الطاف شيخ ڪارنر

جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

الطاف شيخ جپان بابت کوڙ سفرناما لکيا آھن. ھي سفرنامو 25 سالن کانپوءِ سندس جپان گهمڻ کانپوءِ جو لکيل آھي. مزاحيہ مھاڳ ۾ امتياز ابڙو لکي ٿو: ”الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين بہ ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا تہ لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ تہ باقاعدہ الطاف کي خط لکيو تہ ”اسان آخر توهان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

مئڊم نتسوميءَ جي مھماني

جپان حڪومت جڏهن ڌارين ملڪن جي شاگردن کي اسڪالر تي جپان جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهرائي ٿي ته هنن کي خرچ پکي ۽ تعليمي سھوليتن سان گڏ هڪ Host Family (ميزبان فئملي) سان به تعارف ڪرائي ٿي، جيڪا هنن کي گهرو مسئلن ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪري سگهي. مثال طور، رهائش لاءِ مسواڙي گهر ڳولي ڏيڻ، ٻارن لاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏيڻ يا ڪو ٻيو مسئلو هجي، جيئن ته اسان جا ٻار اسڪول ۾ عام ملندڙ لنچ نٿا کائي سگهن جو انهن ۾ پورڪ (سوئر جو گوشت) ٿئي ٿو ته انهن لاءِ خاص مانيءَ جو بندوبست ڪرائڻ يا شروع جي ڏينھن ۾ جپاني نه اچڻ ڪري مترجم (Translator) جا فرض ادا ڪرڻ، وغيره.
هوسٽ فئمليون گهڻو ڪري تمام امير ٿين ٿيون ۽ هنن لاءِ انگريزي اچڻ به ضروري آهي جيئن ڌارئين ملڪ کان آيل مھمانن جي ڳالهه سمجهي سگهن. پئسي واريون هجڻ ڪري هو دنيا جي ڪيترن غمن ۽ فڪرن کان آزاد آهن ۽ واندڪائي هجڻ ڪري هو پنھنجو پاڻ کي ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ مشغول رکن ٿيون. هوسٽ فئمليءَ جا زال مڙس گهڻو ڪري وڏي عمر جا ٿين. سندن اولاد شاديون ڪري يا نوڪري خاطر ٻئي شھر ۾ رهي ۽ هي اڪيلا هجڻ ڪري ڪنھن ڌارئين جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي خبر چار لھڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا. ڪي ننڍي عمر جا چاليھه پنجاهه سالن جا به ٿين ، جن کي اولاد نه هجڻ ڪري يا هڪ ٻار هجڻ ڪري (جيڪو ٻئي شھر جي هاسٽل ۾ رهڻ ڪري) هو اڪيلائي محسوس ڪن ۽ پوءِ هنن مشغول ملڪن ۾ ڪنھن کي وقت آهي جو اچي هنن سان ڳالهائي. اهڙي صورت ۾ جپان ۾ پڙهائيءَ لاءِ ايندڙ ڌارين ملڪن جي شاگردن ۽ انهن جي فئملين لاءِ هن قسم جون ميزبان (Host) جپاني فئمليون وڏي مدد آهن ۽ ساڳي وقت اهي شاگرد ۽ انهن جا ٻار هنن جپاني هوسٽ فئملين لاءِ وندر آهن.
اسان جو ڀاڻيجو مشتاق ميمڻ به جڏهن هيروشيما يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ جپان اچي رهيو هو ته هن کي يونيورسٽيءَ طرفان ٻڌايو ويو ته هيروشيما ۾ چار سال رهڻ دوران سندن هوسٽ مدر (ميزبان ماءُ) توميڪو هارا هوندي. جپان پھچڻ تي ۽ هيروشيما ۾ چار سال رهڻ دوران ته هيءَ عورت سندس مدد ڪندي رهي پر هاڻ هيروشيما ڇڏي فڪوئوڪا ضلعي (Prefecture) جي شھر ڪَوڪُورا ۾ رهڻ تي به اها هوسٽ مدر ڪڏهن ڪڏهن هيروشيما کان هنن سان ملڻ لاءِ هليو اچي ۽ فون ته سدائين ڪندي رهي ٿي هي به هيروشيما هن جي گهر ائين وڃي رهن ڄڻ پنھنجو گهر هجين. بقول مشتاق جي ته جي هيءَ هوسٽ مدر توميڪو هارا (Tomiko)_ نه هجي ها ته هن لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ها ۽ هو ٻارن سان گڏ جپان ۾ رهي نه سگهي ها.
مشتاق جڏهن جپان آيو هو ته سندس ٻار تمام ننڍا هئا. وڏو پٽ احسن اڍائي سالن جو مس هو ۽ ڌيءَ ايمان سال کن جي هئي. ٻارن جي ماءُ مريم (جيجل) شاديءَ کان اڳ اسان سان گڏ جپان ۾ ڪافي وقت گذاريو هو ۽ هوءَ هتي جي ڪلچر ۽ زبان کان ڪجهه ڪجهه واقف ضرور هئي، پر ايترو نه هئي۽ ويتر پاڪستان اچي انگريزي پڙهڻ ۽ شاديءَ بعد انگلينڊ ۾ رهڻ ڪري هن لاءِ توڙي هن جي مڙس مشتاق لاءِ انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن ۾ رهڻ وڌيڪ آسان هو. سو اهڙي صورت ۾ هيروشيما جي هيءَ هوسٽ فئملي هنن لاءِ وڏي Blessing ثابت ٿي، جنھن سان گڏ ننڍا ٻار احسن ۽ ايمان رهي جلد ئي جپاني ڳالهائڻ سکي ويا ۽ پوءِ جپاني اسڪول ۾ داخلا ۽ پڙهائيءَ ۾ به کين تڪليف نه ٿي، نه ته هِن پاسي انگريزي اسڪول بنھه نه هجڻ ڪري ٻارن جي تعليم جو وڏو مسئلو رهي ٿو. جيسين جيجل جپاني زبان ۾ ڀڙ ٿئي تيسين ٻارن کي هوم ورڪ ڪرائڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ، هن هوسٽ مدر جي ذمي رهيو ۽ مشتاق پنھنجي پڙهائيءَ کي منھن ڏيندو رهيو.
تعليم بعد نوڪري لاءِ جڏهن مشتاق وارا هن شھر ڪوڪورا ۾ آيا ته هتي جيڪي مڪاني جپاني فئمليون هنن جون واقف ٿيون انهن ۾ هڪ پنجاهه پنجونجاهه سالن جي عورت نتسومي نالي پڻ سندن سڃاڻي ٿي وئي، جيڪا در اصل هتي رهندڙ ٻن پاڪستاني شاگردن جي هوسٽ مدر ٿي رهي هئي. اهي شاگرد جنھن سال تعليم مڪمل ڪري آسٽريليا ۽ USA هليا ويا هئا، ان ئي سال مشتاق وارن جي هتي اچڻ سان نتسومي هنن جي دوست گهٽ پر هوسٽ مدر وڌيڪ ٿي پئي ۽ تمام گهڻو قربائتي ۽ صابرين هجڻ ڪري، احسن ۽ ايمان جن کي به هن سان ايڏي ته Attachment ٿي پئي آهي جو هن سان گڏ گهمڻ يا هن جي گهر وڃي رهڻ ۾ وڌيڪ خوش ٿين ٿا جو هوءَ هنن جو هر انگل عارو کڻي ٿي. سندس گهر هتان وچ شھر (Central Kokura) کان ست اٺ ميل پري ٻھراڙيءَ پاسي آهي ۽ هن پاسي جي ٻھراڙي (Country side) ڏسڻ وٽان ٿئي ٿي. ڪارنر پلاٽ تي سندس وڏو گهر آهي جنھن جي هڪ ڪنڊ تي گهر جو دروازو آهي ته ٻي ڪنڊجيڪا مين روڊ تي آهي دڪان آهي. وچ ۾ ڪچن آهي. يعني دڪان ۾ ويھڻ بدران هوءَ ڪچن ۾ ويھي رڌ پچاءُ ڪندي آهي يا اتي رکيل ٽي وي ڏسي. دڪان ۾ گراهڪ جي گهڙڻ سان ٽيپ رڪارڊر ذريعي آٽوميٽيڪل ”اراسائي ماسي“ (ڀلي ڪري آئين) وڄڻ جي آواز تي هوءَ ڪچن مان اٿي آيل گراهڪ کي منھن ڏئي. هونءَ گهڻو تڻو دڪان تي سندس مڙس تڪايوشي (Takayoshi) ۽ اسي سالن جو سھرو Tuneji (تونيجي) ويھن ۽ پاڻ سڄو ڏينھن متسوبشي گاڏي کڻي چڪر هڻي. دڪان ڪمائيءَ کان وڌيڪ سندن وندر جو ذريعو آهي، جتي ان علائقي جا مڪاني ماڻهو ۽ هاءِ وي تان لنگهندڙ مسافر سگريٽ، ڊرنڪ يا ڪا سوکڙي پاکڙي وٺڻ لاءِ اچن ۽ جن سان ڪچھري مچي پئي هوندي آهي.
نتسومي (Natsumi)وارن کي هن دڪان کان علاوه ٻيون جايون جڳھيون مسواڙ تي آهن. کين يوجي (Yuji) نالي هڪڙو پٽ سورهن سالن جو آهي جيڪو سندن گهر کان چاليھه ميل کن پري ياهاتا (Yahata) شهر جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ آهي، جتي ملڪ جي اميرن، نوابن جا ٻار خاص خيال هيٺ پڙهن ٿا، جيئن پاڻ وٽ ڪنھن زماني ۾ لاهور جي ايچيسن اسڪول جو نمونو هو.
اسان جي پاڪستان کان اچڻ تي هڪ ڏينھن نتسومي اسان سان ملڻ آئي. هوءَ پاڻ سان ڪجهه تحفا به کڻي آئي. اسان کي پنھنجي گهر هلڻ جي دعوت ڏنائين ۽ ان بعد هڪ ٻه دفعو فون تي به چوندي رهي پر آئون Avoid ڪندو رهيس، جو ٻئي جي گهر ۾ رهڻ سان ماڻهو جھڙو ٻڌو ٻانهو ٿيو پوي. هر وقت ڏند ڪڍي ويھي ڪچھري ڪري يا ميزبان جي ساراهه ڪري ۽ مرضيءَ سان نه ليٽي سگهجي نه آزاديءَ سان هلي سگهجي. خاص ڪري جپاني گهرن جي Setting ۾ مون جھڙو ڊگهو ۽ بي افعالو ماڻهو ته مون ڏٺو آهي ته Total Failuare ٿيو پوي. اهو ان ڪري نه ته جپانين جا گهر ننڍا آهن. انهن کان ننڍا ڪمرا ته جھاز تي ٿين ٿا. ڪاٺ جي سنهي فرش يا تونئريءَ تي جنھن نموني سان هو ننڍڙيون وکون کڻي نزاڪت سان هلن ٿا، ان لاءِ پرئڪٽس کپي ۽ ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ايڏي پابندي رهي ٿي جو هو ذهني طرح پاڻ کي قيد سمجهي ٿو. جپاني گهرن ۾ فرش ۽ ڇتين کان ڀتيون نازڪ ٿين ٿيون ۽ نتسوميءَ جو گهر ته اهڙو نازڪ نموني جو هو جنھن جون ڀتيون ٽوڪيو جي مسافر خانن وانگر اهڙي سنهي پني جون آهن جو انهن مان ٻاهر جي روشني به آئي ٿي. معنيٰ ننڊ ۾ به ماڻهو خبردار رهي، ابتو سبتو پاسو ورائڻ سان ڪو گلاس يا گلدستو ته ڇا پر سڄي ڀت اچي پٽ تي پوي. جي پٽ تي نه پوي ته پنو ڦاٽڻ تي اها ڀت غائب ٿي وڃي. ان ڪري ڪنھن سڃاڻي جي گهر ۾ رهندي پنھنجو پاڻ کي ته تڪليف ۾ محسوس ڪندو آهيان پر لڳندو اٿم ته ميزبان کي به تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو اٿم. پر نتسوميءَ جي بار بار منٿون ڪرڻ ۽ احسن ۽ ايمان جن جي شوق ڪري مون کي ها ڪرڻي پئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته جيجل هر هر چوندي رهي ٿي ته اسان ڪو بهتڪلف نه ڪيون، جو هيءَ هوسٽ مدر ’نتسومي‘ تمام مست ملنگ قسم جي عورت آهي. گهر ۾ پيا هلجو چلجو. جنھن وقت ليٽڻ تي دل چوي ته ليٽي پئجو ۽ جيڪي وڻي فرج مان ڪڍي پيا کائجو. سندس مڙس ته ايڏو شرميلو آهي جو ڪڏهن ملڻ نه ايندو آهي ۽ مانيءَ تي به اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا آهن ۽ هو اسان جي مذهبي پابندين کان واقف آهن ۽ ڪا به اهڙي شيءِ کائڻ لاءِ توهان کي نه ڏيندا. نماز لاءِ به هن کي وڃڻ سان چئجو ته قطب نما ذريعي توهان کي قبلي جو Exact رخ ٻڌائي.
