سارس ڪري ڏور اوڀر ۾ ٿرٿلو
مون جيئن ئي جپان وڃڻ جو سوچيو ته انهن ڏينھن ۾ بم جي ڌماڪي وانگر اخبارن ۽ ٽي وي خبرن ۾ اچي ويو ته چين ۽ هانگ ڪانگ پاسي سارس (SARS)نالي هڪ وبا پيدا ٿي آهي، جيڪا ايندڙ ويندڙ مسافرن ذريعي تيزيءَ سان ٻين ملڪن ۾ پکڙجي رهي آهي، جن ۾ ڪئناڊا به شامل ٿي ويو آهي. بيماريءَ جو ڪو علاج ناهي ۽ چين ۽ هانگ ڪانگ توڙي ڪئناڊا ۾ ان بيماريءَ جا ڪيترائي مريض مري رهيا آهن.
هرڪو دوست ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مون کي جپان نه وڃڻ جي صلاح ڏيڻ لڳو. منھنجو اهو ئي جواب هو ته پھرين ڳالهه ته بيمارين کان يورپي گورا يا آمريڪن ڀلي ڊڄن، اسان جھڙا ماڻهو جن جي ملڪن جي صحت ۽ هائيجن جو معيار ايترو ته ڪريل آهي جو ڳوٺ هجن يا ڪراچيءَ جھڙو وڏو شھر مليريا، ٽائيفائيڊ کان وٺي خبر ناهي ڪھڙيون ڪھڙيون وائرس ۽ بئڪٽيريا واريون بيماريون ٻارهو ئي لڳيون پيون آهن، جن جي ملڪ ۾ پاڻيءَ سان گڏ هوا۾ به آلودگي آهي، ان ملڪ جي ماڻهن کي ٻئي ملڪ جي ڪنھن بيماريءَ جو ٻڌي ڊڄڻ ۽ منھن مٿو پٽڻ ائين آهي، جيئن مينھن جو ڍڳيءَ کي پڇ ڪارو چوڻ. ٻي ڳالهه ته منھنجي وڃڻ ۾ اڃا ٽي مھينا کن آهن، تيستائين ٻين بيمارين وانگر سارس تي به ڪنٽرول ٿي ويندو يا هانگ ڪانگ جي ”چڪن فِلو“ يا انگلينڊ جي “Mad Cow” جھڙين بيمارين وانگر هيءَ بيماري به ختم ٿي ويندي.
ڄاڻي ٻجهي يا بي خياليءَ ۾ هن نئين وبا SARS جو اخبارن ۽ ٽي وي جي خبرن ۾ معلوم ڪرڻ لڳس ته خبر پيئي ته گهٽجڻ بدران روز بروز ڪم وڌي رهيو آهي. چين ۽ هانگ ڪانگ جھڙن اهم ڳڙهن ۾ جتان هيءَ بيماري شروع ٿي، اتي ته روزانو بيمارن ۽ انهن جي موت جو تعداد وڌي رهيو آهي، پر مسافرن جي اچ وڃ ڪري ٻيا ملڪ به ان وبا جي لپيٽ ۾اچي رهيا آهن. جتي ڪٿي هن بيماري سارس جي پکڙجڻ سان گڏ بيماريءَ لڳڻ ۽ ان کان بچاءُ جون خبرون سامهون اچڻ لڳيون.
