هڪ آرٽسٽ سان اوچتو ملاقات
احسن ۽ ايمان وارن جو اسڪول گهر کان ڇھه ست اسٽاپ پري سُناتسو علائقي ۾ آهي، جتي وڃڻ لاءِ ڪڏهن ڊائريڪٽ بس ملي ٿي ته ڪڏهن ڪوڪورا ريلوي اسٽيشن تان ٻي بس وٺڻي پوي ٿي. اسڪول جي ڀرسان ڪلفٽن جھڙو هڪ وڏو شاپنگ سينٽر آهي، جيڪو ”Cha Cha Cha Town“سڏجي ٿو. (جپاني گهڻين شين جا نالا انگريزيءَ ۾ رکندي فخر محسوس ڪن ٿا). هن ۾ چار پنج سپر مارڪيٽون، ٻارن جي کيڏڻ لاءِ پلي لئنڊ، مئڪڊونلڊ ۽ KFC جھڙا آمريڪن ۽ يورپي ’چين ريسٽورنٽون‘ ۽ سؤ کن عام دڪان آهن، جيڪي ٽن ماڙين تي پکڙيل آهن. مٿين ماڙ تي چار کن سئنيما هال به آهن. جپاني ٽي وي ڏسڻ کان علاوه سئنيما ۾ فلم ڏسڻ جا به شوقين آهن، جيتوڻيڪ دنيا ۾ سئنيما جي سڀ کان ڳري ٽڪيٽ جپان ۾ آهي. اربع ڏينھن ٻارن ۽ زالن لاءِ اڌ ٽڪيٽ هڪ هزار يين ٿيندي آهي، يعني پنھنجا پنج سؤ رپيا نه ته سڄو هفتو ٻه هزار يين (هڪ هزار رپيا) آهي. چا چا چا ٽائون جي انتظاميه طرفان عام پبلڪ جي ويھڻ لاءِ ڪيتريون ئي بئنچون ۽ ڪرسيون رکيون ويون آهن، جيئن شاپنگ ڪري ٿڪجڻ بعد انهن تي ڪو ويھي آرام ڪري.
احسن کي اسڪول ۾ ڇڏي، وچ ۾ ايندڙ ’بارشي نالو‘، پُل تان ٽپي، ڀر ۾ ٺھيل ٻُڌن جي مندرن وٽان ٿي ’چا چا چا ٽائون‘ ۾ پھتس. اڳين قطار وارا سڀ دڪان بند هئا ۽ پوين جو به اهو حال هو. البت هڪ ٻن سپر مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون اچي رهيون هيون، جيڪي نئين آيل مال کي سيٽ ڪري رهيون هيون ۽ پوئين ڏينھن جي ڪجهه ڀاڄي، ميوي ۽ ڊبل روٽي ڪيڪن تي گهٽ قيمت جا Tag هڻي رهيون هيون، جيئن اهي شيون ٻئي ڏينھن تائين خراب ٿيڻ يا Date Expire ٿيڻ کان اڳ گهٽ قيمت تي ئي وڪامي وڃن نه ته ٻي صورت ۾ مفت ۾ اڇلڻيون پوندن، ڇو جو هتي هر کاڌي جي شيءِ تي Expiry Date لڳائي وڃي ٿي. ان بعد اها شيءِ ڀلي کڻي صحيح صورت ۾ هجي (ڪڻڪ جي ٺھيل شيءِ ته ضرور هلي سگهي ٿي) پر هتي جي قاعدي موجب اڇلڻي پوي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپاني اها شيءِ اڇلڻ بدران ڪنھن غريب غربي، فقير يا ڪنھن بي گهر ماڻهوءَ کي نه ڏيندا_ جن جو تعداد هن ملڪ ۾ به چڱو خاصو آهي. جپان امير ملڪ هجڻ جي باوجود هتي جو شاگرد طقبو ياننڍيون نوڪريون (گهٽ پگهار واريون) ڪرڻ وارو نوجوان طبقو کاڌي پيتي جي شين ۾ سخت غريب ۽ اڌ ڀريل پيٽ تي رهي ٿو. هي ڇا ڪن ڀلا! کاڌي پيتي جي ڪيڏي قلت آهي، هتي جپان ۾! جيڪي کائڻ پيئڻ جون شيون وڪامن ٿيون، اهي ڪيڏو مھانگيون آهن! پنجن سلائسن واري ڊبل روٽي 170 يين يعني 80 رپئي جي آهي. سادي ۾ سادي سئنڊوچ (ٻه سلائيس جنھن جي وچ ۾ بيضي ذرو يا پنير ۽ سلاد ذرو ٿئي) هڪ سؤ يين يعني 50 رپين کان گهٽ ناهي. کاڌي پيتي جي اهڙي مھانگائي ته سئيڊن ۽ ناروي ۾ به نه آهي.
