جپان ۾ اسلام جي آمد جي تاريخ
جپانين کي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ٻيو اهم موقعو 1880ع ۾ مليو، جڏهن ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت (Ottoman Empire) جپان سان سفارتي تعلقات شروع ڪرڻ ۽ جپانين ۽ ترڪ مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ملائڻ لاءِسندس نيويءَ جو هڪ جھاز جپان موڪليو. ” ارتغرل“ نالي هي جھاز واپسيءَ تي ٻڏي ويو ۽ 609 ماڻهن مان 540 سمنڊ حوالي ٿي ويا.
هونءَ چون ٿا ته ميتسو تارو جيڪو ”تاڪا اوڪا“ ذات جو هو، پھريون جپاني مسلمان هو، جنھن 1909ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ حج ڪرڻ بعد پنھنجو نالو عمر ياما اوڪا رکيو ۽ ٻيو جپاني مسلمان بوم پاچيرو آريگا هو، جيڪو پڻ انهن ئي ڏينھن ۾ واپار جي سلسلي ۾ هندستان ويو هو، جتي جي مسلمانن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي پنھنجو نالو احمد رکيو، باقي ذات ساڳي آريگا رهڻ ڏنائين.
اڄڪلهه جپان ۾ اسلام ۽ جپاني مسلمانن تي وڌيڪ Studiesٿيڻ تي معلوم ٿيو آهي، تراجيرويامادا (Tarajiro Yamada) گهڻو ڪري پهريون جپاني مسلمان هو، جيڪو ترڪيءَ وارن جو جھاز ”ارتغرل“ ٻڏڻ بعد ترڪ مسلمانن جي مرڻ جي همدردي ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو هو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنھنجو نالو عبدالخليل رکيو ۽ حج ڪري وطن موٽيو.
پھرين وڏي لڙائيءَ دوران (بولشيوڪ انقلاب ۾) وچ ايشيا ۽ روس کان ڪيترائي ترڪومن، ازبڪ، تاجڪ، ڪرغيز، ڪراخ ۽ تاتار مسلمان جتي ايران ۽ انڊياپاسي لڏي ويا، اتي انهن جا ڪيترائي ڪٽنب جپان پڻ آيا جو روس (USSR) جو اڀرندو حصو جپان سان وڃيو لڳي. جپان جي حڪومت طرفان کين جپان ۾ پناهه ڏنو ويو. مسلمان قبيلا جپان جي مختلف شھرن ۾ Settle ٿيا ۽ جپاني جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي، انهن جي وچ ۾ مسلمانن جون هي ننڍيون ننڍيون ڪميونٽيون قائم ٿيون ۽ جتي جتي گهڻا مسلمان هئا، اتي مسجدون پڻ ٺھڻ لڳيون. ڪوبي بندرگاهه جتي اسان جي پاڪستاني جھازن جو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو، اتي جي پراڻي مسجد ”ڪوبي مسجد“ 1935ع جي ٺھيل آهي، جيڪا اڃا موجود آهي. ان دؤر جي ٻي مسجد ٽوڪيو ۾ هوندي هئي، جيڪا 1938ع ۾ ٺھي.
ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني حڪومت جپانين جا ڪجهه ادارا ٺاهي انهن کي اسلام جي معلومات ڏني ۽ ان دؤر ۾ اسلام تي هڪ سؤ کان مٿي ڪتاب ۽ جرنل جپان ۾ ڇپيا ويا. پر هي سڀ ڪجهه جپان ۾ رهندڙ ڌارين مسلمانن طرفان نه هو. جپاني حڪومت پنھنجن ماڻهن کي اسلام جي تعليم ان ڪري ڏئي رهي هئي، جيئن جپان طرفان فتح ڪيل ملڪ (ملايا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ چين وغيره) جن ۾ ڪيترائي مسلمان رهياٿي، انهن کي چڱي طرح سمجهي سگهن ۽ مٿن ڪنٽرول رکڻ ۾ سھولت رهي. ايتري قدر جو ٻي وڏي جنگ ۾ ملايا ۽ سنگاپور ۾ جپانين جو ڪو هوائي جھاز ڪِريو ٿي ته جپاني پائليٽ ڪلمو پڙهي پاڻ لاءِ مسلمان ٻڌايو ٿي ۽ مڪاني مسلمان عوام کيس واقعي مسلمان سمجهي نه فقط سندس جان بخشي ٿي، پر شان مان پڻ ڏنو ٿي. 1945ع ۾ جيئن ئي جنگ ختم ٿي ته اهي سڀ جپاني ادارا ۽ فوجي جن اسلام جي هام هنئي ٿي، سي ايئن غائب ٿي ويا، جيئن اڙدو چواڻيءَ جي ”گڏهه جي مٿي تان سڱ“.