• سارس (SARS) ڇا آهي؟
سارس ساهه ۾ تڪليف جي نمونيا ٽائيپ بيماري آهي جيڪا هلڪي بخار مٿي ۽ جسم جي سور سان شروع ٿئي ٿي. ٻن کان ستن ڏينھن اندر مريض کي سڪل کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف شروع ٿئي ٿي. بيماريءَ جو ڪو علاج اڃا تائين نه نڪري سگهيو آهي ۽ مريض ڪجهه ڏينھن جي تڪليف بعد موت جي منھن ۾ هليو وڃي يا بچڻ جي صورت ۾ به هو سخت ڪمزور رهي ٿو ۽ هن جي چر پر بند ٿيو وڃي. سارس Severe Acute Respiratory Syndrome جو شارٽ فارم آهي. مريض کي ڇُھڻ سان هيءَ بيماري لڳي ٿي يا انهن شين کي ڇُھڻ سان به لڳي ٿي جن تي مريض طرفان کنگهڻ دوران ڦڙا لڳا هجن. هونءَ عام کنگهه جي مريض جا جراثيم سامهون ويٺل جي ڦڦڙن تائين پھچڻ کان اڳ مريو وڃن ۽ انهن جراثيمن جي حياتي ڪي چند سيڪنڊ به مس ٿئي ٿي، پر سارس بيماريءَ جا جراثيم چئن پنجڏينھن تائين جيئرا رهن ٿا. هڪ اهو سبب به آهي هن بيماريءَ جو سولائيءِ سان پکڙجڻ جو. هڪڙو مريض مسافر ڪنھن هوٽل جي ڪمري ۾ رهي موٽيو وڃي ۽ پوءِ ان ڪمري ۾ ٻئي ڪنھن ملڪ جو مسافر اچڻ سان هن کي بيماري لڳيو وڃي. هڪ ماڻهوءَ جي هوٽل ۾ يا ٻئي هنڌ رهڻ سان ڪمري ۾ موجود شين ۽ دروازي کان وٺي هوٽل جي لفٽ، ريسٽورنٽ جون ڪرسيون ٽيبل ۽ گهمڻ دوران بسين، ٽئڪسين ۽ مختلف دڪانن جي شين ۾ هن جا جراثيم رهجيو وڃن ۽ چئن پنجن ڏينھن تائين اهي جراثيم ٻين ماڻهن لاءِ خطرو رهن ٿا. اهڙيءَ طرح هيءَ بيماري ڏينھون ڏينھن وئي ٻين ملڪن ۾ پکڙبي. ماڻهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ ته ڇڏي ڏنو پر ضروري بزنيس ميٽنگون ۽ ڪانفرنسون به ختم ڪري ڇڏيون. چين ۾ ته وڏي واويلا شروع ٿي وئي جو اتي بيماريءَ کي ٻنجو اچڻ بدران هر روز مرڻ وارن جو تعداد وڌندو ويو، ايتريقدر جو ٻارن جا امتحان به ڪئنسل ڪيا ويا. چين جي وڏن ۽ ڳتيل شھرن ۾ رهندڙ ماڻهو شھر ڇڏي ٻھراڙيءَ ڏي ڀڄڻ لڳا. هر هڪ ڌارين جي اچڻ تي سخت چڪاس رکي ڇڏي، جيئن ڪو به سارس جو مريض سندن ملڪ ۾ نه اچي ٻين کي مريض بنائي.
هوڏانھن مسافري ڪرڻ وارا به ڊڄڻ لڳا. ڪنھن کي مجبوريءَ جي حالت ۾ ٻئي ملڪ ۾ وڃڻو پيو ٿي ته پنھنجي ملڪ جي هوائي اڏي کان وٺي منھن تي ڪپڙي جو ماسڪ چاڙهيو ٿي، ته متان نه ڪنھن جا جراثيم ساهه ذريعي هن ۾ اچن. هرهڪ هٿن تي جوراب چاڙهي رهيو هو ۽ کائڻ پيئڻ مھل اهي لاٿائين ٿي.Aids جھڙي بيماريءَ ۾ جيترا ويھن سالن ۾ ماڻهو مئا، اوترا هن بيماري سارس ۾ ويھن ڏينھن ۾ مري ويا. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جھڙا ملڪ، جن جو گذارو Tourismتي هليو ٿي، انهن جي ايڪانامي وڃي پٽ سان لڳي. هوائي جھاز خالي، ايئرپورٽ خالي، دڪان خالي، هوٽلون خالي، ڪنھن کي زندگي ارهي آهي جو هھڙي وقت انهن ملڪن ڏي نڪري. ڪھڙي خبر ته ڪھڙي شيءِ تي سارس جا جراثيم ويٺا هجن ۽ ان کي هٿ لڳڻ سان جسم ۾ داخل ٿي وڃن. هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ چين سان گڏ ماڻهن ڊپ کان ٿائلينڊ جھڙن ملڪن کي به ڇڏي ڏنو، جيتوڻيڪ اتي اڃا سارس جو هڪ به مريض نه ٿيو هو_ ان هوندي به هر هڪ ڏور اوڀر جي سڄي علائقي کان ڏور ئي رهڻ چاهيو ٿي.
