هڪ جپاني فئمليءَ سان ملاقات
”جڏهن چئو ته اسان اچون.“ مون چيومان.
”چڱو ڀلا اسان اچون ٿا، ڇو جو اسان توهان جو گهر ڳولهي وينداسين پر توهان لاءِ اسان جو گهر ڳولهڻ ڏکيو ٿيندو.“
”اهو به صحيح آهي.“
”اسان پوري ٽين بجي توهان وٽ اينداسين.“ ياسوچيڪا سَان ٻڌايو. جپانيءَ ۾ مرد توڙي عورت جي نالي پٺيان عزت خاطر San لڳايو وڃي ٿو، جيئن پاڻ وٽ محترمه يا محترم فلاڻو، يا فلاڻو صاحب... وغيره.
هتي جي رواج موجب ٽين بجي منجهند جو اچڻ معنيٰ مانيءَ جي تڪليف نه ڪجو. هونءَ جپاني اسان پاڪستاني، انڊين ، ڪشميرين ۽ ملئي ماڻهن جي گهر ۾ ماني کائڻ پسند ڪن ٿا جو هنن کي اسان جي کاڌي جو ٽيسٽ وڻي ٿو. خاص ڪري ڪنھن به قسم جو ٻوڙ (Curry) ۽ برياني وغيره. ان کان علاوه چپاتي، اڦراٽا، دال، پڪوڙا ۽ ڪواب وغيره پڻ. چينين، ويٽنامين، فلپينين ۽ ٿائي ماڻهن جو کاڌو اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ کائڻ يا پسند ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي، جو هو عجيب کاڌن کان علاوه عجيب ڌپ وارا مرچ مصالا، جڙيون ٻوٽيون ۽ Cooking oil استعمال ڪن ٿا. ان خيال کان جپانين جو کاڌو صاف سٿرو ۽ سٺين خوشبوئن وارو ٿئي ٿو. جپان جي ننڍي کان ننڍي ڳوٺ جي ڪنھن هوٽل اڳيان لنگهبو ته به کاڌي جي رڌجڻ يا پچڻ جي سٺي خوشبوءِ پئي ايندي، يعني اسان جي پاسي جي ماڻهن جو نڪ ان خوشبوءِ سان Adjust ٿيو وڃي. بس رڳو مسئلو حلال جو آهي. ڪيترن جپاني مسافر خانن يا هاسٽلن ۾ رهڻ دوران هو اسان جي ڪري ڪچن ۾ حلال گوشت ۽ ويجيٽيبل آئل استعمال ڪري، رڌيندا آهن ته اسان کي سندن هر ڊش پسند ايندو هو. مڇيون ۽ گانگٽ به جپان جي مارڪيٽ ۾ وڪامڻ لاءِ اچن ٿا يا هوٽلن تي پچايا وڃن ٿا ته بيحد صاف سٿرا ۽ بنا ڪنھن ککي ڌپ جي ٿين. سو هتي جپان ۾ اسين توڙي ٻيا پاڪستاني پنھنجي جپاني مھمانن کي ماني ضرور کارائيندا آهيون، پر اسين هنن وٽ کائڻ کان نٽائڻ جي ڪوشش ڪريون، جيسين هنن سان اسين ايترو فري ٿي وڃون جو پنھنجي مذهب جيRestriction بابت کين سمجهائي سگهون.
مٿي چيني کاڌن بابت لکيو اٿم. هي اهي چيني کاڌا نه آهن، جيڪي اسان پاڪستان ۾ چيني هوٽلن تي کائون ٿا. پاڪستان ۾ چيني ڊش اسان جي ٽيسٽ مطابق مصالا وجهي ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ان ۾ ٻڪري، ڍڳي، ڪڪڙ جو گوشت ٿئي، يا ڀاڄيون ۽ مڇيون گانگٽ. پر ٻين ملڪن ۾ خاص ڪري چين ۾ يا سنگاپور، هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ ۾ يا ويندي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ چيني کاڌو کائڻ ته پري چيني هوٽلن اڳيان لنگهڻ تي به توهان جي دل نه چوندي، جو هو هر جيت جانور ڪوئي ٻلي کان ڪتو ڪاڪروچ رڌيو تريو ويٺا آهن ۽ سارس جي ڦھلجڻ بعد جپاني به چينين جي ان کاڌي جي عادت مان خوش نه آهن.
