صحيح Sequence ۾ دماغ ۾ اوچتو هُري آيا، ڄڻ ڪراچيءَ جا بس اسٽاپ هجن، ماريپور، گريڪس، گل بائي، بنارس ڪالوني، کارادر، ٽاور، بولٽنمارڪيٽ، پاڪستان چوڪ، برنس روڊ، ريگل چوڪ، ايمپريس مارڪيٽ... جيسين جھاز کي هيٺ لھڻ جي اجازت ملي، پائليٽ هن کي ٿورو هيٺين Altitude تي آڻي اوساڪا جي چوڌاري چڪر هڻائي ٿو ۽ آئون هڪ دفعو وري خيالن جي دنيا ۾ هن شھر جي گهٽين گهوٽين ۾ گم ٿي وڃان ٿهو. ستر وارو تقريباً سڄو ڏهاڪو آئون جنھن به جھاز تي رهيس، اهو هن پاسي ايندو هو ۽ هن شھر جي ڪھڙي گهٽي، ڪھڙو رستو ۽ پارڪ آهي، جتان پيرين پنڌ، ريل يا بس ۾ نه لنگهيو هوندس. ان وقت جپان مھانگو نه هو. ان وقت اسان جو سڪو اڄ وانگر کدڙو نه پر مڙس ماڻهو هو. اٺين نائين رپئي ڊالر ملندو هو ۽ آخري ٽرپ ۾ به ڊالر ۾ 300 يين مليا ٿي. يعني ڏهين رپين ۾ ٽي سئو يين مليا ٿي ۽ هينئر ڏهن رپين ۾ فقط ويھه يين ملن ٿا. اسان جو پگهار کڻي گهڻو نه هو پر جپاني سڪو ايترو مليو ٿي جوٽئڪسين ۾ چڙهندا هئاسين، جھاز تي مفت جي ماني کائڻ بدران شھر جي هوٽلن ۾ اچي کائيندا هئاسين. اڄ جو جھازي پگهار گهڻو هجڻ جي باوجود جپان جي بس ۾ چڙهندي به ٻه دفعا سوچي ٿو. اڄ اسان نه پر جپان ۽ يورپ جا ماڻهو يا ملائيشيا ۽ عرب جا ماڻهو سندن ناڻي جي ساک مٿاهين هجڻ ڪري ٿوري پئسي ۾ به گهڻو گهمي ڦري سگهن ٿا.
هوائي جھاز پنھنجا ڦيٿا ٻاهر ڪڍي ٿو، جنھن جي گڙ گڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هو دنيا جي ان واحد ۽ نرالي هوائي اڏي ”ڪنسائي ايئرپورٽ“ تي لھي ٿو، جيڪو سمنڊ تي ٺاهيو ويوآهي. هن هوائي اڏي جو رن وي ساڍا ٽي ڪلوميٽر آهي، جيڪو سمنڊ ۾ ٺھيل پنج ڪلوميٽر ڊگهي ٻيٽ تي آهي ۽ هي ٻيٽ قدرتي طرح ٺھيل نه آهي پر سمنڊ ۾ مٽي ڀري هي ٻيٽ ٺاهڻ لاءِ جپانين کي ست سال لڳي ويا ۽ هاڻي 1994ع کان وٺي جھاز هن ايئرپورٽ تي لھي رهيا آهن.
اوساڪا جي هن هوائي اڏي (Kansaie International) تي لھڻ سان مسافرن کي اتي بيٺل اليڪٽرڪ ٽرين کڻيو اڳيان ان بلڊنگ ۾ اچي لاهي ٿي جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم جي چڪاس ٿئي ٿي. اڄ ڪلهه سارس (Sars) بيماريءَ جي ڪري مسافرن کان اهو به پڇاڻو ٿيو_ بلڪ جھاز مان ئي فارم ڀرڻو پيو هو، جنھن ۾ اهو پڇيو ويو هو ته توهان کي بخار، کنگهه، سلهه، مليريا، ٽائيفائيڊ وغيره جھڙي بيماري هفتو ٻه اڳ تائين ته نه ٿي هئي... وغيره.
اميگريشن واري پاسپورٽ وٺي مون کان رهائش جو پڇيو.
”هتي منھنجي ڌيءَ ستن سالن کان رهي ٿي، ان وٽ رهندس.“ ٻڌايومانس.
Anatawa Nohon-wa Hajimeti Desuka (تنھنجو جپان ۾ هي پھريون دفعو آهي؟) هن پاسپورٽ تي مختلف ٺپا هڻندي مون کان پڇيو.
”ها جي ميتي ديس“ (ها پھريون دفعو آهي اوساڪا ۾) مون وراڻيو ۽ پوءِ سندس منھن ڏي ڏسي چيومانس، ”هيڪو اُوڪي دَيڪي ماشتا“ هوائي جھاز رستي.
”اي مي وانان ديسڪا.“ (ڇا مطلب)؟
هن پريشان ٿيندي پڇيو.
Fune ni Nihon ni Kita Kotowa eepairaimas (پاڻي واري جھاز رستي ڪيترائي دفعا آيو آهيان). هو سمجهي ويو ته کڙکڙ تاڙي.
ڪنھنجو ماڻهو؟
پنھنجو ماڻهو.
ان بعد اڳتي ڪسٽم آفيس جي پھچڻ تي کيس انڊس پبليڪيشن طرفان منھنجو جپان بابت تازو ڇپيل ڪتاب ” ڳالهيون جپان جون“ جو پٺيون پاسو ڏيکاريومانس، جنھن تي منھنجي تصوير ۽ انگريزيءَ ۾ تعارف هو. هن شريف ماڻهوءَ مون کي وڏو اشراف سمجهي، منھنجي بئگ ئي نه کولرائي. بلڪ ٻاهرين دل سان مون کولڻ جو اشارو ڪيومانس ته منھنجا هٿ جهلي روڪيائين. هاءِ دومو اري گاتو (مھرباني) چوڻ لڳو. سٺو ٿيو هن کولي نه ڏٺي نه ته منھنجي آندل مٺائي، آچار، نمڪو ۽ ٻين کاڌي جي شين تي ضرور گھوپي ڪري ها_ پر ٺھيو اڃا ڪي آهن، ڪل جڳ منجهه ڪاپڙي! اميگريشن واري کي ڀلي ٻڌايم ته پاڻيءَ جي جھاز جو چيف انجنيئر آهيان پر چڱو جو هن ڪسٽم آفيسر کي جهازران هجڻ بدران اديب ٻڌايم. نه ته اسان ٻنهي کي ڄاڻ آهي ته جھازي ڪھڙا چڱا مڙس ٿين ٿا. پنھنجي ملڪ ۾ پاڻ اديب (خاص ڪري سنڌي اديب) ته هيڪاندي ڌوڙ پيا پايون. ليکڪ جو ڪو قدر نه آهي، پر جپان، سئيڊن ۽ ناروي جھڙن ملڪن ۾ هڪ ليکڪ باگڙي ڀيل نه پر سيد پير سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري ملڪ کان ٻاهر ٻين ملڪن کي متاثر ڪرڻ لاءِ مئرين انجنيئر، زميندار، ڪئپٽن يا ڊي آءِ جي پوليس ٻڌائڻ مان ڪو فائدو نه آهي. اهو اسان جو ملڪ آهي جتي فلاڻي فوجي يا صوبيدار، سپاهيءَ جو چاچو، مامو يا ڀائيٽيو ڀاڻيجو ٻڌائڻ سان ئي جان جي آزادي ماڻي سگهي ٿي.