نتسومي پوري يارهين بجي اسان جي گهر پاڻ گاڏي ڪاهي آئي ۽ ساڻس گڏ منجهند جي ماني کائي پوري ٻي بجي گهران نڪتاسين ۽ لفٽ ذريعي اٺين فلور تان لھي هيٺ آياسين. گرائونڊ فلور تي ”آئيو اما“ نالي ڪپڙن جي هڪ وڏي ڊپارٽمينٽ اسٽور جي پارڪنگ ۾ نتسومي غير قانوني طور ڪار پارڪ ڪري آئي هئي. ان پارڪنگ ۾ رڳو اهي گراهڪ ڪار پارڪ ڪري سگهن ٿا جيڪي هن دڪان ۾ خريداريءَ لاءِ اچن ۽ جنھن لاءِ هنن کي ڪلاڪ کن گاڏي بيھارڻ جي اجازت جو ڪارڊ ملي ٿو.
نتسوميءَ جي غير موجودگيءَ ۾ غلط پارڪنگ جو نوٽيس دڪان وارن هن جي ڪار شيلڊ تي چنبڙائي ڇڏيو. ان کي ڏسي مون دل ۾ سوچيو ته شروعات ئي غلط ٿي. اهو نوٽيس ڏسي نتسوميءَ جو موڊ آف ٿي ويندو ۽ سندس طبيعت ۾ هاڻ اها خوش مزاجي نه رهندي ۽ نه کيس اسان کي گهمائڻ ۾ ڪو مزو ايندو. پر لڳي ٿو ته نتسومي اهو نه رڳو Expectٿي ڪيو پر ان جو فڪر به نه هوس. A-4 سائيز جيڏي پني تي جپانيءَ ۾ لکيل ان نوٽيس جي سِٽ اڌ پڙهي، سٽ ڏئي لاهي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
”او! نتسومي! آءِ ايم ساري.“ مون چيو ! يعني تو تي هيءِ مصيبت اسان جي ڪري آئي ۽ هاڻ پوليس اسٽيشن يا ڪورٽ جي معرفت توکي هن غيرقانوني ڪم لاءِ ڏنڊ هڪ طرف ڀرڻو پوندو ته آفيس جا چڪر ٻئي طرف هڻڻا پوندا.
”مڙيئي خير آهي. جيڪي ٿيڻو هوندو وڪيل پاڻهي منھن ڏيندو.“ نتسوميءَ بنا ڪنھن پرواهه جي چيو ۽ گاڏيءَ کي زور سان Reverse ڪري پارڪنگ مان ڪڍي مين روڊ تي وٺي آئي ۽ پنھنجي ساڳي خوش مزاجيءَ جو اظھار، خبر چار پڇڻ ۽ ٻارن سان چرچا ڪرڻ ۾ ڪندي آئي.
نتسوميءَ نالي ٻڌو هوم ته گاڏي تمام تکي ٿي هلائي پر گاڏيءَ ۾ ويھي ان کان وڌيڪ محسوس ڪيم ته واقعي ان معاملي ۾ ته هوءَ جپاني بنھه نٿي لڳي. جپاني ته هر ڳالهه ۾ (ويندي ڊرائيونگ ۾ به) عورتون ته ڇا پر مرد به ايڏا تحمل ۽ صبر وارا آهن، جو رستي تي سندن حق هوندو ته به ٻئي کي پيا آفر ڪندا ته جيڪڏهن تون جلدي ۾ هجين ۽ نڪرڻ چاهين ته ڀلي پھرين تون هل ۽ هن جي ’نه‘ ڪرڻ تي ڪا دير جهڪي جهڪي ’هاءِ! دومو ارِي گاتو‘ جي تسبيح پڙهندا ويندا. پر نتسومي ته ٽئي ڏينھن، (جيڪي اسان هن جي گهر ۾ گذاريا)، هڪ کريل ٻار وانگر گاڏي داداگيريءَ سان هلائيندي رهي ۽ رستي تي Right of way ٻئي جو ٿيو ٿي ته به پاڻ پنھنجي گاڏي ڪڍي وئي ٿي. هڪ دفعي ته ساڄي پاسي واري گهٽيءَ ۾ مڙڻ لاءِ، هڪ هنڌ تي ترسي سامهون ايندڙ گاڏيءَ کي پھرين وڃڻ بدران، پاڻ فل اسپيڊ تي هن جي اڳيان ساڄي ٽرن ڪري نڪري وئي ۽ غريب ڊرائيور جو ڊپ ۾ لڳايل بريڪن جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندورهيو. هڪ دفعي اهڙي غلطي وري ورجائڻ تي مون کلندي چيومانس:
”نتسومي تو بئنڪاڪ ۽ بمبئيءَ ۾ ڊرائيونگ ته نه ڪئي آهي؟“
”نه آئون آسٽريليا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ رهي آهيان ۽ گهمڻ لاءِ ايشيا جو فقط سنگاپور ڏٺو اٿم.“ هن چيو. کيس منھنجو چرچو يا ٽوڪ سمجهه ۾ نه آيو.
”نه نتسومي! مون کي ته لڳي ٿو ته تو اتي نه ته ڪراچيءَ يا ڪولڪتا جهڙي شھر ۾ ڪار ضرور هلائي آهي.“ منھنجي ٻيو دفعو چوڻ تي هوءَ چرچو سمجهي وئي. ۽ ڪا دير کلندي رهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هن ايندڙ ڪلاڪ اڌ آرام سان ڊرائيو ڪئي ان بعد وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.
هنن ملڪن ۾ بيلٽ ٻڌي گاڏي هلائڻ ضروري آهي. نه فقط ڊرائيور لاءِ ضروري آهي پر هر ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو اڳئين سيٽ تي ويھي ٿو. گاڏي هلائڻ مھل نتسوميءَ کي ڪڏهن احسن ۽ ايمان جن ته ڪڏهن مون بيلٽ ٻڌڻ لاءِ ياد ڏياريو ٿي. آخرڪار هڪ دفعي بيلٽ ٻڌڻ جي ياد ڏيارڻ بدران چيومانس:
“Natsumi! Omawari San Wa Anatano Tomodachi Desuka.”
(نتسومي! ڇا علائقي جو پوليس آفيسر تنھنجو دوست آهي؟)
منھنجي ڳالهه جو مطلب سمجهي يڪدم کڻي بيلٽ ۾ هٿ وڌائين.
مون کي رڳو اهو هوندو هو ته هيءَ ان معاملي ۾ ايڏي بي خيالڻ آهي، ڪٿي اسان کان به وسري وڃي ۽ پوليس وارو چيڪ ڪري وجهي ته ڪيئن ٿي منھن ڏئي يا شايد ان معاملي ۾ جپان ۾ قانون نرم آهي. پر پوءِ سگهو ئي هڪ اهڙو موقعو آيو جو جيئن ئي هڪ هنڌان گاڏي موڙيائين ته سامهون ٽريفڪ پوليس تي نظر پيس. مون سمجهيو ته مٿس ڪجهه اثر نه ٿيندو پر جپان جي قانون جي ڇا ڳالهه ڪجي! عادي مجرم ئي ڊڄيو وڃن، سو نتسوميءَ به ڇرڪ ڀري يڪدم کڻي ڪار جي بيلٽ ۾ هٿ وڌو ۽ کنوڻ وانگر ڪلهي تان ورائي ڪنڍي ۾ ڦاسائي ورتو. پوليس واري وٽان لنگهڻ مھل پوليس واري ڪار جي دريءَ مان ليئو پاتو ۽ هو مطمئن نظر آيو۽ ان کان وڌيڪ پرسڪون (گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح)اسان جي نتسومي لڳي رهي هئي. يا گهٽ ۾ گهٽ هوءِ پنھنجو پاڻ کي ڪمپوز ڏيکارڻ جي ائڪٽنگ ڪرڻ لڳي، جيئن ٽريفڪ پوليس کي شڪ نه پوي ته هن هاڻ بيلٽ ٻڌو آهي.
نتسومي جي گهر پھچي اسان_ خاص ڪري مون کي ڪو Uncomfaortable محسوس نه ٿيو. هن تقريباً سڄو گهر اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. گهر ۾ وٺي اچڻ مھل ڪنڊ تي سندس دڪان ۾ بيٺل سندس مڙس تاڪايوشي ۽ سھري تونيجي سان ملياسين. بلڪ جيئن ته مون کي اڳواٽ خبر هئي سو دڪان ۾ گهڙي هنن مڙسالن سان مليس تيسين ٻار جيڪي هن گهر ۾ هتي جي جپاني ماحول ۾ اڳ ئي هريل آهن سي در وٽ بوٽ لاهي اندرين ڪمري جا چپل پائي نتسومي وارن جا رانديڪا وغيره کڻي کيڏڻ لڳا. نتسوميڪار پارڪ ڪري پنھنجي ئي دڪان تان ٻه پليٽون ٽافين ۽ چاڪليٽن جون ڀري ۽ ڊزن کن مختلف ڊرنڪ جون بوتلون ۽ دٻا کڻي اچي اسان اڳيان رکيا.
”اناتاوا مادا اينو اوڪاتي ايماسڪا“ (توهان وٽ اڃا ڪتو آهي؟) ٻارن نتسوميءَ کان پڇيو.
”نه مون تڏهن کان ئي ڪڍي ڇڏيو.“ هن ٻارن کي ٻڌايو ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ مون کي چيو: ”مڙيئي اسان به فئشن ڪيو هو. اڄڪلهه ڏسين ٿو ته جپان۾ فيشن طور ڪتو پاليو وڃي ٿو.“
”اها ڳالهه هن ڀيري جپان ۾ مون اچڻ سان نوٽ ڪئي. اڄ کان ٽيھارو سال اڳ آئون جڏهن جپان ۾ آيو هوس ته جتي ڪٿي سھڻين ٻلين کي ڏسندو هوس، پر هاڻ شايد هي يورپ ۽ آمريڪا جي فلمن ۽ ڪلچر جو اثر آهي.“
نتسوميءَ ٻڌايو ته هن ڪتو پالڻ نٿي چاهيو پر هن جي هڪ ساهيڙيءَ ڪتي پالڻ جي حڪومت کان اجازت ۽ رجسٽريشن ڪارڊ ورتو جيڪو در اصل ڪتي جي قيمت کان به مھانگو اٽڪل ڏيڍ لک يين (پنجھتر هزار رپين جو) ملي ٿو. ”هن ساهيڙيءَ جو اچتو آمريڪا وڃڻ ٿي پيو ۽ اهي رجسٽريشن ڪارڊ مون کي گفٽ طور ڏئي وئي. هاڻ ظاهر آهي هن مون تي هيڏي مھرباني ڪئي، باقي چاليھه هزار يين (ويهه هزار رپيا) کن خرچ ڪري ڪتو وٺي آيس ۽ اهڙا ويھه هزار يين ڪتي جي پٽي، ننھن لاهڻ جي نيل ڪٽر، ڪاڪوس ميڙڻ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهين وغيره تي خرچ ڪيم.“ نتسوميءَ ٻڌايو.
”پوءِ ڪتي کي ڪڍي ڇو ڇڏيئي؟“ مون پڇيومانس.
