الطاف شيخ ڪارنر

جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

الطاف شيخ جپان بابت کوڙ سفرناما لکيا آھن. ھي سفرنامو 25 سالن کانپوءِ سندس جپان گهمڻ کانپوءِ جو لکيل آھي. مزاحيہ مھاڳ ۾ امتياز ابڙو لکي ٿو: ”الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين بہ ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا تہ لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ تہ باقاعدہ الطاف کي خط لکيو تہ ”اسان آخر توهان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

ڄامشورو جي پُل مٿان

اوساڪا جي ايئرپورٽ تي لھي ٻئي جھاز ذريعي جپان جي هڪ ڏاکڻي شھر فڪوڪا (صحيح لفظ فڪوئوڪا) ۾ پھچان ٿو. اتان بس ذريعي موجي (Moji) شھر ۾ اچان ٿو. جپان جو هي شھر جيڪو بندرگاهه به آهي، مون لاءِ نئون نه آهي. 1980ع تائين يعني اڄ کان چوٿو صدي اڳ تائين هتي ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو. هي بندرگاهه موجي ۽ سامونڊي درياهه (Kanmon Straits) جي ٻي پار وارو بندرگاهه شمونو سيڪي (جيڪي اڄ ڪلهه ڪانمان پل ذريعي ڳنڍيل آهن)، ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهن: انچان ۽ پوسان کي ايئن ويجهو آهن، جيئن مورو ۽ دادو جا شھر هالا ۽ ڄامشوري کي. وچ ۾ فقط سمنڊ جو ڪجهه حصو لتاڙڻو پوي ٿو.
اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جا جھاز جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ سامان لاهي پوءِ ڏکڻ ڪوريا وڃڻ کان اڳ جپان جي هن بندرگاهه موجي يا شمونو سيڪيءَ مان ٿيندا وڃن ٿا. شمونو سيڪيءَ ۾ وڏا شپ يارڊ هجڻ ڪري واپسيءَ جي ڊگهي سفر لاءِ جھاز جي ضروري مرمت شمونو سيڪيءَ مان ڪرائڻي پئي ٿي، نه ته به سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ هنن بندرگاهن ۾ هفتو ٻه ته ضرور بيھڻو پيو ٿي. هنن بندرگاهن ۾ نه فقط مڪاني ماڻهن سان ملاقاتون ۽ دوستيون وڌيون پر پنھنجن جھازي دوستن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ڌارين جھازي آفيسرن سان پڻ ڪچھريون ٿيون. جو هتان هر جھاز جو لنگهه رهي ٿو ۽ ترسڻ پڻ ٿئي ٿو. سو هنن بندرگاهن ۾ هر وقت ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن جا جھاز نظر اچن ٿا. هنن بندرگاهن جي هڪ هڪ رستي توڙي گهٽي ءَ مان اسان جو اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي.