اسان جي جپاني مھمان گهر اچڻ جو ٽائيم ٽي ٻڌايو ۽ جپاني وقت جا ايڏا پابند رهن ٿا، جو چاهي کڻي اسان جي گهٽيءَ تائين اڳ پھچي وڃن ته به هيڏانھن هوڏانھن چڪر ڏئي پوري وقت تي گهر ۾ گهڙندا. ان ڪري اسين به گهر ۾ ئي بي اونا ٿي پنھنجي ڪم ڪار کي ۽ هنن لاءِ ڪجهه ڪواب ۽ پڪوڙن جھڙيون شيون ٺاهڻ ۾ لڳا رهياسين ۽ پوءِ پوڻي ٽين بجي ڌاري جپاني اسٽائيل جو ننڍن پيرن وارو ٽيبل صاف ڪري چوڌاري پٽ تي ويھڻ لاءِ گديون رکي هنن جو انتظار ڪيوسين ته پوري ٽين بجي گهر جو بيل وڳو ۽ منھنجي ڌيءَ مريم ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ کين در تان وٺي اندر آيا.
در اصل ياسوچيڪا سان منھنجي هيءَ پھرين ملاقات هئي. ان کان اڳ مون هن جو فقط نالو ٻڌو هو. هو ڊاڪٽر مشتاق جو به پوءِ سڃاڻو ٿيو جو ياسوچيڪا جو پٽ هيروشيما جي ان يونيورسٽيءَ پڙهندو هو، جنھن مان مشتاق پي ايڇ ڊي ڪئي. هن سان اسان جي توڙي مشتاق وارن جي واقفيت اسان جي ڀائيٽي عبدالمتين ڪري ٿي. عبدالمتين هينئر ويھن سالن جو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ B.Sc. ڪري رهيو آهي. هو اڄ کان ڏهه سال کن اڳ، جڏهن پنجين ڪلاس ۾ هو ته هو هن جپاني فئمليءَ وٽ اچي رهيو هو. ان وقت جپان جي مختلف شھرن جي ٽيھارو کن فئملين دنيا جي مختلف ملڪن جي ٻارن کي موڪلن ۾ پاڻ وٽ جپان گهرايو هو. پاڪستان مان به ڪجهه ٻار وڃڻا هئا۽ جيئن ته عبدالمتين ڪلاس ۾ پھريون نمبر آيو هو، سو سندس اسڪول ”ڊفينس اٿارٽي اسڪول ڪراچي“ وارن هن جو نالو پڻ موڪليو ۽ چونڊجي ويو.
عبدالمتين اونهاري جي موڪل جپان ۾ هن جپاني فئمليءَ وٽ گذارڻ لاءِ چونڊجي ته ويو پر اسان سڀني لاءِ، خاص ڪري سندس ماءُ پيءُ (اشفاق) وارن لاءِ مسئلو ٿي پيو ته هو ڪڏهن ٻاهر نه نڪتو آهي ۽ جپان ته پري ٿيو، هو ته پنھنجي ڳوٺ هالا ۾ پُڦين وٽ به اڪيلو نه رهي سگهندو ان کان علاوه کائڻ تي به جيسين مڇيءَ مان ڪنڊو نه ڪڍي ڏي ته کائي نه سگهندو ۽ جپان ۾ ته رڳو مڇي هلي ٿي. جپاني وهنجڻ جا شوقين _ بلڪ عبادت جي حد تائين پابنديءَ سان وهنجن، ڪنھن ڏينھن صبح جو جلدي ۾ هجڻ ڪري نه وهنجن، پر رات جو سمهڻ کان اڳ ضرور وهنجن، چاهي کڻي سيارو هجي، طوفان هجي يا برف باري. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه پاڻيءَ جي بچاءَ خاطر ته ڪجهه هتي جي ڪلچر مطابق سڄي گهر جا ڀاتي توڙي پاڙي جا هڪ ئي محلي ۾ تالاب ۾ گڏ وهنجن ۽ هي اسان وارو ڇوڪرو اونهاري ۾ راند ڪري اچڻ بعد جڏهن مٽي ۽ ڌوڙ سان ڀريو پيو هوندو آهي ته به وهنجڻ جي نه ڪندو آهي.