”بس بيزار ٿي پيس. منھنجي سڄي آزادي ختم ٿي وئي. جھڙي ڪتي جي نوڪرياڻِي ٿي پيس. مڙس به چوي ته دڪان تو پاران هلايان پيو باقي ڪتي جو هنگائڻ مٽائڻ مون کان نه پڄندو، پنھنجو شوق پاڻ پورو ڪر. يقين ڪريو ڪتو رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هن جي بيمارين جي بچاءَ لاءِ يا هن جي جسم جي جراثيمن کي ختم ڪرڻ لاءِ خبر ناهي ڪھڙيون ڪھڙيون مھانگيون مھانگيون سُيون، دوائون ۽ شيمپو لوشن خريد ڪرڻا پيا ٿي. ان هوندي به ڪتو رکڻ Safe ناهي. ڪتو انسان جو دوست ڇا انسان ڪتي جو ٻڌو ٻانهو نظر اچي ٿو.“
”ان ڪري ته آئون جپانين کي چوندو آهيان، خاص ڪري عورتن کي ته توهان هڪ ته قد جون ننڍيون ۽ جسم جون ڪمزور، توهان يورپي عورتن وانگر رڇن جھڙا ڪتا ڇو ٿيون پاليو، جيڪي نه ڏهڻ جا نه ڪُھڻ جا. اڃا به توهان ٻليون پاليو جيڪو توهان جو پراڻو رواج آهي...“
”اهي به وڏيون نٽڪيون ۽ نخريليون ٿي پيون آهن.“ نتسومي چيو.
”آئون ته نٿو سمجهان. دنيا اڳتي وڌي وئي آهي، جپان ته الائي ڪٿان وڃي نڪتو آهي پر اڄ به هتي جي عورت ڄڻ اتي ئي بيٺي آهي _ اها ئي پورهيت ۽ محنتي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ نٽڪي ۽ نخريلي ضرور ٿي سگهي ٿي.“ مون وراڻيو مانس.
”الطاف_ سانَ (Mr. Altaf) توهان به ڏاڍي ٻڌائي! آئون جپاني عورتن جي نه پر جپاني ٻلين جي ڳالهه پئي ڪريان، جيڪي نخريليون ٿي پيون آهي. اسين جپانين_ خاص ڪري دڪاندارن، ڪوئن کاننجات حاصل ڪرڻ لاءِ ٻليون پاليون ٿي ۽ اهي ٻليون اڄ جي خاص کاڌن Katsuo (مڇي جون چپس Bonito) ۽ مکڻ ملائين تي نه هلنديون هيون. اهي پنھنجا ماريل ڪوئا کائي پيٽ ڀرينديون هيون. اڄ جون ٻليون سامهون ايندڙ ڪوئي کي به نٿيون مارين. منھن واريو ڇڏين ياپاسو ڏيئي لنگهيو وڃن.“
نتسومي پنھنجي پٽ يوجي کي سڏي اسان وٽ ويھاريو، جيڪو ويھڻ بدران پيرن ڀر بيٺو رهيو. ڪڏهن ايئرڪنڊيشن هلائي پئي ڏنائين ته ڪڏهن وهاڻا کڻي پئي آيو ته ڪڏهن ٻارن سان ’اي_گو‘ راند پئي ڪيائين ته ڪڏهن ’شوا وگي‘ پئي کيڏيائين، جيڪي جپاني رانديون شطرنج ۽ ليوڊو وانگر ڪارڊ بورڊ (گتي جي پني) تي کيڏيون وڃن ٿيون. منجهند جي ماني کائي اچڻ ڪري مون کي ننڊ اچي رهي هئي، سو نماز پڙهي آئون اتي ئي تاتامِي (جپاني تڏي) تي پٽ تي سمهي رهيس. يوجيءَ مون کي به ڪَکن جا وهاڻا آڻي ڏنا. ساڄي پاسي واري سلائڊنگ ڀت جو ڪاغذ هڪ هنڌ ڦاٽل هو جيڪو هوا ۾ ڦڙڪيو ٿي ته پري پري تائين جبلن جون قطارون نظر آيون ٿي ۽ گهر جي چوديواريءَ اندر ڪمري جي ڀت سان لڳ پنج سؤ والن جي پلاٽ تي پوکيل چانورن جو فصل ۽ ان مٿان مختلف قسم جي جهرڪين ۽ پوپٽن کي اڏامندو ڏسي هڪ نئين دنيا محسوس ٿي ٿي. پني جي ڀتين ۽ سلائڊنگ وارن وڏن دروازن تي جيڪو ميٽوڙي رنگ جو پنو چڙهيل هو، ان تي بانس (Bamboo) جا ننڍا ٻوٽا ۽ هتي جون خاص ڪونجون (Cranes) جنھن کي جپانيءَ ۾ Tsuru سڏين اڀريل (Embossed) هيون.
نماز لاءِ مون نتسومي يا سندس پٽ Yuji کي قطب نما يا D.F (Direction Finder) آڻڻ بدرانهگاشي (اوڀر) منامي (ڏکڻ) يا ڪيٽا (اتر) وغيره هڪ طرف معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي، جو مون کي اها ڄاڻ هئي ته اتان مڪو شريف ڏکڻ اولھه واري ڪنڊ ڏي ٿئي ٿو. پر نتسوميءَ مون کي ڪو طرف ٻڌائڻ بدران سنئون سڌو قبلي جو رُخ ڏيکاريو. پاڻ ٻڌائين ته پنج سال کن اڳ جڏهن هوءَ پاڪستاني شاگرد جي Host Mother هئي ته انهن مان هڪ پنج وقت نماز پڙهندو هو. ”ان بعد مون هر ڪمري ۾ تير ٺاهي مڪي شريف جو نشان ڪري ڇڏيو آهي.“ هن ٻڌايو.
نتسوميءَ ٻڌايو ته سندس مڙس کي پيئڻ جو شوق ناهي . ”پر آئون ڊرنڪ جي عادي ٿي وئي آهيان. انهن پاڪستاني شاگردن مان هڪ نه پيئندو هو. باقي ٻيو مون کي خوب ڪمپني ڏيندو هو. بيئر هجي يا ساڪي، هو هر قسم جي شراب پي ويندو هو.“
مون مرڪندي هڪ دفعو وري چيو: ”ان ڪري ته چوان ٿو ته تون مون کي جپاني گهٽ يورپي عورت وڌيڪ لڳين ٿي.“
”او ٿئنڪ يو! ٿئنڪ يو!“ هن خوش ٿيندي منھنجي ريمارڪ تي ورندي ڏني_ جيتوڻيڪ جپانين کي هڪ صدي کن اڳ ان قسم جو ريمارڪ ڏيڻ ته توهان يورپين (يا آمريڪن) جھڙا آهيو، هنن لاءِ گار برابر هو. ڇا جاهل ڄٽ يورپي ۽ ڇا دنيا جي اعليٰ قوم (جپانين جي خيال موجب گهٽ ۾ گهٽ) جپاني_ جيڪا اوڪياناوا کان هوڪئدو تائين Homogenous قوم آهي. جا اخلاق ۽ فضيلت ۾، پوشاڪ ۽ پھرڻ ۾، دنيا جي اعليٰ قوم مڃي وڃي ٿي. افسوس جو اڄ اها جپاني قوم مغربي ڪلچر مان ڏاڍو متاثر ٿيندي وڃي. هنن لاءِ آمريڪا، آمريڪن زبان سکڻ، آمريڪن ڪلچر اپنائڻ هڪ وڏي حيثيت رکي ٿو. اڄ هو آمريڪن کي گار ڏيڻ بدران پنھنجو پاڻ کي آمريڪن جھڙو سڏائيندي (يا سمجهندي به) فخر محسوس ڪن ٿا. زنده باد آمريڪا جي فلمي دنيا، بيس بال ۽ ساڪر رانديون ۽ آمريڪن ميوزڪ، جن شين رستي آمريڪا جپان تي ائين سوڀ حاصل ڪري رهيو آهي، جيئن انڊيا پنھنجي فلمي دنيا ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي پاڪستان تي. ڏاڏي جي مرڻ جو ٻڌي ولايت ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ٻار پنھنجي پيءُ کان ٿو پڇي ”ابو! دادا کا کريا کرم کب هوگا؟“
يعني هن جي لاش مٿان ڪاٺيون رکي ڪڏهن ساڙينداسين.
بھرحال ڀت، جتان ڦاٽل پنو هو، اتان ٻاهر جو نظارو ڏسندي ڏسندي اک لڳي وئي. نتسومي رکي رکي ڪڏهن ان ڊرائينگ روم ۾ (جتي ٻار پڻ کيڏي رهيا هئا ۽ پاسي تي آئون وهاڻو رکي ڊگهو ٿي سمهي رهيو هوس) ته ڪڏهن ڀر واري ڪمري ۾، ڪڏهن ڪا شيءِ کڻڻ يا رکڻ لاءِ پئي آئي وئي پر آئون لت کوڙي ستو رهيس. منجهند جو ڪجهه دير (ڏهه منٽ ئي) سمهڻ اڄ جي عادت نه اٿم پر منھنجي همعصر سنڌين جي مون وانگر سٺ سال کن پراڻي عادت آهي، جڏهن سنڌ ۾ اسڪولن جا ٽائيم اڄ وارا نه پر صبح جو اٺ کان ساڍا يارهن ۽ وري شام جو ٽي کان پنج هوندا هئا۽ اسان سنڌين جون مائرون يا ڏاڏيون پڦيون منجهند جي ماني کارائي سمهاري ڇڏينديون هيون ۽ پوءِ ٽي بجي اٿي وري اسڪول وڃبو هو.
اڌ ڪلاڪ کن سمهڻ بعد اک کلي ته يوجي (Yuji) کي چيم ”ڊرائيونگ اچئي ٿي؟“
”نه انڪل، آئون ته پندرهن سالن جو هاڻ ٿيو آهيان. جپان ۾ سرڪاري طرح بالغ ٿيڻ جي عمر ويھه سال آهي. ان بعد هو ڊرائيونگ ڪري سگهي ٿو. ڪجهه کپي ته امان کي چوان؟“ هن پڇيو.
ايندي وقت هڪ هنڌ ميدان تي ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد ٽيبل تي يا پٽ تي گهر جو مختلف سامان : ڪپڙا، جوراب، رانديڪن کان وٺي اليڪٽرڪ جو سامان ۽ ٿانو ٿپا وڪڻي رهيا هئا، جيئن يورپ پاسي پيني مارڪيٽ لڳندي آهي يا اسڪينڊينويا جي ملڪن ۾ Lopis (سئيڊش لفظ جنھن جي معنيٰ Low Price _سستي)مارڪيٽ لڳندي آهي، جتي نه فقط اسان جھڙن ڌارين ماڻهن کي پر مڪاني ماڻهن کي به شيون سستيون خريد ڪري خوشي ٿئي ٿي. شيءِ جو مالڪ موجود هوندو آهي، اها شيءِ هن جي ضرورت جي نه هوندي آهي( تڏهن ته نيڪال ڪرڻ لاءِ کڻي آيو آهي) ۽ وڪڻڻ لاءِ هن لاءِ وري ٻيو ڏينھن نه اچي سگهندوآهي. جي ايندو ته به هفتي بعد ڪٿي ته مھيني بعد. ان ڪري هن سان اگهه تي بحث ڪري قيمت به گهٽرائي سگهجي ٿي.
نتسوميءَ ان مارڪيٽ ڏي اشارو ڪري ٻڌايو هو ته اها ’فري مارڪيٽ‘ آهي ۽ هنن جي ڳوٺ ۾ اها هر مھيني هڪ دفعو لڳندي آهي ۽ هاڻ جڏهن منجهند جي ننڊ ڪري فريش ٿي ويس ۽ ٻاهر اُس ۾ گرمي بدران ڪڪر جهڙ ڪريو بيٺا هئا ته ان ميدان تي وڃي ان مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ ڪو خراب نه هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙين مارڪيٽن ۾ ڪي چريون امير مايون واهه جا Souvenior ۽ شيون آڻين ٿيون جن جي Worthجي کين به خبر نٿي پوي ۽ نه هنن کي پئسي ڪمائڻ جي ٿئي ٿي. اوڻي پوڻي ۾ شيون نيڪال ڪريو وڃن. پنھنجي ڪمري جو ڪٻٽ خالي ڪرڻ ۾ هنن جي خوشي سمايل هوندي آهي جيئن هو وري ٻئي سامان سان ان ڪٻٽ کي ڀري سگهن.
