ڪجهه تعليم بابت
جونيئر هاءِ اسڪولبعد اٽڪل 95 سيڪڙو ٻار سينئر هاءِ اسڪول ۾ وڃن ٿا ۽ اتان پوءِ 30 سيڪڙو ٻار وڌيڪ تعليم لاءِ ٻه سال يا چار سال ڪاليج جا پڙهن ٿا ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا. سختمقابلي ۽ مھانگي تعليم هجڻ ڪري جپاني ٻارن کي سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي. جپاني الفابيٽ ئي ايڏي وڏي آهي جو فقط ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي توڙي يورپ جي پرائمري تعليم ڪجهه به نه آهي، جتي ٻارن کي انگريزيءَ جا فقط 26 اکر ۽ اسان وٽ اڙدو عربي يا گهڻي ۾ گهڻا ته سنڌيءَ جا 52 اکر سکڻا پون ٿا ۽ زير، پيش ۽ زبر لاءِ فقط ٽي آسان نشانيون آهن. هتي جپان ۾ ٻارن کي ٽي الفابيٽون سکڻيون پون ٿيون. جونيئر هاءِ اسڪول کان انهن ٽنهي ۾ هڪ ئي وقت لکڻو پوي ٿو. انهن ٽن الفابيٽن مان ٻه ڪاٽا ڪانا ۽ هيرا گانا اسان جي الف بي (ABCD) وانگر آوازن واريون آهن ۽ ٽي ڪانجي جيڪا چيني زبان تان ورتي وئي آهي، اها شڪلين واري آهي. ڪاٽا ڪانا۽ هيراگانا مان هرهڪ ۾ 76 اکر آهن ۽ شڪلين واري ڪانجيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ پنجن کان اٺ هزارن تائين شڪليون ياد ڪرڻيون پون ٿيون.
مٿين اسڪولن کان علاوه اڄڪلهه ڪيترائي شاگرد اڳتي جي داخلا لاءِ ٽيوشن ٽائيپ (Prepatory Schools) ۾ پڙهن ٿا، جن کي جپانيءَ ۾ جُوڪو (Juku) سڏجي ٿو.
سال جي موڪلن ۾ نئين سال جي موڪل پهرين جنوريءَ تي ۽ قومي ڏينھن جي موڪل يارهين فيبروريءَ تي ٿئي _جنهن ڏينھن تي چون ٿا ته جپان جو پھريون شھنشاهه سج تان لھي دنيا جي هن حصي (جپان) تي آيو ۽ تخت تي ويٺو.
جپان ۾ هر پندرهين جنوريءَ تي موڪل انهن ٻارن جي شان ۾ ٿيندي آهي، جيڪي ويھه سال جا ٿيندا آهن.جپان ۾ بالغ ٿيڻ جي سرڪاري عمر 20 سال آهي. (اسان وٽ يا يورپ ۾ 18 سال آهي) ان عمر کي پھچڻ وارا ٻار سال جي 15 جنوريءِ کان وٺي پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪري سگهن ٿا. هو سگريٽ توڙي شراب پي سگهن ٿا ۽ ووٽ ڏيڻ جو پڻ حق رکن ٿا.
هنن کي سگريٽ توڙي شراب جي اجازت ملي ويندي آهي، ان جو ڪو اهو مطلب نه آهي ته جتي منع هجي اتي به سگريٽ پي سگهن ٿا يا شراب پي گاڏي هلائين يا دنگو فساد ڪن. قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوءِ هنن کي سزائون به وڏن واريون ملن ٿيون. باقي 20 سالن کان گهٽ عمر ۾ هو ٻار ليکيا وڃن ٿا ۽ هنن جي ناپسنديده حرڪت جي مائٽ شڪايت ڪري سگهن ٿا ۽ جپان اهو ملڪ آهي، جنھن ۾ وڏا ته وڏا پر ٻار به پوليس کان ڊڄن ٿا. هرهڪ کي خبر آهي ته هتي جي پوليس وڏي همدرد ۽ مددگار آهي پر ڏوهه ڪرڻ تي اها سختي به ڪري ٿي ۽ ڪنھن جي به اثر ۾ نٿي اچي.
اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو خاص ڪري يورپي گورا، جيئن وڻندو اٿن تيئن پيا ڪندا آهن. پوليس به کين غلط ڪم لاءِ ڇينڀيندي نه آهي پر ڏوهن ۽ قانون جي ڀڇڪڙيءَ تي جپان ۾ پوليس گورن کي به نٿي بخشي. منھنجي هتي هجڻ دوران ٽوڪيو جي ڪنھن پارڪنگ لاٽ ۾ نيوزيلينڊ جي هڪ 25 سالن جي خاتون پنھنجي گاڏي ٻي جي مقرر ٿيل هنڌ تي پارڪ ڪئي. ڊيوٽيءَ تي بيٺل سنتريءَ منع ڪئيس پر هن ڪا پرواهه نه ڪئي. جنھن تي سنتريءَ يڪدم پنھنجي انچارج کي وائرليس ذريعي نياپو ڪيو۽ بقول ان نيوزيلينڊر مس ڊيليا جي کيس پنڌرهن پوليس وارن هٿ پير ٻڌي کڻي چورن جي گاڏيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ هفتو کن جيل جون هوائون کائيندي رهي. اخبار وارن کي به اهڙي قسم جون خبرون کپن تن ٺوڪي سندس ڪھاڻي فوٽو سميت اخبار ۾ ڏئي ڇڏي ته ڀلي ٻيا ڌاريان به سبق سکن ۽ سندن ملڪ جي ماڻهن کي اهو احساس نه ٿئي ته سندن پوليس رڳو پنھنجي ملڪ جي ماڻهن کي سزائون ڏئي ٿي.
اسڪول ۽ آفيسن جي ساليانين موڪلن ۾ هڪ دلچسپ موڪل جو ڏينھن 15 سيپٽمبر پڻ آهي، جيڪو ”پوڙهن لاءِ عزت جو ڏينھن“ سڏجي ٿو. جپان ۽ يورپ ۾ اهو فرق آهي جو هن پاسي پوڙهن جي عزت ۽ خيال رکيو وڃي ٿو. پوڙهن جي عزت نه فقط سندن اولاد پر پاڙي وارا سڀ ڪن. ننڍي هوندي ئي ٻارن ۾ وڏن جي عزت ڪرڻ جي عادت وجهڻ لاءِ اسڪول جون ماسترياڻيون ٻارن کي پاڻ سان وٺي گهرن ۽ اسپتالن ۾ پوڙهن سان ملائين ۽ کين سندن هٿ چُمڻ لاءِ چون. ٻارن کي مائٽ تحفا ڏئي موڪلين، جيڪي هو انهن پوڙهن کي ڏين.
جپان ۾ 5 مئي ٻارن جو ڏينھن ملهايو وڃي ٿو. ان ڏينهن تي ٻار پنھنجن گهرن مٿان جهنڊي جي ڏنڊي ۾ پني جون ٺھيل ڊگهيون مڇيون لڙڪائين.مڇي همٿ ۽ مشڪل کي منھن ڏيڻ جي علامت سمجهي وڃي ٿي، جيڪا خاصيت ٻارن ۾ هئڻ کپي.
موجوده شھنشاهه اخيتو جي جنم ڏينھن (23 ڊسمبر) تي پڻ سڄي جپان ۾ موڪل ٿئي.
ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر هتي جپان ۾ پڻ جيڪڏهن ڪو موڪل جو ڏينھن ڇنڇر يا آچر تي اچي ٿو ته پوءِ ان جي بدلي ۾ سومر جو ڏينھن موڪل ڪيو وڃي ٿو. هتي اسڪول توڙي آفيسون هفتي جا ٻه ڏينھن ڇنڇر ۽ آچر بند رهن. هفتي جا باقي پنج ڏينھن ماڻهو ڍور وانگر پورهيو ڪن.