بھرحال چونڊ جو فارم ڀرڻ ۽ پاسپورٽ ٺھرائڻ تائين ته هر هڪ خوش هو پر هاڻ عبدالمتين جي بئگ ٺاهڻ وقت هر ڪو اهو سوچڻ لڳو ته هو ننڍو آهي ۽ اڃان اچيس انگريزي به پوري پني ٿي، جپان ۾ هڪ ڌارئين زبان ڳالهائڻ وارن جي گهر ۾ ايڏو وڏو عرصو ڪيئن رهي سگهندو ۽ ايڏو وڏو سفر اڪيلي ڪيئن ڪندو. هن کي جپان ايئر لائين جي ٽڪيٽ موڪلي وئي هئي، جنھن مطابق ڪراچيءَ کان بئنڪاڪ وڃڻو هو، جتي ٽي چار ڪلاڪ ترسڻ بعد ٻئي جھاز ۾ ٽوڪيو وڃڻو هو ۽ جتان پوءِ ڊوميسٽڪ فلائيٽ ۾ ٽوڪيو کان فڪوڪا ايئرپورٽ تي لھڻو هو، جتي سندس ميزبان انتظار ڪرڻ لاءِ لکيو هو.
بھرحال ڪجهه مائٽن ۽ ڪجهه اسڪول جي پرنسپال همت ٻڌرائي ۽ عبدالمتين وڃي جپان کان نڪتو. جڏهن موٽيو ته ڍير ڳالهين جو کڻي آيو ۽ جپاني ميزبانن هن جو تمام گهڻو خيال رکيو ۽ گهمايو ڦيرايو ۽ اڄ تائين هن کي پنھنجي گهر جو ڀاتي سمجهن ٿا.
جپاني مھمان مسٽر ياسوچيڪا (هاڻ San نٿو لکان جو ’سَانَ‘ بدران انگريزيءَ ۾ ’مسٽر‘ لکيو اٿم) ۽ سندس زال نائوڪو Naoko عبدالمتين جا انهن ڏينھن جا فوٽو کڻي آيا، جڏهن هو هنن وٽ جپان ۾ مھمان هو. سندس پٽ نوبويوشي ۽ ماساهيرو به تن ڏينھن ۾ تمام ننڍا هئا، هو عبدالمتين کان سال ٻه وڏا ٿيندا، ٻئي ڄڻا زال مڙس ور ور ڏئي عبدالمتين جو پڇڻ لڳا. هنن ٻڌايو ته هنن عبدالمتين جو هڪ فوٽو وڏو ڪرائي ڊرائينگ روم جي ڀت تي هڻي ڇڏيو آهي. هو ڪراچيءَ جون خبرون پڇندا رهيا ۽ وچ وچ ۾ عبدالمتين جون ڳالهيون ٻڌائي کلائيندا رهيا.
”عبدالمتين هر وقت خوشبوءِ (عطر) هڻندو هو. توهان وٽ پاڪستان ۾ ٻار به هڻن ڇا، اسان وٽ عورتون ۽ ڇوڪريون هڻن.“ ياسوچيڪا ٻڌايو. دل ۾ چيم ته هن غريب کي مائٽن چيو هوندو ته جپان ۾ ڌارين وٽ گدلو ٿي نه هلجانءِ. ان ڪري هو هر وقت Spray هڻندو رهيو ٿي، جيئن هن کي پڙهائي موڪليو ويو هو.
در اصل مسٽر ياسوچيڪا جو نالو امائي زومي (Imaizumi) آهي. ياسوچيڪا سندس ذات (Family Name) آهي.
ٿوري دير بعد امائي زوميءَ جي زال نائوڪو کلندي چيو: ”عبدالمتين ڏاڍو شرمائيندو هو. هر وقت اڪيلو وهنجندو هو ته به باٿ روم ۽ ڪمري جا دروازا بند ڪري پوءِ وهنجندو هو.“
دل ۾ مون چيو اهو به شڪر آهي، سندس ماءُ پيءُ کي ته انهن ڏينھن ۾ ڊپ هو ته جپان ۾ الائي وهنجي به ٿو يا نه.
هنن همراهن وري ٻه ٽي سٽون ”جيوي پاڪستان...“ ڳائي ٻڌايون، جيڪي هو عبدالمتين کان سکيا هئا.