”يوجي! فري مارڪيٽو نِي اِي ڪو اُو.“ مون يوجي کي مارڪيٽ ۾ هلڻ لاءِ چيو، هن ڪچن مان ڦري دڪان تي ويٺل ماڻس کي چئي مون کي اچي ٻڌايو ته سندس ماءُ چوي ٿي ته بس اڌ ڪلاڪ بعد چڪر تي نڪرون ٿا.
”چڱو يوجي، تيسين پنا کڻ ۽ مون کي Origami جو ڪو سبق ڏي.“ مون چيو ۽ يوجي رنگين گلن وارن پنن جو پاڪيٽ کڻي پٿل ماري منھنجي اڳيان اچي ويٺو. هڪ چورس پنو پنھنجي اڳيان رکيو ۽ هڪ منھنجي اڳيان. ”انڪل ڇا ٺاهيان؟“ يوجيءَ پڇيو.
اوريگامي_ پني مان مختلف شيون ٺاهڻ، جپان جو هڪ پراڻو آرٽ آهي. چورس پني مان اسان به ننڍي هوندي ٻيڙيون، ٽوپي، ڏينھن رات ۽ ٻه ٽي شيون ٺاهيندا هئاسين پر جيتريون شيون جپاني ٺاهين ٿا، ان جو ڪو جواب ناهي. جپاني Origami تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيل آهن. ڪا ڏکي شيءِ ٺاهڻ يا سکڻ جو نه هينئر وقت هو ۽ نه عمر، پر جپاني ڪونج جنھن کي انگريزيءَ ۾ Crane ۽ جپانيءَ ۾ تسورو (Tsuru) سڏجي ٿو، اها اهڙي شيءِ آهي جيڪا جيترو آسان آهي اوترو سھڻي پڻ لڳي ٿي. ڪن خاص ڏينھن تي جپاني پنھنجي سُکا پوري ٿيڻ تي پني جون اهڙيون هڪ هزار تسوروئون ٺاهي اچي مندر ۾ رکندا آهن.
پني جي ڪا به شيءِ Origami سکڻ لاءِ بھترين طريقو آهي ته سيکارڻ وارو جيئن جيئن ٺاهيندو وڃي تيئن تيئن ان کي فالو ڪندو وڃجي ۽ پنھنجي پني مان ٺاهيندو وڃجي. ان بعد هڪ ٻه دفعا پاڻهي پرئڪٽس ڪجي. ان پرئڪٽس ۾ مون يوجي جا ڪيترائي رنگين خوبصورت پنا ضايع ڪيا.
”تنھنجي پنن جو مون چڱو خانو خراب ڪيو آهي. هاڻ يوجي ڪا اخبار کڻي اچ يا اڇا پنا ته ان جا چورس ٽڪرا ٺاهي ڪونجون ٺاهيون.“ مون يوجي کي چيو.
”توهان فڪر نه ڪريو. اوري گامي لاءِ اسان وٽ پنا کوڙ.“ هن چيو ۽ مون مرڪي سندس وڌيڪ پنا ضايع ڪرڻ شروع ڪيا. دل ۾ چيم ڳالهه سؤ سيڪڙو صحيح ٿو ڪرين. غريب کان غريب جپانيءَ وٽ به صفائي لاءِ ٽائليٽ پني جا رول ۽ ڊرائينگ روم ۾ اوريگامي لاءِ چورس پنن جا رنگين پاڪيٽ ضرور ملندا.
ٿوري ديربعد نتسومي مينھن واچ هڪ ڪندي آئي. ”هلو ته توهان کي چڪر ڏياري اچان.“
”نتسومي ڪجهه دير لاءِ فري مارڪيٽ به هلجانءِ.“ مون چيومانس.
”جي ها. اوڏانھن به هلون ٿا.“ هن وراڻيو ۽ اسان بوٽ پائي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺاسين. نتسومي هڪ دفعو وري اڇل مان گاڏي Reverse ڪري پنھنجي گهر جي گئراج مان ڪڍي پنھنجي گهٽيءَ وارو رستو پار ڪري مين روڊ تي وٺي آئي.
”هادي حفظ ۾ رکيج.“ گاڏي هلائڻ واري هوءِ هئي پر جيارڻ واري (رب) کي پنھنجي حفاظت لاءِ دل ئي دل ۾ ٻاڏائڻ جو حق ته اسان مسافرن کي به هو. هوءِ هاءِ وي تان ڪجهه دير هلي پوءِ ننڍن رستن ۽ پوءِ گهٽين ۾ آئي ۽ هڪ قبرستان وٽان ٿيندي، ڪنھن مندر وٽ اچي گاڏيءَ کي پارڪ ڪيو.
جيئن هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته جپان ۾ ٻه ڌرم مشھور آهن_ بلڪ عام آهن: ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم. هي شنتو ڌرم جو مندر هو جنھن جي اڳيان وڏو دلي دروازو ٽوري (Torii) ٺھيل هو. مندر اندر گوتم ٻڌ جي ڪا به ننڍي يا وڏي مورتي نه هئي جيڪا ٻڌ ڌرم جي مندرن جي عام نشاني ٿئيٿي.
مندر تمام پراڻو هو. فقط پراڻو چوڻ ته صحيح نه هو. اهو تمام گهڻو جهونو مندر هو ۽ ان جهوني مندر جي ٻن پاسن کان هن کي وڏو ڪرڻ جي رسم افتتاح ٿي رهي هئي. پلنٿ تائين RCC جو ڪم هو، ان مٿان چورس لسي ۽ اوچي ڪاٺ جون ڪامون رکيل هيون. چوڌاري ٿنڀا ۽ ڇت جون ڪامون پڻ اوچي ۽ ٿلهي ڪاٺ جا هئا. انهن تي مختلف وٽيل رسا، رسيون ۽ اڳڙين جون ٽڪريون ڦڙڪي رهيون هيون. هن علائقي جا عام ماڻهو (عورتون ۽ مرد) ٻين لفظن ۾ ڪت خلق، پراڻي مندر وٽ ٺھيل اسٽيج جي هيٺان انتظار ڪري رهيا هئا ۽ شھر جا معزز ماڻهو سوٽن ڪوٽن ۾، مندر ٺاهڻ وارا انجنيئر، فورمين ۽ اهم واڍا، رازا ۽ مستري پنھنجي ڪم جي نئين ڊريس (مٿي تي لوهي ٽوپلو ۽ ڪنڌ تي ننڍو ٽوال) ۾ مندر جي هڪ نئين ٺھندڙ وڏي هال ۾ ڪرسين تي ويٺا هئا. ٽي ٻاوا گلن جي ڪونڊين ۽ ديوتائن لاءِ رکيل ميوي اڳيان بيھي ڪجهه عجيب جپاني زبان ۾ (شايد سنسڪرت يا ڪنھن ٻي جهوني مذهبي زبان ۾) واري واري تي ڪجهه سترائون پڙهي، پنھنجي چوڌاري ٻڌل اڇي پَڙي (Skirt) جي اڳٺ ۾ ڦاٿل ڪاٺ جي خنجر کي ڪڍي هيڏانھن هوڏانھن الاريندا رهيا، جيڪو پڪ هنن جي حساب موجب خراب روحن يعني شيطانن کي ڀڄائڻ جو طريقو هو. ان بعد چار پنج جوان مزور وڏا مترڪا (جن کي اسان جھازي Gunسڏيون) کڻي ڪاٺ جي ٿنڀن تي لڳل وڏن ڪِلن تي پير رکي ڇت تي چڙهي ويا. ڇت ته اڃا نه هئي پر ڪاٺ جون سڌيون ۽ ڪنڊائتيون ڪامون هيون، جن تي چڙهي چوڌاري ڪنڊن تي ٿي بيٺا. وڏي ٻائي جنھن جي لوهي ڄاري واري ٽوپيءَ جي پويان پڇ هو، ان هاڻ ڪتاب کڻي ڪجهه سٽون جيئن ئي پڙهي مٿي هٿ سان اشارو ڪيو ٿي ته اتي موجود مزور لوهي مترڪو کڻي هڪ عجيب رڙ سان گڏ ڪام ۾ ٺڪاءُ ڪيو ٿي. نتسوميءَ منھنجي ويجهو اچي ڪن ۾ ڦسڪو ڪيو:
”هي ٻائو هاڻ هتي جي اوس پاس جا شيطان ڀڄائي رهيو آهي.“
”وڪاتا“ (سمجهيم). وراڻيومانس.
ان ڊگهي رسم بعد اسان سڀني آيلن کي مندر ڏي (يعني پراڻي پھرين ننڍي مندر وٽ) هلڻ لاءِ چيو ويو جتي اسٽيج ٺھيل هئي. نتسوميءَ چيو ته هاڻ موجوده ٽي ٻاوا، رٽائرڊ ٻاوا ۽ هڪ ٻه معزز شھري جن مندر جي Extention لاءِ خرچ برداشت ڪيو آهي، هن اسٽيج تي بيھي ڪيڪ ورهائيندا.
مون چوڌاري ڏٺو ته گڏ ٿيل ٻه سؤ ماڻهن (مرد، عورتن ۽ ٻارن) مان ڪيترن جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جون وڏيون ٿيلهيون هيون جيڪي هو ڪيڪن سان ڀرڻ لاءِ کڻي آيا هئا. هر هڪ اسان ڏي پئي ڏٺو ۽ جنھن سان به اسان مرڪي انگريزيءَ ۾ هيلو يا جپانيءَ ۾ ڪونچيوا چئي کيڪاريو ٿي ته هن وڏي حب سان آڌرڀاءُ ڪيو ٿي. لڳو ٿي ته هن پاسي ڪنھن غير جپانيءَ جو ورلي ڪو اچڻ ٿيو آهي، ويتر احسن ۽ ايمان کي لس (Fluent)جپاني ڳالهائيندو ٻڌي هنن کي حيرت ٿي رهي هئي. هو هنن کان خبرون چارون پڇڻ لڳا. خاص ڪري پوڙهيون عورتون.
ايتري ۾ منتر پڙهڻ وارا ٻاوا ۽ ٻيا اهم ماڻهو اسٽيج تي پھچي ويا ۽ پوءِ وڏن ٿيلهن مان نان ختائين جيڏا پيٺل چانورن جا ڪيڪ اڇلڻ لڳا. هر ٿيلهيءَ ۾ ٻه اڇي رنگ جا ڪيڪ هئا. ڪنھن ڪنھن ٿيلهيءَ ۾ هڪ گلابي رنگ جو ڪيڪ پڻ هو. اسان جي ڀر ۾ بيٺل هڪ ڪميڪو نالي چاليھه ورهيه کن جي عورت جيڪا شڪل ۾ جپاني نٿي لڳي، يعني سندس چھرو جپانين وانگر گول هجڻ بدران پاڪستانين جھڙو ڊگهو هو، تنھن ٻڌايو ته انهن ڪيڪن ٺاهڻ لاءِ چانورن کي اکري مھريءَ ۾ سڄو ڏينھن ويھي ڪٽٻو آهي، ان ڪري اهي تمام گهڻو لذيذ ٿين ٿا پر ان کان وڌيڪ هنن جي ڌرمي اهميت آهي ۽ اسان ان لاءِ هي گڏ ڪرڻ آيا آهيون جو جيڪو هي ڪيڪ کائيندو، ان تي ڪڏهن به ڀوت پريت جو اثر نه ٿيندو ۽ جنھن کي مندر طرفان اڇليل سڪا نصيب ٿيندا، ان کي سڄي عمر ڌن دولت حاصل ٿيندي.