موجي بندرگاهه ۾ هڪ دفعو مون کي باءِ ايئر به اچڻو پيو. موجيءَ ۾ بيٺل اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ جھاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيو هو ۽ جھاز جي ٻه هفتا کن مرمت هلڻي هئي. آئون هڪ ٻئي جھاز تي جپان جي اتراهين بندرگاهه وڪاياما(Wakayama) ۾ هوس. مون کي جھاز جي مرمت تي نظر رکڻ لاءِ موجي اچڻ لاءِ چيو ويو. آئون فئمليءَ سان هئس ۽ مون موجي شھر ۾ هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنھن ننڍڙي گهر (مسافر خاني) ۾ رهي پئسو بچائڻ ٿي چاهيو. ان سلسلي ۾ مون وڪاياما مان ئي موجي بندرگاهه جي مقامي آفيس وارن کي فون ڪيو ، جن هڪ مسافر خاني جي پوڙهي مالڪڻ سان مون کي ڳالهرايو.
پوڙهيءَ جي مسافر خاني طور استعمال ٿيندڙ گهر (Ryokan)جي ڳالهه مون کي هر لحاظ کان وڻي. بندرگاهه جي ويجهو، گهٽ مسواڙ تي. پوڙهيءَ نيرن تي جپاني کاڌو گوهان (ڀت) ۽ ميسو شيرو (ڀاڄين ۽ ڳڙ جو سوپ، جيڪو هتي عام طرح نيرن تي ملي ٿو) ڏنو ٿي. گهر ڀرسان بس اسٽاپ هو. هن ٻڌايو ته سندس گهر اڳيان ندي (ڪاوا) به وهي ٿي. جپاني لفظ ”ڪاوا“ ندي ۽ درياهه لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿو. جيئن نيل ندي، سنڌو درياهه، تيئن جپان ۾ سميدا گاوا، ڪوشيرو گاوا، شنانو گاوا وغيره آهن. (جپاني لفظ ’ڪاوا‘ڪنهن نديءَ جي نالي سان لڳڻ تي ’گاوا‘ ٿئي ٿو).
”واهه جي Location آهي، پوڙهيءَ جي گهر جي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ خيالن جي دنيا ۾ پاڻ کي ڄامشوري جي پل وٽ ٺھيل ”المنظر“ هوٽل ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. (هيءَ 1974ع ڌاري جي ڳالهه آهي، جڏهن المنظر هڪ بيحد خوبصورت ۽ رومانٽڪ Spot سمجهيو ويو ٿي.) ماڻهو هن هوٽل ۾ چانھه يا ماني کائڻ کان وڌيڪ هتان سدا شاداب ۽ جوش ۾ اٿلون کائيندڙ سنڌوءَ جو نظارو ڪرڻ ايندا هئا. هي اهو درياهه آهي، جنھن سان دنيا جي پراڻي ترين تھذيب وابسته آهي. هيءَ اها ندي آهي، جيڪا صدين کان وهندي اچي، تڏهن ته اسان جي ڳوٺ جي هڪ شاعر پروفيسر عبدالفتاح ابڙي (عبد هالائيءَ) پنھنجي دل کي سنڌو نديءَ سان تشبيھه ڏني آهي. چي:
”دل ناهه ڪا ڪئمپ فلسطيني،
جا جلندي رهي ۽ ٻرندي رهي.
دل ناهه ڪا شام بيروتي،
جا دونھن ۾ ڪاري ٿيندي رهي.
دل ناهه ڪا بيوهه جي چوڙي،
جا پرزا پرزا ٿيندي رهي.
دل آهي اسان جي سنڌو ندي،
جا عبد صدين کان وهندي رهي.“

