ٻئي جي ڪلچر جي سڃاڻپ لاءِ
ڪيترين ئي جپاني فئملين ۾ اڄ به اهو وڏي پٽ تي فرض آهي ته هو ۽ هن جي زال ماءُ پيءُ جي مرڻ گهڙي تائين خدمت ڪن. ان ڪري ڪيتريون ئي جپاني ڇوڪريون ڪنھن به خاندان جي وڏي پٽ سان شادي ڪرڻ کان لنوائين ٿيون، ڇو جو هنن کي مڙس جي ته خدمت ڪرڻي پوندي پر سس سھري جي پڻ. بھرحال اها ٻي ڳالهه آهي ته، ماءُ پيءُ پنھنجي سموري ملڪيت يا ان جو وڏو حصو پنھنجي وڏي پٽ جي ئي حوالي ڪن.
ڪنھن خاندان ۾ پٽ نه هوندو آهي ته وڏي ڌيءُ جو مڙس پنھنجي سھري جي خدمت توڙي ڪاروبار هلائڻ جي جوابداري کڻندو آهي ۽ ڪيترا ته پنھنجي ذات به مٽائي زال جي يعني سھري جي رکن. ان صورت ۾ به عورت کي يعني ڌيءَ کي گهڻي خدمت ڪرڻي پوي ٿي. هونءَ ئي جپاني معاشري ۾ عورت جو سر هليو وڃي. نوڪر چاڪر رکڻ جو ته رواج ئي ڪونهي، گهر جي صفائي، ڪپڙا گنديون ڌوئڻ ۽ استريءَ کان وٺي مڙس ۽ ٻارن جي خدمت چاڪري ڪرڻ هن لاءِ ضروري آهي. سڄو ڏينھن ڏسبو ته جپاني عورتون پيون گهر ٻھارينديون ۽ پوچا ڏينديون. سندن مڙس هر وقت سونڊيا ڦُوڪيا هلندا ۽ زالون هر وقت راڻي کي ريجهائڻ ۾ پوريون هونديون. جپاني عورت سُک جو ساهه تڏهن کڻي ٿي، جڏهن مڙس جو ساهه نڪري ٿو.
آئون هڪ جپاني فئمليءَ کي سڃاڻان ۽ هينئر به منھنجي ساڻن ملاقات ٿيندي رهي ٿي. زال مڙس ٻئي پوڙها آهن پر تڏهن به مڙس جو هر ڪم سندس زال ڪندي رهي ٿي. اولاد ۾ پٽ نه اٿن سو سندن اڪيلي ڌيءَ پنھنجي مڙس سان گڏ هنن سان گڏ رهي ٿي. ڌيءَ وڏي شوقين ۽ مغرب جي آزاد سوسائٽيءَ کان متاثر آهي، جنھن معاشري ۾ عورت به ڏندين ڏاند آهي. هن جي وڏي خواهش هئي ته ڪنھن آمريڪن سان جيڪر شادي ٿئي ها پر هاڻ جپانيءَ سان شادي ڪري، سڄو ڏينھن ويٺي هن جي خدمت ڪري. پاڻ الڳ ۽ سندس ماءُ الڳ پنھنجن مڙسن جون شڪايتون ڪنديون رهن ٿيون. وري ماءُ ڌيءَ پنھنجن مڙسن جون هڪ ٻئي سان دانھون ڪنديون ته وهنجي نڪرن ٿا ته باٿ روم کي پوچو به نٿا ڏين. سڄي گهر جا ڪپڙا ڌوئي سڪايون ٿيون پر کانئن پنھنجا ڪپڙا به استري نٿا ٿين. پٽاٽا بصر به خود مارڪيٽ مان وٺي ڳريون ٿيلهيون کڻي گهر اچي رڌ پچاءُ ڪريون پر کانئن پنھنجا ٿانوَ به نٿا ڌوپن. در اصل جپاني سوسائٽي اهڙي آهي جو اِهي سڀ ڪم عورت جا ليکيا وڃن ٿا. ڪو مرد جيڪڏهن گهر ۾ استري ڪندو يا ٿانوَ ڌوئيندو يا بوٽ پالش ڪندو ته عورت خود ئي ڪرڻ نه ڏيندس جو ٻيو ڪو ڏسي وٺندو ته هن تي (زال تي) کلندو ته، ڪھڙي ڪاهل ۽ بي وفا آهي. بھرحال مٿين فئمليءَ جي ڇوڪري انگريزي فلمون ۽ آمريڪن ناول پڙهي پڙهي پنھنجي جپاني سوسائٽيءَ مان سخت بيزار ٿي پئي آهي ۽ وري اهڙي وات ڦاٽي آهي جو هڪ ڏينھن کلندي چوي ٿي ته خبر ناهي ڪڏهن اسان (ماءُ ڌيءُ) جا مڙس مرندا جو اسين عيش ڪنديونسين.