اسٽيج تي بيٺل ٻاوا ڪيڪن جا ٻڪ ڀري اڇلائيندا ويا. انهن جي وچ ۾ پنج پنج يين جا سڪا به هئا. ڪنھن کي ڏهه ڪنھن کي ٻارهن کن ڪيڪ جهٽڻ ۾ مليا. ڪميڪو جو قد ننڍڙو هجڻ ڪري ٻه ٽي مس ڪي جهٽي سگهي ۽ مون سندس ڪيڪن جو انگ وڌائڻ لاءِ پنھنجن مان ٽي چار ڪيڪ ۽ پنج پنج يين جا چار کن سڪا (جن جي جملي قيمت ڏهه رپيا مس ٿي) کيس ڏنا، جنھن لاءِ هوءَ ڪا دير مھرباني چوندي رهي. بعد ۾ گهر پھچي پنھنجا ڪيڪ ڳڻياسين ته اسان جا چاليھه کن ٿيا. جن مان ويھه نتسوميءَ رکيا ۽ ويھه اسان کي ڏنائين. مون هڪ کائي ڏٺو بلڪل ڦڪو هو. ڪجهه ڪجهه ڪچي اٽي ۽ صابڻ جھڙو سواد هو. دل ۾ چيم اجايو ڀولڙن وانگر ٽپ ڏئي اهي پئي جهٽياسين ۽ جي سواد جي اڳواٽ خبر هجي ها ته اتي ئي ڀر ۾ بيٺل ان ڪميڪو کي ڏئي ڇڏجن ها، جيڪا ڪپڙن ۽ افعالن مان ته بنھه ڳوٺاڻي پئي لڳي، پر هلڻ مھل عام ڌاڳي ۾ ٻڌل موبائل فون ۽ ڪار جي چاٻي کڻي ڪار پارڪنگ ۾ پھتي ته سڀني ۾ اوچي ڪار نئين ماڊل جي بلو رنگ جي امپورٽيڊ مرسڊيز هن جي هئي. ڪميڪو ڪار ۾ ويھي پني تي پنھنجو نالو ۽ نمبر لکي اهو پنو مون کي ڏنو (آئون پنھنجو ڪارڊ کيس اڳواٽ ڏئي چڪو هوس)، ٻارن کي چاڪليٽ ڏنا ۽ نتسوميءَ کي پنھنجو گهر سمجهايو، جيڪو نتسوميءَ ٻڌايو ته سندس گهر کان ڏهن منٽن جي ڊرائيو تي آهي. “وقت مليو ته سڀاڻ يا پرينءَ هن وٽ سڀ هلنداسين جو هن پاڻ سڀني کي گهر گهرايو آهي.” نتسوميءَ ٻڌايو.
نتسوميءَ جي گهر ٽي ڏينھن رهڻ دوران سڄو ڏينھن رلڻ پنڻ ڪري اسان کي نه فرصت ملي ۽ نه همت ٿي سگهي جو کڻي ڪميڪو وٽ وڃي سگهجي، جيتوڻيڪ مون کي رکي رکي تجسس ٿيندو رهيو ٿي ته هن سان ملي خبر چار وٺجي ته هوءَ اصل ڪھڙي جپاني شھر جي آهي ۽ ڪھڙي نوڪري ٿي ڪري. ان ڪيڪ وٺڻ مھل ته فقط مندر ۽ ڪيڪن جون خبرون ڪندا رهياسين. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ مھيني نتسومي وٽ وري وڃڻ وقت ڪميڪو سان پڻ ملي سگهجي، جيڪا پڻ طبيعت ۾ نتسومي وانگر جپانين کان نرالي لڳي ٿي.
چانورن جا اهي گول صابڻ جھڙي شڪل ۽ سواد جا ڪيڪ جڏهن ٻن ڏينھن بعد گهر کڻي آياسين ته منھنجي ڌيءُ جيجل ٻڌايو ته پڪوڙن ۽ بجين وانگر اهي ڪيڪ هتي جي Delicacy آهن ۽ هڪ دفعو ٽيسٽ ڊيولپ ٿيڻ بعد وڻڻ لڳن ٿا ۽ هي جيئن ته مندر مان ملڻ ڪري جپانين لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا سو پاڙي وارن کي ڏيڻ سان خوش ٿيندا. احسن ۽ ايمان نه ڏيڻ لاءِ دانھون ڪندا رهيا جو هنن کي به وڻيا ٿي پر پوءِ انهن لاءِ ٻه ٽي ڪڍي باقي ڪيڪ اسان واري اٺين ماڙ ۽ هيٺين ستين ماڙ تي سڀني سڃاڻين جپاني فئملين کي موڪلي ڏناسين ۽ واقعي هنن جي خوشِيءَ جي انتھا نه رهي. هڪ ٻه فئمليون ته ان جي بدلي ۾ ٻئي ڏينھن اوچين بيڪرين جا ڪيڪ ۽ بسڪيٽ ڏئي ويون. پر افسوس جو اهي اسان جي کائڻ جا نه هئا. جپان ۾ ڪيتريون ئي مسلم آرگنائزيشنون آهن، جيڪي جپانين جي کاڌي پيتي جي هر شيءِ تي نظر رکن ٿيون ۽ پوءِ جپان ۾رهندڙ مسلمانن کي وقت بوقت اطلاع ڪنديون رهن ٿيون ته انهن مان اسان ڪھڙيون شيون کائي سگهون ٿا ۽ ڪھڙيون نه _ جن ۾ پورڪ (سوئر جو گوشت) يا Lard (چرٻي) مليل آهي. پوءِ اهڙيون مليل شيون وري ڪنھن جپاني فئملي کي گفٽ ڪرڻيو پون.
هونءَ به جپاني ڪلچر توڙي ادب ۾ چانور (ڀت) هڪ اهم شيءِ آهي، بلڪ صدين کان ’چانور‘ جپانين جي زندگيءَ جو جياپو رهيو آهي. لوڪ ڪھاڻيون هجن يا ميلاملاکڙا، خانداني ريتون رسمون هجن يا Status Symbol هر جڳھه تي، هر ڳالهه ۾، چانور مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. ان بابت تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪنھن ٻئي هنڌ ڪنداسين.
هونءَ ڪيتريون جپاني فئمليون (نتسومي سميت) سمجهن ٿيون ته اسان لاءِ ڇا حلال آهي ڇا حرام. ان ڪري نتسومي اسان لاءِ ڊبل روٽي به ڳولي ڳولي اها وٺي ايندي آهي جيڪا نج حلال هجي. سوئر جي چرٻيءَ واري مَکَ واريون ڊبل روٽيون ته جتي ڪٿي عام طرح ملن ٿيون ۽ سستيون پڻ آهن پر اسان کي صحيح قسم جي روٽين ۽ ڪيڪ پيسٽرين خريد ڪرڻ لاءِ ڪافي دڪان ڏسڻا پون ٿا.
مندر مان نڪرڻ بعد سڌو فري مارڪيٽ ۾ آياسين، جيڪا هڪ اسڪول جي گرائونڊ ۾ لڳل هئي. گهڻي ڀاڱي جپاني عورتون ۽ ڪجهه مرد گهر جو مختلف سامان وڪڻڻ لاءِ رکيو ويٺا هئا. ڪجهه ڪجهه سامان خاص ڪري جپاني ٿانوَ ۽ ٻارن جون ڪرسيون ٽيبل ۽ اسڪول جون بئگون ۽ وڏا رانديڪا تمام سستا پئي وڪيائون پر انهن کي پاڪستان کڻي وڃڻ لاءِ پاڻِيءَ جو جھاز ئي کپي. هوائي جھاز ۾ جيڪو ويھه ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت هوندي آهي ان ۾ پنھنجي پائڻ جا ڪپڙا ۽ ڪجهه ڪتاب وجهه ته پورا ٿيو وڃن. ٽيپ رڪارڊر، ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ فئڪس مشين به ڦلن مٺ ۾ وڪڻي رهيون هيون ۽ اڃا قيمت گهٽائڻ جي موڊ ۾ لڳيون ٿي. منھنجي دلچسپي فقط واڪ مئن ٽائيپ (پاڻ سان کڻي ٻڌڻ واري) CD پليئر ۾ هئي پر اهو ڪنھن وٽ به نه هو.
شام جا ڇھه ٿي چڪا هئا. نتسوميءَ چيو ته هلو ته گهر هلي ڪلاڪ کن آرام ڪري ڊنر کائون ۽ پوءِ ساڳيا رستا وٺي نتسومي موت جي کوهه ۾ گاڏي هلائيندي اچي پنھنجي گهران ڪڍيو.
نتسوميءَ جو گهر شھر جي گوڙ گهمسان کان نه رڳو پري هو پر ڪافي جهونو هو. اهو هر خيال کان جپاني گهر هو. ننڍڙي ڇت وارا ننڍڙا ڪمرا، دفتريءَ جا سنهڙا سلائيڊنگ دروازا، پٽ تي تونئريون وڇايل، ٽي وي ڪمپيوٽر کان وٺي شين سان ڀريل فرج، VCR _ هر سک ۽ سھولت جي شيءِ موجود هئي، پر هر شيءِ Dump ۽ بي ترتيب نموني سان هڪ ٻئي مٿان سٿيل هئي.
جپاني عورتون هر شيءِ سليقي سانرکڻ ۽ هر وقت ڇنڊ ڦوڪ رکڻ کان مشھور آهن، پر اها صفائي سٿرائي رکڻ وارن مان نتسومي نه هئي۽ هجي به ڪيئن؟ سڄو ڏينھن ته هن جو ڊوڙ ڊڪ، گاڏي هلائڻ ۽ دڪان جون ختم ٿي ويل شيون آڻڻ ۾گذري ٿو. گهر کي وقت ڌوڙ ڏئي!
ٿوري دير بعد ڏسون ته نتسومي مانيءِ لاءِ ٽيبل لڳائي ۽ ڪٻٽ مان پليٽون ۽ ٻارن لاءِ ۽ پنھنجي گهر جي ڀاتين لاءِ چاپ اسٽڪس ۽ مون لاءِ ڪانٽو چمچو پئي رکي. دل ۾ چيم ته نتسومي ٻاهر جي ڪمن جي ڀڙ ضرور آهي پر گهر جي ڪمن جي ناهي پر منٽن ۾ ماني تيار ڪري هن ڪمال ڪري ڇڏيو. پر پاڻ ۽ سندس مڙس ۽ سھرو مانيءَ تي اسان سان گڏ نه وهي ته سٺو ڇو جو توڙي کڻي هنن مون کي چمچوڪانٽو ڏنو آهي پر نوڊلز يا اسپاگهيٽي جھڙي شيءِ هنن اڳيان کائڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان کي مانيءَ لاءِ سڏ ڪيائين۽ اسان ننڍڙين ٽنگن (هڪ فٽ کن مٿاهين) ٽيبل جي چوڌاري وڇايل گاديلن تي اچي ويٺاسين. سامهون ڪِچن جو ڪجهه حصو نظر اچي رهيو هو جتي نتسوميءَ جو مڙس ۽ سھرو برياني ۽ ڪڙهائي گوشت کائي رهيا هئا جيڪو نتسومي منجهند جي ماني اسان جي گهر کائڻ بعد هنن لاءِ ديڳڙي ۾ کڻي آئيهئي. ’تنھن جي معنيٰ ته اهي اسان سان گڏ نه ويھندا.‘ مون سوچيو ۽ پوءِ اسان لاءِ مانيءَ جا پئڪ ٿيل ٻه دٻا کڻي آئي ۽ انهن مان مختلف شيون ڪڍي ٽيبل تي سجائڻ لڳي. يعني ماني هن پاڻ نه پچائي هئي، پر پئسا ڏئي هوٽل تان گهرائي هئي.
”بلڪل بي فڪر ٿي کائو. هن ۾ ڪا به اهڙي اعتراض جوڳي شيءِ ناهي. فڪوئوڪا مان مصريعرب جي هوٽل تان آرڊر تي گهرائي اٿم.“ نتسوميءَ اسان کي ۽ پنھنجي پٽ يوجي کي کائڻ لاءِ چيو. ڀت ۽ بن هئا ۽ ٻيون مختلف قسم جون فراءِ ٿيل مڇيون، گانگٽ، Squid مڇي ۽ آڪٽوپس مڇيءَ جا ٽڪرا هئا. ان کان علاوه اوٻاريل بيضا، پٽئٽو چپس ۽ سلاد هو.