”خبر ناهي موجي شھر مان هي ڪھڙو درياهه وهي ٿو. جنھن جي ڪپرن تي هن پوڙهي جپانڻ جو گهر آهي.“ مون دل ۾ سوچيو هو. بھرحال، هوندو ڪو درياهه! مون سڄي جپان جي جاگرافي ته نه پڙهي آهي، جو مون کي هن ملڪ جي هڪ هڪ درياهه، ندي، جبل ۽ ماٿريءَ جي خبر هجي. وڌ ۾ وڌ هتي جي بندرگاهن جي ڄاڻ رکڻ منھنجو فرض آهي.
آئون ضروري سامان کڻائي پوڙهيءَ جي گهر پھتس. پھچڻ سان جھاز جي ڪم ۾ اهڙو جنبي ويس جو صبح جو پوڙهي مالڪڻ طرفان مليل نيرن (سوپ ۽ ڀت) کائي نڪرندو هوس ته چانھه به اچي جھاز تي پيئندو هوس. هڪ ئي وقت جھاز جي ڏهن حصن تي ڪم هلي رهيو هو. مٿي کنهڻ جي فرصت نه هوندي هئي. شام جو ستين بجي شپ يارڊ جي مزدورن جي موڪل ٿيڻ بعد آئون جھاز تان گهر موٽندو هوس، ته اونداهه ٿي چڪي هوندي هئي. جھاز جون مشينون کليل هجڻ ڪري جنريٽر وغيره سڀ بند هئا ۽ بجلي نه هجڻ ڪري، اسين سڀ جھاز جا آفيسر توڙي خلاصي، جھاز جي ڪمپنيءَ طرفان ٻاهر ڪناري تي هوٽل يا جپاني اسٽائيل مسافر خاني ۾ رهياسين ٿي. ٻن ٽن ڏينھن بعد جيئن ئي جھاز جي ڪمن مان ٿوري واندڪائي ملي ۽ هوش ٺڪاڻي آيا ته مون کي درياهه جو خيال آيو. پوڙهيءَ ته چيو هو ته ”واتا شينو اِي اي نو (ايئينو) مائيوا ڪاوا گا اري ماس” (منھنجي گهر اڳيان ندي وهي ٿي)۽ هتي ڪا اهڙي ڪھاڻي ناهي.
نيٺ گهر جي مالڪڻ کان ان جو پڇيم ته هن سامهون اشارو ڪيو. ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي وهندڙ گندي پاڻيءَ جي نالي جيڏو هڪ نالو وهي رهيو هو. هي به گندي پاڻيءَ جو نالو هو، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا، سنگاپور، هانگڪانگ وانگر هتي جي نالين ۽ گٽرن مان فقط مينھن جو ۽ وهنجڻ جو پاڻي لنگهي ٿو. (ٽوائليٽ وغيره جو سسٽم بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ زمين دوز آهي) ان ڪري ان نالي جي وهندڙپاڻيءَ ۾ نه گند ڪچرو هو ۽ نه ڪک پن ۽ نه وري پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. پاسن کان وڻن ۽ گلن جو قطارون هيون.
”تو لڳي ٿو درياهه نه ڏٺو آهي.“ مون پوڙهيءَ کي چيو ۽ پوءِ ڪجهه ٽيڙي ۽ فخر مان مون کيس پنھنجي ملڪ جي سنڌوءَ جو احوال ٻڌايو ته اها ڪيڏي ويڪري، ڪيڏي اونهي ۽ ڪيتري تکي وهڪري واري آهي. اسان جي سنڌو گاوا (ندي) هماليه جبلن تان گجگوڙ ڪندي پنجاب ۽ سنڌ کي سيراب ڪندي، عربي سمنڊ جي پيٽ ۾ هلي وڃي ٿي. سمنڊ وانگر سنڌوءَ ۾ لھرون ۽ ڪُنَ موجود آهن. ٻيڙيون ۽ بتيلا هلن ٿا...” آئون ٽانءِ ۾ ڀريل ڏيڏر وانگر ويس پنھنجي سنڌوءَ جي تعريف ڪندو ۽ پوڙهيءَ جو ويو وات ڦاٽندو، ويو واٽ ڦاٽندو. ظاهر آهي ڪٿي هي ’نالو‘ جنھن ۾ ٻه مينھون به نه بيھي سگهن ۽ ڪٿي اسان جي سنڌو درياهه جو ويڪرو پيٽ ۽ تکو وهڪرو _ جيڪو وڏن ٻيڙن کي به لوڙهي ڇڏي. ان سال ڳوٺان جھاز لاءِ ڪراچي ايندي، ڄامشوري جي پُل وٽ ڪار مان لھي ڪا دير درياهه جي موجن کي ڏسندو رهيو هوس. شاهه لطيف هن درياهه جي ضرور هيءَ ارڏائيڏسي چيو هوندو:

دهشت دم درياهه ۾ جت لڙ، لھرون، لس، ليٽ
آڻي اوڀارن ۾ پانڌي ٻوڙي ٻيٽ
جت چڪنئي چيٽ، ات ساهڙ سير لنگهاءِ تون...

پر پوڙهيءَ کي اهڙا شعر ترجمو ڪري ته نٿي ٻڌائي سگهيس. باقي اسان جي سنڌو درياءَ جي Colossal هجڻ جو Impression ڏيڻ لاءِ مون کي جپانيءَ ۾ جيڪي صفتون آيون ٿي اهي ٻڌائي ورتم.
اڄ چوٿي صديءَ بعد يعني ويهه پنجويهن سالن بعد، هن ساڳي شھر ۽ ساڳي گهٽيءَ مان لنگهڻ تي، هن مسافرخاني (ريوڪان) جي اڳيان بيھي رهيس. گهر جي مٿان ٻه وڌيڪ ماڙيون ٺھيل هيون، جن جي ٻاهران مسافر خاني جو ئي بورڊ لڳل هو. ياد آيم ته موجي ڇڏڻ کان اڳ پوڙهيءَ پنھنجي پٽ جي هتي جي حساب سان ڌوم ڌام سان شادي ڪئي هئي، جيڪا اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آئون درياهه جي ٻي ڀر واري بندرگاهه شموتوسيڪي کان هتي آيو هوس. ڪجهه سالن بعد ٻڌم ته پوڙهيءَ جو اڪيلو پٽ جنھن سندس ڪاروبار ۾ به مدد ڪئي ٿي، هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. پوڙهيءَ جي وري خبر نه پيئي جو منھنجي دوستن جي جھازن به هنن بندرگاهن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. آئون در جو بيل وڄائي اندر رسيپشن ۾ گهڙيس. سندس ٻنهي پوٽين منھنجو مھمان جي حيثيت سان آڌرڀاءُڪيو پر پوءِ مون جڏهن پنھنجو تعارف ڪرايو ته هو مون کي سڃاڻڻ لڳيون. سندن سڃاڻڻ تي مون کي تعجب لڳو.
”ڪمال آهي! توهان ته ڄائيون به بعد ۾ آهيو. آئون 24_25 سالن بعد هتي پيو اچان.“
”ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته هتي هڪ مئرين انجنيئر رهڻ ايندو هو، جيڪو باشو (جپاني شاعر) ۽ مشيما (جپاني ناول نويس) جو عاشق هو.“ هنن مان هڪ ٻڌايو ۽ ٻي منھنجو جپان بابت سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامو ”جپان جن جي جيءَ سان“ کڻي آئي، جيڪو مون تڏهن سندن ڏاڏيءَ کي موڪليو هو. هنن ٻڌايو ته هوءَ چار سال کن اڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي.
”توهان جي اوباسان (ڏاڏي) عظيم عورت هئي.“ مون سندن ڏاڏيءَ کي ياد ڪندي تعريف ڪئي ۽ ڪا دير پراڻن ڏينهن جي خيالن ۾ گم ٿي ويس، جڏهن هن پوڙهيءَ جي قرب ۽ خيال رکڻ ڪري آئون موجي يا هن پاسي اچڻ تي هميشه هن جي ئي مسافر خاني ۾ رهندو هوس.
”اسان جو ڏاڏو هيروشيما ۾ ڪريل بم جو شڪار ٿي ويو هو.“ پوڙهيءَ جي پوٽين مان هڪ ٻڌايو.
”وڪاري ماس_مون کي ڄاڻ آهي.“ مون ڏکويل آواز ۾ وراڻيو، ”ان جي اثر ڪري توهان جي ڏاڏي ڪيترين ئي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا هئي.“
”پر چون ٿا ته هن وڏي همت کان ڪم ورتو.“
”صحيح ٿيون چئو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي. بيمار هوندي به هوءَ گهر کي هلائڻ لاءِ سخت پورهيو ڪندي رهي ٿي.“ مون کين ٻڌايو.
”هوءَ قربائتي به ڏاڍي هئي. سندس مري وڃڻ تي اوڙي پاڙي وارن به ڏاڍو ڏک ڪيو..“