بھرحال هن جپاني جوڙي سان ملي، اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ته هو اڃا تائين عبدالمتين کي ياد ڪن ٿا ۽ عبدالمتين جو هنن جي گهر ۾ هجڻ هڪ اهڙي ڳالهه هئي، جنھن جي ياد هنن کي هر وقت تازي رهي ٿي. ان بعد هن جپاني فئمليءَ جو وڏو پٽ مشتاق سان گڏ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ڪري ۽ هاڻ ڀر وارن شھرن ۾ اسان جي هجڻ ڪري ڪافي پنھنجائپ ٿي پيئي آهي، نه ته جپاني ماڻهو ايڏو جلد فري نٿا ٿين.
هنن ڪجهه کائڻ پيئڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ بعد هلڻ جي تياري ڪئي. هو اسان وٽ ٻه اڍائي ڪلاڪ کن هئا. هونءَ جپانين کي وقت جو وڏو فڪر رهي ٿو ۽ سيڪنڊن ۽ منٽن جو حساب ڪندا پر جڏهن ڪنھن وٽ گهمڻ ويندا آهن ته پوءِ ٽي چار ڪلاڪ پٽ تي پٿل ماري ويھي خبرون چارون ڪرڻ هتي جي ريتن ۾ شمار آهي. اسان کين ماربل جا ٻه ننڍا سووينيئر ۽ ڪراچيءَ جي زينب مارڪيٽ مان ورتل هڪ ٿري هار ڏنو. هو اسان لاءِ تحفي ۾ هڪ بونسائي (Bonsai) ۽ چاڪليٽن جو دٻو کڻي آيا هئا.
بونسائي ڄامڙو وڻ (Miniature Tree) ٿئي ٿو، جيڪو ننڍڙي ڪونڍيءَ ۾ رکيل ٽيبل يا شوڪيس مٿان رکي سگهجي ٿو. جپان بونسائي ۽ اڪيبانا کان دنيا ۾ مشھور آهي. اڪيبانا ٽارين سوڌو ڪٽيل گلن ۽ پنن کي گلدستي ۾ سھڻي نموني سينگارڻ جو آرٽ (Floral Art) آهي.
تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هو اسان وٽ ٻه اڍائي ڪلاڪ کن جيڪو وقت هئا، پورو ٽائيم جپانيءَ ۾ ڳالهائيندا رهيا. کين هڪ لفظ به انگريزيءَ جو نٿي آيو. اسان کي ڪو جپاني لفظ نٿي آيو ته مريم جي ٻارن احسن ۽ ايمان کان ترجمو ڪرائي کين ٻڌايو ٿي. احسن جيڪو 9 سالن جو آهي ۽ ايمان 8 سالن جي آهي، ننڍي هوندي کان (ست اٺ سالن کان) هتي هجڻ ڪري ۽ هتي جي اسڪولن ۾ وڃڻ ڪري جپاني Fluent ڳالهائين ٿا ۽ گهر ۾ سنڌي.
ياسوچيڪا سَانَ کان نيٺ اٿڻ مھل پڇيم ته توهان کي انگريزيءَ جو ۽ اسان جي ڀائيٽي عبدالمتين کي جپانيءَ جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ نٿو اچي، پوءِ هڪ ٻئي جي ڳالهه ڪيئن ٻڌندا ۽ سمجهندا هئائو؟
”بس اهو ئي ته وڏو مسئلو هو. پر پيا هڪ ٻئي سان مٿو هڻندا هئاسين. آخري ڏينھن تائين ڪجهه هو جپاني جا لفظ سکي ويو، ڪجهه اسان هن جا لفظ سمجهي ويا هئاسين، جيڪي خبر ناهي انگريزي جا آهن يا اڙدو سنڌيءَ جا. ڪجهه اشارن ذريعي سمجهائيندا هئاسين ڪجهه ڪوشش جي باوجود سمجهي نه سگهندا هئاسين. بھرحال هن کي اسان جتي به وٺي ويندا هئاسين ته اتي جو Toilet پھرين ڏيکاريندا هئاسين ۽ ڪچن ۾ رکيل کاڌي پيتي جون شيون ڏيکاريندا هئاسين ته بنا پڇڻ جي جيڪا وڻيس اها کڻي کائي ۽ سمهڻ جو ڪمرو پڻ ته جيئن سوير ننڊ اچيس ته اتي سمهي سگهي.“