اسلام هوڏانھن اتر آفريڪا ۽ ويندي اسپين ۽ فرانس تائين پکڙيو ته هيڏانھن اوڀر ۾ سنڌ، هند برما، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ چين تائين ٿيندو ڏکڻ فلپين ۾ اچي بلاڪ ٿي ويو، جو اتي فلپين پاسي وارا اسپين جي ڪالوني هئا ۽ اتان اسپيني پادري مٿي هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ جپان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ اسلام جي تعليم جپان تائين نه پھچي سگهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ چين فتح ڪرڻ تي جپانين جو چيني مسلمانن سان ميل ميلاپ ٿيو ۽ ڪيترائي جپاني مسلمانٿيا. انهن نو مسلم جپانين 1953ع ۾ پھرين جپاني مسلم آرگنائزيشن ٺاهي، جنھن جو نالو ”دي جپان مسلم ايسوسيئيشن“ رکيو ۽ ان جو معاون مرحوم صادق ايمائي زومي ٿيو. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته انهن ڏينھن ۾ هو 1989ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ان ايسوسيئيشن جو صدر مرحوم عمر ميتا ٿيو، جيڪو پڻ سچو مسلمان ۽ اسلام جو خدمتگار ماڻهو هو. مرحوم عمر ميتا جپان طرفان چين واري قبضي ٿيل حصي ۾ منشور ريلوي ڪمپنيءَ جو آفيسر هو. اتي چيني مسلمانن کان متاثر ٿي پيڪنگ ۾ مسلمان ٿيو. هن قرآن مجيد جو جپاني ۾ ترجمو پڻڪيو.
جپانين کي اسلام بابت 1973ع بعد به گهڻي ڄاڻ ٿي، جڏهن تيل جا اگهه چڙهي ويا ۽ ڏسڻا وائسڻا ملڪ عربن جي چمچاگيري ڪرڻ لڳا. انهن ڏينھن ۾ جپاني ٽي ويءَ تي اسان پھريون دفعو عرب دنيا جا ملڪ، عربن جي رهڻي ڪھڻي، مڪي ۽ مديني جا نظارا ۽ حج وغيره ڏٺو. ان کان علاوه جپان جي ٽي ويءَ تي ٻانگ ۽ قرآن جي تلاوت پڻ اچڻ لڳي. ڪيترن جپانين اسلام ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا.
هڪ جپاني نو مسلم نور دين موريءَ چيو: ”اسلام علم جو مذهب آهي ۽ بنا علم حاصل ڪرڻ جي صحيح مسلمان ٿي نٿا سگهون.“ نور دين ويجهڙائيءَ ۾ مڪي جي يونيورسٽيءَ مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ گريجيوئيشن ڪري آيو آهي. ساڻس گڏ ٻيا به چار کن جپاني ٻاهران اسلام جي تعليم حاصل ڪري آيا آهن، جيڪي هاڻ پنھنجي زبان ۾ ماڻهن کي اسلام جي تعليم ڏيئي سگهن ٿا. نه ته بقول نور دين موريءَ جي گذريل چاليھه سالن ۾ ٻڌن جي هن ملڪ جپان ۾ جيڪي به تبليغ لاءِ آيا اهي ڌارين ملڪن جاهئا.
هن وقت ڏٺو وڃي ته جيتوڻيڪ جپان ۾ مسلمانن جو في سيڪڙو گهڻو ناهي، پر بقول نوردين جي ”جپان جي نئين ٽھيءَ کي اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي وڏي جستجو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينھن ائين ٻڌڻ ۾ اچي ته اسلام جپان جو پاپيولر مذهب آهي.“