جپاني ڇوڪريون پنھنجا جپاني يا ڌارين ملڪن جا بواءِ فرينڊ ٺاهينديون پر هو شاديءَ کان اڳ ڌار فليٽ ۾ نه رهنديون، جيئن يورپ پاسي عام آهي. هتي جپاني ڇوڪرو ڇوڪري ملندا ضرور پر رهندا ماءُ پيءَ سان، جيسين شادي ٿئين. هر بلڊنگ جي هر فليٽ ۾ سادي شده فئملي نظر ايندي.
اڄڪلهه هڪ جپاني ناول ’ماڪِي اوڪا‘ (Makioka) ڀيڻيون تمام ٽاپ تي پيو وڃي. ان ۾ وڏي ڀيڻ يوڪيڪو شادي نٿي ڪري، ان ڪري ننڍي ڀيڻ تائيڪو جي شادي نٿي ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ هن لاءِ رشتا ايندا رهن ٿا. آخر ننڍي ڀيڻ اهو سوچي ته وڏي ڀيڻ يوڪيڪو شادي نٿي ڪري، ان ڪري منھنجي به عمر هلي ويندي، هوءَ پاڙي جي هڪ ڇوڪري سان (جنھن سان هن جو عشق هلي رهيو هو ۽ جي وڏي ڀيڻ شاديءَ لاءِ راصي ٿئي ها ته تائيڪو جي شادي سندس پسند جي هن ڇوڪري سان هونءَ به ٿي وڃي ها)ڀڄي ٿي وڃي. اها ڳالهه نه ڇوڪر جا نه ڇوڪريءَ جا مائٽ پسند ڪن ٿا ۽ ٻنهي کي آخر ڳولي ڳولي پنھنجي پنھنجي گهر وٺي اچن ٿا.