فڪوئوڪا شھر جيڪو هتان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي ٿيندو، اتي مصري عرب جي ريسٽورنٽ ڪافي پراڻي ۽ مشھور آهي. هتي رهندڙ هڪ انڊونيشيمسلمان ٻڌايو ته هن مصريءَ پھرين کاڌي پيتي جي هوٽل کولي. هونءَ جپاني گهر کان ٻاهر کائڻ ۽ هوٽلنگ پٺيان پئسو وڃائڻ جا شوقين آهن. ان ڪري ڪا غير جپاني هوٽل کلي ٿي ته اها به هلي ٿي، خاص ڪري انڊين هوٽلون. ٽوڪيو پاسي ته ڪيتريون ئي انڊين هوٽلون آهن، ويندي پاڪستانين جون کوليل هوٽلون به انڊين هوٽلون يان انڊين فوڊ شاپ سڏجن ٿا پر هتي هن شھر ڪَوڪُورا ۾ به چڱيون خاصيون سچيون ڪوڙيون انڊين هوٽلون آهن، جھڙو نانڪ، جالان جالان... وغيره وغيره. سچيون ڪوڙيون ان ڪري جو ڪي هوٽلون جيئن ته مٿي جالان جالان انڊين هوٽل نه آهي پر جپانين جي پڇڻ تي ان هوٽل وارا ڪڏهن چون ته انڊين آهي، ڪڏهن انڊونيشي يا ملائيشين آهي. ‘جالان جالان’ ملئي نالو آهي ۽ ان چڪر ۾ هتي ايندڙ امير ملئي به بيوقوف بڻجي هن هوٽل ۾ ايندا آهن ۽ ڪن کي وري ٻڌائين ته چين، هانگ ڪانگ جي کاڌن جي آهي. هوٽل ٻاهران هڪ جپاني ڇوڪريءَ کي روايتي چيني لباس پارائي شام جي وقت بيھاري ڇڏيندا آهن ته لنگهندڙن کي هوٽل ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪري. هن هوٽل جي ٻاهران هندن جي هاٿيءَ واري گنيش ڀڳوان جي مورتي ڏسي هڪ رات آئون به بس مان اتي لھي هن هوٽل بابت معلوم ڪرڻ لاءِ آيس. پھرين چيائون انڊين آهي.
”پر نالو ته ملئي رکيو اٿانوَ؟“ مون چيومان. بھرحال هو به مُنجهي پيا ۽ ٻڌايائون ته اها گنيش جي مورتي کين اڌ قيمت تي ملي وئي، سو کڻي اچي هن هوٽل جي در ٻاهران پٽ تي رکي اٿن، جيئن انڊين هوٽلن جو شوقين هن کي انڊين هوٽل سمجهي هليو اچي.
بھرحال اسان مصري عرب جي ڳالهه پئيڪئي جنھن پھرين کاڌي پيتي جي هوٽل کولي پر هلي نه سگهيس. مسلمان سو ضرور ايندا هئا، پر هن شھر ۾ مسلماننجو تعداد ئي ڇا آهي ۽ هو ايترو نٿا خرچ ڪن جيترو جپاني، آمريڪن۽ يورپي.
”پوءِ ڇو نه هلي سگهيس؟“ مون حيرت مان هن انڊونيشي همراهه کان پڇيو.
”ان ڪري جو جپان ۾ ڪابه هوٽل بيئر ۽ ساڪي (شراب) رکڻ بنا هلي نه سگهندي. هوٽل ۾ ماني کائڻ جو عيش ڪرڻ وارو جپاني شراب به پيئڻ چاهي ٿو.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ ڇا ڪيائين؟ شراب رکيائين يا هوٽل بند ڪيائين؟“ مون پڇيومانس.
” نه شراب رکيائين ۽ نه دڪان بند ڪيائين. ريسٽورنٽ ۾ ماني هلائڻ بدران او_ بينتو (لنچ باڪس) ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيائين ۽ هاڻ هن وٽ هر وقت رش رهي ٿي.“ هن ٻڌايو. سو نتسوميءَ به اسان لاءِ ان مصري عرب جي هوٽل (دڪان) کان پئڪ ٿيل کاڌي جا گول ڪاٺ جا دٻا گهرايا هئا.
اسان کائڻ شروع ڪيو ته هن پنھنجي مڙس تاڪايوشي ۽ سھري تونيجي کي سڏ ڪيو، جيڪي ماني ختم ٿيڻ مھل اسان جي سامهون پٿل ماري کائڻ لاءِ ذرو پرزو ڪڍي اسان کي ساٿ ڏيڻ لاءِ ويٺا ۽ ساڻن هاڻ پھريون دفعو خبرون چارون ٿيون. تاڪايوشي_نتسوميءَ جي مڙس ٻڌايو ته هن ٽوڪيو جي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشنڪئي آهي۽ هاڻ پنھنجي ذاتي بزنيس کي ڏسي. تونيجيءَ مختلف سرڪاري نوڪريون ڪيون. پاڻ پنجھتر سالن جو ٿيندو. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪِريو هو ته ان وقت هو ڀر واري پريفيڪچر (ضلعي) ياماگچيءَ ۾ پڙهي رهيو هو ۽ يوجي جيڏو (پندرهن کن سالن جو هو). کيس ميوزڪ ٻڌڻ ۽ شعر و شاعريءَ جو شوق آهي.
”اڄڪلهه ڪنھن جا گانا ٽاپ تي آهن؟“ مون ’يوجي‘ جي ڏاڏي تونيجي کان پڇيو.
”توهان کي ميوزڪ وڻي؟“ هن مون کان پڇيو.
”ها. ٽي وي به وڻي پر ٽي وي ڏسڻ مھل ٻيو ڪو ڪم ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري گانا ٻڌڻ جو شوق اٿم. ڌارين زبانن ۾ توهان جا جپاني گانا ۽ ملئي گهڻو وڻن ٿا.“
”اهو ڪيئن ڀلا؟“ هنن حيرت مان پڇيو.
”شايد ٻڌي ٻڌي ياڪجهه سمجهڻ ڪري ڪنن کي ڀلا لڳن ٿا.“
”توهان جي دلپسند جپاني ڳائڻي ڪير آهي؟“ يوجيءَ مونکان پڇيو.
”تون به ڪمال ٿو ڪرين. تنھنجي عمر 15 سال آهي۽ آئون 22_23 سالن بعد جپان ۾ آيو آهيان. منهنجي ڪا فئوريٽ ڳائڻي هوندي ته به ان کي هينئر تون ڪيئن ٿو سڃاڻي سگهين؟ هوءَ ته ڳائڻ کان ڪڏهنڪو رٽائرڊ ٿي ڏاڏي ناني ٿي وئي هوندي.“
”تڏهن به...؟“
”هڪ ته ناڪا موري اڪينا (Nakamori Akina) جا گانا وڻندا هيم ۽ هينئر به سوچيو اٿم ته ان جا ڪئسٽ وٺي ويندس ۽ ٻي ڪا هيرومي نالي هئي. هينئر ٻيون ياد نه اٿم. ڪئسٽن واري جي دڪان تي چڙهي ان کان پراڻن گانن جو پڇندس.“ مون ٻڌايومان ۽ منھنجي ان ڳالهه تي هو حيرت کائڻ لڳا ته آئون سندن ئي ملڪ ۽ ماڻهن جي هڪ ويجهڙائيءَ ۾ گذري ويل دور جون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان. هنن کلندي ٻڌايو ته ناڪاموري اڃا به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهي. يعني جپاني فلم انڊسٽريءَ انڊيا وانگر ترقي ڪئي ته هوءَ لتا منگيشڪر به ٿي سگهي ٿي يا جپان ۽ ڪوريا جي هفتو ٻه جنگ لڳي ته ”ڪرنيل ني جرنيل ني“ جھڙا گانا ڳائي نورجھان وانگر ايوارڊ به حاصل ڪري سگهي ٿي. اهو منھنجو پنھنجو هڪ واٽھڙو خيال آهي. جپان ڪو ڪراچي ٽيليويزن يا ريڊيو پاڪستانحيدر آباد ناهي جو گهمائي ڦيرائي فقط اڍائي آرٽسٽن کي پيش ڪيو وڃي. منھنجي دلپسند_بلڪ جڳ جي فئوريٽ ناڪاموريءَ جھڙيون هتي سوين ڳائڻيون آهن، جو هتي هر سٺي آرٽسٽ کي ڳولي وارو ڏنو وڃي ٿو ۽ هن جي Talent کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو.
نتسومي ۽ سندس مڙس تڪايوشي ٻڌايو ته اڄڪلهه اِشي ڪاوا سايوري تمام ٽاپ تي آهي ۽ Ishikawa Sayori کان علاوه اڄڪلهه ٻيون مشھور ڳائڻيون آهن: ياما گچي موموئي، متسودا سيڪو، هماساڪي آيومي وغيره.
ياما گچي موموئي ته اسي واري ڏهاڪي کان مشھورر آهي ۽ سندس هڪ ائڪٽر مِيورا توموڪازو (Miura Tomokazu) سان شادي ايڏي مشھور ۽ ماڻهن لاءِ خوشيءَ جو باعث بڻي هئي جيئن شھزادي چارلس ۽ ڊائنا جي شادي. فلمي دنيا جو هي جوڙو_ يعني موموئي ۽ توموڪازو جپاني زبان ۾ Goruden Combi سڏبو هو، يعني انگريزي وارو Golden Combination .
موموئي شڪل جي سھڻي هڪ طرف هئي ته سٺي ڳائڻي ۽ ائڪٽريس ٻئي طرف. توموڪازو به اوترو ئي سھڻو هيرو هو. کيس پڻ سٺي ائڪٽنگ آئي ٿي، جيتوڻيڪ منجهس ٻيون قابليتون ڪي اتم درجي جون نه هيون. جوڙي جڏهن شاديءَ جو اوچتو اعلان ڪيو ته سڄي جپان ۾ ديوانگيءَ جي حد تائين خوشيءَ جي لھر ڇانئجي وئي هئي. انهن ڏينھن ۾ اهو ڪو ڏينھن خالي نه هو جو هنن بابت ٽي وي ۽ اخبارن ۾ خبرون، انٽرويو۽ فوٽو نٿي آيا. جپان ۾ هيءَ شادي صحيح معنيٰ ۾ عوام جي دلين جو ڌڙڪو هئي، جنھن لاءِ انگريزيءَ ۾ Royal Bubble-Gum Wedding چيو ويندو آهي.
ياماگچي موموئيءَ جو مون هتي ڪجهه تفصيل سان ذڪر ان ڪري شروع ڪيو جو شاديءَ بعد موموئي فلم انڊسٽريءَ مان يڪدم رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن ان لاءِ اهو سبب ڏنو ته ”آئون هاڻ پنھنجي مڙس توموڪازو جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي.“ اها ڳالهه ڪري هن پنھنجي پرستارن اڳيان پنھنجي عظمت جو قد ڪاٺ هيڪاندو وڏو ڪري ڇڏيو. موموئيءَ شاديءَ بعد هڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو جيتوڻيڪ تڙ تڪڙ ۾ ڇپيو ويو پر ان جو تمام گهڻو وڪرو ٿيو۽ هن جوڙي ان ڪتاب مان چڱو ناڻو ڪمايو. ان ڪتاب جي عنوان جو ترجمو: ”جپاني سوسائٽيءَ ۾ عورت جو صحيح ڪردار“ چئي سگهجي ٿو.
بقول ائمبسڊر ظفر شيخ جي (جنھن پنھنجي سفارتي Career جي شروعات جپان کان ڪئي)، موموئيءَ پاڻ ڪتاب مان ته پئسو ڪمايو پر ٻين جپاني ڇورين جو جيڪي دنيا جي مقابلي ۾ اڳھين ڏتڙيل ۽ خدمتگذار رهن ٿيون، انهن جو سِر وڃايو. اهو ان ڪري جو هاڻ هر مڙس پنھنجي زال کي موموئي جو مھڻو ڏئي سگهي ٿو ته جڏهن هھڙي سھڻي، هھڙي مان شان۽ اوج واري ڇوڪري مڙس جي خدمت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿي ته تون ڪھري کيت جي موري آهين.
نتسوميءَ جي سھري تونيجيءَ کي جپاني شاعري، خاص ڪري هائيڪو پسند آهي. هن اسان کي ٻڌايو ته شمونو سيڪي (هتي جو مشھور شھر ۽ بندرگاهه) جتي اسان ٻئي ڏينهن وڃي رهيا هئاسين، ان جي ڀر واري هڪ ڳوٺ ۾ هائيڪو جي مشھور جپاني شاعره ڪانيڪو مِي سُوزو (Kaneko Misuzu) جنم ورتو.