آئون انتظار ڪندو رهيس جو اڃا به منھنجي وڃڻ ۾ مھينو کن هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون کي اچي اچي کنگهه به انهن ڏينھن ۾ ٿي. سارس جي وبا بند ٿئي يا نه پر منھنجي کنگهه ته بند ٿيڻ کپي نه ته هھڙي وڳوڙ ۾ (جيسين ثابت ٿئي) هرڪو سارس جو مريض سمجهندو ۽ ”کايا پيا ڪڇ نھين گلاس توڙا باره آنا“ وارو حساب ٿيندو. مھيني کان ٿورو گهڻو کنگهه هلندي رهي ٿي. ڊاڪٽرن جي چوڻ تي دوائون بدلائيندو رهيس، تڏهن به رکي رکي، ڪلاڪ ڏيڍ بعد سھي پر ٿوري دير لاءِ کنئون کنئون شروع ڪيم ٿي ۽ اها ٿوري کنئونکنئون هڪ دفعو به هوائي جھاز ۾ ٿي ته سڀ مسافر مون کي اڇوت سمجهي پاسو ڪندا۽ ڊڄي ويندا. ڀلي سڄو سفر کنگهه نه ٿئي پر جي اوساڪا جي هوائي اڏي تي اميگريشن مھل کنگهه اچي وئي ته اهاحالت ٿيندي، جيڪا ڪنھن زماني ۾ منھنجي بنگالي دوست انجنيئر فخر زمان سان ٿي. هو چٽگانگ بندر گاهه مان ولايت مان آندل ٻه ٽي الارم ڪلارڪ ٿيلهي ۾ لڪائي جھاز تان ٻاهر ڪڍي رهيو هو. جھاز تان بندرگاهه جي گيٽ تائين ميل کن جي پنڌ تي ڪنھن به انٽيلجنس جي سپاهيءَ نه روڪيس نه چڪاس ڪيس. گيٽ وٽ (آخري مرحلي تي) ڪسٽم آفيسر پڇيس ته ”ٿيلهي ۾ ڪا شيءِ ته نه اٿئي؟“
”نه ميرا ڪپڙا آهن. ڌوئارڻ لاءِ کڻيو پيو وڃان.“ فخرزمان جواب ڏنس. جنھن تي ڪسٽم آفيسر بنگاليءَ ۾ چيس ته پوءِ ’جينٽل مئن‘ ڀلي وڃ.
۽ جينٽل مئن (فخرو) جھڙي ٿيلهي جي زپ بند ڪري ٻاهر ٿي نڪتو ته سندس هڪ ’الارم ڪلاڪ‘ جي گهنٽي وڄي وئي. ڪسٽم آفيسر ٿيلهو وٺي وري کوليس ۽ اندر لڪل ٽئي الارم ڪلاڪ ضبط ڪيس ۽ گهمڻ لاءِ بندرگاهه کان ٻاهر وڃڻ بدران واپس جھاز تي موڪليائينس.
سو ان ٿوري کنگهه جي حالت ۾ به Risk کڻڻ صحيح نه هو، جو جپان جھڙن هوائي اڏن تي جنھن به مسافر ۾ شڪ ٿين ته ان کي هفتو ڏيڍ ڪئارنٽائين ۾ بند رکيو ٿي، يعني اڪيلو رکي ڏٺو ٿي ته هن کي واقعي اها بيماري آهي ۽ کيس واپس سندس ملڪ موڪلجي يا صحيح آهي ۽ جپان جھڙي ملڪ ۾ گهڙڻ ڏجيس.