هونءَ جپاني يا ڪنھن ٻي قوم جي ڪلچرل اسٽڊي ڪرڻي آهي ته ان کي ان جي ملڪ ۾ وڃي ڏسجي، ان جي سوسائٽي ۾ رلي ملي وڃجي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي ته انهن جي زبان جي واقفيت رکجي. ملائيشيا توڙي جپان منھنجو ڏهه سال کن جھاز ايندو رهيو. بندرگاهه ۾ ايندو هو ته ملائيشيا يا جپان جا ماڻهو جھاز تان سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ، جهاز جي مرمت لاءِ يا اسان وٽ جھاز جي ڊائيننگ هال ۾ ويھي ماني ٽڪي کائڻ لاءِ ايندا رهيا ٿي پر صحيح معنيٰ ۾ سندن يا سندن ڪلچر جي سڃاڻپ ۽ سمجهه تڏهن ٿي، جڏهن انهن ٻنهي ملڪن ۾ جھاز ڇڏي سندن شھرن، محلن ۽ گهٽين ۾ رهڻ لڳاسين ۽ پوءِ اسان کي نه فقط انهن ماڻهن جون ريتون رسمون ۽ عادتون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون پر ڪلچر پڻ. ساڳي طرح سئيڊن ۾ پڻ ٿيو. ڪيترا دفعا يورپي_خاص ڪري Scandinavia جا ماڻهو ٻين ملڪن ۾ مليا هوندا، ڪيترا دفعا اسان جو جھاز ناروي، ڊئنمارڪ توڙي سئيڊن جي بندرگاهن ۾ ويو هوندو پر هنن جي ڪلچر جي صحيح تصوير دماغ ۾ تڏهن ويٺي، جڏهن لڳاتار ٻن سالن لاءِ اتي جي ماڻهن سانگڏ اتي جي گهٽين ۾ رهڻ ٿيو. ڪنھن به ماڻهوءَ کي هن جي پنھنجي ماحول ۽ معاشري مان ڪڍي ٻئي هنڌ هن کي يا هن جي ڪلچر کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندائو ته توهان کي مختلف روپ نظر ايندو. جيئن اسان جا ڪيترا قومي اخبارن جا جرنلسٽ اسلام آباد ۾ ويھي سنڌ بابت لکن ٿا يا ڪيترا گورا (آمريڪن توڙي يورپي) واشنگٽن ۽ جنيواجي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ويھي اسان تي ۽ اسان جي مذهب بابت لکن ٿا. ان ڪري انهن جون ڪيتريون ڳالهيون حقيقت کان ڏُور ثابت ٿين ٿيون.
سئيڊن ۾ هڪ جرنلسٽ ايران ۾ رهندڙ عورتن بابت عجيب ظلمن جون ڳالهيون ٻڌايون. مون کانئس پڇيو توکي ڪيئن خبر پيئي؟
”هتي هڪ ايراني عورت پنھنجو ملڪ ڇڏڻ ۽ اسان جي ملڪ سئيڊن جي قوميت وٺڻ دوران اهي ڳالهيون ٻڌايون.“ هن ٻڌايو. هن جي دماغ ۾ ايراني مرد ۽ اسلام بابت ڪيڏو ته غلط Image هو. ڪاش هوءَ ايران وڃي خود تحقيق ڪري ها ته مختلف روپ نظر اچيس ها.
آمريڪن مشھور ناول Moby Dick ۾ ان قسم جي غلط ڪلچر جي کوجنا بابت ناول جو هڪ ڪردار اشماعيل(Ismael) واهه جو مثال ڏئي ٿو. اشماعيل وهيل مڇين جي کوجنا پوري محنت سان ڪري ٿو. هڪ مڇي ڪناري تي اچڻ تي هن جي ڪو تصوير چٽي ٿو، جنھن کي ڏسي هو تعجب کائي ٿو۽ سوچي ٿو ته، هن قسم جي پياري جانور جي ڪناري تي ويھي ڪو به هوبھو شڪل چٽي نٿو سگهي. هو جڏهن اونهي سمنڊ ۾ ترن ٿيون ته، هنن جي جسم جي Shape ڪجهه ٻي ٿيو وڃي. ڇو جو هڪ دفعو هنن جانورن کي اونهانين مان، جتي چوڌاري سمنڊ جو وڏو پريشر آهي، ٻاهر ڪناري تي آڻڻ سان هنن جي بدن جي صورت ئي بدلجيو وڃي. وهيل مڇيءَ کي وهيل مڇيءَ جي صورت ۾ ڪو ڏسڻ چاهي ٿو، اشماعيل کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن کي اونهي سمنڊ ۾وڃي ڏسڻ کپي.
اهڙيءَ طرح ڪنھن بابت اسان صحيح ڄاڻ رکڻ گهرون ٿا ته، ان جي ئي ملڪ ۽ ماحول ۾ وڃڻ کپي. بقول موبي ڊڪ جي اشماعيل جي:
“We must be prepared to become deep-divers.”