تونيجيءَ کي ماتسوئو باشو وڻيو ٿي، جيڪوجپانين لاءِ نه فقط شاعر آهي، پر فلاسافر ۽ ڌرمي ٻائو پڻ.
”بازن جون اکيون پڻ چوچيون ٿي وينديون
هاڻ اونداهي رات جو ٿيڻ واري آهي.“
تتر پنھنجي ٻچن جي ڪنن ۾ اهو سرٻاٽ ڪيو.“
اهو شعر ماتسوئو باشو جو آهي، جيڪو ان وقت تونيجيءَ ٻڌايو. جپانيءَ ۾ اهو هائڪو هن ريت آهي:
Take-No_Memo
هي لفظ انگريز وانگر ’ٽيڪ‘ نه پڙهڻ کپي پر ’تاڪي‘ پڙهڻ کپي جو جپانيءَ ۾ هر واول جو پنھنجو مقرر اچار آهي جيڪو ان ريت اچارڻ ضروري آهي. بھرحال ’تاڪي نو مونو‘ معنيٰ ”بازن جون اکيون پڻ.“ ان بعد آهي:
Ima Ya Kurenu To
(هاڻ؟ اونداهيون.اهو)
Naku Uzra
(تتر چُون چُون ڪيو)
ساڳي شاعر باشو جوهڪ ٻيو هائيڪو تونيجي کان ٻڌم:
Haru Mo Yaya
Keshiki Totonou
Tuski To Ume
بھار جي رت ڄاڻ آئي
ان جي سين تيار ڪري رهيا آهن
بادام جو وڻ ۽ چنڊ
ماتسوئو باشو ڪيترائي چيلا ۽ شاگرد پيدا ڪيا، جن مان جيڪي هائيڪو جا مشھور شاعر ٿيا انهن مان ڪجهه هي آهن: ڪيوروڪو، ڪاڪيئي، شوهاڪو، روگيتسو، جوسو، شِيڪو وغيره.
ڪيڪائو شاعر جو هڪ هائيڪو هي به آهي:
Yume ni kunu
Haha wo kaesu
Hototogisu
خواب ۾ مون وٽ هلي آئي
منھنجي امڙ_ ۽ تو هن کي موٽائي ڇڏيو؟
ڪوئل.
۽ هڪ ٻيو
Neko Ni Kuwareshi Wo
Korogi no Tsuma
Sudakuramu
ٻليءَ جي کائڻ کان پوءِ
شايد تڏ جو مڙس
پنھنجي تڏڙيءَ لاءِ پيو رڙي!
تونيجيءَ چيو ته جپاني شاعر باشو پنھنجي جاءِ تي اهم ضرور آهي پر عوام ۾ گهڻو مشھور اِس سا (Issa) آهي. اِس سا _(يا پاڻ کڻي اچارڻ جي سھولت کان عيسيٰ سڏيون) 1762ع ۾ ڄائو. باشو جي شاعري سمجهڻلاءِ گهڻي غور و فڪر جي ضرورت آهي پر عيسيٰ جي ٻي ڳالهه آهي ۽ بقول تونيجي جي:
“Issa, With all his frailties, wrote poetry that opens his soul to us.”
توهان ماڻهن لاءِ ٿا پڇو
مون کي ته اڄ ڪلهه
’ناڪاري‘ به سڌو بيٺل نظر ٿو اچي.
پکين کي اَنُ کائڻ کان ڀڄائڻ لاءِ هاري ڏنڊو اُڀو هڻي ان مٿان ٽوپي وغيره رکي ڇڏيندو آهي. بلڪ ان مٿان پراڻي قميص به چاڙهي ڇڏيندو آهي، جيئن پکي ان کي ڏسي، ڊڄي، ڀڄي وڃن ته ڪو ماڻهو بيٺو آهي. انگريزيءَ ۾ ان کيCrow Scare چون ۽ جپانيءَ ۾ Nakari . جپانيءَ ۾ مٿيون شعر هن ريت آهي:
Hito wa iza sugna
Kagashi mo
Nakari Keri
عيسيٰ (جپاني شاعر Issa) جي زندگيءَ بيحد ڏکويل گذري. هو اڃا سال ٻن جو ٻار هو ته سندس ماءُ گذاري وئي ۽ هن جو ننڍپڻ هڪ اهڙي ماٽيلي ماءُ وٽ گذريو، جيڪا پرين جي ڪھاڻين ۾اڪثر ظالم ڏيکاري ويندي آهي.
عيسيٰ جي ننڍپڻ جي اها ڳالهه مشھور آهي ته هو جڏهن نَون سالن جو هو ته ڳوٺ ۾ هڪميلو لڳو، جنھن ۾سڀ ٻار نوان ڪپڙا پائي آيا. عيسيٰ هڪڙو ٻار هو جيڪو ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ هو. هن سان گڏ ڪنھن ٻار نه کيڏيو نه گڏ ويھڻ پسند ڪيو ٿي. هو اڪيلو ڪنڊ پاسو وٺي ميلي جي رونق ۽ ماڻهن ۽ ٻارن جا کل ٽپڪا ڏسي رهيو هو ته هن کي هڪ زخميل پرن واري جهرڪيءَ جو ٻچو اڪيلي سر جهاتيون پائيندي نظر آيو. ڄڻ اهو پنھنجي آکيري مان وڻ تان هينئر هينئر ڪري پيو هجي. ان ڏي منھن ڪري عيسيٰ چيو:
Ore to kite
Asobe yo aoya no
Nai Suzume
اچ! گڏجي پاڻ ۾
راندمچايون_ ننڍڙا جهرڪ
مائرن بنا.
(مٿي جپاني اُچار “اوري تَو ڪيتي” ٿيندو ۽ نه انگريزيءَ وانگر “اور ٽُ ڪائيٽ”.)
عيسيٰ جو پنھنجي زال ڪِيڪُو سان ڏاڍو پيار هو پر افسوس جو هن به عيسيٰ جو ساٿ نه ڏنو، هوءَ هڪ ڊگهي بيماريءَ بعد گذاري وئي. عيسيٰ جو هڪ هائيڪو آهي:
Naku na mushi
Wakaruru Koi Wa
Ho shi ni sae
جيت! رڙيون نه ڪر.
ڪير ڪنھن کي ڪيتروبه چاهيندو هجي پر جدائي ضرور آهي؛
ويندي آسمانن تي.
عيسيٰ جي ڊائريءَ مان بعد ۾ معلوم ٿيو ته هن اهو شعر پنھنجي زال جي مرڻ وقت پنھنجو پاڻ کي دلداري ڏيڻ لاءِ لکيوهو. جپان جو هي شاعر Issa سن 1826ع ۾ گذاري ويو.
رات جي مانيءَ بعد نتسومي پنھنجي ماءُ پيءُ جي گهر وٺي هلي. اتي ڪجهه پاڙي جون سندس ماءُ جون هم عمر عورتون پٽ تي وڇايل تونئري جي وچ ۾ رکيل ننڍڙين ٽنگن واري جپاني ٽيبل (Kotatsu) جي چوڌاري ويھي ڪن راڳن جي پرئڪٽس ڪري رهيون هيون. ٻئي ڏينھن هنن جي علائقي ۾ ساليانو جشن ٿيڻوهو جنھن ۾ هنن کي اسٽيج تي ڳائڻو هو. اهو فنڪشن ٻئي ڏينھن اسان به ڏسڻ وياسين ۽ سج لٿي کان وٺي رات جو نائين تائين هلندو رهيو.
اسان جي پھچڻ تي اسان جو ساڻن تعارف ڪرايو ويو.
”اسان هن علائقي ’ڪيٽا ڪيوشو‘ جا راڳ ڳائي رهيون آهيون. توهان کي اچن؟“ هنن احسن ۽ ايمان کان پڇيو۽ اسان جي ايمان مائيڪ کڻي اهي جپاني راڳ يا کڻي چئجي ته ڳيچ ڳائڻ شروع ٿي وئي. سڀني مھمانن کي تعجب لڳو. نتسومي کين ٻڌايو ته هي ٻار ننڍي هوندي کان هتي جپان ۾ رهن ٿا ۽ شروع کان هتي ئي پڙهي رهيا آهن.
ٿوري دير کانپوءِ مھمانن موڪلايو ۽ اسان ڊرائينگ روم ۾ نتسوميءَ جي ماءُ پيءُ سان اچي ويٺاسين. جپاني گهرن جو ڊرائينگ روم، ٽي وي لائونج يا بيڊ روم اسان وانگر نه ٿئي جتي ڊرائينگ روم ۾ تابوت جيڏا وڏا صوفا سيٽ رکيل ٿين، جن کي ريڙهه ته چيلهه ڀڄي ۽ جن تي وهه ته چيلهه چٻي ٿئي ۽ نه اوترائي خطرناڪ ٿلهي فوم جا پلنگ جپاني استعمال ڪن، جيڪي اسان وٽ عام ٿين. ٿلها پڙدا ۽ ٿلهي Fur وارا غاليچا جن لاءِ هاڻ ثابت ٿي چڪو آهي ته انهن سانگندا هٿ اگهڻ سان يا کاڌي پيتي جا ذرا ڪِرڻ سان نه فقط جراثيم پر جوئن جھڙا پر سائيز ۾ انهن کان به تمام ننڍا ۽ خطرناڪ جيوڙا ٿين ٿا، جن سان ڪيتريون ئي بيماريون ٿين ٿيون_خاص ڪري ڦڦڙن ۽ ساهه کڻڻ واري نليءَ جون_ اهي هي سڌريل جپاني ته استعمال نٿا ڪن پر پاڙي جي ملڪ ڪوريا جا ماڻهو به پري ڀڄن ٿا، جيڪي جپانين جي نظرن ۾ اڃا تائين جاهل ۽ ڄٽ سمجهيا وڃن ٿا.
جپاني گهرن جا سڀ ڪمرا فرنيچر، ٿلهن پڙدن (جيڪي مغل شھنشاهن جي فلمن ۾ ڏيکاريا ويندا آهن ۽ اسان وٽ هر غريب غربو اهڙا ڇٽن ۽ جهالرن وارا پڙدا لڳرائڻ کي پنھنجي سوشل معيار جي بلندي ٿو سمجهي) ۽ ٿلهن غاليچن (جيڪي اڄ کان ٽيھارو سال اڳ تيل جو پئسو اچڻ ڪري عربن شروع ڪيا ۽ هاڻ انهن غاليچن مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو معلوم ڪري عرب ئي شرمائين ٿا)، بوٽن ٻھارن ۽ ٿڪن کانگهارن کان خالي ٿئي. جپاني گهر جي ڊرائينگ روم ۾ فقط ڪوتاتسو (ننڍڙين ٽنگن وارو ٽيبل) ٿئي، جنھن جي چوڌاري ويھي ڪا راند کيڏن، ماني کائين يالکن پڙهن. ويھڻ لاءِ ٽيڪ واريون بنا ٽنگنجي ڪرسيونٿين جن کي جپاني زبان ۾Zaisu سڏين يا وري بنا ٽيڪ واريون گديون (Zabution) ٿين. ٻنهي تي پٿل ماري ويھن يا ٽنگون پويان ڪري _ جيئن نماز ۾ التحيات پڙهڻ مھل ويھبو آهي. رات جو ڪو چاهي ته بيڊروم کان علاوه ڊرائينگ روم ۾ به سمهي سگهي ٿو. رات جو سمهڻ مھل سلائيڊنگ واري وڏي ڪٻٽ مان فوتان (سنهو نرم ۽ هلڪو گاديلو) ۽ ماڪُورا (وهاڻو) ڪڍي پٽ تي وڇيل (تونئريءَ) تي سمهي سگهي ٿو.
جپانين جا گهر، بلڪ گهرن جا ڪمرا سالن کان (اڃا به صدين کان) اهي ئي هلندا اچن. البت گهر جي رڌڻي ۽ ٽوائليٽ ۾ وڏو فرق آيو آهي.