ملائيشيا، سنگاپور توڙي آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ مئڪڊونالڊ ۽ ٻين کاڌن جي دڪانن ۾ جتي رات وارو بچيل کاڌو ٻئي ڏينھن هلائڻو ناهي، اتي رات جو يارهين بجي (يا هڪ) کانپوءِ اڌ قيمت يا اُن کان به گهٽ قيمت تي وڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترا اسان جھڙا جھازي ۽ شاگرد يا فئڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون، جيڪي رات واري شفٽ جي ٻي ڊيوٽي رات جو يارهين ٻارهين ڪري، شھر جي چڪر لاءِ نڪرن ٿا، انهن جا مزا ٿيو وڃن. پر هتي جپان ۾ رات وارو بچيل مال (برگر، ڪيڪ، سئنڊوچون... وغيره) اڇلي ڇڏيندا پر ڪنھن کي نه مفت ڏيندا ۽ نه سستو وڪڻندا. هنن جو لاجڪ اهو آهي ته مارڪيٽ جو اگهه ڪري ٿو پوي ۽ پوءِ هر گراهڪ اها ڪوشش ڪندو ته فل قيمت تي خريداري ڪرڻ بدران اڌ کان به گهٽ قيمت ۾ خريداريءَ جو انتظار ڪجي. ان مان دڪاندارن کي نقصان پوندو جيڪي سرڪار کي پوءِ گهٽ ٽئڪس ڏيندا. بي گهر ۽ فقيرن کي مفت ۾ ڏيڻ سان قوم پينو بڻجي ويندي.
رات جو ڏهين يارهين بجي توهان جپان جي ڪنھن به شھر جي وڏن شاپنگ سينٽرن مان لنگهنداؤ، خاص ڪري ڍڪيل مارڪيٽن مان ته توهان کي ڪيترائي مرد (۽ ڪجهه پوڙهيون عورتون پڻ) دڪانن مان ڦٽا ڪيل خالي کوکا ڦاڙي انهن کي بند ٿيل دڪانن جي ٻاهران تڏي طور وڇائي، سمهڻ جي تيارين ۾ هوندا آهن. هي گهڻو ڪري بي گهر، غريب ۽ بي اولاد (جيڪو سندن پيريءَ ۾ مدد ڪري) ۽ ڪجهه Drug Addicts هوندا. ڪنھن ٻڌايو ته جپان جي ڪجهه اتراهن علائقن (خاص ڪري هوڪئڊو پاسي) جا پڻ آهن، جيڪي اتان هيٺين خوشحال ڏاکڻن علائقن ۾ ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا ۽ پوءِ ڪجهه جوا ۽ ڪجهه شراب نوشِيءَ ۾، سڀ ڪمايل پئسو وڃائڻ بعد واپس موٽڻ جو نالو نٿا وٺن. هو پنھنجي بئگ ٿيلهو، (ڪي ته هنڌ بسترو به) فوٽ پاٿن تي رکي سڄو سال گذاريو ڇڏين. ڪيترا سگريٽ پيئڻ جا عادي موالي سڄو ڏينھن بس اسٽاپ تي بيٺا هوندا، جيئن ئي بس اچڻ تي مسافر اڌ ڇڪيل سگريٽ اڇلي بس ۾ چڙهندا ته هي اچي کڻندا ۽ پوءِ ڪنڊ پاسي ۾ ويھي مزي سان ڇڪيندا. هتي جي هڪ خوبصورت علائقي ”هاءِ وي دوري“ جي هڪ وڏي دڪان اڳيان هڪ جپاني فقيرياڻي پنھنجو هنڌ بسترو ۽ بئگون دٻا رکيو ويٺي آهي ته وڃڻ جو نالو نٿي وٺي. ٽن مھينن کان ته آئون کيس ڏسي رهيو آهيان. هتي جا فقير خبر ناهي کاڌي پيتي جو ڪيئن ٿا بندوبست ڪن. ماڻهن کي به مون کين ڏيندي ڪڏهن نه ڏٺو آهي.