”ضرور ڪيو هوندو.“ مون وراڻيو. ”کيس انسان ذات لاءِ همدردي هئي. هن هر هڪ جو ڀلو چاهيو ٿي. ٻئي کي ڏکويل ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويندي هئي. آئون پھريون دفعو جڏهن هن وٽ رهڻ آيو هوس ته منھنجي ننڍڙي سال کن جي ڌيءَ کي تيز طوفاني هوائن ڪري يا شايد وڪاياما کان موجي هوائي جھاز جي سفر ڪري، ڪن ۾ سور اچي ٿيو. منھنجي زال نه هن شھر جي واقف هئي ۽ نه جپاني آيس ٿي، پوءِ توهان جي ڏاڏيءَ پنھنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، منھنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ ڊوڙندي رهي. مون کي چوندي هئي ته تون نه گهر جو خيال ڪر نه پئسي ڏوڪڙ جو. جنھن ڊيوٽي لاءِ آيو آهين، يعني جھاز جي Repair لاءِ، ان ڏي توجهه ڏي، جيئن اهو جھاز سمنڊ تي تولاءِ مسئلو نه بڻجي.“
”ڪيڏو عجيب ٿو لڳي هڪ ڌارئين کان پنھنجن وڏن جي ڳالهه ٻڌي! سندس پورهئيجي ڪمائي اڄ اسين کائي رهيا آهيون. هوءَ پاڻ غربت ۾ گذاري وئي، پر اسان لاءِ مسافرخاني جي صورت ۾ روزگار ٺاهي وئي...“ ڇوڪرين چيو.
”Hi So Desu صحيح ٿيون چئو.“ مون سندن ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ڪافيءَ جو آخري ڍڪ ڀري، اٿي کڙو ٿيس ۽ ساڻن هڪ يادگار تصوير ڪڍرائي Sayonara (الوداع) چيم.
ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي هلي سندن گهر اڳيان وهندڙ نالي جي ڪپر وٽ بيھي رهيس۽ ڪا دير پنڊ پھڻ ٿي بيٺو رهيس. بارش ۽ گهرن مان ايندڙ پاڻيان ”نالي“ مان شپڪا ڪري وهي رهيو هو. مون کي پوڙهيءَ سان اڍائي ڏهاڪا سال اڳ جو بحث ياد اچي ويو...”هن کي چئبو آهي درياهه!درياهه ته اسان جو سنڌو آهي...“ مون چيو هئومانس. يعني تڏهن چيو هئومانس. چڱو جو اڄ هوءَ جيئري ناهي، نه ته هن کي اڄ ان سنڌوءَ بابت شايد ڪجهه به ٻڌائي نه سگهان ها. هفتو کن اڳ هيڏانھن جپان ۾ اچڻ لاءِ ڳوٺان (هالا کان) ڪراچي ايندي وقت،هميشه وانگر هن ڀيري به سنڌوءَ جو ديدار ڪرڻ چاهيم ٿي. پر ڄام شوري وٽان لنگهندي منھنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. اسان جي سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇولين بدران ڌوڙ اڏامي رهيهئي. ٻيڙيون وچ درياهه ۾ خشڪيءَ تي پاسيريون ٿيون پيون هيون ۽ ٻارن وچ سِير تي ڪرڪيٽ راند پئي کيڏي. سنڌوءَ ۾ ايترو پاڻي به نه هو، جيترو موجي شھر جي هن نالي مان وهي رهيو آهي!
آئون ڏکويل دل سان اڳتي وڌان ٿو. هڪ هڪ وک ڇپ جھڙي ڳري محسوس ڪريان ٿو ۽ مون کي پنھنجي هڪ ٻئي ڳوٺاڻي شاعر ”حميد شھيد“ (پروفيسر عبدالحميد متقي ميمڻ) جو هن مھيني جي سوجهري رسالي ۾ ڇپيل هي شعر ڌيان ۾ اچي ٿو.

ڄامشوري جي پل مٿان بيھي سوچيم
سنڌو ناهي، هي ”هاڪرو“ آهي.

(هاڪرو: سنڌ جو هڪ قديم ڊٺل ۽ خشڪ ٿي ويل درياهه).