منھنجي فلائيٽ جي تاريخ ۾ ڪي ڏهه ڏينھن کن بچيا ته کنگهه بنھه ختم ٿي وئي، پر سارس جي چڪر ۾ جپان ۾ هڪ ٻي ڳالهه Develop ٿي پئي ۽ انقسم جون خبرون جپان پھچڻ کان اڳ انٽرنيٽ تي جپاني اخبار Asahiمارونچي، يوموروي وغيره ۾ پڙهندو رهيس ٿي. ٿيو هيئن جو تائيوان کان جپان ۾ گهمڻ لاءِ ڏهن ڄڻن جو هڪ گروهه هفتي کن لاءِ آيو. گهمي ڦري جڏهن موٽيو ته آخري ڏينھن خبر پيئي ته انهن ۾ هڪ سارس جو مريض هو جيڪو تائيوان پھچڻ سان اسپتال حوالي وڃي ٿيو. هن جو ته جيڪو حشر ٿيو سو ٿيو پر پٺيان جپان جي ماڻهن کي پريشان ڪري ويو ڇو جو ظاهر آهي هن جا پٺيان ڇڏيل جراثيم اڃا جيئرا هئا جو اهي چئن پنجن ڏينھن تائين ٻين تي اثرانداز ٿي سگهيا ٿي. تائيوان کان آيل ان ٽولي جو گذريل چئن ڏينھن جو ٽريڪ رکيو ويو ۽ جن جن هوٽلن ۾ هو رهيا جن جن دڪانن ۽ بازارين مان هو لنگهيا، جن جن ٽئڪسين ۽ بسن ۾ هو چڙهيا، انهن جي هڪ هڪ شيءِ کي ڌوتو ويو. ان دوران ماڻهو (جپان جي عوام) وڏو گوڙ مچايو ۽ ڪي ڏينھن اخبارن ۾ ايندو رهيو ته هوائي اڏي تي ڪم ڪندڙ اميگريشن ۽ هيلٿ جي آفيسرن صحيح طرح چڪاس ڇو نه ڪئي. آخر هو پگهار ڇاجي لاءِ ٿا وٺن. عوام طرفان مليل ٽئڪس حڪومت ائين ڇو ضايع ڪري رهي آهي... وغيره وغيره. نتيجي ۾ هاڻ جپان جي هر هڪ ايئرپورٽ تي سختي ٿيڻ لڳي، خاص ڪري انهن ملڪن جي ماڻهن تي جن جي ملڪ ۾ سارس پکڙجي چڪي هئي.
منھنجي پھرين فلائيٽ ملائيشيا جي MAS هوائي جھاز ۾ هئي، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور ۽ ڪوالالمپور کان سڌي فڪوڪا (جپان) وڃي رهي هئي. ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏينھن جو Waitهو، جنھن لاءِ هوائي ڪمپنيءَ وارا هوٽل ۾ مفت رهائش ڏئي رهيا هئا، پر پوءِ جيئن ئي جپان جھڙن ملڪن مٿين قسم جو اعلان ڪيو ۽ ملائيشيا ۾ سارس ڦھلجڻ جي خبر پيئي ته هر هڪ MASجي ٽڪيٽ رد ڪري، عرب امارات وارن جي هوائي ڪمپني Emirates جي ٽڪيٽ ٺاهي، جنھن ۾ ڪراچيءَ کان پھرين دبئي وڃڻو پيو ٿي ۽ پوءِ اتان جپان جي شھر اوساڪا ۽ هڪ ٻئي جھاز ۾ ”فڪوڪا“ اچڻو پيو ٿي. پر سٺي ڳالهه اها هئي ته هنن عرب امارات وارن پنھنجن جھازن جي ٽڪيٽ ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ تائيوان جي هوائي ڪمپنين جي هوائي ٽڪيٽن کان به گهڻي سستي ڪري ڇڏي هئي. ان هوائي ڪمپني ۾ سفر ڪرڻ ۾اهو فائدو ٿيو جو جپان جي هوائي اڏن تي اسان جي گهڻي پڇا يا خواري نه ٿي، جيڪا ٻين هوائي ڪمپنين ۽ ملڪن کان آيل مسافرن جي ٿي رهي هئي.