منھنجي ڌيءَ جيجل (مريم) ٻڌايو ته هو جڏهن سائيجو (هيروشيما) ۾ رهندا هئا ته اتي هيٺ شاپنگ سينٽر اڳيان ٻه بي گهر پوڙها جپاني، دڪان بند ٿيڻ بعد فوٽ پاٿ تي دفتريون ۽ پنا وڇائي رات گذارڻ لاءِ اچي سمهندا هئا. ”هڪ ڏينھن مون پنھنجي پاڙي واري جپاني عورت کي چيو ته ڪنھن ڪنھن ڏينھن بچيل کاڌو هنن کي ڏيان“ ته هن مون کي سمجهائيندي چيو ته ”دل اسان جي به کين ڏيڻ تي چوي ٿي پر ائين ڪرڻ سان ڪجهه مھينن بعد هن جاءِ تي ٻن مان چار فقير نظر ايندا ۽ پوءِ ٻيا به وڌڻ شروع ٿي ويندا ۽ هو محنت مزوري ڪري ڪمائڻ بدران، آسانيءَ جي راهه اختيار ڪندا.“
مٿئين ڳالهه مان جپانين جي سٺي يا سخت سوچ جي Ideaلڳائي سگهجي ٿي. ان سوچ (شايد! پڪ نه اٿم.) هن قوم کي ايڏو محنتي بنائي ڇڏيو آهي. آئون جو ان ڏينھن اخبارون ۽ پنا پينسل کڻي آيس ته ”چا چا چا ٽائون“ جي ڪنھن بئنچ تي ويھي ٿو لکان ۽ ٻه ڪلاڪ اتي ئي ٿو پاس ڪريان ته اچي ڏسان ته سڀني بئنچن تي بي گهر ۽ موالي ٽائيپ جپاني ڊگها ٿيا ستا پيا آهن. انهن ۾ هڪ ٻه موالي اهي به هئا جن کي آئون گذريل ٻن ٽن مھينن کان سنتاسو بس اسٽاپ تي ماڻهن جا اڇليل سگريٽ ميڙيندو ڏسندو اچان. آئون اهو ئي سوچيندو هوس ته رات جو يارهين کان پوءِ جڏهن جپان ۾ بسون ۽ گاڏيون هلڻ بند ٿيو وڃن ته پوءِ هي ڪٿي ٿا سمهن؟ ڇو جو بس اسٽاپ تي ته فقط پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيل ٿين ٿيون، جن تي ڏينھن جا ڪجهه ڪلاڪ ته هو ويھي سگهن ٿا پر سمهي ته نٿا سگهن. سو هاڻ خبر پيئي ته هو سمهڻ لاءِ ڪيڏانھن پري نٿا وڃن، پر اتي ئي چا چا چا ٽائون جي بئنچن تي ليٽيو پون ٿا.
آئون هرهڪ بئنچ کي ڀريل ڏسي مٿي فلور تي پھتس ته سئنيما هال جي وڏي لائونج جي هوٽلن اڳيان رکيل ويھارو ٽيبل ڪرسين مان هڪ ٽيبل تي ٻه جپاني اخبار پڙهي رهيا هئا ۽ ٿورو پري هڪ ويھه پنجويھه سالن جو نوجوان جوڙو، ڪٿان ورتل پٽئٽو چپس به کائي رهيو هو ته ڪيڏانھن وڃڻ لاءِ واچ ۾ وقت به ڏسي رهيا هئا. هو مڪاني جپاني ياڪورين نٿي لڳا پر ڏور اوڀر يا ڏکڻ ايشيا پاسي جا هئا.
”Are You Japanese?“مون پڪ ڪرڻ لاءِ هنن وٽان لنگهندي پڇيو.
”No. Indonesian“هنن وراڻيو.
مون ٻه منٽ کن ساڻن ملئي زبان ۾ خوش خير عافيت ڪئي. هو اوساڪا کان آيا هئا ۽ پنھنجن ٻين ساٿين جو هتي انتظار ڪري رهيا هئا، جن کي فڪوئوڪا شھر کان اچڻو هو ۽ پوءِ گڏجي هيروشيما جي يونيورسٽيءَ وڃڻو هو، جتي جا هو شاگرد آهن.