رڌ پچاءُ لاءِ ڪاٺيون ڪري اچڻ بدران هاڻ رڌڻي ۾گئس جو چلهو ۽ اليڪٽرڪ تي ڪم ڪندڙ Rice Cooker ، ٽوسٽر، Microwave Oven، ريفريجريٽر آهي، جنھن هتي جي پورهيت عورت يا بقول اسان جي هڪ جھازي ڪئپٽن رشيد ابڙو جي، ”صدين کان مزوري ۽ موچڙا کائيندڙ جپاني عورت“ جي زندگي ۾ ماني پچائڻ جي معاملي ۾ سُک پيدا ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه جون ڪيتريون زالون (نتسومي سميت) اهڙيون آهن، خاص ڪري اهي جيڪي نوڪري ڪري مڙسن کان به وڌيڪ پئسو ڪمائين ٿيون، جيڪي هھڙي سک جي باوجود رڌ پچاءَ کان آڱوٺو ڪڍيو ويٺيون آهن. هنن جو سڄو زور هوٽلن تي کائڻ يا هوٽل تان ماني گهرائي اها گهر ۾ يا آفيس ۾ کائڻ تي آهي.
”جپاني گهر“ ۾ ٻي تبديلي ٽوائليٽ ۾ آئي آهي. مختلف جپاني ڪمپنيون خاص ڪريTot o ڪمپني_ جيڪا سڀ کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي، اهي هڪ کان هڪ ماڊرن ڪموڊ ٺاهي رهيون آهن، جن جو تفصيلي احوال گهڻو اڳ پنھنجي هڪ سفرنامي ”خبرون کيڙائن جون“ ۾ ڪري چڪو آهيان ته اهي ڪموڊ هنگڻ مٽڻ جون سيٽون گهٽ پر هوائي جهاز هلائڻواري پائليٽ جون ڪرسيون وڌيڪ لڳن ٿيون ۽ جيڪي ويھڻ ۾ آرامده هجڻ کان علاوه انهن جي چوڌاري ڪيترائي اليڪٽرانڪ بٽڻ لڳل ٿين ٿا. نتسوميءَ جو گهر کڻي جهونو هو، گهٽ ۾ گهٽ ٽيھه چاليھه سال اڳ ٺھيو هوندو، پر سندس Toilet ۾ ٽوٽو جو ماڊرن ڪموڊ لڳل هوجنھن جي پنجن بٽڻن مانهڪ کي دٻائڻ سان هيٺان پاڻيءَ جو ڦوهارو مٿي لڳو ٿي ۽ بنا هٿ يا پني جي استعمال جي جسم جي صفائي ٿي وئي ٿي. ٻي بٽڻ دٻائڻ سان ڪموڊ جي چوڌاري پريشر سان پاڻي نڪري ڪموڊ کي صاف ڪيو ٿي ۽ Suction واري اصول تي ٺھيل هو جيڪو هوائي جھازن ۾ٿئي ٿو ۽ جنھن ۾ سڄي ڪموڊ جو پاڻي وڏي ڇڪ (Suction) سان هيٺ ڊرين پائيپ ڏي هليو وڃي ۽ صاف نئين چلڪندڙ ڪموڊ جي تر ۾ صاف پاڻيءَ جي ليول Maintain ٿيو وڃي. اهڙي طرح ٽئين بٽڻ کي دٻائڻ سان ڪموڊ ۾ لڳل سنهن پائيپن مان خشڪ هوا نڪري ڪموڊ جي سيٽ ۽ ان تخت تي ويٺل همراهه جي اگهاڙي جسم ۽ ان جي ارد گرد جي قميص يا پتلون کي خشڪ ڪري ٿي. ائين نه ته ٻاهر نڪرڻ مھل پتلون ۽ قميص يا بشرٽ جي پٺ يا اڳ آلو ٿيو پيو هجي ۽ ٻاهر ويٺلن کي خبر پئجي وڃي ته همراهه هٿ ڌوئڻ نه پر وڏو معرڪو سر انجام ڏيڻ ويو هو. چوٿين بٽڻ دٻائڻ سان خوشبوءِ (Air Freshner) جو اسپري ٿيو ٿي جيئن ٻي ڪنھن کي ٽوائليٽ ۾ يڪدم وڃڻو پوي ته هن کي بدبوءِ نه اچي ۽ پنجون بٽڻ ايمرجنسيءَ جو هو. ايمرجنسيءَ مان منھنجو مطلب اهو ناهي ته ڪو باهه وسائڻ لاءِ يا چور جي اچڻ جو اطلاع ڏيڻ لاءِ هو، پر اهو ميوزڪ وڄائڻ لاءِ هو ۽ اها ميوزڪ ڪموڊ تي ويٺل جي Entertainment لاءِ نه هوندي آهي پر گئس جي عادي طرفان پيدا ڪيل بمبارڊمينٽ جي آواز تي حاوي ٿيڻ لاءِ هوندي آهي. جيئن ٻاهر ويٺل همراهن کي ائين نه لڳي ته هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي هڪ دفعو وري بم ڪِري رهيا آهن، هو اهو ئي سمجهن ته سوموپھلواننجي ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ واري Signature ميوزڪ هلي رهي آهي.
هونءَ ڪجهه ڏينھن اڳ ٽوٽو ڪمپنيءَ جا سندن شوروم ۾ Latest قسم جا ڪموڊ ڏٺم، جن جي قيمت ڏيڍ لک کان ٻه اڍائي لک يين تائين آهي(اڄڪلهه هڪ رپئي ۾ ٻه يين آهن). انهن ڪموڊن ۾ ويٺي ويٺي پنھنجو نه فقط ٽيمپريچر ۽ بلڊپريشر چيڪ ڪري سگهجي ٿو، پر Sugar Level پڻ. ان کان علاوه ويھڻ جي سيٽ يعني ڪموڊ کي سياري جي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ Heating System پڻ آهي. بھرحال پنھنجي مٿين سفرنامي ”خبرون کيڙائن جون“ ۾ به اهو ئي لکي آيو آهيان ۽ هينئر به اهو چوندس ته جپانين کي اها عياشي ڪرڻ ضرور جڳائي ٿي، جو انهن صديون غيبات جھڙن ڊٺل، بدبودار ۽ گندن ڪاڪوسن ۾ هنگيو مٽيو، جن لاءِ اڄ به چوندا آهن ته اهي چئن “K”وارا ڪاڪوس هئا: ڪيتا نائي (گدلا)، ڪوسائي (ڌپ وارا)، ڪورائي (ڊٺل)۽ ڪووائي (ڊپ وارا).
نتسوميءَ جي ماءُ پيءُ جي گهر ٿوري دير ويھي پوءِ ساڻن فوٽو ڪڍرائي واپس ورياسين. پاڻ گهر ۾ اڪيلا رهيا ٿي کين اولاد ۾ فقط ٻه ڌيئون آهن. هڪ نتسومي جيڪا سندن ئي ويجهو رهي ٿي ٻي ڌيءَ شايد ٻڌايائون ته اڄڪلهه اوساڪا ۾ آهي.
گهر پھچي سمهڻ جا ڪپڙا، ٽٿ برش وغيره کنياسين، جو اسان جي سمهڻ جو بندوبست ٻي گهر ۾ هو، جيڪو ٻن منٽن جي ڊرائيو تي مين روڊ جي ٻئي پاسي واري گهٽيءَ ۾ هو. نتسوميءَ جو مڙس ۽ سھرو به اتي آيا. هي گهر جيتوڻيڪ جپاني اسٽائيل جو هو پر بلڪل نئون ۽ تمام وڏو هيٺ مٿي هو. هيٺ ٽي ڪمرا ۽ آمريڪن اسٽائيل صوفن ۽ ڊرائينگ ٽيبل وارو ڊرائينگ روم ۽ ڊائننگ روم ۽ ان سان گڏ خوبصورت ڪچن، جنھن جي شوڪيس ۾ جپاني ۽ آمريڪن ڪراڪري ۽ ٻيو سامان هو. بيڊ روم سڀ جپاني اسٽائيل جا هئا. يعني منجهن ڪا کٽ پلنگ يا ڪرسي موڙو رکيل نه هو. هر ڪمري جي پٽ تي تاتامي وڇايل هئي. نتسوميءَ ٻڌايو ته هي گهر سندس سھري تونيجي جو آهي. ڏينھن جو دڪان ڪري هُن دڪان واري گهر ۾ گذارين، رات جو هتي اچي سمهن. هيٺيون سڄو گهر اسان جي حوالي ڪيو ويو، پاڻ مٿي وڃي ستا.
سمهڻ کان اڳ نتسومي ٽوال کڻي اسان پويان شاهي غلامن وانگر ڦرندي رهي ته جنھن وقت وهنجڻو هجي ته ٻڌايو ته گرم پاڻيءَ لاءِ هيٽر آن ڪيان. ٻاهر بارش ڪري ٿڌڪار ٿي وئي هئي ۽ رات جا ڏهه ٿيڻ وارا هئا. آئون صوفي تي ويھي تونيجي جون رکيل خوبصورت تصويرون مئگزينون ۽ ريڪارڊ ڏسڻ لڳس. وهنجڻ لاءِ نه ڪرڻ مان منھنجو مطلب اهو ئي هو ته مون کي وهنجڻو ناهي، پر نتسوميءَ اهو پئي سمجهيو ته ڪو منھنجو مطلب ”وهنجڻ لاءِ نه ڪرڻ مان، وهنجڻ جو آهي، پر اڃا نه.“ ظاهر آهي سمهڻ کان اڳ ”نه وهنجڻ“ ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ ئي نٿو ٿي سگهي، سو ڪوريا ۽ جپان ۾ ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهجي. پر مون کي اها هتي جي ڪلچر جي ڳالهه ان وقت بلڪل ڌيان ۾ نه پئي آئڙي، بلڪ مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ جپان ۾ نه پر پنھنجي ملڪ ۾ يا يورپ يا آمريڪا جي ڪنھن گهر ۾ هجان(جتي صبح جو ته ڪو وهنجي سگهي ٿو پر رات جو سمهڻ مھل جڏهن ٻاهر مينھن جا شپڪا پيا پون ۽ اندر موسم خوشگوار هوندي به ايئرڪنڊيشنر پيو هلي، ڪنھن جي وهنجڻ تي دل چوندي! بھرحال آئون پاڻي پيئڻ لاءِ يا ڪنھن ڪم لاءِ اٿيس ته نتسوميءَ وري پڇيو ته هيٽر آن ڪريان ۽ مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هيءَ نئون ٽوال ڪڇ ۾ رکي ڪنڊ ۾ ڇو ويٺي آهي. آخر احسن (جيڪو پاڻ ۽ ايمان وغيره ڪجهه دير اڳ وهنجي چڪا هئا) تنھن اچي مون کي سنڌيءَ ۾ چيو ته نانا جيسين آفورو (جپاني لفظ معنيٰ رات وارو سنان) نه ڪنداؤ تيسين ’نتسومي_ سان‘ (سان معنيٰ مسٽر به ته مئڊم به) هرگز جان نه ڇڏيندي.
مون کي يڪدم ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ گومي نساءِ گومي نساءِ (ساري ساري) ڪندو وهنجڻ جاءِ ۾ گهڙيس. هھڙي ٿڌ ۾ وهنجي مرڻو نه هو سو مڙيئي جھڙو تھڙو نالي ماتر ٺڪري شنان ڪري ٻاهر نڪتس ته جيئن ته هڪ طرف اسان جي ميزبان نتسومي جي اؤن ختم ٿئي ۽ ٻئي طرف کيس ائين محسوس نه ٿئي ته جپانين کان علاوه ٻيا سڀ جاهل آهن ۽ اسان جپان ۾ رهي به نٿا سڌرون. ۽ پوءِ بيڊروم ۾ اچي ڏسان ته ڇا ته فوتان (جپاني نرم گاديلا) انهنجون سنهيون کير جھڙيون اڇيون ڇَوون ۽ اهڙيون ئي چادرون اسان لاءِ ڪڍيون هئائين ۽ چڱو جو نموني خاطر پير ته ڌوئي آيس نه ته هنن اڇين Silky چادرن تي منھنجي داڦوڙن جھڙن پيرن جا نشان هجن ها.
بھرحال نتسومي جي مھمان نوازيءَ جو هڪ ڏينھن پورو ٿيو. ٻئي ڏينھن هن کي اسان جي چوڻ تي ڀر وارن شھرن، موجي ۽ شمونو سيڪي جيڪي بندرگاهه پڻ آهن، وٺي هلڻو پيو.