هوٽلون بند هيون. ڏهين کانپوءِ کلنديون سو جيسين کلن آئون به هتي ويھي وقت پاس ڪري سگهان ٿو. هونءَ به ٻاهر سخت بارش هلي رهي هئي ۽ آئون شيشي جي ڀت وٽ ڪنڊ واري ٽيبل تي پنا پينون ۽ گذريل ڏينھن جي ”جپاني ٽائيمس“ اخبار رکي ويٺس. ٿوري دير شيشي مان جبلن جو نظارو ڪيم _ جيڪي هر هنڌ ڪامن آهن. جپان ۾ جيڏانھن ڪر نگاهه تيڏانھن جبل سامهون_ جپان جي سر زمين 85 سيڪڙو جبل آهي. جبل_ جبلن تي دل لڀائيندڙ ساوڪ.... چھچ ساوا وڻ ۽ گاهه ۽ ان جي Combination ۾ وڏ ڦڙو مينھن اسان صحرائن جي ’بارش سِڪايلن‘ لاءِ ڄڻ عيد ٿيو وڃي. هڪ دفعو وري اخبار ڇڏي شيشي جي صاف ڀت پويان پري پري تائين نظارو ڪرڻ لڳس. دڪان، گهر، گهرن اڳيان هلندڙ چلندڙ ماڻهو، روڊ، رستا، گهٽيون ۽ انهن مان رکي رکي لنگهندڙ لاريون، ڪاريون، ساون وڻن جون لمندڙ ٽاريون ڄڻ ڪنھن ڪاريگر ڪنھن ميلاپ جي سين لاءِ ڊرامه اسٽيج ٺاهي هجي ۽ اهڙي خوبصورت Set up ۾ رکي رکي اسلام آباد جھڙي وڏي ڪاري ڪانگ جي بي سري ڪان ڪان به دل کي وڻي رهي هئي ۽ هر شيءِ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي سيٽ لڳي رهي هئي.
مون نظاري پويان گهڻو وقت وڃائڻ بدران جلدي جلدي اخبار کولي پڙهڻ شروع ڪئي. اخبار پوري ڪرڻ ۽ سنڌي اخبار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه کن ڪالم لکڻ جو پڪو ارادو ڪري آيو هوس ۽ هھڙي ٿڌڪار ۽ ٽيبل ڪرسي تي هھڙي سڪون ۾ ايترو ڪم آرام سان ٿي سگهيو ٿي. اخبار جو اڃا پھريون صفحو ڪو مس پڙهيو هوندم ته منھنجي ڀر واري ٽيبل تي هڪ منھنجي عمر جو سٺ سالن کن جو جپاني اچي ويٺو. جپاني دنيا ۾ صاف سٿرا چيا وڃن ٿا پر هي عجيب ميرن ڪپڙن ۾ هو. سندس ڏاڙهي وڌيل ۽ وارن ۾ گر هجڻ ڪري لڳو ٿي ته شايد ڪو موالي ٽائپ هجي نه ته جپاني ۽ روز هڪ دفعو نه وهنجي. هن جي هٿن ۾ آفيس فائل هو ان کي ٽيبل تي رکي ٿيلهي مان ڀت جي “اونيگري” (سئنڊوچ) ڪڍي کائڻ لڳو ۽ ڪا دير مون کي ڏسندو رهيو. مون کي ڏاڍو تجسس ٿيو . آخر جپانيءَ ۾ پڇيومانس ته تون هتي (هن شھر) جو آهين؟
(Anantwa Kokono Machi No Hito Desuka)
ته هن ٺھه پھه صاف انگريزيءَ ۾ وراڻيو: I am from Fukuoka
هن ٻڌايو ته هو هتي ڪنھن ڪم سان آيو آهي پر جيئن ته اها آفيس ڏهين کان پوءِ کلندي، ان ڪري هتي انتظار لاءِ اچي ويٺو آهي. يعني هو به اسان وانگر هتي وقت پاس ڪرڻ آيو آهي. هونءَ ته جپاني ڪلچر مطابق ٻئي جي ذاتي ڳالهين ۾ پوڻ نه کپي ڀلي کڻي هو ٽيبل تي ڀولي پيو نچائي ته به نه پڇجي ته اهو تون ڇا پيو ڪرين يا اها ڀولي ڪٿان آندي اٿئي. پر اسان کڻي ٽيھه سال ولايتن ۾ رهون ۽ پنھنجو پاڻ کي سڌاريون، تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ته اصليت تي هليا اينداسين. سو نيٺ پڇيومانس ته اهو فائل (جنھن ۾ A-3سائيز جا پنا پيل هئا) ڇا جو اٿئي؟ (ڪيڏي غلط ڳالهه چئبي) ڇا جو به فائيل هجي، ڇو پڇجي. پر چڱو جو پڇي ويٺس نه ته ڪيئن خبر پوي ها ته هو هڪ عام ماڻهو نه پر جپان جو وڏو آرٽسٽ تسوروتا (Tsurruta Mamoru) هو. ۽ ان فائيل ۾ هن جون تازيون پيٽنگز هيون. مون کي ڏيکارڻ تي آئون هڪ هڪ ڪري اهي تصويرون ڏسڻ لڳس. ڪا گو شيما جي ٻرندڙ جبل جي، شمونو سيڪي بندرگاهه جي، موجي وٽ ڪيوشو ۽ هونشو ٻيٽ کي ملائڻ واري پل جي، ڪوڪورا جي محل (Castle) جي... وغيره وغيره. آئون پنھنجي ڪم کي ڇڏي هن سان ڳالهين ۾ لڳي ويس. کيس ٻڌايم ته لکڻ منھنجي هابي آهي۽ پنھنجي اوچتي ملاقات جو آئون پنھنجي سفرنامي ۾ ضرور ذڪر ڪندس.
پنھنجين انهن هٿ جي پينٽنگز Paintings کان علاوه هن هڪ فوٽن جو آلبم پڻ ڏيکاريو جنھن ۾ هن جي تصويرن جي نمائشن جا فوٽو هئا جيڪي هن پئرس ۾ به ڪيون آهن. ڪجهه تصويرون جپان جي اهم سياستدانن ۽ ٻين وڏين شخصيتن جون هيون، جن کي هو پنھنجيون تصويرون ڏئي هٿ ملائي رهيو هو يا پنھنجي ڪنھن تصوير تي مليل ايوارڊ وٺي رهيو هو.
موڪلائڻ مھل مون کي پنھنجو هڪ پيٽنگ جي اصل سائيز جيڏي رنگين فوٽو ڪاپي ڏنائين. مون کيس پنھنجو ڪارڊ ڏنو ۽ هن ايڊريس لکي ته مون فون نمبر لکڻ لاءِ پڻ چيومانس.
کيسي مان ٻه موبائل فون ڪڍي چيائين:”هنن ٻنهي جا نمبر ٿو لکان. هڪ عام موبائل فون آهي ۽ ٻيو ريڊيو سيٽلائيٽ وارو آهي.“
نمبر لکڻ وقت آئون هن ڏي غور سان ڏسي سوچيندو رهيس ته چڱو جو مون هن سان زوريءَ ڳالهايو. بس هاڻي رڳو هڪ فوٽو گڏ ٿي وڃي. مون هيڏانھن هوڏانھن جهاتيون هنيون ته ڪو جوان نظر اچي ته ان کي فوٽو لاءِ چوان پر پر سڀ اڌروٽ پئي هليا جن کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چوڻ معنيٰ پھرين عينڪ چاڙهين ۽ پوءِ منهنجي ڪئميرا جا بٽڻ سمجهن. آخر ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي ان وقت اسان وٽان لنگهندڙ هڪ پوڙهيءَ کي اسان جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ عرض ڪيو. آرٽسٽ تسوروتا ۽ آئون ڪرسيون ريڙهي ويجها ٿي ويٺاسين ۽ سندس پينٽنگز مان هڪ پنھنجي اڳيان جهلي ويٺاسين.
تصوير ڪڍڻ بعد ڪئميرا موٽائڻ وقت هوءَ پڇڻ لڳي ته ڪنھنجي پينٽنگ آهي؟
”تسوروتا مامورو جي! جنھن سان هي تصوير ويٺو ڪڍايان.“ جواب ڏنو مانس.
”او مامورو سان!“ هن زور سان چيو ۽ اوسي پاسي کان لنگهندڙ ٻيا همراهه به بيھي رهيا ۽ هن آرٽسٽ سان هٿ ملائڻ لڳا. ان بعد ٻيا ۽ ٻيا اچي مليا. هڪ جپاني جوڙو_ جيڪو خريداريءَ لاءِ هتي آيو هو، انهن اسان ٻنهي کي هيٺ هوٽل ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ چيو. آرٽسٽ تسوروتا هنن جي آفر قبول ڪئي. مون واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ڏهن ۾ ڪي پنج منٽ بچيا هئا. احسن کي اسڪول مان موڪل ٿيڻ واري هئي. مون معذرت ڪري موڪلايو ۽ ساڳيون واپسيءَ جون وکون کڻي اسڪول پھتس.